سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :35

شيخ عبدالمجيد سنڌي جي سؤ ساله يوم ولادت جي تقريب

تحريڪ پاڪستان جي نامياري سنڌي اڳواڻ، برک صحافي، اديب ۽ لاثاني مقرر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي يوم ولادت جي سئو ساله تقريب جي سلسلي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي طرفان، پاڪستان اڀياس مرڪز سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سهڪار سان، سنڌ جي هن سپوت جي آخري آرامگاهه مڪليءَ تي هڪ مانائتي تقريب 7 جولاءِ 1989ع تي ٿي گذري، جنهن ۾ ٺٽي ۽ حيدرآباد کان آيل معزز مهمانن سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪجهه پروفيسرن، اديبن، صحافين، دانشورن ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن کان اڳ جڏهن معزز مهمان مڪليءَ پهتا ته شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي ضلعي ٺٽي جي صدر ۽ تقريب جي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي ميمبر ۽ برک سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر ممتاز احمد عقيلي، محمد يعقوب نائب صدر، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ مقامي تنظيمن جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ آيل مهمانن جي آجيان ڪئي.

هن تقريب جي ابتدا شيخ صاحب جي مزار تي مختلف ادارن، تنظيمن ۽ شخصيتن طرفان گلن جي چادرن چاڙهڻ سان ٿي، جن ۾ وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، پاڪستان اڀياس مرڪز ڄامشورو، سنڌ الاجي سنڌي ادبي بورڊ، ڳوٺ سڌار سنگت جي مرڪزي ۽ مقامي شاخن، هلال احمر، شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي ۽ مقامي شهرين طرفان گلن جون چادرون چاڙهيون ويون ۽ فاتح خواني ڪئي ويئي ۽ شيخ صاحب جي تُربت سان لڳ سنڌ جي عظيم تاريخدان جناب پير حسام الدين راشديءَ جي مزار تي گل رکيا ويا ۽ فاتحـﮧ پڻ پڙهي ويئي.

ان بعد گڏجاڻيءَ جي شروعات، سنڌ جي نامياري سياستدان شهيد الهه بخش سومري جي اڏايل يادگار ننڍڙي پر خوبصورت مسجد، جيڪا مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويءَ جي مزار جي احاطي اندر آهي، اُن ۾ ٿي گذري، جنهن جي صدارت جناب حبيب الله صديقيءَ ڪئي ۽ مهمانِ خصوصي ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل هو. سڀ کان پهرين ڊاڪٽر ممتاز عقيليءَ ٻڌايو ته شيخ صاحب پاڪستان ٺاهڻ لاءِ 1938ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ تاريخي ٺهراءُ پاس ڪرايو ۽ پاڻ 23 مارچ 1940ع لاهور واري قراردادِ پاڪستان منظور ڪرائڻ وقت ننڍي کنڊ جي برک اڳواڻ سان گڏ مٿي اسٽيج تي ويٺل هو. جناب محمد خان پنهور، شيخ صاحب سان پنهنجي ذاتي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته شيخ صاحب جي پيغام کي نوجوانن تائين پهچائڻ لاءِ، پاڪستان جي ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. پروفيسر قلندر لڪياريءَ پنهنجي خيالات جو اظهار ڪندي چيو ته اسان وٽ حقيقي رهنمائن جي ڪارنامن جون ترجيحات بدلجي چڪيون آهن. اصلوڪن ۽ سچن رهنمائن جي عيوض نوان نوان نالا پيا ٻڌجن. ان ڪري اسان جو فرض آهي ته اهڙن ادارن تحت تحريڪ آزاديءَ جي حقيقي رهنمائن جي ڪارنامن کي عام ڪرڻ تي وڌ ۾ وڌ زور ڏنو وڃي. هن چيو ته شيخ صاحب هيٺئين طبقي مان سياست ۾ داخل ٿيو، اُن ڪري سڄي حياتي سچائي ۽ سادگي سان گذاريائون. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻيءَ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اي- آر- شاهه جو پيغام پڙهي ٻڌايو.

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، پاڻ آرگنائيزنگ ڪاميٽيءَ جا چيئرمين آهن ۽ هن گڏجاڻيءَ جا خاص مهمان هئا. صاحب موصوف چيو ته شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سؤ سالـﮧ تقريبن جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ شيخ صاحب جي گهڻ پهلو شخصيت تي ملڪ جا مشهور عالم ۽ اديب مقالا پڙهي، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا ۽ اهڙن سڀني مقالن کي پاڪستان اڀياس مرڪز سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويندو. جناب حبيب الله صديقيءَ پنهنجي صدارتي تقرير ڪندي چيو، شيخ صاحب جي بين الاقوامي حيثيت آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس ڪارنامن کي اجاگر ڪري، قومي فرض نڀايو وڃي. هن صاحب اعلان ڪيو ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان هن ڏس ۾ مڪمل ساٿ ۽ سهڪار رهندو. هن صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم محمد زمان طالب المولى جو پيغام پڙهي ٻڌايو. آخر ۾ صديقي صاحب اعلان ڪيو ته رٿيل سيمينار ۾ پروفيسر لاسڪي (Prof: Lasky) جي ڪتاب ”گرامر آف پاليٽڪس“ جو سنڌي ترجمو، جيڪو شيخ صاحب جن جو ڪيل آهي، ان جي مهورت ڪئي ويندي.

هن پُر وقار ۽ سادي تقريب ۾ جن ٻين مهمانن شرڪت ڪئي، انهن ۾ شيخ صاحب جي نياڻي محترمـﮧ بلقيس اسماعيل ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر يوسف شيخ، محترم غلام نبي ساهڙ استاد پاڪستان اڀياس مرڪز، انجمن نوجوان سماجي ڪارڪنان ٺٽي جو صدر سيد عبدالقدوس، پاڪستان ڪريسينٽ يوٿ آرگنائيزيشن جي صدر مرزا حسن بيگ، سنڌ نيشنل فرنٽ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار هلايو ۽ ٺٽه پريس ڪلب جي نواز ميمڻ پنهنجن تنظيمن جي نمائندگي ڪئي.

آخر ۾ جناب خان محمد پنهور ۽ ڊاڪٽر ممتاز عقيليءَ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ اهڙي طرح هن تقريب جي پڄاڻي ٿي.

- لعل جسڪاڻي

سنڌ جي سپوت شيخ عبدالمجيد سنڌي جي ولادت جي سو ساله تقريبات جي سلسلي ۾ شيخ صاحب جي آخري آرام گاهه تي حاضري ۽ گل باشي. ساڄي کان: ڊاڪٽر ممتاز احمد عقيلي، جناب حبيب الله صديقي، فضل ڪريم صديقي، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، عظيم رند، لعل جسڪاڻي، خان محمد پنهور، خان محمد پنهور ۽ پروفيسر قلندر لڪياري دعا گهري رهيا آهن.

قلچ جنم ڏينهن تي بورڊ ”ديوان قليچ“ جو نئون ايڊيشن پڌرو ڪيو، جناب حبيب الله صديقي ۽ قليچ سنگت جو صدر نثار حسيني ڪتاب جي رونمائي ڪري رهيا آهن.

 


 

قليچ جو جنم ڏينهن

سنڌي ادب جي محسن، عالمن جي سج، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو جنم ڏينهن 4 آڪٽوبر 1989ع تي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ۾ ملهايو ويو، جنهن ۾ ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جناب حبيب الله صديقي، سنڌ الاجيءَ جي ڊئريڪٽر جناب عبدالقادر جوڻيجي ۽ قليچ سنگت جي صدر نثار حسيني کانسواءِ ڪيترن ڄاڻن به شرڪت ڪئي، جن ۾ سائين لال بخش نائچ، محمد صديق ميمڻ، قاضي احمدي صديقي، پروفيسر مخدوم محمد دائود، نفيس احمد شيخ، طارق عالم ابڙو، ميان الهبچايو يوسفزئي، جاويد مرزا ۽ اڪبر جسڪاڻي قابلِ ذڪر آهن.

گڏجاڻيءَ ۾ مرزا صاحب جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪيل واعدي مطابق ادبي بورڊ پاران ”ديوان قليچ“ جي نئين ڇاپي جي پڌرائي به ڪئي ويئي، جنهن جو مهورت نثار حسيني ڪيو. گڏجاڻيءَ کي سائين حبيب الله صديقي ۽ مسٽر محمد صديق ميمڻ خطاب ڪيو. سائين نثار حسيني ادبي بورڊ پاران تمام ٿوري وقت اندر ”ديوان قليچ“ کي ڇپرائي پڌرو ڪرڻ تي بورڊ جي عملي جي ساراهه ڪئي ۽ واڌايون ڏنيون.

ياد رهي ته 4 آڪٽوبر مرزا صاحب مرحوم جي جنم جو ڏينهن آهي، ۽ ان ڏينهن کي وڏي پيماني تي ملهائڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ ۽ قليچ سنگت پاران گڏيل سهڪار سان ”جشن قليچ“ ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو، پر حيدرآباد شهر جي موجوده حالتن کي سامهون رکندي ملتوي ڪيو ويو، جيڪو هاڻي نومبر جي مهيني ۾ ساڳي نموني ملهايو ويندو، جنهن جي صدارت لاءِ قبله مخدوم محمد زمان ’طالب المولى‘، چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ کي گذارش ڪئي ويندي.

گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي آيل مهمانن کي قليچ جي ورسيءَ جي موقعي تي ورتل وڊيو ڪاروائي ڏيکاري ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com