سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:18 

 

نفيس احمد شيخ

 

 

 

مخدوم محمد زمان طالب المولىٰ

                       چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ مقرر

اهلِ سنڌ، خاص ڪري سنڌ جي ادبي حلقن ۾ اها روح پرور خبر مسرتن جا پيغام کڻي آئي ته سنڌ جي واجب الاحترام روحاني شخصيت، سنڌي زبان جي عظيم محسن، سنڌي ادبي بورڊ جي ديرينه مُربّي، سنڌ جي سڀني اديبن ۽ شاعرن جي مٿي جي موڙ، عاليجناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولى“ کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪيو ويو آهي. شُڪر الحمدالله.

قبله مخدوم صاحب جن جي تقرري سنڌ سرڪار وٽان هڪ نوٽيفيڪيشن مورخه 23 جنوري 1979ع ذريعي عمل ۾ آئي، پر ان کان اڳ پاڪستان جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو، ساڻن هڪ ملاقات دوران بورڊ جي سرپرستي قبول ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي، جا صاحب موصوف ڪمال لطف و عطا جي جذبي هيٺ قبول ڪرڻ فرمايائون. اداري مهراڻ جي نظر ۾ قبله مخدوم صاحب جن جي بورڊ کي اها هڪ خاص عنايت نصيب ٿي آهي، ورنه سندن بي شمار مشغولين کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. اسان جي نظر ۾ بورڊ بجا طور تي اها خوش بختي ماڻي آهي، جو مخدوم صاحب جن اُن جي سرپرستي قبول ڪئي آهي. اسان قبله مخدوم صاحب جن جي ان نوازش تي دل جي گهراين مان شڪريو ادا ڪندي، اهلِ سنڌ ۽ خاص ڪري سنڌ جي سڀني اديبن ۽ شاعرن، عالمن ۽ دانشمندن، صحافين ۽ سنڌي زبان ۽ ادب جي ترويج سان دلچسپي رکندڙ سمورن حلقن کي مبارڪباد پيش ڪندي، ان خاصي خبر جو اظهار ڪريون ٿا ته سندن آسُن ۽ اُميدن، آرزوئن ۽ اُمنگن جو مرڪز ۽ محور، سندن ماضيءَ جي عظمت جو امين ۽ نگهبان ۽ حال کي اُجاريندڙ نمائنده علمي ۽ ادبي اداري جو سفينو، ماضي قريب جي بدقسمت باد مخالف ٿڦيڙن، تُند ۽ تيز، شوخ ۽ وحشتناڪ طوفاني لهرن کان محفوظ ٿي، صحيح سلامت ڪناري تي لڳو آهي. سنڌي ادب جي ڪِشتي هاڻي ڪُنن مان پار پئجي چُڪي آهي. سندن محبوب ادبي ادارو هاڻي ”سلامت هٿن“ ۾، انشاء الله نه صرف هميشہ لاءِ محفوظ رهندو، پر ان سان گڏ ترقيءَ ۽ ترويج جون اُهي منزلون ماڻيندو، جو اهلِ سنڌ بجا طور تي اطمينان ۽ تسلي جو اظهار ڪري سگهندا. کين فخر ۽ ناز ڪرڻ جو خوب موقعو ملي چڪو آهي.

قبله مخدوم محمد زمان طالب المولى جي علمي ۽ ادبي، ثقافتي ۽ ملڪي، سماجي توڙي سياسي خدمتن جو تفصيلي تذڪرو ڪرڻ، هٿ جي ڪنگڻ کي آرسي ڏيکارڻ برابر آهي. زندگيءَ جو ڪهڙو به شعبو هجي، ”خدمت“ ڪرڻ هن متبرڪ ۽ باوقار خاندان جو صدين کان وٺي شيوو رهيو آهي. اڄ جي مهذب دنيا ۾، مختلف قومن وٽ ”تعاون“، ”تعاون براءِ ترقي“ ۽ ان قسم جي نقطن تي جيڪو زور ڏنو ٿو وڃي ۽ صبح شام پرچار ڪيو ٿو وڃي، اهو سلسلو، سنڌ ۾ پنج صديون اڳ، هالا جي مبارڪ خاڪ پاڪ مان، گلشنِ سنڌ جي گُلابي گل غوث الحق حضرت مخدوم نوح سروري رح جي بابرڪت شخصيت وٽان شروع ٿيو ۽ الحمدلله طالب المولى سائينءَ جي روپ ۾ نقطء عروج تي پهتو آهي ۽ رهندي دنيا ڏسندي ته فطرت جو اهو اجهل درياهه فيض روان ۽ دوان رهندو. راقم کان جيڪڏهن ڪو ماڻهو، مخدوم صاحب جن جي شخصيت بابت مختصر لفظن ۾ رايو پڇي ته موٽ ۾ سندن ئي هڪ شعر پيش ڪجي، جنهن ۾ نه صرف طالب المولى سائينءَ جي مزاج، پر سندن سموري خانداني روايت جو روح ۽ عرق سمايل آهي:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب المولى

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

سبحان الله! سبحان الله! گهور ٿجي شانِ سروري جي ان متبرّڪ اظهار تان. ته عزيز سنڌ واسيو! سنڌي ادبي بورڊ جا بهي خواه دوستو! اُهي علمي ۽ ادبي ادارا- جن سان قومن جي سُڃاڻ ۽ زندگي، جياپي ۽ مستقبل جو دارومدار هوندو آهي- تن ادارن جي ترقي فقط خدمت جي جذبي سان وابسته هوندي آهي ۽ خدا جو شان آهي، جو قبله مخدوم طالب المولى سائين جهڙي شخصيت جي رهبري ۽ نگراني ٻيهر نصيب ٿي آهي سنڌي ادبي بورڊ کي، جيڪي سراپا مجسمهء خدمت آهن.

قبله مخدوم طالب المولى سائينءَ جي گوناگون خدمتن مان ٻن خاص نقطن جو هت ذڪر ڪرڻ نهايت موزون ۽ مناسب رهندو، جيڪي بورڊ سان وابسته آهن ۽ سنڌي ادب جي ترقيءَ جي دور رس نتيجن سان عبارت آهن.

(1) پاڻ 1961ع کان وٺي 1977ع تائين بورڊ جا چيئرمن رهيا. سترهن سالن جي ان ڊگهي عرصي دوران، پاڻ جنهن شفقت ۽ قرب، دورانديشي ۽ معاملا فهمي، جرات ۽ بلند حوصلگيءَ سان بورڊ جي جيڪا خدمت ڪيائون، سا ظاهر ۾ ته بورڊ جي وسيع اشاعتي سلسلي- جنهن وسيلي بورڊ کي بين الاقوامي علمي مرڪز ۾ شهرت ۽ عزت حاصل ٿي- سا متعلق آهي، پر اُن سان گڏ ڪيترائي اهم نقطا اهڙا به آهن، جن کان نئون نسل پوري طرح اڻڄاڻ آهي. اهي چند صاحب انهن نقطن جا عادل شاهد آهن، جن ساڻن گڏجي ڪم ڪيو آهي، يا جن کي سندن قرابت حاصل رهي آهي. انهن نقطن ۾ ٻه خاص نقطا هي آهن ته ون يونٽ جي بدترين سنڌ دشمن نظام ۾ جڏهن بورڊ کي، وقت جي حڪومت اکين جو ڪنڊو ٿي سمجهيو ۽ طرحين طرحين سان بورڊ کي نقصان پهچائڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ حيلا ٿي هلايا، تڏهن اها مخدوم صاحب جن جي جرئت ۽ بلند حوصلگي ئي هئي، جو بورڊ جو سفينو انهن طوفانن مان پار اُڪاريائون. ڪالاباغ جهڙي آمر جي زماني ۾ جيڪڏهن مخدوم صاحب جن سرپرست نه هجن ها، ته بورڊ ڪڏهوڪو تهه و بالا ٿي وڃي ها، ڇوته ان زماني ۾ ڪن رجعت پسند ادبي حلقن طرفان بورڊ تي ڪُفر ۽ الحاد، زندقه ۽ وطن دشمني ۽ اسلام دشمنيءَ جي الزامن وقت جي حڪومت کي تپائي رکيو هو. راقم کي بخوبي ياد آهي ته بورڊ جي تحفظ جي سلسلي ۾ مخدوم صاحب جن لاهور جا جيڪي سفر ڪيا، تن جا خرچ پڻ پاڻ پنهنجي کيسي مان برداشت ڪيائون.

ٻيو خاص نقطو اهو آهي ته مهراڻ- جنهن کي 1955ع کان وٺي همعصر جديد سنڌي ادب جي تاريخي دستاويز طور مقبوليت حاصل آهي- اُن جي سرپرستي ڪندي، پاڻ ڪڏهن به پنهنجي ذاتي پسند يا ناپسند کي آڏو اچڻ نه ڏنائون. هڪ ذهين ۽ زيرڪ، معاملا فهم ۽ ڪشاده قلب دانشور جي حيثيت ۾ ”مهراڻ“ کي پنهنجي فطري راهه تي هلندي ڪڏهن به ڪا رڪاوٽ بنجڻ نه ڏنائون. اهوئي سبب آهي جو مهراڻ ۾ شروع کان وٺي جتي قديم ۽ جديد، ۽ مختلف مڪتبهءِ فڪر جي لکندڙن کي موقعو ملندو رهيو، اُتي جديد ترين ادبي روايتن ۽ رجحانن جي به آبياري ٿيندي رهي. نتيجو اهو نڪتو جو اڄ سنڌي ادب ۾ مهراڻ کي هڪ فخر لائق مقام حاصل آهي. سڀني لکندڙ طبقن وٽ يڪسان مقبوليت حاصل آهي ۽ مهراڻ ادب جا ڪي اهڙا صحتمند رُجحان پوکي سگهيو آهي، جنهن جو ڦل مستقبل سان وابسته آهي.

(2) مخدوم صاحب جن جي بورڊ تي هڪ ٻي خاص عنايت اها رهي، جو پاڻ ڪمال نوازش سان، مخدوم نوح رحه جي فارسي مترجم قرآن شريف جو نهايت نادر ۽ قيمتي اصل نسخو، ورهين جا ورهيه، بورڊ جي حوالي ڪيائون. برصغير هند و پاڪ ۾ اولين فارسي مترجم قرآن پاڪ جو اهو مخطوطو، بجا طور تي اهلِ سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهي، جنهن کي مخدوم صاحب جن جي توجهه سان اشاعت عام حاصل ٿي. اڄ اهو ڪمياب ۽ نادر نسخو هر گهر جو سينگار آهي، جنهن لاءِ سنڌ واسي، مريد خادم ۽ عام اهلِ دل ورهين کان واجهائيندا رهيا ٿي. مخدوم صاحب جن جي ايماء ۽ قبوليت سان، سنڌ جي هاڪاري عالم علامه غلام مصطفى قاسمي، ان نسخي تي ورهين جا ورهيه تحقيقي ڪم ڪيو ۽ محترم غلام رباني آگري صاحب کي ان جي اشاعت جي سعادت حاصل ٿي. اها مخدوم صاحب جن جي فراخدلي ئي آهي، جو پاڻ ان اسڪيم جي ڪابه نقدي رائلٽي يا اجورو ڪونه ورتائون، جيتوڻيڪ بورڊ جي مقرر ڪيل اصولن مطابق ان جو جواز موجود هو.

مقصد ته، مخدوم محمد زمان صاحب طالب المولى، سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده سرپرستي قبول فرمائڻ کان پوءِ جنهن عزم ۽ خاص توجهه جو اظهار ڪيو آهي، اهو سنڌي ادب لاءِ نهايت نيڪ فال آهي. باوجود لاتعداد مشغولين جي، پاڻ 26- جنوري 1989ع تي، اسان جي استدعا کان سواءِ، پاڻ بورڊ کي پنهنجو ادارو سمجهي، نهايت شفقت ۽ مهر سان، بورڊ جي ڪئمپس ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ ڪمال دلنوازيءَ جو مظاهرو ڪيائون. سندن حيات بخش آمد، بورڊ جي عملدارن ۽ ڪارڪنن ۾ وڏو حوصلو پيدا ڪيو. سندن خوشگوار آمد، ملازمن جي زخمن جي مرهم پاشي ثابت ٿي. سندن اها محبت آفرين آمد، معنى آفرينيءَ سان لبريز ۽ سرشار هئي، جنهن کي بنده راقم خاص طرح سمجهي سگهيو آهي، ڇوته مخدوم صاحب جهڙا معاملا فهم ۽ دور انديش، ذهن ۽ ذڪاء جا صاحب ۽ ڊگهي نظر رکندڙ بزرگ اسان وٽ سنڌ ۾ آهن گهڻا، جن جي صحتمند فڪر ۽ صحيح سوچ مطابق ادارا، ڀتين ۽ ڇتين سان ٺهيل عمارتن جو نالو نه، پر انهن عمارتن ۾ ڪم ڪندڙ مخلص ۽ تجربيڪار، پاڻ ارپڻ وارن صلاحيتمند ملازمن ۽ ڪارڪنن جو ئي نالو هوندا آهن. ادارا بي لوث خدمتگذارن ۽ مخلص ڪارڪنن جو نالو هوندا آهن، ڇوته بلند ۽ بالا عمارتون ته بقول مرحوم حسام الدين راشدي، ”ڪراچيءَ ۾ سيٺ دائود به سوين ٺهرائي ڇڏيون آهن.“ مخدوم صاحب جن بورڊ جي ملازمن جي جيڪا قدرداني، عزت افزائي ۽ شفقت نوازي ڪرڻ فرمائي آهي، ان سان کين هڪ نئون عزم حاصل ٿيو آهي. ان مختصر ملاقات دوران، مخدوم صاحب جن گفتگو فرمائيندي، بورڊ جي ڪم ڪار بابت جن ترجيحن جو اظهار فرمايو، تن مان اهلِ سنڌ لاءِ خوشخبري طور هڪ نقطو پيش ڪرڻ موزون آهي. پاڻ فرمايائون ته ”سنڌ جي ادب ۽ شاعري، تهذيب ۽ ثقافت، تصوف ۽ مشاهيرن جي تذڪري جهڙن موضوعن تي بورڊ ماضيءَ ۾ جيڪي اشاعتي سلسلا شروع ڪيا هئا، تن جي تڪميل طرف خاص توجهه ڏنو ويندو.“ بلاشبه ادبي بورڊ جو قيام ئي مٿين مقصدن جي حاصلات سان وابسته آهي. ماضيءَ ۾ بورڊ انهن ئي مقصدن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي ۽ الحمدالله بورڊ کي پنهنجي هن روشن ۽ درخشنده نئين دؤر ۾ ساڳيون ترجيحات ميسر ٿي رهيون آهن.

مخدوم صاحب جن جي چيئرمن مقرر ٿيڻ تي ادارو مهراڻ سندن خدمت ۾ دل جي گهراين مان مبارڪباد پيش ڪندي، کين يقين ڏياري ٿو ته سندن شفقت ڀرئي ۽ حوصلا افزا خوشگوار ماحول ۾، سندن بهترين رهبري هيٺ، بورڊ جا ڪارڪن وڌيڪ تندهيءَ سان سندن ٻانهن ٻيلي ثابت ٿيندا ۽ انشاء الله دنيا ڏسندي ته سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي مقصدن ۾ وڏيون ڪامرانيون ماڻيندو.

اهو پڻ نهايت خوشيءَ جو امر آهي ته سنڌ جي اديبن، شاعرن، علمي حلقن ۽ مختلف ادبي تنظيمن، وڏي تعداد ۾ جناب مخدوم صاحب جن جي تقرر تي مسرت جو اظهار ڪندي، سندن رهبريءَ ۾ بورڊ جي ترقيءَ جو يقين ظاهر ڪيو آهي. سنڌ جي اديبن، بورڊ سان ماضيءَ ۾ جيڪا محبت پئي ڪئي آهي ۽ ان سان والهانه تعاون ڪيو آهي، سو سج وانگر روشن آهي. خاص طرح ”مهراڻ“ سان سندن علمي سهڪار هڪ اهڙي منفرد حقيقت آهي. جنهن جو مثال پاڪستان جي ٻين ٻولين جي ادب ۾ ملڻ ناممڪن آهي. مهراڻ فقط اديبن ۽ شاعرن جي مخلصاڻي اعزازي سهڪار سان اها حيثيت ماڻي سگهيو آهي ۽ اسان کي توقع آهي ته هاڻي جڏهن بورڊ جي حوالي سان سنڌي ادب جي مٿي تي مخدوم صاحب جهڙي شخصيت جو موڙ مُزين ٿيو آهي، تڏهن سنڌ جا اديب ۽ شاعر، وڌيڪ محبت سان  پاڻ ملهائي بورڊ ۽ مهراڻ سان علمي سهڪار ڪندا رهندا.

 

سنڌي ادبي بورڊ جي نئين تشڪيل

 

سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي نوٽيفڪيشن مورخہ 5- فيبروري 1989ع مطابق بورڊ جي هن ريت نئين تشڪيل ڪئي ويئي آهي.

1. مخدوم محمد زمان طالب المولى                           چيئرمين

2. ثقافت کاتي جو نمائندو                                     ميمبر

3. خزاني کاتي جو نمائندو                                      ميمبر

4. جناب مخدوم جميل الزمان جميل                           ميمبر

5. جناب غلام رباني آگرو                                      ميمبر

6. جناب ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي                            ميمبر

7. جناب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ                                  ميمبر

8. جناب بشير احمد مورياڻي                                   ميمبر

9. جناب علي احمد بروهي                                     ميمبر

10. جناب سيد احسن الهاشمي                                ميمبر

11. جناب عبدالله خان ورياهه                                   ميمبر

ادارو ”مهراڻ“، بورڊ جي نوَن ميمبر صاحبن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو ۽ دعاگو آهي ته سندن تعاون ۽ رفاقت سان جناب مخدوم صاحب جن جي مثالي رهبريءَ ۾ بورڊ ترقيءَ جون وڏيون منزلون ماڻيندو. (آمين.)

”مهراڻ“ ٽماهي نمبر 1/1989ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org