انٽرويو وٺندڙ: طارق اشرف
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
جو يادگار انٽرويو
سوال: اوهان جون ٽي حيثيتون آهن: مرشد- شاعر-
سياسي ليڊر. ڪهڙي حيثيت اوهان جي نظر ۾ اهم آهي ۽
ڇو اهم آهي؟
جواب: مان ٽنهين کي اهم سمجهان ٿو، پر مرشد جي
حيثيت پهرين نمبر تي آهي. انهيءَ ڪري جو، مرشد جو
مطلب آهي، ارشاد ڪرڻ وارو. جيڪو پنهنجي مريدن کي،
پنهنجي دوستن کي، پنهنجي زيردستن کي، قرآن ۽ سُنت
تي هلڻ ۽ عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو. مرشد بار بار،
بلڪ سدائين هدايت ڪري ٿو، ڪي ماڻهو انهي تي عمل ڪن
ٿا ۽ انهن کي فائدو رسي ٿو، پر ڪي نٿا ڪن. جهڙيءَ
طرح علامه اقبال چيو آهي:
ان میں غافل بھی ہیں، جاہل ءبھی ہیں، ہوشیار بھی
ہیں، سیکڑوں تیرے نام سے بیزار بھی ہیں۔
ائين ڪونهي سؤ سيڪڙو ماڻهو عمل ڪن، پر مرشد ته
انهن کي سؤ سيڪڙو هدايت ڪري ٿو. پوءِ اڳلو انهيءَ
تي ڪيتري قدر عمل ڪري ٿو، اهو دارو مدار ان تي
آهي. انهيءَ ڪري پهرين حيثيت مان انهيءَ کي ٿو
ڏيان. مخدوم نوح رضه کان اڄ تائين اهو سلسلو هلندو
اچي. انهيءَ جي جيڪا معلومات اسانکي آهي يا پنهنجو
جيڪو لٽريچر اسان پڙهيو آهي يا سندن سوانح حيات
پڙهي اٿئون، انهيءَ لحاظ کان مرشد جي حيثيت تمام
اهم آهي.
ٻئي نمبر تي آءٌ اهميت شاعريءَ کي ٿو ڏيان. ڇو ته
شاعري قوم کي هوشيار ڪرڻ جو ذريعو آهي. منهنجي
خيال ۾ جي- ايم- سيد جو اهو چوڻ صحيح آهي ته
”شاعري، نثر کان وڌيڪ اثر رکي ٿي، جيڪڏهن انهيءَ
قسم جي آهي.“ شاعريءَ جي ذريعي گهڻو ڪجهه چئي
سگهجي ٿو، سمجهائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن صحيح شاعر
آهي.
اهميت جي لحاظ کان سياست يا سياسي ليڊريءَ کي آءٌ
ٽئين نمبر تي رکندس. انسان جي زندگيءَ سان سياست
لازم ملزوم آهي. انگريزن جي دور کانپوءِ، خاص طور
تي هن دور ۾ انگريزن جي دور ۾ به سياست هئي، پر
تڏهن نمونو ٻيو هو. پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ سياست جو
نمونو ٻيو آهي. زندگيءَ سان سياست به لازمي شيءِ
آهي، هر معاملي ۾ سياست هئڻ گهرجي. تنهنڪري سياست
به آهي بشرطيڪ صحيح سياست هجي.
س: اوهان هڪ وڏا پير آهيو. ڪڏهن اوهان کي اهو
احساس ٿيو آهي ته انهيءَ حيثيت ڪري، اوهان عام
ماڻهوءَ کان پري آهيو؟
ج: اوهان ڪيئن ٿا چئو ته آءٌ عوام کان پري آهيان.
ڪيترا اهڙا پير آهن جيڪي عوام کان قطعي طور پري
آهن. پر آءٌ انهن مان ڪونه آهيان. منهنجا وڏا يا
بزرگ به انهن مان ڪونه هئا. آءٌ عوام سان گڏ آهيان
خود به عوامي ماڻهو آهيان. مون وٽ ماڻهو اچن ٿا،
انهن سان گڏ اٿجي ٿو، ويهجي ٿو، ڳالهائجي ٿو. قطعي
طور انهن کان جدائي ڪانهي. سؤ پئسا آءٌ عوام سان
گڏ آهيان. فقط انهيءَ وقت جدا رهان ٿو، جڏهن طبيعت
ٺيڪ نه هوندي آهي. باقي روز جو معمول اٿم، جيترا
ماڻهو ايندا آهن، انهن سان ملندو آهيان. لکين
ماڻهن سان آءٌ ملي چڪو هوندس. آءٌ انهن پيرن مان
ڪونه آهيان جيڪي عام ماڻهن ۽ پنهنجن مريدن کان پري
رهندا آهن.

”برسات“ لاءِ طارق اشرف، مخدوم محمد زمال طالب
الموليٰ کان انٽرويو وٺندي
س: ڪڏهن اوهان اهو چاهيو آهي ته لکين مريدن جا پير
نه هجو ها، فقط هڪ شاعر يا هڪ عام ماڻهو هجو ها؟
ج: اها ڳالهه ذهن ۾ ڪڏهن نه آئي آهي
س: اوهان کي اها عزت فقط اوهان جي بزرگن جي ڪري
ورثي ۾ ملي آهي يا اوهان جي محنت به انهيءَ ۾ شامل
آهي؟
ج: ٻئي ڳالهيون آهن. بزرگن جي ڪري به، پنهنجي خدمت
ڪرڻ ڪري به. خلق جي خدمت تمام وڏي شيءِ آهي. ٻنهي
شين ملائي ڪري انهيءَ درجي تي آندو آهي.
س: هيءُ سائنسي دور آهي. دنيا ڏاڍي ترقي ڪري ويئي
آهي. اڄ اولاد کي ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ چئجي ٿو ته
اولاد به پڇي ٿو ”ڇو؟ ڇاجي لاءِ؟“ اهڙين حالتن ۾،
اوهان جي خيال ۾ ”مرشد ۽ مريد“ جو سلسلو ڪيتري
عرصي تائين هلندو؟
ج: منهنجي ته خيال ۾ اهو سلسلو بند نه ٿيڻ گهرجي.
البت مختلف دور آهن. شروع کان تاريخ پڙهجي ته اهڙا
دور به آيا آهن، جنهن ۾ ”مريدي ۽ مرشدي“ اوج تي
آهي. وري اهڙا دؤر به آيا، جن ۾ ڪمي آئي. اهڙيءَ
طرح ڪمي بيشي ٿيندي رهندي. ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن،
جيڪي تعليم يافته آهن، پر مرشد کي مڃين ٿا. ساڳيو
مريدي جي تعليم وارو سلسلو جاري رکيو اچن. چيو وڃي
ٿو ته اڻ پڙهيل ۽ جاهل انهيءَ عقيدي جا هوندي آهن.
پر اها ڳالهه ڪانهي. پڙهيل به اهو عقيدو رکن ٿا.
پاڻ اهي وڌيڪ سمجهي سگهن ٿا مرشد کي. اڳتي هلي
سڀئي پڙهي وڃن، سؤ سيڪڙو پڙهي وڃن، پوءِ حالتون
ڪهڙيون به هونديون. انهيءَ جي خبر خدا کي.
س: عام طور تي، سنڌي چوندا آهن: مرشد قيامت ۾
ڇڏائيندو، ڇا واقعي مرشد قيامت ۾ مريدن کي
ڇڏائيندو؟
ج: جيڪي ماڻهو اهو سوچين ٿا ته مرشد قيام
ڇڏائيندو، منهنجي خيال ۾ اهي اڻ ڄاڻ ماڻهو هوندا.
انهن ڳالهه سمجهي غلط آهي. مرشد جو ڪم آهي قرآن ۽
سنت تي عمل ڪرڻ ۽ عمل ڪرائڻ جي توفيق پئدا ڪرڻ، هن
کي سمجهائڻ، هنکي هدايت ڏيڻ، جيڪو ماڻهو انهيءَ تي
عمل ڪندو، ايترو ئي قيامت جي ڏينهن کيس فائدو
رسندو. الله رب العالمين آهي، بخشڻ وارو اهو آهي.
انهيءَ کان پوءِ اسان جو رسول آهي، جيڪو، رحمت
العالمين آهي، بخشش ڪرائڻ جو دارومدار ان تي آهي.
مرشد جو مطلب آهي ارشاد ڪرڻ وارو، هدايت ڪرڻ وارو
مرشد. انبيا اسلام کان اڳ به آيا آهن. هر مذهب ۾
مرشد پئدا ٿيا آهن. آءٌ انهن کي مرشد سمجهان ٿو جن
نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي هدايتون ڪيون مرشد لکن
جي تعداد ۾ ٿي گذريا آهن، پر پڇاڻو انهن کان به
ٿيڻو آهي. آءٌ حضرت عمرؓ جو مثال ڏيان ٿو، جيڪو
ٻيو خليفو هو. انهن ساڍا يارنهن سال خلافت ڪئي. 20
هجريءَ ۾ وفات ڪيائون. سندس وفات کان ڏهه سال
پوءِ هڪ صحابي خواب ۾ حضرت عمرؓ کي ڏٺو. سندس پڇڻ
تي حضرت عمر ٻڌايو ته اڄ پڇاڻي کان واندو ٿيو
آهيان. هاڻ جڏهن حضرت عمر جهڙي ماڻهوءَ کان ڏهه
سال پڇاڻو ٿئي ٿو ته ٻيو ڪهڙو هن کان وڌيڪ ٿي سگهي
ٿو، جنهن کان پڇاڻو نه ٿئي. مرشد قيامت ڇڏائڻ جو
هڪڙو ذريعو آهي، ڇاڪاڻ ته هو نئين واٽ ڏيکاري ٿو.
اڳلو انهيءَ تي عمل نه ڪندو ته سزا کائيندو.
س: اوهانجي مريد ٿيڻ جو طريقو ڪهڙو آهي؟
ج: طريقو اهوئي آهي، جهڙيءَ طرح رسول الله ﷺ جن
بيعت وٺندا هئا. پنهنجي هٿ تي بيعت وٺندا هئا. اهو
طريقو انهيءَ نموني هليو ٿو اچي. اڳي جهاد ۽ ٻين
ڳالهين لاءِ واعدو ورتو ويندو هو. هاڻ قرآن ۽ سنت
۽ ٻين نيڪ ڪمن لاءِ واعدو ورتو ٿو وڃي. بيعت آهي
واعدو ڪرڻ، يعني انهيءَ ڳالهه تي عمل ڪندو.
س: اوهان پنهنجي مريدن کي ڪهڙي تعليم ڏيندا يا
تلقين ڪندا آهيو؟
ج: جنهن وقت هو بيعت ڪندو آهي، کيس قرآن ۽ سنت تي
عمل ڪرڻ جي تلقين ڪبي آهي. الله تعاليٰ جو ذڪر ۽
فڪر ڪرڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ لاءِ چئبو آهي. اسان جا
خليفا، ورڪر، ننڍا خليفا، انهن سان هميشه رابطو
هوندو آهي، هر لحاظ کان ڪوشش ڪبي آهي ته اهي سنئين
واٽ وٺن. اڳتي هلي اهي عمل ڪن يا نه ڪن اها سندن
قسمت.
س: ويهه ٽيهه سال اڳ ۽ اڄ جي مريد ۾ ڪو فرق محسوس
ڪريو ٿا.
ج: فرق ڪو خاص ته ڪونهي. ڪي تعليم يافته ماڻهو
پسند نٿا ڪن ته اسين ڪنهن جا مريد سڏجون،ڪنهن کان
هدايت وٺون. منهنجي خيال ۾ اهي بي مرشد چئبا، اهڙن
ماڻهن کي عام طور تي بي پيرواه چئبو آهي. اهي
ايترو فيض حاصل نٿا ڪري سگهن جيترو مرشد وارا حاصل
ڪري سگهن ٿا.
س: هڪڙو ماڻهو قرآن ۽ سنت تي پوريءَ طرح عمل ڪري
ٿو، نماز ۽ روزي جو پابند آهي. پر اهو ڪنهن جو
مريد ڪونهي. ٻيو مذهب تي پورو ڪونهي، پر مرشد وارو
آهي. ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو؟
ج: نيت ٺيڪ هجي، پوءِ اهو ڪنهن جو مريد هجي يا نه
هجي. جنهن جي نيت ٺيڪ هوندي اهو پنهنجي مقصد ۾
يقينن ڪامياب ٿيندو. جيڪو مرشد وارو نه هوندو اهو
ٿورو دير سان ڪامياب ٿيندو. ڇاڪاڻ ته استاد جي هر
ماڻهوءَ کي ضرورت پوي ٿي. بي استاد ماڻهو جلدي
ترقي نه ڪندو. سواءِ ڪن ٿورن جي. چوندا ڪونه آهن،
فلاڻو استاد پير وارو آهي، پر جيڪڏهن ڪو مرشد وارو
آهي، پر اطاعت نٿو ڪري، نيت ٺيڪ ناهي، ته پوءِ
انهيءَ جون عبادتون. رياضتون، هن جو ذڪر فڪر رڳو
ڏيکاءُ آهي. اها رياڪاريءَ جي عبادت آهي ۽ اها کيس
جهنم ۾ وٺي ويندي.
الله ٿعاليٰ فرمايو آهي ته هر عمل جو دارومدار نيت
تي آهي.
س: اوهان جي مريد ٿيڻ جا طريقا ڪهڙا آهن؟
ج: مريد ٿيڻ جو طريقو اهو آهي ته مريد ٻئي هٿ
ڏيندو ۽ مرشد به ٻئي هٿ ڏيندو. هڪ هٿ مريد جي هٿ
هيٺان ۽ ٻيو مٿان. هڪ خليفو به اتي موجود هوندو
آهي. جيڪو مريد کي سڄي ڳالهه سمجهائيندو ته اسان
جو مذهب ڪهڙو آهي. اسان جا طور طريقا ڪهڙا هن.
کيس ڪلمو طيب پڙهائبو. پوءِ کيس قرآن ۽ سنت تي هلڻ
جي تلقين ڪبي، ذڪر فڪر جو طريقو سمجهائبو. هر اُها
ڳالهه سمجهائبي، جنهن جو زندگيءَ سان دارومدار
آهي. وري جڏهن به هن سان ملاقات ٿئي ٿي، هن کان
پڇجي ٿو، هن کي ياد ڏيارجي ٿو ته هن کي ڪهڙا ڪم
ڪرڻ گهرجن. طريقو ۽ شرط بلڪل معمولي آهن، پر تمام
عظيم آهن.
س: مريد مرشدن کي ڏن پٽ ڏيندا آهن. ڇا اوهان به
اهو وٺندا آهيو. اهو مقرر آهي يا مريد جي مرضيءَ
تي ڇڏيل آهي؟
ج: ڪنهن شاعر چيو آهي: مريدي خادمي ڏن نظر دعوت
آهي مڙئي دڙڪو دستوري نذراني کي ڏن پٽ چيو ٿو وڃي.
اهو هر هنڌ، هر مرشد کي ملي ٿو. لنگرخاني جن خرچ
انهيءَ مان هلائبو آهي. مرشد وٽ مريد ايندا آهن،
رهندا، کائيندا آهن. اهو پئسو انهن تي ئي خرچ ڪجي
ٿو. آءٌ پنهنجي لنگرخاني جي ڳالهه ٿو ڪريان، مونکي
ايترو پئسو ڪونه ٿو ملي، جنهن مان مهمان خانو هلي
سگهي. ان کان چار حصا وڌيڪ مان پنهنجو ذاتي خرچ
ڪريان ٿو، انهن جي قيام ۽ طعام تي.
س: جيڪڏهن ڪو مريد سڄي زندگي اوهان کي نذرانو نه
ڏي؟
ج: ڀلي نه ڏي. اسان وٽ اها ڳالهه مقرر ڪانهي. ڪن
وٽ هوندي. اوهان کي معلوم هوندو، اسان وٽ ڪي پير
اهڙا به آهن، جيڪي وقت جي مهانگائيءَ سان نذرانو
به وڌائيندا رهيا آهن.
س: شاعري ڏانهن شوق اوهان کي ورثي ۾ مليو آهي يا
اوهان جي شعوري ڪوشش آهي؟
ج: شاعري ورثي ۾ ملي آهي. روايت آهي ته پهريون
خليفو حضرت ابوبڪر صديقؓ به شاعر هئا. ان جي
اولاد مان اهو سلسلو هلندو پيو اچي ۽ ايستائين اچي
پهتو آهي. مخدوم نوح رحمتہ الله کان اڳ جيڪي ماڻهو
هئا، اهي شاعر هئا يا نه، انهيءَ جي ڄاڻ ڪونه اٿم،
پر مخدوم نوح پاڻ شاعر هو. اهڙيءَ طرح ورثي ۾ اها
شيءِ مليل آهي. شاعريءَ جي مون تعليم ڪانهي ورتي،
نڪو مون پنهنجي ڪوشش سان شاعري ڪئي آهي. ائين فطري
طرح ورثي ۾ ملي آهي.
س: شاعري اوهان کي ورثي ۾ ملي آهي. ڇا انهي ڪري
اوهان شعر وڌيڪ چيو آهي ۽ نثر گهٽ لکيو اٿؤ؟
ج: نثر ۾ مون لکيو آهي تمام گهڻو لکيو آهي.
س: مان سمجهان ٿو شعر ڪجهه وڌيڪ لکيو آهي؟
ج: شاعري نثر کان ڪجهه زياده آهي. پر گهٽ لکڻ جو
سبب اهو ڪونهي. منهنجا تمام گهڻا مقالا لکيل آهن،
انهن مان ڪيترا ڇپيا ڪونهن. نثر ۾ ”ڪافي“ نالي
ڪتاب ڇپيل آهي. ان کان علاوه ”تصوف اسلام“ وغيره
به نثر ۾ آهن، ڪيترائي مضمون ڇپيل آهن، تاهم شاعري
ڪجهه زياده آهي.
س: اوهان اولاد به شاعريءَ ڏانهن توجهه وڌيڪ ڏنو
آهي. ڇا اوهان جي اهڙي هدايت آهي؟
ج: نه اهڙي هدايت ناهي منهنجي پٽن مان ڪي شاعر
آهن، ڪي ناهن. قدرتي طرح شاعري ڏانهن رجحان آهي.
جيئن منهنجو.
س: اوهان شعر چوڻ جي ابتدا ڪڏهن کان ڪئي؟
ج: مون جڏهن کان شاعري شروع ڪئي آهي، مون انهي تي
تاريخ لکڻ به شروع ڪئي آهي. هر غزل، هر بيت، هر
ڪافيءَ تي تاريخ لکيل آهي. مرحوم اسد الله شاه
حسيني منهنجو دوست هو، هن ۽ مون حساب لڳايو ته
1930ع کان مون شاعري شروع ڪئي.
س: شاعريءَ ۾ اوهان جو استاد ڪير هو؟
ج: پهريون استاد ته منهنجو والد هو. سندن تخلص
”مغموم“ هو. کين شاعريءَ سان لڳاءُ هو، پر سندن
شاعري محفوظ نه رهي سگهي البت ڪجهه غزل ۽ ڪافيون
موجود آهن.
والد منهنجو فقيري طبيعت جو هو، فقيرن سان گهڻو
اٿندا ويهندا هئا. فقيرن جو اچڻ وڃڻ وٽن گهڻو هو.
پاڻ سياح به هئا، گهڻو وقت سياحت ۾ گذاريائون. اڄ
آءٌ تسليم ٿو ڪريان ته محمد صديق ”مسافر“ ٽنڊي
باگي واري جي صحبت ۾، مون کي چڱو فائدو مليو.
مسافر جو منهنجي چاچي مخدوم غلام حيدر وٽ اچڻ وڃڻ
هو. ادب سان دلچسپي منهنجي چاچي کي به هئي. مسافر
مون وٽ به ايندو هو. استادي ته ڪونه ورتي هئم، پر
هن جون سمجهاڻيون ڪم آيون. پوءِ شاعرن سان اٿڻ
ويهڻ، انهن جي صحبت مان مستفيض ٿيس.
س: هڪ ڳالهه مشهور آهي ته غلام محمد گرامي اوهان
جو استاد هو؟
ج: غلام محمد گرامي شاعر هو ئي ڪونه. بلڪل غلط
فهمي آهي ته هو شاعر هو. کيس مولانا چوندا هئا،
مطالعو وسيع هوس، حافظو به سٺو هوس. بحث مباحثن ۾
به مشهور ۽ ڪامياب هو. باقي شاعر ڪونه هو، انهيءَ
جو مثال آءٌ پيش ٿو ڪريان، سندس هٿ اکر آهن، اوهان
پاڻ مطالعو ڪيو. کيس شعر لکڻ نه آيو آهي، هتي شبير
هاطف کان صلاح پڇي اٿس. شبير هاطف ڊاڪٽر اسد الله
شاه حسينيءَ جو ننڍو ڀاءُ آهي. انهيءَ مان اوهان
کي اندازو ٿي ويندو ته غلام محمد گرامي شاعر آهي
يا ڪونهي. گرامي صاحب مون تي مهربان هو. ساڻس
دوستانه تعلقات هئا. ساڻس ڏاڍو سٺو وقت گذريو.
استاد جو ته سوال ئي پئدا نه ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته
پاڻ شاعر نه هو، تنهن لاءِ اهي ثبوت ئي ڪافي آهن.
البت هو شاعريءَ کي تمام چڱيءَ طرح سمجهندو هو.
س: اوهان سنڌيءَ کان علاوه ٻين زبانن ۾ به شاعري
ڪئي آهي؟
ج: مون اردوءَ ۾ لکڻ جي ڪجهه ڪوشش ڪئي. پارسيءَ ۾
شاعري ڪيم. سرائڪيءَ ۾ مختصر لکيم. پوءِ هڪدم خيال
آيم ته پنهنجي زبان سنڌي موجود آهي. پوءِ ٻين
زبانن ۾ ڇو لکجي. ٻين زبانن ۾ لکڻ وارا گهڻائي
موجود آهن آءٌ ڇو لکان. ان کانپوءِ ٻين زبانن ۾
لکڻ ڇڏي ڏنم. تاهم ڪجهه شعر ٻين زبانن ۾ لکيا اٿم.
س: ڀلا فارسي يا ٻي ڪنهن زبان ۾ اوهان جو استاد؟
ج: نه ڪوبه استاد ڪونه آهي.
س: اوهان ڪڏهن آزاد شاعري ڪئي آهي؟
ج: آزاد شاعري نالو مون کي پسند آيو آهي. پر مون
اِها ڪئي ڪانهي، آزاد نظم جنهن کي چون ٿا، اهو
بلڪل غلط آهي. آزاد شاعري چئي سگهجي ٿو. مون اِها
ان ڪري نه ڪئي، جو اِها مونکي پسند ڪانهي. ڇا جي
ڪري ته اها ڌارين شيءِ آهي، ڌارين ملڪن مان آندي
ويئي آهي. جهڙي طرح غزل آهي. اِهو ايران مان آيو
آهي. انهيءَ کي آئي صديون ٿي ويون آهن ۽ هاڻ سنڌين
هن کي پنهنجو ڪري ورتو آهي. اهڙيءَ طرح سان جاپاني
شاعري، فرانسيسي شاعري، انگريزي شاعري، آمريڪن
شاعري يا گوئٽي، ٽئگور- انهن جي ملڪن ۾ جيڪي
زبانون آهن، انهن جي ميوزڪ ۽ راڳ جي مناسبت سان
اِها شاعري صحيح آهي. پر اسان جي مزاج سان، اسان
جي موسيقيءَ سان انهيءَ جو ڪو تعلق ڪونهي. آزاد
شاعري ڳائي نٿي سگهجي. انهن ملڪن ۾ اها شاعري
ڳائجي ٿي. اسان وٽ موسيقي جدا آهي. اسان وٽ نڪو
انهيءَ کي ڪو ڳائي سگهي ٿو نه ٻڌي سگهو ٿا. شايد
ڪجهه لکندڙ ناراض ٿين، آءٌ ڪنهن تي به تنقيد ڪونه
ٿو ڪريان، پر مان لکڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. البت خوش
طبعي جي نموني تي ٻه ٽي آزاد نظم لکيا هئا، جن جو
نالو رکيم فري اسٽائل. آزاد جي مقابلي ۾ فري
اسٽائل زبان استعمال ٿيل آهي. انهن ۾ ڪچا لفظ يا
گارگند ڪونهي. پر اُهو ڇاپڻ جهڙو ڪونهي. ڪنهن کي
ڏيکارڻ جهڙو ڪونهي. اها شيءِ منهنجي طبيعت سان
تعلق نٿي رکي.
س: هينئر اوهان فرمايو ته غزل ايران مان اسان وٽ
آيو. ۽ هاڻ سنڌي ٿي ويو. آزاد نظم به ٻاهران آيو
آهي. اِهو به اسان وٽ عام مروج ٿي ويندو؟
ج: صدين کان پوءِ ٿي سگهي ٿو.
س: آزاد نظم کان علاوه فرانس مان ترائيل ۽ سانيٽ ۽
جاپان مان هائيڪو آيا، جيڪي پابند آهن، آزاد ناهن
ج: انهن جي زبان ۾ اِها موزون شاعري آهي، پر اسان
وٽ آءٌ ڀانيان ٿو ته موزون شاعري نه چوڻ گهرجي. پر
رديف ۽ ڪافيي ۾ هنجي پابندي آهي، سٽون هڪجيتريون
آهن ته پوءِ اها شاعري آهي ۽ صدين کان پوءِ شايد
انهن کي سنڌي زبان پنهنجو ڪري وٺي.
س: اوهان آزاد نظم کي جنهن کي مون آزاد شاعري چيو.
اوهان ان کي شاعري مڃو ٿا، يا اها شاعري ڪانهي؟
ج: شاعري يقينن آهي. جتان به آئي آهي، شاعريءَ جي
حيثيت ۾ آئي آهي. نظم جو مفهوم آهي. نظم و نسق.
نظم ۽ آزاد اهي ٻئي تضاد آهن، هن کي آزاد شاعري
چئجي، آزاد نظم نه چوڻ گهرجي.
س: اوهان جي بزم طالب الموليٰ سان جيڪي به شاعر
واسطو رکن ٿا. انهن گهڻو ڪري پابند شاعري ڪئي آهي؟
ج: ان ڪري ته سڀئي پراڻا شاعر آهن، وڏي عمر جا
شاعر آهن. بزم جي وجود کي پنجويهه سال ٿي ويا آهن.
ان زماني ۾ آزاد شاعري هئي ڪونه. ڪي نوان ننڍا
آهن، انهن ڪئي هوندي، ان جي خبر ناهي. پراڻا شاعر،
پراڻي ڳالهه تي هليا اچن. آءٌ به پراڻن شاعرن مان
آهيان.
س: اوهان جي شاعريءَ تي اڪثر اِهو اعتراض هوندو
آهي ته شعرن ۾ فارسي گهڻي هوندي آهي ۽ روائتي
شاعري هوندي آهي. گهڻي ڀاڱي گل و بلبل، ساغر و
مينا جو ذڪر هوندو آهي.
س: علام آءِ آءِ قاضيءَ وٽ منهنجو اچڻ وڃڻ جهجهو
هو. هڪڙي دفعي علامه صاحب ٻڌايو ته ننڍي عمر ۾
ٻار کي جيڪو به سيکاريو وڃي ٿو، ٻڌايو وڃي ٿو، هن
جي حافظي ۾، هن جي شعور ۾ اِهو هميشه محفوظ رهي
ٿو. پنهنجو مثال ڏنائين ته ننڍي عمر ۾ گهر وڃبو هو
ته ڪُڪڙ پَرَ نيڙي پئي هوندي هئي. امان چوندي هئي:
ابا اڄ ڪو مهمان ٿو اچي، ڪڪڙ انهيءَ ڪري ائين
ويٺي آهي. هاڻ وڏي ٿيڻ کان پوءِ مون کي يقين آهي
ته اهو غلط آهي. پر اڄ ڏينهن تائين به، پهريون
دفعو جڏهن اهڙي ڪڪڙ تي نظر پوي ٿي ته امان جي
ڳالهه ياد ايندي آهي. منهنجي تعليم و تربيت جنهن
ماحول ۾ ٿي آهي يا ڏني ويئي آهي..... اڳ مون کي
قرآن شريف پڙهايو ويو. پوءِ سنڌي پڙهائي ويئي،
پوءِ فارسي پڙهائي ويئي. ڪجهه عربي به. فارسيءَ جو
مون پورو ڪورس مڪمل ڪيو. لازمي طرح سان فارسيءَ جا
الفاظ منهجي شاعريءَ ۾ اچيو وڃن. ائين به غزل
جيترو فارسي ۽ عربيءَ جي استعمال سان سهڻو، خوشنما
۽ بهترين لڳي ٿو. اهڙو صفا سنڌي ۾ نه. انهيءَ کان
بهتر آهي ته پوءِ ڪافي لکجي.
ماڻهو انهيءَ ڪري ٿا اعتراض ڪن، جو اڄڪلهه فارسي
پڙهن ڪونه ٿا، سمجهن ڪونه ٿا. انهيءَ ۾ نه ڏوهه
فارسيءَ جو آهي، نه منهنجو. غالب تي به سندن هم
عصر شاعرن اعتراض ڪيو هو ته سندس شاعري تمام گهڻي
فارسي آميز آهي. هن جو جواب هن هڪ رباعيءَ ۾ ڏنو
هو. آخري سٽ مونکي ياد آهي: گويم مشڪل و گر نه
گويم مشڪل. جيڪي ماڻهو فارسي نٿا پسند ڪن، اهي
سنسڪرت ۽ هندي ڇو ٿا استعمال ڪن سنڌي زبان ۾.
انهيءَ ڳالهه تي به اعتراض آهي. جيڪا سنڌي زبان
اسين ڳالهايون ٿا. هينئر اوهان ۽ آءٌ جنهن زبان ۾
ڳالهايون ويٺا، انهيءَ ۾ شاعري ڪجي، اها بهتر آهي.
باقي فارسي نه آڻجي، هندي ۽ سنسڪرت آڻجي، اهو غلط.
س: جديد شاعريءَ جي متعلق اوهان جو رايو؟
ج: جديد شاعري، جنهن جو ذڪر ٿي چڪو.
س: جديد شاعريءَ سان منهنجو مقصد فقط آزاد نظم
ڪونهي. پراڻي شاعري يا پراڻو غزل جيڪو روائتي قسم
۾ هوندو هو، جنهن ۾ گل و بلبل، ساغر ومينا، نرگس ۽
سوسن جو ذڪر هوندو هو. اڄ جي جديد شاعري عوام جي
مسئلن تي ڪجي ٿي. انهن ڳالهين ۽ شين تي ڪجي ٿي، جن
جو واسطو سڌو سنئون زندگيءَ سان آهي؟
ج: اسان جو سنڌي ماڻهو جڏهن تنقيد ڪري ٿو ته تنقيد
جي بدران تريد ڪري ٿو. پر انهيءَ ڳالهه کان پاسي
ٿي ڏسو ته گل و بلبل، ساغر و مينا سان گڏ ايترا ئي
شعر قومي نظر ايندا. ايترا شعر امراء، وزاراءُ،
صدر ۽ اميرن تي نڪتاچيني سان ملندا، جن جي ڪا حد
ڪانهي. آءٌ پنهنجي ڪلام جي ڳالهه ڪريان ٿو. هڪ
دفعي ڪو منهنجو پورو ڪلام پڙهي ڇڏي، پوءِ ٻڌاءِ ته
مون ڇا لکيو آهي. واقعي رڳو گل و بلبل جي تصوراتي
شاعري آهي. ائين ڪونهي. سڄي شاعريءَ جي مطالعي
کانپوءِ به جڏهن ڪير نه سمجهي ته مجبورن ماٺ ڪرڻي
پوندي. حالانڪ ان ۾ اميرن لاءِ تشبيهه آهي، وزيرن،
ملا، واعظ ۽ محتسب تي تنقيد ڪيل آهي. پر اڄلڪلهه
شاعريءَ ۾ هر شيءِ تي لکجي ٿو اهو به بهتر آهي.
مولانا شبلي نعماني پنهنجي ڪتاب
”شعرالعجم“ ۾ لکيو آهي ته شاعر ٻن قسمن جا هوندا
آهن. هڪڙو اهو شاعر جيڪو ٻين لاءِ لکي. انهي کي
خطيب چئبو. ڇاڪاڻ ته هو ٻين کي ٿو خطاب ڪري. هڪڙو
شاعر اهو آهي جيڪو پنهنجون وارداتون، پنهنجا
حادثات ۽ پنهنجا قلبي مشاهدا، پنهنجي لاءِ ٿو لکي.
انهيءَ کي هن وزن ڏنو آهي ته اهو صحيح شاعر آهي،
ڇو ته ڪوبه ڳائڻو، ڪنهن به شاعر کي ڳائيندو ته
ٻڌندڙ ائين محسوس ڪندا ته هيءَ منهنجي ڳالهه پئي
ٿئي. تنهنڪري اهو شعر ۽ شاعر بهتر آهي، جيڪو
پنهنجي صحيح صحيح واردات لکي. ڪڏهن ڪڏهن تصوراتي
ڳالهيون به اچيو وڃن. مولانا شبليءَ جي چوڻ مطابق
اهو فرق آهي ۽ جيڪو ڪرسيءَ تي، کٽ تي، گهوڙي تي،
ٽرئڪٽر تي....
س: قطعه ڪلامي معاف عام هاري، عام ماڻهو....
ج: هاري، گهوڙو، اٺ، هر، ٻني ٻارو. انهن شين تي
لکڻ گهرجي. تمام ضروري آهي ته انهن تي لکجي جنهن
مان هاريءَ کي فائدو ٿئي، گهوڙي سوار کي فائدو
ٿئي. پائلٽ کي فائدو ٿئي ۽ قوم کي فائدو ٿئي. اها
سٺي شيءِ آهي.
س: اوهان فرمايو ته جڏهن اوهان ٻين زبانن ۾ شاعري
شروع ڪئي ته اوهان کي خيال ٿو ته آءٌ پنهنجي سنڌي
زبان ۾ ئي ڇو نه شاعري ڪريان، ته اوهان ڪڏهن اهو
سوچيو آهي ته اوهان جي شاعريءَ ۾ فارسي وڌيڪ
استعمال ڪيل هوندي آهي، عام ماڻهو ته ايتري فارسي
ڄاڻي ڪونه ٿو جيڪڏهن اوهان نج سنڌيءَ ۾ لکندا ته
پڙهندڙ فيض حاصل ڪري سگهندا.
ج: اهڙا غزل به ڪيترائي موجود آهن، جيڪي نج سنڌيءَ
۾ آهن. فرق فقط هيءُ آهي ته ڪنهن به منهنجو سڄو
ڪلام پڙهيو ئي ڪونهي ۽ منهنجي ڪافي ته نج سنڌيءَ ۾
آهي. هر شخص انهي کي سمجهي سگهي ٿو. اڻ پڙهيل
انهيءَ کي سمجهندو.
س: شيخ اياز جي شاعري اوهان پڙهي آهي. اوهان جو
سندس شاعري متعلق ڪهڙو رايو آهي؟
ج: شيخ اياز جي شاعري مون ايتري ڪونه پڙهي آهي پر
ٻه ٽي ڪتاب مون پڙهيا آهن. شيخ اياز جو غزل بلڪل
اهڙو غزل آهي، جهڙو منهنجو فارسي غزل. ”ڀوئنر ڀري
آڪاس“ ۾ اياز جا جيڪي غزل آهن، اهي بهترين غزل
آهن. اهي سڀئي فارسي آميز آهن ۽ ايترا فارسي آميز
آهن، جنهن جي حد ڪانهي. هڪڙو اهڙو طبقو آهي، جيڪو
شيخ اياز جي انهيءَ غلطي کي لڪائي ٿو. پر اها غلطي
ناهي، بهترين شيءِ، وڏي وصف آهي شاعريءَ جي.
”ڀوئنر ڀري آڪاس“ ۾ اياز جا جيڪي غزل مون پڙهيا
آهن، اهي اهڙائي آهن جهڙا منهنجا غزل. انهي کان
علاوه ايران واري جيڪا موزون شاعري آهي، يعني قطعه
وغيره، اهي به ائين لکيا آهن، پر جيڪي وايون وغيره
لکيون اٿس، جيڪي ٺيٺ سنڌيءَ ۾ آهن، اهي به ائين
آهن، جيئن مون ٺيٺ سنڌيءَ ۾ لکيون آهن.
ڪراچيءَ جي هڪ ائسوسيئيشن آهي. مونکي نالو ياد
ڪونهي، اها ٻارهين مهيني، سال ۾ جيڪي ڪتاب نثر ۽
نظم ۾ ڇپبا آهن مونکي موڪليندا آهن. ۽ لکندا آهن
ته جيڪو ڪتاب اوهان کي پسند اچي، انهيءَ تي پنهنجو
رايو لکي موڪليو. مون ڪڏهن به نثر واري ڪتاب تي
راءِ نه ڏني آهي. نظم واري ڪتاب تي هميشه شيخ اياز
جي فائدي ۾ لکيو آهي.
س: اوهان تنوير عباسي ۽ شمشيرالحيدري جي شاعري
پڙهي آهي؟
ج: تمام ٿوري. انهيءَ لاءِ چوندس ته انهن جي سموري
شاعري پڙهان ته پوءِ راءِ ڏيان. ٿورو گهڻو جيڪو
مون مطالعو ڪيو آهي، آءٌ تنوير عباسيءَ کي زياده
پسند ڪندو آهيان.
: ڀارت جي مشهور سنڌي شاعر نارائڻ شيام کي اوهان
پڙهيو آهي؟
ج: نه
س: هڪڙن شاعرن کي رجعت پسند ۽ ٻين کي ترقي پسند
چيو وڃي ٿو. اوهان جي نظر ۾، ٻنهين ۾ ڪهڙو فرق
آهي. اوهان پاڻ کي ڪنهن ۾ شامل ٿا ڪريو؟
ج: رجعت پسند (مخدوم صاحب ڪجهه دير سوچيو، پوءِ
چيائون) آءٌ ڀانيان ٿو ته اسين جيڪي مسلمان آهيون
جيڪي رسول کي مڃون ٿا، اولياءَ گرامي ۽ بزرگن کي
مڃون ٿا، اسين به رجعت پسند آهيون. اهڙي ريت ته
سڀڪو رجعت پسند آهي، سواءِ انجي جيڪو دهريو هجي،
ڪميونسٽ هجي، جيڪو اسلام جا قاعدا قانون نه مڃيندڙ
هوندو، اهو ته ٺهيو، جيڪو مڃيندڙ هوندو انهيءَ کي
رجعت پسند چيو ٿو وڃي. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکجي
يا انهن کي ڇڏي پوءِ رجعت پسنديءَ تي اچجي.
س: ادب ۾ رجعت پسندي جو مطلب هروڀرو مذهب ڏانهن
ڪونهي، اڳي ادب براءِ ادب لاءِ لکبو هو. هاڻ گهڻي
وقت کان ادب براءِ زندگي لکجي پيو. اهڙو ادب جنهن
جو واسطو عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ سان هجي. عام
ماڻهوءَ جا مسئلا هجن. رجعت پسند ادب اهو جيڪو رڳو
پنهنجي لاءِ، تصوراتي، خيالي يا جنهن مان عام
ماڻهوءَ کي ڪو فائدو نه رسي؟
ج: لکڻ ته ماڻهن لاءِ گهرجي. حد کان وڌيڪ رجعت
پسندي به ٺيڪ نه آهي، نه ترقي پسندي. لائين هڪڙي
آهي، جنهن تي بيهڻ گهرجي. پنهنجو هڪڙو شعر ٿو
ٻڌايان:
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ ته پوءِ
پيري ۽ مخدومي رڳو منصب ته ڪونهي.
هاڻ هنکي رجعت پسندي ته ڪونه چئبو. تنهنڪري منهنجي
راءِ مطابق وچ واري حصي، موزون لائين تي بيهڻ کپي.
س: اوهان جو ڪو اهڙو شعر آهي، جنهن لاءِ اوهان اهو
چئي سگهو ته اهو اوهان جي شاعري جي حيثيت سان
سڃاڻپ آهي؟
ج: مونکي ٿورو ويسارو آهي، ڊائبٽيز جي ڪري. ان ڪري
اهڙي قسم جو ڪو شعر ياد نٿو اچي، جيڪو منهنجي
سڃاڻپ جو ڪارڻ هجي؟
س: اوهان يا اوهان جي شاعري ڪنهن شاعر يا ڪنهن جي
شاعريءَ کان متاثر آهي؟
ج: فارسيءَ ۾ خواجه حافظ پسند آهي، اردوءَ ۾ غالب.
سنڌيءَ ۾ شاهه کي ڇڏي، اهڙا تمام گهڻا شاعر آهن،
جيڪي ٿي گذريا آهن، موجود آهن، سٺا شاعر آهن، انهن
کي ياد ڪري، لسٽ ٺاهڻي پوندي. ائين چوڻ ته هيءُ
اول درجي تي آهي. اهو منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي.
س: مون سوال ٻيو پڇيو هو ته اوهان ڪنهن شاعر يا
اوهان جي شاعري ڪنهن شاعر جي شاعريءَ کان متاثر
آهي؟
ج: منهنجي شاعريءَ تي ڪنهن جو اثر هجي. ننڍي عمر
۾، جڏهن مون شاعريءَ جي ابتدا ڪئي ته هالا ۾ محمد
فقير کٽياڻ، سيد مهدي شاه جهانيان ۽ انهن جي ٻالڪن
جو اچڻ وڃڻ گهڻو هو، منهنجي والد صاحب وٽ مون کي
ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ڪو ورلي ملندو هو. آءٌ انهن کي
ٻڌندو هوس. ٿوري وقت کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته
منهنجي شاعريءَ تي هنن جو اثر آهي. هنن جا لفظ،
هنن جو مضمون، جيڪو آءٌ هنن کان ٻڌان پيو، اهڙو ئي
لکان پيو. مون اهو سڄو بڪ ڦاڙي ڇڏيو ۽ اها شاعري
اتي بند ڪيم. ۽ اهو فيصلو ڪيم ته جيستائين الڳ
پنهنجي شاعري نه ڪري سگهندس، تيستائين نه ڪنهن ٻئي
شاعر کي پڙهندس، نه ٻڌندس. جيڪڏهن ٻين کان متاثر
ٿي اهڙو لکيم ته جهڙو لکيم تهڙو نه لکيم. ان
کانپوءِ ڇهه مهينا يا ٻارنهن مهينا شاعري ڪرڻ بند
ڪري ڇڏيم، ان کانپوءِ آهستي آهستي وري شاعري شروع
ڪيم.
اهو لازمي آهي ته جڏهن ٻئي جو شعر ٻڌجي ٿو ته
انهيءَ جو اثر وٺجي ٿو. ٻين شاعرن جي شعرن کي ڏسو
ته ڪنهن نه ڪنهن جو اثر ضرور ورتل هوندو. تهڙيءَ
طرح مون تي به ٻين شاعرن جو اثر ضرور ٿيو هوندو.
ڪوبه شاعر ڪونه هوندو، جنهن تي ڪنهن ٻي شاعريءَ جو
اثر نه هجي. پر مون تي ڪنهن هڪڙي شاعر جو اثر
ناهي.
س: اوهان جي خيال ۾ هڪ وڏي شاعر ۾ ڪهڙيون خوبيون
هئڻ گهرجن؟
ج: منهنجي خيال ۾ خوبيون ته ڳولهڻيون پونديون،
جيڪي ڪنهن ۾ به ڪونهن. جن شاعرن شاعري تي ڪتاب
لکيا آهن، مثال طور مولانا شبلي نعماني پاڻ شاعر
هو ۽ ”شعرالعجم“ شاعريءَ تي ڪتاب لکيا اٿس. جيڪي
شعر جون خوبيون هن ڄاڻايون آهن، سي خوبيون سندس
شعرن ۾ ناهن. سؤ پئسا عيب کان پاڪ ڪنهن جو به ڪلام
ناهي.
س: اوهان جي نظر ۾ سنڌ جي موجوده شاعرن ۾ ڪهڙو وڏو
شاعر آهي؟
ج: ايوب جي دؤر کان وٺي مونکي ڊائبٽيز آهي. اٿڻ
ويهڻ ۾ تڪليف ٿيندي اٿم. ان ڪري ٻاهرين شاعرن سان
گهٽ ملاقات ڪري سگهيو آهيان. مشاعرن ۾ به گهٽ
ويندو آهيان، تنهن ڪري ڪنهن شاعر جو نالو آءٌ نٿو
وٺي سگهان. شيخ ايا کان ڪنهن اهڙو سوال پڇيو. تنهن
جي جواب ۾ هن پراڻي هالا جي ڪنهن مرحوم شاعر جو
نالو ورتو، گل يا ڪو اهڙو تخلص هو هن جو. جنهن
فارسيءَ جو استعمال گهٽ ۾ گهٽ ڪيو آهي. تنهن ڪري
اياز، هن کي پسند ڪري ٿو. آءٌ فارسي استعمال ڪندو
آهيان، ان ڪري مون کي فيض بخشاپوريءَ جو ڪلام پسند
آهي. ڇاجي ڪري ته آءٌ به اهڙي ڍنگ جو ڪلام لکان
ٿو.
س: اوهان جي خيال ۾ سنڌ ۾، غزل جو سڀ کان وڏو شاعر
ڪير هو؟
ج: اهو به ڪونه چئي سگهندس. مون قديم شاعرن کي
ڪونه پڙهيو آهي. نه پڙهڻ جو سبب اهو هو ته متان
لاشعوري طرح ٻين جو اثر قبول نه ڪري وٺان. سو آءٌ
فيصلو ڪري نه سگهندس ته غزل جو بهترين شاعر ڪير
هو.
س: چوندا آهن ته جيڪو سٺو پڙهندو ڪونه ته اهو سٺو
لکي نه سگهندو؟
ج: اهو صحيح آهي، پر مون سان مشڪل اها آهي ته آءٌ
ٻن کي پڙهان ٿو ته انهن جو اثر وٺيو ڇڏيان. اهو
منهنجو پنهنجو خيال آهي. منهنجي پنهنجي پوٽي جميل
الزمان لاءِ ماڻهو چون پيا ته هو منهنجي ڪاپي پيو
ڪري، پر هن هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هن منهنجي شعر
جو اثر ورتو آهي. شاهه لطيف کان نه ڪو اڳي ٿيو
آهي، نه پوءِ ٿيندو. سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. وائي ۽
ڪافي ساڳي شيءِ آهي، نالا ٻه آهن.
ان ڪري آءٌ ٻئي جي شاعري پڙهندي گهٻرائيندو آهيان
ته متان ساڳيون شيون آءٌ ويهي لکان.
س: اهو ضروري آهي ڇا ته ٻين جو شعر پڙهجي ته ان جو
اثر ٿي وڃي؟
ج: ٿي سگهي ٿو. اهڙا مثال ڪئين آهن.
س: شاهه کان علاوه وائي جو ٻيو ڪهڙو سٺو شاعر ٿي
گذريو آهي؟
ج: منهنجي راءِ اها آهي. مون پنهنجي ڪتاب ”ڪافي“ ۾
به لکيو آهي ته وائي ڇا کي ٿو چئجي. مون ڊاڪٽر
دائود پوٽي وٽ شاهه جو هڪڙو رسالو ڏٺو هو، جنهن تي
وائي جي بدران ڪافي لکيل هو. مون ڊاڪٽر صاحب کي
چيو ته مونکي هن رسالي جي ٻن ٽن صفحن جا فوٽو
ڪڍرائي ڏيو. ڊاڪٽر صاحب ائين ڪري ڪونه سگهيو. سندن
وفات کان پوءِ مان سندن بيگم وٽ ٻه ٽي دفعا ويس،
پر رسالو نه مليو.
س: اوهان ٻين زبانن جي ڪهڙن شاعرن کي پڙهيو آهي؟
ج: مون سرائڪي شاعر خواجه فريد کي پڙهيو آهي جنهن
کي مان وڌيڪ پسند ڪريان ٿو. پنجابيءَ شاعر وارث
شاهه جي هير پڙهي اٿم. هو تمام سٺو شاعر آهي.
انگريزي ايتري نه سمجهي سگهندو آهيان. نه اسان وٽ
اهڙو ماحول آهي جو انگريزي ڳالهائجي، تنهن جي باري
۾ آءٌ ڪونه چئي سگهندس. فارسي پڙهيل آهيان. نظامي،
سڪندر، حافظ ۽ ٻيا ڪافي فارسي شاعر پڙهيا اٿم، پر
آءٌ سڀ کان وڌ حافظ کي پسند ٿو ڪريان.
س: فرانسيسي ۽ جاپاني شاعري جيڪا سنڌيءَ ۾ ترجمو
ٿي ڇپي آهي يا ان طرز تي جيڪا سنڌيءَ شاعري ٿي
آهي؟
ج: مون ڪونه پڙهي آهي. مان اهڙو خوش قسمت ناهيان،
جو دوست مون کي اهڙا ڪتاب موڪلين. ڪنجوسيءَ کان ڪم
وٺندا آهن.
س: اوهان پاڻ ڪتاب خريد نه ڪندا آهيو؟
ج: آءٌ شهر وڃان ڪونه. مون ۾ هاڻ توفيق ناهي. پوءِ
ڪيئن پسند ڪريان ۽ وٺان.
س: شاهه لطيف کي اوهان سنڌ جو وڏو شاعر سمجهو ٿا،
يا سندس شمار دنيا جي وڏن شاعرن ۾ آهي؟
ج: شاهه لطيف جو ثاني نه کائنس اڳ پئدا ٿيو هو، نه
کائنس پوءِ پئدا ٿيو آهي نه ان کانپوءِ پئدا
ٿيندو. منهنجي راءِ مطابق شاهه دنيا جو سڀ کان وڏو
شاعر آهي ٻين سمورن ملڪن جي وڏن شاعرن جي شاعريءَ
۾ جيڪي خوبيون آهن، سي سڀ شاهه جي ڪلام ۾ آهن.
س: علام آءِ- آءِ قاضي ٻڌايو هو ته ”سرڪيڏارو“ ته
ڀٽائيءَ جو ڪونهي، ان ڪري پاڻ پنهنجي مرتب ڪيل
رسالي ۾ اهو شامل نه ڪيائون. اوهان جو ان باري ۾
ڪهڙو رايو آهي؟
ج: هير رانجها لاءِ به چوندا آهن ته اهو وارث شاهه
جو ڪونهي. ان کان علاوه ٻين ڪيترن شعرن لاءِ چوندا
آهن ته اهي ڀٽائي جا ناهن. شاهه جي رسالي ۾ ٻين
ڪيترن شاعرن جو ڪلام موجود آهي. تمرفقير،
مخدوم لطف الله، لاکو لطف الله، مخدوم نوح ۽ قاضي
قادن جا بيت به موجود آهن. گهڻن جا سندن نالن سان
موجود آهن. ائين جيڪڏهن شعر ڪڍبا ته پوءِ شاه جو
ڪلام وڃي ٿورو بچندو. منهنجي خيال ۾ علامه صاحب کي
سر ڪيڏارو نه ڪڍڻ گهرجي ها.
س: اوهان جو ڇا خيال آهي ته ڀٽائي جي شاعري ۽ ٻين
جي شاعريءَ ۾ اهڙو فرق ناهي، جو سڃاڻي سگهجي ته
ڪهڙو شعر ڀٽائي جو آهي، ڪهڙو ڪونهي؟
ج: جيڪڏهن ڪو ماڻهو پراڻي سنڌيءَ جو ماهر هوندو،
پراڻن شاعرن کي پڙهيو هوندو، ڀٽائي ۽ ان کانپوءِ
جي شاعرن کي پڙهيو هوندئين ته اُهو اها تميز ڪري
سگهندو. پر اهڙا تمام ٿورا ماڻهو هوندا.
س: اوهان ان ڏانهن توجهه نه ڏنو آهي؟
ج: مون توجهه ڏنو آهي پر جڏهن اهو چئجي ته اهو شعر
ڀٽائي جو ناهي ته ماڻهو چڙيو ٿا پون. مخدوم نوح جو
هڪ بيت آهي.
مرحوم الانا صاحب ٽي وي تي هن بيت کي ڀٽائيءَ جو
چيو ۽ اڌ ڪلاڪ ان تي تقرير ڪيائين.
مون الانا صاحب کي چيو ته، اوهان رڻ ڪري ڇڏيو اهو
بيت مخدوم نوح جو آهي. اوهان تصديق ته ڪريو ها،
زبان ته ڏسو ها، شاهه ۽ مخدوم نوح جي زبانن جو
مطالعو ته ڪريو ها.
س: ڀٽائي جو ڪو اهڙو بيت، جيڪو اوهان کي سڀ کان
وڌيڪ وڻندو هجي؟
ج: ڀٽائي جو پورو رسالو ٿو وڻي، ڪوبه اهڙو بيت
ناهي، جنهن جي لاءِ چئجي ته گهٽ آهي. يادداشت پوري
ڪانهي. پر سر مارئي وڻندو آٿم. انهيءَ سر جو هڪ
بيت آهي
سونهن وڃايم سومرا
س: مختلف عالمن شاهه جا رسالا مرتب ڪيا آهن، علامه
آءِ آءِ قاضي آهي، گربخشاڻي، غلام محمد شهواڻي،
قليچ بيگ، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ، ڪلياڻ آڏواڻي. اوهان ڪنهن جي رسالي کي مستند
سمجهو ٿا؟
ج: منهنجي خيال ۾ شاهه جو رسالو مستند اڃا ٺهيوئي
ڪونهي. البت انهن رسالن ۾، شهواڻي وڏي محنت ڪئي
آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي تمام گهڻيون غلطيون ڪيون آهن.
منهنجو انهيءَ تي هڪڙو مضمون به ٽماهي مهراڻ ۾
ڇپيو هو. گربخشاڻي هر لفظ کي سنسڪرت جو لفظ ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شهر جو ماڻهو هو، تنهنڪري
ٻهراڙي جي نالن ۽ مختلف شين جي ڄاڻ پوري نه هئس.
مثال طور ”ڀيڏي“ (مرئي تي هٿ رکي چيائون) هنکي
ٻول، پاڻ معنيٰ ٻڌائي اٿس ڪرائي. زمين آسمان جو
فرق آهي. اهڙيون ڪيتريون غلطيون ڪيون اٿس. ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ به چڱي محنت ڪئي آهي، ان کي به چڱو
سمجهڻ گهرجي. هن زيرن زيرن سان لفظ پيش ڪيا آهن ۽
خاص خاص لفظن جون معنائون به ڏنيون اٿس. اهي شيون
منهنجي نظر ۾ چڱيون آهن.
مون سنڌي ادبي بورڊ ۾ هڪ تجويز ڏني هئي ته سڄي سنڌ
مان ڄاڻو گڏجي شاهه جو رسالو مرتب ڪن، جيڪو مستند
هجي. باقي شاهه جو ڪلام آهي لاوارث جنهن کي جيئن
ٿو اچي، تيئن ٿو لکي. منهنجي خيال ۾ شاه لطيف
هينئر زنده ٿي اچي ته انهن سڀني تي ڪورٽ ۾ ڪيس
هلائي.
س: علامه آءِ آءِ قاضي جو مرتب ڪيل رسالو اوهان جي
نظرن مان نڪتو آهي؟
ج: جيڪا به ايراني شاعري آهي، قصيدي کان علاوه، سا
مون ڪئي آهي. قصيدي ۾ هوندي آهي وڏن ماڻهن جي
ساراه. مبالغو هوندو آهي، تنهنڪري مون اهو نه
لکيو. باقي نظم، رباعي قطعو ۽ غزل لکيو اٿم.
پنهنجي سنڌي شاعريءَ ۾ بيت، ڪافي ۽ مداح لکي آهي.
س: اوهان هيئت ۾ ڪي تجربا ڪيا آهن؟
س: اوهان سنڌي ادبي بورڊ جا ڪافي سال چيئرمن رهيا
آهيو. اوهان بورڊ جي ترقيءَ لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا
هئا؟
ج: ايوب خان جي دور کان وٺي ضياءُ الحق جي دؤر
تائين آءٌ چيئرمن رهيس. تنهن وقت ۾ بورڊ ويچاريءَ
کي نقدي هزارين رپيا ملندا هئا، جنهن مان پورائي
ڪانه ٿيندي هئي. نوان نوان ميمبر به ايندا هئا.
اسان پنهنجي طرفان گهڻي ڪوشش ڪئي، پر حڪومت بلڪل
توجهه نه ڏنو.
بورڊ هاڻ اچي ترقي ڪئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ نهايت
شاندار ادارو آهي. پر افسوس اهو آهي ته جيڪي ڇپجڻ
جهڙيون شيون آهن، سي پاسيريون پيون آهن.
س: سنڌ ۾ ڪافي صاحب حيثيت شخصيتون آهن جڏهن اوهان
چيئرمن هئا، حڪومت پئسا نٿي ڏنا ته اوهان صاحبِ
حيثيت.....
ج: تعليم جي سلسلي ۾ ڪاليج يا اسڪول، انهيءَ
معاملي ۾ ماڻهو ڪنجوس آهن. پاڻ تي، پنهنجي شوق ۽
ذوق تي لکين رپيا خرچ ڪري ڇڏيندا، پر تعميري ڪمن
تي رپيو به نه ڏيندا. مون ڪوششون به ڪيون، پر
بيسود.
س: اوهان ڪهڙي دؤر کي شاعريءَ جو سٺو دور چوندا؟
ج: آءٌ اهڙو ڪونه دور مقرر ڪري ڪونه سگهيو آهيان.
جهڙي طرح سان اردو
شاعريءَ جا دور مقرر ڪيا ويا آهن ته فلاڻي شاعر
کان فلاڻي شاعر تائين. آءٌ شاعري جو ايترو مطالعو
نه ڪري سگهيو آهيان جو چئي سگهان ته فلاڻي دور ۾
سٺي شاعري ٿي آهي. آءٌ ته چوندس ته هن دور ۾ سٺي
شاعري ٿي آهي. هيءُ اسان جو دور آهي، اسين هن کي
پسند ڪريون ٿا.
س: جنهن مشاعري ۾ اوهين هوندا آهيو، گهڻو ڪري
صدارت اوهان کان ڪرائي ويندي آهي. اها صدارت اوهان
کان وڏي شاعر هئڻ جي ڪري يا وڏي پير هئڻ جي ناتي
سان ڪرائبي آهي؟
ج: اهو ته انهن کان پڇڻ گهرجي جيڪي صدارت ڪرائين
ٿا. پر آءٌ ڪيترن اهڙن مشاعرن ۾ شريڪ ٿيو آهيان،
جنهن ۾ صدارت ٻئي جي هوندي آهي. سنڌي ساهت سال
وارو ڪراچي جو مشاعرو تمام عظيم الشان مشاعرو هو،
اسي کن شاعر اتي هئا. صدارت تنوير عباسي جي هئي،
مان هڪ عام شاعر جي حيثيت شريڪ ٿيو هوس.
ڪو مون کي عزت ڏيئي صدارت ڏئي ٿو، اها ٻي ڳالهه
آهي. ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته مون چيو هجي ته
منهنجي صدارت نه هوندي ته آءٌ ڪونه ايندس.
س: شاعريءَ ۾ جيڪو مرتبو اوهان کي حاصل آهي، اوهين
ان مان مطمئن آهيو؟
ج: آءٌ بلڪل مطمئن آهيان. جيڪڏهن اوهان مون کان
پڇو ته ڪهڙي شاعر جي شاعري اوهان کي بهترين لڳي ٿي
ته آءٌ پنهنجو نالو وٺندس. پر جيڪڏهن اهو پڇو ته
ڪهڙي شاعر جي ڪلام ۾ سڀ کان وڌيڪ عيب آهن، ته به
آءٌ پنهنجو نالو وٺندس. ڇاجي ڪري ته مون پڙهيو آهي
پاڻ کي.
س: اوهان جي خيال ۾ ڪهڙي قسم جو ادب تخليق ٿيڻ
گهرجي؟
ج: ادب ۾ نثر ۽ نظم ٻئي اچيو ٿا وڃن. اڄڪلهه ماڻهو
وڌيڪ روشن خيال آهن. اڄڪلهه وڌيڪ پڙهيل، وڌيڪ
سمجهو آهن. جيڪي تجربا ڪيا ويا آهن، يا جيڪو
اڄڪلهه لکجي پيو، اهوئي بهتر آهي.
س: هڪ مبلغ ۽ اديب ۾ ڪهڙو فرق آهي، جڏهن ته ٻئي
معاشري کي سڌارڻ چاهين ٿا؟
ج: مبلغ ملا هوندو آهي. انهن منجهه ضديت هوندي
آهي. اڪثر تبليغ ڪندڙن کي ٻيا گهٽ درجي جا نظر
ايندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ کي عبادت ۾ ٻين کان
وڌيڪ سمجهندو آهي. مبلغ پاڻکي بهتر سمجهي، ٻئي کي
گهٽ سمجهي ڳالهائيندو آهي. پر اديب ٻين کي قرب جي
نظر سان ڏسندا آهن. اديب ٻين کي معاشري ۾ سٺي مقام
تي پهچائڻ چاهيندا آهن. ٻنهي ۾ اهو فرق آهي.
س: ڪا اهڙي ڪهاڻي جيڪا اوهانکي وڻي هجي؟
ج: هڪ تاريخي ڪهاڻي واقعي مون کي پسند آهي. يوسف
شاهين پنهنجي ڪتاب ”اندر ۾ اُهاءُ“ جي مهاڳ ۾ ڏني
آهي. ڄام ٻانڀيڻي جي ڪهاڻي آهي. انهيءَ مونکي ڏاڍو
متاثر ڪيو.
س: اها ته لوڪ ڪهاڻي آهي. منهنجو مقصد جديد ڪهاڻي.
ج: اهي پڙهيون ڪونهن
س: ٻڌو هوسين ته جنهن ڏينهن ٽي- ويءَ تان ڊرامو
جنگل ڏيکاربو هو، اوهان جي چوڻ تي هالا جي بجلي
بند رهندي هئي، ڇاڪاڻ ته هن ڊرامي ۾ پيرن ۽ مرشدن
کي گهٽ ڪري ڏيکاربو هو؟
ج: ايئن قطعاً غلط آهي. جن اها ڳالهه ڪئي آهي،
آُهي ويچارا خيرخواه ناهن، بدنام
ڪرڻ جون اهي ڳالهيون اٿو. ٽي- ويءَ جو شوق مونکي
قطعاً ڪونهي، پر اهو پروگرام آءٌ ڏسندو هوس. ڀٽي
صاحب جي ڏينهن ۾ اهڙا ڪيئي ڊراما نشر ٿيا. جن ۾
پيري مريدي جي گهٽتائي ڏيکاري ويئي. اسان ڏاڍي
دلچسپيءَ سان اهي ڏسندا هئاسين. تڏهن هڪڙو ڊرامو
ڏٺو هو، جنهن ۾ پير پاڻ کي انڌو ظاهر ڪندو آهي، پر
هوندو سڄو آهي. هن جا ڪرتب، هن جو فن، ڏاڍي
دلچسپيءَ سان ڏٺاسين.
س: اوهان عملي سياست ۾ ڪڏهن حصو ورتو؟
ج: منهنجي سياست شروع ئي هالا ميونسپلٽيءَ کان ٿي،
تنهن وقت منهنجي عمر ننڍي هئي، ارڙهن سال يا ڪجهه
گهٽ. هالا ميونسپلٽيءَ جو چيئرمن منهنجو ننڍو چاچو
غلام حيدر هو. انهيءَ جي چوڻ ۽ ڪوشش تي آءٌ ميمبر
ٿيس. جلد پاڪستان ٿيو، جڏهن ايوب خان جو دور آيو
تڏهن اڳتي وڌڻ شروع ڪيم.
س: سياست ۾ اچڻ جو ڪارڻ ڪهڙو هو؟
ج: شروع ۾ ته سمجهه ئي ڪانه هئي ته ميمبر ڇو ٿيو
آهيان. پر جڏهن ميونسپلٽي جي ٻي اليڪشن آئي ته
ازخود چيم ته مونکي کڻو. منهنجي چاچي چيو، اڳ ۾ ته
تيار نه پي ٿئين، هاڻ پاڻ پيو چوين. چيم، هتي فلاح
۽ بهبود، تعليم ۽ ماڻهن جي سڌاري لاءِ ڪم ڪري
سگهجي ٿو. خدمت خلق ڪري سگهجي ٿي. تنهن ڪري بهرو
وٺان ٿو. بهرحال، جهڙيءَ طرح ڪم ڪرڻ گهريم ٿي،
اهڙيءَ طرح پڇاڙيءَ تائين ڪري ڪونه سگهيس.
س: سنڌ ۾ اوهان وانگر پير پاڳاري جي به اهم حيثيت
آهي. سندس حر فوج آهي، جنهن مارشل لاحڪومت جي مدد
ڪئي، ۽ 1983 واري جمهوري تحريڪ جي خلاف پڻ حڪومت
جي مدد ڪئي. اوهان جا به لکين مريد آهن، اوهان به
اهڙي ڪا فوج ڇو نٿا تيار ڪريو، جيڪا وقت پوڻ تي
سنڌ جو بچاءُ ڪري سگهي؟
ج: ايوب جي پوين ڏينهن ۾ ايوب خان کي، ۽ پوءِ ڀٽي
صاحب کي چيم ته: اسانکي سنڌ رجمنٽ گهرجي، مهرباني
ڪري سنڌ رجمنٽ ٺاهي وڃي. چيائون: تون گهڻا ماڻهو
ڏيندين. چيم: فوري طرح پنج سئو ماڻهو ڏيندس.
انهيءَ ڳالهه کي ڍر ڏني ويئي، تان جو ڳالهه ختم ٿي
ويئي. ۽ ايوب صاحب به هليو ويو، وري ڀٽو صاحب آيو،
وري ڀٽي صاحب سان ڳالهايم ته اوهانکي منهنجي تجويز
جي خبر آهي، توهين پاڻ به انهيءَ ڳالهه ۾ شامل
هئا. هاڻ وري سنڌ رجمنٽ جو مطالبو اوهان وٽ کڻي
آيو آهيان. جيئن ٻيون رجمنٽ آهن، تيئن سنڌ رجمينٽ
به ٺاهي وڃي. ڀٽي صاحب چيو ته ٺيڪ آهي. ڪجهه ڏينهن
مون ڏٺو، پر ڏٺم ته ٿڌائي پئي ٿئي. تنهنڪري مون
قومي اسيمبلي ۾ سنڌ رجمينٽ ٺاهڻ جي تجويز پيش ڪئي.
پنجابين انهيءَ جي مخالفت ڪئي، مون انهيءَ تي
ڳالهايو. ڪرنل حبيب الرحمان انهيءَ جي مخالفت ۾
ڳالهايو، چيائين ته سنڌ ڇا آهي، سنڌين ۾ ڪجهه
ڪونهي، سنڌين ۾ حال ڪونهي. سنڌي تمام ڪمزور ماڻهو
آهن. مونکي چيائين: اوهين هروڀرو تڪليف ٿا ڪريو،
سنڌي ڇا ڪندا. مون هنجي مخالفت جي جواب ۾ غالب جو
هي شعر پڙهيو:
پوءِ ڀٽي صاحب کي مجبور ڪيم، هڪڙي ڏينهن، رمضان جي
مهيني ۾ ڀٽي صاحب افطار پارٽي تي سڏايو چانهن
پيئندي چيائين، هاڻ چئو. چيم: سنڌ جو ڪر مٿي ڪريو.
اوهان کان پوءِ نه ڄاڻ ڪير ايندو، اهو تاريخي ڪم
آهي. مون کي ڇڏي ڏيو، اوهين اهو ڪم ڪريو، اوهين
اهڙو اعلان ڪريو.
چيائين: چڱو سڀاڻي يارهين لڳي اچجو. انهن ڏينهن ۾
ٽڪا خان چيف آف اسٽاف هو، انهي کي ۽ سيڪريٽري غياث
الدين کي فون ڪري چيائين ته سڀاڻي يارهين وڳي مون
وٽ اچجو، غياث الدين مهاجر هو پر سڏائيندو راشدي
هو. ٻئي ڏينهن آءٌ پهتس، ڀٽي صاحب سان گڏ هو ٻئي
به ويٺا هئا، ڀٽي صاحب منهنجي لاءِ چيو ته اوهان
هنجي تقرير ٻڌي هوندي. هن جو مطالبو آهي ته سنڌ
رجمينٽ ٺهي. هاڻ توهين ڳالهايو. ٽڪا خان ٿورو
ڳالهايو، باقي وقت چپ رهيو، البت غياث الدين گهڻو
ئي نٽايو ۽ بهانا بڻايائين. مون ائين محسوس ڪيو ته
ٻئي اڳ ۾ ڪو صلاح مشورو ڪري آيا آهن، ڳالهه کي ٿڌو
ڪري ڇڏي ڏجي. مون کين اهو به چيو پر هنن چيو ته:
نه ڪنداسين. چيم ته: مهرباني ڪري آرڊر ڪريو. پر ٻه
ٽي ڳالهيون منهنجيون مڃڻيون پونديون. پڇيائون: اهي
ڪهڙيون چيم: سنڌ رجمينٽ لاءِ ماڻهن کي حيدرآباد ۾
ٽرئننگ ڏني وڃي. جڏهن ٽرئننگ پوري ٿئي ته ڀلي
جيڏانهن وڻي موڪليو. چيائون ته: ها ائين ڪنداسين،
ڳالهه پوري ٿي آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس. وري انهي ڳالهه
لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾، مير اعجاز جي دعوت ۾ هڪ
ميٽنگ ٿي، مونکي به ڀٽي صاحب سڏايو، اتي وري هنن
چيو ته حيدرآباد ۾ ته ماڻهن جي رهائڻ لاءِ جاءِ
ڪانهي، تنهن ڪري ڪن کي سکر، ڪن کي سنڌ ۾ ٻين هنڌن
تي، ڪن کي سهالا موڪليو.
مون ڀٽي صاحب کي چيو ته اهي ڳالهيون نٽائڻ جون
آهن. سنڌين کي پنجابي ٽريننگ وٺڻ ئي ڪونه ڏيندا،
ڏاڍو تنگ ڪندا. انهن کي تڪليفون ڏئي ڀڄائي ڪڍندا
اوهان اسيمبليءَ ۾ منهنجي مخالفت ۾ تقرير ٻڌي
هوندي . تنهن ڪري مهرباني ڪري حيدرآباد ۾ رڳو، ٻي
صورت ۾ سکر ۾.
نيٺ هلي هلي اهو فيصلو ٿيو ته اڌ سکر ۾ اڌ
حيدرآباد ۾. مون چيو: اسانکي سنڌي آفيسر گهرجي.
چيائون سنڌي آفيسر ڪهڙو آهي. مون چيو: محمد بچل
سومرو، جيڪو تڏهن ڪرنل هو، يا ٻيو ڪجهه. چيائون،
حيدرآباد ۾ بئرڪن جي هڪ ونگ خالي ٿا ڪرايون، اتي
رکنداسين ۽ ٽرئننگ ڏينداسين.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، محمد بچل هالا ۾ مون وٽ آيو.
هن چيو ته: ونگ ته خالي نٿي ٿئي، اُتي رهيل ماڻهو
ڪيڏانهن ويندا. مون کي چيو ويو ته ماڻهن کي
موڪليو. ڪن کي پشاور، ڪن کي بلوچستان، ڪن کي
سهالا، ڪن کي ٻين هنڌن تي. چيم: ائين ڪيئن ٿيندو.
جيڪي هتان صوبيداري جي ٽرئننگ وٺڻ لاءِ پنجاب وڃن
ٿا، انهن جي ئي ٻيڙي ٻوڙيو ڇڏين، ۽ اسان جا ۾
ماڻهو هوڏانهن ڪڏهن ويا به ڪونهن. بهرحال ڳالهيون
ڪري ڪري، ڀٽي صاحب وٽ هلي هلي، اسيمبليءَ ۾ گوڙ
ڪري ڪري ويهي رهيس ڪم ڪونه ٿيو. ۽ مجبورن مونکي
اهي لفظ چوڻا ٿا پون ته ڀٽي صاحب انهي ۾ دانسته
سستي ڪئي، انهي ڪري اها ڳالهه رهجي ويئي. ۽ مون
واري تجويز مير علي احمد خان اچي بحال ڪرائي. تاهم
به اسان جا مجاهد موجود آهن، هن وقت به ڪافي تعداد
۾ مجاهد آهن ۽ پنهنجي ڊيوٽيءَ تي قائم آهن.
س: هن وقت جيڪا سنڌ رجمينٽ قائم ڪئي ويئي آهي،
اوهين انهي مان مطمئن آهيو؟
ج: اها نالي جي آهي
س: انهيءَ جو ڪارڻ؟
ج: جيڪڏهن حڪومت جو ساٿ نٿا ڏيون ۽ مخالف ٿي ويهون
ٿا ته ماڻهن جا ڪم نٿا ٿين. جيئن هينئر اسان جا ڪم
نٿا ٿين. اسان جا سڀئي ماڻهو رڙيون پيا ڪن، ڌڪا
پيا جهلن. حڪومت جا جيڪي نالائق ماڻهو آهن اهي به
لائق ٿيو پيا هلن، تنهن ڪري مجبورن حڪومت کان ڪم
وٺڻ جي ڪري، حڪومت سان رهڻو ئي ٿو پوي.
س: پهرين اوهان مسلم ليگ ۾ هئا. پوءِ پيپلز
پارٽيءَ ۾. ٻنهي جي منشور ۾ تمام گهڻو فرق آهي.
اوهان پي پيءَ جي منشور ڪري ان ۾ شامل ٿيا هئا،
ڀٽي صاحب جي دوستيءَ جي ڪري يا جيئن اوهان ٻڌايو
ته حڪومت ۾ شامل نٿا ٿيون ته ڪم نٿا ٿين؟
ج: مسلم ليگ جو ڪم هو پاڪستان ٺاهڻ. ٺهڻ کان پوءِ
هنجو ڪم پورو ٿيو، مسلم ليگ ختم ٿي ويئي. صدر ايوب
اچي ڪجهه وقت لاءِ جيئرو ڪيس. ڀٽو صاحب نوجوان
ماڻهو هو، هن جي منشور ۾ تمام سٺيون ڳالهيون هيون،
تنهنڪري بنا حجاب ان ۾ شامل ٿياسين.
س: اوهان فرمايو ته مسلم ليگ ختم ٿي چڪي آهي،
پيرپاڳارو ته شروع کان مسلم ليگ ۾ شامل آهي، ۽
سندس چوڻ مطابق مسلم ليگ موجود آهي؟
ج: ضياءُ الحق کان وٺي محمد خان جوڻيجي تائين سڄي
حڪومت مسلم ليگ جي فائدي ۾ آهي. وزير اعظم پاڳاري
جو آهي، انهيءَ کي ڪڍي ڇڏين ته پير صاحب به مسلم
ليگ مان هٿ ڪڍي وٺندو.
س: اوهين اينٽي ون يونٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيا هئا،
جيڪا جي.ايم.سيد قائم ڪئي هئي. ان مان الڳ ٿيڻ جا
ڪارڻ؟
ج: جي.ايم.سيد جا لفظ آهن ته اسان اوهان کي هن
پوزيشن ۾ ڏسڻ پسند نٿا ڪريون. يعني هرڪو ٿو چوي
پير صاحب، مخدوم صاحب. جيستائين اوهان جي اها
حيثيت ختم نه ڪنداسين سک سان نه ويهنداسين. تنهن
ڪري ڌڪاري ڪڍي ڇڏيائون. پوءِ لاچار اسان کي به
ڪونه هو. پوءِ وڃي ادبي ڪم کي لڳاسون.
س: هينئر ملڪ کان ٻاهر وڃڻ وقت اوهانجي جي ايم سيد
سان ملاقات ٿي هئي. ڇا سيد سان ڪنهن ڳانڍاپي جو
امڪان آهي؟
ج: جي.ايم.سيد جيڪو سدائين ڳالهه ڪندو آهي ته سنڌ
۽ سنڌين کي حق ملڻ گهرجن. سنڌي ماڻهن کي گڏجي،
منجهن اتفاق ڪجي. جيڪي اثر رسوخ وارا آهن، جيئن بي
نظير ڀٽو آهي، پير صاحب پاڳارو آهي. انهن سڀني کي
ساڻ کڻجي. اهي تمام سٺيون ڳالهيون آهن. انهيءَ
سلسلي ۾ ملاقات ٿي هئي.
س: سنڌي بلوچ پختون فرنٽ جي باري ۾ اوهان جو ڇا
خيال آهي؟
ج: فرنٽ جو پروگرام مون پوري طرح پڙهيو ناهي. سندن
منشور پڙهجي ته پوري ڄاڻ پوي. باقي جيڪي هنن جا
خيال اخبارن ۾ پڙهيا اٿم سي چڱا آهن ته مرڪز وٽ
فقط ٽي چار محڪما هجن، باقي سڀئي صوبن وٽ. ائين
ٿيندو، انهيءَ لاءِ في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي.
ٽي سال اڳ، لنڊن ۾ ممتاز ڀٽي مونکي مانيءَ تي سڏيو
هو. اتي حفيظ پيرزادو ۽ ڄام صادق به هئا، اتي اهڙي
ڪا ڳالهه نڪتي هئي. پوءِ اسان جي ملاقات به ڪونه
ٿي آهي.
س: پر ايم.آر.ڊي واري تحريڪ ۾ اوهان پنهنجا تمام
گهڻا ماڻهو گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيا؟
ج: ان ۾ سڀ گڏ ٿيا. ڀٽي صاحب ڀيري سڀ گڏ ڪونه ٿيا.
ايم.آر.ڊي وارو مسئلو به تمام وڏو هو. جتوئي صاحب
به......
(مخدوم صاحب ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني).
س: اوهان جي خيال ۾ جتوئي صاحب بي پي ڇو ڇڏي؟
ج: جتوئي صاحب لاءِ جي.ايم.سيد جو هڪ اخباري بيان
مون پڙهيو هو ته مون ڀٽي صاحب کي چيو هو ته، جتوئي
توهان سان بيوفائي ڪندو ۽ توهان کي ڇڏي ويندو.
جتوئي صاحب جي آءٌ ايترو ويجهو ڪونه هئس. منهنجي
خيال ۾ حالتون اهڙيون ٿي ويون جو جتوئي صاحب جيڪو
ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿي، اهو ڪري نٿي سگهيو. عهديدارن
جي جيڪا لسٽ بينظير ٺاهي هئي، اها جتوئي صاحب کي
پسند نه هئي، تنهنڪري اها اخبارن ۾ به نه ڏنائين.
انهن ڳالهن تان ڪجهه بينظير کٽي ٿي پئي، ڪجهه
جتوئي صاحب. انهيءَ ڪري جتوئي صاحب پيپلز پارٽي
ڇڏي وڃي پنهنجي پارٽي ٺاهي. منهنجو اندازو آهي ته
نئين پارٽي ٺاهڻ جو پراڻو پروگرام هو.
س: مخدوم خليق پي پي سنڌ جي صدارت تان استعفيٰ ڇو
ڏني. ٻڌو اٿئون ته ان لاءِ حڪومت اوهان تي دٻاءُ
وڌو هو؟
ج: قطعي نه. خليق خانداني حالتن جي ڪري، زمينداري
ڪمن ڪارن جي ڪري استعفيٰ ڏني. هر ڪنهن جي ٻني الڳ
الڳ آهي. جيڪڏهن پارٽيءَ جي ڪمن ۾ مشغول ٿئي ٿو ته
زمين ڏانهن ڪمي ٿي ٿئي ۽ زمينن ڏانهن ٿو توجهه ڏي
ته پارٽيءَ جا ڪم ٿا رلن. انهيءَ ڪري جڏهن ڏٺائين
ته. ٻئي ڪم هڪ وقت ۾ نه ٿي سگهندا ۽ پوءِ بدنامي
ٿئي، تنهنڪري سوچي سمجهي استعفيٰ ڏنائين.
س: پر اخبارن ۾ ته آيو هو ته بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي
هئي، اوچتو.....
ج: اهي ڳالهيون اوچتوئي وجود ۾ اينديون آهن،
حالانڪ ڳالهيون ٻولهيون، بحث مباحثا ٿيا هئا. بي
نظير انڪار ڪيو ٿي، ڇاڪاڻ ته کيس اهڙو ٻيو ماڻهو
نٿي مليو. استعفيٰ کانپوءِ به خليق بينظير سان
مليو هو، کيس پنهنجيون حالتون ٻڌائي مطمئن ڪيائين.
س: اهو به چئجي ٿو ته مخدوم خليق سنڌ جي ڳالهه ڪري
ٿو، جيڪا پنجاب کي نٿي وڻي، تنهنڪري کيس الڳ ڪيو
ويو؟
ج: سنڌ جي ڳالهه ڪئي، ڪري ٿو ۽ ڪندو رهندو. انهيءَ
ڳالهه کي اسين سڀئي پسند ٿا ڪريون. البت پيپلز
پارٽيءَ کي پنجاب جي حمايت جي ضرورت آهي، اقتدار
تڏهن ئي حاصل ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري پيپلز پارٽي
۾ ڪي اهڙيون شخصيتون آهن، جيڪي آمريڪا ۽ پنجاب جي
فائدي ۾ آهي، جيڪي آمريڪا ۽ پنجاب جي خلاف ڳالهائڻ
پسند نٿا ڪن. اهي چاهين ٿا ته ڪوبه ماڻهو سنڌ جي
ڳالهه نه ڪري ۽ خليق سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو. اها
ڳالهه غلط آهي ته بينظير خليق کي هٽايو آهي. خليق
پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ ويٺو
آهي.
س: بينظير ڀٽو هالا ۾ اوهان سان ملڻ آئي، ڪو هم
مسئلو هو؟
ج: ڪو خاص مسئلو ڪونه هو. خيرپور مان موٽي ته هالا
مان لنگهندي اسان وٽان ٿيندي ويئي. مخدوم نوح جي
درگاهه ۾ جيڪو باهه جو واقعو ٿيو هو، انهي تي ڏک
جو اظهار ڪرڻ آئي هئي. درگاهه لاءِ مدد جي به آڇ
ڪيائين.
س: اوهان جي تمام گهڻن ماڻهن سان ملاقات رهي آهي
اوهان ڪهڙي سياسي ليڊر کان متاثر ٿيا آهيو؟
ج: ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان منهنجي
ويجهڙائي رهي آهي، تنهنڪري انهن کي پسند ڪريان ٿو.
س: اوهان جڏهن ملڪ کان ٻاهر ويا ٿي، تڏهن ڪراچيءَ
۾ ٻيا ليڊر اوهان سان ملڻ آيا هئا، بي نظير اوهان
سان ملڻ نه آئي؟
ج: بي نظير مونکي موڪليو هو، اچڻ نه اچڻ سان ڪو
فرق ڪونه پيو.
س: ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان اڳ اخبارن لکيو هو ته
اوهان بيگم ڀٽو سان به ملندا، پر اوهان مليا ڪونه؟
ج: اخبارن پنهنجي طرفان لکي ڇڏيو هو. فرانس جي
ويزا اسان ورتي ئي ڪانه هئي.
س: مهاجر قومي موومينٽ اوچتو وجود ۾ آئي ۽ جلدي
زور وٺي ويئي. هينئر هنن جا پٺاڻن ۽ پنجانين سان
جهيڙا ٿيا آهن. اوهان جو ڇا خيال آهي ته اڳيان هلي
اهي سنڌين لاءِ خطرو نه بڻبا؟
ج: في الحال اهي سنڌين سان لهه وچڙ ۾ اچن پيا ۽
اچڻ به کپي. انهن کي سنڌي سڏائڻ گهرجي. ڀلي اردو
ڳالهائين، اسان وٽ سنڌ ۾ آهي ته سنڌي آهن. باقي
اڳيان وقت اچي ته خبر پوي.
س: مهاجرن لاءِ اسان کي ڪهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ
گهرجي؟
ج: جيڪو سنڌي ڀاءُ ٿي هلي، سنڌي ڀاءُ جي حيثيت سان
سان ڳالهائي، تنهن سان گڏجي هلجي.
س: پيپلز پارٽي ڳالهه ڪري ٿي مضبوط مرڪز جي. سنڌي
عوام مضبوط مرڪز جي ڳالهه ڪري ٿو. اوهان ڇا ٿا
سمجهو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته سنڌ کي
فائدو ورندو؟
ج: اسين اميد ته اها ئي رکون ٿا. انهيءَ وقت مضبوط
مرڪز رڳو پنجاب لاءِ نه هوندو، سڀني صوبن لاءِ
هوندو. صوبن کي پنهنجا پورا حق ملڻ گهرجن.
س: ڀٽي صاحب جي ڏينهن ۾ اوهانکي هڪ مل جو لائسنس
مليو هو، جيڪو اوهان وڪڻي ڇڏيو؟
ج: ڀٽي صاحب جي ڏينهن ۾ نه، ايوب خان جي ڏينهن ۾.
ٿي سگهي ٿو ته ڀٽو صاحب تڏهن وزير هجي. تڏهن
ٽيڪسٽائل مل لاءِ ٻين 12 ماڻهن سان گڏ مونکي به
لائسنس مليو هو. ايوب خان چيو هو ته وڪڻبي ڪانه ۽
پاڻ لڳائبي. پر پر ڪاروباري ماڻهن اهڙو انتظام ڪيو
جو بينڪن مان قرض مليو ئي ڪين. ٻين 12 ماڻهن اهي
لائسنس وڪڻي ڇڏيا پر اسان وٽ اهو لائسنس ائين جو
ائين رهجي ويو.
س: اوهان جي شجري متعلق به ڪجهه غلط فهمي آهي؟
ج: اڳي جيڪو اسان جو شجرو هو، اهو عبدالرحمان بن
ابوبڪر سان مليو ٿي. مرحوم اسدالله شاهه تحقيق ڪري
شجرو وڃي محمد بن ابوبڪر سان ملايو. اهو صحيح شجرو
آهي. درگاه تي به اهو شجرو رکيل آهي. ڪي ماڻهو اڃا
به شجري تي ڪم ڪري رهيا آهن.
س: اوهان جي گاديءَ کي نوَ لک جي گادي چئجي ٿو. ڇا
واقعي نو لک مريد آهن؟
ج: اڳي ايترا هئا. هاڻ ته ٻيڻا ٽيڻا هوندا.
س: برسات جي پڙهندڙن لاءِ ڪو نياپو؟
ج: قرآن ۽ سنت تي عمل ڪريو. پاڻ ۾ وڌ ۾ وڌ حب
الوطني پيدا ڪريو.
هفتيوار برسات شمارو 17، جلد 17، 1988ع
|