سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :21

 

سنڌ جي تاريخ جو حصو

ترتيب:

1.   سنڌ جي ڪشمنر سر بارٽل فريئر جي دستخط سان

سنڌي ٻولي جي اهميت بابت سنڌ سرڪار جو هڪ پڌرنامو

مورخه 29- آگسٽ 1857ع.

2.  (الف) حضرت قلندر لعل شهباز جي پاٽ ۾ آمد

(ب) ”آکاڻي انگريز سرڪار جي.“

(اٽڪل 1864ع کان پوءِ جو لکيل هڪ مضمون)

 

مصنف

مرحوم رئيس يارمحمد جوڻيجو

 

ايڊيٽر:

حبيب الله صديقي پاٽائي

 

سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورقم

 

”.... سنڌ جي انگريز ڪشمنر سر بارٽل فريئر (1851ع کان 1859ع) جي ڏينهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جديد رسم الخط تيار ڪرڻ ۽ سنڌيءَ کي ذريعه تعليم بنائڻ طرف خاص توجهه ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ٿي. سيٺ نائون مل هوتچند (1804ع- 1878ع) پنهنجي ”يادگيرين“ ۾ ڄاڻايو آهي ته موجوده سنڌي الف- ب تيار ڪرڻ جو سهرو مسٽر ايلس (اڳتي هلي سر بئرو ايلس) جي سر تي آهي، جنهن فريئر جي حڪم مطابق اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو.

1853ع ۾ فريئر هڪ سرڪاري حڪم ذريعي انهن ملازمن لاءِ جن جي مادري زبان سنڌي نه هئي، ”لازمي سنڌي ٻولي جو امتحان“ پاس ڪرڻ ضروري قرار ڏنو. ساڳئي سال شڪارپور ۾ هڪ سنڌي پرائمري اسڪول برپا ڪيو ويو، جتي نئين رسم الخط ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ ابتدائي تعليم ڏيڻ جو انتظام ڪيو ويو. فريئر ان ڏس ۾ هڪ وڌيڪ قدم اڳتي کنيو ۽ نئين رسم الخط ۾ پرائمري سنڌي تعليم مڪمل ڪرڻ وارن نوجوانن لاءِ ملازمت يا ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ واسطي وظيفي ڏيڻ جو اعلان ڪيائين.

انهيءَ مقصد لاءِ اميدوارن جو تحريري ۽ زباني چٽا ڀيٽيءَ جو امتحان هر هڪ تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ هر ڇهين مهيني منعقد ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ پهريان ٽي نمبر ايندڙ اميدوار بالترتيب مناسب سرڪاري ملازمت، پنجن سالن لاءِ ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وظيفو ۽ ستن سالن لاءِ بمبئي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وظيفي ملڻ جا حقدار قرار ڏنا ويندا هئا...“ (1)

29- آگسٽ 1857ع تي جاري ڪيل هڪ ٻيو سرڪاري پڌرنامو، جيڪو اسان کي ميان غوث محمد ”گوهر“ صاحب کان تازو دستياب ٿيو آهي، سو انهيءَ دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل ڪرڻ جي هڪ ثبوت طور سنڌ جي تاريخ جي هن حصي ۾ پيش ڪجي ٿو.

هڪ ناياب ۽ قيمتي دستاويز

سنڌي ٻولي جي سرڪاري اهميت- 1857ع.

 

سنڌ جي ڪشمنر سر بارٽل فريئر جو پڌرنامو

 

 

 


 


(1) حبيب الله صديقي جي ڪتاب ”ايڊيوڪيشن اِن سنڌ“، ص 169، 180 ۽ 181 تان اقتباس.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com