سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:7 

آزاد قاضي

سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم محمد زمان

طالب الموليٰ جا تعلقات

 

سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ نه رڳو هڪ ٻئي جا همعصر هئا، پر عملي زندگيءَ جا ڪيترائي اهڙا شعبا آهن، جن جا ٻئي شهسوار هئا. نه رڳو ايترو پر مخدوم صاحب جيڪو سائين جي.ايم.سيد جو ننڍو همعصر هو ۽ عمر ۾ کانئس 15 سال ننڍو هو، پر سندن هڪ ٻئي سان قربت جا بنيادي سبب اُهي قديم خانداني لاڳاپا هئا، جيڪي مخدوم ظهيرالدين صاحب جي وقت کان مخدوم خاندان ۽ سنائي سيدن وچ ۾ هلندڙ هئا. خانداني لڳ لاڳاپن واري دنيا وسيع ٿئي ٿي، ان ۾ زماني سازي سبب ڪيئي لاها گاها اچن ٿا، اهو ٻنهي ڌرين جي صلاحيتن تي منحصر آهي ته اُهي اهڙن لهرن ۽ لوڏن ڀري دنيا مان ڪيئن ٿا لڏي لمي پار پون ۽ ڪيتري حد تائين ناتا نڀائين ٿا.

سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم ’طالب الموليٰ‘ جي تعلقات کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ اسان کي مٿي ذڪر ڪيل خانداني پس منظر ۽ ابتدائي تعلقات تي نظر وجهڻي پوندي.

سائين جي.ايم.سيد، مخدوم طالب الموليٰ جي ڏاڏي مخدوم ظهيرالدين صاحب جو تذڪرو ڪندي لکيو آهي ته سندس:

”منهنجي والد سان دوستي هئي. هو مون کي پدِرانه شفقت ۽ محبت جي نگاهه سان ڏسندو هو.“ (سيد، 2004ع، ص 90)

مٿئين جملن مان مخدوم خاندان سان، سيد خاندان جي ديرينه تعلقات جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو. اهڙي نوعيت وارن تعلقات سبب روزمره جي معاملن ۾ هڪ ٻئي سان صلاح مصلحت واري مقصد سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لازمي ٿيو پوي. مخدوم ظهيرالدين سائين جي.ايم.سيد کان وڏو هو، انڪري ئي سيد صاحب پاڻ سان روين بابت، پدرانه شفقت جهڙو جملو استعمال ڪيو آهي. ايتري قربت سبب مخدوم صاحب سيد صاحب جي شروعاتي ڪمن ڪارين بابت پڻ خبر چار وٺندو رهندو هو. اهوئي سبب هو، جنهن ڪري 1924ع ۾ جڏهن سيد صاحب مٽياري سيدن جي ڪانفرنس سڏرائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو هو. تڏهن مخدوم ظهيرالدين صاحب کيس پاڻ وٽ گهرائي ان ڪم واري مقصد جي حاصلات بابت پڇا ڳاڇا ڪري، کيس پنهنجي نيڪ صلاحن سان نوازيو هو. سائين جي.ايم.سيد لکي ٿو:

’مون کيس ٻڌايو ته ان مان منهنجو مطلب هن طبقي جي اخلاقي اصلاح آڻي، کين خلق خدا جي خدمت ۽ سندس بزرگن وانگر هدايت ۽ صحيح تعليم ڏيارڻ طرف راغب ڪرڻ آهي. جنهن تي صلاح بيٺي ته مٽياري سيدن جي انجمن ٺاهڻ بعد، لڪيارين جي انجمن ٺاهي، ساريءَ سنڌ جي سيدن، پيرن جي ڪانفرنس سڏائجي. کيس ان ڳالهه جو اهڙو اونو هو، جو وقت بوقت لکي پڇندو هو ته انهيءَ ڳالهه ڪيتريقدر واڌارو ڪيو آهي.‘ (سيد، 2004ع، ص 90)

اڳتي هلي مخدوم خاندان جو ڪاروهنوار جڏهن مخدوم غلام حيدر جي هٿ هيٺ آيو، جنهن سان سيد صاحب جي خانداني لحاظ کان، سندس والد مخدوم ظهيرالدين سان ميل ملاقات دوران 1922ع کان واقفيت ٿي چڪي هئي. ان واقفيت سبب آهستي آهستي ٿي سندن پاڻ ۾ دوستاڻو رستو ٿي ويو هو. پر سندن اهو رستو 8-10 سالن اندر سياسي مخالفت جي ور چڙهي ويو. ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي سائين جي.ايم.سيد لکي ٿو:

’اهو آخر تائين هلندو اچي ها، جيڪڏهن سياسي ڳالهيون انهيءَ ۾ رُخنو نه وجهن ها.‘ (سيد، 2004ع، ص 258)

اهي سياسي ڳالهيون جن جو مخدوم خاندان ۽ سيد خاندان جي قديمي تعلقات تي اثرانداز ٿيو، انهن جي ابتدا ڪجهه هن ريت ٿي. 1928ع ۾ جڏهن سيد ميران محمد شاهه بمبئي ڪائونسل ۾ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر طور اليڪشن وڙهي رهيو هو، ان وقت خانداني تعلقات سبب، سائين جي.ايم.سيد جي خواهش تي، مخدوم غلام حيدر، سيد ميران محمد شاهه جي مدد ڪري، کيس ان عهدي تي چونڊرايو هو. 1930ع ۾ جڏهن ٻيهر وري بمبئي ڪائونسل جي چونڊ وقت سائين جي.ايم.سيد ساڳي ڪم لاءِ سندس وٽ ويو، ان وقت تائين ساڳي ڪم لاءِ مخدوم خاندان تي هر طرف کان زور بار پوڻ لڳا هئا، مخدوم غلام حيدر اڳ وانگر تعاون نه ڪري سگهيو. انڪري بقول سائين جي.ايم.سيد: ”آهستي آهستي ٿي شڪررنجي پيدا ٿي، جوانيءَ ڪري رت گرم ۽ تجربو ٿورو هو، سياست ۽ شخصي تعلقات کي جدا ڪري هلائڻ جو شعور ۽ جذبو پيدا ڪونه ٿيو هو. اهي اختلاف وڌي وڻ ٿيا.“ (سيد، 2004ع، ص 254)

مخدوم غلام حيدر جي دور ۾ سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم صاحب جن جي متضاد خيالن سبب، سياسي معاملن تان جيڪي اختلاف ٿي پيا هئا، جنهنڪري سندن خانداني تعلقات ۾ وڇوٽي پوڻ لڳي هئي، اڳتي هلي سيد صاحب کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو، انڪري هڪ هنڌ لکيو اٿس:

’تجربي ۽ سمجهه گهٽ هئڻ ڪري، رواداريءَ جي خبر ڪانه هيم. هاڻ (1966ع ۾) معلوم ٿيڻ لڳو آهي ته اڪثر سياستدان ننڍن ٻارن وانگر رسڻ پرچڻ لڳن ٿا. هنن لاءِ دنيا ومافيها سياست رهي ٿي. ڪاش اها سمجهه ان وقت اچي ها، ته هن علم دوست، اديب، پراڻي رفيق، مهربان دوست سان قديم نيازمندانه تعلقات آخر تائين قائم رهندا اچن ها، پر هاڻ ڪجهه ٿي نه ٿو سگهي.‘ (سيد، 2005ع، ص 255)

مٿيون افسوس ڀريو انداز اختيار ڪرڻ کان پوءِ سيد صاحب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ طرف اشارو ڪندي هن طرح رقمطراز آهي.

’هن وقت مخدوم ميان غلام حيدر جو ڀائيٽو مخدوم صاحب به سياست ۾ آهي. سندس پاليسي به ساڳي، مصلحتن جي لحاظ کان حڪومت جي طرفداري آهي، پر اميد ته ماضيءَ کان سبق پرائي، اهڙي گستاخي نه ڪبي، جو سياست کي شخصي، ثقافتي ۽ خانداني تعلقات ۾ دخل انداز ٿيڻ ڏبو.‘ (سيد، 2005ع، ص 255)

سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم ”طالب الموليٰ“ جي عملي زندگيءَ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هيٺ ذڪر ڪيل ٽي مشغلا ٻنهي بزرگن ۾ مشترقه هئا.

(الف) پڙهڻ لکڻ سان چاهه

(ب) ثقافتي سرگرمين ۾ دلچسپي

(ج) سياسي زندگيءَ جو سفر

(الف) سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي علمي خدمتن کان هرڪو واقف آهي، ٻنهي جو پڙهڻ ۽ پوءِ لکڻ سان لڳاءُ ابتدا کان نظر اچي ٿو. هتي سندن ڪيل علمي خدمتن کي نروار ڪرڻ مقصد ڪونهي، پر علمي حوالي سان سندن لاڳاپن بابت ڪجهه ڳالهيون بيان ڪجن ٿيون. جن سان سندن تعلقات بابت پروڙ پوي ٿي.

جڏهن مخدوم صاحب 1950-1951ع ۾ ”شيطان ابوالجنان“ جي اصليت بابت مواد هٿ ڪرڻ وارو ڪم ڪري رهيو هو، تڏهن سائين جي.ايم.سيد ان سلسلي ۾ مخدوم صاحب کي لکيو:

”اوهان ”شيطان کي سمجهڻ لاءِ“ رايا گهرايا آهن منهنجي ناقص عقل موجب بهتر ائين ٿيندو ته اوهان ملائڪ ۽ شيطان کي ساڳي وقت سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. ڇو جو ان کان سواءِ صرف هڪ شيءِ کي سمجهڻ ناممڪن آهي.“ (طالب الموليٰ، 1951ع، ص 67)

ان سلسلي ۾ سيد صاحب وڌيڪ هن ريت فرمايو:

”قديم وقت کان انهيءَ جي معلوم ڪرڻ جا ٻه طريقا ٻڌايل آهن: (1) عشق (2) عقل… عشق ۾ اثباتي آهي، عقل نفي آهي. اثبات جي آڻڻ لاءِ نفي ضروري آهي، نفي تڏهين حاصل ٿيندي آهي جڏهين ’لا‘ جي تڪبير سان: (1) غلط مذهب (جهالت) (2) حرص ملڪيت ۽ مال (3) بداخلاقيءَ جا بت ڀڃبا… عقل جو اهو ارشاد آهي عشق جي دنيا ۾ ڪلفت ۽ دوئيءَ کان مٿي ٻيو شيطان نه آهي.“ (طالب الموليٰ، 1951ع، ص 68)

سائين جي.ايم.سيد 1967ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪتاب ”شاهه لطيف جون ڪافيون ۽ وايون“ شايع پئي ڪرايو تڏهن ان مسودي تي علمي حوالي سان نظرثاني ڪري، عالمانه راءِ ڏيڻ جي سلسلي ۾، جن ٻن عالمن جي چونڊ ڪئي ويئي، انهن مان هڪڙو مخدوم طالب الموليٰ هو، پاڻ ان ڪتاب جي مواد تي نظرثاني ڪري شايع ڪرڻ جي سلسلي ۾ سفارش پڻ ڪيائون.

12- جنوري 1965ع تي مخدوم صاحب، سائين جي.ايم.سيد کي هڪ علمي خط لکيو، ان ۾ جنهن نموني جو مواد ملي ٿو، ان مان ان ڳالهه جو بخوبي اندازو ٿي وڃي ٿو ته هنن ٻنهي بزرگن وچ ۾ علمي حوالي سان ڪيتري قدر خيالن جي ڏي وٺ ۽ مواد جي مٽاسٽا ٿيندي رهندي هئي. خط رستي مخدوم صاحب لکن ٿا.

”روبرو ڪن ڪتابن بابت گفتگو ٿي هئي، جن مان هڪڙي ڪتاب کانسواءِ ٻيا سڀ هٿ آيا آهن، جن جي فهرست هيٺ لکان ٿو ۽ پنهنجي ماڻهو هٿ موڪليان ٿو مطالعي ڪرڻ بعد خط ذريعي اطلاع ڏيندا ته ماڻهو موڪلي ڪتاب گهرائي وٺندس، (۱) دو قرآن، (۲) ایک اسلام، (۳) جہانِ نو، (۴) اللہ کی عادت، (۵) دو اسلام، (۶) حرف محرمانہ۔ انهن ئي ڪتابن مان ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ ڪانگ بابت ذڪر آهي.“

سائين جي.ايم.سيد جو ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ 1967ع ۾ شايع ٿيو، ان وقت مخدوم صاحب بورڊ جو سربراهه هو. ون يونٽ جو دور، سيد صاحب ون يونٽ مخالف، ان ڳالهه جو فائدو وٺي ڪن ماڻهن چرچ ڪري، ڪتاب کي روڪائي ڇڏيو، مخدوم صاحب خاص دلچسپي وٺي، لاهور جا چڪر ڪاٽي، ڪتاب کي پڌرو ڪرڻ جي سرڪار کان اجازت حاصل ڪئي. ان حوالي سان، ان وقت جو سيڪريٽري غلام رباني آگرو لکي ٿو:

”هڪ ڏينهن مون کي آفيس ۾ سرڪاري خط اچي مليو ته: ”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب جي فلاڻن فلاڻن صفحن تي اعتراض جوڳو مواد ڇپيل آهي. ان جي سمجهاڻي ڏيو. مان خط کڻي هالين ويس ۽ مخدوم صاحب کي احوال ڏنم. چيائين ته لاهور هلڻو پوندو. فلاڻيءَ تاريخ لاءِ جهاز جون ٽڪيٽون خريد ڪريو. مان ان وچ ۾ ڪنهن سان فون تي ڳالهايان ٿو ته تڙتڪڙ ۾، ڪو اٻهرو قدم نه کڻن… مخدوم صاحب ۽ مان مقرر تاريخ تي لاهور وياسون. پاڻ فون تي گورنر ڪالاباغ سان ڳالهايو هئائين. ساڻس مليو، جنهن انهيءَ ڪم لاءِ مغربي پاڪستان سرڪار جي سيڪريٽري مسعود نبي نور کي فون ڪيو. مخدوم صاحب ۽ مان ٻئي ڏينهن مسعود نبي نور سان ملياسون. هو ننڍي هوندي، شايد جيڪب آباد جي پاسي پڙهيو هو ۽ سنڌ جي خاندانن سان تمام سٺا لاڳاپا هئس. مخدوم صاحب جو ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيائين… مسعود نبي نور چيو ته ”ڪتاب جي جن صفحن بابت لکيل آهي ته هنن ۾ هي پئرائون اعتراض جوڳيون آهن، سي ڪڍي، اُهي صفحا نئين سر ڇاپيو. ڪتاب جون جيڪي ڪاپيون اڃان ڪونه وڪاڻيون آهن، تن جي جلد بندي کولائي، اڳين صفحن جي جاءِ تي نوان ڇاپيل صفحا وجهو ۽ جلدبندي ڪرائي، ڪتاب وڪڻو. پر ان کان اڳ، مون کان نئين سر ڇاپيل صفحن تي صحيحون وٺي وڃو ۽ آئنده جڏهن به ڪتاب جو نئون ڇاپو ڪڍو ته منهنجي جاءِ تي جيڪو به سيڪريٽري هجي، ان کان به نئين ڇاپي جي انهن صفحن تي صحيحون وٺجو.“ (آزاد، 2004ع، ص 178)

اهڙي ريت مخدوم صاحب جي خاص دلچسپي سان ئي سيد جو اهو ڪتاب پڌرو ٿي سگهيو. ڪتاب ته ميدان ۾ اچي ويو، پر ان ۾ سائين جي.ايم.سيد پاران مخدوم صاحب جي والد بابت ڪي اهڙيون ڳالهيون لکيون ويون هيون جن بابت مخدوم صاحب جي خيال موجب، سيد صاحب کي درست معلومات ڪانه هئي، انڪري پاڻ ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ سيد صاحب کي نهايت مهذب انداز ۾، ڪتاب جي مواد کي مجموعي طور پسند ڪرڻ کان پوءِ، اختلافي ڳالهه، هن ريت لکي موڪلي:

”اوهان جيڪي به لکيو آهي، ڪتاب ۾، اهو بجاءِ ناپسنديءَ جي پسند ڪيو اٿم. ڇو ته جيڪي ڏٺو ۽ سمجهيو، اهو بي حجابيءَ سان لکيو اٿو. جيڪڏهن لکڻ ۾ اهڙين ڳالهين کي لڪايو ها ته پوءِ واقعي ناپسند ڪريان ها.“ اوهان جي انهيءَ مذڪور ڪتاب جي عظيم خوبي آهي ئي اها ته ڪنهن جي ڪنهن به ڳالهه تي به، جا لکڻ چاهي اَٿو، اها بيباڪيءَ سان لکيو اَٿوَ.“ (سيد، 1985ع، ص 633)

جيتوڻيڪ ان ساڳي خط ۾، ڪتاب اندر محمد فقير ۽ مخدوم صاحب جي والد واري حوالي سان لکيل روايتن تي پاڻ مهذب انداز ۾ اعتراض ڪيو، پر پوءِ به سندس پاران آخر ۾ لکيل جملا سندن پاڻ ۾ قربت جو اظهار ڪن ٿا. مخدوم صاحب خط جي آخر ۾ لکن ٿا:

’… ڪوشش ڪندس ته 10- ڊسمبر تي لاڙڪاڻي کان موٽندي بولان ميل ۾ سن لهان… 10- ڊسمبر جو سڄو ڏينهن اوهان جي خدمت ۾ گذاريان. اوهان جا مائٽن وانگر پيار حاصل ڪريان ۽ پنهنجي والد بابت حقيقتن جو انڪشاف ڪريان.‘ (سيد، 1985ع، ص 633)

(ب) سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم جي مشترقه مشغلي جو ٻيو شعبو ثقافتي سرگرميون هئو. ان حوالي سان سندن وچ ۾ گڏيل پليٽ فارم جي ابتدا ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي سرگرمين کان نظر اچي ٿي، هالا جيئن ته ڀٽ شاهه کي ويجهو آهي انڪري سائين ميران محمد شاهه جي ڪوششن ۽ سائين جي.ايم.سيد جي ڀرپور تعاون سان ڀٽ شاهه تي مچندڙ ميڙاڪن ۾ ابتدا کان ئي مخدوم خاندان جو سهڪار رهندو پئي آيو. جنهن ۾ مخدوم محمد الزمان فنونِ لطيفه سان خاص دلچسپيءَ سبب وڌيڪ هٿ ونڊايو. اهڙي ريت جيڪي به باضابطه سالياني عرس جا پروگرام ٿيندا هئا، انهن ۾ ميران محمد شاهه سان، سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم صاحب جو گهڻ رُخو علمي تعاون نظر اچي ٿو. نومبر 1955ع کان ته پاڻ باضابطه طور شاهه لطيف يادگار ڪميٽي جا ميمبر نظر اچن ٿا. پوءِ ته سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم صاحب جهڙوڪر سيد ميران محمد شاهه جا، شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي جي ڪم ڪار ۾ خاص مددگار هوندا هئا. ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀٽائيءَ جي 1954ع واري ٻه سَوَ ساله سالگره جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

’ڀٽائي صاحب جي آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه تي وڃي ورسين ملهائڻ جو سهرو ”شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي“ خصوصاً ڪميٽي جي مخلص چيئرمن سيد ميران محمد شاهه صاحب ۽ ان جي خاص معاونن جي سر تي آهي. انهن خاص معاونن ۾ جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب ۽ مخدوم محمد الزمان ’طالب الموليٰ‘ جا نالا قابل ذڪر آهن جن شروع کان وٺي ڀٽ شاهه تي سالگره ملهائڻ ۾ هر طرح جي مدد پئي ڪئي آهي.‘ (بلوچ، 1955ع، ص 1)

ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي سرگرمين واري حوالي سان سندن اها رفاقت ايتريقدر ته سگهاري هئي جو 13- آڪٽوبر 1954ع تي ڪراڙ جي ڍنڍ جي اُڀرندي ڇيڙي تي منعقد ڪيل اها تقريب جنهن ۾ ’ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز‘ قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ استقباليه ڪميٽي جي چيئرمن واري حيثيت ۾ سائين جي.ايم.سيد هڪ مرحبائي تقرير ڪئي هئي، اها تقريب مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي صدارت ۾ منعقد ٿي هئي. ان ئي موقعي تي وزيراعظم سنڌ پيرزادي عبدالستار پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو اعلان ڪيو هو. اهڙي ريت ثقافتي مرڪز جي حوالي سان سائين جي.ايم.سيد جي سرگرمين سان گڏوگڏ مخدوم صاحب جو نالو پڻ ملي ٿو.

اڳتي هلي جڏهن ون يونٽ قائم ڪيو ويو. سائين جي.ايم.سيد کي گرفتار ڪري پهريان جيل ۽ پوءِ نظربند رکيو ويو. تڏهن به اهڙن ئي ثقافتي سرگرمين جي حوالي سان مخدوم صاحب سائين جي.ايم.سيد سان ملندو رهندو هو، مخدوم صاحب جي اهڙين سرگرمين جو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي يادگيرين واري ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ پاڻ شاهه حيدر جي عرس واري ذڪر ۾ لکيو اٿس ته:

’آءٌ به پنهنجي فنڪارن، راڳين ۽ خدمتگارن سان گڏ ’سن‘ وڃڻ جي سنبت ۽ سانباهو ڪري ’سن‘ پهتس… اتي پهچڻ کان پوءِ سيد سائين تعجب ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو ته، ”جيڪڏهن ڪالهه اچو ها ته ڏاڍو مزو ٿئي ها… منهنجي پڇڻ تي جواب ڏنائين ته، مخدوم صاحب جن به پنهنجن ڳائڻن وڄائڻن سان گڏ رات هتي مون وٽ مهمان هئا، رات جو هڪ بجي تائين ساڻن گڏ رهاڻ رهي.‘ (آزاد، 2003ع، ص 170)

مخدوم صاحب، ثقافتي سرگرمين جي حوالي سان سيد صاحب کان وقت ضرورت مشورا پڻ ڪندو رهندو هو. جيئن 5- فيبروري 1954ع واري خط ۾ سائين جي.ايم.سيد کي لکي ٿو:

’مون کي پنهنجو ڪراچيءَ اچڻ جو پروگرام موڪليو ته اتي روبرو اچي ميوزڪ ڪانفرنس بابت مزيد معلومات حاصل ڪريان.‘ (سيد، 1985ع، ص 632)

مٿين خط واري عبارت مان محسوس ٿئي ٿو ته شاهه لطيف يادگار ڪميٽي وارن پروگرامن جي موقعي تي، جيڪو راڳ رنگ ۽ ميوزڪ جو پروگرام جو ذمو مخدوم صاحب جي حوالي ڪيو ويندو هو. مٿيون خط ان سلسلي جي ڪڙي آهي جنهن ۾ رهنمائي وٺڻ طرف اشارو ڪيل آهي. مخدوم صاحب سان، سيد صاحب جي اها ويجهڙائپ ئي هئي، جنهنڪري سائين جي.ايم.سيد جي خواهش ۽ ڪوشش سان، پير علي محمد شاهه راشدي جي دورِ وزارت ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد قائم ڪرائي وئي، تڏهن ان جي مشاورتي ڪميٽي تي مخدوم طالب الموليٰ کي پڻ مقرر ڪيو ويو.

(ج) مٿي سائين جي.ايم.سيد جي مخدوم خاندان سان قديم تعلقات جو ذڪر ٿي آيو آهي، اهي ئي قديم خانداني تعلقات هئا، جنهنڪري سيد صاحب، مخدوم ميان غلام حيدر واري تذڪري ۾، مخدوم طالب الموليٰ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي:

’هن وقت مخدوم ميان غلام حيدر مرحوم جو ڀائيٽو مخدوم صاحب به سياست ۾ آهي،. سندس پاليسي به ساڳي مصلحتن جي لحاظ کان حڪومت جي طرفداري آهي، پر اميد ته ماضيءَ کان سبق پرائي، اهڙي گستاخي نه ڪبي، جو سياست کي شخصي، ثقافتي ۽ خانداني تعلقات ۾ دخل انداز ٿيڻ ڏبو.‘ (سيد، 2004ع، ص 255)

مخدوم صاحب، ۽ سائين جي.ايم.سيد جي سياست جا طور طريقا ڌار ڌار هئا. پر پوءِ انهن  ڪڏهن به قديم خانداني ۽ سماجي تعلقات تي اثر پوڻ نه ڏنو، باوجود متضاد لاڙن هئڻ جي سندن وچ ۾ اهي بهتر لاڳاپا ئي هئا، جنهنڪري ڪن موقعن تي ڪجهه سياسي معاملن ۾ پڻ گڏجي ڪم ڪيائون، جيڪو عمل سنڌ جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ نهايت ڪارگر ثابت ٿيو. پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ٿي سگهيو، جڏهن مختلف سياسي رجحانن هوندي به هڪ ٻئي سان ويجها رهيا. اهي پنهنجائپ وارا قريبي تعلقات ئي هئا، جنهنڪري سندن وچ ۾ هڪٻئي جي حالات کان باخبر رهڻ ۽ حال ڀائي ٿيڻ وارو ماحول ملي ٿو، جيئن مخدوم صاحب، سيد صاحب جي آزاد ٿيڻ جي خبر ملڻ تي 27- مارچ 1966ع تي کيس لکي ٿو:

’پيارا سائين، اخبارن رستي معلوم ٿيو آهي ته اوهان تان بندش لاٿي ويئي آهي. بيحد مسرت ٿي الله پاڪ اوهان کي سلامت ۽ صحتمند رکي. هاڻي پروگرام ڪيئن هوندو، اپريل ۾ ڳوٺ يا ڪراچي؟ ڇو ته 16- اپريل بعد اوهان وٽ ڪچهريءَ لاءِ اچڻ جو پئي سوچيم ۽ اڳئين خط ۾ اهڙو اطلاع ڏنو اٿم.‘ (سيد، 1985ع، ص 632)

سائين جي.ايم.سيد آزاد ٿيو، ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ قائم ڪيائين، ان پليٽ فارم تان جلسا ڪيائين ته وري گرفتار ٿيو، پر سيد جي ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي نالي ۾ ٻاريل لاٽ سبب سياسي بيداري اچڻ لڳي، ون يونٽ خلاف ماحول جڙڻ لڳو، اهڙي وايومنڊل ۾ مخدوم صاحب جيڪو ان وقت مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر هو، ان ڪجهه دوستن سان گڏ 1969ع ۾ ڊاڪا ۾ ون يونٽ خلاف بيان جاري ڪيو، ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي، سيد صاحب لکي ٿو:

”آءٌ اڃا نظربند هوس ته مخدوم صاحب ڊاڪا ۾، نيشنل اسيمبليءَ جي ڪن ميمبرن سان گڏجي، ون يونٽ جي خلاف بيان ڏنو. واپس اچڻ تي ان تحريڪ کي زور وٺائن لاءِ، مون ڏانهن ماڻهو موڪلي، مدد گهرڻ جي تقاضا ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مخدوم صاحب، پيرزاده عبدالستار، آغا غلام نبي خان پٺاڻ، خانبهادر غلام محمد وساڻ، سيد ميان خير شاهه ۽ حفيظ قريشيءَ طرفان حيدرآباد ۾، 9- مارچ 1969ع تي ”ائنٽي ون يونٽ ڪانفرنس“ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ سڏائي ويئي، نظربندي ختم ٿي چڪي هئي. تنهنڪري مون به ان ۾ شرڪت ڪئي.“ (سيد، 1969ع، ص 35)

ان موقعي تي سيد صاحب صحت جي خرابيءَ سبب سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪرڻ پئي چاهي، پر ايوان ۾ موجود اڳواڻن جي بيحد اسرار تي نئين قائم ٿيل فرنٽ جو کيس سربراهه مقرر ڪيو ويو. ان حيثيت ۾ سيد صاحب جڏهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن پاڻ مخدوم صاحب کي پڻ ياد ڪيائين جنهن جو اظهار مخدوم صاحب طرفان 11- جون 1969ع تي کين لکيل خط مان ٿئي ٿو. مخدوم صاحب لکي ٿو:

’اوهان جو خط 26- مئي تي لکيل، هٿوهٿ بروقت مليو، جنهن ۾ اوهان مون کي ”سنڌ فرنٽ“ جي ورڪنگ ڪاميٽي تي نامزد ڪيو آهي، ڪوبه اهڙو سبب ڪونه آهي، جو ڪميٽي تي نه رهي سگهان. انشاءالله الرحمان ته باقاعدگيءَ سان خدمت ڪندو رهندس.‘ (سيد، 1985ع، ص 634)

ان ئي سلسلي ۾ مخدوم صاحب پاران لکيل هيٺئين احوال مان پڻ سندن تعلقات جو اظهار ٿئي ٿو. 30- جولاءِ 1969ع تي سيد صاحب کي لکن ٿا.

’اوهان جو خط ڪالهه پهتو ۽ اڄ پڙهيو. خط ۾ 10- آگسٽ واري ميٽنگ لاءِ سڏ آهي. جيڪڏهن پاڪستان ۾ هوندس ۽ صحت پوري هوندي ته انشاءالله ضرور حاضر ٿيندس. (سيد، 1985ع، ص 635)

1970ع کان پوءِ سنڌ جو سياسي وايومنڊل اهڙو ته مٽيو، جو سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم صاحب وچ ۾ دوري اچي ويئي, پر پوءِ به سائين جي.ايم.سيد جڏهن به ڪو پروگرام ڪرائيندو هو تڏهن مخدوم صاحب کي ضرور ياد ڪندو هو. مثلاً جڏهن سنڌ قومي اتحاد پئي ٺهيو، تڏهن مخدوم صاحب کي خاص دعوت هئي، ان موقعي تي مخدوم صاحب پاڻ ته شريڪ ٿي ڪونه سگهيا هئا، پر موقعي جي مناسبت سان شعر لکي روانو ڪيائون، ۽ سندن طرفان مخدوم خليق الزمان شرڪت ڪئي هئي.

مخدوم صاحب پاران سنڌ قومي اتحاد بابت سن ۾ سڏايل ڪانفرنس واري موقعي جي مناسبت سان موڪليل شعر هيٺ ڏجي ٿو:

سرزمينِ هند ۾ اسلام جو بنياد سنڌ،

اي عوام اڄ ڪر مدد اڄ ٿي ڪري فرياد سنڌ.

جيڪڏهن تعمير ٿي ويو نيٺ ڪالاباغ ڊيم،

پوءِ يقيناً آهه انديشو ته ٿئي برباد سنڌ.

ڇانوڻيون هرگز نه گهرجن فوج جو ناهي ڪو کپ،

ڇو ته ڪرڻي ڪانه آهي پاڻ کي ناشاد سنڌ.

ٻاهريان ٻاهر هجن هرگز نه هو هيڏنهن اچن،

ٻچي ٻچي کان ڪرائي ٿي اهو ارشاد سنڌ.

هي يقين رکجو ته پوندي نيٺ هر ڪنهن کي خبر،

دودا، دريا خان، هوشو ڏيندي لاتعداد سنڌ.

خاطري آهي ته ڏيندي مُڙس ٿي منهن وقت تي،

آهي هو مضبوط تر اي يار ڄڻ فولاد سنڌ.

دل گهري ٿي شل نه ڪوسو واءُ ڪو هُن کي لڳي،

”رک خداوند سدا ۽ شاد ۽ آباد سنڌ“.

انشاءالله هوندي قائم ٿيندي قائم دمبدم،

هت صيدن جي ڳالهه ڪانهي آهه بي ميعاد سنڌ.

ليڊرو اڄ ڪشمڪش کي ڏئو کڻي هڪدم طلاق،

هڪ ٿيو پو نيٺ ٿيندي پنهنجي هي آزاد سنڌ.

اڄ ضرورت آهه قرباني ڏيڻ جي دوستو،

ڪجهه ڪري همّٿ کسي وٺنداسون ازصّياد سنڌ.

سنڌ تان قربان ٿيان ۽ سنڌ تان صدقي وڃان،

ڇو ته آهي طالب الموليٰ به خود همزاد سنڌ.

                                                    19.5.88

سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم صاحب جهڙين برگزيده شخصيتن جا تعلقات اسان جهڙن اناڙين لاءِ سبق آموز آهن، ڇاڪاڻ ته سائين جي.ايم.سيد ۽ مخدوم صاحب جن جا ڪن معاملن ۾ هڪ ٻئي سان خيال ڪونه پئي مليا. بلڪ ائين چئجي ته اُهي بنهه مختلف ۽ متضاد هئا، پر پوءِ به اها انهن بزرگن جي وڏماڻهائپ هئي، جو انهن ڪن متضاد ڳالهين تان ناراض ٿي، انهن جزن کي بنيادي بنائي، پنهنجي قديم خانداني تعلقات تي اثر انداز ٿيڻ نه ڏنو. ڪوبه انسان مڪمل ته ڪونه ٿو هجي، قدرت واري هر ڪنهن جي رت پت ۾ گڻ ۽ اوگڻ  مهلول ڪري ڇڏيا آهن. سو به ائين جو ڪن به ٻن ماڻهن جي مٽيءَ جو پنوڙو سو فيصد ساڳين صفتن وارو نه ٿو هجي. اهڙي فطري ماحول ۾ ڪنهن به انسان جي اهائي عظمت آهي ته هو ٻئي جي خامين کي ڪيئن درگذر ڪري، ان ۾ اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ۽ ان جي خوبين کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيئن ٿو ۽ ان کي ڪوشش وٺي نه رڳو پاڻ لاءِ پر عالم انسان لاءِ ڪارگر ۽ ڪارآمد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو.

هنن ٻنهي بزرگ هستين جي حالاتِ زندگي ۽ عملن جي مطالعي منجهان اڄ جي نئين نسل کي اهوئي وڏو سبق ملي ٿو ته پنهنجي خيالن خلاف ٻڌل ڳالهه کي برداشت ڪندي، دوست جي ڪيئن اصلاح ڪجي ۽ اختلافن يا متضاد ڳالهين هوندي تعلقات کي ڪيئن برقرار رکجي ۽ ختم ٿيڻ نه ڏجي، ائين ڪرڻ سان، دوست جي خوبين منجهان نه رڳو پاڻ کي فائدو رسندو، پر جيڪڏهن ڪو انساني فلاح واري ڪم ۾ مصروف عمل آهي ته انسانذات جي بهتريءَ لاءِ پڻ ڪيئي ڪارگر ڪم ٿي سگهندا.

ببليوگرافي

(1)          آزاد قاضي، آيو تڙ تماچي، (2003ع)، جي.ايم.سيد فائونڊيشن ڪراچي.

(2)         آزاد قاضي، سَڏُ پڙاڏو (2004ع)، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.

(3)         بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، يادگار لطيف (1955ع)، شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي حيدرآباد.

(4)         طالب الموليٰ، مخدوم، شيطان ابوالجنان (1951ع)، آزاد بڪ ڊيپو حيدرآباد.

(5)         سيد، جي.ايم، جنب گذارين جن سين-I، (2004ع)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

(6)         سيد، جي.ايم. جنب گذاريم جن سين-II، (2004ع) سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

(7)         سيد، جي.ايم. ڪجهه خط (سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن جا) (1985ع)، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.

(8)         سيد، جي.ايم. سنڌ متحده محاذ ۽ ون يونٽ (1969ع)، سنڌ متحده محاذ (مرڪز) حيدرآباد.

 

 

سائين جي.ايم.سيد جو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ  ڏانهن لکيل خط

 



 

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو سائين جي.ايم.سيد ڏانهن لکيل خط

ڪتاب ”بي پير اکيون“ ۾ جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ”ڪافي“ پنهنجي هٿ اکرن سان لکيل

 

ڪتاب ”بي پير اکيون“ ۾ جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا لکيل ”ترتيب“ جي باري ۾ لکيل هٿ اکر

ميرزا منظور علي بيگ

خِيما کاهوڙِين، اَڄُ نه اُني ڀيڻِيـين

سنڌ جي مشهور شهر هالا ۾ جنم وٺندڙ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ۽ باڪمال شاعر، محقق، تذڪره نگار، ماهر لسانيات ۽ لغت نويس ٿي گذريو آهي. پاڻ سنڌي ادب کي ڪيئي انمول ڪتاب ارپيا؛ جن ۾ پهرين ته آئون نالو کڻندس سندن بي بها تصنيف ”دُر ناياب عرف ياد رفتگان“ جو. جنهن ۾ پاڻ پهريون ڀيرو سنڌ جي مرحوم شاعرن جو ڪلام سندن احوال ۽ تصويرن سميت يڪجا ڪري ڪتابي صورت ۾ منظرعام تي آندو. توڙي جو هِن کان اڳ به تذڪره نويسي تي سنڌ جي نامور اديبن ۽ محققن جو ڪم ڪيل آهي، پر مخدوم صاحب جي هِن تذڪري ۾ سنڌ جي نامور شاعرن سان گڏ ڪيترن ئي گوشه نشين شاعرن جو به احوال ملي ٿو.

...۽ ان کان بعد ٻيو نالو آئون وٺندس سندن تحقيقي ڪتاب ”ڪافي“ جو. ڪافي سنڌ جي آڳاٽي صنف آهي. جنهن جي تاريخ تي پاڻ پهريون ڀيرو هڪ ضخيم ڪتاب ”ڪافي“ جي نالي سان لکيو، جيڪو سنڌي ڪافي جي هڪ مفصل تاريخ آهي. ان کان علاوه سندن لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون ۽ لغت نويسي لاءِ ڪيل محنتون به وسارڻ جوڳيون نه آهن.

مخدوم صاحب کي ادب سان گڏ و گڏ سنڌ جي ثقافت سان به تمام گھڻي دلچسپي هئي. پاڻ پنهنجي بزرگن کان ورثي ۾ مليل نوادرات ۽ قلمي مخطوطات کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هالا ۾ هڪ ميوزم قائم ڪرائڻ ٿي چاهيو. اِن ڏس ۾ ڊسمبر 1983ع ۾ جڏهن نياز رسول صاحب محڪمه آثار قديمه سنڌ جو ڊئريڪٽر مقرر ٿي آيو، ته هڪ ڏينهن مرحوم عبدالله ورياهه آفيس ۾ آيو ۽ نياز صاحب کي چيائين ته مخدوم صاحب اوهان سان ملڻ چاهي ٿو. توهان وقت ڪڍي مون سان گڏجي هالا هلو ته سانئن سان ملاقات ٿي وڃي.

نياز صاحب فوراً چيو ته ڪم ڪهڙو آهي؟

ورياهه صاحب چيو ته، سائين جن هالا ۾ ميوزم ۽ ڪتبخانو قائم ڪرڻ چاهين ٿا. توهان آثار قديمه جا ماهر آهيو، ان سلسلي ۾ اسان جي مدد ڪريو.

جيئن ته اُهو دور مارشل لا وارو دور هو ۽ هر آفيسر ڊڄندو هو، انڪري نياز صاحب انڪاري ٿيو، پر ڪجهه ئي ڏينهن بعد وري ورياهه صاحب آيو ۽ نياز صاحب کي چيائين ته مخدوم صاحب هالا ۾ مخدوم سرور نوح جي مزار لڳ هڪ ميوزم ۽ ڪتب خانو قائم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ توهان جي مدد کپي ٿي.

جنوري 1984ع ۾ نياز صاحب، موهن لال، ڪليم الدين شيخ، عبداللطيف، مقبول شيخ، عبدالحميد شيخ ۽ راقم الحروف هالا لاءِ روانا ٿياسين. مقرره وقت تي مخدوم نوح جي مزار وٽ اسان کي ورياهه صاحب مليو. دعا سلام ٿي ۽ پاڻ سرزمين تي نشان هڻي ٻڌايائين ته هِن جاءِ تي ميوزم ۽ هِن جاءِ تي ڪتب خانو ٺهندو. بهرحال نياز صاحب، ورياهه صاحب ۽ راقم الحروف پاڻ ۾ ڪجهه تاريخي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ لڳي وياسين ۽ باقي عملي ماپ وٺڻ ۽ ڪچا نقشا ٺاهڻ شروع ڪيا. اسان آثار قديمه وارن جو اصول آهي ته ڪم کان اڳ ۽ پوءِ فوٽوگرافي ضرور ڪبي آهي، جنهن کي (BEFORE & AFTER CONSERVATION) چئبو آهي. مليل هدايتن مطابق اهو ڪم مڪمل ڪري لڳ ڀڳ ڏينهن جو هڪ بجي ڌاري فارغ ٿياسين. ورياهه صاحب مون کان پڇيو ته ڪم مڪمل ٿي ويو؛ ته مون چيو سائين ڪچو ڪم ٿي ويو آهي، باقي پڪو ڪم آفيس ۾ ٿيندو.

ان ڏينهن مخدوم صاحب سان ملاقات ڪانه ٿي ۽ ڪم مڪمل ڪري آفيس موٽي آياسين. انهن ڏينهن ۾ جمعو ۽ ڇنڇر سرڪاري موڪل ٿيندي هئي، انهيءَ ڪم جي ڪري اُن هفتي اسان کي موڪل واري ڏينهن به آفيس اچڻو پيو ۽ ڪم ورهائي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويو:

تاريخ: نياز رسول صاحب ۽ راقم الحروف

ESTIMATE: موهن لال ۽ مقبول شيخ

نقشا: ڪليم الدين شيخ

فوٽوگرافي: عبدالحميد شيخ

ٽائيپ: لطيف

مخدوم خاندان جي تاريخ جي باري ۾ مون سڀ کان پهرين ڊاڪٽر عبدالرحمٰن قريشي جو لکيل پي.ايڇ.ڊي جو مقالو ”سروري خاندان جون علمي، ادبي ۽ ديني خدمتون“ سنڌالاجيءَ مان فوٽو اسٽيٽ ڪرايو ۽ ٻيا ڪجهه ڪتاب ۽ رسالا جيڪي منهنجي ذاتي لائبريري ۾ هئا، اُهي هٿ ڪري ان مان تاريخي مواد انگريزي ۾ لطيف کان ٽائيپ ڪرائي نياز صاحب کي ڏيندو ويس. اِهو ڪم ڪنهن حد تائين مڪمل ٿي ويو ته نظرثاني لاءِ ورياهه صاحب وري ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب وٽ کڻي ويو. جنهن ڪجهه ڦيرگھير ڪري موٽائي ڏنو ۽ اُن مواد جي فائنل ڪاپي ڪڍي وئي ۽ ان کانپوءِ ESTIMATE، نقشا ۽ فوٽو وغيره جو ڪم مڪمل ڪيو ويو. اهڙي ريت رپورٽ (Report) تيار ٿي، جنهن کي اڄڪلهه PC-I چوندا آهن. رپورٽ جون ٻه ڪاپيون تيار ڪيون ويون.

هاڻي مخدوم صاحب سان ملاقات لاءِ وقت مقرر ڪرڻ ۽ اسان کي هالا وٺي هلڻ ورياهه صاحب جو ڪم هو. ڪم جنوري جي مهيني ۾ مڪمل ٿيو ۽ فيبروري جي مهيني ۾ مخدوم صاحب سان ملاقات ٿي. خير و عافيت کان پوءِ تعارف شروع ٿيو. نياز صاحب کان مخدوم صاحب پڇيو ته ڀٽي صاحب جو بنگلو RENVOTE جنهن آفيسر (تصوير حسين حميدي) ڪيو، اُهو نوڪري ۾ آهي يا گهر ويو هليو. جنهن تي نياز صاحب چيو ته هُن کي نوڪري مان برخواست ڪيو ويو آهي. اڃا گفتگو هلي رهي هئي ته چانهه ۽ بسڪيٽ اچي ويا. رهيل ماڻهن جو تعارف ٿيو ۽ جڏهن راقم الحروف جو وارو آيو ۽ مون پنهنجو نالو ٻڌايو ته، مخدوم صاحب چيو بابلا توهان ڪهڙن مرزا صاحبن مان آهيو؟ مون چيو ته سائين آئون ٽنڊي آغا جي ميرزائن مان آهيان. پاڻ هڪدم پڇيائون ته ڀلا ميرزا علي محمد بيگ ۽ ميرزا عباس علي بيگ توهان جا ڇا ٿين؟ مون چيو ته ميرزا علي محمد بيگ منهنجو نانو آهي ۽ ميرزا عباس علي بيگ منهنجو چاچو آهي. تنهن تي پاڻ چيائون ته ميرزا صاحب توهان خانداني ماڻهو آهيو، توهان جو علم و ادب سان واسطو هلندو پيو اچي ۽ خدا ڪندو ته اهو سلسلو هلندو رهندو. مخدوم صاحب جا اِهي دعائيه ڪلمات اڄ به منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن.

مخدوم صاحب اسان جي ڊئريڪٽر نياز صاحب کي چيو ته ميرزا خاندان جو قديم زماني کان وٺي علم و ادب سان واسطو هلندو پيو اچي. جنهن تي هُن چيو ته قبلا سائين جڏهن اسان وٽ ان قسم جي رپورٽ تيار ٿيندي آهي، ته ان جي شروع ۾ پهرين ان جي مڪمل تاريخ ڏني ويندي آهي، جيئن ان جي باري ۾ معلومات فراهم ٿي سگهي ۽ اهو اهم ڪم اسان ميرزا صاحب جي حوالي ڪيو آهي. هِن رپورٽ ۾ به تاريخي مواد ميرزا صاحب جو ئي سهيڙيل آهي. نياز صاحب تيار ٿيل رپورٽ (PC-I) مخدوم صاحب کي ڏني. پاڻ رپورٽ ڏسي تمام گھڻو متاثر ٿيا ۽ رپورٽ (PC-I) تي گفتگو ڪيائون. رپورٽ ۾ ميوزم ۽ ڪتب خاني جو ڏيک (Look) هن ريت ڏيکاريل هو:

مخدوم سرور نوح جي مزار لڳ ئي ميوزم ۽ ان جي ڀرسان ڪتبخانو هو. ڪتب خاني جي وچ ۾ رستو هو ۽ جاءِ کي آمهون سامهون کان دروازا ڏنا ويا هئا. ان بعد ڪتب خاني ۾ وچ تي هڪ ڊگھي ميز ۽ ان جي آمهون سامهون ڪرسيون رکيون ويون هيون.

مخدوم صاحب انهيءَ رپورٽ سان متفق ٿيو ۽ نياز صاحب کي چيائين ته توهان اِهو ڪم اسان کي پنهنجي نگراني ۾ ڪرائي ڏيو. ڇو جو توهان ۽ توهان جي ٽيم قديم آثارن جي ماهر آهي ۽ مون کي تسلي ٿيندي ته ڪم سٺي نموني ٿي رهيو آهي. توهان کي ان ڪم جو اجورو پڻ ادا ڪيو ويندو.

نياز صاحب چيو ته فنڊ ڪير ڏيندو؟

تنهن تي پاڻ چيائون ته ان ڪم لاءِ اسان ذاتي طور تي رقم فراهم ڪنداسين.

پر جيئن ته اُهو دور مارشل لا جو هو ۽ هر آفيسر ڊڄندو هو. انڪري ان وقت رپورٽ مخدوم صاحب جي حوالي ڪري موٽي آياسين ۽ ورياهه صاحب به اڪثر نياز صاحب کي ان ڪم لاءِ چوندو رهيو، پر ڪم نه ٿي سگهيو! هاڻي اها رپورٽ ڪٿي آهي اُها ته خبر خدا کي. باقي جيڪا رپورٽ آفيس جي رڪارڊ ۾ رکي وئي، سا 10/9 جولاءِ 1987ع تي سنڌ دشمن عناصرن طرفان آفيس ۽ حيدرآباد ٽالپور ميوزم کي ڏنل باهه ۾ سڙي وئي! جنهن ۾ ڪيترائي ناياب قلمي مخطوطات ۽ سنڌ جي تاريخ تي مشتمل ڪافي معلوماتي مواد شامل هو.

مخدوم صاحب سان اِها منهنجي پهرين ملاقات هئي. پاڻ پهرين ملاقات ۾ ئي مون کي جھڙا خوش گفتار ڏسڻ ۾ آيا تهڙا ئي عظيم شخصيت جا مالڪ. 11- جنوري 1993ع تي جڏهن مون سندن وفات جي خبر ٻُڌي تڏهن ساڻن ڪيل ان پهرين ملاقات جا عڪس منهنجي اکين آڏو ڦرڻ لڳا ۽ ذهن تي ڀٽائي گھوٽ جو ذهن تري آيو:

ڏُونگَرين ڏسجَن، اَڄُ په رُيُون اُنِ جِيُون،
ڏوٿِـيَڙا ڏُٿَ کي، آرهاڙان اَچَن،
خِيما کاهوڙِين، اَڄُ نه اُني ڀيڻِيـين.

(سر کاهوڙي)

رب جو شان ته PPP جي حڪومت آئي، وري مخدوم جميل الزمان صاحب پڻ اهڙي قسم جي PC ٺاهڻ لاءِ جناب عارف صاحب کي چيو. هاڻي ته جديد دور آهي ۽ ڪمپيوٽر تي هڪ ڏينهن ۾ تنوير صاحب PC-I تيارڪري 06- فيبروري 2010ع تي مخدوم جميل الزمان جي حوالي ڪئي، پر اهو ڪم به ڪونه ٿيو.

واضح رهي ته اُها PC-I هالا ۾ واقع قديم آثار جن ۾ ٽالپرن جا مقبرا وغيره آهن، انهن تي مشتمل آهي. ان ۾ مخدوم نوح واري رپورٽ شامل نه ٿيل آهي.*

 

ميرزا فياض علي بيگ

 

هوءِ جي هَليا هوت سونهارا

 

سال 1967ع وارو ته پڪي طرح ياد آهي، باقي تاريخ ۽ مهينو ياد نه اٿم!

آئون نانا ميرزا علي محمد بيگ جي آفيس گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ساڻس گڏ ويٺو هئس، جتي هڪڙو ڀلوڙ مڙس چاپئين اڇي ڏاڙهي سان گيڙو رتا ڪپڙا پاتل ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌل، همت ڀريو قدآور بزرگ آيو؛ ساڻس پنج ڇهه ماڻهو به گڏ هجن. هن نانا سان عليڪ سليڪ ڪري کين چيو ته ”قبلا مخدوم طالب الموليٰ کي دستاويز لکائڻا آهن، سو اوهان کي سڏايو اٿن؛ اوهان مون سان گڏجي هلو.“ نانا مرحوم اٿيو ۽ مون کي چيائون ته ”ابا، مخدوم صاحب سڏايو آهي، توهان به اسان سان گڏجي هلو.“

اسين ان بزرگ سان گڏ مخدوم صاحب جي سول لين حيدرآباد واري بنگلي تي آياسين. بنگلي ۾ داخل ٿيندي ئي سامهون مخدوم صاحب جي وڏي رنگين تصوير بهترين فريم ٿيل ڀت تي ٽنگيل هئي، جنهن ۾ کين تُرڪي ٽوپي پاتل هئي. سندن حَسين ۽ رعبدار چهري تي شهپر ڏاڍا سهڻا پي لڳا. اسين بنگلي ۾ جيئن ئي داخل ٿياسين ته منهنجو سڄو ڌيان اُن تصوير ڏانهن کڄي ويو، جنهن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.

مخدوم صاحب هڪ ڪمري ۾ پنهنجي خانداني روايتي انداز ۾ پَٽ تي ويٺل هئا. جيئن ئي سندن نظر نانا تي پئي ته پاڻ فوراً اٿي بيٺا ۽ نانا سان گلي مليا. مون به اڳتي وڌي ادب مان سلام ڪيو. پاڻ طبيعت جا ڏاڍا مٺا هئا.

مخدوم صاحب ۽ نانا مرحوم ڳچ دير تائين پاڻ ۾ گفتگو ڪئي، پوءِ کانئن ڪاغذ وٺي آفيس ۾ موٽي آياسين ۽ موٽندي وري به مون اُن تصوير کي هڪ دفعو ٻيهر ڏٺو.

بهر ڪيف جڏهن اسين مخدوم صاحب وٽان موٽياسين، تڏهن مٿي ڄاڻايل بزرگ ۽ سندس ساٿي به اسان سان گڏجي آيا. نانا مون کي دستاويز وٺي اچڻ لاءِ چيو. آئون دستاويز وٺي آيس ۽ نانا مرحوم مون کي چوندو ويو ۽ آئون لکندو ويس. شاهدي طور اُن بزرگ پنهنجو نالو لکايو ۽ سندس نالو هو ”حاجي دوست علي کٽياڻ“.

هيءُ پهريون دفعو مون مخدوم صاحب جن کي روبرو ڏٺو ۽ سندن مٺي گفتگو ٻُڌي. ٻيو دفعو وري کين تڏهن ڏٺم، جڏهن اڏيرو لعل جو رهندڙ بااثر زميندار ۽ مخدوم صاحب جو مريد محمد حسين هنڱورو، نانا مرحوم وٽ آيو ۽ کين چيو ته ”قبلا مخدوم صاحب کي دستاويز لکائڻو آهي، اوهان هلو.“ اسين مخدوم صاحب جي سول لين واري بنگلي تي آياسين ۽ ساڳي تصوير وري به منهنجي توجهه جو مرڪز رهي. آئون ان تصوير کي ڏسندي نانا جي پويان مخدوم صاحب وٽ آيس.

هِن ڀيري مخدوم صاحب نانا سان ڪافي وقت ڪچهري ڪندو رهيو. ڪچهري دوران مخدوم صاحب پنهنجا شعر به ٻڌائيندو رهيو، جيڪي آئون غور سان ٻڌندو پئي رهيس. ڇاڪاڻ جو انهن ئي ڏينهن ۾ مون کي شاعري جو شوق تمام گهڻو هو. اُن ڪچهري ۾ عبداللطيف راز بلڙائي به ويٺل هو. هيءُ نانا مرحوم جي دوست مولائي قادر بخش جو نياڻو هو ۽ تمام سٺو شاعر هو. مخدوم صاحب سان تمام گهڻي عقيدت رکندڙ هو. ان مخدوم صاحب جي حڪم تي هڪ غزل به ٻڌايو. انهيءَ ڪچهري ۾ نانا مرحوم به پنهنجي غزلن مان ڪجهه شعر پڙهيا؛ جن مان ٻن غزلن جا ٻه شعر ذهن نشين ٿي ويا. هڪڙو غزل پاڻ مخدوم صاحب جي ڏنل مصرع طرح ”ڦوڪن سان اڏامي سو وڃي ٿيندو نظربند“ تي ٺاهيو، ان جو مقطع هِن ريت آهي:

سنڌيءَ جا محافظ ٿيا علي ۽ بَه محمد

سنڌيءَ کي ’مظفر‘ ڪندا اردو کي نظربند

ٻي غزل جو شعر جيڪو پاڻ سليم هالائي ۽ راشد علي شاهه جي چوڻ تي سندن غزل جو تتبع چيو:

سخن

شناس ’مظفر‘، ’سليم‘ و ’راشد‘ ٿيا،

سخن جو نشو آ ڪافي شراب گهٽ ڪر تون.

محمد حسين هنڱورو، جيڪو نه شاعر هو ۽ نه ئي کيس شعر و شاعري سان ڪا دلچسپي هئي، سو جڏهن اٿڻ لڳو، تڏهن مخدوم صاحب کلندي چيو ته اوهان نه وڃو اسان جي شاعري ختم ٿي، هاڻي مقصد جي ڳالهه ٿا ڪريون. پوءِ مخدوم صاحب ڪاغذ ڏنا، جيڪي کڻي موٽي آفيس ۾ آياسين ۽ نانا مرحوم دستاويز لکي رجسٽرڊ ڪرائي رسيدون هنڱوري صاحب کي ڏنيون.

سال 75-1974 تائين حاجي دوست علي کٽياڻ، محمد حسين هنڱورو، حسين بخش خادم يا مخدوم صاحب جو ٻيو ڪو خادم يا مريد ايندو هو ۽ نانا کان دستاويز لکائي کڻي ويندو هو.

مخدوم صاحب جن سخن شناس هئا ۽ کين شاعريءَ سان دلي لڳاءُ هوندو هو. سندن ئي ڪوششن سان سڄي سنڌ ۾ وڏي پيماني تي مشاعرا ٿيا، ڪيئي بزمون قائم ٿيون ۽ ڪيترائي شاعر شاعريءَ جي ميدان ۾ آيا ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائون. مخدوم صاحب جا ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ سان به تمام سٺا تعلقات هئا. هي ٻئي ”جميعت الشعراء سنڌ“ جي پليٽ فارم تي گڏ و گڏ نمايان نظر ايندا هئا.

سال 1972ع ۾ ڊاڪٽر ’خليل‘ جي لطيف آباد نمبر-2 واري بنگلي ۾ ”جمعيت الشعراء سنڌ“ جي ميٽنگ ڪوٺايل هئي. اُن سلسلي ۾ مخدوم صاحب به آيل هو. ڊاڪٽر صاحب ”بزمٖ خليل“ طرفان مخدوم صاحب جي صدارت ۾ مشاعري جو اهتمام ڪيو ۽ پاڻ مون کي به چيائون ته، اوهان به اچجو، جو مشاعرو ڪنداسين. اُن مشاعري ۾ آئون، منهنجو مامو ميرزا سلطان حيدر بيگ ۽ مهربان دوست عبدالقيوم ’صائب‘ گڏجي شريڪ ٿياسين. جتي به مخدوم صاحب کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو. جهڙي سندن شخصيت وڻندڙ هئي، تهڙو وري سندن شعر پڙهڻ جو انداز به سٺو ۽ وڻندڙ هو.

27- نومبر 1973ع تي ايران ڪلچر سينٽر لطيف آباد نمبر-7 ۾ سنڌي، اردو ۽ فارسي جو مشاعرو وڏي پيماني تي ٿيو. اُن مشاعري جي هڪڙي نشست جي صدارت مخدوم صاحب ڪئي. حضور احمد سليم ڪمپيئرنگ ڪئي. اُن ۾ هڪڙي نشست جي صدارت ڊاڪٽر ’خليل‘ به ڪئي. مون اُتي نظم پڙهيو.

نانا ميرزا علي محمد بيگ ۽ چاچا ميرزا عباس علي بيگ جي مشوري ۽ خواهش سان

مخدوم صاحب کي مشاعري لاءِ دعوت ڏني وئي، جيڪا پاڻ قبول ڪري مصرع طرح ”لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾“ ڏني. 27- جولاءِ 1974ع تي اِهو مشاعرو مخدوم صاحب جي صدارت ۾ امام بارگاه علي آباد ٽنڊي آغا ۾ ٿيو. اُن ۾ سيد حيدر شاهه، سيد احسن الهاشي ۽ اسان جي بزرگ عزيزن طرحي غزل پڙهيا، مون به طرحي غزل پڙهيو. ان موقعي تي مخدوم صاحب، نانا ميرزا علي محمد بيگ سان گهڻو وقت ڪچهري ڪندا رهيا ۽ گذشته دور جون ڪيتريون ڳالهيون کانئن پڇندا رهيا، جو نانا مرحوم سال 1919ع کان 1922ع تائين مختيار ڪار هالا جي ڪورٽ ۾ سرشتيدار رهي چڪو هو.

مخدوم صاحب جن جي جهڙي شخصيت بي مثال هئي، تهڙي ئي سندن شاعري ۽ تصنيف و تاليف به بي مثال آهي. سندن تصنيف ڪيل ڪو به ڪتاب کڻو؛ پوءِ چاهي اُهو شاعري جو مجموعو هجي يا نثر ۾ لکيل ڪو ڪتاب! سڀ پنهنجي فن جي لحاظ کان اعليٰ آهن.

مخدوم صاحب سنڌي شاعري جو اُهو سخن سنج شاعر آهي، جنهن  شاعري جي هر صنف سان نهايت ئي خوش اسلوبي سان نڀاءُ ڪيو آهي. سندن شاعري فصاحت و بلاغت سان لبريز آهي ۽ سندن شعرن ۾ ايڏي رواني آهي جو پڙهندڙ جهٽ متاثر ٿيو وڃي.

مخدوم صاحب جهڙو غزل جو سٺو شاعر هو تهڙو ئي ڪافي جو به باڪمال شاعر هو. ڪافي تي کين ڪمال جي دسترس حاصل هئي ۽ رباعي تي به پاڻ خوب طبع آزمائي ڪئي آهي.

رباعي تمام اصناف سخن ۾ ڏکي کان ڏکي صنف آهي، جنهن ۾ وڏا وڏا ناليوارا شاعر به ٿڙي ٿا وڃن. پر مخدوم صاحب انهيءَ ڏکي صنف کي به ڏاڍي خوش اسلوبيءَ سان نڀاهيو آهي، جيڪو سندن شاعراڻو ڪمال آهي. رباعي منهنجي پسنديده صنف رهي آهي. ان ڪري جو جڏهن فن رباعي تي ڊاڪٽر ’خليل‘ ۽ مرزا اجمل بيگ جي درميان بحث هليو، جيڪو هڪ وقت ته اخبارن ۾ شايع ٿيو ۽ پوءِ ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي ۾ اهو بحث ڇپيو. ڊاڪٽر صاحب طرفان لکيل جوابن جي پريس ڪاپي آئون لکندو هئس، جنهن ڪري مون کي به رباعي سان دلچسپي پيدا ٿيڻ لڳي.

رباعي تي شايع ٿيل مجموعن مان ”موتين جي دٻلي“ مرزا قليچ بيگ، ”مئڪده ناز“ هزهائينس مير علي نواز خان ’ناز‘، ”رباعيات واصف“ محمد بخش ’واصف‘ ۽ ”ڪليات عزيز“ ۾ ڇپيل عزيز مير چنداڻي جون رباعيون، هرومل سدارنگاڻي جا ٻه رباعين جا مجموعا ”رنگين رباعيون“ ۽ ”خوشبو“ فن رباعي جا شاهڪار آهن. سال 1950ع ڌاري مخدوم صاحب جي رباعين جو مجموعو ”رباعيات طالب“ ڇپيو، جنهن پڻ رباعي جي راهه ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

مون انهن مجموعن کي ۽ پنهنجي بزرگن جي چيل رباعين کي پڙهيو ۽ ڊاڪٽر ’خليل‘ جون چيل رباعيون ۽ سندس لکيل ڪتاب ”فن رباعي ۽ رباعي گو شاعر“ به زير مطالع رهيا. جن مون کي رباعي چوڻ تي اُتساهيو ۽ مون به هِن صنف تي طبع آزمائي ڪندي لڳ ڀڳ هڪ هزار رباعيون چيون آهن. ان کان علاوه مون رباعي تي هڪ ڪتاب ”رباعي جا راوي ۽ رباعي جا راهي“ پڻ لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي نامور رباعي گو شاعرن جون چيل رباعيون ڏنل آهن.

۽ وري جي مخدوم صاحب جي نثري تصنيفن مان ڪوبه ڪتاب کڻو، ته هرهڪ جو انداز ئي نرالو... ڪتاب ”دُرٖ ناياب عرف ياد رفتگان“، جنهن کي سنڌي شاعرن جي انسائيڪلوپيڊيا چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. ان ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جو احوال ملي ٿو.

تازو ئي سنڌي ادبي بورڊ ان ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن شايع ڪيو آهي. اِهو ڇاپو ڏسندي ئي اُهو ڏينهن اچي ياد پيم، جڏهن آءٌ ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘ پنهنجي بزرگن جو احوال کڻي مخدوم صاحب جن جي خدمت ۾ سنڌي ادبي بورڊ پهتاسين. پاڻ دل و جان سان اسان جي خاطر تواضع ڪيائون. ڪتاب ڏسندي ئي دل ۾ چيم ته، جيڪڏهن مخدوم صاحب سان حياتي وفا ڪري ها ته اڄ هيءُ ڪتاب ڪجهه وڌيڪ واڌارن ۽ سڌارن سان اسان وٽ پهچي ها!

مخدوم صاحب جن جي نثري تصنيفات مان ٻي يادگار تصنيف آهي ”ڪافي“. هيءُ ڪتاب لاجواب آهي، جيڪو بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو.

ڪافي هجي يا بيت، غزل هجي يا رباعي، مطلب ته پاڻ هر صنف تي سخن آرائي جا جوهر ڏيکاري ميدان سخن ۾ پاڻ ملهايو آهي ته نثرنگاري ۾ به کين اعليٰ مقام حاصل آهي.

مخدوم صاحب کي جڏهن به ڏسڻ جو موقعو مليو، تڏهن مون کي سندن گفتگو ۾ سنجيدگي ۽ شائستگي جو عنصر نمايان نظر ايندو هو. هاڻي اوهان اندازو لڳايو ته جنهن شخص جي تصوير ئي ايڏو متاثر ڪندڙ هجي ته هو پاڻ خود ڪيڏو متاثر ڪندڙ هوندو.


* نوٽ: هيءُ مضمون پنهنجي يادگيري واري ڊائري مان نقل ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org