سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:21 

مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي غزل گوئي

 

فخرالشعراء سنڌ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هڪ جامع الفنون ۽ جامع الڪمالات شاعر، اديب ۽ دانشور هو. سنڌي، اردو ۽ فارسي زبانن تي يد طوبيٰ دسترس رکندڙ هو. هڪ مشاق ۽ استاد شاعر به هو ۽ بلند پايي جو انشا پرداز به هو. پاڻ خوش خط به هو ته هڪ سخن سنج، سخن فهم ۽ سخن شناس، سخن گو ۽ نقاد به هو. ايترين خوبين جو هڪ هنڌ گڏ هجڻ پنهنجيءَ جاءِ تي ڪرامت کان گهٽ نه آهي.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ کي شاعري، خصوصاً غزل ۾ هڪ انفرادي مقام حاصل هو. سندن ڪلام ۽ زبان سليس ۽ رنگين آهي. هڪ قادر الڪلام ۽ ڪهنه مشق شاعر هجڻ جي ثبوت ۾ سندن ديوان (غزليات)، رباعيات، ڪافين ۽ شاعريءَ جي ٻين صنفن جا مجموعا پيش ڪري سگهجن ٿا. سندن غزلن ۾ تخيل جي بلنديءَ سان گڏ استعاري ۽ ڪنايي جو صحيح استعمال ۽ بندش جي چستي ۽ برجستگي نمايان خصوصيتون آهن.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ  قديم ۽ جديد دور جي وچ ڌاري پيدا ٿيو، تنهن ڪري سندن ڪلام ٻنهي دورن کان متاثر ٿيو آهي. ان ۾ جتي سانگي ۽ غلام محمد گدا جو رنگ به نظر ايندو ته جديد ۽ قومي رنگ به، اُتي صوفيانه نُڪتا ۽ عارفانه اسرار به بيان ٿيل نظر اچن ٿا.

سنڌ ۾ فارسي ۽ اردو غزل جي ترقي، ترجيح ۽ نشرو اشاعت ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي خدمتن جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. غزل ۽ ان جي فن متعلق اردو دان ناقدن جيڪي عروضي ۽ فني موشگافيون پيدا ڪيون، اهي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ  سنڌي شاعريءَ ۾ روشناس ڪرايون. تغزل ۽ ان جا لوازمات، عروض ۽ ان جا اصول، حرڪات، سڪنات جا قاعدا، قافين جا قسم، عربي ۽ فارسي بحر، عيوب، زير اضافت، تعقيد ۽ تعقيب جا بحث، سنڌي ادب ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ  ئي مروج ڪيا.

غزل هڪ اهڙي صنف سخن آهي، جنهن ۾ عورتن متعلق ذڪر اذڪار ڪيو ويندو آهي، يا انهن سان عشق ۽ محبت جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. خواجه الطاف حسين حالي، غزل جي تعريف لکندي فرمائي ٿو ته: ”لغت ۾ غزل جي معنيٰ عشق بازي ڪرڻ ۽ عورتن سان مخاطب ٿيڻ آهي.“

ڊاڪٽر عبارت بريلويءَ جو غزل متعلق رايو آهي ته:

”غزل جي صنف جو بنيادي موضوع عشق جي معاملن سان يا عورتن بابت ڳالهيون ڪرڻ، بيان ڪيو ويندو آهي ۽ اها ڳالهه گهڻي قدر درست آهي، مگر غزل جي اِها تشريح مڪمل ۽ همه گير نه آهي. انهيءَ ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت آهي.“

علامه شبلي نعماني، ’شعر العجم‘ ۾ ايران جي عشقيه شاعريءَ تي بحث ڪندي غزل بابت فرمائي ٿو ته:

”قصيدي ۾ ممدوح جي تعريف ٿيندي آهي، ۽ غزل ۾ معشوق جي..... غزل ۾ محبوب جي حسن ۽ جمال، ناز و ادا ۽ جور و جفا جو بيان ٿيندو آهي.“

علامه صاحب اڳتي هلي لکي ٿو ته:

”تصوف جي ابتدا جيتوڻيڪ ٽين صديءَ جي آغاز ۾ ٿي، پر پنجين صدي، ان جي شباب جو زمانو هو. اهو ئي زمانو غزل جي ترقيءَ جو دور سمجهيو وڃي ٿو.“

عورت، انسانن جي دنيا ۾ هڪ لطيف ۽ جاذب شيءِ تصور ڪئي وئي آهي. هر دور ۽ هر ملڪ ۾ عورت، انساني زندگيءَ ۾ هڪ اهم رُتبو ماڻيو آهي ۽ هر دل و دماغ تي هڪ خاص اثر پيدا ڪيو آهي، تنهنڪري غزل جي سرمايي جي شروعات، عورت جي مختلف صفات جي موضوع سان شروع ٿي آهي. عشق و محبت جا جذبا ڪجهه عرصي کانپوءِ تصوف جي صورت اختيار ڪري غزل جو موضوع بڻيا ۽ آهستي آهستي فلسفيانه مسئلا به غزل جي صنف ۾ ڪجهه جاءِ والاري ويٺا. مطلب ته عشق و محبت ۽ حسن و جمال جو هڪ نفيس دلڪش ۽ مستقل موضوع هو، جيڪو سنڌ جي روحاني پيشوا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رح جي غزلن ۾ به موجود آهي.

غزل، دنياءِ شعر و ادب جو قابلِ فراموش سرمايو پڻ آهي. مشرق جي متقدمين ۽ شاعرن جي تقريباً ٽن سؤ سالن جو بيش بها علمي ۽ ادبي خزانو اسان وٽ غزل جي صورت ۾ موجود آهي. غزل، مشرقي شاعريءَ جي ادبي روايتن ۽ فڪري ارتقا جو هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ اسان مشرقي شاعرن جي بيش بها علمي ادبي خدمتن جو عڪس ڏسي سگهون ٿا. عشق و محبت، انساني سرشت ۾ فطرت جو هڪ اهم حصو آهي، جيڪو انساني دنيا جي زندگيءَ تائين قائم رهندو ۽ غزل ان جو مبلغ اعظم ٿي ڪم ڪندو رهندو.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ  سنڌ جي رهاڪن کي پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي اهم موضوعات مهيا ڪري ڏنا آهن. گل و بلبل جي شاعريءَ سان گڏوگڏ غمِ دوران جون تصويرون پڻ پيش ڪيون آهن. مخدوم صاحب هجر و وصال جي داستان ۾ غم جانان جون انيڪ ڪيفيتون بيان ڪيون آهن. پراڻن موضوعن ۾ جديد مضمونن ۽ جديد رجحانن کي سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن مان جدت ۽ ندرت جون جهلڪيون نظر اچن ٿيون. انوکن خيالن تي خاص توجهه ڏنو ويو آهي. انداز ۽ اسلوب جي لحاظ کان غزل جي نرميءَ ۽ نزاڪت کي مقدم رکيو ويو آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته مخدوم صاحب سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جي قديم اساتذه سخن کان متاثر آهي. مخدوم صاحب وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان سنڌي شاعري ڪئي آهي، ۽ پنهنجي سنڌي شاعريءَ ۾ رواياتي لوازم کي پڻ برقرار رکيو آهي، جنهنڪري سندن ڪلام ۾ انيڪ ترڪيبون، محاورا ۽ تشبيهون پڻ موجود آهن. مثلاً: سندن هڪ شاهڪار غزل ملاحظه ڪريو:

رشڪ بخت سيھ رشڪِ تاريخ شب، هن جا زلف دوتا خوشنما خوشنما،

الله الله جبين ضوفشان ضوفشان، جلوه گر جلوه گر يا خدا يا خدا!

 

تيغ برآن فگن، غيرتِ سيف زن، خنجرِ صف شڪن، ابرويء جانِ من،

 

رشڪِ مستيء چشم قلندر نظر دلربا دلربا، ڪيفزا ڪيفزا!

روحِ جادوگري هن جا شرم و حيا، عشوه و ناز و انداز سڀ معجزا،

 

گفتگو مظهرِ خرقِ عادات ٿي، هن جي هر هڪ ادا اوليا اوليا!

هن جي رمز خموشيءَ ۾ دنيا به گم ۽ تبسم سان عالم ڪري زير و زبر،

 

هن جي گفتار ۾ زندگي زندگي، هن جي رفتار ۾ ڪربلا ڪربلا!

جنهن تان دير و ڪليسا هميشه فدا، جنهن تي سجده ڪنان روز شب بتڪده،

 

جنهن تي هر ڪنهن جبين کي سُڪون ٿو ملي منهنجي محبوب جا نقش پا، نقش پا!

هن جي شيرين زباني تان صدقي ٿين، دمبدم مطرب و بربط و چنگ ني،

 

هن جي طرزِ تڪلم تان ققنسِ فدا لحنِ دائود چئي واهو واهوا!

هن جي آڏو صبا آهي جا روب ڪش، نگهتِ گل اچئو خير مقدم ڪري،

 

هو چمن ۾ اچي گل جهڪيو ٿا، پون ۽ عنادل چون مرحبا مرحبا!

هن جي رمزِ ادا تان تصدق ٿيان، هن جي طرزِ محبت تان قربان مان،

 

هن جا ظلم و ستم باوفا باوفا، هن جا مهرو وفا بي وفا، بي وفا!

صوفي محتسب واعظِ پيرسن، منهنجي ساقيءَ اڳيان سي به مجبور تر،

 

هو کپايو نظر جو نهاري کڻئو، هر ڪو گهٻرايو چئي ڏي ڀلا، ڏي ڀلا!

ميڪده ۾ مسرت ڪري رقص ٿي، ڪيف و مستي تي طاري ٿئي بيخودي،

 

هن جي آمد تي ساغر ٿين، خنده زن ۽ صراحي ڪري قهقها قهقها!

طالب الموليٰ جور و جفاءِ صنم، غيرتِ ظلم چنگيزي و نادري،

هن جي هر هڪ نظر زلزلا، زلزلا، هن جو تابِ نگهه فيصلا فيصلا!

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رح جنهن شاعراڻي ماحول ۾ اک کولي، ان ۾ گل و بلبل، گل و گلزار ۽ شمع و پرواني کانسواءِ ميء ۽ ميخانو به موجود هو. مخدوم صاحب ميء ۽ ميخاني جي ماحول کي تفصيل سان پنهنجي شعرن ۾ بيان ڪيو آهي. ميخاني جي هر شيءِ اهڙي دلفريب انداز سان بيان ڪئي اٿائون، جو مئڪشيءَ جو سمورو نظارو اکين آڏو اچي ٿو بيهي. هڪ طرف ساقي پنهنجي نرگسي نيڻن ۽ مخمور اکين سان هڪ هٿ ۾ صراحي يا مينا ۽ ٻئي هٿ ۾ جام جهليو بيٺو آهي، مئنوشن جي آڻ آڻ پئي پوي. ڪي آهن جي چُڪي چاڙهڻ سان پنهنجا هوش ۽ حواس وڃائي ٿا ويهن، ٻيا خم خالي ڪريو ڇڏين. هڪ طرف پير مُغان ويٺو آهي، مئڪدي جو هر مينوش سندس معتقد آهي. سندس هر حڪم جي تڪميل عين سعادت سمجهي ٿي وڃي. ميخوارن جي لب تي ڪڏهن ساقيءَ جي قرب جا قصيدا آهن ۽ ڪڏهن بي رخيءَ جو شڪوو ۽ شڪايت آهي. مخدوم صاحب ميء ۽ ميخاني کي حقيقي رنگ ۾ پيش ڪري، ان مان تصوف جا باريڪ نُڪتا بيان ڪيا آهن.

حافظ شيرازي، صائب، فيضي ۽ امير خسرو وغيره ميء، جام ۽ مينا جو ذڪر نهايت اشتياق سان ڪيو آهي. فيضي ميء جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته:

”هي ڪهڙي ميء آهي جيڪا ساقي پيالي ۾ وڌي، جو مسيح ۽ خضر اُن جي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ ٿا چاهين:

’اين چه ميء بود ڪ ساقي بقدح ريخت فرو‘

ڪه مسيح و خضر از رشڪ ڪشاڪشِ ڪردند.“

امير خسرو ميء جي لاءِ چوي ٿو: ”ڄڻ پاڻيءَ ۾ باهه مليل آهي.“

ميء ميان شيشئِه ساقي نگر،

آتشي گويا به آب آلوده اند.

حافظ شيرازي وري مئي ۽ جام جي تعريف ڪندي چوي ٿو: ”ته جڏهن اهو پتو نه آهي ته انجام ڇا ٿيندو ته پوءِ ميء ۽ جام جي فڪر کان وڌيڪ سٺي ڳالهه ڪهڙي آهي.

خوشتر از فڪرِ مئي جام چه خواهد بود

چون خبر نيست ڪه انجام چه خواهد بود.

’صائب‘ وري ساقي جو ذڪر نهايت دلفريب نموني سان ڪيو آهي.

امشب از ساقي بس گرم است محفل، مي توان،

شمع گر خاموش باشد، آتش از ميناگرفت.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به مئي ۽ ميخاني جو ذڪر پنهنجي غزليات ۾ هن طرح سان ڪري ٿو:

ويا جيڪي به ساقي وٽ اهي مئنوش ٿي موٽيا،

صفا صوفي به ميخاني منجهان مدهوش ٿي موٽيا.

 

سندم معيارمئنوشيءَ جا ميخانا اٿوَ شاهد،

سڀئي ساغر، سُبو، ساقي ۽ پيمانا اٿوَ شاهد!

 

تون پيئڻ کان اڳ اي مئڪش اهل مئخاني کي پڙهه!

ساقيء مهوش کي پيمائش کي پيماني کي پڙهه!

 

دي شرابِ چشم گون جو جام پُر اي ماه وش!

تا زماني جي خيالن کي اچي ڪا غش تي غش.

 

جڏهن ساقي جي ابرو مان ٿيم هڪڙي چُڪي حاصل،

نشا ٿيا نينهن جا غالب حقيقي ٿي خوشي حاصل.

 

ڀلي خُم جا خُم به کپي وڃي نه پيئڻ کان موڙبو منهن ڪڏهن،

ڀلا دستِ ساقي جي اڳيان ڪبيون نيٺ ڪهڙيون قناعتون!

 

اڄ ميڪده ۾ طالب مولا اچي پيو،

پيمانا تنهنجي لئي گل و لاله ڪري وٺون!

 

ڪج ادائن جي هٿان ڪي جام نيرانا ملن،

اڄ وري ميڪش هجن ساقي ۽ ميخانا هجن!

 

ڏي صبوحي جا اي ساقي جام نيرانا ٻه ٽي،

گڏ ٿيا آهن اچي مئي نوش مستانا ٻه ٽي!

 

اي ساقي! پنهنجي مستن اهل ميخانن جي پارت ٿئي،

متان خالي ٿين لبريز پيمانن جي پارت ٿئي!

 

اهي ساقي، اهي ميڪش، اهي ئي ساغر و مينا،

فقط آداب مينوشي جي اڄ آهي ادا بدلي!

غزل، اندروني ڪيفيت جو آواز آهي. غزل ۾ داخلي ڪيفيت جو اظهار نهايت خلوص ۽ ديانتداريءَ سان ڪرڻ ۾ اچي ٿو. داخلي احساسات ۽ جذبات جي هوبهو تصوير غزل جي جان آهي. غزل جي شاعريءَ ۾ ڪنهن به قسم جو تصنع، غزل جي معيار کي ڪيرائي وجهي ٿو، تنهنڪري شاعر پنهنجي داخلي حقائق ۽ تجربات کي پيش ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو پوي. باطني زندگيءَ جي ڪشمڪش ۽ الجهن کي لڪائڻ بد ديانتي ۽ رياڪاري سمجهي ٿو.

اهڙي ڪيفيت کي بيان ڪرڻ لاءِ شاعر پنهنجي وضعداريءَ کي ڇڏي، حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪري ٿو. دل ۾ هڪ عجيب و غريب اشتياق پيدا ٿئي ٿو، جنهن جذبي کي بيان ڪرڻ شاعر پنهنجو فرض سمجهي ٿو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ  صوفياڻي مزاج جو مالڪ هو. سندن مزاج، ننڍيءَ وهيءَ کان ئي تصوف کان آشنا هو، پر پوءِ به کين تمنا رهي ٿي، شوق پيدا ٿئي ٿو ته:

جو اول جو اهو ئي اڄ به آهي طالب الموليٰ،

ڏسڻ وارؤ فقط آهن اوهان جا ئي گمان بدليا!

 

اديون آتڻ وهڻ سولو ڪتڻ ڏاڍو ڏکيو آهي،

اچو سنڀري هتي سرتيون جو چرخا چورڻا پوندا!

 

اي واعظ چپ اوهان جي شاهڪارن کي سڃاڻون ٿا،

بظاهر مست آهيون، پر اشارن کي سڃاڻون ٿا.

 

اسان رندن جي مشرب ۾ شڪايت ئي حَرام آهي،

گهڻو ئي پاڪبازن پرده دارن کي سڃاڻون ٿا.

 

اسان مستن جي مشرب ۾ جهان آباد ويرانو،

فقيرن جي ڪيا آباد سي ويرانا گهرجن ٿا.

سنڌي غزل ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ  هڪ انوکو انداز ۽ منفرد اسلوب پيش ڪيو آهي. پاڻ فارسي شاعرن جي دلڪش انداز ۽ پيرايهء اسلوب کان نهايت متاثر هو. مخدوم صاحب جي هر شعر جي هڪ مصرع ۾ ئي زندگيءَ جي انيڪ حقيقتن ۽ ڪيفيتن جو بيان سمائجي وڃي ٿو. هڪ معمولي ڳالهه کي به دل لڀائيندڙ انداز ۾ پيش ڪرڻ شاعر جو وڏو ڪارنامو بڻجي پوي ٿو. ڪيترائي اهڙي قسم جا اشعار آهن، جيڪي مخدوم صاحب کي سنڌي غزل جي بلند مقام تي پهچائن ٿا. سندن مختصر عبارت هڪ دلڪش تاثر پيدا ڪري ٿي، جنهن ۾ ڪيترائي راز پنهان رهن ٿا. سندن ڪلام ۾ وارفتگي ۽ بيساختگيءَ جو عجيب نمونو موجود آهي.

ڪئي ڪجل البصر جن خاڪ دلبر تنهنجي قدمن جي،

اهي درويش تنهنجا تو وٽان سلطان ٿي نڪتا.

 

جهان کي جن جي اڄ نقشِ قدم تي فخر حاصل آ،

اهي الله جي لئه بي سرو سامان ٿي نڪتا.

 

هتي عابد ۽ زاهد سان گڏ مي نوش پڻ آهن،

اي واعظ تون نٿو سمجهين هي آهن راز رندانا!

 

حقيقي عشق جي مستي وري قلبن تي غالب ٿي،

انهي ئي ڪيف ۾ مدهوش ٿيا دانا ۽ ديوانا.

جيئن ته غزل ۾ خاص ڪري عشقيه مضمون هوندا آهن، تنهنڪري غزل گو شاعر، حسن و عشق جي تعريف، فراق وصال جو بيان، خال و خد، زلف و ابرو، قد و قامت جي توصيف، گل و بلبل، شمع و پرواني، شيرين فرهاد ۽ ليليٰ مجنون جون حڪايتون، معشوقن جي بيرخي، جنون و ياس جي شڪايت ڪندا آهن. مطلب ته غزل مطلع کان وٺي مقطع تائين مجسم عشق انگيز ۽ جنون آميز خيالن سان مرصع هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن غزل جي صنف ۾ شاعر پند و نصائح ۽ قومي داستانن جهڙا نُڪتا پڻ بيان ڪندا آهن. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ به محبوب جي حسن جي تعريف اجهو هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

نه خورشيد آهي تنهنجو مٽ قمر پڻ شرمساريءَ ۾،

ڏسيو توکي وڃن شرمائجو سيمين بدن پاڻهي.

 

هي حسن صورت ۽ حسن سيرت خدا جو سُنهن لازوال آهي،

موازني کان سڄڻ مبرا هو پاڻ پنهنجو مثال آهي.

 

آڻيان ٿو تصور ۾ انهيءَ رشڪ قمر کي،

مون آهي چراغان ڪيو هن طرح سان گهر کي.

 

ڏٺم جو هن کي ته پوءِ ماهتاب وسري ويو،

نه ماهتاب مگر آفتاب وسري ويو.

محبوب جي خد و خال، زلف و ابرو ۽ سندس قد و قامت جي صفت ۾ عاشق زمين ۽ آسمان کي ملائي هڪ ڪري ٿا ڇڏين. بقول حافظ شيرازي:

اگر آن ترڪ شيرازي به دست آرد دلِ مارا

بخال هندويش بخشم سمرقند و بخارا را

اهڙيءَ طرح مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ به محبوب جي زلفن جو ذڪر اجهو هنن لفظن سان بيان ڪري ٿو:

آزاد هوندا هردم زلفِ دوتا جا قيدي،

خوِشحال ئي رهن ٿا صبر و رضا جا قيدي.

 

صنم خود جستجو منجهه هو ته هي خوشبو ڪٿان آئي،

نتيجي ۾ وڃي آخر سندس زلفِ دوتا نڪتي.

 

هو زلفِ سنبل هو چشمِ نرگس هو لال لب ۽ هو عارضِ گل،

انهيءَ تصور ۾ همنشينو! خزان به فصل بهار آهي.

 

مان هن جي زلفن جي رات ۾ پنهنجي راهِ منزل به وڃائي ويٺس،

اگرچه چهري جو ماهِ ڪامل به هر گهڙي جلوه بار آهي.

فلسفو، شاعريءَ جو پسنديده موضوع آهي. جتي شاعريءَ جون ٻيون صنفون فلسفيانه خيالن سان مالامال آهن، اتي غزل جي جهولي به فلسفي جي املهه ماڻڪ موتين سان ڀريل آهي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ فرمائي ٿو:

جي آيا تنهنجي محفل ۾ اهي قربان ٿي نڪتا،

وڏا دانا ۽ بينا پڻ اتان حيران ٿي نڪتا.

 

هنئي جن فلسفي جي هام ٿي دنيا اندر يارو،

ٻڌي گفتار گلرخ جي همه تن گوش ٿي موٽيا.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي سنڌي غزليات ۾ جتي مجازِ عشق جا گل ۽ ٻوٽا ٽڙيا بيٺا آهن، اتي مخدوم محمد زمان طالب المولي رح حقيقي عشق جي باغ جي به آبياري ڪئي آهي ۽ ان ۾ تصوف جا قسمين قسمين جا گل ۽ ٻوٽا به لڳايا آهن ۽ مخدوم صاحب تصوف جي مختلف مسئلن کي نهايت دلنشين انداز ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش به اجهو هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:

خرقو، مصلو شيخ جو سجدو عبا، قبا،

هر شيءِ جي قلب ۾ آهي وقعت جدا جدا.

 

واعظ رڳو مبالغو ۽ رند صاف گو،

قدرت بنائي آهه ئي فطرت جدا جدا.

 

ڇو نه ان محفل جي باشندن ۾ ايندو وجد و حال،

جت قلندر رقص ڪن ۽ ٻيا هجن ميخوار مست.

 

پُر ڪري ڪيئن ٿو پياري جام مئي هو ميء فروش،

پي ٿين ٿا صاف صوفي بيڌڙڪ بيدار مست.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ پنهنجي غزلن ۾ تصوف سان گڏوگڏ اخلاق بابت به گوهر افشاني ڪئي آهي ۽ پند و نصيحت جا ورق ورايا آهن. اخلاق، انساني زندگيءَ جو زيور ۽ حياتيءَ جو سينگار آهي. اخلاق بنا انسان جانور وڌيڪ ۽ انسان گهٽ ٿو ٿئي، تنهنڪري هن دنيا ۾ انهيءَ ڳالهه جي هر دور ۾ اهميت رهي آهي ته انسان کي سڌي راهه تي هلائڻ لاءِ اخلاق جو لغام ڏنو وڃي. انڪري انساني اخلاق جو ڪو به اهڙو موضوع نه آهي، جنهن کي غزل پنهنجي دامن ۾ جاءِ نه ڏني هجي ۽ انسان کي ڀٽڪيل راهه کان بچائڻ لاءِ پند و نصيحت جا ڏيا نه روشن ڪيا هجن.

رهيو ڇا مال ۽ اسباب دارا وٽ سڪندر وٽ،

هو ڪم آڻي نه ٿو آهي مگر سڀ ڪجهه قلندر وٽ.

 

خدا کان ڇو لِڪائين ٿو گناهن کي اڙي نادان،

يقين رک آهي هر تصوير عريان ٿئي مصور وٽ.

 

نه گردن کي جُهڪائي بادشاهن جي اڳيان هرگز،

عجيب آهي هو خُو هردم محبت جي گداگر وٽ.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ غزل ۾ جتي ٻيا خارجي اثر قبول ڪيا آهن، اتي هو پنهنجي سماج ۾ ماحول جي تبديل ٿيندڙ حالتن کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيو آهي. سنڌ ۾ جيڪي معاشي، مادي، ذهني ۽ سياسي تبديليون پيدا ٿيون، تن کان مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ  جو حساس شاعر جي حيثيت ۾ متاثر ٿيڻ لازمي آهي. زندگيءَ جا ڏک ۽ سک، سماج ۽ طبقاتي فرق، حيات کي اڳتي وڌائڻ جي تمنا، زمين کي جنت ثاني بنائڻ جي خواهش، پنهنجي چؤطرف پکڙيل گندگيءَ کان نفرت ۽ ڌرتيءَ جي دوزخ تي انقلاب آڻڻ جي آرزو، اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي غزل خاص طرح قديم دور جي غزل جي زيب ۽ زينت آهن. سنڌ جي اڳين غزل گُو شاعرن به ان طرف توجهه ڏنو آهي ۽ انهن مان ڪن وٽ سياسي ۽ سماجي تصورات جو هلڪو هلڪو دونهون محسوس پيو ٿئي، مگر موجوده وقت جي غزل گو شاعرن وٽ مچ متا پيا آهن. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ بيان کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ لاءِ اشارن ۽ ڪِناين کان پڻ ڪم ورتو آهي. ان سلسلي ۾ مخدوم صاحب فرمائي ٿو:

رڳي ئي فحش گوئي ۽ رڳي ئي آهه بيهوشي،

هئا جي هوش آور اڄ سي به مستانا ٿيا اڻلڀ!

اڃا پيري ۽ مخدومي کي تون چنبڙيو پيو آهين،

چريا هو نينهن وارا جي ها نذرانا ٿيا اڻلڀ!

تصوف، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي غزل جو روح آهي. سنڌ جي هن عظيم شاعر تصوف جا گهڻو ڪري سمورا پيچيدا مسئلا نهايت لطيف ۽ پرڪشش انداز ۾ بيان ڪيا آهن. سنڌ صوفين جي سرزمين آهي، انهيءَ ڪري هتان جي انيڪ غزل گو شاعرن پڻ تصوف کي پنهنجي غزل جو سينگار بنايو آهي. روز ميثاق الله تعاليٰ پنهنجي عشق جي امانت جڏهن ملائڪن کي آڇي ته اهي ڏڪي ويا، تڏهن حضرت آدم عليہ السلام اڳتي وڌيو ۽ اهو برهه جو بار پنهنجي سر تي کنيائين.

حافظ شيرازي ان خيال کي هيئن ٿو بيان ڪري:

باز غم عشق تو بهر کس که نمودند

عاجز شد و اين قرعه بنامم افتاد

مخدوم طالب الموليٰ فرمائي ٿو:

عاشق جان باز جو راهه نما ڀي آهي عشق

مشڪلات عشق جو مشڪل ڪشا ڀي آهي عشق

 

درد و غم، سوزو الم جو پيشوا ڀي آهي عشق

هر گهڙي ۾ دافع رنج و بلا ڀي آهي عشق

 

عشق جي درياءَ ۾ فضل خدا ڀي آهي عشق

ڪشتيء بحر و الم ناخدا ڀي آهي عشق

 

حسن بي پروا به ۽ ناز و ادا ڀي آهي عشق

دلبري ڀي آهي عشق ۽ دلربا ڀي آهي عشق

 

حسن جي دربار ۾ گولو گدا ڀي آهي عشق

۽ ڏکن جي ملڪ جو پڻ بادشا ڀي آهي عشق

 

پرده انسان ۾ ذات ڪبريا ڀي آهي عشق

۽ جبين شوق ۾ سجد و صفا ڀي آهي عشق

 

خود خدا ڀي عشق محبوب خدا ڀي آهي عشق

طالب الموليٰ امام الاوليا ڀي آهي عشق

جيئن ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي شاعري، عشق مجازيءَ جو هڪ بي مثال شاهڪار آهي، تنهنڪري سندن شاعريءَ ۾ تپش ۽ تڙپ، سوز ۽ سڪ اُتم درجي جي موجود آهي، پر فرق ايترو آهي ته سندن ڪلام ۾ شوخي ۽ شدت پڻ موجود آهي. انهيءَ شانِ بي نيازيءَ سندن شاعريءَ ۾ ته غزل جو هڪ لافاني حسن پيدا ڪري ڇڏيو آهي. حُسن ۽ عشق جي جذبن جي ترجمانيءَ لاءِ پوءِ اهو مجازي هجي يا حقيقي، غزل جو پيرايئه بيان نهايت ضروري آهي. غزل نه صرف شعر کي حسن ۽ رنگيني بخشي ٿو، پر ان سان شعر کي همه گيري ۽ وسعت به ملي ٿي. اهوئي سبب آهي، جو اهي سڀ شاعر جن جي شاعريءَ جو جزو اول حسن ۽ عشق آهي، غزل جي پيرايئه بيان اختيار حاصل ڪرڻ کان رهي نه ٿا سگهن، پر حسن ۽ عشق متعلق شاعر جو نڪتئه نظر جيڏو بلند ۽ وسيع هوندو، سندن غزل جو رنگ به ايڏو ئي اثر انگيز ۽ پاڪيزه هوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org