سيڪشن:رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:1

مهراڻ مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر 01/ 2013ع

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

 

سوچ - لوچ

 

سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

سنڌ جي روايتن، ثقافت، ادب ۽ سماجي ٻڌيءَ جو اُهڃاڻ سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جن جي زندگي ۽ سندن خدمتون اسان جي معاشري لاءِ نه صرف مثالي، پر هڪ نمونو آهن. سنڌ ۽ هند جي هڪ وڏي گاديءَ جو مالڪ، پير و مرشد ۽ روحاني پيشوا هجڻ جي باوجود سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ شاهڪار خدمتون سرنجام ڏيڻ جو مثال شايد ئي ڪنهن معاشري ۾ ورلي هوندو. سنڌ جي هن درويش صفت عظيم انسان سڄي زندگي انتهائي سادگي، پروقار ۽ ادب ۽ سماج جي خدمت ۾ گذاري. مخدوم صاحب جن کي سنڌ جو محسن چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ ڇپر ڇانوَ ته هئوئي، ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سنڌي ادبي بورڊ لاءِ سندن شاهڪار خدمتون لازوال ۽ زنده مثال آهن. سندن زندگي اسان جي معاشري ۾ ٻڌي ۽ ايڪي کي قائم رکڻ جو هڪ انوکو مثال آهي. مخدوم صاحب جن جي ٻاجهاري ۽ ادب پروري واري شخصيت سبب سنڌ جو هر مڪتبه فڪر ساڻن محبت عزت ۽ عقيدو رکي ٿو. سنڌ جون ريتون روايتون ۽ رسمون سچ ته مخدوم صاحب جهڙن عظيم انسانن جي ڪري ئي ملڪان ملڪ مشهور آهن ۽ انهن روايتن ئي سنڌ جي عظمت کي بلنديءَ تي پهچايو. مخدوم صاحب جن جي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ خدمتون سنڌي معاشري لاءِ سوچ ۽ فڪر تاريخ ۾ هڪ باب جي حيثيت رکن ٿا. سنڌ جن قدآور هستين کي جنم ڏنو بدلي ۾ سنڌ جي عظمت جيتريون خدمتون ڏنيون، مخدوم صاحب جهڙا عظيم انسان شايد ئي سنڌ ۾ پيدا ٿين، پر سنڌ کي اهڙن انسانن جي سدائين ضرورت محسوس ٿيندي رهندي.

مخدوم صاحب جن جي مرهون منت ئي هڪ طرف سنڌ جي ماڻهن کي سندن انيڪ مسئلن جي حل ۾ مدد حاصل رهي ته ٻئي طرف سنڌ جي حقن لاءِ مخدوم صاحب جن هميشه ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ون يونٽ جو خاتمو هجي يا سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقي هجي مخدوم صاحب جن سڌي يا اڻ سڌي طرح هميشه پيش پيش رهيا. سندن شخصيت اديبن ۽ شاعرن لاءِ اُتساهه رهي. سنڌي شاعريءَ کي ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ اها جلا بخشي جنهن کي ڪوبه موسم ڪڏهن به ڌنڌلو نه ڪري سگهندو. سنڌي شاعريءَ جي مشاعرن ۾ مخدوم صاحب جهڙي قدآور شخصيت جو موجود هجڻ سندن سنڌي ٻولي ۽ ادب سان محبت جو وڏو مثال آهي.

سنڌي ادبي بورڊ سندن سرواڻيءَ ۾ عاليشان ترقيءَ جون منزلون حاصل ڪيون، جنهن سان بورڊ جي وقار ۾ اضافو ٿيو.

اوائلي ڏينهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جون سندن سول لائين واري بنگلي توڙي امين منزل ۾ آفيس جو هجڻ سندن سنڌي ٻولي ۽ ادب سان بي پناهه محبت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

مخدوم صاحب جون سياسي خدمتون به سونهري باب جي حيثيت رکن ٿيون، سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندن زماني ۾ سندن ئي زيرنگراني سنڌي ادبي بورڊ سدائين مالي طور مضبوط رهيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ سنڌي ڪمپيوٽر متعارف ڪرايو ويو، سنڌي ادبي بورڊ سمورن ادارن ۾ ڪمپوزنگ ڪندڙ پهريون ادارو هو، سنڌي ادبي بورڊ ۾ سرتيون رسالي جو اجراء ٿيو، ۽ خواتين کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪريءَ جو موقعو ميسر ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪتابن جي ڇپائي جي معيار ۾ بهتري آئي. وڏن عالمن ۽ اديبن کي سنڌي ادبي بورڊ ڪتابي صورت ۾ عوام سان متعارف ڪرايو.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جون شاهڪار خدمتون سچ ته اسان جي معاشري ۽ نئين نسل لاءِ مشعلِ راهه ۽ نمونو آهن. سندن وفات سان سنڌ هڪ عظيم انسان ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي محسن کان محروم ٿي جنهن جي سنڌ کي سدائين ضرورت رهندي. مخدوم صاحب جي حيثيت هڪ فرد جي نه، پر هڪ اداري مثل جيڪا هڪ گهَڻ پهلوئي شخصيت هئي.

سنڌ جي تاريخ ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سدائين سونهري حرفن سان ياد رهندو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ سندن ڪيل خدمتن کي محبت ۽ عزت ۽ مان سان لکيو ۽ ڳايو ويندو. مخدوم صاحب سڄي زندگي هڪ عوامي اڳواڻ طور معاشري سان ڳنڍيل رهيا، جنهن سبب سندن عوام ۾ هڪ الڳ حيثيت ۽ مقبوليت هئي ۽ کين سندن خدمتن عيوض اڄ به سڄي سنڌ ۾ وڏي احترام سان ياد ڪيو ٿو وڃي.

ضرورت آهي ته مخدوم صاحب جي علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن کي فروغ ملڻ گهرجي ته جيئن سندن خدمتن کان نئين نسل کي آگاهي ملي ۽ اُتساهه حاصل ٿئي. سنڌ جي يونيورسٽين کي گهُرجي ته اهڙا اسڪالر پيدا ڪن جيڪي مخدوم صاحب جي مختلف رخن تي تحقيق ڪن، پي.ايڇ.ڊي ڪن ته جيئن سندن خدمتن کان نئون نسل روشناس ٿئي.

ٿورا: ٽماهي مهراڻ جي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ نمبر جي اشاعت سنڌي ادبي بورڊ لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ فرض پڻ ۽ سنڌ جي هڪ عظيم انسان متعلق ڇپيل ۽ اڻڇپيل مواد کي سهيڙي پڙهندڙن تائين پهچائڻ. ان سلسلي ۾ بورڊ جي سيڪريٽري محترم الهڏتو وگهيو صاحب طرفان خاص نمبر جي اشاعت ۾ وقت بوقت رهنمائي رهي ۽ هلندڙ ڪم بابت بورڊ جي چيئرمن مخدوم جميل الزمان صاحب کي پڻ آگاهه ڪري سندن رهنمائي حاصل ڪندا رهيا. فنانس ڪميٽيءَ جي چيئرمن محترم نظر محمد ڳاهو صاحب جي پڻ مهرباني جن هن خاص نمبر جي اشاعت ۾ ڀرپور مدد ڪئي.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ خاص نمبر لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري محترم تاج جويو پڻ مواد سهيڙڻ ۽ سٽاءَ ۾ گهڻو سهڪار ڪيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي انٽرويو ۽ تصويرن جي سلسلي ۾ مدد ۽ سهڪار لاءِ محترم نياز پنهور ۽ محترم عبدالمجيد پنهور جو پڻ ادارو شڪر گذار آهي. هن خاص نمبر لاءِ پبليڪيشن توڙي ڪمپيوٽر شعبي اشاعت لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو آهي.

مهرباني:

سنڌي ادبي بورڊ ۽ مهراڻ سٿ پاران سمورن محترم ليکڪن جو ٿورو مڃڻ اولين ذميواري سمجهان ٿي، جو انهن وڏا وڙ ڪيا ۽ مواد ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ خاص اشاعت کي ممڪن بڻايو.

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر (انچارج) ”مهراڻ“

ڊاڪٽر غلام علي الانا

 

 

 

 

سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جو نشانبر:

مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘

 

1 (الف)- قبليٰ مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جن جهڙي صوفي صفت انسان جو، هڪ روحاني رهبر هئڻ واريءَ حيثيت سبب، مون سندن هميشه دل جي گهراين سان احترام ڪيو، ۽ زندگي ڀر هن خاندان لاءِ احترام منهنجيءَ دل ۾ قائم ۽ دائم رهندو. اهڙي متبرڪ شخصيت لاءِ، مون جهڙو ادنيٰ انسان ڇا ٿو لکي سگهي؟ منهنجي نظر ۾ سندن مقام جي باري ۾ مون ڪافي سال اڳ، ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل هڪ ادبي ميڙ ۾ ڪيو هو. اهو ادبي ميڙ، سندن سوچ جي اظهار، ’مصريءَ جو تڙون‘ نالي ڪتاب جي انگريزي ترجمي جي ’مهورت‘ جي سلسلي ۾ ڪوٺايو ويو هو. هن ادبي ميڙ ۾، شريڪ ٿيڻ لاءِ، منهنجي قربن ڀرئي سائينءَ، مخدوم جميل الزمان صاحب مون کي به دعوت ڏني هئي.

(ب) ادبي ميڙ جي ڪاروائي شروع ٿي. مخدوم جميل الزمان سائين، ڪمپيئرنگ جا فرائض انجام ڏيئي رهيو هو. ڪن سڄڻن پنهنجا مقالا پڙهيا. پوءِ جميل الزمان سائينءَ جن، اهو اعلان ڪيو ته هاڻ ڊاڪٽر
غلام علي الانا کي گذارش ٿي ڪجي ته هُو به هن ڪتاب جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪن. تقرير ڪرڻ لاءِ مون کي اڳ ۾ چيو ڪونه ويو هو، پر ’مصريءَ جو تڙون‘ ڪتاب جو سنڌي متن مون اڳ چڱيءَ طرح پڙهيو هو.

(ت) هن ادبي ميڙ جي صدارت مخدوم صاحب جن پاڻ ڪري رهيا هئا. مون اسٽيج تي اچي، هڪ نظر هن ادبي ميڙ جي صدارت ڪندڙ بزرگ جي چهري تي وڌي، ۽ پوءِ منهنجي اندر واري ماڻهوءَ، هن شخصيت ۽ هن خاندان جي چشم وچراغ جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار هن طرح ڪيو هو:

”خواتين و حضرات! هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو طالب، پنهنجيءَ دل جي تسڪين جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن رهبر جي تلاش ڪرڻ جي خواهش رکندو هجي، ۽ اُهو طالب پنهنجي انهيءَ مقصد لاءِ شهرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وسين ۾، اهڙي انسان جي تلاش ۾ نڪرڻ چاهي ته اهڙي ماڻهوءَ کي مون جهڙي هڪ گنهگار شخص جي صلاح آهي ته هو ٻئي به هنڌ ۽ ڪٿي به نه ڀٽڪي، پر اُن انسان کي هو، هالا نوان جي ’مخدوم هائوس‘ ۾ وڃي ڏسي سگهي ٿو. اهڙي نيڪ انسان پنهنجن دوستن سان ته وڏا وڙ ڪيا آهن، پر هن پنهنجن مخالفن کي به هميشه نوازيو آهي، ۽ انهن تي به وڏا احسان ڪيا اٿن. اهڙو نيڪ انسان ۽ اخلاق جو مجسمو هن وقت اسان سڀني جي سامهون، اسٽيج تي، صدارتي ڪرسيءَ تي براجمان آهي.“

مخدوم سائينءَ جن، مون جهڙي ادنيٰ ماڻهوءَ تي به هميشه وڏا مهربان رهيا  آهن.

2 (الف)- قبليٰ سائينءَ جن جي شخصيت جي باري ۾، سنڌ جي نامور اديب ۽ محقق، سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽريءَ ۽ چيئرمن ۽ اڪادمي ادبيات پاڪستان جي اڳوڻي چيئرمن، غلام رباني آگري صاحب، مخدوم صاحب جن جي شخصيت جي باري ۾، پنهنجن خيالن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي:

”سنڌ کي درويشن جو ديس ڪوٺيو ويو آهي. جيئن اوهان سڀ ڄاڻو ٿا ته مخدوم نوح ؒ پنهنجيءَ جاءِ تي سنڌي زبان جو هڪ بلند پايي جو شاعر هو. درحقيقت سنڌ جي تصوف جي مکيه مرڪزن جا مڙيئي مؤرث اعليٰ پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي عظيم ديني رهنما هئڻ سان گڏ وڏي پايي جا انشاپرداز، عالم، اديب ۽ بعض اوقات شاعر پڻ هئا. افسوس آهي ته اڄ اُنهن مرڪزن مان گهڻن تڻن ۾ ته واري پيئي وسي. وٽانئن دين سان گڏ علم ۽ ادب به موڪلائي ويو، بلڪه اُهي ڳالهيون ئي ختم ٿي ويون جن جي ڪري انهن خاندانن جي مُلڪان مُلڪ مشهوري ٿي هئي. انهيءَ صورت حال ۾ اها اسان جي خوش نصيبي آهي ته مخدوم نوحؒ جي متبرڪ خاندان ۾ اڄ به علم جي شمع روشن آهي، ۽ اها سعادت فقط سروري درگاهه جي سجاده نشين، مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ سائينءَ تائين محدود ڪانهي، پر سندن پٽ ۽ سندس پوٽا، سنڌ سان محبت ۽ علم ادب سان آشنائيءَ ڪري ممتاز آهن. مخدوم صاحب جي پوٽي، جميل الزمان جا شعر جا ٻه ڪتاب مون کي اسلام آباد ۾ تحفي طور پهتا آهن“ (غلام رباني آگرو، 1989ع: 30) آگرو صاحب اڳتي لکي ٿو:

”طالب الموليٰ سائينءَ جي ته خير شناخت ئي اها آهي ته هو اديب، شاعر ۽ علم ادب جو سر پرست آهي. مونکي گذريل چوٽيهن ورهين کان سندس نيازمنديءَ جو شرف حاصل آهي. انهن ٽيهن چوٽيهن ورهين دوران پاڻ جيڪي ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون اٿائون، بزم طالب الموليٰ سميت جن ادبي انجمنن جي سرپرستي ڪئي اٿائون، جن ادبي رسالن جي اشاعت ۾ هٿ ونڊايو اٿائون، جن ادبي ادارن جي صدارت فرمائي اٿائون، جيڪي ڪتاب لکيا اٿائون، اوهان اُنهن کان بخوبي واقف آهيو.

پر جا ڳالهه آءٌ اوهان جي خدمت ۾ عرض ڪرڻ گهران ٿو سا  هيءَ آهي ته گهڻا تڻا شاعر ۽ اديب، ادب جي ميدان جا مڃيل شهسوار هوندي به شعور ۽ فرض ادائيءَ جي خيال کان خالي هوندا آهن. سندن ڪلام ۽ ڪتاب، پلاسٽڪ يا ڪاغذ جي گلن وانگر سرهاڻ ۽ تازگيءَ کان محروم هوندا آهن.

چون ٿا ته ڪنهن مجلس ۾ سوال اُٿيو ته ادب جو دروازو ڪيڏو وڏو آهي؟ ڪنهن چيو ته ايڏو وڏو آهي جيترو زمين کان آسمان تائين مفاصلو؛ ڪنهن ڪيئن چيو ته ڪنهن ڪيئن چيو. اُن مجلس ۾ ڪو باڪمال بزرگ به موجود هو. اُن سڀني کي سمجهايو ته ادب جو دروازو ايڏو ته ننڍو آهي جو جڏهن اوهان اُن مان اندر داخل ٿيندا ته اوهان کي ڪنڌ نمائي، نياز ۽ نوڙت سان اندر پير رکڻو پوندو.

مان سمجهان ٿو ته اهو مقولو طالب الموليٰ سائينءَ جي شخصيت تي سورهن آنا صادق آهي. حقيقت اها آهي ته هو مجسمه اخلاق آهي. اڳوڻن بزرگن جي ڪمال جون ڳالهيون ڪتابن ۾ پڙهندا آهيون ته کين پنهنجي پاڻ تي ايڏو ته ضابطو هوندو هو جو ڪڏهن به ڪاوڙ ڪانه ايندي هين. ويهين صديءَ ۾، اُن حقيقت جو مشاهدو ڪرڻو هجي ته طالب الموليٰ سائينءَ سان ڪچهري ڪجي. گذريل چوٽيهن ورهين ۾ مون سواءِ هڪ دفعي جي کين ڪڏهن به ڪاوڙ ۾ ڪونه ڏٺو. هونئن مون سندن مزاج جا ڪيئي روپ ڏٺا آهن، پر کين ڪڏهن به ڪاوڙ ۾ ڪونه ڏٺو اٿم. کانئن ڪيئي ڏاهپ جا نڪتا ٻڌا اٿم. هڪ دفعي مون کي چيائون ته: ”رباني ٿڪجي ٿو ماڻهوءَ جو خيال، جسم جو ٿڪ ڪا ڳالهه نه آهي“ (غلام رباني آگرو، 1989ع: 30)

رباني صاحب اڃا به اڳتي لکي ٿو:

”اسان سڀ، سنڌي ڪلچر ۽ ثقافت جو ذڪر ڪندا آهيون ته سنڌ جي پنهنجي هڪ خاص انوکي ۽ انفرادي ثقافت آهي، جنهن ۾ موتئي جي مهڪ آهي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ انهيءَ ثقافت جا نشانبر جيڪي هن زماني ۾ وڃي بچيا آهن تن ۾ مخدوم صاحب جو نالو سرفهرست آهي. جيستائين سنڌ سان سندس محبت جي سلسلي جو تعلق آهي ته مان هڪ شعر پڙهڻ گهران ٿو جو سندس تازي ڇپيل ڪتاب ’بي پير اکيون‘ ۾ گذريل رات پڙهيو اٿم. فرمائين ٿا!

جنهن ۾ ڀٽائي آهي ڀلارو، هاڪ انهيءَ جي هلي هلي

اک اَجائي جيڪو کڻندو، ڇڏ انهيءَ کي پلي پلي

روز ازل کان آهيم لاتو، ڳڻن ڀريءَ ڳلي ڳلي

’طالب الموليٰ‘ سنڌڙي پوڄيان، ڪير ٿئي جو جهلي جهلي“

3 (الف)- مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جن نه فقط برصفير جي هڪ وڏي صوفي بزرگ، حضرت مخدوم نوح سرورؒ جي درٻار جا سجاده نشين هئا، پر منهنجي نظر ۾ پاڻ سنڌي ٻولي ۽ ادب جا وڏا شاعر، وڏا دانشور، عالم، فاضل، مخنور، محقق، نقاد ۽ سنڌي لغات نويسيءَ جا ماهر پڻ هئا. سنڌي نثر جي ميدان ۾ ڏهه ڪتاب لکيائون، اوترائي ڪتاب شاعريءَ جا پڻ لکيائون. ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ ۽ تنقيدي تبصرا پڻ لکيائون.

(ب) سنڌي ادب جي تاريخ نويسن کين هڪ شاعر جي حيثيت ۾ نمايان جڳهه ڏني آهي پر منهنجي خيال ۾ پاڻ اوترائي وڏا نثر نويس پڻ هئا. سنڌي نثر جي ميدان ۾ تحقيق، تنقيد، سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌي ٻوليءَ، لسانيات ۽ سنڌي لغات نويسيءَ وارن موضوعن تي سندن تصنيف ڪيل ڪتاب:’ڪافي‘،’ياد رفتگان‘،
’اسلامي تصوف‘’شيطان‘،’خود شناسي‘،’امام غزاليءَ ؒ جا خط‘،’چهنڊڙيون،‘’مضامين طالب الموليٰ‘، ’ڪچڪول‘،
’بهار لطيف‘، ’مصريءَ جون تڙون‘ ۽ ’لغات سنڌي مخففات‘ جا نالا پيش ڪري سگهجن ٿا. اهڙيءَ طرح ’ٽماهي مهراڻ‘، شاعر، ’نئين زندگي‘ ۽ ’روح ادب‘ رسالن ۾ سندن تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون به شايع ٿيا. هن مقالي ۾، سنڌي نثر جي حوالي سان، سنڌي ٻوليءَ، سنڌي لسانيات، هڪ نقاد، محقق ۽ سنڌي لغات نويسيءَ وارن موضوعن تي سندن ڪيل تحقيق ۽ تنقيد جي معيار ۽ مقام جي سلسلي ۾ ڪي ڳالهيون عرض ڪيون وينديون.

- هڪ محقق جي حيثيت ۾:

(الف) هڪ محقق ۽ نقاد جي حيثيت ۾ مخدوم صاحب جن جا ڪتاب: ’ياد رفتگان‘، ’ڪافي‘، ’ديوان طالب الموليٰ جو مهاڳ‘ ۽ ’لفات سنڌي مخففات‘ سنڌي ادب جي بي بها سرمايي جي حيثيت رکن ٿا. انهن ڪتابن ۽ ديوان طالب الموليٰ جي مهاڳ ۾، سنڌي ادب جي تنقيدي تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي صورتخطيءَ جي الف- ب جي پٽيءَ ۾ سڌارا ۽ واڌارا آڻڻ ۽ سنڌي لغات نويسيءَ جي موضوعن  تي لکيل بهترين شهپارن جي حيثيت رکن ٿا. انهن ڪتابن کي صرف ڪتبخانن تائين محدود ڪرڻ جي بدران، انهن کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب ۾ تحقيقي، تنقيدي، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ لغات نويسيءَ جي فن طور پڙهايو وڃي ته جيئن سنڌ جا  نوجوان، مخدوم صاحب جن جي انهن ڪتابن جي افاديت ۽ اهميت کان واقف ٿي سگهن. مثال طور ’ياد رفتگان‘ ڪتاب ۾، سنڌي ادب جي تنقيدي تاريخ کانسواءِ، سندن طرز تحرير هن ريت آهي:

”’يادِ رفتگان‘ تي ٻه ٽي اکر لکندي دل ڀرجي آئي. سبحان الله ورهين جا ورهيه گذري ويا، اهي چرچا به نه رهيا، اهي محفلون ۽ مشاعرا به ٿي چڪا، ڪهڙا ڪهڙا معرڪا ٿيا، ڪهڙيون ڪهڙيون مجلسون ٿيون، ڇاڇا شور ۽ سُر هئا، هن کان بعد به ڇا ڇا ٿيندو، شايد حرف ۽ ڪاغذ وفا نه ڪن. خبر نه آهي  ته منهنجي دل ڪهڙيءَ شيءَ مان ٺهيل آهي جو ڪنهن جي جدائيءَ جو نالو ٿو ڪن تي پوي ته ڏڪيو وڃي؛ ڪنهن عزيز جو فڪر ٿو ٿئي ته منجهانئس رت جا ڦڙا ٿا ڄڻ نڪرن. اي طالب الموليٰ اکيون بند ڪر ۽ ادب جون اکيون کول، سامهون نظر کڻ بيهي نه رهه، اڳتي وڌ“ (ص 5).

(ب) پڙهندڙن کي معلوم آهي ته قبليٰ مخدوم صاحب جن، هڪ روحاني رهبر، صوفي ۽ مخدوم نوح سرورؒ  جي درگاهه جا سجاده نشين هئا. سندن روزمره جي زندگي، ٻين لاءِ رهبر مثال هوندي هئي. سندن لکيل ڪتاب ’اسلامي تصوف‘ به، سندن انهيءَ سوچ ۽ فڪر ۽ طرز زندگيءَ جو ثمر هو. هن ڪتاب ۾ ’اسلامي تصوف‘ جي حوالي سان، طالبن کي جيڪو درس ڏنو اٿن سو هن طرح هو:

”هي نظريو غلط آهي ته اسان جي زندگيءَ جو پروگرام ڄمڻ سان ئي بنجي وڃي ٿو، ۽ ان ڪري انسان هڪ قدم به اُن پروگرام کي گهٽ وڌ ڪري نٿو سگهي. انهيءَ نظرئي کي جيڪڏهن صحيح تسليم ڪجي ته پوءِ نبين ۽ رسولن جي بيعت جي ضرورت ئي باقي نٿي رهي. ڇا، ڪو رسول، ڪنهن ماڻهوءَ کي اُن رستي تان هٽائي سگهندو جنهن رستي تي اُن کي الله هلائي رهيو هجي، ۽ ٻئي طرف نبين کي وري اُن جي برخلاف حڪم ڪري؟ ظاهر آهي ته تقدير جو اهو نظريو مضحڪ خيز آهي تنهنڪري تقدير يا يقين جو صحيح مفهوم هيءُ آهي ته هر عمل جو بدل مقرر ٿي چڪو آهي، ۽ عامل کي طوعاً و ڪرهاً اهو بدلو قبول ڪرڻو پوندو آهي. جهڙيءَ طرح جسم لاءِ سئر ۽ تفريح يا ورزش جو بدلو صحت، ۽ ترڪ روشن جو بدلو بيماري آهي.“

5 (الف)- اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته مخدوم صاحب جي ڪتابن، مضمونن، مقالن ۽ سندن لکيل مهاڳن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، اُن جي تاريخ ۽ اُن جي لسانيات جي اصولن ۽ سنڌي صورتخطيءَ جي سلسلي ۾ وڏي ڄاڻ رکندا هئا. مثال طور، ’بزم طالب الموليٰ سنڌ‘ جي ڪراچيءَ واريءَ شاخ طرفان، 1989ع ۾، ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ادبي ڪانفرنس ۾ افتتاحي تقرير ۾، سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ شاهوڪار هجڻ جي باري ۾ فرمايائون:

”تاريخ شاهد آهي ته سنڌي زبان، دنيا جي قديم بنيادي زبانن مان هڪ آهي جنهن کي قبل مسيح کان وٺي اڄ تائين سمجهيو ۽ پروڙيو وڃي ٿو. اسان جي سنڌي عالمن، دانشورن ۽ مفڪرن هر دور ۾ سنڌي زبان جو تقدس قائم ڪرڻ لاءِ هر قسم جي جدوجهد پئي ڪئي آهي ۽ اسين به انشاالله تعاليٰ ڪندا رهنداسون.

اسان جي ٻولي ايتري قدر ته وسيع ۽ شاهوڪار  آهي جو اُن، ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ  قبول ڪري به پنهنجي بنيادي حيثيت قائم ڪئي آهي. فڪر و ادب جون اهي محفلون، انهيءَ ٻوليءَ جي سلامتيءَ جو وجود آهن“ (ص 18).

(ب) ساڳئي موضوع جي باري ۾، ’ڪافي‘ ڪتاب جي صفحي 18 تي لکن ٿا: ”سنڌ ملڪ ۽ سنڌي زبان بيحد آڳاٽا آهن. عام طور سمجهيو وڃي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ ماڻهو اڻ سڌريل ۽ بي علم هئا، پر اهو غلط آهي، بلڪ اُن قسم جو خيال ڪرڻ به بي علمي چئبي. موهن جو دڙو، جُهڪر جو دڙو، برهمڻ آباد وارو ڀڙو ۽ ڪوٽ ڏيجي، سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن لاءِ ڪافي ثابتيون آهن.

ڪجهه وقت ٿيو ته اسان جا اديب ۽ شاعر ئي سنڌي زبان کي بگيڙڻ لڳا آهن. اسان جي زبان ايڏي ته شاهوڪار آهي، ايتري جهجهي آهي، ايتري ته پختي آهي جنهن جي حد ئي ڪانهي، ۽ دنيا جي ٻين ٻولين کان ڪنهن  به طرح گهٽ نه آهي. سنڌي زبان جي آڳاٽائي ۽ پختائيءَ تي غور ڪجي ته حيرت ۽ عبرت وٺي ٿي. هي مبالغو نه ٿيندو جيڪڏهن چئجي ته جهڙيءَ طرح دنيا جي ٻين زبانن تڪڙو ڦير کاڌو آهي، تهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ ڦيرو نه آيو آهي.“

(ت) ساڳيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت، ۽ اُن جي بقاء ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لکت جي حوالي سان، پنهنجي تحقيقي ڪتاب ’ڪافيءَ‘ ۾ صفحي 14 تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي فرمايو اٿن:

”سنڌ ۾ جڏهن دفتري زبان عربي ۽ پوءِ فارسي هئي تڏهن به سنڌي ماڻهو سنڌي زبان ڳالهائيندا هئا. اُن وقت سنڌي زبان ۾ نثر لکيو ويندو هو يا نه، اهڙي ثابتي ڪانه ملي سگهي آهي، پر قياس ٻڌائي ٿو ته نثر جا ڪي جملا ضرور لکيا ويا هوندا ۽ نظم ته لازمي طرح لکيو ويندو هو، جنهن جون ثابتيون به موجود آهن. سومرن جي حڪومت واري دور ۾ به سنڌي نظم لکيو ويندو هو. اهو نظم رڳو حافظن تي ڪونه رکيو ويندو هو، يقيناً ڪاغذ تي به لکيو ويو هوندو پر جيئن ته اُن زماني جي سنڌي نثر يا نظم جي لکت اڃا هٿ نه چڙهي آهي تنهنڪري ماٺ ۾ ئي رهڻو پوي ٿو: ڇا دنيا جي دستور موجب سنڌ جي بادشاهن. اميرن ۽ وزيرن لاءِ، سنڌي زبان ۾ مدحون ۽ قصيدا نه لکيا ويا هوندا. قصا ۽ ڪهاڻيون، نظم ۾ نه ٻڌا ويا هوندا؟ جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ هيئن به چئي سگهجي ٿو ته سنڌي نظم به ضرور ڪنهن صورتخطيءَ ۾ لکيو ويو هوندو، يقيناً عربيءَ جا نمونا، پر پوئين زماني جا، مگر اڄ کان گهڻو اڳ جا ملن ٿا جن مان هڪ اندازو ڪري سگهبو ته سنڌي نثر ۽ نظم ڪيئن لکيا ويندا هئا.“ (ص 14)

پنهنجيءَ انهيءَ راءِ کان پوءِ، مخدوم صاحب جن ڪافي ڪتاب جي صفحي 15 ۽ 16 تي خليفي محمود نظاماڻيءَ جي تصنيف، ’مجمع الفيوضات‘ مان، سنڌي شاعرن جي بيتن ۽ هڪ پهاڪي جا، سنڌي لکت ۾ مثال به ڏنا آهن ۽ لکن ٿا ته:

”مٿين لکت ٻارهين صديءَ هجريءَ جي آهي. انهيءَ لکت مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اڄ کان 5 سو سال اڳ سنڌي زبان جي لکت ڪهڙي نموني جي هوندي هئي ۽ هي به يقين ٿي ويو آهي ته رڳو نظم نه پر سنڌي نثر به لکيو ويندو هو.“

(ث) مخدوم صاحب جن جي ڪتاب، ’ديوان طالب الموليٰ‘ جي مهاڳ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته پاڻ دنيا ۾ انسان ذات جي ارتقا جي تاريخ، دنيا ۾ ٻوليون ڪيئن وجود ۾ آيون، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽
علم السان وارن موضوعن جي باري ۾ به وڏي ڄاڻ رکندا هئا. مذڪوره ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکن ٿا:

”ماڻهن جي تمنائن، تقاضائن ۽ کاڌپيٽ، سندن وڙهڻ جا سبب پيدا ڪيا تنهن ڪري هو ٽولن جي صورت ۾ جدا جدا هنڌن تي وڃي رهڻ لڳا ته ٻوليون ۽ اشارا به نوان نوان ٺهندا رهيا. سڌرندي سڌرندي، آخر تصويرون ۽ ليڪن کي لکت بنايو ويو. اڳتي هلي انهن مان موجوده صورتخطيون ٺاهيون وئيون جن کي دنيا به قبول ڪيو.“ اڳتي لکن ٿا:

”هرڪا ٻولي ڦرندي رهي  ٿي ۽ ڦرندي رهندي ڇو ته ٻوليءَ جي ڦير ڦار سندس فطرت آهي. انهيءَ ڦيرڦار کي ڪير به روڪي نه سگهندو ڇاڪاڻ ته ٻولي وڏي سگهه رکي ٿي، پر هيءَ ڳالهه ياد رکجي ته ٻوليءَ سان زور آزمائي ۽ هٿ چراند، ٻوليءَ ۾ ڄاڻي واڻي ڌاريا ۽ اڻوندڙ لفظ وغيره ٽنبيا نه وڃن ڇو ته سنڌي ٻوليءَ وٽ پنهنجو عظيم خزانو موجود آهي ته پوءِ اُڌارو ڇو کڻجي، مگر مناسب طرح اصلاح ڪرڻ ڏوهه به نه آهي.“

اڃا به اڳتي لکن ٿا:

”عرب ۽ ايران جو سنڌ سان پراڻو لاڳاپو آهي، انڪري صدين کان سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي زبانون چڱيءَ طرح ملي وئيون آهن، ۽ سنڌيءَ انهن زبانن کي اهڙيءَ طرح ته پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي جو نه ڌاريائپ لڳي ٿي ۽ نه وري اُنهن زبانن کي سنڌيءَ مان ڪڍي سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح سنسڪرت ۽ هنديءَ جي لفظن وغيره کي به سنڌي ٻولي هضم ڪري چڪي آهي. اردو زبان جي ابتدا ۽ نيپاج به سنڌ ۾ شروع ٿيو. نقاش ڪاظمي لکي ٿو:

'ماہرین لسانیات تہوڑے سے اختلاف کے باوجود اس بات سے متفق ہیں کہ اردو کی ابتدا سندہ میں ہوئی۔ چاہے اردو کی ابتدا پنجاب یا دکن سے ہو، اردو نے سندہ کی وادیوں میں بھی زندگی کا سانس ضرور لیاہے۔'

پنهنجي ساڳئي ڪتاب (ديوان طالب الموليٰ) جي صفحي 6 تي مهاڳ ۾ لکن ٿا:

”سنڌي زبان ۾ پرديسي شاعري ڪجي ته اُن کي عربي ۽ فارسي محاورن ۽ ترڪيبن سان سينگارجي، ۽ ديسي شاعري (بيت ڪافيون وغيره) ڪجي ته اُن کي سنڌي محاورن ۽ ترڪيبن سان سنوارجي، پر هيترو ضرور ڌيان رکجي ته اُن ۾ سنسڪرت ۽ هندي وغيره جا لفظ، جملا ۽ ترڪيبون صرف اُهي استعمال ڪجن جن کي سنڌي ٻوليءَ پنهنجو بنائي ڇڏيو آهي، ۽ هي خيال رکجي ته پراڻين زبانن جا لفظ هروڀرو ۽ زور مس ڪري ۽ بگيڙي ڪم نه آڻجن، جيئن: ’ڌُلائڻ‘، ’دُهرائڻ‘ ۽ ’مسڪرائڻ‘ وغيره. ان هوندي به غلط العام صحيح ۽ غلط العوام وغيره صحيح جو پابند رهڻ گهرجي“ (ص 6).

6 (الف)- ساڳئي ڪتاب (ديوان طالب الموليٰ) جي مهاڳ ۾، ۽ ’ڪافي‘ ڪتاب ۾، مخدوم صاحب جن، سنڌي رسم الخط جي تختيءَ جي باري ۾، علم اللسان جي هڪ ماهرن جي حيثيت ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن لاءِ، لسانياتي بحث ڇيڙيو آهي. منهنجي خيال ۾ مخدوم صاحب جن جي ڇيڙيل هن بحث طرف، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ توڙي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ قائم سنڌي شعبن جي ماهرن ڌيان ڪونه ڏنو آهي. هن موضوع جي باري ۾، مخدوم صاحب جن صفحي 5 کان صفحي 20 تائين علمي بحث ڇيڙيو آهي جنهن تي ماهرن کي ڌيان ڏيڻ جي گهڻي ضرورت آهي لکن ٿا ته:

”جيڪا سنڌي زبان، اسان اڄ ڳالهيون ٿا يا استعمال ڪريون ٿا، اُن ۾ نج عربي زبان جا ث، ح، خ، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف ۽ ق، يعني 11 حرف به شامل آهن. انهن کانسواءِ حرف علت (ا، و ۽ ي) جو استعمال به عربيءَ کان مليو آهي“ (ص 5)

اڳتي صفحي 7 تي لکن ٿا: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا اکر پختائي وٺي ويا آهن جن جي عمر اسان جي ڏاڏن پڙڏاڏن کان به وڏي آهي. انهن اکرن کي ننڍو وڏو، پوڙهو پڪو، پڙهيل اڻ پڙهيل، عالم فاضل، پروفيسر ۽ ڊاڪٽر، نظم  توڙي نثر ۾ لکندڙ، گهر ۾ ۽ گهر کان ٻاهر به هر وقت عام جام ڳالهائي ٿو. نه رڳو ايترو پر هر مصنف، مؤلف، ايڊيٽر ۽ مترجم به پنهنجي هر ڪتاب ۽ اخبار جي پروفن پڙهندي، انهن اکرن کي قائم رکي ٿو. جيڪڏهن اهي اکر سنڌي ٻوليءَ مان ڪڍي ڇڏجن ته نه فقط ٻولي بي زيب ٿيندي بلڪه معنيٰ مطلب به سمجهڻ ۾ نه ايندو. اُن هوندي به انهن اکرن کي الف- ب واريءَ تختيءَ ۾ اڄ شامل نه ڪيو ويو  آهي. آءٌ تعليم کاتي جي آفيسرن، علمي ادبي ادارن، اديبن ۽ شاعرن کي اپيل ٿو ڪريان ته بنا دير جي، اهي اکر جي هيٺ پيش ڪيل آهن، الف- ب واريءَ تختيءَ ۾ شامل ڪرايا وڃن. اهي اکر هي آهن: ڙهه، لهه، مهه، نهه، ڻهه، تنوين ۽ غنه. انهن اکرن کي مون هن طرح ترتيب ڏني آهي: ڙ کان پوءِ ڙهه، ل کان پوءِ لهه، م کان پوءِ مهه، ن کان پوءِ نهه، ان کان پوءِ تنوين، پوءِ غنه ۽ ڻ کان پوءِ ڻهه. انهن اکرن جا اُچار منهنجي غزلن جي رديفن پڙهڻ مان معلوم ٿيندا.“

(ب) مخدوم صاحب جن اڳتي صفحي 10 تي لکن ٿا: ”1853ع ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن، الف- ب جي ترتيب ۾، ٻن ٽن اکرن يعني جهه ۽ گهه کي به شامل ڪيو آهي، خبر نٿي پوي ته باقي ٻين اکرن کي، اُنهن ماهرن، تختيءَ ۾ جاءِ ڇو نه ڏني؟ سنڌي ادبي بورڊ، ٽماهي مهراڻ جي سال 1961ع جي ٽائيٽل ڪور تي مٿين ساڳي تختي ڏني آهي، پر هه کان پوءِ فارسي جو واڌارو آندو آهي.“ اڳتي لکن ٿا!

اڄ ڪلهه تعليم اخبار ۾، ڇهه، ڇ ۽ ڇه تي ڪن ڄاڻو اُستادن جو پاڻ ۾ بحث مباحثو شروع آهي ته انهن جي شڪل ڪهڙي رکڻ کپي. اهو به هن علمي بحث جي هڪ ڪڙي آهي. اُميد آهي ته ان بحث مان به ڪونه ڪو اُميد افزا نتيجو نڪرندو“ (ص 10).

مخدوم صاحب جن، پنهنجن انهن ويچارن کانپوءِ، سنڌي صورتخطيءَ لاءِ پنهنجي ٺاهيل الف- ب جي تختي مثال طور ڏيئي لکن ٿا:

”جيڪي اکر مون الف-ب جي تختيءَ ۾ وڌا آهن، اُنهن سميت مون نئين الف- ب جي تختي، هيٺينءَ ريت ترتيب ڏني آهي:

الف، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ج، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح، خ د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ڙهه، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع،غ، ف، ڦ، ق، ڪ، ک، گ، ڳ، گهه، ڱ، ل، لهه، م، مهه، ن، نهه، غنه، ڻ، ڻهه، و، هه، ء، ي.

مٿينءَ تختيءَ ۾ صرف تنوين جي صورت قائم نه ڪئي آهي، پر ان رديف تي لکيل غزل، هن ديوان ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان لاءِ آءُ سنڌ جي عالمن، اديبن، اُستادن ۽ دانشورن کي دعوت ٿو ڏيان ته هُو غور وفڪر ڪن“ (ص 10). اڃا به اڳتي صفحي 11 تي لکن ٿا:

”آخوند گل محمد، پنهنجي ديوان ۾ مهاڳ جي جاءِ تي چٽائيءَ ۾ جيڪو الف- ب جو چارٽ ڏنو آهي اهو به مٿينءَ تختيءَ جي تائيد ڪري ٿو. آخوند گل محمد، پنهنجي ديوان ۾ اکر ڙهه ۽ لهه کي رديف استعمال ڪيو آهي جنهن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

ڇوڙ مڪڙي بيهه م، وٺ رس جوان رڙهه

هير جي ساڄي لڳي، لکڻ جلد سڙهه

اهڙيءَ طرح مرحوم سانگيءَ ۽ ٻين قادرالڪلام شاعرن به انهن اکرن کي پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو آهي“

(ت) اهڙيءَ طرح ساڳئي مهاڳ ۾ صفحي 15 کان وٺي صفحي 21 تائين، سنڌي ٻوليءَ جي ڪن لفظن کي ڌار ڌار صورتخطين ۾ لکڻ جي باري ۾ به وڏو ۽ معلوماتي بحث ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پنهنجي قيام (1990ع) کان پوءِ، هن موضوع تي ڪي سيمينار ڪرائي، اهڙين لفظن جون صورتون مقرر ڪيون هيون. مخدوم صاحب جن، هي مهاڳ 1982ع ۾ لکيو هو، جڏهن ته اٿارٽيءَ طرفان اهڙيون صورتون 1998 ۽ 1999ع ۾ مقرر ڪيون وئيون هيون. مخدوم صاحب جن، جن جن لفظن جي صورتخطين طرف نشاندهي ڪئي هئي، اُهي لفظ هئا: ڪڏهن، ڪڏهين، جڏهن ۽ جڏهين، اهڙيءَ طرح تنوين لکڻ وارن لفظن، ۾ ۽ کان سواءِ شاعريءَ توڙي عام گفتگو واريءَ زبان ۾ ڪيترائي سنڌي لفظ مخفف صورت ۾ ڳالهايا ويندا آهن، جيئن:

هُنن ۽ هُن، اکين ۽ اکن، تنن ۽ تن، آهن ۽ هن ونين ۽ ونن وغيره.“

مطلب ته سنڌي الف- ب جي تختيءَ کان سواءِ سنڌي لفظن جي ڌار ڌار صورتخطين ۽ تنوين وغيره جي موضوعن تي ڪيل سندن  بحث تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ کي ماهرن جو سيمينار يا ڪنوينشن ڪوٺائي، سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن لفظن جي هڪ صورت مقرر ڪرڻ جون سفارشون تيار ڪرڻ گهرجن، البت مخدوم صاحب جن طرفان ’غنه‘ واري حرف جي باري ۾ اڳتي ڪوبه نه رايو ڪونه ڏنو ويو آهي، اُن تي به سوچڻ گهرجي.

7- سنڌي لغات نويسي ۽ سنڌي لسانيات جي ڄاڻ:

هن موضوع لاءِ مخدوم صاحب جن جو تحقيقي ڪتاب، ’لغات سنڌي مخففات‘، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ جامع ۽ سگهارو ڪتاب آهي. هن شهپاري ۾، مخدوم صاحب جن، علم اللسان جي روشنيءَ ۾، ڳالهائي ويندڙ ۽ لکيل صورت واريءَ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان، پنهنجيءَ ڄاڻ جو وڏو ثبوت ڏنو آهي، ۽ ’لغات سنڌي مخففات‘ ذريعي ثابت ڪيو آهي ته طالب الموليٰ سائين، سنڌي لسانيات جو به وڏو ڄاڻو ۽ سنڌي لغات نويسيءَ ۾ به وڏيءَ حيثيت جو مالڪ هو.

(الف)- لفظ (term) ’مخففات‘ جي معنيٰ ۽ مفهوم جو واسطو علم اللسان جي شاخن، ’علم صرف‘ ۽ ’علم نحو‘ جي موضوع، سنڌي/ ادغام‘ (assimilation) سان آهي. هن موضوع تي، سنڌي زبان ۾ ڪو گهڻو ڪم ٿيو ئي ڪونهي. انهيءَ ڪري آءٌ ته ائين چوندس ته مخدوم صاحب جن جو هي تحقيقي ڪتاب، علم اللسان جي لحاظ کان، سنڌي لسانيات ۽ سنڌي زبان جو هڪ نهايت ئي اهم ۽ اعليٰ علمي سرمايو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾، پنهنجي نوع ۽ قسم واري هيءَ پهرين ۽ اهم لغات آهي جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ ۽ عام گفتگو ۾ ڪم ايندڙ بيشمار لفظن جا مخفف روپ گڏ ڪري، اُنهن لفظن جي صوتي، حرفي، نحوي ۽ لغوي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي، ۽ اُن کان سواءِ اُنهن لفظن جي لسانياتي ڪارج جي تفصيلي سمجهاڻي به ڏني وئي آهي.

(ب) پڙهندڙن کي معلوم آهي ته ’مخفف‘ لفظ لاءِ انگريزيءَ ۾ عام طور abbreviation لفظ ڪم آندو ويندو آهي، پر دراصل هن ڪتاب ۾ لفظ ’مخفف‘ جو مقصد ۽ ڪارج ويا ڪرڻي بيان ڪيو ويو آهي. ويا ڪرڻي اڀياس جي لحاظ کان. مخفف لفظ جي معنيٰ ۽ اُن جو مفهوم ٿيندو: ’ڪنهن به لفظ کي سُسائڻ، گهٽائڻ يا ننڍو ڪرڻ‘، يعني روزمره جي استعمال ۾ ڪن لفظن مان ڪي آواز، ڪي صوتيه، ڪي صرفيه، ڪي وينجن ۽ ڪي سر حذف ڪيا وڃن يا سُسائجن، جيئن اردو زبان ۾ ’بدتر‘ لفظ جو مخفف يا ’سسيل اُچار يا روپ ’بتر‘، ڪيو ويندو آهي.

ويا ڪرڻي لحاظ کان هن موضوع جي مطالعي مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته لفظن جا مخفف روپ، ڪنهن ڌڪيبازيءَ سان يا بيقاعدي نموني سان حاصل ڪيا نه ويندا آهن، پر اُن لاءِ ٻوليءَ جي ارتقا دوران، ويا ڪرڻ جا ڪي اصول يا قانون، خود بخود ٺهي ويندا آهن. مثال طور لفظن جي مخفف صورتن لاءِ هيٺيان اصول/ قانون ڪارفرما ماهوندا آهن:

(i) ادغام يا سنڌي (assimilation) جا ڪي اصول ۽ قانون

(ii) شاعريءَ يا نثر جي صنفن ۾، ٻوليءَ جي استعمال ۾ لفظن جو مخفف ٿيڻ يا مخفف روپ وٺڻ

(iii) عام گفتگو ۾، روزمره واريءَ ٻوليءَ ۾، لفظن جو سسڻ وغيره

(ب) منهنجي نظر ۾ ’لغات سنڌي محففات‘ ڪتاب جي مصنف/ خالق جو هي تحقيقي ڪارنامو، سنڌي لسانيات ۾ جدت جي حيثيت ٿو رکي ڇاڪاڻ ته هن لغات جي تحقيقي ۽ تخليقي ڪم جو خيال يا اهڙيءَ تحقيق لاءِ سوچڻ، هن کان اڳ ڪنهن به ٻئي عالم يا لسانيات جي ماهر جي ذهن ۾ اُڀري سگهيو ئي نه هو. هن لغات جي ڇپجي پڌري ٿيڻ کان اڳ، البت سنڌي ٻوليءَ جي ڪن لغت ۾، لفظن جا ڌاتو، ماده ۽ اشتقاق ضرور ڏنا ويا هئا، پر لفظن جا مخفف يا سُسيل روپ ۽ اُنهن جو لسانياتي ڪارج ۽ ويا ڪرڻي حيثيت جي سلسلي ۾، ’لغات سنڌي مخففات‘ جي شايع ٿيڻ کان اڳ ڇپيل ڪنهن به لغات ۾ نٿا ملن. انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي مخفف يا سُسيل روپن وارن لفظن جي اڀياس جي سلسلي ۾ هيءَ پهرين، اوائلي ۽ جامع لغات آهي جيڪا جدت واري طريقي سان، کوجنا ۽ تحقيق جي خوبين سان مالا مال آهي. انهيءَ ڪري چئبو ته سنڌي ٻوليءَ جي لغات واري کيتر ۾ هيءَ پهرئين قسم جي لغات آهي جنهن ۾ داخل ڪيل لفظن جو اصلي اُچار ۽ اُنهن لفظن جا مخفف يعني سُسيل روپ ڏيئي، اُنهن جي سمجهاڻي به ڏني وئي آهي، ۽ روزمره جي عام گفتگو واريءَ ٻوليءَ ۾ اُنهن مخفف يا سسيل روپن جي استعمال ۽ ڪارج جا مثال به ڏنا ويا آهن.

(ت) هن لغات جي هڪ ٻي خصوصيت هيءَ آهي ته هن لغات ۾ اهو به سمجهايو ويو آهي ته هن لغات ۾ شامل لفظن مان هرهڪ لفظ جو، اُن جي انفرادي صورت ۾ اُچار ڪيئن ڪيو ويندو آهي، پر جڏهن اهو لفظ يا اُهي لفظ ڪنهن روزمره واريءَ گفتگو ۾ ڳالهايا ويندا آهن، يا شعر و شاعريءَ ۾ ڪم آڻبا آهن تڏهن اُنهن جي لکت واريءَ صورت مان خبر پوندي آهي ته انهن لفظن جو اُچار ڪهڙي شڪل يا صورت وٺي بيٺو آهي، يعني اُهو لفظ يا اُهي لفظ، روزمره واريءَ گفتگو، ڪنهن نثري جملي يا شعر جي مصرع ۾ ڪهڙي مخفف صورت وٺي بيهن ٿا. اهڙن مخفف لفظن جي اڀياس کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته اُنهن لفظن تي علم صوتيات، علم صرف يا علم نحو جا قانون اثر انداز ٿيا آهن. اهڙن لفظن تي لسانيات جي هڪ موضوع يعني سنڌيءَ، (assimilation) جي قانونن موجب، اُنهن لفظن تي تخفيف يا ’سوس‘ وارو قانون اثر انداز ٿيل هوندو آهي. انهن ۽ اهڙن لفظن جي مخفف روپن ۾ جيڪي صوتي، صوتياتي ۽ سنڌيءَ جي اصولن جي ڪري تبديليون رونما ٿينديون آهن، اُنهن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

فعل جي انفرادي صورت

اٿن

ٿن

عام جملي ۾ لکيل صورت ۽ اُچار

ماني کاڌي اٿن

هنن چيو آهي/ چيو اٿن چَيَن

مخفف روپ

ماني کاڌي

چيو ٿن/

انهن مثالن ۾ ’کاڌن‘ ۽ ’چين‘، مخفف روپن جو جڏهن غور سان اڀياس ٿو ڪجي ته معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ  جي هن عمل ۾، ’سنڌيءَ وارا اصول‘ اثر انداز ٿيا آهن، ۽ اهي اصول مخفف روپن جي اصلوڪن صورتن جي ڳولڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

هن لغات ۾ جتي مخدوم صاحب جن، هڪ غواص بڻجي، علم اللسان جي عميق ۽ بي انت بحر جي پاتال تائين پهچي جيڪي املهه موتي ميڙي، سنڌي اديبن، عالمن ۽ فاضلن جي اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اُن لاءِ کين  اهوداد شايد ملي نه سگهيو. جنهن جا پاڻ حقدار هئا.

بيشڪ هيءَ لغات، سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ادب ۽ سنڌي لسانيات جو هڪ املهه ۽ بي بها خزانو آهي. هن لغات، سنڌي ٻوليءَ جي روزمره واريءَ عام ٻوليءَ توڙي شاعريءَ واريءَ ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظن ۽ اُنهن جي صوتي صرفي ۽ نحوي اڀياس واري کيتر م بي بها اضافو ڪيو آهي. هن موضوع تي، علم اللسان جي ماهرن کي توجهه ڏيڻ جي گهڻي ضرورت آهي.

8- هڪ نقاد جي حيثيت ۾:

(الف) مخدوم ’طالب الموليٰ‘ صاحب جي، ادبي تنقيد جي باري ۾ لکيل ڪتابن مضمونن ۾ مقالن جو جڏهن غور سان مطالعو ٿو ڪجي ته معلوم ٿو ٿئي ته پاڻ هڪ سنجيده ۽ اعليٰ معيار جا تخليقي نقاد هئا. شايد پاڻ پهريان ئي نقاد هئا جن سنڌي ٻوليءَ جي ’موزون شاعري‘ (ايراني شاعريءَ) جي باري ۾، پنهنجي ڪتاب، ’ڪافيءَ‘ ۾ صفحي 33 تي، هن قسم واريءَ شاعريءَ جي باري ۾، پنهنجن تنقيدي خيالن جو اظهار ڪيو هو، فرمائين ٿا:

”موزون شاعري ڌارين آهي. اُن ۾ هٿرادو ٺاهيل ڳالهيون آهن، ۽ هنڌ هنڌ اهل ڪرڻي پوي ٿي، جي سڀ بي بقا شيون آهن. موزون شاعريءَ ۾، گل و بلبل جو بيان، ساغر ۽ صراحيءَ جو ذڪر، گلگشت ولالا زار جا اصول ۽ شاهد بازيءَ جون ڳالهيون هونديون آهن. اهي سڀ شيون ٻاهريون آهن. اهي تصورات ايراني آهن. اهي تخيل پرايا ۽ اوپرا آهن، ۽ اهي مضمون ڌاريان بلڪه اُڌارا آهن“ (ص 36)

اڳتي لکن ٿا: ”اسان جي شاعريءَ جو انهن شين سان ڪوبه واسطو ڪونه آهي. اسان جو ماحول به پنهنجو، ته رسمون ۽ رواج به پنهنجا، نظارا به پنهنجا ته اشارا به پنهنجا. هت خشڪ جبل ۽ واريءَ جون ڀٽون، بيابان، ڪنڊا ڪرڙ، کٻڙ، ليون، ليار، ٻٻر، دريا ۽ واهڙ وغيره آهن. اسان وٽ عورت عاشق ۽ مرد معشوق آهي. ايراني شاعريءَ ۾ بيجا شڪايت، سخت گلا، محبوب کي الزام رکڻ، کيس ظالم، جلاد، بي درد ۽ بيوفا سڏڻ جائز. ايراني شاعريءَ ۾ رقيب جو تصور ايڏو ته گندو ۽ ذليل ڪارنامو آهي، جنهن جي حد ئي ڪانهي. اسان جي شاعريءَ ۾ التجائون، صدائون، سٺيون تمنائون، مدعائون ۽ رڳيون دعائون آهن. گلا ۽ شڪايت جي بدران سيبائيندڙ ڏک ڏوراپا به آهن ته ميارون به، پر سڀ ڪجهه محبوب کي ريجهائيندڙ ۽ پرچائيندڙ، اُنهن ۾ نه ٽوڪبازي هوندي ۽ نه ٺٺول.

سنڌي شاعري ۽ اُن جي زبان ڏسڻي هجي ته ٻهراڙيءَ ۾ وڃي هارين سان ملاقاتون ڪجن، ڪنڀرن، لوهارن، واڍن ۽ کٽين جي دڪانن تي سگهڙن جون ڪچهريون ٻڌجن؛ ميلن ۽ شادين جي ڇنن ۾ لوڪ ادب جون رهاڻيون  ڏسجن ۽ عورتن جا ٺاهيل گيت ٻڌجن. اُن زبان ۾ نه ڌاريائي آهي ۽ نه اهل. روز ڳالهائڻ وارا لفظ، روز استعمال ٿيندڙ پهاڪا، روز ڪم ايندڙ محاورا ۽ روزمره وارا جملا ملندا جن ۾ رُڳي سادگي ۽ رڳي واقع نگاري هوندي آهي. هيترو فرق سو آيل آهي ته ڪن لفظن ۽ اکرن جا اُچار ڦريا گهريا آهن، ۽ ڪي لفظ روزاني استعمال مان نڪري به ويا آهن، تنهن هوندي به اسان جا وڏڙا اهائي سٻاجهڙي ٻولي ۽ سٻاجهڙا لفظ ڳالهائين ٿا.

اسان جي شاعريءَ جي هڪ وڏي خوبي هيءَ به آهي ته شعر ۾ اها ئي زبان ڪم اچي ٿي. جيڪا اسين روز ڳالهايون ٿا، پر موزون شاعريءَ جي زبان جدا آهي جا فقط شاعريءَ ۾ ئي ڪم ايندي آهي. اُن ڪري ئي ته ٻاهرين شاعريءَ ۾ ڌاريائي ۽ مصنوعيت آهي.“

9- انهن ڪن ٿورين خوبين جي بيان ڪرڻ سان اهو واضح ٿو ٿئي ته مخدوم طالب الموليٰ جن، ويهين صديءَ جي نثر نويسن ۾ اعليٰ مقام ۽ معيار وارا نثر نويس هئا، ۽ آءٌ پختي يقين سان چوان ٿو ته مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت جا نشانبر هئا. ههڙي قداور نثر نويس جي علمي ۽ ادبي خذمتن جي باري ۾ اڃا تائين ڪوبه تفصيلي تحقيقي ڪم ڪنهن به اداري ڪونه ڪرايو آهي.

حوالا

  1. غلام رباني آگرو: 1989ع، روشنيءَ جو سفر ۾ ڇپيل مقالو ’يادگيريون‘، ڪراچي: مرڪزي بزم طالب الموليٰ سنڌ، ڪراچي، ص 30

  2. مخدوم محمد زمان، طالب الموليٰ: ياد رفتگان، ص 5.

  3. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: 1962، ڪافي، هالا، بزم طالب الموليٰ، شاخ هالا، ص 6، 14- 16.

  4. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: 1982ع، ديوان طالب الموليٰ، هالا: مهاڳ، سروري پبليڪيشن، ص ص 5- 21

  5. مخدوم محمد زمان، طالب الموليٰ: 1989ع، تقرير، روشنيءَ جو سفر سووينئر ۾ ڇپيل، ڪراچي: مرڪزي بزم طالب الموليٰ سنڌ

  6. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: 1991ع، لغات سنڌي مخففات، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ، مهاڳ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org