مخدوم محمد زمان "طالب المولیٰ"
نعت
السّلام اے خالقِ کون و مکان
السّلام اے مالکِ ہفت آسماں
السّلام اے وارثِ باغِ جناں
السّلام اے جانِ جاناں السّلام
السّلام اے شاہِ شاہاں السّلام
السّلام اے شافعِ روزِ جزا
السّلام اے شافعِ راہِ ھُدا
السّلام اے دافع رنج و بلا
السّلام اے شاہِ ذیشاں السّلام
السّلام اے شاہِ شاہاں السّلام
السّلام اے ناصرِ ہرناتواں
السّلام اے ضامنِ ہر دوجہاں
السّلام اےحافظِ پیرو جواں
السّلام آقا و نگراں السّلام
السّلام اےشاہِ شاہاں السّلام
السّلام اے مظہر رب الجلال
السّلام اےخوش لقب فرخندہ فال
السّلام اےصاحبِ حسن و جمال
السّلام اسرارِ سبحاں السّلام
السّلام اےشاہِ شاہاں السّلام
السّلام اے باورِ درماندگاں
السّلام اے ماہرِ امن داماں
السّلام اےحامیء بے خانماں
السّلام اےظلِ یزداں السّلام
السّلام اے شاہِ شاہاں السّلام
اظہار کراچی 2-1/1980ء
امداد حسيني

قبله مخدوم
طالب الموليٰ
قبله مخدوم طالب الموليٰ
بس رڳو ايترو ئي عرض آهي
ته اُنهيءَ رَبَ پاڪ جي ساراهه
هر بشر لاءِ عين فرض آهي
جنهن نبي ۽ رشي، مُني، اوتار
موڪليا هن جهان فانيءَ ۾
ڏات جنهن کي وڻيس ڏي ڏاتار
جنهن سڄي ڪائنات کي جوڙيو
رات جي لاءِ ڏينهن کي ٺاهيو
ڏينهن جي لاءِ رات کي جوڙيو
ڏينهن جي لاءِ ڇَٽُ سورج جو
رات جي سِينڌ لئه ستارن کي
سنڌڙي ديس مَٽُ سورج جو
مان به اُن ديس جو ڪوي آهيان
جو به غدار آهه مان ان جي
سرِ بازار لاک ٿو لاهيان
باک جي ساک سان چوان ٿو مان
تو پرينءَ کي ڏٺو، اسان توکي
مان مڃان ٿو اهو مڃان ٿو مان
محبوب سروري

*
اڃا غبار غمن جا لٿا ئي ڪونه آهن،
اڃا ته زخم جگر جا ڇُٽا ئي ڪونه آهن.
اوهان جي عيد مبارڪ جي مهرباني پر،
اڃا ته ڳوڙها ڳلن تان سُڪا ئي ڪونه آهن.
جدا ٿي ”طالب الموليٰ“ جڏهن کان ويو آهي،
اڃا ته رنگَ ادب جا رَتا ئي ڪونه آهن.
اهي مشاعرا ۽ محفلون ويون ڪيڏانهن؟
اڃا ته ساڳيا ميڙا مَتا ئي ڪونه آهن.
اچون ٿا عام جي آڏو ڳلن تان لڙڪ اُگهي،
زمانو سمجهي ته ڄڻ هي رُنائي ڪونه آهن.
نماز ننڊ کان آهي چڱي، مگر مؤذن؛
اڃا فراق جا ماريل سُتائي ڪونه آهن.
”فنا بقا“ جو ڀلي درس ڏي، مگر ناصح؛
اوهان کي نينهن جا نيزا لڳائي ڪونه آهن.
”جهان آهي فنا“، شيخ ٿو ڪري تلقين،
انهي کان جاني ڪڏهن ٿيا جُدا ئي ڪونه آهن.
جهان ۾ شان جي شوخائي ڪونه ٿا ڇڏيون،
اندر جا زخم اڃا ڪنهن ڏٺائي ڪونه آهن.
ٻڌايان درد جدائي جا ڪيترا ”محبوب“!
لڳائي دل وري ليکا ڪبا ئي ڪونه آهن.
طالب الموليٰ
ٻڌايا ڇا اوهان کي، ڇا چوان هو، طالب الموليٰ،
خدا وارو، خدا وارن منجهان هو طالب الموليٰ.
فدائي- سرور هر دوجهان هو طالب الموليٰ،
۽ درويشن ۽ مجذوبن جي جان هو طالب الموليٰ.
وڏو داناءُ سر دلبران هو طالب الموليٰ،
بلاشڪ رازدار عاشقان هو طالب الموليٰ.
غريبن مفلسن تي مهربان هو طالب الموليٰ،
۽ اهل الله جو هڪ رازدان هو طالب الموليٰ.
وڏي صحرا ۾ ڄڻ هڪ گلستان هو طالب الموليٰ،
انڌيري ۾ چراغ ضوفشان هو طالب الموليٰ.
زمين شعر و ادب جو آسمان هو طالب الموليٰ،
اديبن جو امير، ڪاروان هو طالب الموليٰ.
جتي دانشورن جي درميان هو طالب الموليٰ،
اتي چوڏهين جي چنڊ وانگر عيان هو طالب الموليٰ.
وڏو شيرين سخن، جادوُ بيان هو طالب الموليٰ،
سخنور، نڪته سنج ۽ نڪتدان هو طالب الموليٰ.
سياست ۾ شرافت جو نشان هو طالب الموليٰ،
وطن جي لئه بهار، بي خزان هو طالب الموليٰ.
جماعت ”سروري“ جو پاسبان هو طالب الموليٰ،
برابر ”نوح سرور“ جو نشان هو طالب الموليٰ.
وقار-
سنڌُ وَ سنڌي زبان هو طالب الموليٰ،
بلاشڪ عظمتِ ”هالا نوان“ هو طالب الموليٰ.
هو پنهنجي دور جو روح روان هو طالب الموليٰ،
هو خود هڪ دور هو، هڪ داستان هو طالب الموليٰ.
وڏو قربائتو ۽ قدردان هو طالب الموليٰ،
محبت جي چمن جو باغبان هو طالب الموليٰ.
سڀن جو دوست دلبر دل وٽان، هو طالب الموليٰ،
سندم محبوب محسن مهربان هو طالب الموليٰ.
از: عبدالرشيد ’رشيد‘ ابڙو
نذرانه عقيدت
بَحُضور مَرحوم و مَغفور جَنت نَشين
قِبله مَخدوم محمّد زَمان ’طالب الموليٰ‘
جُدائيءَ ۾ تنهنجي هزارن رنو آ
مُريدن مِٺي مُلڪ وارن رنو آ
وڇوڙي ۾ يارن پيارن رنو آ
جِگر جي ٽُڪر نيڻَ ٺارن رنو آ |
سياري ورايو اُترَ واءُ اهڙو
جهڙپ ساڻُ جهٽ پٽ جُهونجهارن رنو
آ.
|
ڏنيون اوڇنگارون جئن لختِ جگر پڻ
وڏن سان صغيرن ۽ ٻارن رنو آ. |
سڄِي ’نوح نگري‘ وَئي ماتم ڪُده
ٿي
هتي جي حسينُ تر نظارن رنو آ.
|
ضعيفن نحيفن نماڻن سان گڏ ڪَئين
سٺي صحت وارن سَگهارن رنو آ. |
وفادار ڪئين ’نَوَ لِکي‘ جا مُقرب
ڪُٺل قُرب ۾ قربدارن رنو آ.
|
پِرهَ ويل شبنم گُلن تي ڏسڻ سان
لڳو پي ته ڪو رات تارن رنو آ. |
محبت جي مسجد ۾ محشر مچي ويو
جو محراب و منبر مُنارن رنو آ.
|
سهارو هو ’سائين‘ سوين سالڪن جو
تنين بيوسن بي سهارن رنو آ. |
فقيرن ذڪر ڪيو ٿي شام و سحر هِت
ڪري قلب قابو قرارن رنو آ.
|
رڳو لاڙَ وارن نه هئا لُڙڪ لاڙيا
سڄي سنڌ ٿَر بَر سنگهارن رنو آ. |
هُيا جيڪي طالب جا طالب حقيقي
سهي سُور سِر تي سچارن رنو آ.
|
ادبَ جي جهان ۾ سندس شاعري کي
ڪري ياد سهسين سنڀارن رنو آ. |
فراقِ سُخنور سان ساڻيهه اندر
سُخن ۽ ادب جي اِدارن رنو آ. |
حقيقت پڇو همسفر گر ’رشيد‘
سندم باغِ دِل جي بهارن رنو آ. |
(نوٽ:سائين وڏن جي پهرين
ورسيءَ جي موقعي تي منعقده محفل مشاعري ۾
پڙهيو ويو)
غلام حسين “مشتاق” سچاروي

ڪئي علم و ادب جي آبياري طالب الموليٰ
مُحبّت سنڌ سان ڪئي عمر ساري طالب الموليٰ،
ڪري ٿي ياد توکي سنڌ ساري طالب الموليٰ.
ڪيو مانائتو مخدوميت جو مان خدمت سان،
وڻي تنهنجي خدا کي خاڪساري طالب الموليٰ.
سياست کي شرافت سان عبادت جو ڏئي درجو،
سياست جي تو سينڌ آهي سنواري طالب الموليٰ.
ثقافت ٻولي ۽ ڌرتي کي ڄڻ نئين زندگي بخشي،
لطيفي لات ٻيهر جيئن جياري طالب الموليٰ.
ادارن انجمن بزمن جي رونق جنهن جي دم سان هئي،
ڪئي علم و ادب جي آبياري طالب الموليٰ.
اچي ويا ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۽ ”مهراڻ“ موجن ۾،
صدارت جي جڏهن تو واڳ واري طالب الموليٰ.
ڪري ٿي ياد ”بزمِ طالب الموليٰ، به اڄ توکي،
”جميعت شُعَراء- سنڌ“ اُجاري طالب الموليٰ.
ادب شعر و سخن جون محفلون آهن اداس اڄ ڀي،
حياتي جن جي خدمت ۾ گذاري طالب الموليٰ.
هو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن جي حيثيت ۾ هو،
بلاشڪ شخصيت تنهن جي نياري طالب الموليٰ.
سندءِ ”اخلاق حسنه“ جي ڪهاڻي اڻ کٽڻ واري،
ملي شهرت ۽ عزّت نامياري طالب الموليٰ.
وڇوڙو تنهن جو آهي عمر ڀر جو روڳ بڻجي ويو،
بهارن ۾ رهي ناهي بهاري طالب الموليٰ.
ڳڻي تنهن جا نه ڳُڻ سگهبا ڳڻڻ کان ڳُڻ ڳرا
آهن،
ٿيو ”مشتاق“ تنهن جو ڄڻ مَياري طالب الموليٰ.
ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘

قطعه تاريخ
دينٖ حق جي لاءِ بس شايانٖ شان، شانٖ حسينؑ
عظمتٖ انسانيت جو پاسبان شانٖ حسينؑ
مذهب و ملّت سندو روح روان شانٖ حسينؑ
تا اَبد اسلام جو تاب و توان شانٖ حسينؑ
خود ڪيو هر مرثيه جي لفظ مان تا يومٖ دين
عظمتٖ شهدائي دينٖ حق عيان شانٖ حسينؑ
هي رثائي شاعري جو بس ذخيرو بي بها
اهلٖ ايمان لاءِ آهي جانٖ جان شانٖ حسينؑ
هي خليقٖ خوش بيان آهي بحق عبدالحسين
اُن جو هي نذر عقيدت بيگمان شانٖ حسينؑ
مرثيه خوان شاعر شيرين سخن آهي جليس
ٿي ويّو آهي مرتب اُن هٿان شانٖ حسينؑ
مرثيه گوئي جي ’شاهد‘ ويو ڪري، هاتف چيو
شمع روشن طالب الموليٰ نشان شانٖ حسينؑ
2005ع
نوٽ: ”شانٖ حسينؑ “
سنڌ جي عظيم شاعر مخدوم محمد زمان ’طالب
الموليٰ‘ جي مرثين جو بياض آهي، جنهن کي مرحوم
جليس جعفري مرتب ڪيو ۽ محترم مخدوم غلام محمد
’گل سائين‘ المعروف مخدوم خليق الزمان سال
2005ع ۾ شايع ڪرائي منظر عام تي آندو.
|