نصير مرزا

سڄڻن جا ساريو سانگ .....
مان توهان سان پيار ٿو ڪريان، ان ڪري چوان پيو
ته
توہان جهڙو ڪوئي به ڪونه هو.
(پئبلو
نيرودا جي نظم جي هڪ سٽ)
شايد
1970ع
جي ابتدا جي ڳالهه آهي.
اِن ڏينهن شام جو مان ۽ منهنجو هڪ دوست ’علي بابا ريسٽارنٽ‘ جي
ٽيرس مٿان اوپن ايئر ۾ ويٺا هئاسين ۽ وقت ڪيڏو نه
تيزيءَ سان ’پاس آن‘ ٿي رهيو هو.
سياري جي ان شام جو دور ڪينٽونمينٽ جي ميدان ۾ ’اميدن ڀرئي‘
بزرگ جي درگاهه پويان، سج ائين لهي رهيو هو، جيئن
سياري م لهندو آهي. ٽيرس جي گرل تي بوگن ويلا جي
ول پکڙيل هئي ۽ هلڪي هلڪي هوا تي ان جا ڪاسني گل
ڇڻي، هيڏانهن هوڏانهن وکري رهيا هئا. تڏهن ول ۾
اڏرندڙ گلن جو پيڇو ڪندي، رستي ڏانهن نگاهه کڄي
وئي هئم.....
’واهه!
قبله مخدوم صاحب‘ ۽ پوءِ ان گذرندڙ لمحي جي
دوربينيءَ تي اک رکي ڏٺم. مخدوم صاحب جن، موٽر جي
فرنٽ سيٽ تي ويٺل هئا سندن ڪار تيزيءَ سان ’ٿڌي
سڙڪ‘ تان ترندي هيٺ ڊوڙندي پئي وئي.
- ۽
اُن
ڏينهن سنڌي ٻوليءَ جي بي مثل شاعر، قبله مخدوم
صاحب جن جي، هڪ پلڪ لاءِ ڏٺل جهلڪ، مون لاءِ ڪنهن
معجزي کان گهٽ ڪانه هئي. ياد اٿم گهڻي گهڻي عرصي
کان، اندر ۾ ڪيڏي نه اٿاهه، اڪير هوندي هئم ته:
’تو دلڙي يار ڌتاري..... اچ تون
اڱڻ يار‘ اسين ڇو وساريون، اوهين ٿا وساريو، يا
’وڃ ته قاصد سهي، پوءِ يار اچي يا نه اچي‘ جهڙي
سريلي شاعريءَ جي سرجڻهار ۽ پنهنجي دؤر جي عظيم
درويش صفت شخصيت سان روبرو ويهي مکاميلو ڪجي. پر
ان دؤر ۾ ٽريجڊي مون سان هيءَ به هئي ته ادب ۾ اڃا
نئون نئون هئس، سو انڪري نه هئم ايڏي واقفيت ۽ نه
پهچ- جو ان خوبصورت خواهش ۽ خواب جي پورڻتا ٿي
سگهيم ها.
خير گهڻو گهڻو پوءِ
1980ع ۾ جڏهن منهنجي نهايت پياري دوست سوز هالائيءَ جي شعري مجموعي ’رنگ رتا
پيچرا‘ جي مهورت ۾ شرڪت لاءِ هالا پراڻا وڃي پهتو
هئس، تڏهن اتي پڄڻ کانپوءِ، منهنجي خوشيءَ جي
انتها نه رهي،
مخدوم صاحب جن منهنجي بلڪل سامهون نيڻ نهار جي
فاصلي تي، رنگ منچ مٿان رکيل ڪرسيءَ تي جلوي افروز
هئا- سچ پچ ته ان مهل مون محسوس ڪيو ته مخدوم صاحب
جن پنهنجي شاندار شخصيت ۽ ان شخصيت مان ڦٽي نڪرندڙ
ٿڌي مٺي روشنيءَ باعث ان معرڪي ۽ محفل ۾ فقط پاڻ
ئي پاڻ پئي نظر آيا. ٻي خدا جي سموري مخلوق، بي
معنيٰ، فيس لس
(Faceless)
۽ جهڙوڪر هئي ئي ڪانه! لڳم، سڀ آڊينس
(Audience)
غير اهم آهن ۽ اهم صرف پاڻ آهن (۽ اهو صحيح به
ته
هو) فنڪشن جي پڄاڻيءَ تي جڏهن پاڻ اسٽيج تان هيٺ
پئي آيا ته نهايت اتاولائيءَ ۽ اڪير مان وڌي، جهڪي
ساڻن هٿ ملائڻ لاءِ، مون به ٻين وانگر پنهنجو هٿ
اڳيان وڌائي ڇڏيو هو..... پاڻ نهايت شفقت سان
پنهنجو نرم ۽ ڪومل هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏنائون ۽
چيائون: ”خيريت سان آهيو نه مرزا صاحب؟“
- ۽ جنهن گهڙيءَ مخدوم صاحب جن پنهنجو هٿ منهنجي
هٿ ۾ ڏئي، مون سان زندگيءَ جا اهي پهريان لفظ
اچاريا هئا، تڏهن دل ۾ چيو هئم، ’مان هر لحاظ کان
خيريت سان آهيان‘ ۽ لڳم، مان هنن گهڙين ۾ نهايت
محفوظ هٿن ۾ به آهيان. پوءِ اندر ڪمري ۾
ريفريشمينٽ جي مرحلي ۾، گفتگوءَ جو سلسلو شروع ٿيو
ته مون به ڪيڏو
نه
پئي چاهيو ته ٻين وانگر مان به ساڻن ويهي ڳالهيون ڪريان، پر
اوچتو ادب احترام ۽ حجاب جي ديوار، الائي ڪيئن
پنهنجو پاڻ وچ ۾ اڀي ٿي اچي بيهي رهي..... سو ڪڇيس
ڪجهه به ڪونه. فقط کين ٻڌندو ۽ سندن زيارت مان
محظوظ ٿيندو رهيس..... نيٺ وقت پورو ٿيو ۽ مخدوم
صاحب جن اٿي روانا ٿيا ۽ مون لاءِ هيءَ سٽنگ (دل ۾
چيم) قطعي تشنه ثابت ٿي.... خير اِن گڏجاڻيءَ کي
اڃا ڪجهه عرصو مس گذريو هو،
ته هالا نوان جي ادب دوستن، نامياري ليکڪ الطاف
شيخ سان شام ملهائڻ ۽ طرحي مشاعري جو اهتمام ڪري،
مون کي به
نينڍ موڪلي. جيئن ته ڪارڊ ۾ صدارت مخدوم صاحب جن
جي لکيل هئي، انڪري خرامان خرامان وڃي اتي پهتس.
مخدوم صاحب جن کي روبرو ڏسي مان ته جهڙوڪر ٽِڙي پيو.
ان شام جي سلسلي ۾ فرشي نشست جو انتظام ٿيل هو ۽
سامهون پاڻ طول وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي، خوبصورت ٽڪ واري
رليءَ تي موجود ائين لڳي رهيا هئا، ڄڻ تارن ۾
چوڏهينءَ جا چنڊ. مشاعرو پورو ٿيو ته مان آٽوگراف
وٺڻ جي بهاني سان ۽ سندن وجود جي خوشبوءِ مان
هڳاءُ ماڻڻ لاءِ، سندن ڀر ۾ وڃي براجمان ٿيو هئس.
کين پنهنجي ايترو ويجهو جو پسيم ته لڳم: اندر ۾ ڄڻ
ڪنهن هٿ وڌائي بٽڻ آن ڪري ڇڏيو هجي.... هر طرف ڄڻ
روشني ئي روشني پکڙجي وئي.... پاڻ پهرين ان طرحي
مشاعري ۾ پڙهيل غزل مان هي شعر لکيو:
مون نه
ڪو اهڙو ڪڏهن منظر ڏٺو،
مئڪدي ۾
ميڪشن روئي ڏنو!
۽ پوءِ هيٺيان لکيائون: ’مرزا صاحب، ياد رکو توهان جي اندر ۾
روشني جيتري گهڻي هوندي، اوهان تي پروانا به
اوترائي گهڻا ايندا.‘
بس اِجهو اِها هئي مخدوم صاحب جن سان منهنجي ٻي ملاقات ۽ اها
ملاقات به مون لاءِ سراسر تشنه ئي رهي، ڇو ته
آٽوگراف ڏيڻ کانپوءِ، ترت ئي ان محفل مان پاڻ اٿي
روانا ٿي ويا هئا، جو سندن دوا کائڻ جو وقت ٿي ويو
هو.... خير وقت هڪ دفعو وري ياوري ڪئي ۽ مخدوم
صاحب جن سان ملاقات لاءِ ٽيهر سبيل پيدا ٿي پئي ۽
اها هيئن ته
9
مارچ
1989ع
تي، جڏهن عنايت بلوچ صاحب جن جي جاکوڙ سان شاندار
ڪل اردو سنڌي مشاعرو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران
اسٽيشن جي احاطي اندر ارينج ڪيو ويو ته، ان جي
صدارت به مخدوم صاحب جن قبول ڪرڻ فرمائي هئي. ياد
اٿم سندن آمد تي مون ان مشاعري جي پروڊيوسر جي
حيثيت سان، ڪيئن نه سندن قدمن ۾ پنهنجا پلڪ وڇائي
ڇڏيا هئا ۽ گل پاشي ڪئي هئي. جڏهن پاڻ اسٽيشن
ڊائريڪٽر صاحب جي آفيس ۾ هلي ويٺا ته ياد اٿم،
کانئن مشاعري جو ڪانٽريڪٽ صحيح ڪرائڻ لاءِ مون
جيڪا پنهنجي پين کين صحيح ڪرڻ لاءِ هٿ ۾ ڏني هئي،
اها پين اڄ سوڌو، بطور سووينئر، مون هن يادگار
جملي سان پاڻ وٽ محفوظ رکي ڇڏي آهي ته: ”هيءَ ئي
آهي اها پين، جنهن کي مخدوم صاحب جن پنهنجي مبارڪ
هٿن ۾ جهلي، مشاعري لاءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
جي ڪانٽريڪٽ تي صحيح ڪرڻ فرمائي
هئي.“
هاڻي اڄ جڏهن اسان جي سٿ مان اٿي پاڻ روانا ٿي چڪا
آهن، تڏهن مخدوم صاحب جن سان پنهنجي ان عقيدت بابت
سوچيندي پوري ويساهه سان چوان ٿو ته، ساڻن منهنجي
اها محبت، قطعي بي لوث هئي، جنهن ۾ رڳو خلوص ئي
خلوص ۽ اها نيت شامل هئي ته مان به مخدوم صاحب جن
سان پيار ڪندڙن ۾ شمار ڪيو وڃان ۽ سندن چؤياريءَ ۾
گهرايو وڃان
۽
بس وڌيڪ ڪجهه به نه!
- ۽ ان کانپوءِ جنوري
1992ع
۾ پهريون هفتو منهنجي زندگيءَ لاءِ ڪيڏو نه يادگار
هفتو ثابت ٿيو هو، جڏهن منهنجي سؤٽ محمد حبيب بيگ
مرزا ۽ منهجي بي حد اصرار ۽ خواهش تي ملاقات لاءِ باوجود ناچاڪيءَ جي پاڻ اڌ ڪلاڪ کن
جو وقت ڏيڻ فرمايائون ۽ مون کي ياد آهي، وقت جا
الائي ڪيترا فاصلا لتاڙڻ کانپوءِ ساڻن روبرو
نويڪلائيءَ ۾ ويهي کلڻ ۽ ملڻ بابت اِهو منهنجو ڀاڳ
ڪڻو کليو هو. ان ڏينهن ساڻن اها ملاقات مخدوم
هائوس جي چؤديواريءَ اندر اٺاس بنگلي جي ڀڪ ۾
موجود ان مستطيل نما ڪمري ۾ طئي ٿي، جتي مخدوم
صاحب جن اڪثر پنهنجي پيارن، ملڻ وارن ۽ دوستن
احبابن کي ملاقات ۽ زيارت جو شرف بخشيندا هئا.
ٽيليفون تي طئي ٿيل تاريخ ۽ وقت مطابق صبح جو
11 وڳي، مخدوم هائوس جي شاهي مين گيٽ آڏو دروازي وٽ سؤ سال
جهوني نم جي (ڇانو ڀرئي) وڻ هيٺان گاڏي بيهاري،
دروازي جي ننڍڙي در مان اندر ٿياسين ته، سامهون
’اٺاس بنگلي‘ جي دروازي تي چڙهيل بوگن ويلا جي
ڪاسني گلن سان جهنجيل ول اسان کي ڀليڪار چيو.
دروازي ڀرسان، ننڍڙو ڳاڙهو خوبصورت ليٽر باڪس لڳل
هو ۽ ان ۾ ڪجهه خط به پيا هئا. اڳواٽ اطلاع هجڻ
سبب، دروازي تي مخدوم صاحب جن جي حاضريءَ وارو
ماڻهو اسان لاءِ منتظر هو. سڃاڻپ ڪرائڻ کانپوءِ،
مان ۽ محمد حبيب سندس پويان پويان ڌيرج ڀريا قدم
کڻندا، ’اٺاس بنگلي‘ ڏانهن وڌندا پئي وياسين.
بنگلي جا ور وڪڙ رستا ۽ ڳاڙهن سُرن
واريون ڊگهيون ڊگهيون گهٽيون اورانگهيندي لڳم: مان
سنڌباد جي قالين تي آهيان ۽ دل ۾ چيم اڄ مان ان
شخصيت سان ملڻ ۽ سندن زيارت ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو
آهيان، جنهن ويهين صديءَ جهڙي وحشيانه انڌاڌنڌ
صديءَ ۾ به، پنهنجي شرافت، وضعداريءَ ۽ حسن اخلاق
ذريعي پنهنجي آسپاس اهڙي ته روشني قائم ۽ دائم رکڻ
۾ سوڀ ماڻي آهي، جنهن کي ڪوبه زوال ڪونهي ۽ جنهن
جي علمي، ادبي ۽ سماج سڌارڪ ڪردار تي جيترو فخر
ڪجي، اوترو گهٽ آهي.
جيئن جيئن اٺاس ڏانهن ان بزرگ خادم جي پويان پويان، نرم وکون
کڻندا وياسين پئي اڳتي وڌندا، اسان لاءِ دروازا ان
حويليءَ جا ايئن کلندا پئي ويا، ڄڻ اسان جو ئي
انتظار ڪري رهيا هجن. (۽ مخدوم هائوس ۾ پنهنجو
اِهو آڌرڀاءُ ڪيڏو نه وڻيو پئي اسان ٻنهي کي) پوءِ
جڏهن شيشي جي ديوار واري ان مستطيل نما ڪمري جي
دروازي تائين پهتس ته خوشيءَ منجهان ٻهڪڻ لڳو هئس.
جنوريءَ جي ان صبح جي روشنيءَ ۾، ڪيڏي نه مڌرتا ۽
خوشبوءِ سمايل هئي.
ڪمري جي ٻاهران ’ڊورميٽ‘ تي جتي لاهي چائنٺ اڪري، محمد حبيب
پويان مان به اندر ٿيس ته اکيون سامهون
رکيل
پلنگ ڏانهن بي اختيار کڄي ويون هئم: حضرت مخدوم
سرور نوح جي سلسلي
جا
سورهان ۽ نامور ترين سجاده نشين....
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب، پنهنجي ڀرپور
’ڏيا‘ ۽ روشنيءَ سان پلنگ جي وچ تي پلٿي ماري ويٺا
هئا. سندن پلنگ جي سيرانديءَ سان گولائي ۽ اڌ سورج
جهڙو ڇٽ هو ۽ مان اکيون کڻي سندن چهري ڏانهن نگاهه
وڌي ته ڏٺم: سندن پيشانيءَ تي محبت جو چنڊ چمڪي
رهيو هو. اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته، اسان محفوظ
هنڌ تي پهچي ويا آهيون. سڄي ڪمري ۾ مخدوم صاحب جن
جي موهيندڙ شخصيت جو هڳاءُ هو ۽ لڳو پئي ڄڻ هر طرف
روشني ئي روشني پکڙي پيئي آهي.
پلنگ جي پيرانديءَ سان ٻه ڪرسيون رکيل هيون ۽ اڳيان ٽپائي موجود
هئي. هيٺ زمين تي وال ٽو وال ڪارپيٽ وڇايل هو ۽
سامهون ديوار سان ٽراليءَ تي
ٽي.وي
۽ ٽي.ويءَ
تي غلاف ۾ شايد ڪلام پاڪ رکيل هو. ٿورو فاصلي تي
ڪنڊ سان، هيٺ ڪارپيٽ تي مخدوم صاحب جن جي حاضريءَ
جو خاص ماڻهو ۽ سندن پسند جو شاعر جناب انور
هالائي ۽ ڪوئي ٻيو نامعلوم شخص پلٿي ماري باادب ٿي
ويٺا هئا. مون اڳيان وڌي ۽ جهڪي مخدوم صاحب
جن جا قدم ڇهيا ۽ ان کانپوءِ پاڻ جڏهن پنهنجو
خوبصورت هٿ، منهنجي هٿ ۾ هينڊ شيڪ لاءِ ڏنائون ته
مون کي هڪ دفعو ٻيهر محسوس ٿيو ته هن وقت دنيا جو
بهترين هٿ منهنجي هٿ ۾ آهي...... ۽ اهو ئي هٿ-
جنهن سنڌي ادب کي، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، ’ديوان طالب
الموليٰ‘، ’ياد رفتگان‘، ’ڪافي‘ ۽ ٻيا انيڪ ڪتاب
ارپيا هئا. مون سوچيو..... ڪاش! ڪا اهڙي جديد مشين
هجي ها، جنهن جي ذريعي، مخدوم صاحب جن جي هٿ جو
عڪس ۽ پنهنجي هٿ مٿان موجود سندن هٿ جي لمس جو
فوٽو پرنٽ وٺي جيڪر پاڻ وٽ سدائين لاءِ بطور
سووينئر محفوظ ڪري ڇڏيان. خير جنهن مهل، پاڻ
روايتي انداز سان منهنجي سؤٽ محمد حبيب بيگ سان
خوش خير عافيت پئي ڪئي، مون سندن مبارڪ چهري ڏانهن
پئي ڏٺو. اوچتو مون کي سندن هي چهرو اڳي ڏٺل چهري
کان ڪافي ڊفرنٽ لڳو
۽
اهڙو فريش، انرجيٽڪ ۽ ترو تازه نه رهيو
هو،
جهڙو ان کان ٻه سال اڳ
آءٌ
ڏسي چڪو هئس. تڏهن الائي ڪنهن جو چيل هڪ گفتو ياد
آيو هئم ته، سونهن، جواني ۽ صحت ٻرندڙ ميڻ بتين
جيان وگهرندڙ شيون آهن ۽ انهن ٽنهي شين جو آخرڪار
هڪ انت آهي. عربيءَ ۾ چوڻي به آهي ته يعني:
(هوريان هوريان) ’هر شيءِ پنهنجي اصل ڏانهن واپس
موٽندي آهي.‘
وري سندن آواز جي غير معمولي هيڻائيءَ به
ڪافي فڪرمند ڪري ڇڏيو هو، پاڻ محمد حبيب سان خوش
خيرعافيت مان واندا ٿي، مون ڏانهن متوجهه ٿيا ته
دلگير ٿي چيو مان: ”قبلا، اسين توهان جي صحت لاءِ
ڌڻيءَ در دعاڳو آهيون. شال! اوهان جلد صحتياب ٿيو،
جو سنڌ جون رونقون ۽ ادبي محفلون اوهان کي ڏاڍو
ياد ٿيون ڪن.“
نهايت ڌيرج سان ۽ هيڻي آواز ۾ وراڻيائون: ”مرزا صاحب! صحت جواب
ڏئي چڪي آهي. اِجهو هو سامهون ڪٻٽ سان رکيل اسٽڪ
ڏسو پيا نه، ان جي سهاري تي ٿو هلجي، اندران
هيستائين به ويل چيئر تي اچڻ ٿو ٿئي. اکين جي ديد
به صحيح ناهي، انهن جو به آپريشن ٿيڻو آهي. گردن
به ڪم ڪري ڇڏي ڏنو آهي.... هاڻي ته، هفتي ۾ ٻه
دفعا ڊائلاسز ٿئي ٿي ۽ ان ڪم لاءِ ’اٺاس‘ جو هڪ
ڪمرو مخصوص ڪيو ويو آهي، جتي ڊائلاسز مشين ۽ ٻيو
ضروري سامان رکيو آهي، انڪري ڪا ڏکيائي ڪانه آهي“.
مخدوم صاحب جن، پنهنجي اِها ڳالهه پوري ڪري چپ ٿيا
ته
لڳو ڪمري ۾ ڪا سوگوار خاموشي پکڙجي وئي آهي.
هفتي ۾ ٻه دفعا ڊائلاسز ٻڌي، مان في الحال
ته ڊڄي ويو هئس. ڇو ته ڊاڪٽر دوستن سان اٿ ويهه ۽
پنهنجي دوست طارق عالم جي گردن شرنگ ٿي وڃڻ واري
سانحي مان گذرڻ کانپوءِ، مون خوب ڄاتو ٿئي، ته هفتي ۾ ٻه دفعا ڊائلاسز جو نتيجو نيٺ
ڇا نڪرڻ وارو هوندو؟ ۽ اهڙيءَ صورتحال ۾ زندگيءَ
جي خيريت لاءِ سواءِ ڪنهن معجزي ظاهر ٿيڻ جي، ڪو
ٻيو چارو هوندو ئي ڪونهي. موت مهڻو ناهي ۽ اِهو به
درست آهي ته، هر ماڻهو جي
(جنيز)
Genes ۾ هڪ گهڙيال فٽ هوندو آهي ۽ هڪ ڏينهن ڪنهن مقرر قت تي ان جي
ٽِڪ ٽِڪ کي بند به ٿيڻو هوندو آهي، جو قدرت جو اٽل
قانون به ته اهوئي آهي. مون ڏٺو ته، اِهو سڀ ڪجهه
ڄاڻڻ جي باوجود مخدوم صاحب جن جي ڪنهن به گفتي يا
ڪنهن به رويي مان اِها لکا ڪانه ٿي پئي ته نهايت
جلد زندگيءَ جي متوقع اختتام کان
پاڻ
گهٻرايل يا هيسيل آهن.
ڪيڏي عجيب ڳالهه ۽ وڏي بهادري آهي..... مون سوچيو، جڏهن ماڻهوءَ
کي خود خبر به هجي ته نهايت جلد هو هِتان...
دنيا جي ڀرپور آرائش مان وڃڻ وارو آهي ۽ اهڙي ڄاڻ
کانپوءِ بيمار شخص کي ڪيڏي نه صبر سان زندگي
گذارڻي پوندي آهي ۽ ان احتياط سان ته، ٻي کي ان جي
لکا به نه پوي ته هو ڪو موت کان، دنيا کي ڇڏڻ کان
ڊڄي ٿو. اٽلو گفتگوءَ جي هڪ موڙ تي نهايت جرئت سان
فرمايائون: ’موت آخر خراب آهي به ڇو؟ آخر زندگيءَ
جو ٿڪ به ته لاهڻو آهي نه، مرزا صاحب‘!
ايتري ۾ اسان جي اڳيان رکيل ٽئبل تي بامبي بيڪريءَ جو فروٽ ڪيڪ
۽ فرسٽ ڪلاس چانهه
Serve ڪئي وئي، تڏهن اوچتو فون جي رنگ وڳي ۽ پاڻ اسان جي چانهه سپ
ڪرڻ دؤران، فون تي (شايد) پنهنجي خادم حاجن ابڙيجي
سان ڳالهيون ڪندا رهيا.
چانهه سپ ڪرڻ دؤران مان مسلسل آسپاس جي ماحول جو جائزو وٺندو
رهيس. سامهون شيشي جي ديوار ٻاهران ملازم ۽
حاضريءَ وارا خدمتگار، رکي رکي پٻن ڀر اتان
لانگهائو ٿيندي، چپن ئي چپن ۾ ائين نرم گفتگو ڪري
رهيا هئا، جيئن هوريان هوريان چانهه جي پيالن ۾
کنڊ ملائڻ لاءِ نهايت احترام ۽ سڪون سان چمچو
گهمائبو آهي.
فون تي گفتگو پوري ٿي، پاڻ محمد حبيب ڏانهن متوجهه ٿيا، جنهن
مخدوم صاحب جن جي شاندار مرتب ڪيل ڪتاب ’ياد
رفتگان‘ جي نئين ايڊيشن لاءِ، پاڻ سان گڏ آندل،
’مرزا خاندان‘ جي تازو مرحوم ٿي ويل شاعرن جي ڪلام
جو انتخاب ۽ سندن تصويرن وارو لفافو، سندن خدمت ۾
پيش ڪيو. پاڻ نظر جي عينڪ تبديل ڪري مواد ۽ تصويرن
تي هڪ نظر وڌائون ۽ اطمينان جو اظهار ڪندي مون
ڏانهن ڏٺائون ته سندن عينڪ جي شيشن تي منهنجي چهري
جو عڪس سامهون نظر آيو ۽ ڪجهه لمحن لاءِ اِن ڳالهه
به ڪيڏو نه راحت پهچائي
ته مان مخدوم صاحب جن کي اکين وانگر اوڏو آهيان. عين منهنجي ان
سوچ وقت ڪمري جي ڪنڊ ۾ ڪارپيٽ تان
هو
نامعلوم شخص اوچتو اٿيو ۽ هٿ ٻڌي، مخدوم صاحب جن
جا پير ڇهي، پٺئين پير ائين ورڻ لڳو، جيئن درگاهن
مان يا پنهنجي مرشد اڳيان اٿڻ کانپوءِ، بنا پٺِ
ڏيڻ جي ٻاهر نڪربو آهي. (۽ اهو منظر به ڪيڏو نه
وڻيو مون کي) سوچيم ته جڏهن مان به هتان وڃڻ لاءِ
اٿندس ته، ايئن ئي ڪندس ۽ پٺئين پير ٻاهر نڪرندس ۽
پٺ نه ڏيندس. تڏهن اِن سوچ دؤران سدائين غلام
رباني آگري صاحب جن جا، مخدوم صاحب جن جي باري ۾
لکيل هي لفظ ذهن تي تري آيا هئم: ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو
چوي ته، سنڌي ڪلچر جو مثالي نمونو ڏيکارڻ لاءِ تون
سنڌ جي ڪنهن به فقط هڪ ماڻهوءَ تي هٿ رک، ته مان
جيڪر مخدوم صاحب جو نالو کڻان.‘
محمد حبيب، پنهنجي والد اسد بيگ مرزا ۽ چاچن نادر بيگ مرزا ۽
اجمل بيگ مرزا جي شعري مجموعن ۽ غزلن جي ديوانن جي
ادبي بورڊ پاران ڇپرائڻ جو ذڪر ڇيڙيو ته،
فرمايائون، ”مرزا صاحب اِهي ڪتاب خوشيءَ سان
ڇپرائبا. ادبي بورڊ تي اوهان جي علمي ادبي خاندان
جو وڏو حق آهي. اوهان جي خاندان جا هونئن به سنڌي
ادب تي وڏا احسان آهن. بورڊ اِهي ڪتاب ضرور
ڇپرائيندو. اوهان اِن لاءِ هيئن ڪريو جو چيئرمين
جي نالي تي رڪارڊ لاءِ هڪ عدد خط لکي اماڻيو.
انشاءَ الله اِهو ڪم سربسر ڪبو.“
- ۽ مون واچ ۾ ڏٺو وقت تيزيءَ سان اڏامندو پئي ويو. ڪائي ازلي
ابدي ٽِڪ ٽِڪ وقت کي مسلسل اڳيان ڌڪيندي پئي وئي ۽
خبر به ڪانه پئي، جو اڌ ڪلاڪ ۽ اٺاويهه سيڪنڊ گذري
چڪا هئا.، مون گهڻو چاهيو پئي ته اٿڻ کان اڳ ڪن
ٻين مامرن ۽ موضوعن تي به ساڻن گفتگو ڪريان- ۽ اِن
ڏس ۾ مون ڪجهه لفظ ڳالهايا به- پر منهنجي ڳالهه جي
تهه تائين نه پهچندي، ڪن جي پويان هٿ رکندي
فرمايائون: ’مرزا صاحب ٿورو ڏاڍ سرو
ڳالهايو‘...... مان چپ ٿي ويس، ڪڇيس ڪجهه به
ڪونه..... ۽ اهو اِن ڪري به جو، جيڪڏهن مان ان
موضوع تي زور سان ڳالهايان به ها ته، منهنجي ان
وڏي سر ڳالهائڻ کي اتي معيوب سمجهيو وڃي ها، اِن
ڪري مجبورا دل جي چپن تي آڱر رکي، چپ ٿي ويهي
رهيس. محمد حبيب، کانئن سندن موجوده
مصروفيتن بابت استفسار ڪيو ته فرمايائون: ”اڄڪلهه
مڪمل گوشه نشيني آهي مرزا صاحب! گهر ۾ اندر وقت
گذارجي ٿو يا هتي پلنگ تي. ماڻهن سان ملجي به
محدود ٿو. صرف ضروري ڪم لاءِ ڪجهه وقت ڪڍي هتي
اچجي ٿو، باقي وقت ۾ سو آرام ڪجي ٿو. ڊائلاسز به
اسان جي اِتي ئي ٿيندي آهي، ڀر ۾ ڪمرو موجود آهي،
جتي اِن ڪم لاءِ ساز سامان جو انتظام ٿيل آهي.“
مون اٿڻ کان اڳ، هڪ دفعو ٻيهر ان ڪمري جي هڪ هڪ شيءِ تي نظر
وڌي، خاص ڪري مخدوم صاحب جن جي سيرانديءَ کان بند
دروازي مٿان....
قديم مخروطي انداز ۾، ٽڪنڊن کانچن ۾ جڙيل رنگارنگي
شيشن ۽
ان منجهان
مٿن پوندڙ تِرڇن ڪرڻن جو طلسم، مون کي ڪيڏو نه ڀلو
پئي لڳو.
۽ رنگارنگ
شيشن
جي شيڊس ۾ خود مخدوم صاحب جن به ڪيڏا نه پربهار
پئي لڳا. مون اڌ ڪلاڪ جي ملاقات
۾
اندازو لڳائي ورتو هو ته زندگيءَ جا ڀرپور رنگ
ماڻيندڙ هن برگزيده شخصيت، جيتوڻيڪ ڪڏهن به ڪنهن
معجزي ڏيکارڻ جي دعويٰ ڪانه ڪئي آهي، پر مان
پنهنجي مشاهدي جي آڌار تي چئي سگهان ٿو ته، جيڪڏهن
هو پاڻ ڪنهن تي نظر وجهڻ چاهين ته، رڱي سگهن ٿا،
گرم ٿيڻ چاهين ته، سامهون ويٺل کي ڳاري به سگهن ٿا
۽
اِن جي ثبوت طور هتي ڪيئي واقعا مان دهرائي به
سگهان ٿو، جن جي شدت کي پاڻ سدائين درگذر ڪري صبر
کان ڪم ورتائون ۽ ٽالريٽ
(Tolerate)
ڪري پنهنجي وضعداريءَ جو انوکو مثال قائم ڪيائون.
سندن اهڙي سڀاو بابت رباني صاحب جو هيءُ تجزيو به
ڪيڏو نه
Oppropriate
آهي ته: منجهن سهپ ايڏي جو سوچيندو هئس ته هن شخص
کي سڄيءَ عمر ۾ ڪڏهن ڪاوڙ به آئي آهي يا نه! سچ
پڇو ته خود مون کي به منهنجي ان صرف اڌ ڪلاڪ واري
مشاهدي ۾، مخدوم صاحب جن دنيا جي انهن سدا بهار ۽
عظيم شخصيتن مان هڪ نظر آيا، جيڪي خاموشيءَ سان
مرڪڻ، خاموشيءَ سان ڪاوڙ ڪرڻ ۽ خاموشيءَ سان ئي
احتجاج ڪرڻ جا قائل هوندا آهن. سبحان الله، ڇا ذڪر
ڪجي، سندن اهڙين خوبين جو. اٿڻ کان اڳ ٺيڪ يارنهن
لڳي ٻٽيهه منٽن ۽ ڪجهه سيڪنڊن تي مون هڪ دفعو ٻيهر
آٽوگراف وٺڻ لاءِ پنهنجي ڊائري سندن مبارڪ هٿن
ڏانهن وڌائي ڇڏي هئي. فرمايائون، مرزا صاحب ڊائري
اوهان پنهنجي هٿن ۾ ئي رکو، مان ڪجهه لکرائي ٿو
ڇڏيان، اهو لکي وٺو....... پوءِ ڪجهه سوچي
فرمايائون- لکو: ’دل جيڪڏهن غمگين آهي ته مبارڪ
آهي، غم اگر دل گداز آهي ته سٺو آهي. سڀ ڪم ان کي
سونپيو، جيڪو ڪارساز آهي، پنهنجي اندر ۾ وڃائجي
وڃو، سوچو ۽ ڌيان کان ڪم وٺو“ پوءِ مون کان ڊائري
وٺي، هيٺ صحيح ڪري ڏنائون.
۽ عزيزو! پوءِ هيءَ ملاقات، جيڪا صبح جو
11
وڳي ڌاري شروع ٿي هئي، پوڻين ٻارهين تائين ختم ٿي
وئي. پر (مون سوچيو) ختم ته صرف ملاقات جو وقت ٿيو
هو، مخدوم صاحب جن جون ڳالهيون، سندن وجود جي
خوشبوءِ، هٿن جو ڇهاءُ، گفتار جي هٻڪار ته،
جيستائين جيئندس، مون سان گڏ سدائين رهندي ۽
انشاءَ الله سدائين مون سان گڏ ئي رهندي- ٽِل ڊيٿ!
ته پيارا پڙهندڙو!
قبله مخدوم صاحب جن سان منهنجيءَ ان ملاقات جي نجي
تاثرات جو مٿيون مذڪور اوهان ملاحظه فرمايو..... ۽
اِن ڳالهه کي جڏهن ڀريو سال گذري چڪو ۽ مان
حيدرآباد مان بدلي ڪري ريڊيو پاڪستان خيرپور
اماڻيو ويس ته، هڪ ڏينهن
11
جنوري
1993ع
جي شام جيئن ئي رڪارڊنگ جي خيال سان اسٽوڊيوز جي
ڪاريڊار ڏانهن
وڃي
رهيو هئس ته، ڪنٽرول روم جي مانيٽر تان اوچتو نيوز
ڪاسٽر، مخدوم صاحب جن جي لاڏاڻي جي دک دائڪ خبر
انائونس ڪئي. هاءِ.....! هي ڇا ٿيو! ۽ ڪجهه لمحن
لاءِ ته لڳم، فريز ٿي ويو آهيان ۽ گهر کان پري
خيرپور ۾ اِن خبر اچانڪ ڪيڏو نه شاڪ پهچايم. اوچتو
لڳم: سنڌ خالي ٿي وئي آهي، وضعداريءَ جو هڪ پورو
ڪتاب ڪلوز ۽ حسنِ
اخلاق جي هڪ پوري تاريخ پڄاڻيءَ کي پهچي چڪي آهي.
محسوس ٿيم: سنڌ جي سياست ۽ شرافت جو جيڪو شاندار
شاهي دروازو هو، اهو تيز هوا ۾ ٻيڪڙجي بند ٿي ويو
۽ ڪاريڊار مان ٻاهر ايندي سوچيم: ڇا مخدوم صاحب جن
جو ڇڏيل هيءُ خال ڪڏهن ڀرجي سگهجندو؟
جواب آيو، اِهو ممڪن ئي ڪونهي.
Imposible-
۽ مشهور فلم اسٽار مصطفيٰ قريشي صاحب، ريڊيو
پاڪستان طرفان پيش ٿيندڙ تعزيتي پروگرام ۾ ڪيڏو نه
صحيح پئي چيو ته: ’سنڌ ۾ مخدوم صاحب جهڙو ٻيو
’طالب الموليٰ‘ پيدا ئي نه ٿيندو.‘
۽ ان کان ڪي ڏينهن پوءِ:
مخدوم محمد امين فهيم صاحب جن جي ’پڳداري‘ واريءَ رسم جي
ادائگيءَ واري ڏينهن، مان مخدوم هائوس ۾ موجود
اٺاس بنگلي جي انهن ئي پيچرن تان لنگهي اندر ’وڇيل
تڏي‘ ڏانهن وڃي رهيو هئس، جن تان پورو هڪ سال اڳ
فخر سان
لنگهي، جنوري
1992ع
۾ ساڻن ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ لاءِ ويو هئس ۽
هاڻي ان ڏينهن صبح جو انهن ئي پيچرن تان ٻيهر
هلندو، ڪنڌ جهڪائي چپ چاپ پنهنجي محترم دوست مخدوم
جميل الزمان ’جميل‘ سان سندن عظيم بزرگ جي
عذرخواهي لاءِ وڃي رهيو هئس ۽ صبح جي جن لمحن ۾
مان پنهنجي دوست طارق عالم سان گڏجي اتي وڃي پهتو
هئس، هر پيچري تي سوگوار سناٽو ڇانيل هو. اڪثر
ماڻهو ماتمي لباس ۾ هئا ۽ نيڻ نهار تائين اٺاس جي
قالينن تي گلن جون سڪل پنکڙيون پکڙيل هيون.
پوئين دروازي کان ’اٺاس‘ ڏانهن ويندي، اندر لڳل علم پاڪ وٽان
لنگهندي (ياد اٿم) ڪنهن چيو پئي، ڪنهن دؤر ۾ هن
علم پاڪ هيٺان ويهي مخدوم صاحب جن، محرم ۽ عاشوري
جي ڏينهن ۾ ڪارا ڪپڙا پائي، مرثيه خواني ڪندا هئا
۽ (ٻڌايو پئي ويو ته ان وقت اتي رقت جا عجيب منظر
ڏسڻ ۾ ايندا هئا اڳيان ويندي، مڙي پويان نگاهه
وڌم، علم پاڪ جي آسپاس ڪيئي ماڻهو ماتمي لباس ۾،
هاڻي خود مخدوم صاحب جن جي لاءِ رومال اکين تي
رکيو گريي ۾ مشغول هئا.
’اٺاس‘ اندر داخل ٿيس ته، تِر ڇڏڻ جيتري جاءِ به ڪانه هئي،
ڪيئي هاڪاريون شخصيتون اندران هال مان اٿي ٻاهر ۽
ڪيئي مانائتيون مورتون ٻاهران- اندر داخل ٿيڻ لاءِ
منتظر نظر آيون. اچانڪ مخدوم صاحب جن جا، ڪافي وقت
اڳ مون کي بطور آٽوگراف طور ڏنل هي لفظ ذهن ۾ تري
آيا. ”مرزا صاحب! اوهان جي اندر ۾ روشني جيتري
گهڻي هوندي، پروانا به اوترائي گهڻا مرندا اوهان
تي.“
جميل سائينءَ سان ڳلي ملي عذرخواهي ڪندي چيم: ”قبلا! اسين اوهان
جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون“ گلو گير آواز ۾
وراڻيائون: ”مهرباني مرزا صاحب، اسين به ايئن ئي
سمجهون ٿا.“
اتي ’پٿر‘ تي ايندڙ شخصيتن جي آمد ۽ اتي اڳ ئي موجود خلق باعث
نهايت ڀيڙ هئي. مان ۽ مون سان گڏجي آيل منهنجا
دوست طارق عالم ۽ سوز هالائي ٿورو پرڀرو ٿي ويهي
رهياسين. پوري هال ۾ ڪجهه تعزيتي ڪتاب، هيڏانهن
کان هوڏانهن هٿن ۾ شفٽ ٿي رهيا هئا. مون به چاهيو
ته عقيدت جا ڪجهه لفظ مان به انهن تي لکان، پر
ڪتاب ايڏا ته مصروف هئا، جو پوءِ مون ’تعزيتي
ڪتاب‘ بدران ذهن جي صفحن تي لکڻ شروع ڪري ڏنو.
ڊيئر ڊائري! مان دعويٰ سان ٿو چوان ته مون
پنهنجي
پوري
ڄمار ۾ سڄيءَ سنڌ جي ڪيئي سجاده نشينن، عظيم ليکڪن
۽ برگزيده هستين مان، اڪثر کي به نفس نفيس پنهنجي
اکين سان ڏٺو آهي. پر پوري ويساه سان گواهي ٿو
ڏيان ته مخدوم صاحب جن جهڙو عظيم انسان اڃا تائين
ته، مون کي ڪو ٻيو نظر نه آيو آهي. سندن هر ادا ۾
جيڪو شان، وضعداري، حسن ۽ شرافت هئي، ان جي بنياد
تي چئي سگهجي ٿو ته، هاڻي اهڙو اهل دل انسان هيءَ
دنيا شايد ئي پيدا ڪري سگهي. مان سندن انهن سڀني
وصفن جو قائل ته اڳ ئي هئس، پر جنوري
1992ع
۾ جڏهن ساڻن روبرو نياز حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو ته
انهن ڳالهين تي دلي طرح بيعت ڪيم، جيتوڻيڪ جنوري
1992ع
تائين، ناچاڪيءَ ۽ پنهنجي مسلسل علالت باعث، پاڻ
پنهنجي دنيا ۽ مصروفيتون محدود ڪري جهڙوڪر مڪمل
گوشه نشينيءَ جي گودڙيءَ ۾ هئا ۽ شديد ناچاڪيءَ جي
باوجود ان ملاقات ۾ سچ ته، پاڻ اِها لکا بلڪل ئي
نٿي ڏنائون ته، هاڻي پنهنجي پيار ڪندڙن ۾ صرف ڪي
سال کن
جا
مهمان آهن.
سنڌ ۾ پاڻ نون لکن ماڻهن جا ’روحاني پيشوا‘ شمار ڪيا ويندا هئا،
پر نون لکن ماڻهن جي دلين جا حاڪم هوندي به هميشه
فقيراڻي روش کي ترجيح ڏنائون ۽ هڪ صاف دل صوفيءَ
وانگر، تعصب کان پري، سڄي حياتي تصوف جي صاف سٿري
هوا ۾ ساهه کڻندا رهيا هئا.
حسب نسب جي لحاظ کان سندن نسبت جيتوڻيڪ حضرت ابوبڪر صديق رضه
سان هئي، پر سنڌ ۾ دراصل پاڻ سروري مسلڪ جا
پيروڪار هئا ۽ اِن حوالي سان سندن لاڏاڻو سروري
جماعت لاءِ ته وڏي صدمي جو باعث آهي ئي، پر ساڳئي
وقت مختلف مسلڪ ۽ نقطه نظر رکندڙن کي به سندن
ڪمهلي لاڏاڻي سبب سخت ڌچڪو رسيو آهي. علاوه
ازين.....
روحاني پيشوا هجڻ سان گڏوگڏ، ڪير نٿو ڄاڻي ته، پاڻ
نهايت خوش فڪر، قادرالڪلام ۽ نهايت اعليٰ پايي جا
شاعر، دانشور ۽ نثرنگار به هئا. پاڻ لکڻ سان اِها
ڪڏهن کان رغبت اختيار ڪئي هئائون؟ اِن ڏس ۾ پاڻ
ڪٿي ڄاڻايو اٿن ته: مون ۽ منهنجي دوست اسد الله
شاهه حسينيءَ هڪ ڏينهن ويهي حساب لڳايو ته، خبر
پئي ته اسان
1930ع
کان شاعري شروع ڪئي هئي. ان لحاظ کان
1993ع
تائين کين ڪنهن هڪ نسل جي نه، ڪيترن نسلن جي رهبري
۽ رهنمائي ڪرڻ جو شرف حاصل هو. اِن عرصي دوران کين
ڪيترن هم خيال ۽ قادر الڪلام شاعرن جو سٿ به حاصل
رهيو، پر هتي ايترو چوڻ جي جسارت مان ضرور ڪندس ته
ٻيا ڪيئي شاعر سندن جهڙا هئا، پر جهڙس ڪوئي به
ڪونه هو.
ٻين ڳالهين سان گڏ هتي مخدم
صاحب جن جي دل
جي ڪشادگيءَ جو هي واقعو به بيان ڪرڻ بي مهل نه
ٿيندو. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته پنهنجي همدردن ۽ پيش
روئن جي باري ۾ راءِ ڏيندي وڏا شاعر اڪثر محتاط
رويو اختيار ڪندا آهن. ڪنجوسيءَ جو مظاهرو ڪندا
آهن. قطع نظر ان جي مخدوم صاحب
جن جي فراخدلي
ڏسو، جو محترم انور هالائيءَ جو شعري مجموعي ’چنڊ
جون ڪلائون‘ ۾
چيو اٿن، ته انور صاحب جو ڪجهه ڪلام اهڙو به آهي
جو ان
جو مثال ٻئي ڪنهن شاعر جي ڪلام ۾ ڪونه ملندو. بلڪ
دل چوندي آهي ته، اِهو شعر جيڪر آءٌ لکان ها ته،
ڏاڍو چڱو ٿئي ها.‘
ڇا هر وڏي کان وڏي شاعر وانگر، خود مخدوم صاحب جن
جي شعري اڻت ۾ ڪي ’جهول‘، ڪي نقص هئا؟ نهايت ادب
سان عرض ڪريان، مان پاڻ کي اِن ڪٿ جو اهل نٿو
سمجهان، البته، خود مخدوم صاحب جن جي هن رباعيءَ
واري اعتراف کي سندن دل جي ڪشادگيءَ جو هڪ ٻيو
اعليٰ مثال سمجهندي، ان کي هتي نقل ڪرڻ جي جسارت
ڪري رهيو آهيان. پاڻ فرمايو اٿن:
جنهن ۾ نه هجي
نقص اهو فن ڪونهي،
بي باد خزان ڪوئي به گلشن ڪونهي.
تاريڪ
سندس هوندو سدا مستقبل،
ماضي جي ڪنهين شخص جو روشن ڪونهي.
مان انشاءَ الله مخدوم صاحب جن جي شاعريءَ بابت، پنهنجي اهليت
مطابق ضرور ايندڙ وقت ۾ ڪجهه لکندس. في الوقت مون
کي سندن شاعريءَ جي انفراديت بابت پنهنجي دوست ’سوز هالائي‘ جي هن راءِ سان اتفاق آهي، جنهن ڪنهن هنڌ لکيو
هو ته: ’سائين جن سونهن ورونهن جا حساس خوبصورت
شاعر آهن. سندن لفظ لفظ ۾ لئه ڀريل ۽ سٽ سٽ ۾
سنگيت سمايل آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته، ان ۾ ڪو
وڌاءُ نه ٿيندو ته، شاعريءَ ۾ مخدوم صاحب جن جي
دنيا سڀني کان الڳ ٿلڳ هئي.‘
ٻئي پاسي ڏسو ته، اِها مخدوم صاحب جن جي نهٺائي ۽ اعليٰ انسان
هجڻ جي خوبي هئي، جو جڏهن سندن شاعريءَ کي انهن ۽
اهڙن ٻين حوالن جي روشنيءَ ۾ واکاڻيو پئي ويو ته،
پاڻ فرمايائون؛ ”آءٌ خود حيران آهيان ته منهنجي
شاعريءَ ۾ ڪي ايتريون خوبيون به آهن ڇا!؟“
ڪيڏو عجب ٿو لڳي ته، اڃا تائين سائين جن جي ڪلام بابت ڪا جامع
تحقيق، ڪا بهتر اسٽڊي ڪنهن به ڪارنر تان سامهون
ڪانه آئي آهي. ها-! گرامي صاحب جن ’مهراڻ‘ جي
’شاعر نمبر‘ ۾ سندن شاعريءَ جو هي ڪهڙو نه سهڻو
تجزيو ڪندي لکيو هو ته: ”شاعريءَ جو ڪمال اِهو آهي
ته اِها ساده دل عوام جي خيالات ۽ جذبات جي
ترجماني ڪري ۽ ان سان گڏ انهن جي ذهني ۽ قلبي
طلبُن ۽ تقاضائن کي به ڇيڙي، ان خيال سان ’طالب
الموليٰ‘ جو فن عوامي چئي سگهجي ٿو.‘
ويهين صديءَ جي هن
ڏهاڪي ۾ ’عوامي شاعر‘ هجڻ جي حيثيت سان گڏ
مخدوم صاحب جن جي ’عوامي شخصيت‘ هجڻ ۾ به ڀلا ڪنهن
کي ڪهڙو شڪ ٿي سگهي ٿو! پاڻ سروري جماعت جي نون
لکن طالبن جا طالب الموليٰ ته هئا، پر قطع نظر اِن
جي سندن ادبي سماجي ۽ سياسي خدمتن کان ڪير آهي جو
انڪار ڪري سگهندو. لاشڪ ته، پاڻ پيدائشي طرح
’روحاني پيشوا‘ هئا ۽ بنيادي طور تي سندن سڀاءَ ۾
جيڪا درويشي ۽ فقيري هئي ۽
اهڙيون ٻيون خوبيون جن کين سنڌ جي ٻين روحاني
پيشوائن کان سدائين مختلف ڏيکاريو، اهي هي هيون
ته، پاڻ
فطرتن، حساس، گداز دل جا مالڪ ۽ محبتي انسان هئا، سندن اِنهن
اوصافن کي، سندن حاضريءَ جي هڪ دوست، مرزا عباس
علي بيگ صاحب ڪهڙن نه مختصر لفظن ۾ لکي، ڄڻڪ سمنڊ
کي ڪوزي ۾ بند ڪندي، ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته؛ ’پاڻ
اِن ڪارڻ به سڀني جا محبوب هئا، جو کين محبت سان
محبت هئي‘.
قبله مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن بابت ذهن جي تعزيتي ڪتاب تي
اهو سڀ ڪجهه لکڻ کانپوءِ سامهون لڳل گهڙيال تي نظر
وڌم. ٻنپهرن جا ٻارنهن ٿي رهيا هئا. اٿي کڙو ٿيس ۽
هٿ ادب جا ٻڌي جميل الزمان صاحب جن کان روانگيءَ
جي اجازت وٺي هال منجهان ٻاهر آيس. ماڻهن جي
پرهجوم ميڙاڪي مان ٻاهر ايندي ڏٺم: مخدوم هائوس ۾
اتي موجود قديم طرز جو فرنيچر هر ڪمري ۾ وڇيل ’وال
ٽو وال‘ ڪارپيٽ، خوبصورت ايراني قالين، ديوارن ۾
فٽ ٿيل شيشم جي ڪاٺ وارا ڪٻٽ، آرسين ۾ جڙيل انهن
جا منقش فريم، ديوارن تي ٽنگيل مخدوم خاندان جي
بزرگن ۽ نوجوانن جون خوبصورت تصويرون، ٻاهر دروازن
سان رکيل رنگا رنگ نالن واريون گلن جون ڪونڊيون ۽
هر شيءِ تي لڳم سوگواريت ڇانئي پئي هئي. ڀانيم شين
جا سرير ته اتي موجود آهن، پر ساهه ڪنهن ۾ به
موجود ڪونهي
۽
سڀني جا بدن ته اتي هڪيا تڪيا
هئا، پر روح لاپته.......
شايد تعزيت لاءِ آيل ڪنهن بزرگ ڀڻڪيو پئي،
”هر شيءِ عارضي، هر شيءِ فنا
اول فنا- آخر فنا!“
’اٺاس بنگلي‘ جون پر پيچ گهٽيون، ۽ انهن گهٽين ۾ موجود ماڻهن
مان رستا ٺاهي ٻاهر نڪرندي چپن ۾ مون ڀڻڪيو: ”ڪل
شيءِ يرجع الي اصلة“
تنهن بعد مخدوم هائوس جو مئن گيٽ اورانگهي نڪري
ٻاهر رستي تي آيس ۽ مخدوم سرور نوح جي مزار مبارڪ
ڏانهن منهن ڪري، هوا ۾ اکين جي ماڻڪين سان لکيم:
عزيزو! لاشڪ ته جن جن به وراثت ۾ محبت ڇڏي هوندي،
انهن سان ماڻهو سدائين محبت ڪندا رهندا- ويندي
ڏينهن قيامت تائين.
- ۽ پوءِ عقيدت منجهان ڪنڌ جهڪائي، چپ چاپ حيدرآباد واري بس
اسٽاپ ڏانهن وڌڻ لڳس.
(جنوري
1993ع)

















عبدالله ورياهه

طالب الموليٰ جو سنڌي لوڪ ادب ۾ حصو
سنڌ جي سرزمين اهڙا املهه هيرا ۽ جواهر پيدا ڪيا
آهن جن جو مثال ملڻ محال آهي. سنڌ جي ماڻهن هر صنف
تي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. اهڙن مڻيادار ماڻهن ۾
حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ پنهنجي هڪ
ڌار شخصيت ۽ حيثيت رکي ٿو.
سنڌي ادب جو هي روشن مينار نه صرف پنهنجي سر لاٽ
ٻاريو اچي، پر ڪيترن عالمن، اديبن، محققن شاعرن ۽
ادارن لاءِ پڻ مددگار ٿيندو رهي ٿو.
پاڻ نه صرف علمي ادبي ميدان ۾ پر هڪ روحاني رهبر
جي حيثيت ۾ ۽ سياسي ۽ سماجي خدمتن جي ڪري پڻ سڃاتا
وڃن ٿا.
ادبي دنيا ۾ جتي پاڻ شاعري جي ميدان ۾ پاڻ مڃايو
اٿن اتي پاڻ تحقيقي مقالا لکي ۽ پنهنجي موقف کي
نهايت ئي سهڻي ۽ مدلل انداز ۾ سمجهائي اهو ثابت
ڪري چڪا آهن ته پاڻ نه صرف شاعر پر محقق ۽ عالم پڻ
آهن.
سندن سرپرستي ۾ سنڌ جا ڪيترا اهم علمي ادبي ادارا
پڻ ڪم ڪري رهيا آهن. سندن رهنمائي ۽ هدايتن تحت ڪم
ڪندڙ اهي ادارا سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافي جو باعث
ٿيا آهن. ان ڪري سنڌي ماڻهو اهو تسليم ڪن ٿا ته
”طالب الموليٰ“ هڪ شخص نه پر ادارو آهي.
سنڌ سُگهڙ ڪانفرنس- 1991yع،
ٽندو آدم ۾ سنڌ جي تاريخ جي پنهنجي قسم جي پهرين
ڪوشش هئي ته جيئن لوڪ ادب جي واڌ ۽ ويجهه ۽ سُگهڙن
جي نظر انداز ڪيل فن کي اهميت ڏيئي کين پنهنجو
صحيح مقام ڏيارجي. ان ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ ۾ به
مخدوم ”طالب الموليٰ“ صاحب جي وڏي ڪوشش ۽ هٿ رهيو،
جيڪا سڀني کي خبر آهي. هن لوڪ ادب ڪانفرنس دوران
لوڪ ادب بابت مواد هٿ ڪندي جيڪا اهم ڳالهه سامهون
آئي اها هئي، ”طالب الموليٰ جو سنڌي لوڪ ادب ۾
حصو.“
جيتوڻيڪ لوڪ ادب بابت ڇپيل مواد ۾ اها ڳالهه
سامهون آئي ته سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم
جيڪا محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي سربراهيءَ
۾ مڪمل ٿي. ان ۾ به مخدوم صاحب جن وقت بوقت ذاتي
طرح دلچسپي وٺي پنهنجي ڀرپور مدد ڪندا رهيا هئا،
تڏهن ئي وڃي هيءَ اهم اسڪيم مڪمل ٿي، پر ان
کانسواءِ ٻيو اهم پهلو اهو هو ته سائين طالب
الموليٰ صاحب جي سنڌي لوڪ ادب ۽ ديسي شاعريءَ لاءِ
ان کان به وڌيڪ عملي ڪوششون رهيون آهن. بلڪ ائين
چوڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو ته لوڪ ادب جي خاص صنفن بيت ۽
ڪافي ڏانهن عام ۽ خاص ماڻهن جو رخ گهٽجي ويو ۽ اهي
شيون صرف ٻهراڙيءَ جي ننڍڙين ڪچهرين تائين وڃي
رهيون ته هالا انهن ڳالهين جو مرڪز ٿي، پڙهيل لکيل
ماڻهن جو هن طرف ڌيان ڇڪايو. حضرت غوث الحق مخدوم
نوح عليہ الرحمت جي درگاهه تي سندن حياتي کان وٺي
اڄ تائين هر اسلامي مهيني جي پهرئين سومار تي
ننڍڙو ميلو لڳندو آهي. ان ڏينهن ٻئي ذڪر فڪر
کانسواءِ سماع جي محفل پڻ ٿيندي آهي. جنهن ۾ بيت ۽
ڪافيون ڳايون وينديون آهن ۽ بيتن جي انداز ۾ چيل
ڏهر پڻ ڏنا ويندا آهن. سائين طالب الموليٰ صاحب نه
صرف ان محفل کي زور وٺايو؛ پر سومار جي رات ڪافي ۽
بيتن جا مشاعرا به شروع ڪرايا ته جيئن ماڻهن جو
هنن نج، سنڌي صنفن ڏي ڌيان وڌي.
مخدوم صاحب جي وڏي چاچي مرحوم ميان عبدالحسين وٽ
سدائين سومار جي ڏينهن لوڪ ادب جي ڪچهري ٿيندڙ
هئي، جيڪو پاڻ به ڏور ۽ ڳجهارت جو وڏو ڄاڻو هو ۽
وٽِنِ ڪيترا پري پري جا سُگهڙ ان ڪچهريءَ سانگي
ڪهي ايندا هئا. سندن وفات بعد به اها ڪچهري درگاهه
شريف تي نِمُن جي هيٺيان ٿيندي هئي جيڪا اڄ ڏينهن
تائين ٿيندي پئي اچي.
سائين طالب الموليٰ صاحب جي ڪوشش سان سنه 1952ع ۾
سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس ٿي
هئي، جنهن جو افتتاح ان وقت جي مشهور عالم ۽ اديب
علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب ڪرڻ فرمايو. ان ڪانفرنس
جي هڪ نشست ”لوڪ ادب“ لاءِ رکيل هئي. جنهن جي
صدارت ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ صاحب ڪئي. مقالا پڙهندڙن ۾ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب کانسواءِ محترم عبدالڪريم سنديلو مرحوم
پڻ شامل هو.
ان ڪانفرنس جي موقعي تي ڪافيون ڳارايون ويون ۽
الغوزي ۽ مرليءَ تي لوڪ ڌنون پيش ڪيون ويون هيون.
هن ڪانفرنس ۾ ئي لوڪ ادب کي سهيڙي، سانڍي شايع ڪرڻ
جو پروگرام ٺهيو ۽ پوءِ اهو سائين طالب الموليٰ جي
ذاتي دلچسپي سان سنڌي ادبي بورڊ ۾ منظور ڪري محترم
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حوالي ڪيو ويو هو. هيءَ اسڪيم
چاليهن ڪتابن تي ڇٽيهن سالن جي محنت سان وري به
مخدوم صاحب جي چيئرمين هوندي مڪمل ٿي. سندن ئي حڪم
۽ اجازت هيٺ سنڌي ادبي بورڊ طرفان لوڪ ادب جي
چاليهن ڪتابن جي ”فهرست“ شايع ٿي چڪي آهي جڏهن ته
”ڏسڻي“ (انڊيڪس) جو ڪم جاري آهي. مٿي ذڪر ڪيل
ڪانفرنس هلندي مخدوم صاحب موجود دوستن سان ”مزاحيه
ڪانفرنس“ گهرائڻ جو پڻ اظهار ڪيو ۽ ڊاڪٽر بلوچ
صاحب ان کي بيحد پسند ڪيو هو. اها مزاحيه ڪانفرنس
14 آڪٽوبر 1961ع تي حيدرآباد بسنت هال ۾ مخدوم
صاحب جي ذاتي ڪوشش ۽ خرچ سان نهايت ئي سهڻي نموني
ٿي گذري ۽ تمام گهڻي پسند ڪئي وئي. هن ڪانفرنس جي
ڪاروائي ڊاڪٽر بلوچ صاحب هلائي ۽ باقي انتظام بزم
طالب الموليٰ شاخ هالا ڪيو هو.
سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ هڪ ٻي محفل سنه 1951ع
۾ ڪرائي وئي. جنهن جي صدارت مخدوم صاحب جي چاچي
مرحوم مخدوم غلام حيدر سائين جن ڪئي هئي. هن محفل
۾ ان وقت جو حيدرآباد جو ڪليڪٽر آغا عبدالنبي به
شريڪ ٿيو. سنڌ جي مشهور شاعرن هن محفل ۾ پنهنجو
ڪلام پڙهيو،۽ ڪافيون پڻ ڳارايون ويون. ان کانسواءِ
مرحوم شاهه محمد نابينا بينون پڻ وڄايون، هن محفل
کانپوءِ ئي ادبي محفلن ۾ ڪافين ڳائڻ ۽ الغوزو، نڙ
۽ بينون وڄائڻ جو رواج پيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين
جاري آهي.
1952ع ۾ هالا ۾ ٿيندڙ ”ادبي ڪانفرنس“ کان وٺي
1991ع ۾ ٽنڊو آدم ۾ ٿيندڙ ”سنڌ سُگهڙ ڪانفرنس“
تائين لوڪ ادب لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ جناب مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ جو ڀرپور حصو رهيو آهي.
اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته سنڌي لوڪ ادب کي لکيت
۾ آڻڻ، ٻاهراڙين جي ڪچهرين کي شهرن ۾ آڻڻ ۽ لوڪ
ادب ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جي دلچسپي پيدا ڪرڻ جون
ابتدائي ڪوششون مخدوم صاحب ئي ورتيون. جنهن جي
نتيجي ۾ اڄ لوڪ ادب ۽ لوڪ موسيقي نه صرف محفوظ ٿي
آهي، پر عام ۽ خاص ماڻهن جي دلچسپيءَ جو باعث پڻ
بنيل آهي.
مخدوم صاحب جي لوڪ ادب جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ ورتل
ڪوشش کانسواءِ پاڻ عملي طرح سان به لوڪ ادب جي
مختلف صنفن ۽ سگهڙائپ جي موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي
اٿن. جنهن جو خاص طرح سان ڪڏهن به ذڪر نه ڪيو ويو
آهي. جيتوڻيڪ انهن مان ڪافي صنفون سندن مختلف
ڪتابن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. پر انهن کي لوڪ ادب جي
مخصوص عنوان ڏيڻ کانسواءِ گڏي بيتن ۽ ڪافين جي
عنوان هيٺ ڇاپيو ويو آهي. ان ڪري سواءِ ڪنهن خاص
دلچسپي مناقبا، مناظرا، بيت، ڳجهارتون، ڪافيون،
هنر، سينگار وغيره شامل آهن.
مٿي ذڪر ڪيل سمورن موضوعن تي مخدوم صاحب نهايت
سليس، سادي، سهڻي، ديسي ۽ نج سنڌي طريقي سان لکيو
آهي. جنهن جي خاص خوبي اها آهي ته سڀئي وزن ۾ آهن
۽ ان موضوع ۾ ڪو مقصد رکي سمجهاڻي ڏني ويئي آهي.
جنهن جو مثال ملڻ محال آهي.
مداحون ۽ مناجاتون:
مدح ۽ مناجات سنڌي نظم جي هڪ خاص صنف آهي. مدح ۽
مناجات جي معنيٰ ساراهه ۽ حال اورڻ آهي. ساراهه ۽
تعريف ۾ دلي محبت ۽ عقيدت جي ڪيفيت ۾ نبي سائين ﷺ
اصحابن سڳورن، ولين ۽ درويشن جي شان ۾ نظم چيل
هوندا آهن. سگهڙ يا شاعر بادشاهن، اميرن، حاڪمن ۽
دوستن جي ساراهه ۾ پڻ مدح چوندا آهن. پر عام طرح
سان مدح کي نعت ۽ ثنا طور چيو ويندو آهي.
جڏهن ته مناجات به مدح وانگر سنڌي نظم جي هڪ خاص
جنس آهي، جنهن ۾ شاعر پنهنجي ڏکن سورن مسئلن کي
ڌڻيءَ در اوري ۽ ٻاڏائي پنهنجي پالڻهار اڳيان رسول
ڪريم ﷺ، اصحابن سڳورن ۽ بزرگن کي وسيلو ٿيڻ ۽ واهر
ڪرڻ لاءِ ٻاڏايل هوندو آهي، جنهن ۾ حال اورڻ
کانسواءِ ساراهه پڻ شامل هوندي آهي، جيڪا صرف
مذهبي عقيدي ۽ سچائي تي ٻڌل هوندي آهي.
سائين طالب الموليٰ پنهنجي مذهبي عقيدت جي آڌار تي
مدحون ۽ مناجاتون لکيون آهن، جيڪي ڪنهن شخص لاءِ
نه صرف الله ۽ الله جي پاڪ رسول ﷺ لاءِ چيل آهن.
هادي آهي هڪڙو
ڏسڻ کان جو ڏور سو ويجهو آهي وجود کان
ڪک پن ۾ ڪريم جو، نسوروئي نور
ذرڙو، ذرڙو، ذرڙو لئي ڪامل ڪوه طور
جو ڏسي نٿو ڏيهه ۾ تنهن قلب جو قصور
دريون دنيا واريون، پهرئين پٽي پور
طالب مولا ڄاڻ تون هرجا اٿئي حضور
هو دل کان ناهي دور هردم آهي هنج ۾.
هادي سوئي هڪڙو ٻولي ڪبي نه ٻي
وحدت جي واپار ۾ ٿيبو مرد مچي
”قل هو الله“ ۾ قادر جي آهي صفت سڄي
واحد جي وحدت جي، ڪهڙي ڳالهه ڪبي
هلي ڪا چلي، دوئيءَ واري جي دنيا ۾
آڻج ”اِلا لله“ سان، الله تي ايمان
رهبر ٿيندئي راهه ۾ ڪلمو ۽ قرآن
هاديءَ جي حڪمت ۾ هرڪو ئي حيران
ناهي ذور زبان کي ڪري باري جو بيان
قرآن ۾ ڪريم جو شائق پس تون شان
جيڪي لکيم جيءَ سان سو آگي جو احسان
طالب مولا طلب ۾ دوئيءَ کان رک ڌيان
هڪڙو اٿئي حنان، شڪ نه آڻج شرڪ جو.
جُتَي جوڙ به جي ٿيان
جُتَي سندي جوڙ کي ڪلنگيون ڪين پُڄن
اُتِ ڪيئن ڪلاهون اچيو ٿيون جذباتؤن جُهڪن
جن کي اتان عار ٿئي سي سِرَ ئي ڪُسيو وڃن
جيڪي اتي جُهڪيا ته تاج به ماڻيا تن
محبوب جڏهن وڃي پُڳا مٿائين مقامن
ڀانئيون ته جُتي لاهيون اهو اڃا خيال هُئن
ته پِين پڙلاءُ ڪن تي ۽ حڪم هي مليُن
جانب جُتي نه لاهجو متان پير اُگهاڙا ٿين!
جتي ٿيان ته ٻيو ڇا کپي کٽان ٻنهي جهانن
جو پهتي ساڻ پرين جُتي عرش عظيم تي.
حمدِ باري تعاليٰ
هُن جا حمد هزار ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳايون
ڪک پن ۾ قادر جي قدرت اکين وارن لئي آهي عبرت
گل ڦل ۽ گلزار تن ۾ وحدت تون واڌايون
”ڪُن“ چئي ڪل جنهن آهي جوڙيو نيزو نينهن جو تنهن
ئي کوڙيو
عجب ڪري اسرار پاڻ ويٺو آهي لوڪان لڪايون
جڳ جنسار سندس ئي آهي ٻي ڪنهن جو هي مظهر ناهي
ٻيا سڀ نقش نگار صفتون انهي جون سڀ ۾ سمايون
”مَنَ عَرَفَ ۾ ”طالب مولا“ ڄاڻو ٿي ڪج ڳولا ڦولا
پارس جا هي پارَ جيءَ ۾ جنهن جون آهن جايون
مرسل مڻيادار
ڪائنات جو ڪريم ڪئو محمد کي مختار
رهبر ڪيائين راهه جو مرسل مڻيادار
عاشق مٿس الله ٿيو جل جلالہ جبار
عربي احمد ڄام ۾ نور ڪيئين نروار
صلواتون سيد تي بيحد، بيشمار
آهي ان عجيب جو طالب طلبگار
اڙين جو آڌار عشق عربي ڄام جو
”لا اِلله اِلاَلله“ محمّد الرّسول
جهانن ۾ جميل کي مولا ڪيو مقبول
پيغمبر پڌرو ڪيو الله جو اصول
طالب مولا مرد ٿي فڪر ڇڏ فضول
جنهن قريشي جي قرب کي قلبئون ڪيو قبول
سو محبتي ملول ڪڏهن ٿيندو ڪونه ڪو
پيغام پرور موڪليو هٿان پنهنجي حبيب
امانت سان الله جو نياپو ڏنو نجيب
آخر ان عجيب ڪفر ڪعبي مان ڪڍيو
مدح
مٺا مير مرسل وِلهن جون تون والي
وريو تو وٽان ڪو سوالي نه خالي
ڪِنن ڪوجهڙن جو هلي ڪونه حيلو
تون ئي عيبدارن جو واهر وسيلو
مڙئي توکي پرتا هي عالي موالي
سدائين سڀيئي سندءِ در صدائي
پياڪن کي پيارج ڪا سُرڪي سَوائي
اسين آهيون ساقي! سُتي جا سوالي
تون رهبر اچي راس او هيڻن جا حامي!
اي سردار سرور سندءِ جڳ سلامي!
ڪاَلهُه سار منهنجي وجهي وِکَ وصالي
تون ئي آهين طالب جو ٻيو ڪير آهي
محمّد مٺا! هاڻ پرواهه ناهي
سندم لڄ ۽ لڏ سڀ سڄڻ تو سنڀالي
مناجات
عاجز جون التجائون- سيد تون سڻ سوڀارا!
مل مهل ۾ مُحَمّد- مشفق، مٺا، موچارا!
توکي پرين پڪاريان واٽون سدا نهاريان
سيد سڻي صدائون ڏي سِگهه ۾ سهارا
سڏ ۾ تون سڏ ڏِئين ٿو محڪم مدد ٿِيين ٿو
عربي اڪي ڪر عطائون او منهنجا جَي جيارا
سائين آهيان صدائي دردن کان ٿئي رهائي
ٿينديون دفع دوائون منهنجا پرين پيارا
نرمل نراس ناهيان اميد وار آهيان
خادم جون سڀ خطائون بخشاءِ اڄ ڀلارا
مٺڙا الله سائين ڪر سهنج پڻ سدائين
ٿينديون ڀسم بلائون ويندا هي سور سارا
اي هاشمي قريشي هرڪا ڪمي ۽ بيشي
نرمل سڻي ندائون خرّم ڪجئين خدارا
مولا سندءِ مڃيندو محبوبَ! مُهت ڏيندو
سڀ ڏي وٺي شفائون ڪل کان ڪثر قرارا
طالب تي يار هٿ ڌر پوريون مٺا مڙئي ڪر
محبوب! مدعائون منهنجون پيار وارا
ڏهر:
ڏهر لفظ ڏاهر جو مخفف آهي، ڏهر اصل ۾ ڏاهه مان
نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي، ڏس، پتو، پرولي سڌِ
۽ اطلاعِ وغيره.
سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب ۾ ڏهر هڪ نظر انداز ڪيل صنف
آهي. جنهن ۾ رب جي ساراهه، حضرت محمد رسول ڪريم ﷺ
جي مدح ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمة الله عليہ
جو شان ۽ ساراهه بيان ڪيل آهي. ڏهر سنڌي شاعري جي
هڪ عروضي صنف آهي، جنهن کي سروري جماعت جياريو
اچي.
ڏهر عوام ۽ خواص کي سڏ ڪري يا اطلاع ڏيڻ ۽ رب ۽ ان
جي آخري رسول ڏي رجوع ڪرائڻ جو هڪ بهترين ۽ آسان
ذريعو ۽ رستو آهي. جنهن جي وسيلي نه صرف الله ۽
الله جي رسول پر پنهنجي مرشد جي احوال کان پڻ
روشناس ڪرايو وڃي ٿو. ڏهر هڪ خاص ڍار سان اهڙن
بيتن کي چئبو آهي، جيڪي درگاهه سروري، مخدوم نوح
رح ۽ ٻين سجاده نشينن جي صفت ۾ هجن، اهي ڏهر
درگاهه جي مريدن ۽ عقيدت مندن لاءِ برڪت ۽ آٿت جو
سبب سمجهيا ويندا آهن. ڏهر اوائلي سنڌي دوهي يا
بيت جو هڪ قديم نمونو آهي. جنهن ۾ سليس، مٺي ۽
نصيحت واري ٻولي ڪتب ايندي آهي، جنهن جي ٻڌڻ سان
فرحت اچي ويندي آهي.
مخدوم طالب الموليٰ صاحب جا چيل ڏهر پڻ خدا، خدا
جي رسول ۽ مرشد مخدوم نوح عليہ الرحمت جي شان ۾
آهن، جن ۾مريدن کي هدايت ۽ نصيحت ڪيل آهي هتي مثال
جي طور تي ڪجهه ڏهر ڏجن ٿا.
ڏهر
لا اِلله اِلاِ لله، محمّد الرّسول،
جهانن ۾ جميل کي، مولا ڪيو مقبول،
پيغمبر پڌرو ڪيو، الله جو اصول،
طالب مولا مرد ٿي، فڪر ڇڏ فضول،
جنهن قريشيءَ جي قلب کي، قلبئون ڪيو قبول،
سو محبتي ملول، ڪڏهن ٿيندو ڪونه ڪو،
هل سروري سماع، ۾ ڪر الله الله هُو،
جنهن مان پٽبي مورهون، خوديءَ واري خُو،
طالب مولا تصور ۾، ٿيبو رب سان روبُرو،
پوءِ پسندين سو بَسُو، سروري! سبحان کي.
آئون طالب تنهنجو توڪلي، تون سخي شاهه سرور،
پنان ٿي پينار ٿو، تنهنجو نيڪ نظر،
سندي ڏينهن محشر، سوکو ڪج تون سرورا.
سينگار:
سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ محبوب جي حسن ۽ ٺاهه ٺوهه
بابت شعر هوندا آهن ۽ خاص طرح مجازي محبوب جي حسن
۽ سينگار بابت چيل بيت ئي سينگار جا بيت هوندا
آهن. پر پوءِ ڪن الله وارن اوليائن پنهنجو حقيقي
محبوب حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن کي مڃي سندن حسن ۽
سينگار جي ساراهه ڪئي آهي.
سگهڙن ۽ سالڪن به ان راهه تي هلي حقيقي محبوب جي
شان ۾ سينگار جا بيت چوڻ شروع ڪيا،
سينگار جو ٽيون قسم ”ڏهس“ آهي. جنهن ۾ محبوب جي
وارن ”ڏندن“ چپن، نڪ، منهن، چيلهه، ڳچي وغيره جا
ڏهه نالا مختلف ٻولين جا سينگار جي بيتن ۾ سڄاڻ
سگهڙ شامل ڪري سينگار کي وڌيڪ خوبصورت ڪندا آهن ۽
پنهنجي ڄاڻ ۽ علم جو اظهار پڻ.
مخدوم صاحب جن جتي مجازي عشق جون منزلون طئي ڪندا
رهيا آهن اتي نبي سائين جي محبت سان مست ۽ سرشار
دل جا پڻ مالڪ آهن. ان ڪري سندن چيل سينگار ٻنهي
قسمن جا چيل آهن. جيڪي نه صرف سنڌي پر سرائڪيءَ ۾
پڻ آهن، مثال جي طور تي ڪجهه سينگار جا بيت هتي
شامل ڪجن ٿا.
سينگار جا بيت
سج چنڊ کان سهڻو، جانب جو جمال
قادر قدرت سان ڪِئو، قائم هيءُ ڪمال
طالب موليٰ، مردسو، لالن جوئي لال
ماڻهو گهرن مال، مون سيباڻو سپرين.
ڪٿي سنبل سهڻا ڪٿي مبارڪ مُو
ڪٿي چهرو چنڊ جو، ڪٿي جبين جادو
ڪٿي شعاع شمس جو، ڪٿي رهبر رُو
ڪٿي تلوارون تير ٿيا، ڪٿي اَحمّد جا ابرو
ڪٿي اکيون عجيب جون، ڪٿي ساغر ۽ سَبُو
ڪٿي گل گلاب ۽ ڪٿي بدن جي بُو
لبن لعل لڄائيا، ڏندن لک لُولُو
هلڻ تان حبيب جي عجب ۾ آهُو
ڪٿي فضيلت فردوس جي، ڪٿي ڪامل سندي ڪُو
حبيب آهي هُو، طالب مولا تنهنجو.
ڪٿي منهن محمد جو ڪٿي ماهتاب
ڪٿي جلوو جانبن، ڪٿي آفتاب
هڪڙو چمڪي رات جو، ٻئي ۾ ڏينهن جو تاب
هنن هي حساب، سڄڻ سدائين سوجهرو.
سينگار صفاتي
ساراهيان سڄڻ کي جو محبوب محبوبن،
ثاني سندن ڪونه ڪو سهڻو منجهه سهڻن،
ور انهيءَ جي وارن جا، وَرَ وَرَ ڏيو وڙهن،
سج چنڊ کان سهڻي، آهي پيشاني پرين،
شمشيرون شرمائيون، بيشڪ تن ڀُرن،
اکڙيون ڏسيو عجيب جون، مرم لڳي مِرِگَهن،
همسر ڪين گلاب ٿئي، ڳاڙهن تن ڳَلن،
نڪ نهوڙي ڪئين نيا، ٻيا وري لعل لبن،
جهڪا جواهر ٿا ٿين، ڏسيو کي ڏندن،
يوسف جهڙا گم ڪيا، ڪيئي چاهه ذقن،
مٿي قربائتن ڪلهن، ڳچي ڪونج مثال ٿي.
رخڙا يار دا ويک ڪي سهڻا، شمس و قمر شرماندي هن،
تاري ڪتيان ويک سانول ڪون، شرم و حيا وچ آندي هن،
عاشق روز ملڻ دي ڪارڻ، ماندي، ماندي ماندي هن،
طالب مولا درد اندر دي، دل ڪون کاندي جاندي هن.
ڳهن سان مشابهت
سينگار جا بيت
چمان پيشاني پيار مان نرمل نوراني
ته به حيا ڪري ڪين ڪي دلبر دل جاني
طالب مولا تنهنجي ڪريان سِرتي سلطاني
پوڄيان پيشاني جي الي هجان عجيب جي.
ڳاڙهن ڳاڙهن ڳلن تي لڳيو روز لڳان
هو پڻ چمن چاهه مان آئون پڻ چميون ڏيان
طالب مولا تِر کي ماڳهين ڪِس ڪيان
رمز ڀرئي رخسار سان مورهون مِس ٿيان
سدائين سهاڳ ٿي سڄڻن کي سونهان
ٿين بخت سنوان نرمل جي جي نٿ هجان
پرين جيئن پائين ته چمان روز چپن کي
طالب مولا هوند هو لبن سان لائين
آئون مِٺين ڏيڻ کان نه مُڙان هو هر هر هٽائين
حبيب هنڍائين بولو بنجي جي پوان.
هجان جي حبيب جو چوکو چندن هار
ڳهڻو ٿيانس ڳچيءَ ۾ پل پل وٺانس پيار
پيو لڳان پرينءَ جي سيني تي صد بار
مٺيون ڏيانس مٺين تي ۽ چمانس وار وار
طالب مولا ٿي پوان دلبر جو دلدار
ٿيان سڄڻ جو سينگار سڄڻ نه سينگار منهنجو.
جيڪر جانيءَ جو ٿيان بلڪل بازو بند
ته وجهانس قرب ڪمند طالب مولا تهه دلئون
جيڪر جانيءَ جي هجان ٻانهين کنجاري
ڪنڌ هيٺ رکيم قرب مان ٿيان ٻلهار ٻيهاري
طالب مولا آئون ٿيان هوند پَرکي پياري
وتان سينگاري ٻهڳڻ سندي ٻانهن ۾.
منڊي ٿيان محبوب جي ته هٿ ۾ پئي هجانس
سنهڙيون سهڻيون آڱريون چميو چميو چمانس
هردم پڻي هٿ ۾ سدائين سونهانس
ويجهي هجانس وجود کي لئون لئون ساڻ لڳانس
ويتر آئون وڻانس طالب مولا تهه دلئون
جيڪر هجان چيلهڪي ته چيلهه چمان چوڌار
چنبڙان ۽ چهٽانس پئي ٻک وجهي ٻيهار
پري نه ڪري پاڻ کي ٿيان سندس ئي سينگار
واهه جا چماس وار طالب مولا طلب مان
پازيب ٿي پرينءَ جا پل پل پير چمان
پانچو پري جي ٿئي ته جلوا جام ڏيان
رمز ڀريءَ رفتار تي ڇيريون ٿي ڇمڪان
قدم قدم تي واهه جو ناچو ٿي نچان
ميندي رتڙن جي مٿان ڪري ٺاهه ٺهان
سهاڳ ٿي سونهان طالب مولا تن کي.
هنر:
هنر سنڌي لوڪ ادب جي هڪ اهم ۽ دلچسپ صنف آهي، جيڪا
نظم جي صورت ۾ مختلف تعداد تي ٻڌل هوندي آهي. هن ۾
سگهڙ يا شاعر لڪ ڪري ماڻهن، شهرن، جنن، پکين،
جانورن، بيمارين وغيره جا نالا شامل ڪندا، جڏهن ان
جي چير ڪبي آهي ته ان جي معنيٰ ٻي نڪرندي. مجازي ۽
حقيقي معنيٰ جا شعر هنر ۾ شامل هوندا آهن. ڪي هنر
سُرن تي ٻڌل هوندا آهن. هنرن جا به مختلف قسم ٿين
ٿا. لفظي تجنيسي هنر جي بيت ۾ استعمال ڪيل لفظن جو
پاڻ ۾ تڪرار هوندو آهي. هڪ ئي لفظ کي بار بار
دهرايو ويندو آهي. پر هر هنڌ ان جي معنيٰ ڌار
نڪرندي آهي.
جنسي تجنيي هنر ۾ سگهڙ پنهنجي دانائيءَ سان ڪنهن
به جنس يا ماڻهو ۽ شهر وغيره جو نالو استعمال ڪندو
آهي، جنهن جي معنيٰ ۽ مقصد ٻيو نڪرندو آهي.
لفظي تجنسي هنرن ۾ درائو وڌيڪ ڏاهپ ۽ ڏانءَ سان
ٺاهيو ويندو آهي، جنهن ۾ هنر جو بيت هڪڙي يا هڪ
کان وڌيڪ سرن ۾ چئبو آهي جڏهن ته ان جي چير وري
ٻئي سر مان ٿيندي آهي.
مقصد ته هنر سڄاڻ سگهڙن جي دانائي جو هڪ اهڙو
نمونو آهي، جنهن ۾ ڳالهه يا مقصد لڪائي پيش ڪبو
آهي. طالب الموليٰ سائين به هنر چيا آهن، جن ۾ نه
صرف لفظي تجنيسي هنر پر جنسي تجنيسي هنر پڻ شامل
آهن. انهن مان ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا جيڪي سهڻي
سٽاءَ جا نادر نمونا آهن.
جنسي تجنيسي هنر:
(ڳوٺن ۽ شهرن جي نالن وارا)
هُنر: مٽياري مَ منهنجا پرين، آراضي ٿي اچُ،
ڏيپلو پريت جو، ته سکر ٿيان سچُ،
محبتَ ديري مچ، ٻاريو منهنجي من ۾.
چِيرَ: مَٽِ ياري مَ منهنجا پرين، آ راضي ٿي اچ،
ڏي پلوُ پريت جو ته سکُر ٿيان سچ،
محبتَ ديري مچ، ٻاريو منهنجي من ۾.
هُنر: ڪڍي ڇڏ قلب مان، دليل جو ديرو،
سَڪرنڊ جي ويندي ساهه ۾، من ٿيندو ميرو،
دِلي دوڙُ دوڙاءِ ڪا، ساجهر سويرو،
ڪر ڀلن وٽ ڀيرو ته وسينءَ کي ويجهو ٿئين.
چِيرَ: ڪڍي ڇڏ قلب مان، دليل جو ديرو،
سِڪَ رنڊجي ويندي ساهه ۾، من ٿيندو ميرو،
دِلي دَوڙَ دوڙاءِ ڪا، ساجهر سويرو،
ڪر ڀلن وٽ ڀيرو، ته وسينءَ کي ويجهو ٿئين.
لفظي تجنيسي هنر:
محبت جي ميدان ۾، جو خيما ٿو کوڙي،
طالب مولا ٿو ٿئي، سو ئي سوکوڙي،
انهيءَ کي کوڙي، مهمير منجهائي ڇڏيا.
حاڪم پاتِيئَي هٿن ۾، محبت واريون مُنڊيون،
دليون دلبر يار تو، ڪئين ماريون ۽ مُنڊيون،
محب پاتيئي مُنڊيون، طالب کي طلب جون.
لفظ تجنيسي هنر جي هنن نمونن کانسواءِ سائين طالب
الموليٰ جيڪو هن دور جي ڪافي گو شاعرن جو سرواڻ پڻ
آهي، پنهنجي هڪ مڪمل ڪافي لفظي تجنيسي هنر ۾ چئي
آهي، جيڪا پنهنجو مثال پاڻ آهي ۽ پهرين اهڙي ڪافي
آهي، جيڪا مڪمل هنر ۾ هجي. هن کان اڳ ڪنهن به شاعر
يا سُگهڙ هنر ۾ ڪافي نه چئي آهي. هن ڪافي جي هرهڪ
بند ۾ هڪ لفظ ڌار معنائن ۾ استعمال ٿيل آهي. پنجن
بندن ۾ پنج لفظ ۽ ڇهون وراڻيءَ وارو لفظ مقصد ۽
معنيٰ جي لحاظ کان تمام سهڻي نموني استعمال ٿيل
آهن.
لفظي تجنيسي هنر ۾ ڪافي:
اڄ يار وڇوڙي جا لاهه پٽئون
ڪريون ذهني زخمن تي ڪي ٻٽئون
مون ووڙي هڪڙي هڪڙي گهٽي
نه ملئين ته به تنهنجي نه گهرج گهٽي
ناهي توريءَ منهنجي ڪابه گهٽي
اهو آئون اهيئي پنڌ پٽئون
جيئن سڱر وڃن ٿا ڌرار سٽئو
تيئن منهنجي سورن مون کي سٽئو
وئين تون به سڄڻ منهنجو سانگو سٽئو
دريون دردن واريون پوريل پٽئون
ٿا يار ٿين جو ڌار ٽٽئو
ڄڻ ڪچڙيون تندون ٿيون پون ٽٽئو
تئن بار برهه جا اچن ٽٽئو
جئن ڇت سان ڪرن گڏ ڪامون پٽئون
ڇڏ جئين نه پرين هي ڇورو ڇنون
اڄ آهي زمانو بيٺو ڇنون
پر پاڻ نه پنهنجو پيار ڇنون
بيهي برهه جي باغ مان ميوا پٽئون
آ پيارا وصل جي وَٽَ ڪا وٽئون
سڳا سورن جا ڇو ويتر وٽئون
پِيون طالبَ مولا وِرههَ وٽئون
رڳو ويهي پڙهون بس پرت پٽئون
ڳجهارتون:
ڳجهارت يا ٻجهارت اصل ۾ ڳجهه ڳجهاندر آهي. جنهن کي
لڪائي پيش ڪبو آهي ۽ ٻيا سگهڙ ۽ سالڪ ان ڳجهه کي
ڳولهڻ يا ٻجهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ آخرڪار
وڏي جاکوڙ ۽ دانائي جي نڪتن سان ڳولهي لهندا آهن.
ڳجهارت کي ڳولهڻ به هڪ وڏو فن آهي. هي صنف لوڪ ادب
جي ڪچهري جو هڪ اهم موضوع آهي. ڳجهارتون صدين کان
اهي ساڳيون هلنديون اچن ٿيون، جڏهن ته ڪي سگهڙ ۽
سالڪ انهن کي نئين نموني سان پڻ ٺاهي پيش ڪندا آهن
مخدوم صاحب به ڳجهارتون چيون آهن، پر انهن ۾ اها
خوبي آهي ته اهي پوري وزن ۾ ۽ شعر جي انداز ۾ سليس
نج سنڌي لفظن ۾ چيل آهن جيڪي عام فهم ۽ اثر ڪندڙ
آهن.
ڳجهارت هڪ سٽ يا ٻن سٽن واري ڏوهيڙي يا مڪمل بيت
جي صورت ۾ هوندي آهي. پر سائين طالب الموليٰ موزون
۽ غير موزون کي ڳنڍي موزون شڪل ۾ پيش ڪيو آهي.
ڳجهارت ۾ اها جدت صرف مخدوم صاحب جو ئي ڪمال آهي.
جيڪو طريقو اڳ ۾ ڪڏهن به اختيار ڪيل نه آهي. اميد
ته سُگهڙ ۽ سالڪ هن مثال کي پسند ڪندي ان تي عمل
ڪندا. هتي نموني جي طور تي ٻه ڳجهارتون ڏجن ٿيون.
ڳجهارتون
ڏِيڻي: حاڪماڻي ڪر سڄڻ، پر تون ته پنهنجي ڪين ڪر،
مون ته ڪئي آهي گدا جي، تون وري ڪپڙي جي ڀر.
ڀڃڻي: حاڪماڻي=
مهرباني، پنهنجي=
بيوفائي
گدا جي- التجا، ڪپڙي جي- جهولي
سڄي: مهرباني ڪر سڄڻ، پر بيوفائي ڪين ڪر،
مون ڪئي آ التجا، ۽ تون وري جهولي کي ڀر.
ڏِيڻي: اسم ڪيو لاچار اسم کي
رمز نالي سان لڳي ڪيئن هت وِهان.
ڀڃڻي: اسم=
درد، اسم=
جان، نالو=
رانجهن
سڄي: درد ڪيو لاچار آهي جان کي،
رمز رانجهن سان لڳي ڪِئن هت وِهان.
ٽيهه اکريون:
لوڪ سنڌي شاعري جي هڪ صنف ٽيهه اکري به آهي، جنهن
کي ”سي حرفي“ به چوندا آهن. هن ۾ عربيءَ جا
اٺاويهه اکر ۽ همزو الف ”ء“ ۽ لام ۽ الف کي گڏي
”لا“ جو اکر به شامل ڪري ڪل ٽيهه اکر ڳڻبا آهن ۽
هرهڪ بيت جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ٻن سِٽن جو هجي. هرهڪ اکر
لاءِ ٺاهبو آهي. اهڙي طرح ٽيهن اکرن لاءِ ٽيهه بيت
ٿيندا آهن. جن جو موضوع گهڻو ڪري مذهبي مناقبن يا
نصيحت تي ٻڌل هوندو آهي.
ڪن ٽيهه اکرين ۾ ٽيهن بدران اٺاويهن يا ان کان به
گهٽ لفظن جا بيت ٺاهيل هوندا آهن، پر انهن کي به
”ٽيهه اکري“ سڏيو ويندو آهي. ٽيهه اکري کي سي حرفي
پڻ چيو ويندو آهي.
سائين طالب الموليٰ ڪيتريون ئي ٽيهه اکريون پڻ
لکيون آهن، جيڪي مڪمل ٽيهن اکرن تي ٻڌل آهن. انهن
جو موضوع به خدا جي هيڪڙائي وحدت ۽ نصيحت آهي.
سندن چيل ٽيهه اکرين مان هڪ نموني جي طور تي هن
مضمون ۾ شامل ڪجي ٿي.
(1)
الف- اٿي اڌ رات جو، آڌوتي اورين،
ڪلهان ڪنڌ ڪورين، ”قالو“ واري قول تي.
(2)
بي- بهادر بي ريا، بيشڪ ٿيا باحال،
قائم قرب ڪمال، حاصل ڪيائون حق جو.
(3)
تي- تڪيائون تار ۾، ترهو کي توحيد،
ترڪ ڪري تقليد، سورهه رهيا سچ تي.
(4)
ثي- ثنا سبحان جي، سدائين سامين،
عشق سندو عاصين، ڪونه ڪيائون ڪنهن گهڙي.
(5)
جيم- جلائي جسم کي، الله ڪيائون اثبات،
وحدت وائي واتِ، عاشقن اختيار ڪئي.
(6)
حي- حليمي حال سان، هنن کي هردم،
دانائن دم دم، واڳيو وينجهارن سان.
(7)
خي- خدائي خيال ۾، خاصا ٿيا خوشحال،
محبت وارو مال، ميڙيائون مهمير ٿي.
(8)
دال- دلاور دم جو، ورد ڪيائون واهه،
دائم منجهه درگاهه، واصل اهي وير ٿيا.
(9)
ذال- ذاتي ذڪر ۾، فنا ٿي في الحال،
دم دم درس ڌمال، قائم ڪيائون قلب ۾.
(10)
ري- رضاتي رمز ۾، رهن ٿا راضي،
قبل ۽ ماضي، تهدل ترڪ ڪري ڇڏيئون.
(11)
زي- زباني ذڪر کي، قلبي ڪيائون،
واري وڌائون، پاڻ کي پاتار ۾.
(12)
سين- سِرَ ۾ سِرُ ٿي، سورهيه ٿيا سلطان،
محبت جي ميدان، گوءِ کڻي غازي ٿيا.
(13)
شين شادي، غم کان، مٿي ملڪ سندن،
جهڙا منجهه تنبن، تهڙا راضي رڻ ۾.
(14)
صاد- صابر سروري، سدائين سهڻا،
مرڪن من مهڻا، مدامي محبت ۾.
(15)
ضاد- ضامن پاڻ ٿيا، پنهنجا پاڻيهي پاڻ،
ڪن ٿا روح رهاڻ، پنهنجي پر ۾ پاڻ سان.
(16)
طوئي- طمع کي ترڪ ڪيئون طالب تهدل توڙ،
منهن تي ٻڌي موڙ، مانجهي سي مشهور ٿيا.
(17)
ظوئي- ظاهر ذات کي، ڪيئون ثابت منجهه صفت،
اندر جي الفت، اجاريائون عشق سان.
(18)
عين- عاشق عشق جا، عادل ٿيا اڪسير،
ترڪ واري تڪبير، پاڻهي وڌائون پاڻ کي،
(19)
غين- غالب نفس جي، غلبي تي غازي،
پرين جاپازي، مرد ٿيا ميدان ۾،
(20)
في- فنا ٿيا فڪر ۾، فائق جي في الحال،
عاشقن احوال، پنهنجو سليو پاڻ سان،
(21)
قاف- قائم قرب ۾، ڪيو جن ڪمال،
واحد جو وصال، تن کي پنهنجي پاڻ ۾،
(22)
ڪاف- ڪلمون قلب سان، جن پڙهيو هڪ واري،
تنين جي سواري، لامڪانئون لنگهي وئي.
(23)
لام- لامڪانئون لنگهي ويا، جن دل ۾ ڪيو ديدار،
عشق وارو اسرار، انهن تي اظهار ٿيو.
(24)
ميم- محبت جي ملڪ جو، تنين ڪيو معراج،
جي ٿيا لا- يحتاج، عشق واري اسرار ۾.
(25)
نون- نگاهن ناز جي، جن کي ڪيو نروار،
سيئي ٿيا سردار، مدامي محبت ۾.
(26)
واءُ- ويهي وصل کي، جن ووڙيون منجهه وجود،
ثابت ڪيائون سجود، پنهنجي پَرِ ۾ پَرِ کي.
(27)
هي- هلائي حُسن سان، جن ڪيو ناز نياز،
سيئي ٿيا شهباز، محبت واري ملڪ جا.
(28)
الف- الاهي عشق ۾، ڪري عشق جو آواز،
”سري“ واري ساز؛ ثابت ڪيو سبحان کي،
(29)
لام- لائي لئون ٿيا، حسن سان هڪ حق،
فائقن فرق، قلبئون ڪڍي ڇڏيو.
(30)
يي- يقيناً يار سان، يڪدل ٿي ياقي،
پو آهين تون باقي وارو ٿي وِچ ناهه ڪا.
مناظرا:
مناظرو، ڳوٺاڻي شاعريءَ جي هڪ اهم ۽ دلچسپ صنف
آهي. جنهن ۾ شاعر يا سگهڙ پنهنجي پسند جي موضوع تي
ٻن شين جو جهيڙو يا بحث ڪرائي، ڪنهن به هڪ شئي کي
ٻيءَ کان مٿي ڪري ثابت ڪندو آهي. ڪن مناظرن ۾ وري
سوال جواب هوندا آهن ۽ آخر ۾ وڏي ضد بحث کانپوءِ
فيصلو ٿيندو آهي.
مختلف مناظرا ماڻهن جي هنرن، پکين ۽ جانورن جي وچ
۾ هوندا آهن. ته ڪڏهن بيت چوندڙ ڪنهن به بي جان
شئي کان ڳالهرائي عجيب منظر پيش ڪندو آهي جنهن مان
نه صرف وندر پر وڏي نصيحت پڻ حاصل ٿئي ٿي.
سائين طالب الموليٰ به اهڙي قسم جا مناظري جا بيت
چيا آهن. جن مان ”اکين ۽ پيرن“ جو مقابلو ۽ ”ڪانگ
۽ ڪبوتر“ بابت بيت وڌيڪ دلچسپ آهن.
عام طرح سان شاعرن ۽ سگهڙن ڪن به ٻن شين جو هڪٻئي
سان مقابلو ڏيکاريو آهي. پر مخدوم صاحب اکين،
پيرن، سِرُ دل ۽ روح جو پاڻ ۾ مقابلو ڪري هڪ کان
ٻئي کي سرس ڏيکاريو آهي. هن قسم جو هي مناظرو ٻئي
ڪنهن جو چيل نظر نٿو اچي. هن مناظري ۾ تمام سهڻا
مثال ڏيئي سمجهايو ويو آهي. ٻولي نج سنڌي ۽ سليس
عام فهم استعمال ڪيل آهي، ايتري قدر دلچسپ آهي جو
پڙهندڙ پڙهڻ شروع ڪندو ته سڄو پڙهڻ کان اڳ اصل بس
نه ڪندو. مناظرا تمام طويل آهن هتي انهن مان ڪجهه
چونڊ ڪيل بيت مثال جي طور تي ڏجن ٿا.
ڪبوتر ۽ ڪانگ
ڪبوتر ۽ ڪانگ ۾، آهي وڏو قير
هن جي گونگن وانگيان، غون غون سمجهي ڪير،
هُن جي ڪان ڪان سمجهي، جو پائي اڱڻ تي پير،
هو ديس پرائي جو پکي، هي وطن جو وانهير،
ڪارو ڪوجهو ئي سهي، من ۾ رکي نه مير،
اير نه ڪوئي ڀير، طالب مولا تن ۾.
ڪبوتر آيو ڪالهئان، ڪانگ ته هوئي هت،
هو ڪري وانهير ووڻ ۾، ڪبوتر ڇني ڇت،
هي هلي ٽپڪي ساڻ ٿو، بيهو مٿي ڀت،
ڇڙٻون جهلي ڇوهه مان، ته به ڪري قربَ ڪرت،
رُليون رليو به پڄو وڃي، جانب هجي جِت،
انصاف ڪبو عشق مان، ۽ نينهن جي ڪبي نرت،
ته طالب مولا تِتِ ڪهڙي مجال ڪبوتر کي،
دميل دم ڪشي جو ڪبوتر ويچارو،
ڪريو گهو گهو گهٽجي، ڄڻ دم ئي اڌارو،
طالب مولي آهه سو، مورهئون مونجهارو،
بڇڙو، ڪنڙو، ڪوجهڙو، ڪانگل جي ڪارو،
ته به هردم همزبان هو، سنڌي سچارو،
حمامن کان هر طرح، بيشڪ ڀلارو،
ٿئي ساهئون سهارو، جي اچي اڏامي اڱڻ تي.
اکيون ۽ مِينهن
اکيون ۽ مينهن، ٻئي ته اکر هيڪڙي،
هو موسم جو محتاج ٿيو، هي وسن راتو ڏينهن،
هن ۾ نِر جا نيهن، هو طالب وسن وقت تي.
مينهن وسي ڇا ڪندو، وسن ڀل ته اکيون،
جن دلبر جي ديدار جون چاٽيون روز چکيون،
پري هوندي به پرينءَ سان، ٻيئي پي ٻکيون،
جيڪي رب رکيون، سي طالب ڀلي توڙ ڪن.
پچن پڄرن پاڻ ۾، لڙڪ سوين لاڙين،
ويٺيون پنهنجي پر ۾، پرت کي پاڙين،
سُڪا ساڙي سڀڪو، هي ساوا ٿيون ساڙين،
قدم پياري پرينءَ جا، عاجزيون آڙين،
طالب مولا طلب ۾، وَرُ وَرُ وِلاڙين،
نينهن اندر ناڙين، گونگيون گوءِ کٽي ويون.
پير ۽ اکيون
اکيون به آهن اکيون پر پيرن سان نه پُڄن،
هو رئن ٿيون رت ڦڙا، هي ڦٽجو ٿا ڦٽجن،
هو بيوس آهن برهه ۾، هي هيجئون اٿيو هلن،
هو نهارين نجيب کي، هي تر نٿا ترسن
هو اٻاڻڪيون عجيب لئه، هي رندن منجهه رَلن،
احسان ڪيا اکن تي پرت منجهان پيرن،
طالب مولا طلب ۾، چميو وريو چمجن،
جهلئي نٿا جهلجن، هلندي پنهنجي حبيب ڏي.
اکيون ته برابر گونگيون، پر زبانون ته اٿن،
هي بي ربانا برهه ۾، سختيون سڀ سهن،
هو اشارن سان عجيب وٽ، ڪجهه ته چيو ڏين،
هي سدا صبر شڪر ۾، ڦٽجو ٿا ڦٽجن،
هو پرچو نيٺ پرين سان، وڃو چار ٿين،
هي هردم پنهنجي پرکان، پري ئي رهن،
هو پين مي محبت جي، ۽ ٿيو مست وتن،
هي هميشہ هڪ جهڙا، هجر منجهه هلن،
هو هر هر حبيبن سان، وڙهيو وريو پرچن،
هي طالب مولا ڪڏهين، راڻل سان نه رسن،
ته به ڪرم ٿئي ڪونه ڪو، مٿي مظلومن،
پرت وڌي پيرن، ڦٽجن ڦرن ڪينڪي،
سِرُ ۽ پيرَ
پير به آهن پير، پر سِرُ انهن کان سرسو،
قدم قدم تي جهڪئو، ڏي سجدا ڍيران ڍير،
ان جي پيشانيءَ ۾، رڳي ڀلائي جا ڀير،
طالب مولا سڏجن، ٿا هردم مڙس مٿير،
صبح ساڻ سوير، ڏي سجدا سائينءَ اڳيان.
مدامي منصور جان، سرويچ ئي سڏجن،
سر هميشہ حق تي، ڪڏيو ٿا ڪپجن،
سر جتي ڏين سجدا، پير اتي نه پڄن،
پيرن پڇا ناهه ڪا، سر اطاعت ڪن،
سردارن جي سٿ ۾، پير نه پڳ ٻڌن،
وڻن ڪنهن کي ڪينڪي، جي اگهاڙا ٿين،
سر اگهاڙا سڀئين پَرئين، ٺهيو ٿا ٺهن،
ڪلنگيون ڪلاهون ڪڏهين، پيرن ۾ نه پون،
قرب سان قريشي چوي سڀڪي سر سهن،
جهڪن جانب اڳتا، ته به هنجن منجهه هجن،
پيرن پنڌ وساريو، ڏسي سِرڻُ سِرَن،
تن لِئه طالب تڏهين، سڄڻ وٽ سونهن،
ٿا گفتا گوءِ کڻن، سچ پچ صديقيءَ جا.
دل ۽ سِرُ
سِرَ ته برابر سِرَ ٿيا، پر من جا ناهن مِٽَ،
دل تان لهن ڪين ڪي، ڪڏهن جيڪر ڪَٽُ،
ته رڳي هوند هار ٿڻي، يا کلندي ٿئي نه کٽَ،
جي دل تي چڙهن ڪين ڪي، عشق جا الهٽَ،
دل تي نه هجن درد ۽، ٻيا ڦوڙائي جا ڦٽَ،
ته سِرَ نه هجن منجهه سَٽَ، سچ ٿو صديقي چوي.
سر ويچارو سدائين، آهي دل جي وس،
دل چويس ته وڍجي، نه ته بلڪل ڪري بس،
اونهِين ٿئي اوسَ، جِئن طالب مولا دل چوي.
سر جهڪيو ڇا ٿيو، جهڪي نه جيڪر دل،
ته اها اڪثر ٿي ٿئي، منافقي منزل
سر ڏني ته حل ٿئي، مورهئون ڪو مشڪل،
طالب مولا دل سان، هڙئي ٿئي حاصل،
سِرُ وڍجي اوّل، ته به درجا آهن دِلِن تي.
روح ۽ دل
دل ته برابر آهه دل، پر رڳو آهي ماسُ،
اچي پيو ان ۾ ويتر جي وسواسُ،
ته هو ئي هڪ گهڙي ۾، نگرو ڪندس ناسُ،
طالب مولا طلب سان، رک اصلئون هي احساسُ،
ڪبو جي قياس، ته رمزون آهن روح جون.
دل ته برابر آهي دل، پر روح بنا بي رنگ،
ڌڙڪي برابر پاڻ ٿي، پر چري منجهس ٻيو چنگ،
معنيٰ واري ملڪ ۾، فرحي نڪو فرهنگ،
ڪم اچي ان جاءِ تي، عشق وارو انگ،
طالب مولا ان ۾، ڍولڻ رکيو ڍنگ،
سمجهيو انهيءَ راز کي، ڪو مولائي ملنگ،
دوڙ ڪيو هي دنگ، ته رمزون آهن روح جون.
ڪافيون:
نج سنڌي زبان جي شاعري دوهن کانسواءِ ڪافي آهي،
جيڪا صدين کان سنڌ ۾ ڳائي ويندي هئي. جنهن ۾ پاڻ
تي گذريل واقعا ۽ وارداتون بيان ڪيون وينديون آهن
۽ قلبي ڪيفيت بيان ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ درد
سمايل هجي، ڪافي جو تعلق راڳ ۽ سُر سان آهي، جنهن
کي جهونگاري سر ۾ ڳائي پوءِ لکيو ويندو آهي.
هيءَ صنف توڙي راڳ جي صورت ۾ ڪافي ديسي شاعري جي
هڪ اعليٰ صنف آهي ۽ هن آڳاٽي ديسي صنف جو گهر ئي
سنڌ آهي. جتي ڪافي نظم، ۽ ڪافي راڳ اسريو ۽ عام
ماڻهن ۾ مقبول ٿيو.
مخدوم صاحب ڪافي جهڙي وساريل ۽ نج سنڌي مقبول صنف
کي نئين سر جياريو ۽ خاص محفلون ڪري ڪافيون
ڳارايون، جنهن جي ڪري پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ به ڪافي
لکڻ ۽ سمجهڻ جو شوق پيدا ٿيو.
سائين طالب الموليٰ ڪافي متعلق هڪ ڌار ڪتاب لکي
ڇپرايو آهي جنهن ۾ ڪافي لکڻ ۽ سمجهڻ متعلق سمورو
مواد شامل آهي. پاڻ ڪافيون پڻ لکيون اٿن، جن مان
ڪيتريون ڳايون ۽ پسند ڪيون وينديون آهن.
سندن لکيل ڪافيون پنهنجي سليس ٻولي، گهاڙيئي ۽ عام
فهم هجڻ ڪري بيحد مقبول آهن. هتي سندن چيل ڪافين
جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا.
ڪافي
جي دلڙي چور چورائي وئا،
سي لوڪان پاڻ لڪائي وئا.
هو اوّل ٿي رهيا گهر جا ڌڻي، سا ڳالهه اسان کي به
ويئي وڻي
اِها چوري ڪيئون نڪو کاٽ هڻي، ٻَڌي اک هر چيز ٿي
چائي وئا
ڏاڍا پنڌ ڪيم ڏاڍئون ڊوڙون وڌيم، ڏاڍئون ووڙون ڏنم
پاٿارئون پڇيم
ڪو منهن نه ٿيم ڪم پتو نه پيم، ڪنهن ڪونه ڏٺن
ٽرڪائي وئا
جي اُٺ ڍڳو يا گهوڙو هجي، ته پو پير کڻي ئي پٺيان
پئجي
بي پَيرِيَ شي کي ڪنن پهچي، جا دل جو دل ۾ ڇپائي
وئا
جي ٿورو ملي وڃي مون کي سڳ، اتي پهچان سڀن کان آور
اڳ
ڪيان ميڙ منٿ سڏي سارو جڳ، پر پنهنجو پاڻ بچائي
وئا
جي چَور اڪيلَي چورئون ڪن، سي چورئون هرگز ڪونه
ملن
کڻي ڀاڳئا ڀلي ڪئين ڀنگ ڏين، ته به ويلون شيون نه
ورائي وئا
منهنجو جن ۾ وهم گمان ويو، وڃي تن کان ميڙ ٿي مون
پڇيو
انڪار ڪري ٿي وئا اَليو، پر ماڳنهن منهن تي مڃائي
وئا
چورائي ضمير جو نشان رکن، کڻي ڏوهه جي مون کان
معافي وٺن
يا دل جِي ڀرتي دل ئي ڏين، ڇو ته منهنجو حقّ ڦٻائي
وئا
جيڪي ڏاڍا وڏا ٿا چور ٿين، تن تي نه ڪڏهن ڪِي
جوڻئون کڄن
جو بدلي وٺڻ کان ڪونه گُسن، اهي اهڙا هلّ هلائي
وئا
جي حقّ ڪيئون احسان سندن، ۽ ٿورا لائق شان سندن
پو ڪونه ڪبا ارمان سندن، توڙي مفلس مون کي بنائي
وئا
اِها چوري ڪٿان جي ڪئن به وري
آءُ پاڻ ڏيان منجهه ڀنگ ڀري
شل طالب مولا پت ڪا پري
اُهو مال ملي جو تِڳائي وئا
ڪافي
اسان تان سڃاپي حبيباڻي هستي
رکيل آهه اصلؤن اهو انگ الستي
مٺا محب مالڪ جي مستور آهن
مگر ملڪ ساري ۾ مشهور آهن
ڪئي سون سندن سونهن جي سرپرستي
اسين پرده وارن جا آثار آهيون
اسين ورهه وارن جا وهنوار آهيون
ٿيو صاف سو دوهي دستي بدستي
ڪهين بي نشان جي نشاني ٿياسون
ڪهين بي زبان جي زباني ٿياسون
اسان جي اندر برهه وارن جي بستي
ڪجي ڳالهه ڪهڙي ڪا رازِ نهان جي
اچي واٽ ورتي عجيبن اسان جي
ملي ويئي گهر ويٺي هي سوڀ سستي
اسين ڪنهن معطّر جي خوشبو بنئاسون
نه غيرن سندي ڪا خودي خو بنئاسون
اسان ڪئي نه حاصل بلندي مان پستي
فقط مي محبّت جا پيمانا ناهيون
مگر رمز ۽ روح ميخانا آهيون
اسين مرڳو مستن جي هر موج مستي
ڪو مولا جي طالب ۾ مطلوب آهي
ازل کان جو ان ساڻ منسوب آهي
نه ٿي ۽ نه ٿيندي ڪڏهن دل شڪستي
بيت:
نج سنڌي شاعري جو سڀ کان وڌيڪ معروف نمونو بيت
آهي، ٻن سٽن جو دوهو جنهن تي پوءِ بيت نالو پيو.
بيت جا ڪيترائي اهڙا مثال موجود آهن، جن مان خبر
پوي ٿي ته بيت نه صرف ٻن پر ٻن کان وڌيڪ مصرعن جا
پڻ قديم زماني کان موجود آهن، سنڌي بيت تجنيس حرفي
جا بهترين مثال آهن. جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي هڪ
خصوصيت آهي.
بيت عام طرح سان ٻهراڙيءَ جا اڻ پڙهيل سگهڙ به
پنهنجي ڄاڻ ۽ دانائي سان اهڙا ته سهڻا جوڙي
ڏيکاريندا آهن جو پڙهندڙ حيران ٿيو وڃن.
بيت سنڌ ۾ قديم زماني کان رائج آهي، شعر جو هي
نمونو سڀني کان وڌيڪ مقبول ۽ عام فهم آهي. سومرن ۽
سمن جي دور کان وٺي بيت ملن ٿا، پر خاص طرح سان
شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي بيتن جو بادشاهه چئجي ته
جڳائي ٿو.
سائين طالب الموليٰ به هن نج سنڌي صنف تي طبع
آزمائي ڪئي آهي. هتي ڪجهه مثال ڏجن ٿا، جيڪي سليس
۾ سهڻي سنڌي ٻولي ۾ چيل آهن. انهن کي ٻهراڙي جا
عام ماڻهو به پڙهي ۽ سمجهي سگهن ٿا.
سُرُ مَارُئي
هو هُتِ ڇيلن ڇانگَ، مون من هت ماندو ٿئي،
طالب مولا خوشيون، ڄڻ نينهن ۾ ڀايان نانگ،
سرسا سانگين سانگَ، ٿي ساريان سنگهارن جا.
سانگي ٿيا ساڻيهه ۾، مارئي منجهه ماڙِن،
هو ڀِٽُن ۾ برسيا وتن، هيءَ دُکي ڪئي دردن،
طالب طلبون تن سنديون قلب منجهه ڪڙهن،
الله اباڻن، شل موٽي ملي مارئي.
سُرُ سَسُئِي
لکيو لوهه قلم ۾، منهنجو ٻاروچل سان ٻنگُ،
اکيون آريءَ ڄام جون، آهن تير تفُنگ،
طالب طلبن تن سندي، ريهي ڏنو رنگُ،
ازلئون منهنجو انگ، لڳو هوت حبيب سان.
هلي هوت پنهل ڏي، هوءَ هيڻي هاڪاري،
هو هليا راتو رات ويا، ڪرها قطاري،
طالب درد فراق ۾، پئي ويچاري واري،
پرت پنهل پاري، مئي پوءِ ملوڪ ٿي.
سُرُ سُهِڻِي
ڀيلو جيئن ڀڳو، ساهڙ رسيس سير ۾،
انگ ازل کان عجيب سان، هيس لاکيو لڳو،
سُئِيءَ ساڻ سَڳو، مليس سَڳُ ساهڙ کان.
سُرڪَ هڪڙي ساهڙ جي، سهڻي ڪئي سرشار،
عشق واري عزم ۾، تڪيئين نه تانگهو تار،
اوريان اوري ئي ڇڏي، پهتي وڃي پار،
ڪيئين قرب جي ڪار، ته ساهڙ گڏيس سير ۾.
سُرُ سارنگ
اٿيا اتر پار کان، ڪڪر ڪري ڪار،
سوين آهن سونهن جا ساوڻ کي سينگار،
مٿان مينگهه ملار، منڊي بيٺا موج سان.
نصيحت جا بيت
تقويٰ ريءَ نه طالب اٿئي حاصل هدايت
اول اچيو عمل تي پو ٿيندي شفاعت
جي چاهين منزل ماڻيان ته رک سالم سعادت
ڪنڌ نه ڦيرج ڪيڏهين وڃي سهڙج سلامت
اصل عبادت تقويٰ ساڻ تمام ٿئي
عبادت جو الله سان ويهي نه ڪر واپار
ڏي وٺ واري ڏيهه ۾ ٿيج نه گنهگار
اصلي عبد آهيين ڪر عبديت اظهار
ته ٿيندو هر هڪ ڳالهه ۾ مولا مددگار
”طالب الدنيا محنثُ“ بلڪل آهه بيڪار
”طالب العقبيٰ مونثُ“ عورتن آچار
”طالب الموليٰ مذڪرُ“ ٿي مرد مڻيادار
جيتر ٿيبو ڪين ڪي پڪو پرهيزگار
ته قلب جو قرار حاصل ٿيندو ڪونه ڪو
سو ڪڏهن کٽندو ڪونه ڪو جنهن حجت هلائي
سهڻي کي سڀين پريين ڏني واحد وڏائي
جن ”آئون“ ۽ ”اسان“ ڪيو سي تڙيا توائي
طالب مولا مرد ٿي رک صبر سچائي
جن هلائي هيڻائي تن کي محب مٿي ڪيو
واقعاتي بيت:
انساني زندگيءَ ۾ مختلف واقعا ۽ مرحلا اهڙا ايندا
آهن، جن کي سولائي سان وساري ڪين سگهبو آهي. عوامي
شاعر ۽ سگهڙ به اهڙن خاص واقعن کي وسارڻ بدران،
انهن بابت تفصيل سان شعر ۽ بيت جوڙي انهن کي محفوظ
ڪري وٺندا آهن. اهڙن بيتن ۾ سخا، ظلم، عدل، جنگ
بيمارين، ڌرتي ڌٻڻ، راڄوڻي فيصلن، قبائلي جهيڙن،
ڌاڙن، ڦرين، چورين ملڪي خوشحالي علائقائي سونهن ۽
سفر وغيره جا بيت شامل هوندا آهن.
هن قسم جا بيت اسان جي تاريخ جو هڪ اهم حصو آهن.
جيڪي اسان کي ان وقت بابت حقيقت کان تفصيل سان
آگاهه ڪن ٿا. مخدوم صاحب جن جا به ڪيترا اهڙا
واقعاتي بيت چيل آهن. جن انهن يادگار لمحن کي
محفوظ ڪري تاريخ جو حصو بنائي ڇڏيو آهن. جن مان
ڪجهه مثال طور هتي ڏجن ٿا.
واقعاتي بيت
محبت جا ميلا رات هئا راهونڊ، ۾
پسي رمز رندن جي روح ڏنا ريلا
وهائيئون وِرهه ۾ وهواهه سڀ ويلا
اچن البيلا رمي اهي راهونڊ ڏي
رات رهي راهونڊ ۾، ڪئيسون روح رهاڻ
ويراڳي ورونهن لئي، ڀِري آيا ڀاڻ،
سوا سوز فراق جي، ڪڍيئون نه ڪنهن جي ڪاڻ،
طالب مولا طلب ۾، ڪيئون وٽ وراڻ
الله اهي آڻ، وري منهنجي وطن تي.
چنڊ تي
چنڊ تي پهچڻ ۾ اڃا ٻٽي سال لڳن
پر روسي امريڪي اجهو ٿا وڃو ات وهن
ٺاهينداسي ٺاٺ سان هزار هوٽلن
وٺي هلبو حبيب کي ته چنڊ جا پتا پون
بلڪل ڀيٽون ڪبيون سندس ساڻ سڄڻن
پر هتي اڄ ئي پيو پتو منجهان تصويرن
ته طالب مولا ان ۾ آهه وجود ويرانين
نڪا سبزي سونهن ڪا هو جڙيل مان جبلن
ڪروڙين قسمن ته به هيٺاهون حبيب کان
چوڏهون سن
ساراهيان سچو ڌڻي، جو خالق خلقڻ هار،
ٻيو مير محمد مصطفيٰ، مڙني جو مهندار،
چارئي يار رسول جا، جيئن گلن جا گلزار،
ٻيا ٻارهن ٻهڳڻ جي ٿيا، عالم ۾ اظهار،
چوڏهن چوڏس واسطي، اجهو ۽ اڌار،
تهان پوءِ تعريف ۾، آهِه سڀ ولين جو وار،
اهو طالب مولا مرد ٿيو، جنهن عشق ڪيو اختيار،
قائم رب ڪلتار، قادر آهه ڪل تي.
چوڏهين سن ۾ چوطرف، ٿيا چڱا مڙس چور،
ڪانگن ڪلاهون پاتيون، ۽ مجروح ٿيا مور،
هنجهه ويچارا هُوس ۾. چٻون ٿيون چڪور،
گهوڙا گهوٽالن اندر، ۽ گڏهه چرن پيا گور،
هرڻ هلندا ٿا وتن، سوين پيدا سور،
اشراف سِڪن عزت لاءِ، اڳتي آهن انور،
مردن سان ميدان ۾، زالون لائن زور،
اکين وارا اڻ لڀا، ڪوڙين آهن ڪور،
سي ٽلن منجهان ٽور، جيڪي طالب مولا مرد ٿيا.
مٿي ڏنل سموري مواد جو گهري، نظم سان مطالعو ڪبو
ته معلوم ٿيندو ته سائين طالب الموليٰ جي لوڪ ادب
سان لاڳاپيل ڪلام ۾ جتي عام چوڻين پهاڪن کي
خوبصورت ۽ عام رائج سليس ٻوليءَ ۾ استعمال ڪيو
آهي. اتي ڪيترا نوان موضوع پڻ متعارف ڪرايا اٿن،
جيڪي هن کان اڳ ڪنهن به شاعر يا سُگهڙ نه ڏنا آهن،
مخدوم صاحب جن مداحون مناجاتون، ڏهر، سينگار، هنر،
ٽيهه اکريون، مناظرا، ڪافيون ۽ ٻيا بيت لکي ثابت
ڪيو آهي ته پاڻ نه صرف عظيم شاعر ۽ نثر نويس آهن،
پر لوڪ ادب جي سڀني صنفن جي ڄاڻ ۽ مهارت رکندڙ هڪ
سڄاڻ ۽ سالڪ سُگهڙ پڻ آهن، جن سنڌ جي ديسي ۽ نج
سنڌي شاعري کي جيئري رکڻ لاءِ نه صرف ڪوششون
ورتيون آهن، پر عملي طرح سان ان جي هر صنف تي
ڀرپور طريقي سان طبع آزمائي پڻ ڪئي اٿن.
مدد ورتل ڪتابن جا نالا
1ـ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ ڪافي، بزم طالب
الموليٰ شاخ هالا- 1962ع
2ـ پروفيسر محبوب علي چنه، ڪشڪول
3ـ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“، ڇپر ۾ ڇڙيون،
مرڪزي بزمِ طالب الموليٰ هالا، 1971ع
4ـ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ ، بي پِير
اکيون، مرڪزي بزم طالب الموليٰ، هالا- 1987ع
5ـ طالب الموليٰ، سدا وسين سنڌڙي، طالب الموليٰ
اڪيڊمي، هالا- 1990ع
6ـ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مداحون ۽ مناجاتون،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد- 1959ع
7ـ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٽيهه اکريون (ڀاڱو
پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد- 1960ع
8ـ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، واقعاتي بيت، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد- 1961ع
9ـ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مناظرا، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد- 1961ع
10ـ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي سينگار شاعري،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد- 1986ع
11ـ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڳجهارتون، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد- 1969ع
12ـ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، بيت، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد- 1971ع
13ـ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، قافيون (جلد پهريون)،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو- 1985ع
14ـ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، قافيون (جلد ٽيون)، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو- 1990ع
15ـ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، هنر، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو- 1992ع
16ـ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“، سروري جماعت
جو ڏهر ۽ اويسي طريقو (مقالو)، ٽماهي مهراڻ-
1/1990ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو- 1990ع
نوٽ: هن مضمون لکڻ ۾ آئون سائين مخدوم محمد زمان
”طالب الموليٰ“ جن جي اجازت ۽ رهنمائي لاءِ
ٿورائتو آهيان.
”مهراڻ“ ٽماهي نمبر 4/1991ع |