سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:9 

رکيل مورائي

 

 

 

 

مخدوم طالب الموليٰ

سنڌي شاعريءَ جي روايتن جو امين شاعر

 

 اڄ جڏهن اسين ورهاڱي کانپوءِ سرجيل سنڌي شاعريءِ جو ايماندارڻو اڀياس ڪريون ٿا يا لکون ٿا ته اسان کي گذريل وقت ۾ گهڻو ڪجھه وڃايل نظر اچي ٿو. ۽ ان سڀ وڃائڻ جو سبب اهڙا نظريا هئا، جيڪي ورهاڱي کانپوءِ اسان جي ذهنن ۾ وڌا ويا هئا، اهي صحيح هئا يا غلط، اهو فيصلو اڃا وقت کي ڪرڻو آهي ۽ اهڙي فيصلي اچڻ جي اسان کي ڪا تڪڙ به نه آهي، جنهن ڳالھه جي اسان کي تڪڙ آهي، اها هيءَ ته اسان جيڪو ڪجھه ماضيءَ وارن پنجاھه سالن ۾ وڃايو آهي، ان جو پوراءُ ڪيئن ڪريون ؟

ان لاءِ هڪ طريقو هيءُ آهي ته اسان ورهاڱي کانپوءِ سرجيل سنڌي شاعريءَ جو تخليقي اڀياس ڪريون ۽ ان کانپوءِ اهڙو اڀياس لکون جنهن ۾ نظرين کان وڌيڪ تخليقي عمل تي ڌيان ڏنل هجي ۽ سچ پچ جڏهن اسان سنڌي شاعريءَ بابت ڪو به تخليقي اڀياس لکنداسين تڏهن ئي پنهنجي شاعرن سان انصاف ڪري سگهنداسين ۽ ساڳئي وقت سنڌي شاعريءَ جي تخليقي سفر کي سمجهي سگهنداسين ۽ ايندڙ نسلن کي ٻڌائي سگهنداسين ته اسان جو تخليقي سفر قاضي قادن کان وٺي اڄ تائين ڪيڏو نه شاندار رهيو آهي. اڄ انهن وڏن نالن ۾ ڪهڙا وڏا نالا آهن جيڪي فخر سان بيان ڪري سگهجن ٿا ۽ يقين سان قبلا مخدوم سائين طالب الموليٰ جن انهن شاعرن مان جن شايد ئي ادب کي پنهنجي حصي طور تمام گهڻو ڏنو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بيحد احترام ۽ عقيدت لائق هن شاعر جو جڏهن مون کي ديدار نصيب ٿيو.

 اهي اوڻيھه سئو نوي واري ڏهاڪي جا شروعاتي سال هئا ۽ مان جناح اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ سنڌ جي شاعراڻين روايتن جي امين شاعر قبلا مخدوم طالب الموليٰ جو ديدار ڪرڻ جي اميد کڻي ويو هوس. جيتوڻيڪ هڪ ڪمري کي ڇڏي ٻئي ڪمري ۾ شيخ اياز صاحب به داخل هو جنهن وٽ وڃڻ ٿيندو هئو. جتي ئي خبر پئي ته قبلا مخدوم صاحب جن به ساڳي فلور تي آهن. خوشي ٿي هئي ته شايد هاڻ سندن ديدار ٿي وڃي، جيتوڻيڪ ان ۾ هڪ ٻه ڏينهن ضرور لڳو، پر هڪ ڏينهن مون  کي اهڙي سعادت نصيب ٿي وئي. ڪو شفيق خدمتگار اسپتال ۾ موجود هئو ۽ هن منهنجو ڪم آسان ڪيو هئو.

        ديدار نصيب ڇا ٿيو! سنڌي شاعريءَ جون سموريون روايتون سنڌ جو هڪ عظيم خاندان، سياستدان، هڪ وڏي غريب  پرور ۽ هڪ شاعراڻي خاندان جي واليءَ اڳيان آءٌ حاضر هوس، سندن ديدار ڇا هئو.

        هن کي ڏسندي ائين لڳو ديد پئي ڄڻ گلدستي تي.  آئون حاضر ته مخدوم صاحب جن جي آڏو هوس، پر زبان تي ۽ دل تي ان وقت کين جو ئي هڪ غزل هئو، جيڪو منهنجي ان ڏينهن به دلي ڪيفيت جي ترجماني ڪري رهيو هو ۽ اڄ به ايئن ئي آهي ته:

 

تنهنجي جلون سان ڀرپور اکيون

ٿيون منهنجون سراپا نور اکيون

 

        ۽ سچ ٿو چوان ٿو ته منهنجون اکيون ان ڏينهن کان اڄ تائين جلون  سان ڀرپور آهن، جيتوڻيڪ منهنجون هيءُ اکيون ان ڏينهن کان ئي ان شاعر کي ڏسڻ ۽ چاهڻ لڳيون هيون. جڏهن کان مان
رونا ليليٰ، محمد يوسف، مصري فقير، فوٽي زرداري ۽ حسين بخش خادم کي ٻڌڻ لڳو هوس، پر تڏهن آئون شاعر نه هوس شاعريءَ جو ٻڌندڙ هوس ۽ جڏهن شاعر بڻيس تڏهن ”ديوان طالب الموليٰ“، ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ۽ ”بي پير اکيون“ ۽ نثر ۾ لکيل يادگار تذڪرو”يادِ رفتگان“ ڪتاب منهنجي اڳيان هئا، جيڪي اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ڇپيا هئا، انهن ڪتابن ۾ ”ڇپر ۾ ڇڙيون“، ڪتاب ڪافين، بيتن ۽ ڪن ٻين صفحن تي ٻڌل هئو ۽ نهايت ئي خوبصورت ڇپيل هئو، شايد ئي ان دور ۾ ڪو ٻيو ڪتاب اهڙو خوبصورت ڇپيل هجي، هن ڪتاب مان ئي ڪيترو ڪلام مختلف راڳين جي آواز ۾ ٻڌڻ لاءِ ملندو هئو مثال طور:

 

اکين ۾ مينهن وسايو، گوڙ نڪو گهمسان،

اهڙي گونگي مينهن کان، الله ڏئي امان،

سڄڻ رھه تون راتڙي، اهو ڪر احسان،

نه ته ترسي پئو طالب چوي، مٺا ٿي مهمان،

اڇو ٿئي آسمان، پوءِ ٻهڳڻ ٻاهر نڪرجان.

 

عشق ٿيو استاد، سڀ ڪنهن کي ٿو سبق پڙهائي،

حضرت عشق جي اعليٰ عظمت، سڀ کان سرسي شان ۽ شوڪت،

علم ڪري امداد، خيال خوديءَ جا خوب وڃائي.

۽ ”ديوان طالب الموليٰ“ ڇا هئو! سنڌي غزل جي روايت جو امين ڪتاب هئو.

        اسان جو نسل جنهن شعوري طور هڪ اهڙي دور ۾ جنم ورتو جيڪو ويڙھه/ مزاحمت جو دور هئو ۽ اسان کي شاعري به ان قسم جي وڻندي هئي، پر هيءُ ڪتاب اهڙو هئو جيڪو منهنجي من جي پاتال ۾ اڄ به پنهنجي سمورن غزلن سميت تازو توانو آهي.

        شاعريءَ جي دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ احساس ٿيو ته اسان نظرين جي ڪري گهڻو ڪجھه”نج سنڌ جو اثاثو“ وڃايو ۽ ان ۾ شاعري به آهي. بهرحال تڏهن به هن ديوان جي ان شعر منهنجي رهبري ڪئي هئي ۽ اڄ به اهو شعر رهبري ڪري رهيو آهي ته؛

اگر خدمت ڪرڻ جي ناھه طاقت طالب الموليٰ!

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

پڪ سان هيءُ  شعر مذهبي توڻي طبقاتي وڇوٽي تي هڪ ڪاپاري ڌڪ هئو، جيڪو انهن سڀني نعرن کان وڌيڪ سگهارو هو، جيڪي نعرا اسين ان دور ۾ هڻي رهيا هئاسين ۽ انهن نعرن جي عيوض اسان جيڪو حاصل ڪيو اهو سڀ انهيءَ طبقاتي نظام اسان کان کسي ورتو آهي، جنهن لاءِ اسين اڄ وري اهي ئي نعرا هڻي رهيا آهيون.

        مثال لاءِ ڪجھ ٻيا شعر به پڙهي سگهجن ٿا، جيڪي منهنجي مٿين اظهار کي وڌيڪ سگهارو ڪري سگهندا.

مليون جي مائٽن کان، ۽ ٿيون استاد کان حاصل

مون سمجهيون ٿي جفائون، سڀئي احسان ئي نڪتا

        مٿين اظهار کانسواءِ قبله سائين جو هڪ اظهار هيءُ به آهي جنهن ۾ سندن عاشقاڻو ۽ شاعراڻو اظهار نکري آيو آهي.

دلِ بيتاب گستاخي نه ڪر، ڪا يار جي ويجهو.

لڏن جتي نانگ ڪاريهر، پيا رخسار جي ويجهو.

        ۽ سندن سونهن تي ۽ سچ تي اعتماد جو اظهار هيءُ شعر آهي.

هر چيز ۾ آ تنهنجو، جلوو جمال ظاهر

جيڪو نه ڏسندو آهي، ان جو قصور موليٰ

 ياد ٿو اچيم ته ڳالھه جناح اسپتال جي ان ڪمري جي هئي، جنهن ۾ مخدوم صاحب جن هئا. مخدوم صاحب جن ڇا سڄي سنڌ هئي، سڄي سنڌ جي شاعراڻي روايت هئي،  سنڌ جي موسيقي هئي، سنڌ جي فقيري هئي ۽ سنڌ جي مخدوميءَ سان گڏ سنڌ جي بزرگي هئي معصوميت هئي، ٻاجھه هئي ۽ ٻيو به گهڻو ئي ڪجھه!

        ٻئي ڏينهن تي اياز صاحب جي ڪمري ۾ انهن گلن جو هڳاءُ هئو، جيڪي مخدوم صاحبن، اياز صاحب ڏانهن نيڪ خواهشن طور موڪليا هئا ۽ انهن جي خوشبوءِ ڇا هئي اڄ به مون کي ياد آهي ته اياز صاحب جو چهرو گلن کان وڌيڪ ٽڙيل ۽ مهڪيل هو، ڇاڪاڻ ته اهي گل صرف گل نه هئا. انهن گلن پويان مخدوم صاحب جن جي اٿاھه ٻاجھه ۽ قرب هو، اهي هڪ سنڌ جا ٻيءَ سنڌ ڏانهن پيار محبت ۽ پنهنجائي جا امين هئا. انهن گلن جي پويان صدين جي شفقت ۽ تهذيب جو اولڙو هو، ساڳئي وقت هڪ شاعر جو هڪ شاعر ڏانهن احترام وارو ورتاءُ هو ۽ سچ اهو آهي ته انهن گلن جي رنگ ۽ خوشبو جيڪو اثر پيدا ڪيو هو، اهو اياز صاحب تي آخري گهڙي تائين رهيو.

        جنهن جو اظهار اياز صاحب، قبلا سائين طالب الموليٰ جن جي تعزيت لاءِ امين سائين جي ڪراچيءَ واري گهر تي جميل سائين ۽ نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيو هو ۽ چيو هو ته ”سنڌ سرڪار کي مخدوم صاحب جن جي نالي ڪو ادبي ادرو ٺاهڻ کپي مان ان اداري جي سربراهي ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندس“

        رسمي طور سنڌ جي ثقافت، سنڌي شاعريءَ ۽ راڳ جي پاسدار ۽ امين قبلا مخدوم طالب الموليٰ جن جو جنم 4- آڪٽوبر 1919 ع ۾ ٿيو، سندن خانداني نالو محمد زمان رکيو ويو، پاڻ شاعر طور پهريون تخلص، بيوس ۽ ان کانپوءِ فراق، زمان شاھه ۽ آخر ۾ طالب الموليٰ جي تخلص سان تخليقي ڪم ڪيائون . سندن تخليقي ڪم جو وچور ڏيڻ لاءِ ته ڪيترائي ڪتاب لکڻ گهرجن. پاڻ سنڌ جي ادبي ۽ فنڪار لڏي جي هڪ وڏي حصي تي سموري زندگي ڇپر ڇانوَ ٿي رهيا. ٻيا به ڪيئي عشق ڪيا هوندائون،  پر شاعري سندن پهريون ۽ آخري عشق هئو. پاڻ 1952ع ۾ جمعيت الشعراءُ سنڌ جا
سرپرست ٿيا. 1955ع ۾ بزم طالب الموليٰ جو بنياد رکيائون ۽ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر بڻيا. اڳتي هلي ان جا چيئرمين به رهيا. سندن وڃڻ کانپوءِ بورڊ ڪيتري وقت تائين سلامت نه رهيو، شايد سندن ٻاجھه جو هٿ ان مٿان نه رهيو. هاڻ وري اهو اسان جو قومي ادارو جميل سائين جي هٿ هيٺ آهي ۽ سندس رهبريءَ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. سنڌ جي علم ۽ ادب تي ڇانو ڪندڙ هيءَ اداري نما شخص سنڌ ڪيئن وساريندي. جنهن پنهنجي سموري ڄمار الڳ الڳ مورچن تان سنڌ کي سدائين ڏنو. خانداني طور هيءُ خاندان جنهن تي نهايت سٺي انداز ۾ لکيو ويو آهي ۽ لکيو ويندو، سنڌ جو محسن خاندان آهي، پر شاعراڻي ۽ ادبي دنيا جنهن ۾ هڪ مڪتب فڪر هن خاندان جي نالي سان سڃاپي ٿو ۽ ايستائين اهو سڃاتو ويندو جيستائين سنڌ آهي سنڌي ادب آهي ڇاڪاڻ ته پاڻ سنڌ کي شاعريءَ جي نالي ۾ ايترو ڏئي ويا آهن جو اها سدائين مالا مال رهندي ۽ کين يادرکندي. ٻيءَ طرح سندن سنڌ سان تعلق امين سائين جن جي لفظن ۾ ايئن به آهي ته؛

 

تعلق آهي اهڙو ئي، نظر جو ناز وارن سان.

رهي ٿو ربط جهڙيءَ طرح، لهرن جو ڪنارن سان

 

ڪڏهن ايئن ڪو نه ٿيو آهي، ته گل دامن اٽڪي پئي،

مگر اٽڪيو پوي دامن، گلن هوندي به خارن سان.

 

        ۽ سچ اهو آهي ته هن خاندان جو سنڌ جي علم ادب ۾ جيڪو حصو آهي. اهو ايترو گهڻو آهي جو هڪ کان وڌيڪ ڪتاب ان تي لکي سگهجن ٿا.

        سنڌي موسيقيءَ، شاعريءَ ۽ علم تان جنهن ڏينهن هيءِ مهربان ڇانوَ هٽي وئي ان ڏينهن کي يارهين جنوريءَ جو ڏينهن ٿو چئجي. اڄ هو پاڻ جسماني طور اسان سان گڏ نه آهن، پر سندن ٻاجھه سندن شاعريءَ جي ڪتابن ۾ نثر جي ڪتابن ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ۽ سنڌ جي ٻين اڻ ڳڻين ادارن سان گڏ جميل سائينءَ جي اکين ۾ موجود آهي ۽ رهندي، ڇو ته اهو سندن ڇڏيل ورثو آهي، جيڪو اسان کي سنڌ جيان ۽ محبوب جيان سدائين اکين ۽ دل ۾ رهندو، جيستائين دل سلامت هوندي ۽ جيستائين اکيون سلامت هونديون ۽ منهنجي اکين ۾ اڄ به اهو چهرو سلامت آهي، جيڪو سنڌي شاعريءَ جي روايتن جي امين شاعر جو آهي. انڪري مان پنهنجي اکين جي سلامتيءَ جي سدائين دعا گهرندس جن ۾ اهو محبوب چهرو محفوظ آهي ۽ بس.

استاد لغاري

 

 

 

 

تون شمع ٻيا پروانا

 

قبله سائين حضرت مخدوم محمد زمان "طالب مولي"، حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرورؒ جن جي سلسلي "سروري جماعت" جا سترهون نمبر گادي نشين هئا (1). سندن تولد جي تاريخ 04- آڪٽومبر 1919ع ۽ رحلت جي تاريخ 11 جنوري 1993ع آهي (2). پاڻ پنهنجي والد بزرگوار حضرت قبله مخدوم غلام محمد "مغموم" عرف "گل سائين" جن جي وصال بعد، 18 ڊسمبر 1944ع تي، مسندِ خلافت تي ويٺا (3). سروري سهروردي سلسلي سان وابسته سندن زماني کي، 09 لک شمار ڪيو ويو، ان ڪري هن سلسلي کي "نـَـوَ لکي گودڙي" پڻ سڏيو ويو آهي(4) .

اعلي حضرت مخدوم محمد زمان "طالب المولي" جي علمي، ادبي ۽ خصوصن شاعري واري فن کي، مخلص ۽ محقق جي حيثيت سان، جديد ۽ قديم معيارن ۽ قدرن تي پرکڻ ۽ پرجهڻ کان پوءِ، ايئن ٿو محسوس ٿئي ته سندن شاعري، ذوقِ جماليات ۽ روحاني واردات مان ايئن وهڪرا ڪري نڪتي آهي، جيئن پهاڙ مان ڌارا! بقول علامه آءِ آءِ قاضي ته "شاعري اها آهي، جا ڳائي سگهجي" ان معيار موجب مخدوم محمد زمان "طالب المولي" جو ڪلام نغمه ريز، سـُــريلو ، اثرائتو ۽ دلڪش آهي (5) . مثلا:

جـــهــان کــان جـدا ٿي، جهان ۾ رهون ٿا،

سڀن ساڻ گڏ هوندي، سڀڪجهه سهون ٿا،

وســـائـــي ســـون وهــوا ورهه واري وستي،

عـجـب عـشــق آهي اسـان جو الستي(6).

 

شاعر، گويا درد ۽ الم جو پيڪر هوندو آهي. ڪَيف ۽ سـُــرور جو مـُـجسمو ٿيندو آهي. هر سـُــهڻي شيءَ جو عڪس سندس دل جي آرسيءَ تي منعڪس ٿئي ٿو. بلبل جو نغمو، ڪوئل جي ڪـُــوڪ، چيهن جي چهه چهه، گل جو ٽڙڻ، باغن جي بهاري ، جهڙ ڦڙ جي لطافت، بهار جي مند جي پر ڪَيف ڪشش، سج جو تاب، چنڊر جي ٿڌڙي روشني، تارن جي جڳ مڳ، سرو ۽ سمن جو دلبري شان، نرگس جي نيم خواب اک ۽ صبا جي ٿڌاڻ، جڏهن هن جي دل تي جلوا افروز ٿئي ٿي. تڏهن شاعر انهن فطرت جي نيرنگين ۾ فنا ٿيو وڃي (7) . ذرا هي خيالات ڏسو :

تيل ، ڦـُـليل ، ڦڻيون، ڦـُـوڪارا، ڌوپيل، واسيل، ڪيس هــُـوڪارا،

گــــهـــرا گــُـهــــنـڊيـــدار، وهـــــــوا دل کـــــي وڻــــــن ٿـــــا.

نــــڪ نــجيب جـو ننڍڙو ننڍڙو، سنهڙو سنهڙو ، ڪـُـنڍڙو ڪـُـنڍڙو،

رنـــــــگ ڀـــــــريا رُخــــســـــار، وهــــــوا دل کــــي وڻـــن ٿـــا.

سـُــــهــــڻـــل جــــا ســــيـــنـــگــــار، وهــوا دل کي وڻن ٿا (8).

۽ وري جڏهن شاعر کي غمِ فـُـرقت، درد و الم، حسرتِ ياس يا تنهائي جو احساس تنگ ڪري ٿو ته شاعر هيئن به چئي ويهي ٿو:

شـبِ فـُرقت ۾ مان تنها ۽ مون سان منهنجو غم تنها،

ڪيان پــيو جـادءِ منزل جو طئي، هـــر پيچ و خم تنها.

 

وري فــصلِ بــهــار آئـــي، وري صــحرا نـــوردي ٿي،

بـــيــابــان ۾ فــقـط پــنهنجا ڏٺم، نقشِ قدم تنها.

 

هـُـجــوم ِ غــم ، خــيالِ يــار، ســوزِ عـشـق ، دردِ دل،

خــدا جي ذات گـــڏ آهي، مــگــر ٻي چـشمِ نم تنها.

 

زمــاني کـــان نـــرالــــو آهي، مـُـشـرب لا اُبــالـن جو،

اسين تاري تڳون پنهنجي، کڻو پيا پنهنجو دم تنها.

 

هــمــيشه عـــــالمِ بـــيگـــانگي ۾ ئي رهـيو دلبر،

رکــيائــين همڪناري ۾ به، اسان کي دم بدم تنها.

 

اســان رنــدن فقط پيرِ مغان جي دست بوسي ڪئي،

زمـــاني سان گـــڏ هــوندي به، آهي دم قــدم تنها.

 

کڻي جيڪر ڏسڻ چاهيو، ڪڏهن هـُـو "طالب المولي"،

نــظــر ايــنــدو سـَــوَنِ ۾، صـــاحبِ درد و الــم تــنها (9).

 

حضرت مخدوم محمد زمان "طالب المولي" پنهنجي شاعري سان گڏوگڏ زمان ۽ مڪان کي به قلم بند ڪيو آهي، دنيا جي ڪنهن به ٻي شاعر اهڙي ريت وقت ۽ وقوع کي ظاهر نه ڪيو آهي. مثلًا:  پاڻ جتي جتي به ويهي شعر لکيائون، ته ان شعر سان گڏوگڏ، اها تاريخ ، ٽائيم ۽ هنڌ به لکندا ويا. جهڙوڪ: اسلام آباد، حيدرآباد، ڍاڪا، راولپنڊي، زيارت، ڪراچي، ڪوهه مري، ڪوئٽه، کپرو، لاڙڪاڻو، لاهور، لنڊن، مدينه منوره، مڪه معظم، ميرپورخاص ۽ هالا وغيره. اهڙي طرح حضرت مخدوم محمد زمان "طالب المولي" جو هڪ هڪ شعر پاڻ سان گڏ، پنهنجي پنهنجي پوري ۽ مڪمل تاريخ به رکي ٿو. اهو هڪ اهڙو راز آهي، جيڪو هرهڪ شاعر ۽ محقق سمجهي نٿو سگهي. شيخ اياز چيو هو:

رات اُڏري رُوح مــنـهـنجي مان چڪور،

ڳـــائي ڳــائي چــنڊ کي ريـجهائي ويا.

او کِــلڻ وارا ! ٻه ٽي مـُـکڙيــون ته ڏينم،

پـــانــد سڀئي تو وٽان مهڪائي ويــــا.

راز جـيـڪـو ڪنـهن پيمبر حل نه ڪيو،

اي پرهه ! تنهنجا پکي سمجهائي ويا (10).

مخدوم صاحب جي شاعري کي حسين بخش"خادم" مصري فقير ۽ خصوصن رونا ليلي اهڙي انداز ۾  ڳائيو جو گهر گهر ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ  ۾ " تو دلڙي يار ! ڌُتاري " ٿي ويو. حسين بخش "خادم" سـُـريلي آواز ۾ چوندو هو:

تُنهنجا ڪيس پيارل! ڪارا،

آهـــن پـــيـچ انــهن جـــا پــيارا،

ڪـــن ونـــگ وجــهڻ لــئــه وارا،

پــــائــــن ڳـــٽ ڳــچيءَ ۾ ڳارا،

ڪـــــن قــــيـــد ســـياڻـا سارا،

مـــهـــمــيــرن تــي ســي مـارا،

ٿـــيــن ويـــر به اُت ويـــچــــارا،

ٿــــــا شــــــاهه ڀـــرن شـُـوڪارا،

مـُنــهـنجي نرمل! آهي نيزاري ...

تـُـنهنجي پاڪ پرين!  پيشاني،

آهـــي نـــرمــــل! نـُــور نشاني،

ســـج چـــنـڊ کي لڳي حيراني!

نـــــاهــي تـُـنهنجي ثريّا ثاني،

ٿـــيـــا تــنهـنـجا مـٽ نه شاني،

ڪـــر اچــڻ ســـندي احــســاني،

وٺ مـُــحــب مـــٺـــا! مـهـماني،

اچ اڱــــڻ مــــٿي دل جــــانــــي!

تـُـنـهـنجي مـحبت دلڙي ماري ... (11)

مون ننڍپڻ ۾ جڏهن پهريون ڀيرو هيءُ ڪلام ٻڌو هو، ته ان کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين، جڏهن به هيءُ ڪلام، توڙي جو رونا ليليٰ جي آواز ۾ ٻڌندو آهيان، ته مون تي هڪ وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي.  اڄ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران، سه ماهي مهراڻ جو خاص نمبر، حضرت
مخدوم محمد زمان "طالب المولي" جن جي نالي سان شايع ڪيو پيو وڃي، ته ڪنهن اجهل ڇڪ سببان ، منهنجو قلم، حضرت مخدوم "طالب المولي" صاحب جن جي مذڪوره ڪلام جي هن خاص مصرع ڏانهن مائل ٿيو ٿو وڃي، جنهن کي مان ڪڏهن به وساري نه سگهيو آهيان ۽ نڪوئي ڪڏهن وساري سگهندس
:

تـُـنهنجون اکڙيون ٻئي ميخانا،

يــــا پـُــر ٿـــيل پـــيــمـــانا،

يــــا مــحـــب ! ٻــئي مستانا،

ڪـــــن درد وارا ديــــــوانـــــا،

اُتـــــي جـُـــنـــگ ڀرن ٿا جانا،

تــُــون شـــمـــع ٻــيــا پــروانا،

تـُـنــهـنجا شــوق آهـن شاهانا،

هــــي راز ٿــــيا رنـــــدانـــــــا،

تـُنـهنـجي اڳتئون توبهه زاري.

 

پــو ير ! ڪانه ڪيئي پوئواري.

تـــو دلــــــڙي يــــار ! ڌُتـاري،

پـو ير ! ڪـانه ڪيئي پوئواري. (12)

حوالا

 

(1)   مخدوم محمد زمان "طالب المولي". دُرِ ناياب عـُــرف يادِ رفتگان. ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو،
ڇاپو ٻيو. سال 1994ع . ص. 21 ۽ ڪتاب "ڇپر ۾ ڇڙيون" بيڪ سائيڊ.

(2)  مخدوم محمد زمان "طالب المولي" . "ڇپر ۾ ڇڙيون ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. ڇاپو ٽيون.  سال 2004ع . ص. بيڪ سائيڊ.

(3)  ڏسو حوالو نمبر 1 . ص. ٻاويهه .

(4)  ولي محمد رونجهو "ولي سروري" . مهراڻ شاعر نمبر. ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. ڇاپو ٻيو.  سال 1990ع. ص.1

(5)   ڏسو حوالو نمبر4. ص. 3

(6)  ڏسو حوالو نمبر2. ص. 269

(7)  ڏسو حوالو نمبر2. ص. مقدمو . پ .

(8)  ڏسو حوالو نمبر4. ص. 15

(9)  ڏسو حوالو نمبر4. ص. 21

(10) شيخ اياز . ڀونئر ڀري آڪاس. ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشن ، ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد. ڇاپو ٻيو.  سال 1989ع . ص. 246

(11) ڏسو حوالو نمبر2 . ص. 302 .

(12) ڏسو حوالو نمبر2 . ص. 302 .

مخدوم سليم الله صديقي

 

 

 

مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ

 

طلب جيهي طالب، تاري لائي توڙَ

سدا تنهن موڙَ، مان  وڌايو هالا جو.

                          (سليم)

ستر جي ڏهاڪي جي آخر ۾ چونڊن لاءِ هلچل زور شور سان جاري هئي، سائين محمد زمان
”طالب الموليٰ“ جن صلاح مشوري لاءِ حيدرآباد ۾ والد گرامي سان ملاقات ڪري رهيا هئا، سندن خواهش هئي ته اسان جو والد محترم مخدوم علي گوهر صديقي ڪنهن طرح اسان جي وڏي ڀاءُ مولانا عبدالجبار صديقي بي.ڊي ميمبر کي محترمه فاطمته جناح نه پر صدر ايوب کي ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي ڪري. مون انهن سڀني ڳالهين کان هٽي، سندن قالين تي ويهي خاص انداز ۾ ڳالهائڻ ۽ لب و لهجي جو واس پئي ورتو، جنهن سان ذهن تي اڻ مٽ نقش چسپان ٿيندا ٿي ويا.

ڏاهن سندي ڏات، ڏيئو ٻاري ڏيهه،

پسي تن ڇيهه، ڇرڪ اچي ڇيڳرن.

(سليم)

مانواري طالب الموليٰ صاحب 9 محرم 1338هه مطابق 4- آڪٽوبر 1919ع تي جنم ورتو، کين ڪن ۾ ٻاجهاري رب جي ٻانگ ڏئي ”محمد زمان“ جو نالو رکيو ويو. سندس ابتدائي تعليم هڪ حقيقي مسلمان گهراڻي وانگر خالق حقيقي جي ڪلام قرآن حڪيم جي پڙهڻ سان ٿي، سندن استاد مولوي حافظ ولي محمد هو. جنهن کانپوءِ مٺڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ آخوند عبدالرحمٰن ۽ عبدالغفور صاحب کان سکيا. پاڻ اٺن سالن جي ڄمار کي پهتا ته سندن مٿان ڏاڏي سائين جي شفقت جو سايو هٽي ويو. جنهن بعد سجادگيءَ جو بار سندن والد محترم مخدوم غلام محمد تي اچي پيو. هاڻي مخدوم صاحب جي تربيت مڪمل طرح پنهنجي والد جي زير نگراني ٿيڻ لڳي. پاڻ ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ اُچ شريف جي صديقي قريشي عزيزن مان شادي ڪيائون. جنهن جي وفات کانپوءِ 23 سالن جي عمر ۾ مولوي فضل احمد غزنويءَ جي دختر نيڪ اختر سان نڪاح ڪيائون، 25 سالن جي ڄمار ۾ مٿن سجادگي ”درگاهه سهرورديه سروريه“ جو بار گران پڻ اچي پيو.

ڀلا سي بار، ڀيڻي جن ناهه،

رندي لاتائون راهه، رڳڙي رهبر ڪيائون.

(سليم)

ادب ۽ شاعريءَ سان شوق هر ڪنهن کي ڪونه ٿيندو آهي. جيڪو اديب ۽ شاعر ٿي ڄمندو آهي سوئي پيچرا لتاڙيندو واٽ لهي ٿو. ننڍي وهيءَ ۾ فقير منٺار سان شاعراڻه رهاڻين ڄڻ طلب جي ڪني برهه جي چلهه تي چاڙهي، ”بيوس“ وجود کي ”فراق“ جي سواري ڏئي ساري سرير کي ”طالب“ بڻائي ڇڏيو هجي.

طلب تن ائين، ساهه ڄڻ ساڻ،

جي وڃائن پاڻ، سي ئي طالب مولا سڏجن.

(سليم)

1944ع ۾ مخدوم صاحب، حضرت مخدوم نوحؒ جي سترهين سجاده نشين جي حيثيت ۾ خلافت جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو. سندن طبيعت ۾ خوف خدا، عشق رسولؐ ۽ سنڌي ادب جي اشاعت جي پهلوئن سان گڏ شرافت، ڪشاده دلي ۽ نوڙت جا پهلو پڻ به درجه اُتم موجود هئا. مرحوم ڀٽي صاحب جي دور ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب جن چيف منسٽر سنڌ ٿيا. انهن ايامن ۾ جتوئي صاحب ۽ مخدوم صاحب سيد صبغت الله شاهه المعروف پير ايراني پاران ڄام شوري ۾ مسجد جي سنگ بنياد جي تقريب ۾ مدعو ڪيا ويا. مخدوم صاحب جيڪي آخر ۾ آيا ۽ هلندڙ تقريب ۾ رخنو وجهڻ کانسواءِ اسٽيج کان هيٺ پنڊال ۾ اڳيان خالي جڳهه تي ويهي رهيا، اها سندن عاجزي هئي. پير ايراني صاحب کين جلسي جي ڪاروائي روڪيندي مٿي اچي ويهڻ لاءِ دعوت ڏني، اهو سڀ پاڻ کي مخدوميءَ واري هٺ، وڏائي ۽ ٺٺ ٺانگر کان بچائڻ هو.

فاني شين جي حقيقت کي سمجهڻ کانپوءِ ئي من مڻيو بڻجي ٿو:

تسبيح طلبي توءِ، من مڙوئي اتاولو،

ٻيڻو ڪري ٻانهن، ويٺو ائين سوءِ،

نه اڳ نه پوءِ، پڪو تنهن پهه ۾.

(سليم)

هڪ گهٽ 1950ع جو سال هو، جو مخدوم زمان يا زمان شاهه اندر جا سڀ شاهاڻا ٺاٺ ڇڏي فقط ”طالب الموليٰ“ ٿيو، اهوئي تخلص پڇاڙي تائين سانڍيندو آيو. سندس اندر ۾ جيڪو اُهاءُ ٿيو ان ۾ انجمن علم و ادب جي ڪردار ۽ اثر کي پڻ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. جنهن جو بنياد پاڻ ئي 1936ع ۾ وڌو هئائون. ان سان گڏوگڏ صاف سٿري صحافت کي فروغ ڏيڻ لاءِ هالا ۾ پريس قائم ڪري ”الزمان“ ۽ ”پاسبان“ مقامي اخبارون جاري ڪيائون، جنهن جي تسلسل ۾ ادبي رسالو ”فردوس“ پڻ جاري ٿيو.

مخدوم صاحب جو ”جميعت الشعراء“ جي جماعت سان تمام گهڻو واسطو رهيو، اها جماعت 1946ع ۾ قائم ڪئي وئي، سندن سهڪار ان جماعت لاءِ هر طرح تعريف جوڳو رهيو. اهوئي ڪارڻ آهي جو کين ان جماعت ”محبوب الشعراء“ جو لقب ڏنو ۽ کين صدر پڻ چونڊيو ويو.

تصوف ۽ ادب تي سندن گرانقدر تحريرون يادگار آهن: جيئن:

(1) اسلامي تصوف، (2) امام غزاليءَ جا خط، (3) بهار طالب، (4) رباعيات طالب، (5) خودشناسي، (6) شيطان، (7) يادِ رفتگان، (8) ڪچڪول، (9) مثنوي عقل و عشق.

ان کان علاوه سندن ڪافيون بياض ۽ انيڪ مضمون پڻ موجود آهن.

ڪافي يا وائي سنڌي ٻوليءَ جي اهم ۽ نج صنف آهي، اُتر ۾ ان کي ڪافي ۽ لاڙ ۾ وائي سڏبو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ان جو پهريون ڏس شيخ لاڏ جيو جي محفلن ۾ پوي ٿو. هيءُ بزرگ مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي ثم برهانپوريءَ جو مريد هو. پاٽ سنڌ مان لڏي وڃي سنڌي پوره برهانپور ۾ رهيو. سندس پُرسوز آواز ۾ ايڏي ته ڪشش هئي جو کانئس سنڌي راڳ ٻڌڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ڪهي ايندا هئا. ڪافي يا وائيءَ جا ڪيترائي قسم آهن، جيئن يڪي، سواتي، ڏيڍي وغيره. ان صنف ۾ حسن ۽ جمال، تصوف، هجر ۽ فراق جا موضوع ملن ٿا. ڪي وائي ۽ ڪافي کي ڌار سمجهن ٿا. ان صنف تي ڪيترن ئي سنڌي شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. جن مان مخدوم طالب الموليٰ جو نالو صف اول جي شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس سنڌي ڪافيون ناليوارن فنڪارن ڳايون. جن کي هند سنڌ ۾ مڃتا ملي.

مخدوم صاحب 1950ع کان پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. 1952ع ۾ ميونسپل ڪميٽي هالا جو صدر ۽ 1960ع ۾ بلديه هالا جي پهرئين چيئرمين جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون. صدر ايوب جي دور کان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي پڻ سوڀارا ٿيندا آيا. 1969ع کان پاڻ نه رڳو آخر تائين پاڪستان پيپلز پارٽي جا بنيادي ميمبر رهيا. بلڪ آخر تائين ان پارٽيءَ جا وائيس چيئرمين پڻ رهندا آيا. سندن اهم ڪم پاڪستان پيپلز پارٽي جي هالا ڪنوينشن جو انعقاد هو، جنهن ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

کين سندن حياتيءَ ۾ ئي ثقافتي ۽ سياسي خدمتن عيوض تمغه پاڪستان، هلال امتياز ۽ ”شاهه لطيف“ ايوارڊ مليا.

علمي ميدان هجي يا سياسي ۽ ثقافتي مخدوم صاحب هر لحاظ کان پاڻ ملهائيندو نظر اچي ٿو. سندس ان بلند ڪردار جا اثرات اڄ به سندن اولاد ۾ نمايان نظر اچن ٿا.

مخدوم صاحب جي حيات مستعار جو به غور مطالعو ٻڌائي ٿو ته پاڻ زندگيءَ جو وڏو حصو علم ۽ ادب جي خدمت ۽ واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. تعليم جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ پڻ سندن سوانح جو سونهري باب سمجهيو ويندو آهي. ضرورت مند شاگردن لاءِ هالا ۾ هاسٽل هجي يا دادو شهر ۾ ”طالب الموليٰ هاءِ اسڪول“ جو قيام. ائين کڻي چئجي ته پاڻ سنڌ ۾ تعليمي نظام جي واڌاري لاءِ شروع ٿيل انهيءَ تسلسل جي ڪڙي هئي، جنهن جي ابتدا حسن علي آفندي، ميان صاحب احمدي، قاضي آف پاٽ ۽ سيد الهندي شاهه ڪئي هئي.

انهيءَ مانواري انسان جي وفات حسرت آيات 11- جنوري 1993ع ۾ منجهند ڌاري جناح اسپتال ڪراچي ۾ ٿي،. سندن مدفن حضرت غوث الحق مخدوم نوح ﷥ جي مقبري ۾ الهندي ۽ ڏکڻ واري ڪنڊ ۾ مقرر ٿيو.

رهي ناءُ الله، باقي سڀ فنا،

اوري ٿي انا، ته پسڻ لهين پرين جو.

(سليم)

مولائي ملاح

 

 

 

 

سونهنَ سندو سرواڻُ

 

سنڌ سونـﻫـاريءَ پنـﻫـنجي زرخيز مٽيءَ مان اهڙن اَملـﻫـ ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي، جن اوکي سوکيءَ ۾ ڌرتيءَ ڌڻين کي ماءُ جي هنج جـﻫـڙو پيار ۽ پنـﻫـنجائپ جو احساس ڏنو آهي. اهڙن عظيم انسانن مان مخدوم محمد زمان طالب المولى پڻ هڪ آهي. جنـﻫـن جو سڄي حياتي سنڌي ادب ۽ سنڌي ڪلچر سان گـﻫـرو چاهه رهيو. جنـﻫـن جي واڌ ويجھ لاءِ وس آهر پاڻ پتوڙيائون، جنـﻫـن جي ڪردار جي تاريخ ساکي آهي.

مخدوم سائين جن، مخدوم غلام محمد جي گھر هالا ۾ ڇنڇر ڏهاڙي 9 محرم الحرام 1338هه  4- آڪٽوبر 1919ع تي جنم وٺي هن دنيا تي زندگيءَ جو پـﻫـريون ساهه کنيو. سندس پـﻫـريون نالو
مخدوم محمد زمان ۽ ٻيو نالو محمد علي ۽ ڪوڏاڻي جو نالو پيرل سائين هو. اڪثر مريد کين ڀورو پير ڪري سڏيندا هئا. سندس جي ذات سنڌي ڪلچر جي حوالي سان هڪ نمونو آهي. غلام رباني آگرو پنـﻫـنجي ڪتاب ’جـﻫـڙا گل گلاب جا‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”مون کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ته: سنڌي ڪلچر جو مثالي نمونو ڏيکارڻ لاءِ تون سنڌ جي ڪنـﻫـن به هڪ ماڻهوءَ تي هٿ رک ته مان جيڪر مخدوم صاحب جو نالو کڻان. اُٿيءَ ويٺيءَ ۾، کاڌي پيتي، پوشاڪ ۾ رسم ۽ رواج ۾ مزاج ۽ ذهن مون مخدوم صاحب کان وڌيڪ مون سچو سنڌي ٻيو ڪونه ڏٺو“ پنـﻫـنجو هڪ شعر اٿس ته:

روز ازل کان آهيم لاتو، ڳڻن ڀريءَ ڳلي ڳلي،

طالب المولي سنڌڙي پوڄيان، ڪير ٿئي جو جھلي جھلي.  

(رباني، 1991: 580- 81)

سنڌ جي مٽيءَ هاڻن ماڻـﻫـن سان سڄي زندگي سندن صحبت ۽ محبت رهي. پاڻ سنڌي ماڻهن کي پنـﻫـنجي شفقت جي هنج کان ڪڏهن به پري نه ڪيو. سندن دل ۾ هر دم ڌرتي ۽ طبقاتي سسٽم جي پيڙهيل ماڻـﻫـن جو اونو رهيو. کين سنڌ جي عشق اڳيان اقتدار جي لالچ ڏاڍي ننڍڙي نظر آئي؛ هن پنـﻫـنجي ڌرتيءَ کان پري رهڻ جو ڪنـﻫـن پل به نه سوچيو توڙي جو کين ڪائي گورنريءَ جي آڇ به ڇونه ٿي هجي؛ پاڻ سنڌ جي خدمت ۾ ئي پنـﻫـنجي عظمت سمجھي اهڙي عـﻫـدي کي ٺوڪر هڻي ڇڏيائون. ربانيءَ چواڻي ته: ”سنڌ جو هڪ برک ماڻـﻫـو هڪ دفعي مخدوم صاحب سان مليو ۽ سرڪار جي چوڻ تي کيس سنڌ کان ٻاهر هڪ صوبي جي گورنري آڇيائين. مخدوم صاحب منـﻫـنجي روبرو ٺـﻫـ پـﻫـ جواب ڏنس ته: سنڌ کان ٻاهر گورنري قبول ڪري مان پنـﻫـنجي صوبي جي ڪـﻫـڙي خدمت ڪري سگھندس.؟“ (رباني، 1991 ص: 581)

مخدوم سائين جن جو سنڌي شاعريءَ ۽ راڳ ويراڳ سان به گـﻫـرو چاهه رهيو. پاڻ شاعريءَ سان گڏ راڳ جا به وڏا پارکو هئا. کين شاعراڻي سمجھ وڏڙن کان ورثي ۾ ملي هئي، مخدوم نوح جي خاندان ۾ مخدوم محمد امين، پکن وارو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندن هڪ ڪافي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏاڍي مشـﻫـور رهي ته:

سڄڻن جا ساريو سانگ، آئون ويٺي روز رڙان.

مخدوم طالب المولي، پاڻ ڪافيءَ جو سگھارو شاعر هئو. نج سنڌي طرز تي ڪافيون چيائين؛ هونءَ ته پاڻ ڪلام، غزل ۽ نظم به چيائين، سندن شعرن ۾ ماکيءَ جـﻫـڙي مٺاس ۽ شبنم جي قطرن جـﻫـڙو حُسن آهي جيڪو هر اهل دل کي موهي وجھي ٿو. سندس ڪلام انسان جي جذبات ۽ احساسات سان ٽمٽار آهي. ڪافيءَ جي حوالي سان اسانجي اديبن جي راءِ ورهايل پئي رهي آهي. چون ٿا ته: هن کي اُتر ۾ ڪافي ۽ لاڙ ۾ وائي چيو ويندو آهي. ڪجھ ماڻـﻫـو ان کي وائيءَ کان ڌار سمجھن ٿا جنـﻫـن تي مخدوم صاحب جن پنـﻫـنجي ڪارائتي راءِ ڏيندي هيئن چون ٿا ته: ”وائي ۽ ڪافيءَ کي ٻه جدا جدا شيون نه سمجھڻ گھرجي ڇوته: حقيقت ۾ هڪڙي ئي شئي جا ٻه نالا آهن. لفظ، جملا ۽ مضمون ساڳيا آهن. نه تصوف ۽ خيال ۾ فرق آهي ۽ نه ئي معني ۽ مطلب ۾.“ ( مـﻫـراڻ ، /4  2012 :140 )

هونءَ  ته ڪافيءَ جي صنف جو موجد ۽ سرجڻ جو بادشاهه ميون شاهه عنايت کي چيو ويندو آهي، پر طالب المولى ڪافيءَ جي گھاڙيٽي تي هڪ ڪارائتو ڪتاب لکي ڪافيءَ جي اهميت کي اُجاڳر ڪيو آهي. ڪافين تي ججھو مواد سندس ڪتاب: ”ڇَپَر ۾ ڇَڙيون“ ۾ به موجود آهي. جنـﻫـن کان پوءِ ججھي ۽ سگھاري انداز ۾ ڪافي سرجڻ لڳي. سندس ڪافين مان ڪجھ مثال هن ريت آهن ته:

ڏور  نه ٻيا  ڪي  ڏس”نحن اقرب“ پاڻ  چيائين:

ڏس وجود کان ويجھو پيڙو گھوريا ٻيا سڀ گس

دور وڃڻ آهي  ڀولو  بلڪل  ڪر وجود ۾  وس

هيڏن هوڏن جھوت نه پائج هت  اٿئي هٿ  کس

 

عشق  تنـﻫـنجي  مونکي  مست  بنايو

هاڻ ڀلا ڪنـﻫـن کي دانـﻫـن وڃي ڏيان

تنـﻫـن  جي  دردن  دانـﻫـون   ڪرايون

محبت     من    ۾      مچ     مچايو

 

پنــﻫــنجـو  مَـٽُ  تــون  پاڻ،    لائــق     فائــق    يــارُ    لاثـانـي

تنـﻫـنجي جُتي ۾ ڪو پير نه پائي، هي ٿو ٻڌايان ڳائي وڄائي

سونـﻫـن سندا سرواڻ

چنڊ جـﻫـڙو جي توکي سمجھن، ۽ وري ان تي واقعي وسـﻫـن

اهي آهن اڻ ڄاڻ

مخدوم صاحب جن پنـﻫـنجي جوانيءَ ۾ هڪ ڪافي چئي هئي، جيڪا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جھنگ ۾ باهه جيان پکڙجي عام ٿي وئي. جنـﻫـن ۾ عشق، الفت، سڪ، سوز، پيار ۽ پريت جي گـﻫـرائي آهي. جنـﻫـن عشق جي آتش ۾ مبتلا دلين کي ته ويتر گرمائي ڇڏيو، پر عشق کان آري برف جـﻫـڙين دلين ۾ به عشق جي باهه، آڳ لڳائي انـﻫـن کي پگھرائي مست بڻائي ڇڏيو. جنـﻫـن جا هي ٻول ماڪ ڀنل صبح کان شروع ٿي شام لڙيءَ تائين به جڏهن عوام جي لبن تان ٻُرڻ لڳندا هئا ته عشق جي اڱڻ تي چؤڏس هڪ سڪون واري سانت ڇانئجي ويندي هئي ته:

سـﻫـڻل جا سينگار، وهوا دل کي وڻن  ٿا،

دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺـﻫـن ٿا، ڏاڍا ٺـﻫـن ٿا،

من کي موهن ٿا،

                               

ڪارا ڪارا، ڪنڍڙا سـﻫـڻا سـﻫـڻا، سنـﻫـڙا سنـﻫـڙا.

وانگوڙي ۾ وار

تيل ڦليل، ڦڻيون ڦوڪارا، ڌوپيل واسيل ڪيس هو ڪارا

گـﻫـرا گھنڊيدار،

 

سڪندي سال ٿيا  ٿينديس نيٺ  چري

ٿينديس نيٺ چري وينديس مفت مري

 

دلــڙي  ڦــري  وري  ويـٺيــن   وســاري

تــارا   ٿڪــي  پيــا    تـوڏي   نـــﻫـاري

ڳڻتن منـجھ  ڳري  وينديس مفت مري

 

قــرب  جــا   ڪــوڙيـن  ڪانــگ  اڏايم

آب      اکن    مان   ويـﻫـي     وهايم

دلڙي  درد  ڀري  وينديس  مفت  مري

 

 

عمر! بند رکبيون نه ڪنـﻫـن جون نياڻيون

مڙئي منـﻫـنجون شاهد اٿئي  گھر  ڌڃاڻيون

 

وجھان ڀن،  ڏيان  ٻن،  اهي  محل  ماڙيون

اسان لاءِ سڀ ڪي  ولهـارن  جون  واڙيون

ڪٿي   باغ  بنگلا،   ڪٿي  لنب   لاڻيون!

 

تـودلـڙي يـار! ڌتـاري، پـو يـر! ڪــانه ڪيـئي پــوئـواري،

تنهـنجا ڪيس پيارل! ڪارا، آهن پيچ انهـن جا  پيارا،

 

ڪـن ونـگ وجھـڻ لئي وارا، پائن ڳٽ ڳچيءَ ۾ ڳارا،

ڪــن قيــد  سيــاڻا ســارا،  مــهـميــرن تــي  سـي  مـارا.

ٿين  وير  به  ات  ويچارا،   ٿا   شاهه   ڀرن   شوڪارا،

منـﻫـنجي نرمل!  آهه    نيزاري.

 

تنهـنجي پاڪ پرين! پيشاني، آهي نرمل! نور نشاني،

سج چنڊ لڳي حيراني! ناهي  تنهـنجي    ثريا    ثاني،

ٿيا تنـﻫـنجا مٽ نه ثاني،  ڪر   اچڻ   سندي  احساني،

وٺ محب مٺا! مهماني،  اچ  اڱڻ  مٿي  دل   جاني!

تنـﻫـنجي محبت دلڙي ماري.

(ڇپر ۾ ڇڙيون،ص: 364 - 339  )

مخدوم صاحب جي ڪافي هجي ۽ اربيلي فنڪاره رونا ليلى ۽ راڳ جي راڻيءَ عابده پروين جو آواز هجي ته ڪافيءَ جي ان قـﻫـر ۽ سحر کان باشعور ماڻـﻫـو ڀلا ڪيئن ٿو بچي سگھي.! سندس ڪافين ۾ اڄ به اهوئي  سحر ۽ اثر آهي  جيڪو ڪالهه هئو ته:

عجـب   عشــق   آهــي    اسانــجو   السـتي،

ڪڏهن بت پرستي   ڪڏهن  خود  پرســتي.

 

جـﻫـان کان جدا ٿي   جـﻫـان   ۾  رهون   ٿا،

سڀن ساڻ گڏ هوندي سڀ ڪجھ سـﻫـون ٿا،

وسائيسون  وهواهه   وري  واري  وستي .

 

تنـﻫـنجو حُسن اچي نه حسابن ۾،

تون پاڻ ئي  پنـﻫـنجي  جوابن ۾ .

 

عمر! عاجزن سان  نه ڪر  مال  مستيون

هلي ڪين سگھنديون، اهي هوڏ هستيون.

مخدوم سائين جن رڳو ڪافي، ڪلام، گيت ۽ غزل ئي نه لکيا آهن، پر پاڻ ﷴ مصطفى ﷺ ۽ آلِ محمد (ﷺ) جن جو شان بيان ڪرڻ لاءِ، سندن شان ۾ مدح، مناجات ۽ مرثيا پڻ چيا آهن. جن ۾ خيالن جي ڪيڏي نه وسعت، گـﻫـرائي رکيل آهي. جنـﻫـن کي پڙهڻ سان هر انسان جي دل ۽ دماغ جا سڀئي طبق روشن ٿي وڃن ٿا، ۽ روح جي سچائيءَ سان اندر مان پوءِ واهه واهه جـﻫـڙا لفظ زبان تي تري اچن ٿا. جيئن سندن هي مدح  چيل آهي ته:

ذرڙو، ذرڙو،  ذرڙو ئــي ڪــامل ڪـوه طــور

جو ڏسي نه ٿو ڏيـهه ۾  تنـﻫـن قلب جو قصور

دريـون   دنيـا   واريــون  اٿــي   پٽــي    پـور

طالب المولي ڄاڻ تون هر جائي اٿئي حضور

هو دل کان  ناهي  دور  هر  دم  آهي  هنج ۾ .

 

جيڪر جتي هجان پنـﻫـنجي محب مجيب جي

ته  پيرن  ۾  پريــن  جـي   پيـئي  روز  پـوان

وک  وک  تــي   واهه   چمــيو   قــدم   چــمان

ٿـانيــڪي ٿيـــان طالـب المولــي تنـــﻫـن   ســان.

  سرڪار امام حسين عليه السلام جن جي شان ۾ شايع ٿيل، مرثين، منقبتن، نوحن، ۽ سلامن جو بياض ’شانِ حسين‘ به سندس شايع ٿيل ڪتابن مان هڪ، نمايان حيثيت رکندڙ ڪتاب آهي. جنـﻫـن ۾ مولا حسين عليه السلام جن سان سندس گـﻫـري عقيدت ۽ احترام جو اظـﻫـار ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪربلا جي خاڪ جي عظمت، اهميت ۽ ان جي درد ڀري ڪـﻫـاڻيءَ کي پنـﻫـنجن لفظ ۾ اهڙي ته انداز سان بيان ڪيو اٿائين؛ جو اهل دل ماڻـﻫـوءَ ۽ مظلوم جي ماتمدارن کان به، بي ساخته دانـﻫـن نڪري وڃي ٿي ۽ سندن ڳل نيڻن مان ٽمندڙ غم حسين(ع) جي لڙڪن سان آلا ٿي پون ٿا. نصير مرزا چواڻي ته: ”ڪربلا جي پاڪ مٽيءَ کي مخدوم طالب المولى صاحب ته: هن طرح سان شرف لائق ڄاڻايو آهي ته:

جتي جي خاڪ ٿي خاڪِ شفا، اي طالب المولي،

اُها دنيا مان هڪڙي،  سر زمينِ ڪربلا نڪتي.“

( نصير،2011 ص: 133 – 134)

مخدوم صاحب جي لکيل مرثين ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ زمينِ ڪربلا جي بيان ڪيل هڪ سلام ۾، ڌڻيءَ در بخشش لاءِ ٻاڏائيندي پاڻ هيئن چيو اٿس ته:

اميد آهي ته روزِ حشر  هوندو طالب المولي،

محمد مصطفي ۽  حيدرِ ڪرار  جي  وچ  ۾.

حضرت امام حسين عليه السلام جن جو ساٿ سميت 2 محرم الحرام (سنه 61 هه) تي زمينِ ڪربلا تي قدم رکڻ کان پوءِ؛ زمينِ ڪربلا جو نصيب جاڳي پوڻ واري تاريخي منظر کان وٺي هانوَ ڏاريندڙ شامِ غريبان جي منظر کان ويندي سادات جي قيدي قافلي تائين جي هر ڏکوئيندڙ واقعي کي؛ ڏکاريءَ دل ۽ لڙڪ ڀنل نيڻن سان پنـﻫـنجن سـﻫـڻن لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو اٿس ته: 

شانِ حسينؑ ڪيـڏو  نه  بـرتـر،  بـلنـد آ،

پـﻫـتو ته ڪربلا کي معليٰ ڪري  ڇڏيئين.

 

اي  زمين   توتي  ٿيا  ها  سرون  جا   سر   قلم،

هرڪو هڪ ٻئي جي پٺيان ٿيو راهي ملڪ عدم،

ڪنـﻫـن نه دشمن سان لڙائي ۾ کنيو پٺتي   قدم،

ري  کيڻ   ۽  پين   هي   هڪ   هيو  شاهه امم،

ڇو نه ان دم اي زمين تو ۾ پيو هڪدم شگاف،

هي خطا هر گز نه توکي رب ڪندو بلڪل معاف.

 

خيمه اطـﻫـر لٽيا ڪيئن ۽  جليا  ڪـﻫـڙي  طرح،

آلِ پيغمبرﷺ تي ٿيا جورو جفا ڪـﻫـڙي طرح.

 

ڪلمه گو مرسﷺ سندا ٿيا بي حيا ڪـﻫـڙي طرح،

شام   قيدي   ٿي   هليو   آل عبا   ڪـﻫـڙي  طرح.

من  گھڙيءَ   تو ۾  نه آيو   زلزلو  ڇو  اي زمين،

ٿي لڏيو  جنـﻫـن  وقت   شاهه دوسر گردون   نشين.

 

هڪ شام غريبان ۽ ٻيو اوندهه  جو  ميدان،

خيمن ۾ تلاطم  ۽  اداسيءَ جو ئي  سامان،

سڀ عالم عقبى ڏي ويا خيمن جا نگـﻫـبان،

هت حسرت و فرقت هو ۽ خاموش  بيابان،

عبرت هئي عبرت اڄ  خود ظلم خجل هو،

هي لاش نه هو خاڪ تي اسلام جي دل هو.

( مـﻫـراڻ، 1- 2012: 72)

طالب المولى جن جـﻫـڙي انداز ۾ پنجتن پاڪ سان پنـﻫـنجي عقيدت جو اظـﻫـار ڪيو آهي، اهڙي ئي خوبصورت انداز ۾ سندن والد محترم مخدوم غلام محمد جن به، اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام جن جي شان مبارڪ ۾ هڪ؛ سـه حرفي ڪمال جي انداز ۾ چئي آهي. جنـﻫـن لاءِ ڪتاب: ”ڇَپَر ۾ ڇَڙيون“ جي مقدمي ۾ ”بيخود“ حسيني هيئن لکي ٿو ته: ”حضرت غلام محمد رحه فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو هو، ديوان حافظ هميشه ساڻ هوندو هوس، پاڻ گاهي گاهي سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شعر به چوندو هو، حضرت عليؑ جي شان ۾ سندس چيل هڪ سه حرفي نموني طور پيش ڪجي ٿي ته:

الف     اعلى  آهه   افضل  اڪـمل  و اڪــبر   عــلي

آن امام   است   اتقيا را اول   و   آخر علي

ب    بـﻫـادر  بت  شڪن  بدراالدجى  بوذر  جو  پير

با عمل بي مثال   بـﻫـتر بعد   پيغمبر    علي

ت      تــواضع    جي   طلب  ڪئي      تاجدار انما

تابع   امر   الاهي   تارڪ        تڪبر   علي

ث      ثنا مولا جي ثابت  ساري      قرآن   ۾   ڏسو

ثاني سليمان جو چوان يا ثاني اسڪندر علي

ج       جنگجو    پـﻫـلوان    جائي    جناب   مرتظى

جنگ جو جھونجھار بر جملا جـﻫـان جابر علي

ح      حيا  ۽  حلم   جو   صاحب   برادر   مصطفى

حامي هيڻن   جو   حبيب  داد گر  حيدر  علي.“

(زمان، 2011ع، ص: 38- 35 )

جيئن هر شاعر جي شاعريءَ ۾ ڪي خصوصيتون موجود هونديون آهن؛ ائين ئي طالب المولى جي شاعريءَ ۾ به تخيل جو رنگ نرالو ۽ ٻين شاعرن کان منفرد نظر اچي ٿو. جئين عشق لاءِ چيو اٿائين ته هي ڪائي خيرات ۾ ملندڙ شئي ناهي جو محتاجن کي ملي يا ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو بيت المال کولايو وڃي. عشق ته هڪ  عالمگير جذبو آهي جنـﻫـن کي خريدي نه ٿو سگھجي؛ سندس چواڻي ته:

عشق نه بيت  المال،  جو  ملي  محتاجن  کي

عشق آهي ان سندو، جنـﻫـن ڪيو قرب  ڪمال

طالب مولا  طلب  ۾،  جو  رکي  خاص  خيال

جانب  جو  جمال،  اهو،  ماڻيندو عشق  سين

 

بــرهه  نه  آهــي   بيـت المــال،  هـت   مـحتـاج  جـو  ڇاهي!

کيڏي اهو ئي برهه جي بازي، غير ڇڏي جو ٿيندو غازي

ٻي  کي  ملندو  محب  محال،   عشق  اڙانگو  آهي  آهي

ڪنٺا، ڪولاپا، مڻيا، مصلا،  ورهه  بنا ويران  سي  وصلا

ٿيندو ڪين ڪي حاصل حال،   ٺاهه ٺڳي  جا  ٺاهي   ٺاهي

سائين جن اميراڻا ٻار هئڻ جي باوجود به هر ڪنـﻫـن سان پيار ۽ پاٻوهه سان پيش ايندا هئا. هو انسان دوست اديب هئا؛ مارو ماڻـﻫـن جا مسئلا چاهه ۽ چت سان ٻڌندا ۽ انـﻫـن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پاڻ اميري ۽ غريبيءَ واري فرق کان آجا هئا. سادگي پسند ۽ کاڌ خوراڪ ۽ صحت جي حوالي سان احتياط کان ڪم وٺندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن سندن طبيعت ناساز ٿي پئي ته پاڻ کاڌي ۾ ايتري ته پرهيز ڪيائون جو پنـﻫـنجي ڊاڪٽر کي ئي حيران ڪري ڇڏيائون. هڪ دفعي سندن علاج ڪندڙ ڊاڪٽر ڪرنل نجيب ماڻـﻫـن کي ٻڌايو ته: ”مون مخدوم صاحب جـﻫـڙو باضابطا (Disciplined) شخص زندگيءَ ۾ ڪو ورلي ڏٺو هوندو. پاڻ ايڏي ته پرهيز ڪيائون جو، جوئر جا داڻا تارازيءَ ۾ تورائي، انـﻫـن جو اٽو ڳوهرائي، ماني پچرائي کائيندو هو. نه گرهه گھٽ، نه وڌ. اها ڳالـﻫـ مخدوم صاحب جي صبر ۽ برداشت جي قوت جي نشاندهي ڪري ٿي.“ (رباني، 1991 -  581)

سنڌ جي وڏ گھراڻن جي ماڻـﻫـن جيان جوانيءَ کان وٺي پيريءَ تائين، تتر، ڪڪڙ ۽ ڪتو، سوئر پالڻ ۽ انـﻫـن کي ويڙهائڻ جـﻫـڙي وڏيرڪي شوق کان پري رهيو. سندس جوانيءَ ۾ به راڳ ويراڳ ۽ ڪتابن سان عشق رهيو. سندن سياسي زندگي به بنا ڪنـﻫـن لوڀ جي رهي. 1953ع ۾ بنا مقابلي ميمبر سنڌ اسيمبلي منتخب ٿيا. ٽي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جا ميمبر چونديا ويا، سندن ميزبانيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو پـﻫـريون ڪنوينشن 1- جون 1970ع تي هالا ۾ ٿيو، ان ئي ڏهاڙي ون يونٽ جي خاتمي جو به اعلان ٿيو. شـﻫـيد ڀٽي هالا ڪانفرنس ۾ ان ڏهاڙي ون يونٽ جي خاتمي جي قوم کي مبارڪ ڏني؛ انـﻫـيءَ ڪانفرنس ۾ طالب المولى جن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ  ايم.آر.ڊي.  تحريڪ ۾ پڻ سرگرم رهيا، پر پاڻ پنـﻫـنجي ذات لاءِ ڪڏهن به ڪنـﻫـن کان ڪجھ نه گھريو سواءِ عزت جي. ذوالفقار علي ڀٽو جيان سندن سياسي ڪردار به ڪرپشن جي ڪارنـﻫـن کان پاڪ، شفاف ۽ کير جـﻫـڙو اُجرو آهي. ڀٽو صاحب جڏهن ملڪ جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿيو هو، ته تڏهن به کانئس پڇيائون ته: ”مخدوم صاحب توهانکي ڇا گھرجي؟ مخدوم صاحب جواب ۾ چيس ته: ڪجھ نه، الله سائينءَ اسانجي خاندان جي جيڪا عزت ڪئي آهي، فقط اها برقرار رکجو.“

(رباني، 1991 -  582 )

پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو صدر مقرر ٿيو ته ان اداري جي مختلف نمونن سان مالي مدد پڻ ڪيائين. بورڊ جي ميٽنگن ۾ اچڻ مـﻫـل ڪڏهن به ان مان ٽي _اي بل نه کنيائين، مخدوم نوح وارو قرآن ڪريم جو نسخو بنا ڪنـﻫـن اجوري جي بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏنائين جنـﻫـن جو بورڊ کان ڪوبه معاوضو وغيره نه ورتائين. بورڊ کي پيڪيجز لميٽيڊ لاهور کان ان ڪم لاءِ ڪجھ مالي مدد وٺي ڏنائين.

مخدوم جي مزاجن ۾ شاعريءَ جو اثر انڪري به سمايل هو، جو سندن پيدائش ئي ان گھراڻي ۾ ٿي جنـﻫـن جو علمي ۽ ادبي کيتر ۾ هڪ مثالي ڪردار پئي رهيو آهي. سندن بزرگ حضرت مخدوم نوح رحمت الله عليه کان پوءِ هڪ ٻيو وڏو بزرگ فتح محمد نالي ٿي گذريو جنـﻫـن رسالو ’فتحي‘ لکيو. اهو شاعر ته ڪونه هو، پر بلند پايه اديب ۽ مصنف ضرور هو. اهڙي طرح غلام رسول صديقي به وڏو اديب ٿي گذريو آهي. مخدوم محمد زمان جن جو پڙ ڏاڏو ۽ سندن ننڍو ڀاءُ به شاعر هئا. وري مخدوم صاحب جو والد شاعر ڪونه هئو، پر سندن چاچو شاعر هئو. مخدوم غلام حيدر اديب ۽ مصنف هو. سندس ڪتاب ”سفينه النوح“ مشـﻫـور آهي. مخدوم طالب المولى جن جو سلسله نسب حضرت ابوبڪرؓ جن سان ملي ٿو. پاڻ مخدوم نوحؒ (م 27 ذوالقعد 998هه) جا سورهون نمبر سجاده نشين هئا. تاريخن ۾ سندن سلسله نسب ۾ اختلاف آهي؛ جنـﻫـن جي تصحيح لاءِ سندن ئي ڪتاب: ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ جي مقدمي ۾ بيخود حسيني هيئن لکي ٿو ته: ”سنڌ جي سڀني متقدمين مورخن يا معاصر عالمن ۽ خود حضرت مخدوم صاحب جن جي خانداني روايت موجب سندن نسب شيخ الشيوخ شـﻫـاب الدين ابوحفص عمربن عبدالله سـﻫـروردي (م 632هه) يا شيخ ابوالنجيب عبدالقاهر بن عبدالله سـﻫـروردي جي خاندان سان ملي ٿو. انـﻫـن بزرگن جو سلسله نسب حضرت محمد بن ابي بڪر سان ملي ٿو، پر غوث الحقؒ جي نسب کي حضرت عبدالرحمان بن ابي بڪر سان ملايو ويو آهي جيڪو غلط آهي. سندن نسب محمد ابن ابي بڪر سان ملي ٿو نه عبدالرحمان سان.“ (زمان: 2011 ص- 25 )

مخدوم صاحب راڳ رنگ جي محفلن ۾ صوفيانه ڪلام وڏي شوق ۽ غور فڪر سان ٻڌندو هو، جنـﻫـن کان پوءِ سندن چاهه ادب، شاعريءَ ڏانـﻫـن وڌڻ لڳو. اهڙي پروڙ جڏهن هالا جي شاعرن
انور هالائي ۽ ڊاڪٽر سليم هالائي وغيره جن کي پئي ته انـﻫـن ساڻس ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو ۽ پوءِ اهڙيءَ ريت وٽس ادبي ڪچـﻫـرين جو سلسلو وڌڻ لڳو. ائين پوءِ پاڻ شاعريءَ جي سفر جا راهي بڻيا. انـﻫـن ڏهاڙن ۾ پاڻ ڪيترائي تخلص اختيار ڪيائين: ’بيوس‘ ’فراق‘ ۽ ’زمان شاهه‘. سندس تخلصن مان ’طالب المولى‘ تخلص ئي عوام ۾ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي، جيڪو اڄ تائين سندن نالي جي جاءِ تي به پڪارجندو اچي پيو. ورلي ماڻـﻫـن کي سندس اصل نالي ’محمد زمان‘ جي خبر هوندي! سندس چواڻي ته: ”هڪ ڏهاڙي جمع جي نماز پڙهي رهيو هوس. اسانجي درگاهه جو خطيب حاجي قابل انصاري جمعي يا عيد جو خطبو پڙهندو هو ۽ ان ۾ ”طالب المولى“ مذڪر جا لفظ چوندو هو. سندس خطبو ٻڌي منـﻫـنجي ذهن ۾ اها ڳالـﻫـ آئي ته ”طالب المولى“ تخلص اختيار ڪريان. تنـﻫـن کان پوءِ اُهو تخلص اختيار ڪيم.“ (رباني، 1991 – 587)

 1961ع ۾ جنرل ايوب جي زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽي (وزير) جي مشوري تي کيس بورڊ جو چيئرمين ڪيو ويو. سنڌي ڪافيءَ سان کين گھڻي رغبت رهي سندس چواڻي ته: ”منهـجي ذاتي راءِ اها آهي ته جو ڪلام سنڌي سر ۽ سنگيت جي تار تي ڳائي نه سگھبو، سو مقبول ٿي نه سگھندو. مثلاً هائيڪو ۽ آزاد نظم کي عوام ۾ مقبوليت حاصل نه ٿيندي، آزمائي ڏسو! (رباني، 1991 - 589 ) 

 سنڌ جي مسئلن تي سندن موقف سدائين چٽو رهيو. جيئن پاڻ غلام رباني آگرو پاران سنڌ ۽ سنڌي ماڻـﻫـن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيائون ته: ”ذهني الجھن ته ضرور پيدا ٿئي ٿي، جڏهن پنـﻫـنجن ڀائرن کي خراب حالت ۾ ڏسون ٿا. ته دل ڏاڍي ڏکوئجي ٿي. غريبن وٽ نه زمين آهي، نه وري آمدنيءَ جو ڪو ٻيو وسيلو آهي کين بي پناهه مُشڪلاتون درپيش آهن پر، سچ پڇو ته مون جڏهن به سنڌ جي سماجي ۽ تاريخي پسمنظر تي غور ڪيو آهي، ته ائين محسوس ڪيو اٿم ته جاگيردارانه طبقي کان به وڌيڪ غير مُلڪي ماڻـﻫـن سنڌ کي ڪچليو آهي. پوءِ اهي پشاور کان آيا، يا لاهور کان، يا قنڌار ۽ ملتان کان. انـﻫـن ۾ ارغون ۽ ترخان به شامل هئا ته نادر شاهه به. سنڌ ۽ اهل سنڌ تي وڏا ظلم ڪيائون. انگريزن جي دور حڪومت ۾ به سنڌ سان امتيازي سلوڪ روا رکيو ويو. انگريزن حڪومت سنڀاليندي ئي، هندن کي نوازڻ شروع ڪيو. سندن سرپرستي ڪئي وئي. ايتري قدر جو هندو سڀني شين تي قابض ٿي ويا ۽ سارو ڪاروبار ۽ نظام سندن هٿن ۾ هليو ويو. مونکي ياد آهي ته پاڪستان کان اڳ، مسلمانن جي ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ داخلا به ڪانه ملندي هئي .

پاڪستان جي ٺهـڻ کان پوءِ جيڪي مسلمان سنڌ ڏي هجرت ڪري آيا، تن کي اسان ته سنڌي سمجھون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته سنڌي ڳالهـائن، ٻولهائن ۽ سنڌي ثقافت ۾ فخر وٺن، پر حقيقت ائين ڪونـﻫـي.

ڳالهه پري وڃي نڪرندي. رڳو ڪراچي ايئرپورٽ جي آمدني سنڌ تي خرچ ڪئي وڃي، ته ڪجھ نه ڪجھ مسئلا حل ٿي وڃن. هي ڌاڙا ڦرون بک ۽ افلاس جي ڪري ئي ته آهن. بـهـرحال جيستائين سنڌ مان احساس محرومي ختم ڪرڻ جو سوال آهي ته منـﻫـنجي خيال موجب انجو صحيح طريقو اهو آهي ته پاڪستان جي اندر سنڌ جا رهاڪو پنهـنجن حقن لاءِ جدوجهـد ڪن. انشاءَ الله فتح حق جي ئي ٿيندي. (رباني، 1991 - 590 _ 589 )

ان ڪچـﻫـريءَ دوران عشق جي مامري تي به سندن راءِ کليل، چٽي رهي. پاڻ پنـﻫـنجي بابت به سچ چوڻ کان ڪونه ڪيٻايائون، جيڪا هڪ ڏکي ڳالهه آهي. سندن چواڻي ته: اهو ڪهـڙو انسان آهي، جنهـن عشق نه ڪيو آهي؟ مون پنهـنجو پـﻫـريون ۽ آخري بي وصال عشق ڪيو.ان باري ۾ فقط هڪ شعر عرض آهي ته:

لوگ پتھر کو خدا  کو مان کے معصوم رہے،

ہم  نے  انسان  کو چاہا تو گنھار  ہوئے۔

مخدوم سائين جن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڪافي خدمت ڪئي. هنن پنـﻫـنجي زندگيءَ ۾ سنڌي ادب کي ناياب ڪتاب ڏنا. جن ۾ ”بـﻫـارِ طالب“ کان وٺي ”آبِ حيات“ تائين ۽ ”ڪافي“ کان وٺي ”لغات سنڌي مخففات“، ”شانِ حسين“ ۽ ”ڇَپَر ۾ ڇَڙيون“ تائين سڀئي ڇپيل ڪتاب پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سنڌ سونهـاريءَ جي شعراءِ ڪرام تي مشتمل سندن ڪتاب ”يادِ رفتگان“ ساهه ۾ سانڍڻ جـﻫـڙو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مرحوم شاعرن ۽ ڪيترن ئي گوشه نشين شاعرن جي تصويرن، چونڊ ڪلام، ۽ مختصر احوال تمام خوبصورت انداز ۾ سـﻫـيڙيل آهن. هي ڪتاب سائين جي.ايم.سيد جي مشـﻫـور ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ”اُهي ڏينـﻫـن، اُهي شينـﻫـن“ ۽ سيد حسام الدين راشديءَ جي ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينـﻫـن“ وانگر سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي حيثيت جو حامل آهي. جيڪو هڪ تاريخي، علمي ۽ ادبي ڪم آهي. جنـﻫـن ۾ سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ سنهـري باب سـﻫـيڙيل آهي، جنـﻫـن جي فـﻫـرست ۾ اول ۽ آخر جي فرق کي ختم ڪري شاعرن جي فهـرست ۾ ڪتاب تدريجي دور ڏيکاريل آهي، جنـﻫـن ۾ شاعرن کي همعصر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن تاريخي ڪم کي سهيڙڻ ۾ کين پورا ٻه سال لڳي ويا. هن ڪتاب ۾ 217هن شاعر شامل ڪيل آهن، جن جي زندگيءَ جا مختصر احوال انگن اکرن ۾ ڏاڍي تفصيل سان سـﻫـيڙيل آهن. هن ڪتاب جي مواد ڪٺي ڪرڻ لاءِ پاڻ پنـﻫـنجي خاص ملازم فتح محمد شـﻫـوڪ ڳوٺ جمع شـﻫـوڪ واري کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موڪليو هئائون. سندن ڪتاب ”لغات سنڌي مخففات“ جنـﻫـن جي سنڌي زبان ۾ وڏي ضرورت هئي جنـﻫـن جو پوراءُ ڪرڻ جي پاڻ هڪ وڏي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا ڪافي حد تائين لاڀائتي ثابت ٿي آهي. جنـهـن مان هاڻوڪو ۽ ايندڙ سنڌي نسل فائدو حاصل ڪندي پنـﻫـنجي مادري زبان کي سٺي طرح سمجھي سگھي ٿو. جيڪو هڪ تاريخي ۽ علمي ڪم آهي. سندن سنڌي ادب کي ڏنل علمي، ادبي ڪتاب تاريخ جو وڏو سرمايو آهن. ”لغات سنڌي مخففات“ سندن هڪ نرالو علمي ڪم آهي هن لغات جي انفرادي ڪارنامي کي نمايان رکڻ لاءِ منفرد انداز ۾ ترتيب ڏنو اٿس. هن ڪتاب ۾ شامل مواد کي الف_بي واري ترتيب، ٻاراڻي ڪتاب 1940ع واري ڇاپي. ’ديوان طالب المولى‘ جي صفحه 9 تي رکيل عڪس جيان آهي. سڀني لفظن کي چئن بابن ۾ ورهايو اٿس، جنـﻫـن جي پهـرين باب ۾ اسم، ضمير، صفت، ظرف، فعل وغيره لفظن جا مخفف ڏنا ويا آهن. ٻيو باب خاص ڪري اسم عام مونث (جمع) لفظن جو آهي ۽ هن جي ٽئين باب ۾ اسم مصدر مان نڪتل لفظن جا مخفف ڏنل آهن. هن ڪتاب تي روشني وجھندڙ، اديب فاضل، احمد خان آصف مصراڻيءَ چواڻي ته: ”هن جي پهـرين باب ۾ (ڪي ٿورا لفظ مذڪر به آهن) انـﻫـن مان ”ي“ ڪڍڻ سان مخفف ملي ٿو. مثلاّ .

لفظ             مخفف

اَکُين                 اَکِنِ

دَکين                دَکن

مَکين                مَکن

سَکين                سَکن وغيره

ٽئين باب ۾ اسم مصدر مان نڪتل لفظن جا مخفف موجود آهن. هنن جو انداز به بي انداز ٿي سگھي ٿو. تنهـنڪري هرهڪ مصدرمان ٿورا ٿورا الفاظ آندا ويا آهن. چوٿين باب ۾ ڪن ٻٽن لفظن جـﻫـڙوڪ:

ٻٽو               مخفف

سنڌ جو          سنڌي

هند جو          هندي

عربستان جو    عربي

يا

لوهه وارو    _    لهـر

سون وارو   _    سونارو

 

وغيره جا مخفف درج ٿيل آهن. ڪن اهم آواز لفظن جهـڙوڪ:

موهين  _  موهِن

کوهين  _  کوهِن

ڳوهين  _  ڳوهِن

جا مخفف به لکيا ويا آهن، ڪٿي لفظن جي ترتيب به هيٺ مٿي ٿي آهي. هيءَ لغات سنڌي لغوي ڪتابن ۾ منفرد سمجھي ويندي. (زمان، 1991-  ص: ڀ - ت)

مخدوم صاحب جي هن ڪتاب ۾ لغات جي شيدائين لاءِ تمام گھڻو مواد موجود آهي. هن لغات ۾ 2100 سئوکن الفاظ ڏنا ويا آهن. هن لغات لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جو فدائي ڊاڪٽر غلام علي الانا، هن ڪتاب جي ’مقدمو‘ ۾ پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن لکي ٿو ته: ”هن لغات جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ جي لساني مطالعي جي سلسلي ۾ هڪ نئين موضوع طرف ڌيان ڇڪايو آهي ۽ سنڌي لغات جي کيتر ۾ هڪ نئين قسم جو اضافو ڪيو آهي.

هيءَ لغات، شاعريءَ ۾ لفظن جي مناسب استعمال کانسواءِ، روزمره واري ٻوليءَ جي اُچارن ۽ لفظن فقرن ۽ جملن ۾ انـﻫـن جي ڪم اچڻ کان پوءِ انـهن جي مخفُف صورت يا شڪل وٺڻ واري عمل جي اڀياس ۾ مدد ڪري ٿي. هيءَ لغات گھڻ _ ڪارج واري لغات آهي. هن ۾ اڪيچار خصوصيتون آهن، جن جو اڳ ۾ به ذڪر ڪيو ويو آهي. هن لغات جي مدد سان لفظن جا ڌاتو، اُچار، اشتقاق، ٻوليءَ ۾ لفظن جي معنيٰ، سمجھاڻي ۽ وياڪرڻي ڪارج معلوم ڪري سگھجن ٿا. هن لغات جي مطالعي سان لساني، وياڪرڻي، تهـذيبي، تمدني ۽ ثقافتي ڳالهـيون، نڪتا ۽ حقيقتون سامهـون اچن ٿيون. جن جي ڇنڊ ڇاڻ کي بنياد بڻائي ڪئين ڪتاب لکي سگھجن ٿا. (زمان، 1991 _ص: _ ن _ و )

 سنڌ جي هن سداحيات شاعر جي دل تي جڏهن دردن جو، ڪنـﻫـن سڄڻ جي جدائيءَ جو بار پوندو هو ته پاڻ غمگين ٿي ويندا هئا. اهڙي سمي سندن ذهن تي فارسيءَ جو هي شعر تري ايندو هئو؛ جنـﻫـن لاءِ پاڻ چيائون ته: خبر ناهي ته هي شعر ڪنـﻫـن جو آهي، پر ڪيڏو نه با معنى آهي.

عـدم  جـي  راهه،  ڪيـڏي نه  همـوار  آهـي،

جنهن   هيــڪــر   مٿــس   پيــر   رکيــو،

تنـﻫـن وري ڪنڌ ورائي پوئتي ڪو نه ڏٺـو.

 

مخدوم سائين ! ها! اڄ اسين به چئون ٿا ته واقع اهو شعر ڪيڏو نه بامعنى آهي …!!

 

مددي ڪتاب

 

1.      آگرو غلام رباني ( 1991ع)  جـﻫـڙا گل گلاب جا، حصو ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ.

2.     محمد زمان مخدوم (1991ع) لُغات سنڌي مُخففات، ڇاپو پـﻫـريون، سنڌي ادبي بورڊ  ڄام شورو، سنڌ.

3.     محمد زمان مخدوم (1994ع ) دُري ناياب عرف يادِ رفتگان،  سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو،سنڌ.

4.     محمد زمان مخدوم (2011ع) ڇَپَر ۾ ڇَڙيون،  سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.

5.     مرزا نصير(2011ع)  ڪربلا  ڪربلا، دوستي پبليڪيشن، حيدر آباد ،سنڌ.

6.     ڪلـﻫـوڙو دين محمد، ايڊيٽر ( 1 – 2012 ) ٽماهي مـﻫـراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.

7.           ميمڻ ثمينه، ايڊيٽر (4 – 2012)  ٽماهي مـﻫـراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org