سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:5 

پروفيسر مير عبدالرسول ”مير“

 

 

 

 

سارون ميگهه- ملهارون

]ڪجهه ڏينهن اڳ ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽر جو S.M.S آيو. ”ادا! سنڌي ادبي بورڊ پاران مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ نمبر شايع ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ اوهان هفتي اندر ڪو شعر ٺاهي، لکي موڪليندا.“ جواب ۾ کيس فون ڪري چيم ته مون پنهنجي سموري ڄمار ۾ ڪڏهن به موڊ ٺاهي، ارادو ڪري شاعري ڪانه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪرڻ کپي. تنهنڪري ٿي ٿو سگهي ته مخدوم صاحب تي مقرره وقت ۾ ڪو شعر لکي نه سگهان. البت ساڻس نويڪلائيءَ ۾ ڪيل ڪچهرين جون ڪجهه يادون موڪلڻ جي ڪوشش ڪندس. تاهم مخدوم صاحب سان ٿيل ملاقاتن جون صحيح تاريخون، مهينا ۽ سال چٽيءَ طرح ياد ڪونه اٿم. ڇاڪاڻ ته مان پروفيشنل رائيٽر ناهيان، تنهنڪري نه ته ڊيلي ڊائري لکندو آهيان، نه ئي وري ڪو وڏي کُڙيءَ وارو بوٽ پائي پنهنجي قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، بهرحال جيڪي ڪجهه ياد اٿم، سو ”جيئن جو تيئن“ ڪچين ڦڪين سٽن جي صورت ۾ موڪليندس ان کان پوءِ مهراڻ جي ايڊيٽر (انچارج) محترمه ثمينه ميمڻ صاحبه مون کي فون تي چيو ته کين سائين امداد حسيني صاحب کان ڄاڻ ملي آهي ته اوهان وٽ مخدوم صاحب جا هٿ اکر خط لکيل به آهن، انهن خطن کي ’مخدوم طالب الموليٰ نمبر‘ ۾ شامل ڪيو ته سٺو ٿيندو. سو اوهين اهي خط به موڪليندا ته اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي، کيس چيم ته هونئن ته مون ڏانهن سائين جن جا ڪيترائي خط آيا هئا، پر في الحال هڪ خط ٽماهي مهراڻ جو قارئين جي خدمت ۾ پيش ڪندس.[

1980ع جي لڳ ڀڳ جي ڳالهه آهي. اونهاري جي موسم هئي. مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروڊيوسر مرحوم انور بلوچ سان سندس آفيس ۾ ڪچهري ڪري رهيو هئس ته مرحوم حسين بخش ’خادم‘ آيو، ملياسين. انور بلوچ صاحب جيئن ئي منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو ته هُو پنهنجي ڪرسي ڇڏي منهنجي ويجهو آيو ۽ چيائين: ”سائين! پاڻ وري ملنداسين.“ مون کيس ڀاڪر پاتو. ڀاڪر دؤران ئي مون کي ڪَنَ ۾ چيائين: ”قبله سائين جن اوهان کي ڏاڍو ياد به ڪندا آهن ته بيحد پسند به ڪندا آهن.“ سندس اهو جملو مون جهڙي هڪ سيکڙاٽ شاعر لاءِ ڪنهن وڏي اعزاز کان گهٽ نه هو. تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ’خادم‘ٻڌايو ته سائين جن جنهن ڪمري ۾ ويهندا آهن، اتي گهڻو ڪري ريڊيو به هلڪي آواز سان وڄندو رهندو آهي ۽ اوهان جا ڪلام به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڏينهن ۾ الاهي دفعا نشر ٿيندا آهن. قبله سائين جن انهن کي غور سان ٻُڌندا به آهن ته تعريف به ڪندا آهن. پاڻ چوندا آهن ته هِن شاعر کي مان ڳچ وقت کان ٻُڌندو پيو اچان. ڏاڍيون خوبصورت ڪافيون لکي ٿو، پر خبر ناهي ته آهي الائي ڪير؟ ڪٿان جو آهي؟ ڪٿي رهي ٿو؟ نوجوان آهي الائي پوڙهو پڪو؟ يا حال حيات به آهي، الائي…؟ ڀلا جي حال حيات آهي ته ساڻس ملاقات ڪجي، ڪچهري ڪجي ته ڏاڍو سٺو ٿي پوي…!

مرحوم ’خادم‘ جي ڳالهين مان، سائين مخدوم صاحب جو پنهنجي باري ۾ ايترو سارو قدر ۽ پيار ڏسي سچ ته منهنجي به دل اُڇلون کائڻ لڳي. سوچيم: ته هاڻي وٿيءَ جي وير به نه وجهجي. سو بلوچ صاحب ۽ ’خادم‘ کان موڪلائي اٿيس ته ’خادم‘ مون کي سائين مخدوم صاحب جو فون نمبر ڏئي ساڻس رابطي ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو.

ريڊيو اسٽيشن کان ٻاهر نڪري ناولٽي سائنٽيفڪ اسٽور تي آيس ۽ مخدوم صاحب کي فون ڪيم. جنهن ماڻهوءَ فون اٽينڊ ڪيو تنهن منهنجو نالو ٻُڌي فوراً کين آگاهه ڪيو ۽ خوشقسمتيءَ سان منهنجو ساڻس رابطو ٿي ويو. تقريباً ڏهه منٽ کن ڳالهه ٻولهه ٿي. سندن گفتگوءَ جي انداز مان مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ اسين ڪنهن عرصي کان هڪ ٻئي جا آشنا هجون، سندن لهجي ۾ بي انداز پنهنجائپ هئي. هُو، مون سان ’مير سائين‘ ڪري مخاطب ٿي رهيا هئا. ساڻن ڳالهائڻ دؤران مون کي ڪيترو سڪون ملي رهيو هو، اهو لفظن ۾ بيان ڪري نه ٿو سگهجي. ليڪن سائين جن جي ڳالهين مان مون کي ائين به ڀائنجي رهيو هو، ته کين به گهڻي خوشي ٿي رهي هئي. ايتري تائين جو مون کي چيائون: ”مير سائين! هاڻ ستت ئي پنهنجي ڪا ملاقات ٿي وڃي، ته ڏاڍو سٺو ٿئي…!“ ”سائين! مان جلد ئي اوهان وٽ حاضر ٿيندس.“ مون وراڻيو.

مهيني کن کان پوءِ جڏهن وري حيدرآباد وڃڻ ٿيم ته واپسيءَ تي 3:00 بجي ڌاران هالا آيس. معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب ڪنهن دوست جي دعوت ۾ ويل آهن. مون انتظار ڪيو، پاڻ جڏهن موٽي آيا ته کين منهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو ويو. جلد ئي مون کي گهُرايو ويو ۽ ملاقات جو شرف نصيب ٿيم. پاڻ فرمايائون ”جيئن ته مون کي به اوهان جي اچڻ جي ڄاڻ ڪانه هئي، انڪري اوهان کي ڪافي تڪليف ٿي هوندي، سو معاف ڪجو! اڳتي ائين بهتر ٿيندو ته پروگرام موجب ملاقاتون ڪجن!“ ڪلاڪ کن ڪچهري هلي، تفيصلي ڄاڻ سڃاڻ ٿي ته ڪجهه ڳالهيون ’ڪافيءَ‘ جي باري ۾ به ٿيون. ان کان پوءِ مان اجازت وٺي نواب شاهه لاءِ روانو ٿيس.

اهڙيءَ طرح اسان جي ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو سلسلو شروع ٿيو. ڪڏهن روبرو ته ڪڏهن خطن ذريعي، مان جيئن ته ان وقت ڪِرائي جي جڳهه ۾ رهندو هئس، تنهنڪري منهنجي رهائشگاهه تي ٽيليفون جي سهولت ميسر ڪانه هوندي هئي، جڏهن پنهنجو گهر ٺهرائي، ان ۾ شفٽ ٿيس ته ٽيليفون لڳرايم ۽ ان کان پوءِ اسان جو فون تي به رابطو ٿيندو رهيو، شفٽ ٿيڻ دوران مون سان هڪ اهو الميو ٿيو ته منهنجو هڪ ڪافين جو رجسٽر ’هيٺ مٿي‘ ٿي ويو، جيڪو اڄ تائين هٿ اچي ناهي سگهيو. (مون سان زندگيءَ جي هڪ وڏي ٽريجڊي اها به هوندي آهي ته مان جنهن شيءِ جي گهڻي حفاظت ڪندو آهيان، جنهن شيءِ کي تمام گهڻو چاهيندو آهيان، ته اها مون کان سدائين گُم ٿي ويندي آهي ۽ وري هٿ نه ايندي آهي).

سنڌي شاعريءَ جي لازوال صنف ’ڪافي‘ جيڪا منهنجي پسنديده ترين صنف به آهي، جنهن کي مون ساهه سان سانڍي رکيو، ان جو ائين گُم ٿي وڃڻ، بلڪل ائين جيئن:

جِيئن ڪو ستارو کِڙي ٿي وڃي گُم،

اِئين يار تنهنجي به رخصت ڏٺي مون.

”مير“

ان واقعي جو ذڪر جڏهن مون سائين طالب الموليٰ سان ڪيو ته پاڻ ڏُکارو ٿي چيائون، ”هونئن ته سنڌي شاعريءَ جو اهڙو زيان ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي، ليڪن ڪافين جو هيترو سارو ذخيرو گُم ٿيڻ اڃا به وڏو الميو آهي. جنهن جي تلافي ڪنهن به طرح ٿي نه ٿي سگهي.“

هڪڙي ڏينهن مرحوم مصري فقير مون وٽ پهريون ڀيرو آيو. حال احوال ٿيا. چيائين: ”مير صاحب! اڄ مان قبله سائينءَ جن جي حڪم تي اوهان سان سيڙجي ملڻ آيو آهيان، ته شاعري به وٺڻ آيو آهيان. گذريل رات هڪ محفل ۾ سائين جن موجود هئا ۽ مان ڳائي رهيو هئس. سائين جن مون کي اوهان جي ڪلام جي فرمائش ڪئي. مون جڏهن کين عرض ڪيو ته سائين! مون وٽ ان شاعر جو ڪوبه ڪلام موجود ناهي، ته پاڻ فرمايائون: ”فقير! اوهان کي سنڌ جي اهڙن سريلن شاعرن سان ملڻ کپي ۽ سندن ڪلام هٿ ڪري ڳائڻ کپي.“ تنهن کان پوءِ مون کيس ڪجهه ڪافيون ڏنيون ۽ کانئس ڪجهه ڪافيون ٻُڌيون. مصري فقير، سائين مخدوم صاحب جن جو هڪ ڪلام ٻُڌايو، جنهن جو ٿلهه هو:

جنهن ڏينهن کان دل دلبر سان لڳي، کلندو به رهيس،

روئندو به رهيس،

پيا پاڻ ۾ گڏجي غم ۽ خوشي، کلندو به رهيس،

روئندو به رهيس.

انهيءَ ڪلام جو هڪ بند هو:

هڪ ڏينهن چيو محبوب سندم، جو چَوِڻو اٿئي

سو چَوِ هاڻي،

افسوس سگهيس ڪجهه ڪين چئي، کلندو به رهيس،

روئندو به رهيس.

اهو بند ٻُڌي مون کان اها ٻاراڻي ٿي وئي، جو مون فقير کي چيو، ته جيڪڏهن اهو ڪلام منهنجو هجي ها ته آءٌ قافيو ”چئِي“ جي بجاءِ ”ڪُڇِي“ استعمال ڪيان ها. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مصري فقير خط لکي مون کي مبارڪ ڏني ۽ ٻڌايو ته اها قافيي واري ڳالهه مون جڏهن قبله سائين جن کي ٻڌائي ته پاڻ فرمايائون ”مير صاحب جي اها صلاح بلڪل وزندار آهي ۽ کين خط لکي آگاهه ڪيو، ته اسان اوهان جي راءِ دل سان قبول ڪئي آهي، پر جيئن ته اهو ڪلام ڪتاب ”ديوانِ طالب الموليٰ“ ۾ ڇپجي چڪو آهي، انڪري في الحال ڪجهه نٿو ڪري سگهجي. البت ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جيڪڏهن آيو ته اسان اوهان جي ٿورن سان ان کي استعمال ڪنداسين.“ مان اها ڳالهه پڙهي حيرت ۾ پئجي ويس ته هيڏو سارو قدآور، مفڪر، عالم، اديب ۽ شاعر جنهن جي شاعريءَ جي ڄمار ئي منهنجي ڪل ڄمار کان به وڌيڪ آهي. باوجود ان جي مون جهڙي معمولي شاعر جي راءِ کي نه رڳو اهميت ڏين ٿا، پر تسليم به ڪن ٿا. ورنه اڄڪلهه ڪوبه اديب/شاعر جيڪي ڪجهه لکي ٿو، ان کي آخري حرف ٿو سمجهي! پر اها سندن بردباري هئي، مصنف مزاجي هئي، دانشوري هئي، روشن خيالي هئي، مزاج ۾ فقيري هئي ۽ ڪشاده دلي هئي.....!

هڪڙي ڀيري صبح جو پهر هو، مان سائين مخدوم صاحب وٽ ويٺو هئس (اها منهنجي وڏي خوشقسمتي هوندي هئي، جو مان جڏهن ساڻن ڪچهري ڪندو هئس ته گهڻو ڪري ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ جي موجودگي ڪانه هوندي هئي) هالا جو S.D.M ساڻن ملڻ لاءِ آيو، پاڻ کيس اهو چَوِرائي ملڻ کان معذرت ڪيائون ته، هن وقت مون وٽ منهنجو مهمان آيل آهي. تنهنڪري اڄ نه پر سڀاڻي ملاقات ڪبي.“ ٿوري دير کان پوءِ مخدوم شفيق الزمان صاحب ڪمري جي دروازي وٽ اچي بيهي سائين جن کي ٻانهون ٻڌي عرض ڪيو، ”قبله سائين! هينئر گهران نڪري پنهنجي آستاني ڏانهن وڃي رهيو هئس، بس اوهان جو سلام ڪرڻو هئم.“ اهو ٻُڌي مخدوم صاحب کين اندر اچڻ جو چيو ۽ منهنجو ساڻن تعارف ڪرايو، ”شفيق سائين! هي منهنجا مهمان مير عبدالرسول ”مير“ صاحب نواب شاهه کان آيل آهن ۽ مون تي گهڻو مهربان آهن…!“ شفيق سائين وڏي احترام سان مون سان مليو ۽ ڪمري جي ديوار کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. ڇاڪاڻ ته مخدوم صاحب جي محفل وارا گهڻو ڪري ڪمري ۾ ديوار سان ٽيڪ ڏيئي ويهندا هئا. جڏهن ته سائين جن پاڻ ڪمري جي وچ تي پٺيان رکيل پلنگ کي ٽيڪ ڏيئي ويهندا هئا، مان به سدائين ديوار کي ٽيڪ ڏيئي ويهڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، پر سائين جن مون کي ائين ڪرڻ نه ڏيندا هئا ۽ پاڻ سان گڏ ويهاريندا هئا، ڪجهه دير بعد شفيق سائين اٿيو ۽ چيائين: ”مير صاحب! هتان فارغ ٿي اسان تي به مهرباني ڪجو ۽ ٿورو وقت ڏجو…“ شفيق سائينءَ جي وڃڻ کان پوءِ مخدوم صاحب مون کي چيو، ”توهان منهنجن صاحبزادن سان ملڻ جلڻ ڪندا ڪيو، انهن سان رابطي ۾ رهندا ڪيو، ڇو جو مان هاڻي پوڙهو ٿي چڪو آهيان. باقي زندگي الائي ڇا…؟ دنياداري آهي، زماني جا ڪم ڪار ٿين ٿا، اولي سولي آهي، اوهان به نوجوان آهيو، اوهان کي به زندگي گذارڻي آهي، اوهان کي به ڪنهن جي ساٿ ۽ سهاري جي ضرورت پوندي…“ مون عرض ڪيو ته ”سائين، الله تعاليٰ اوهان کي وڏي ۽ صحتمند ڄمار ڏئي، منهنجي اهائي دعا آهي باقي صاحبزادا ته مون مٿان اوهان جي شفقت کان بخوبي واقف آهن. جيڪڏهن نظر ڪندا ته سندن مهربانيون ٿينديون ۽ جي نه ڪندا ته اسان لاءِ محترم هوندا.“

ان کان پوءِ منهنجي ڪجهه دوستن/ڀائرن به مون تي اصرار ڪيو ته انهن کي به سائين جن جهڙي عظيم، شفيق ۽ غريب پرور شخصيت سان ملاقات ڪرايان، مون جڏهن اها ڳالهه مخدوم صاحب جن سان ڪئي ته پاڻ کُلي دل سان ان جي اجازت ڏنائون ۽ چيائون ”جيڪي ماڻهو اوهان جا پنهنجا آهن، اهي اسان جا به پنهنجا آهن. اسان کي به انهن سان ملي ڪري خوشي ٿيندي.“ مون پنهنجي ڪجهه دوستن ۽ بعد ۾ وڏي ڀاءُ مير عبدالنبي ٽالپر کي هالا ۾ سائين جن سان مِلرايو. منهنجي ڀاءُ جو هڪڙو ڪم به هئو، تڏهوڪي چيف منسٽر سيد قائم علي شاهه صاحب ۾، سو به عرض ڪيوسين، جواب ۾ پاڻ سندن بئگ ۾ رکيل هڪ تصوير ڏيکاريائون، جيڪا سندن چيف منسٽر صاحب سان گڏ هئي ۽ چيائون ”هن ملاقات کي ڳچ ٽائيم ٿي ويو آهي، ان ملاقات ۾ مون شاهه صاحب کي هڪ خسيس ڪم چيو هو ۽ شاهه صاحب وڏي هام هڻي، سُتت ئي ڪم ٿيڻ جي خاطري ڪرائي هئي ۽ مون کي به اطمينان ٿي ويو هو، ليڪن اهو ڪم اڄ تائين ناهي ٿيو. توهان جو به ڪم کيس ضرور چونداسين، پر اميد گهٽ نظر اچي ٿي. تاهم اوهين ايندڙ هفتي ڪراچي اچجو ۽ منهنجي رهائشگاهه تي مون سان ملجو. ڪوشش ڪنداسين.“ پروگرام موجب مان ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ ڪراچي وياسين. اتي پهچي سائين جن کي فون ڪري، سندن موجودگيءَ کي ’ڪنفرم‘ ڪيوسين. ٻئي ڏينهن صبح جو بنگلي تي پهتاسين، ملاقات ٿي. ملاقات دوران مخدوم رفيق الزمان صاحب به موجود هو، سائين جن چيف منسٽر صاحب سان ٻه- ٽي ڀيرا فون تي رابطو ڪري، ٽائيم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر افسوس جو ٽائيم ملڻ ته ٺهيو، پر چيف منسٽر صاحب سان رابطو ئي نه ٿي سگهيو!

هڪڙي ڀيري سائين طالب الموليٰ مون کي فون ڪري ٻُڌايو ”ڏاڏا سائين (مخدوم امين فهيم منسٽر آف ڪميونيڪيشن) مون سان گڏ ويٺا آهن. توهان جيڪو ڪم سندن حوالي سان چيو هو، کيس سمجهايو ته پوءِ ٿا پاڻ وڌيڪ ڳالهايون.“ مخدوم امين فهيم صاحب لائين تي آيو، ”مير صاحب! السلام عليڪم… قبله سائين جن اوهان سان ڳالهائڻ لاءِ حڪم ڪيو آهي، هاڻي اوهان حڪم ڪريو، مان ڪهڙي ٿو خدمت ڪري سگهان؟“ کيس جيڪي ڪجهه چوڻو هئو، سو چيم. ان کان پوءِ مخدوم صاحب پاڻ لائين تي آيا ۽ چيائون، ”مير صاحب! هاڻي ستت ئي ڪا ملاقات ڪجي ته ڏاڍو سٺو ٿئي!“ سائين آءٌ تما جلد ئي اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيندس“، مون عرض ڪيو. پاڻ اصرار ڪيائون ته جلد ته ’سڀاڻي‘ به ٿي سگهي ٿي!“ ”ٺيڪ آ سائين، مان سڀاڻي ئي حاضر ٿيندس.“ چيم: ”ڪائين بجي؟“ چيائون: ”انشاءالله تعاليٰ صبح 11:00 بجي“، چيم: ”ڏاڍو سٺو، وڌيڪ ڪچهري روبرو ڪنداسين، خدا حافظ!“ چيائون. ٻئي ڏينهن نواب شاهه کان هالا پهچندي پهچندي مون کي 12:00 ٿي ويا. جڏهن اتي پهتس ته اتان جي ملازمن ٻڌايو ته قبله سائين جن اوهان جو 11:00 وڳي کان انتظار ڪري رهيا آهن! مان تڪڙو تڪڙو سندن ڪمري ۾ داخل ٿيس، سائين جن اڪيلا ويٺا هئا، سلام ڪري، ساڻن جُهڪي ملڻ جي ڪيم، ته پاڻ اُٿڻ واري ڪيائون، ”قبله سائين! ويٺا هجو.“ مون عرض ڪيو. ”نه نه… ائين وري ڪيئن ٿي ٿو سگهي“، وراڻيائون. نيٺ مون کي ئي ٽيڪ ڏئي اُٿيا ۽ وڏو ڀاڪر پائي مون سان مليا. معمول موجب گڏجي ويٺاسون. ”مير صاحب! خير ته هو؟ اسان کي انتظار انڪري به گهڻو ٿيو، جو خبر هئي ته اوهان اڪيلا ايندا ۽ پاڻ ئي ڊرائيوِ ڪندا، سفر ته سفر هوندو آهي، خدانخواسته…؟“ سندن ڪيفيت کي محسوس ڪندي سوچيم ته ههڙي بزرگ هستيءَ سان ڪهڙو ڪوڙ ڳالهايان؟ سو عرض ڪيم ته قبله سائين، سچي ڳالهه اها آهي ته مان نواب شاهه مان نڪتو ئي 11:00 وڳي آهيان. ان لاءِ معافي ٿو گهران. ”ها! جيڪڏهن ائين هو ته رڳو فون ڪري ڇڏيو ها ته سٺو ٿئي ها.“ چيائون. خير! ٿوري دير خاموش رهياسين ۽ ڪچهري شروع ٿي وئي. اسان جي ڪچهريءَ جا مختلف موضوع هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سياست جي به ڳالهه نڪري پوندي هئي. پر مون کي ائين لڳندو هو، ڄڻ ته اهو موضوع سندن مزاج مطابق ناهي. سندن فقيري ۽ فطرت جي اُبتڙ آهي. خير! موضوع کڻي ڪهڙا به هجن ڳالهه ڦِري گهِري اچي شاعريءَ تي بيهندي هئي. ’شاعري‘ اسان جي مزاج ۽ موضوع جو محور هوندي هئي، ته شاعريءَ جو محور وري ’ڪافي‘ هوندي هئي. ’ڪافيءَ‘ جو ماضي، حال ۽ مستقبل، ڪافيءَ جو مضمون، گهاڙيٽو، بحر، وزن…… ڪافيءَ جي گهٽ لکڻ جو ڪارڻ وغيره بحث هيٺ ايندا هئا ۽ جڏهن ڳالهه ڪافيءَ جي هجي، ذڪر عشق محبت جو به ته ٿئي ئي ٿئي، سو ڳالهين ئي ڳالهين ۾ پڇيائون، ”اوهان جي عشق محبت جو جهان  ڪيئن پيو هلي؟“ سندن اوچتو ۽ مختصر سوال ٻُڌي مون کان ڇِرڪ نڪري ويو، سوچيم ڇا جواب ڏيان! بس اهو چئي جانِ ڇڏايم ته سائين! بس گاڏو گهلجي پيو! ان بعد ڪيترين ئي ملاقاتن ۾ پنهنعجي ويڌن ٻڌائڻ جي سگهه ساري نه سگهيم، پر آخرڪار اُٿلي پيس. کين ٻُڌايم سائين:

اڙانگي جاءِ تي اکڙيون اڙائي نيٺ ويٺاسون،

هٿن سان ننڊ پنهنجيءَ کي ڦٽائي نيٺ ويٺاسون.

”مير“

ليڪن اوهان منهنجي ڪيفيت کي ڪيئن سمجهي ويا، جڏهن ته مون اوهان سان اهڙي قسم جو ڪو اظهار ئي نه ڪيو هو. اهو ٻُڌي ٿورڙو مرُڪي چيائون، ”ضروري ناهي ته هر مامري کي اکرن ۾ آڻجي، ليڪن اوهان ته سڀڪجهه حجاب جي حدن ۾ رهي ڪري ٻُڌائي به چڪا آهيو، پنهنجي ڪافين ۾…!“ هاڻي اسان جي محفل جو رنگ ۽ روپ وڌيڪ نکرجڻ لڳو، راز ۽ نياز جا قصا دل کولي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ شروع ڪياسين، مون به پنهنجي اوکائيءَ کان کين کُلي آگاهه ڪيو، جواب ۾ پاڻ چيائون، ”اسين اوهان جي مدد ڪنداسين. پر في الحال اوهان جو هڪڙو ڪم اهو ڪجي جو اوهان جي شاعريءَ جو مجموعو ڇپرائجي. اوهين پنهنجو مواد سهيڙي مون وٽ کڻي اچو، اسين ان کي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرائينداسين، جيئن اهو مواد ضايع ٿيڻ کان بچي وڃي ۽ هن وقت اوهان جي شعري مجموعي جي اسان سڀني کي ضرورت آهي.“ اهو ٻُڌي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ مون مواد سهيڙڻ شروع ڪيو، پر افسوس ته ائين ڪندي تمام گهڻي دير ٿي ويئي، تان جو وقت هٿن مان نڪري ويو. باوجود سائين جن جي تمام گهڻي اصرار جي ڪتاب ان وقت ڇپجي نه سگهيو. خير! خدا جو اهو به شڪر آهي، جو بعد ۾ منهنجو پهريون شعري مجموعو ”سُونهَن وِرُونهَن“ روشني پبليڪيشن پاران 2007ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو، جيڪو هن وقت ناياب آهي.

منهنجي ڪتاب جي نه ڇپجڻ جو هڪڙو سبب ته منهنجي پنهنجي سُسُتي هئي، پر ٻيو سبب اهو به هو ته تڏهن منهنجي ريڪارڊيڊ ڪافين کي ايتري مقبوليت ملي چڪي هئي جو مون ان کي ئي ’سڀڪجهه‘ سمجهيو! ڪمرشل ڪمپنيون منهنجي اڻ ڳاتل ڪلامن جي ڳولا ۾ هونديون هيون، اِي.ايم.آءِ (E.M.I) گراموفون ريڪارڊنگ ڪمپنيءَ رڳو منهنجي ئي ڪلامن جون ڪئسٽون رليز ڪيون ۽ بيحد پسند ڪيون ويون. سنگل پلي ۽ لانگ پلي رڪارڊ رليز ڪيا، جيڪي پڻ گهڻو مقبول ٿيا، انور حسين وسطڙو، مرحوم ڦوٽي خان زرداري ۽ مرحوم استاد محمد يوسف منهنجا ڪيترائي ڪلام ڳائي، انهن کي امر بڻائي ڇڏيو. منظور سخيراڻي، اياز علي ۽ بعد ۾ حميرا چنا به پنهنجو پاڻ ملهايو. انهيءَ دؤر ۾ فنڪار سان گڏ شاعر کي به اهميت ملندي هئي. اهوئي سبب هو، جو حيدرآباد جي هڪ مشهور رڪارڊنگ ڪمپني ’پارس‘ مرحوم استاد محمد يوسف جي آواز ۾ هڪ اهڙي ڪيسٽ (Vol: 06) رليز ڪئي، جنهن ۾ ٽوٽل ڇهه ڪلام هئا ۽ انهن ۾ ٽي منهنجا ته ٽي سائين طالب الموليٰ جا هئا. ان ڪيسٽ جي موسيقي مرحوم فيروزگل ڏني هئي. ان ڪيسٽ کي بي پناهه ساراهيو ويو ۽ اڄڪلهه اها ڪيسٽ ناياب آهي.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ اهي شفيق انسان هئا، جن جي باري ۾ هر انسان، خاص ڪري اهي جن کي سندن قربت جو شرف نصيب ٿيو، دعويدار هوندو هو، ته هو منهنجا آهن…! ۽ انهن دعويدارن ۾ مان پاڻ به شامل هئس ۽ منهنجي انهيءَ دعويٰ جي گواهي لاءِ سندن خاص ملازم، شايد سندس نالو ”حاجن“ هو، جيڪڏهن حال حيات آهي، ته ڪافي آهي. ٻي صورت ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ جي موجوده چيئرمين مخدوم جميل الزمان صاحب کيس الله سائين وڏي ڄمار ڏئي، به انهي حقيقت کي مڃڻ ۾ ڪنهن به قسم جي هٻڪ محسوس نه ڪندا، ڇو ته کين به ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته سائين جن جي ڪيتري شفقت مون مٿان هوندي هئي. دراصل اها سائين طالب الموليٰ صاحب جي شعوري ڪوشش هوندي هئي، ته سندن صاحبزادن سميت سائين جميل الزمان به مون مٿان گهڻو مهربان هجن…! سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح کين باور ڪرائڻ چاهيندا هئا ته مير عبدالرسول ’مير‘ اسان جو پنهنجو آهي. اهوئي سبب هو جو هڪڙي ڏينهن مان پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هئس ته اوچتو ڪاليج جي احاطي ۾ سائرن جي وڄڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. خدا خير ڪري…! تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪتس، ڏٺم ته کوڙ ساريون سرڪاري گاڏيون، پرائيويٽ گاڏيون ۽ پوليس موبائلون بيٺيون هيون، ڪاليج جو هڪڙو پٽيوالو پاڻ ڏانهن ڊوڙندي ايندي ڏٺم. مون وٽ اچي، سهڪندي چيائين ته سائين ڪو وزير صاحب آيو آهي ۽ اهو اوهان سان ملڻ چاهي ٿو. وزير صاحب ۽ مون سان ملڻ ٿو چاهي!؟ مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سوچيم: پڪ پٽيوالو ڀُليو آهي، يا وزير صاحب: ”سائين جلدي هلو“، پٽيوالي زور ڀريندي چيو. وڃي ڏسان ته پرنسپال جي آفيس ۾ مخدوم رفيق الزمان صاحب ويٺو آهي. هن مون کي سڃاڻي ورتو، ڇاڪاڻ ته سائين طالب الموليٰ، مخدوم رفيق الزمان جي وليمي جي تقريب ۾ منهنجي ساڻن ملاقات ڪرائي هئي، مون سان ڀاڪر پائي مليو۽ ٻڌايائين ته رات مون جڏهن قبله سائين جن سان اڄوڪي نواب شاهه جي وزٽ جو ذڪر ڪيو ته پاڻ اهو حڪم ڪيائون ”اتي پهچي سڀ کان اڳ ۾ منهنجي مهربان دوست مير عبدالرسول ’مير‘ صاحب، جيڪو سچل ڪاليج ۾ فزڪس جو ليڪچرار آهي، سان ملجو، کين منهنجا سلام پهچائجو، پوءِ ڀلي پنهنجي پروگرام سان وڃجو!“ انڪري مان اوهان وٽ حاضر ٿيو آهيان، هاڻي وڌيڪ ڪچهري پوءِ ڪنداسين، اوهان اسان کي ڪمپني ڏيو. ان کان پوءِ هو جيترو وقت نواب شاهه ۾ هئا، مان ساڻن گڏ هئس.

1990ع واري ڏهاڪي جي شروع ۾ سائين مخدوم صاحب جي طبيعت گهڻي ناساز ٿي پئي، پاڻ آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ داخل ٿيا. معلوم ٿيو ته ڊاڪٽرن کين آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ کان منع ڪئي آهي. سڀڪجهه ڄاڻندي مان رهي نه سگهيس، ڪراچي هليو ويس، اسپتال پهتس، مون کي به اهائي ڳالهه ٻڌائي ملاقات ڪرائڻ کان معذرت ڪئي ويئي، ليڪن مان ان ضد تي قائم رهيس ته اوهين سائين جن کي صرف اطلاع ڪيو، پوءِ جيڪي حڪم ٿيندو، ائين ئي ڪبو. گهڻي زور ڀرڻ کان پوءِ مخدوم صاحب کي منهنجي لاءِ ٻڌايو ويو ته فوراً مون کي وٺي اچڻ جو حڪم ڪيائون. مان سائين جن وٽ پهتس، کانئس طبيعت جو پڇيم ۽ ٿوري دير کان پوءِ اُٿڻ واري ڪيم، پر سائين جن مون کي اڃا ڪجهه وقت ويهڻ لاءِ چيو، باوجود ان جي ته ڊاڪٽرن پاران کين ڪنهن سان به ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه هئي، ليڪن مون تي ايترا مهربان هئا جو مون سان نه رڳو اهڙي حالت ۾ به ملڻ جي عنايت ڪيائون، پر وڌيڪ وقت ويهارڻ جي به نوازش ڪيائون.

1992ع اپريل مهيني ۾ منهنجي ڀائيٽي وڏي ڀاءُ جي پُٽ مير پرويز احمد جي شاديءَ جي وليمي جو پروگرام منجهند جو هڪ بجي پنهنجي ڳوٺ رئيس مهر علي خان ٽالپر (مرحوم والد صاحب) تعلقه گنبٽ ضلعو خيرپورميرس ۾ رٿيوسين، جنهن جي دعوت سائين مخدوم صاحب کي عرض رکيم. انهن ڏينهن ۾ سائين جن جي طبيعت ناساز هئي، کين عرض ڪيم، ”سائين! جيئن اوهين اسان تي مهربان آهيو، بلڪل ائين سائين شاهه مردان شاهه پير صاحب پاڳارو به اسان تي مهربان آهن، انهن به اسان جي نماڻي نينڍ کي قبول ڪري، اچڻ جو اقرار ڪيو آهي. جيڪڏهن اوهين به اچڻ جي عنايت ڪندا ته هوند کير ۾ کنڊ پئجي ويندي! اهو ٻڌي پاڻ فرمايائون، ”مير سائين دعا ڪريو ته طبيعت ٺيڪ ٿي وڃي ته آءٌ به اوهان جي پروگرام ۾ اچي شامل ٿيندس. هونئن ته سفر به وڏو آهي، ليڪن اصل ڳالهه آهي طبيعت جي…!“ ان کان پوءِ پروگرام جي اڳئين ڏينهن ٻن پهرن ڌاران مون کي فون تي ٻڌايائون ته اڃا طبيعت ’جيئن جو تيئن‘ آهي، تنهنڪري ٿي ٿو سگهي ته اوهان جي پروگرام ۾ شريڪ ٿي نه سگهجي، سو اوهين گهڻو انتظار نه ڪندا.

ساڳي ڏينهن شام جو مان پنهنجي ٻن پٽن مير اختر رسول ٽالپر، مير اظهر رسول ٽالپر ۽ ڪٽنب جي ٻين ڀاتين سميت نواب شاهه کان پنهنجي ڳوٺ لاءِ روانو ٿي ويس. ٻئي ڏينهن تي سنڌ جي کوڙ سارين معزز شخصيتن جي آمد شروع ٿي ته پوري 12:30 وڳي عالي جناب حضرت پير صاحب پاڳاري جن جي به تشريف آوري ٿي ۽ اسان جي پروگرام کي ’چار چنڊ‘ لڳي ويا، ليڪن افسوس ته سائين مخدوم صاحب، طبيعت جي ناسازيءَ سبب نه اچي سگهيا، جن جي ڪَمي شدت سان مون کي محسوس ٿيندي رهي!

سائين طالب الموليٰ صاحب سان منهنجون جيتريون به ڪچهريون ٿيون، انهن ۾ اسان جو اڪثر وقت شاعري، خاص ڪري ’ڪافين‘ جي ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ ۾ به لڳندو هو ته ’ڪافيءَ‘ جي بڻ بڻياد، اصل نسل… تي لڳندو هو، جنهن جو تفصيلي ذڪر ٽماهي مهراڻ جي ڪنهن ٻئي پرچي ۾ ڪبو، پاڻ ’ڪافيءَ‘ جي بقا جي باري ۾ گهڻو فڪرمند رهندا هئا، مون کي نه رڳو ’گهڻي کان گهڻي‘ ڪافي لکڻ جو چوندا هئا. پر نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي به ان ڏِس ۾ اُتساهڻ جو تاڪيد ڪندا هئا، سنڌي شاعريءَ جي بي مثال، باڪمال، سهڻي ۽ من مهڻي صنف ’ڪافيءَ‘ سان سائين جن کي ايترو ته لڳاءُ هوندو هو، جو 1980ع جي ڏهاڪي دؤران ڪراچيءَ ۾ جڏهن ’شاهه لطيف ادبي ڪانفرنس‘ ڪوٺائي وئي ته مون کي به دعوت ڏني هئائون، ۽ چيو هئائون ته ان مشاعري ۾ به ’ڪافي‘ ضرور ٻڌائجو! ان ڪانفرنس جي ڏينهن واري مقالن جي نشست جي صدارت شهيد محترم بينظير ڀٽو صاحبه ڪئي هئي، جڏهن ته رات واري مشاعري جي نشست جو خاص مهمان مرحوم تنوير عباسي صاحب هو ۽ صدارت سائين طالب الموليٰ صاحب جن ڪئي هئي. ان مشاعري ۾ پاڻ به ’ڪافي‘ ٻُڌائي هئائون!

سائين مخدوم صاحب نه رڳو شاعريءَ جي صنف ’ڪافيءَ‘ کي چاهيندا هئا، پر ’ڪافي گو‘ شاعرن کي به عزت ۽ احترام سان ڏسندا هئا ته ساڻن تمام گهڻي محبت به ڪندا هُئا!

مان جيئن ته بنيادي ۽ فطري طور هڪ ’ڪافيار شاعر‘ آهيان، تنهنڪري مون کي به سائين جن کان بي پناهه محبت ۽ عزت به ملي ته هيڏي ساري پنهنجائپ ۽ قربت جو پڻ شوق نصيب ٿيو.

سائين طالب الموليٰ کي منهنجون تقريباً سڀئي ڪافيون پسند هونديون هيون، ڪا ’ڪافي‘ ٻڌي واهه واهه! چوندا هئا ته ڪا ’ڪافي‘ ٻڌي ’خوب‘ چوندا هئا ته وري ڪا ’ڪافي‘ ٻڌي اکين ئي اکين ۾، ڪنڌ لوڏي مُنهن تي هلڪي مُرڪ سجائي، خاموشيءَ سان داد ڏيندا هئا. (تقريباً پندرهنِ سالن جي ڊگهي عرصي جي قربت دؤران کين مون ڪڏهن به وڏو ٽهڪ ڏيندي نه ڏٺو نه ئي وري وڏي آواز سان ڳالهائيندي ٻُڌو!)

هڪڙي ڏينهن مون سائين جن کي جيڪا ’ڪافي‘ ٻُڌائي اُن جو ٿلهه آهي:

توسان سينو  ساهي  ڪيرُ  سڄڻ،

پائي تنهنجي جُتيءَ ۾ پيرُ سڄڻ!

ڪافي ٻُڌڻ کان پوءِ بي اختيار ٿي هلڪي آواز ۾ چئي ڏنائون، ”مير سائين! هِن وقت اسان وٽ سنڌ ۾ اوهان جهڙي سهڻي ڪافي ڪوبه شاعر ڪونه ٿو لکي. ۽ اها ڪافي منهنجي پسنديده ترين ڪافي آهي…!“ سندن اهو جملو منهنجي لاءِ تمام وڏي ’سَنَدَ‘ به هو ته بي پناهه عزت افزائيءَ ۽ همت افزائيءَ جو ڪارڻ به…! ان کان پوءِ مون ’ڪافيءَ‘ کي پنهنجي شاعريءَ جو اڃا به وڌيڪ پڪو پختو ۽ چِٽو محوَرِ بڻائي ڇڏيو!

مزي جي ڳالهه اها آهي ته رمضان شريف جو مهينو هو، قبله سائين پير صاحب پاڳاري جن اسان جي ڳوٺ اسان کي ’افطار ڪرڻ‘ جو شرف عطا فرمايو، سج لهڻ ۾ اڃا ٻه ڪلاڪ هئا، پاڻ مقرره وقت کان الاهي وقت اڳ ۾ اسان وٽ اوچتو اچي ويا…! اسان جيئن ته سندن استقبال لاءِ ڪجهه جيپون، ڪجهه ڪارون ته ڪجهه موٽر سائيڪلون ۽ ڪجهه جهنڊا کڻي جادو واهڻ (پنهنجي ڳوٺ کان پنج ميل پري) کين جلوس جي صورت ۾ وٺي اچڻ جو پروگرام ٺاهيو هئو، سو عمل ’اُتي جو اُتي‘ رهجي ويو، سندن غير متوقع آمد سبب! سو منهنجي ڀاءُ مير عبدالهادي ٽالپر پير صاحب پاڳاري کي انتهائي ادب سان عرض ڪيو ته قبله سائين! اوهان جي اچڻ جو پروگرام ته ڪجهه دير سان هو…! جواب ۾ پاڻ فرمايائون، ”مان توتي بارُ آهيان ڇا!” تون اطمينان ڪر، مان مزي سان ماني کائي پوءِ ئي واپس ويندس، في الحال هتي آيل دوستن سان ڪچهريون ڪريون ٿا.“

ان کان پوءِ سائين جن مون کي ڪو شعر ٻُڌائڻ جو فرمائش ڪئي…! مون کين عرض ڪيو ته سائين! اڄ مان اوهان جي خدمت ۾ پنهنجي اُها ڪافي ٿو پيش ڪريان، جيڪا هن موقعي جي مناسبت سان به ٺهڪي اچي ٿي ته عالي جناب حضرت سائين طالب الموليٰ صاحب جي پسنديده ترين ڪافي آهي:

ٿلهه:

توسان سينو ساهي ڪيرُ سڄڻ،

پائي تنهنجي جُتيءَ ۾ پيرُ سڄڻ.

1-

ڪَنِ هارَ سينگار هزار کڻي،

ڪري سُرما تيل ڦليل ڦڻي،

ته به سرس سمجهان تنهنجي اک جي اَڻي،

اهو اک اک جو آهي ڦير سڄڻ!

2-

تنهنجي درشن ۾ ديدارَ لکين،

هڪ پيارَ تنهنجي ۾ پيارَ لکين،

تنهنجي اکڙين جا اسرارَ لکين،

ڪو ان ۾ ايرُ نه ڀيرُ سڄڻ!

3-

تنهنجي جَلِوَن جو نه جواب ڏٺم،

تنهنجي هستيءَ جو به حساب ڏٺم،

جڏهن قرب تنهنجي جو ڪتاب ڏٺم

لَٿو ”ميرَ“ جي مَنَ جو ميرُ سڄڻ!

توسان سينو ساهي ڪيرُ سڄڻ،

پائي تنهنجي جُتيءَ ۾ پيرُ سڄڻ.

پير سائين پاڳاري ان ’ڪافيءَ‘ کي ڪيتري غور سان ٻڌو، ان جو اندازو مون کي تڏهن ٿيو، جڏهن سڄي ڪافي ٻُڌڻ کان پوءِ ’واهه واهه! ڪري، چيائون ته اها ڪافي ته پنهنجو مَٽُ پاڻ هئي، پر مير صاحب! اها ’اک جي اَڻي‘ ڇاهي…!؟

مون جڏهن ساڻن ان جي وضاحت ڪئي ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ دادُ ڏيندا رهيا.

ان کان پوءِ مون کي چيائون ته پنڊال ۾ موجود ماڻهن کي چئو ته ڪجهه ڳالهائينِ، ڪجهه اسان جي ٻُڌن ۽ ڪجهه اسان کي ٻُڌائينِ…! اهڙي نموني ماڻهن سان پير صاحب جي ڪچهري شروع ٿي ويئي، تان جو افطاريءَ جو ٽائيم ٿي ويو! افطاري ڪرڻ کان پوءِ سائين جن جي اسان سان نجي ڪچهري ٿي، جيڪا پڻ ڪافي وقت هلي ۽ بعد ۾ پاڻ پنهنجي ماڳ ڏانهن روانا ٿي ويا!

مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جن جي اها گهڻ رُخي شخصيت هئي، جنهن جو مثال اسان کي تمام گهٽ ملندو، توڻي جو اسان جي سڳوري سنڌ عظيم شخصيتن سان مالا مال رهي آهي، پر هڪ ئي وقت ايترن سارن ڳُڻن جي جهجائي ۾ هجڻ سندن ئي وڙ هو. پاڻ جتي بي مثال شاعر ۽ اديب هئا، اتي سُٺا موسيقار به هئا، الله تعاليٰ سندن ڳلي ۾ اهڙو ته سُر ۽ سوز سمايو هو جو دل چوندي هئي ته کين ٻُڌبوئي رهجي! پاڻ جتي سنڌي ٻوليءَ جا وڏا پارکو ۽ ماهر هئا اتي فارسي، عربي ۽ اردو ٻولي تي به وڏي دسترس رکندا هئا. پاڻ نه رڳو ديني، سياسي، سماجي سرواڻ هئا، پر وڏا سنڌ پرست ۽ انسان دوست پڻ هئا. پاڻ جيتوڻيڪ ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن/ادارن جا اڳواڻ به هئا، تنهن هوندي به هڪ عام ورڪر جي حيثيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا. شڪار ۽ راندين سان به گهڻي دلچسپي رکندا هئا. پاڻ فن جا ايڏا ته قدردان هئا جو وٽن فنڪارن، سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن جون محفلون متل رهنديون هيون، سندن مالي سهائتا به ڪندا هئا. هونئن به سخاوت، عنايت، شرافت، محبت، فضيلت ۽ ڪرامت سندن سرشٽ ۾ شامل هوندي هئي ته سادگي، ڪشاده دلي، بلند اخلاقي، درياهه دلي، علم ادب دوستي، خدا ترسي، همدردي، سچائي، ايمانداري، ديانتداري، بردباري، فقيري، غريب پروري ۽ مفڪري به سندن رڳ رڳ ۾ سمايل هوندي هئي…!

مخدوم صاحب جن جي شخصيت اهڙي ته پُررونق، باغ بهارَ، باوقار ۽ باڪردار شخصيت هئي جو، جنهن تي جيترو به لکجي، سو گهٽ آهي، ليڪن جيئن ته مون سندن ساروڻين کي سهيڙي لکڻ جي ڪوشش آهي ۽ توڻي جو کوڙ ساريون لکي به چڪو آهيان، تنهن هوندي به اڃا ڪيتريون ئي اهڙيون به آهن، جيڪي آهستي آهستي ذهن جي اسڪرين تي رونما ٿينديون وڃن ٿيون، جن کي وقت جي محدوديت سبب، في الحال لکڻ ناممڪن آهي.

سندن لاڏاڻي کي جيتوڻيڪ ويهه سال کن ٿي چُڪا آهن، پر سندن سارون- سنڀارون اڄ به اسان لاءِ ائين آهن جيئن ماڪ ڀنل گلراز هجن، بلڪل ائين آهن، جيئن منهنجي ئي هڪ ڪلام جا ٻول:

’مون کي تنهنجون سارون سهڻا،

ڄڻ ڪي ميگهه ملهارون  سهڻا!‘

جناب پروفيسر مير عبدالرسول ”مير“ ڏانهن، مخدوم زمان طالب الموليٰ جي لکيل خط جو عڪس

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org