سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:16 

راز بلڙائي

 

 

 

حضرت طالب الموليٰ جو ڪلام

حضرت طالب الموليٰ جن موجوده دور جي اُنهن ٿورن مستند ۽ معتبر شاعرن مان آهن، جن جو فڪر هر صاحب ذوق کان خراج تحسين حاصل ڪري ٿو. سندن شعر و سخن جي گلن ۾ نظر افروز شادابي ڏسبي آهي. حضرت جن جو ڪلام، پاڪ ۽ صاف محبت جي جذبات جي حسين تصوير آهي، جنهنڪري سموري ڪلام ۾ هر جڳهه سنجيدگي آهي. ڪالم جي پاڪيزه خيالن سان گڏ لفظن جي خوبصورتي ۽ اسلوب جي ادائيگيءَ جو حسن به هر هنڌ نظر اچي ٿو. سندن شاعريءَ ۾ زورِ بيان ۽ مضمون آفريني سان گڏ سوزو گداز رندي و مستي ۽ حسن و عشق جا ساغر ڇلڪندا نظر اچن ٿا. عشق جي ڪيف و مستيءَ ۾ سرشار ٿي بيباڪانه انداز ۾ فرمائين ٿا.

”ڊڄيو نه محتسب کان نه واعظ کان شيخ کان،

ڪرڻون جي عشق آهي ته هيڏو جگر ڪبو.“

مٿئين شعر ۾ ”هيڏو جگر ڪبو“ اهڙو ته سهڻو ادا ڪيل آهي، جنهن شعر ۾ جان پيدا ڪري ڇڏي آهي. ازانسواءِ بندش ۽ مضمون آفرينيءَ شعر کي نهايت ئي لطيف بنائي ڇڏيو آهي.

شاعري جذبات جي اظهار جو نالو آهي ۽ جذبات ۾ زياده شديد جذبو عشق جو آهي. جنونِ عشق ۾ سرشار ٿي پنهنجي شعر ۾ زورِ بياني پيدا ڪندي فرمائين ٿا:

”محبوب سان پيار ڪبو عمر ڀر ڪبو،

بيشڪ ڪبو، ضرور ڪبو، بي خطر ڪبو“.

۽ وري فرمائين ٿا:

”هڪڙي کي دل ڏيئي نه هزارن سان لائبي،

دنيا ۾ سجده گاه به هڪڙو ئي در ڪبو“.

جوشِ عشق جي انتها ملاحظه فرمايو:

”پرواهه نه ڪر ڪڏهن به ٽڻيءَ ٽامڻيءَ جي ڪا،

سر کي رکي تريءَ تي نه ڪنهن کان حذر ڪبو“.

حضرت طالب الموليٰ جن کي شعر و شاعريءَ سان فطري لاڳاپو آهي؛ اِهوئي سبب آهي جو هو صاحب جيڪو به شعر چوي ٿو، سو نهايت پر اثر آهي؛ ڇاڪاڻ جو هرڪو شعر واردات قلب جي تحت لکيو وڃي ٿو ۽ نه رسماً.

زندگيءَ جو حقيقي لطف ۽ مزو محبت مان ئي ميل ٿو، پر جنهن دل ۾ محبت جو گذر نه آهي، سا دل زندگيءَ جي لطف و مسرت کان يڪسر خالي ۽ بي بهره آهي. زندگيءَ جو حقيقي لطف ڪيئن حاصل ٿيندو، تنهن لاءِ فرمائين ٿا.

”ائين جيئري جيءُ جئن مرڻ کان پوءِ نه مرين،

جام جيئڻ جو ’طالب‘ هاديءَ هٿان پيءُ،

مرد مچي تون ٿيءُ، محبت جي ميدان ۾“.

زندگيءَ جي انهيءَ نشان افزا مقام تي پهچڻ لاءِ ڪيترائي ڏک ۽ ڏاکڙا، تڪليفون ۽ ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا؛ ڇاڪاڻ جو حياتي فقط عيش و عشرت ۽ لطف و سرور سان نه آهي، بلڪ اُن ۾ ياس و حرمان ۽ درد و الم جا جزا به شامل آهن. هڪ سچو شاعر اُنهن سڀني ڪيفيتن کان ضرور متاثر ٿئي ٿو. اهڙن ڏکن ۽ تڪليفن کان متاثر ٿي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ اُنهن جو حال اوريو آهي، مگر ”حضرت طالب الموليٰ“ جي ڪلام ۾ ڏکن جو انداز ئي نرالو آهي. اُنهن ته ويتر راحت ڏني آهي. فرمائي ٿو.

”دل جي دنيا ته مسرت سان نه آباد ڪجي،

عيش و عشرت کي غمِ يار ۾ برباد ڪجي،

گردشِ پيرِ فلڪ کان جي تڪاليف ملن،

خوب خوش ٿيجي مگر تن کان نه فرياد ڪجي“.

ڏکن کي سکن تي ترجيح ڏيندي فرمائي ٿو.

”ڏکن ڪين ڏکوئيو سُکن ڏنا سور،

ڏکن واري ڏيهه ۾ محبن جا مذڪور،

ڏکين ڏاهپ نه اچي آهن محو ۽ مخمور،

محبوبن جي ملڪ کان ڏکيا ناهن ڏور،

’طالب الموليٰ‘، مرد ٿي محبت ڪر منظور،

آڌي ۽ اسور ڏکن سان پيو ڏور تون“.

عاشق، پنهنجي محبوب جي جور و جفا ۽ ظلم و ستم کان بيزار نٿو ٿئي، مگر اُن کي عين راحت سمجهي ٿو. هجر و فراق کي به گلن جي سيج سمجهي ٿو، جيئن فرمائين ٿا:

”داغهائي هجر کان سينو گلستان ٿي ويو،

عاشقِ مهجور يعني گل بدامان ٿي ويو“.

۽ وري اڳتي هلي فرمائين ٿا:

”با تبسم تيغِ ابروءَ سان جڏهن هُن وار ڪيا،

ٿو خدا ڄاڻي ته هرهڪ زخم خندان ٿي ويو“.

 

عاشق جو عشق اُن حد تائين پهچي ٿو، جتي ستمِ محبوب به لطف کان گهٽ معلوم نٿو ٿئي ۽ محبوب جي جور و جفا کان خفا نٿو ٿئي، پر هر هر دعا ٿو ڪري ته:

 

”منهنجو ته وار وار ٿو هرهر دعا ڪري،

ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي خدا ڪري“.

”طالب الموليٰ“ جي شعر جي زبان ۽ اُن جي استعمال ۾ انتها درجي جي سادگي آهي ۽ ان سادگيءَ ۾ ايڏي ته شيريني آهي جو لطف اچيو وڃي، فرمائين ٿا:

”هن آسري تي پاڻ کي بيمار مون ڪيو،

مَن منهنجو يار منهنجي ڪڏهه ڪا پڇا ڪري.“

حسن و عشق جي شاعريءَ ۾ شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر چشم و نگاهه جي انهن تمام ڪيفيتن جو اهڙي ذوق ۽ شوق سان ذڪر ڪيو هجي، جهڙو حضرت طالب الموليٰ جن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. حقيقت هيءَ آهي، ته چشم و نگاهه جي لذت، حسن جو سڀ کان وڏو انعام آهي ۽ اها نگـﮧ سرمه سا، شاعر لاءِ سرمايهء نشاط آهي. نگـﮧ سرمه سا ۽ ڪيف زا کان لطف اندوز ٿيندي فرمائين ٿا.

”عاشق جو درد دل نه خميرن سان دور ٿئي،

ٿيندي شفا جي هو نگـہِء ڪيفزا ڪري،

زاهد جي زهد جي به ته قلعي کلي پوي،

اُن ڏي حسين ڪو نگـہِء سرمه سا ڪري.“

چشم و نگاهه جي موضوع تي اهڙو ته رنگين مضمون پيدا ڪيو اٿن، جو اُن جي پڙهڻ سان حسن و عشق جو هڪ دفتر کليو پوي. بيباڪ نظرن جي تيراندازي ملاحظ فرمايو.

”ڪاريون ڪيف ڪڪوريل ڪجليون،

ڪن ڪلسائڪي ڪار اکيون،

سارين ٿيون مهيرن کي“.

وري فرمائين ٿا.

”ڪجليون ڪڪوريل ڇا چوان، گهايو وجهن هڪ گهور سان،

نازڪ نهاري ناز سان، پهرين نظر سان پاڪ ڪن،

جن ڏي نگاهون ٿيون کڙيون_ جيءَ ۽ جگر ۾ سي جڙيون،

سَو سر ۽ ڌڙ ٿي پيا ڌڙيون_ ڪاريون قتل جي ڪار ڪن.“

اکيون به عجيب آهن. فرمائين ٿا.

”اکيون اڳيئي عجيب، ٻيو جو پائن سرمون،

شهزاديون شوق مان نهارين نجيب،

اهي حسن حضرت شاهه جا نُوراني نقيب،

گهايو وجهن گهور سان غازي ۽ غريب،

هيرايون حبيب، وَر وَر ڏيو وڙهڻ لاءِ.“

حُسن و عشق جي شاعري نهايت وسيع آهي، پر اُن جي خاص ڪيفيت ۽ لطف اندوزيءَ جا جيڪڏهن ٻيا به مثال وٺجن، تڏهن به شعر جي لطافت ۽ حُسن بيان ۾ ”حضرت طالب الموليٰ“ جن مڙئي سرس نظر ايندا ۽ سندن شاعرانه خوش سليقگي، بندس، زورِ بيان، رواني برجستگي ۽ طرزِ ادا جي دلڪشيءَ جو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.

حضرت ”طالب الموليٰ“ جن انساني قدرن کان به بخوبيءَ آگاهه آهن. سوز و ساز سان گڏ پنهنجي شاعريءَ کي حياتِ انسانيءَ جي انفرادي ۽ اجتماعي اقدار جي اصلاح جو به ذريعو بنايو اٿن. هن موضوع تي به حضرت جن جو ڪافي ڪلام غزل، نظم ۽ ڪافيءَ جي صورت ۾ به موجود آهي، مگر جيئن ته اُهو سردست ميسر نه ٿيڻ سبب، هتي حضرت جن جي بيتن جو سهارو وٺندس، جن ۾ هُن صاحب انساني قدرن جي ترجماني نهايت خوش اسلوبيءَ سان ڪئي آهي.

Text Box: 319

انسان کي گهرجي ته هو پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار کي سنواري ۽ پنهنجي زندگي ۾ پختگي پيدا ڪري. شاعر جڏهن انسان کي پنهنجي اخلاق کان بي بهره ۽ دنيا جي ظاهري ڏيک ويک تي موهت ۽ اُن جي رنگينيءَ ۾ محو ڏسي ٿو ته گهڻو متاثر ٿئي ٿو. اُن حقيقت حال جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو:

 

”ڏٺا اٿئون ڏيـﮧ ۾ سکن وارا سَوَ،

خوف نه اٿن خدا جو هو رلندي ڪَن ٿا رَوَ،

محبت رکن ٿا مال جي ۽ مچيو ڪَن ٿا مَوَ،

دنيا آهي ڍونڍ تنهن کي ڍونڍيو پيا ڪَن ڍَوَ،

ڏکن جي ڏهڪارن کان ڪَنبيو ڪَن ٿا ڪَوَ،

ڏکن واري ڏيـﮧ کان ڪَن ڀورا ڀڄيو ڀَوَ.

’طالب‘، موليٰ ساڻ هو نٿا لائين لَوَ،

هينئڙي اندر هَوَ، هو ڪانه رکن ٿا قرب جي“.

انسان مان هُن جي خودپسندي، خودنمائي ۽ خودطلبيءَ سبب، غيرتِ نفس جو احساس ئي موجود نه رهيو آهي؛ شاعر جي نظر ۾ اهو غيرتِ نفس هڪ نور آهي جو حق سبحان تعاليٰ کان هن کي عطا ٿيل آهي ۽ ان سان انسان جي اخلاق ۽ اعمال ۾ پاڪيزگي ۽ سيرت و ڪردار ۾ بلندي پيدا ٿئي ٿي، پر اِها عجيب دولت به عشق حقيقيءَ کانسواءِ حاصل ٿيڻ مشڪل آهي ۽ جيستائين عشق جي حقيقي ڪيفيت کي حاصل نٿو ڪجي، تيستائين ان منزل تي پهچي نٿو سگهجي. شاعر انسان کي ان منزل جي راهه ڏسيندي کيس غيرتِ نفس جو احساس ڏياريندي فرمائي ٿو.

”جيئڻ جن جهاد مرڻ تن مشاهدو،

مَن عرف نفسـﮧ فقد عرف ربـﮧ اعليٰ هي اِرشاد،

الحب الله و البغض الله چئي عاشق ٿي آزاد،

’طالب موليٰ‘ مرد ٿي، پنهنجو وڄائي ناد،

عالم کي آباد_ شل الله ڪري عشق سان“.

راهِه حق کي ڪيئن ڳولجي تنهن لاءِ فرمائين ٿا:

”پهرين پس پرين جو جلوه ۽ جمال،

پوءِ عاشق عجيبن جي ڪر قرب ۾ ڪمال،

شريعت ۾ شير ٿي وٺ حقيقت جو حال،

طريقت ۾ ترقي ڪري ميڙ معرفت جو مال،

پوءِ ووڙي لهه وصال ’طالب موليٰ‘ مرد ٿي“.

تصوف جن دامن ۾ ڪيتريون ئي دل آويز، اخلاقي ۽ روحاني حقيقتون موجود آهن ۽ هڪ شاعر، خوش سليقي سان اُنهن حقيقتن مان موتي چونڊي جڏهن شعر جي لڙين ۾ پُوئي ٿو ته اهي نه فقط دلڪش ٿين ٿيون، پر سبق آموز به؛ حضرت جن تصوف جي چراغ سان پنهنجي شاعريءَ جو ڪاشانو روشن ڪري پنهنجي ڪلام ۾ عجيب لطافت پيدا ڪئي آهي. فرمائين ٿا،

”سا ڪا ٻولي ٻول، جنهن سان راءُ ريجهايئين،

ڳجهه اندر جي ڳالهڙي ڳهلو ٿي مَ ڳول،

ڪانڌ تنهن جي ڪول_ تون وڃين ڇو وڻڪار ۾“.

 

”مؤليٰ جي محبت، رک تون روح اندر ۾،

سدا سهاڳي آهي، سهڻي جي صحبت،

محبت ۽ معرفت، ماڻ ته پوءِ مرد ٿيئين“.

 

 

”جن پاڻ فنا ري الله ڪيو اثبات،

ڪُل شيءِ محيط، آهي تنين کي تجلات،

هردم آهن حيات، و مرد مرن ڪينڪي“.

”مهراڻ، ٽماهي نمبر 2/1962ع

ڊاڪٽر غلام قادر سومرو

 

سائين طالب الموليٰ جي يادن جو ڇانورو

 

انسان مرڻي وَٿُ آهي. انهيءَ هوندي به ڪي مانائتا ماڻهو، شاهاڻيون شخصيتون ۽ لاکيڻا لال اهڙا به هوندا آهن. جيڪي پنهنجن ڪارنامن جي حوالي سان جال جيئندا آهن سندن طبعي موت کين ماري نه سگهندو آهي. اهڙو ئي لکمير، سائين طالب الموليٰ هو، جيڪو تاريخ 11 جنوري 1993ع تي، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. الله سائين مرهيس! وڃي رهندو نانءُ الله جو!!

دل ئي نه ٿي باسي ته مهمير، مڙس مٿير، ٻاجهه سٻاجهه جو سائين، سخن جو بادشاهه، قربائتو انسان، مٺڙو مور شهزور، ڪو هتان هليو ويو آهي! سچ ته هو اڄ به زنده آهي ۽ هميشه اسان جي دلين ۾ رهندو.

طالب الموليٰ جو اصلي نالو مخدوم محمد زمان هو، هُن سنڌ جي علم ادب ۽ ثقافت واري تاريخي شهر ”هالا“ ۾ ڄائو. پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ 1945ع ۾ ”سرور نوح“ جي نولکي گودڙيءَ جو وارث ۽ سروري درگاهه فرحت آثار جو سجاده نشين ٿيو ۽ 48 سال، پنهنجي وفات تائين، انهي مسند تي رهيو. مخدوم محمد زمان سائين علمي ادبي، ثقافتي ۽ سياسي حلقن ۾ ”طالب الموليٰ“ جي مٺڙي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو رهيو آهي.

ٻهڳڻي شخصيت: طالب الموليٰ هڪ تاريخ ساز شخصيت هو. هو ڳڻن جو ڳهير، ڪچهريءَ جو مور، سنڌي ثقافت جو نمونو، فضيلت جو ڳهڻو هو. هو هڪ جامع صفات شخصيت جو مالڪ، هڪ قدآور شاعر، نامور اديب، منفرد نثرنگار، محقق، زباندان، لسانيات جو ڄاڻو، راڳ جو ماهر ۽ هڪ اعليٰ انسان هو. مطلب ته طالب الموليٰ سائين پنهنجي وسيع ذات ۾ هڪ ادارو هو. هو پنهنجائپ ۽ محبت جو مرڪز هو، جتي محبتين جا ميڙاڪا متل هوندا هئا. سندس فيض جي پالوٽ عام هئي، جتان ڪيترن ئي فيض ورتو. انساني عظمتن جو موتين جي کاڻ مان مليل املهه ماڻڪ هو. سچ ته اهڙا مانجهي مرد، روز روز ناهن پيدا ٿيندا، ڪنهن سگهڙ جي چواڻي:

مبارڪ تنهن مادر کي جنهن اهڙا ڄام ڄڻيا!

طالب الموليٰ سائينءَ جي هانوَ ۾ هُرندڙ، چِت ۾ چُرندڙ، سدابهار شخصيت اڄ هن سانڀر جي پردي تي اُڀريل آهي. سندس سوين ساروڻيون، اڻڳڻت يادگيريون، کوڙ ساريون ادبي محفلون، قربائتيون ڪچهريون، راڳ جون رس رهاڻيون، ماکيان مٺيون ڳالهيون، ’يادن جو ڇانورو‘ بنجي چُڪيون آهن، جنهن جي سيتل ڇانوَ ۾ پلجندڙ سانڀرن جا اوٿارا ايندا رهن ٿا.

آءٌ هڪ عقيدتمند جي حيثيت ۾، يادن جي ڇانوري مان، ڳالهيون ياد ڪندي، سندس ڳڻن کي ڳڻيندو، ڳڻائيندو ۽ ڳائيندو آهيان ۽ نتيجي طور فرحت محسوس ڪندو آهيان. سنڌ جا اڪثر پير ’ڇپر کٽ‘ تي سينگاريل سنڌي سيج تي وهندا آهن، جڏهن ته مريد/ ملاقاتي هيٺ فرش تي هوندا آهن. طالب الموليٰ سائينءَ وٽ اهو رواج نه هو. سندس اعليٰ ڪردار جو هڪ مثال هي به آهي ته پاڻ نولک مريدن/ عقيدتمندن/ مداحن جو روحاني پيشوا هوندي به، ملاقاتين سان هڪدم ملاقات ڪندو هو. گِلمن ۽ غاليچن سان سينگاريل پٽ تي ويهي سِڪ ۽ اُڪير مان، روايتي کِل کيڪار کانپوءِ، حال احوال وٺي، پنهنجي خاص موهيندڙ انداز ۾ گفتگو ڪندي، دل جا دروازا کولي ڇڏيندو هو.

منهنجي پهرين ملاقات ساڻس 1960ع واري ڏهاڪي جي اوائلي سالن، سندس گاڏي کاتي واري بنگلي ”امين منزل“ ۾ ٿي هئي. هي اهو دور هو، جڏهن طالب الموليٰ سائينءَ جي شاعري مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا. سندس شاعري ”طالب مولا طلب ۾“ جي لفظن ۾ ضرب المثل بنجي چڪي هئي.

فنڪارن مان مصري فقير، ثقافتي محفلن جي جان بنجي چڪو هو، جنهن طالب الموليٰ جي شاعريءَ کي پنهنجي مٺڙي آواز ۾ عام ڪري ڇڏيو هو. استاد منظور علي خان جو عروج هو. استاد محمد ابراهيم ۽ استاد جمن جي درديلي آواز جو جادو پري پري تائين پهچي چڪو هو. انهن ڏينهن ۾، محمد يوسف فن جي دنيا ۾ نئون ساماڻو هو. سندس ”الاڙي گهوڙا ڙي“ وارن لفظن ۾، ڀرپور نموني ۾ دانهن ڪرڻ جي انوکي انداز، ماڻهن کي موهي وڌو هو. انهن سڀني فنڪارن کان علاوه، ڪيترن سارن فنڪارن، طالب الموليٰ سائينءَ جي ڪلام کي ڳايو. رونا ليليٰ اڳتي هلي طالب الموليٰ کي دلفريب انداز ۾ وڏي ڌڄ سَڄ سان ڳايو.

1960ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن مان هڪ سال (تاريخ ۽ سال ياد ناهي) گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص ۾، شاهه لطيف جي ورسي ملهائجي رهي هئي، جنهن جي صدارت، طالب الموليٰ سائينءَ ڪئي. موقعي جي مناسبت سان تقريرون ڪيون ويون، مقالا پڙهيا ويا، ساز ۽ آواز جي ميلاپ ۾، شاهه جو ڪلام پيش ڪيو ويو. رات جي پوئين پهر تائين محفل متل رهي. طالب الموليٰ، باوقار طريقي سان، سارو وقت ويٺو، هر گهڙي تازو توانو لڳي رهيو هو. ورسيءَ واري پروگرام جي رسمي پڄاڻي ٿي، جنهن کانپوءِ هڪدم راڳ رنگ جي غير رسمي محفل شروع ٿي، جيڪا فجر جي نماز مهل پوري ٿي. استاد منظور علي خان مرحوم، طالب الموليٰ سائينءَ جو هيٺيون مشهور غزل جملي صلاحيتن سان پهريون ڀيرو ڳائي داد حاصل ڪيو:

سڄڻ توکي خبر ڪهڙي ته منهنجي رات ڪيئن گذري،

رڳو آهن ۽ دانهن ۾ پرين پرڀات ڪيئن گذري!

استاد منظور علي خان غزل ڇا ڳايو؟ بس تنگ توري ڇڏيائين، مخدوم سائين سارو وقت ڦَرنو لڳي رهيو هو ۽ سندس منهن مبارڪ تي، اوجاڳي سبب، ٿڪاوٽ جو ڪو آثار نه هو.

1960ع واري ڏهاڪي (64-1961ع) ۾، پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾، هڪ باني استاد ۽ شعبهء سنڌيءَ جي سربراهه جي حيثيت ۾، بنده جي قائم ڪيل سنڌي ادبي سنگت (سنڌي لٽرري سوسائٽي) پبلڪ اسڪول حيدرآباد پاران، غير نصابي ۽ ثقافتي سرگرمين کي تيز ڪيو ويو، جن ۾ مطالعاتي ڪلاس، سنڌي اسٽيج ڊراما، مباحثا ۽ ادبي محفلون شامل هيون، سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ ڪئين پروگرام پيش ٿيندا رهندا هئا، جن جون رپورٽون، وقت جي اخبارن ۽ اسڪول مئگزين ”اينڊيور“ ۾ اينديون رهيون هيون. انهيءَ سلسلي ۾، 1964ع ۾، شهنشاهه لطيف جي حوالي سان. ”يوم لطيف“ جو پروگرام رٿيو ويو، جنهن جي صدارت لاءِ سائين طالب الموليٰ کي عرض ڪيو ويو، جيڪو هن صاحب، وڏي هيج مان قبول ڪيو.

ان زماني ۾، انگريز تعليمي ماهر، ايف. اي جونس پبلڪ اسڪول جو سربراهه هو. هن انگريز پرنسپال کي، شاهه لطيف جي شخصيت، سندس آفاقي شاعريءَ جي اهميت ۽ سندس ڪلام کي سازن ۽ آوازن جي سنگم ۾ پيش ڪرڻ جي روايتن کان آگاهه ڪرڻ ۽ مهمان خاص جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ لاءِ بنده هڪ تفصيلي نوٽ ٽائيپ ڪرائي، محڪمه اطلاعات سنڌ پاران شايع ڪرايل انگريزي رسالي سان گڏ پيش ڪيو ويو. پرنسپال صاحب هڪ هفتي جي مطالعي ۽ ويچار کانپوءِ، جشن منعقد ڪرڻ، مهمان خاص کي سندس پاران مدعو ڪرڻ، خرچ پکي لاءِ رقم منظور ڪرڻ جي تحريري اجازت ڏئي ڇڏي.

اهڙيءَ طرح 7- مارچ 1964ع تي ’يومِ لطيف‘ جو پروگرام، اسڪول جي آڊيٽوريم ۾ (جنهن لاءِ مون پرنسپال جوائس صاحب کان مڙساڻو وعدو ورتو ته لطيف سرڪار جي نالي پٺيان ان جو نالو ’لطيف آڊيٽوريم‘ رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ اسڪول جي چئن ئي هاسٽلن/ هائوسز مان ڪو هڪ به ڪنهن سنڌي شخصيت جي نالي منسوب نه هو/ هاڻي اسڪول جي باني ڪمشنر، نياز احمد جي نالي پٺيان منسوب ٿيل آهي) رکيو ويو. دعوت ناما جاري ڪيا ويا. ضروري تياريون مڪمل ڪيون ويون. پرنسپال کان علاوه، اسڪول جي وائيس پرنسپال اي. آر اسڪاٽ صاحب لاءِ سنڌي زبان ۽ ثقافت اوپريون شيون هيون، هنن تمام گهڻي دلچسپي ۽ تعاون جو مظاهرو ڪيو. شاگردن کان اردو، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ تقريرون تيار ڪرايون ويون. دور جي چونڊ اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن ۽ صحافين کي دعوت ناما پهچايا ويا. سندن واپسيءَ سميت ٽرانسپورٽ جو بندوبست پڻ ڪيو ويو.

آءٌ جاري ڪيل دعوت نامن جي هڪ ڪاپي، ڪنفرميشن طور، سائين طالب الموليٰ کي روبرو پهچائڻ لاءِ کڻي پهتس ته پاڻ فرمايائون:

”انگريز بهادر سنڌي ڪيئن سمجهندو؟“ عرض ڪيم ته ”سائين، ڪا ڏکيائي محسوس نه ٿيندي! نيٺ تيارين جي وٺ وٺان ۾، ڏينهن گذري ويا ۽ 7 مارچ 1964ع وارو ڏينهن به اچي ويو.

جشن واري ڏينهن شام جو پرنسپال سميت اسان سڀ واسطيدار انتظار ۾ هئاسن. سندن آمد جو اعلان ڪيو ويو. پاڻ گاڏيءَ مان لٿا ته سندن شاندار استقبال ڪيو ويو. کين گلن جا هار پهرايا ويا. هال ۾ آيا ته سڀ شاگرد ۽ دعوتي وغيره سندن احترام ۾ اٿي بيٺا ۽ تاڙين جا واڄٽ ٿيندا رهيا. کين اسٽيج تي آندو ويو. سندن ڀرسان ويٺل پرنسپال جونس صاحب، مخدوم صاحب جو کلي آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سندس چيل لفظن جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو. پوءِ طالب الموليٰ سائين، پنهنجي محبوبانه انداز ۾، کيڪارجي موٽ سنڌي زبان ۾ ڏني، جنهن جو پڻ انگريزي ترجمو ڪيو ويو. پوءِ تلاوت ڪلام پاڪ سان، محفل جي شروعات ٿي. بنده سنگت پاران مرحبائي تقرير ڪئي. ان بعد شاگردن پاران تقريرون ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ فنڪارن شاهه جو راڳ پيش ڪيو. ڳائيندڙن ۽ سندن طرفان پيش ٿيندڙ شاهه جي ڪافين جو تعارف انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ٿيندو رهيو. آخر ۾ مخدوم صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ۾، شاگردن جي ثقافتي سرگرمين ۽ اسڪول جي انتظاميه جي تعريف ڪئي ۽ حصو وٺندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا. محفل جي پڄاڻيءَ تي، انگريز پرنسپال، رومن ليٽرس ۾ لکيل شڪريي جا سنڌي لفظ چيا:

”آءٌ اوهان سڀني جو بيحد شڪرگذار آهيان،“

اهڙي طرح اها يادگار محفل رات جو ٻارهين بجي تائين جاري رهي، جنهن بعد مهمانن کي رخصت ڪيو ويو.

علمي، ادبي خدمتون:

سندس يادن جي حوالي سان، طالب الموليٰ سائينءَ جي ڪيل خدمتن کي ورجائي ڄاڻائڻ بنده لاءِ، عزت جو باعث آهي. 1936ع ۾ هالن ۾ ’الزمان‘ پريس لڳائي ويئي، جتان هفتيوار ”پاسبان“ اخبار جاري ڪيائين. بعد ۾ ماهوار ”فردوس“ پڻ سندس سرپرستيءَ ۾ هالن مان جاري ڪيو ويو. ”بزم طالب الموليٰ“ قائم ڪئي ويئي، جنهن جون شاخون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ کوليون ويون. پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي ادارن جو سرپرست اعليٰ رهيو. 1957ع ۾، جميعت الشعراءَ سنڌ جو سرپرست چونڊيو ويو. 1955ع ۾ هالن ۾ راڳ ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. 1955ع کان سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ۽ ونيونٽ آڻڻ کانپوءِ چيئرمين چونڊيو ويو. پاڻ هالن جي تعليمي ادبي ۽ ثقافتي ادارن جو سرپرست اعليٰ هو. بسنت هال حيدرآباد ۾، مزاحيه ڪانفرنس سندس فياضي ۽ زنده دليءَ جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي، سياست ۾ سندس فعال ڪردار هميشه ياد رهندو.

ادبي تخليقات:

اسان جو طالب الموليٰ، صاحبِ ديوان شاعر، اديب، نقاد، محقق، موسيقيءَ جي علم جو ماهر هو، پاڻ ”زمان ٽوڙي“ ايجاد ڪري راڳ ۾ پنهنجي اعليٰ ڄاڻ جو ڌاڪو ڄمائي ويو.

طالب الموليٰ سائينءَ ويهن کان مٿي ڪتاب لکيا، جن مان ڪيترائي شايع ٿي چڪا آهن. سندن سنڌي ادبي ڪاوشن کي فخر مان پيش ڪري سگهجي ٿو.

سماجي خدمتون:

مخدوم صاحب دُکي انسانن جون وَس آهر وڏيون خدمتون ڪيون، جن مان ڪي واقعا، ڪارنامن کان گهٽ نه ٿا سمجهيا وڃن. 1956ع واري قهري ٻوڏ کان، هالن ۽ اوسي پاسي جي ٻين سوين ڳوٺن/ شهرن کي الله بچايو، مخدوم صاحب بچايو. پاڻ پنهنجي سر، مستين ڀرئي دادلي درياهه سان مهاڏو اٽڪائي، ان کي ”ٻوڙ ٻوڙان“ کان باز رکيو.

سياسي زندگي:

مخدوم طالب الموليٰ 1950ع کان سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيو 1952ع ۾ ميونسپل ڪميٽي هالا جو صدر ۽ 1960ع ۾ بلديه هالا جو پهريون چيئرمين ٿيو. ايوب خان واري دور کان قومي اسيمبليءَ تي چونڊبو آيو. 1969ع کان آخري دم پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو.

ادب نوازي:

درٻار طالب مان ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن فيض ورتو. سندس ادب نوازي ۽ ادب پروريءَ جو ڪو مثال نه ٿو ملي. اهي ناميارا اديب ۽ شاعر، جن طالب الموليٰ سائينءَ مان پرايو، تن مان ڪي نالا هن ريت آهن: غلام محمد گرامي، سرشار عقيلي، اسدالله شاهه ٽکڙائي، احسن الهاشمي، اختر هالائي، جان محمد ”اضعف“، پير محمد ’سائل‘، منصور ويراڳي، عبدالرحيم ’بيدل‘، ’ساقي‘هالائي، ’غلام‘ هالائي، انور هالائي، سليم هالائي، محمد اسماعيل ’فدائي‘، ولي سروري محبوب سروري وغيره.

مڃتا:

طالب الموليٰ سائينءَ کي پنهنجي جيئري ئي مڃتا ملي ويئي. سندس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي خدمتن جي عيوض کيس ”تمغهءِ پاڪستان“، ”هلال امتياز“، ”شاهه لطيف ايوارڊ“ (1961ع) مليا.

شاعري:

طالب الموليٰ کي ننڍي هوندي کان ئي شاعريءَ ۽ راڳ جو شوق هوندو هو. شاعريءَ ۾ پهريائين ”بيوس“ پوءِ ”فراقي“ ۽ ”زمان شاهه“، جڏهن ته آخر ۾، 1949ع کان ،”طالب الموليٰ“ تخلص اختيار ڪيائين. طالب الموليٰ ڪافي ۽ ”غزل“ جو پهرئين جوڙ جو شاعر هو. فن ۽ فڪر جي لحاظ کان، سندس ڪافيون ۽ غزل پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندس شاهڪار ڪافيون ۽ غزل مختلف فنڪارن جي آواز ۽ مختلف موسيقارن جي ترتيب ڏنل ڌُنن ۾ بهاريل، هند سنڌ ۽ اڃا به دنيا جي ملڪن ۾ بيحد مقبول آهن. چوندا آهن ته شاعري نالو ئي اهڙي ڪلام جو آهي، جنهن کي ڳائي وڄائي سگهجي. سندس ڪلام کي گهڻو تڻو سنڌ، پنجاب ۽ هندستان جي ناميان فنڪارن ڳايو آهي.

غزل:

طالب الموليٰ جي غزلن ۾ رنگ تغزل جو ڀرپور انداز ملي ٿو، سندس موزون شاعري، عروض جي لوازمات جي عين مطابق، استادانه اسلوب ۾ رسيل آهي.

طالب الموليٰ محبت جو وڻجارو هو، هو پيار ۽ محبت جو شاعر هو، جنهن محبتي ميڙي، قدردانن جي هڪ وسيع دنيا آباد ڪئي. محبت جو متوالو چوي ٿو:

طالب الموليٰ هٿ ڪئي الفت،

گڏ انهي کان نه سيم وزر ٿيو.

لسانيات، گرامر جي لحاظ کان، مخدوم ”طالب“ جي شاعريءَ جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته سندس ڪلام ۾ محاوري جو زور آهي. اهو ئي سبب آهي، جو سندس ڪافين ۽ غزلن مان اڪثر سِٽون، مصراعون، اشعارَ، گفتگو ۽ ادبي تحريرن جا عنوان ۽ موضوع بنجي ويا آهن. سندس لفظن جي چونڊ انوکي ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جو انداز نهايت وڻندڙ آهي. سندس شاعريءَ جي هڪ وڌيڪ خوبي اها آهي ته ان تي نغمگيءَ جو عنصر غالب آهي، جيڪو ساز ۽ آواز جي سنگم ۾ ادا ٿيندي، جادو جاڳائي ڇڏي ٿو. سندس ڪلام کي سنڌ کان علاوه ملڪ جي سڀني حصن ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر هندستان، سينگاپور، وغيره ۾ ڳايو وڄايو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو. سندس مقبوليت جو سڀ کان وڏو ثبوت اُهي ڪيسٽون آهن، جيڪي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر، هٿئون هٿ وڪامي وڃن ٿيون ۽ سنڌ ۾ هر جاءِ، هر طرف، هر هوٽل، هر گهر مان انهن وڄندڙ ڪيسٽن ۾ مختلف آوازن ۾ رڪارڊ ڪيل سندس شاعري ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.

هند، سنڌ جو هي سدا حيات شاعر، صدين تائين اسان جي دلين ۾ رهندو ۽ سندس نيڪ نالو، وڏي عزت سان ورتو ويندو. طالب سائينءَ کي، خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو سڀ کان سٺو طريقو اهو آهي ته سندس تخليقات کي پڙهيو ۽ سمجهيو وڃي. انهي کان علاوه زنده قوم وانگر اسان جو فرض آهي ته سندس ياد کي هميشه لاءِ زنده رکڻ لاءِ سندس نالي ۾ ڪو تعليمي ادارو، ڪا اسپتال، ڪو مدرسو، ڪو موسيقي جو اسڪول قائم ڪري وٺون ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ”طالب الموليٰ“ جي نالي سان منسوب تعليمي ۽ ادبي ايوارڊ جاري ڪريون.

(نئين زندگي، جون 1963ع)


· هتان ڪتابن جو تفصيل دهراءَ سبب ڪاٽيو ويو آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org