سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:11 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

 

 

 

منهنجو ننڍپڻ

(1919ع - 1944ع)

 

آئون پنهنجو ننڍپڻ پنهنجي والد صاحب قبله مرشدنا حضرت مخدوم غلام محمد صاحب عرف گُل سائين، 16هين سُجاده نشين درگاهه حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور عليہ رحمت جي انتقال تائين سمجھان ٿو. اگرچه ان بعد به شڪار ۽ راند (والي بال) جاري هئي تاهم دنيائي بار ۽ ذميواريون به ڪُلهن تي پونديون ۽ وڌنديون ويون؛ تان جو اڄوڪي افراط و تفريط واري دور ۾ به هلجي پيو. صدر ضياء الحق جو مارشل لا وارو 11 سالن جو دور به گذريو، ان کان اڳ صدر ايّوب خان جي مارشل لا وارو ڏهه ساله دور به گذاريوسين. صدر ايّوب خان وارو دور عزت ڀريو هئو، جنهن ۾ شاندار ۽ عزّت دار ماڻهو محفوظ رهيا. جيتوڻيڪ صدر ايّوب خان جي دورِ ۾ ماڻهن کي شڪايات به پيدا ٿيون ۽ ون يونٽ ٿيڻ بعد حالات تيزيءَ سان بگڙيا ۽ اڃا تائين بگڙندا رهن ٿا، پر انهيءَ هوندي به اڄڪلھ وري به صدر ايّوب خان! ۽ ان جي دور کي ياد ڪيو پيو وڃي.                 – طالب الموليٰ

ولادت:

منهنجي ولادت 9- محرم الحرام 1338ھ/ 4- آڪٽوبر 1919ع تي هالن نون ۾ ٿي. شروع ۾ منهنجي سارَ سنڀارَ منهنجي ڏاڏي حضرت مخدوم ظهير الدين عرف مخدوم پرو ڄام، 15 هين سجاده نشين درگاھ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور عليہ رحمة ڪئي. سندن انتقال (10 جنوري 1927ع) بعد منهنجي نگهداشت منهنجن پُڦَن جي هٿ ۾ ۽ منهنجي ننڍي چاچي ميان غلام حيدر وٽ رهي.

تعليم ۽ تربيت:

آئون جڏهن پڙهڻ جي لائق ٿيس ته آخوند ولي محمد (1) وٽ قرآن شريف جي تعليم سان پڙهائي شروع ڪيم، جنهن جي مڪمل ٿيڻ بعد، ان وقت جي دستور موجب وڏي بنگلي تي منهنجي حافِظي ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو، وڏي بنگلي جي هال ۾ جتي اڄڪلھ پلنگ پيل آهي اتي ان وقت کٽ پيل هوندي هئي، کٽ جي اڳيان سيراندي جي طرف مرشدنا قبله والد صاحب جن وِهندا هئا ۽ ويٺل هئا، مون کي به پنهنجي ڀر ۾ وهاريئون ۽ منهنجي سامهون، منهنجي استاد آخوند ولي محمّد کي وهاريو ويو، منهنجي اڳيان رحل تي قرآن شريف رکيو ويو. هالَ جي اوڀر واري ديوار وٽ منهنجي وڏي چاچي ميان عبدالحسين، ان جي ڀر ۾ منهنجو ٻيو نمبر چاچو ميان الله بچايو عرف مير سائين، ان جي ڀر ۾ منهنجو ٽيون نمبر چاچو ميان محمّد سعيد عرف علام حيدر ۽ ان بعد منهنجي والد صاحب قبله مرشدنا جن جا سؤٽ وهاريا ويا ۽ انهن جي ڀرسان ميان الله اوڀايو وهاريو ويو ۽ باقي هال ۾ شهر هالا جا معزّز وهاريا ويا (اهو سٽاء انهي زماني جو هو ۽ اڄڪلھ اونهين ناهي. اڳ شادن مرادن جي محفلن ۽ مجلسن ۾ به سيّد، پير ۽ فقير وغيره کي ان طرح وهاريو ويندو هو.) پوءِ منهنجي استاد آخوند ولي محمّد مونکي سورة بقرہ شريف جو پهريون رقوع پڙهڻ لاءِ چيو جو مون کي پڪو به هو، پر ماڻهن جي هجوم ۽ مرشدنا قبله والد صاحب ۽ چاچن جي رعب کان رقوع ٿورو پڙهي روئي ڏنم (ان زمان ۾ آئون نابالغ پڻ هئس) آخوند صاحب هڪدم قرآن شريف کڻي ٺپيو ۽ پهرين قبله والد صاحب مرشدنا جن پوءِ آخوند ولي محمّد ۽ پوءِ منهنجي چاچن ۽ ٻين پيرن ان بعد شهر جي معزّزن گڏجي مبارڪون ڏنيون. مبارڪون ٻڌي مطمئن ۽ خوش ٿيڻ سبب روئڻ به بند ڪيم. هڪدم هڪ شخص مٺائيءَ جو وڏو ۽ ڀريل ٿالھ منهنجي استاد آخوند ولي محمّد کي هٿ ۾ ڏنو. آخوند صاحب اهو ٿالھ مرشدنا قبله والد صاحب جن اڳيان جهليو، پاڻ مٺائي مان ذرو کڻي نهايت شفقت سان منهنجي وات ۾ وڌو ۽ دوباره به مبارڪ ڏنائون ۽ پوءِ پاڻ مٺائي مان سوڻ ڪيئون ۽ آخوند صاحب کي فرمايائون ته هاڻ اوهان سوڻ ڪري، پوءِ پيرن کي سوڻ ڪرائي مٺائي وراهيو ۽ ان طرح ئي ڪيو ويو. ياد ڏياريان ته جنهن وقت مون روئي ڏنو ته مرشدنا والد صاحب قبله جن هڪدم مون کي کڻي پنهنجي محبّت ڀري آغوش ۾ ورتو. جڏهن روئڻ بند ڪيم ته پوءِ آغوش مان آزاد ڪيائون، تيتر مِٺيون پي ڏنئون. مٺائي تقسيم ٿي وڃن بعد مجلس برخواست ٿي ۽ مون کي به وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. قبله مرشدنا والد صاحب جن جو اهو پيار اڃا تائين به نه وسريو آهي.

قرآن شريف جي تعليم مڪمّل ڪرڻ بعد ماستر عبدالغفور (2) نالي وٽ سنڌي تعليم جو آغاز ٿيو، جنهن کي (بعد ۾) ماستر حاجي عبدالرحمان (3) انجم هالائيءَ وٽ مڪمل ڪيم. سنڌي تعليم بعد مولوي عبدالحي ڦل پوٽي وٽ فارسي پڙهڻ شروع ڪيم. مولوي صاحب اسان جي عقائد رکڻ وارو ثابت نه ٿيو، ان ڪري کيس رخصت ڏني وئي ۽ وري مولوي محمّد عالم ڊَڀِري واري وٽ پڙهائي شروع ڪيم. مولوي صاحبن وٽ آمدنامو، دو وايو، ٽُوايو، ڪريمه، پندنامو، گلستان، بوستان ۽ ڪجھ حصو سڪندر نامي جو پڙهيم پي، ته پاڻ ڳوٺ روانو ٿيو، ڇو جو والد قبله مرشدنا جن مون کي فرمايو ته ڪتابن جو ايترو علم حاصل ڪرڻ ڪافي آهي، هاڻي وڃي ماڻهن کي پڙهو يعني انهن سان ملاقاتون ڪريو ۽ سندن فيصلا ڪريو ته وڏو تجربو حاصل ٿيندو. (مون پڙهڻ کان ڪڏهن به ڪونه نٽايو) بلڪ ماستر غلام رضا ڀٽي (4) مرحوم وٽ انگرييءَ جا ٽي درجا به پڙهيس. ليڪن ان وقت جي خانداني دستور موجب مون کي (وڌيڪ) اسڪولي تعليم ڪانهَ ڏياري وئي. ان بعد والد صاحب قبله مرشدنا جن مون کي هڪدم (ڊسمبر 1933ع يا جنوري 1934ع) ٿرپارڪر (5) (سانگهڙ ضلعو ڪافي دير سان وجود ۾ آيو.) ضلعي ۾ مريدن جي دعوتن تي موڪلڻ فرمايو. سرديءَ جي موسم هُئي ۽ انهيءَ سفر ۾ اٽڪل ڏيڍ مهيني کان به گهڻو وقت لڳو. روزانو عام توڙي خاص ماڻهن جون ملاقاتون جاري رهيون جنهن ۾ مريدن کان سوا تَر جا خاص ماڻهو به شامل هئا، سندن مطالعي ڪرڻ جو عظيم موقعو مليو. اهڙي طرح قبله والد صاحب مرشدنا جن مون کي هر سال (6) اڪثر دعوتن تي موڪليندا هئا. اِهو سلسلو اٽڪل 8 يا 9 سال جاري رهيو؛ ان بعد قبله والد صاحب مرشدنا جن مون کي ديوانِ حافظ عطا فرمايو ۽ ان تي فالون ڪڍڻ به سمجهايائون ۽ فرمايائون ته ”هن ڪتاب کي چڱيءَ طرح هميشه مطالعه ڪندا رهو“. اڄ تائين به ديوانِ حافظ مون سان گڏ هوندو آهي ۽ ان جو مطالعو جاري رهندو آهي. ديوانِ حافظ تي فالون به ڪڍبيون آهن، جيڪي اڪثر صحيح ثابت ٿينديون آهن.

ان کانسواءِ قبله والد صاحب مرشدنا جن اڪثر روزانه ڏينهن جو 2 بجي کان شام جو 4 بجي تائين پنهنجي صحبت ۾ ويهاري هدايتون به ڏيندا رهندا هئا. سفر ۽ هدايات جو سلسلو سالن تائين جاري رهيو.

راند:

مون مرشدنا قبله والد صاحب جن جي هوندي ئي والي بال راند شروع ڪئي ۽ اڪثر سڀني ميمبرن کان اڳ والي بال گرائونڊ تي موجود هوندو هُئس. حرن واري مارشل لا نافذ ٿي ۽ سال کن جاري رهي. ان وقت والي بال گرائونڊ هالا ٿاڻي جي ڀر ۾ ”پنهوءَ (7) واري باغ“ ۾ هوندو هئو. پنهوءَ واري باغ ۾ هالا ٿاڻي جي وچان صرف لوڙهو هوندو هئو. هالا ٿاڻي ۾ فوج جو مرڪز هئو. هڪڙي دفعي اتفاقاً فوجين کان رائيفل جو فائر ٿي ويو. ان دور ۾ (خصوصاً مارشل لا واري دور ۾) هڪڙو فائر به وڏي ڳالهه هوندي هُئي جنهن جي باقاعده رپورٽ ٿيندي هئي ۽ ان جي جانچ پڙتال ڪرائڻ بعد فائر ڪندڙ کي جوڳي سزا ڏني ويندي هئي؛ سو ان فائر واري واقعي کي درگذر ڪرڻ لاءِ ٻه ٽي فوجي باغ ۾ لنگهي آيا. اسان راند پئي کيڏياسون، ته اسان کان پڇڻ لڳا، فائر هتان ته نه ٿيو وغيره. وغيره. ان واقعي کانپوءِ پنهوءَ واري باغ کان هڪ فرلانگ اوڀر طرف ”سوني (8) واري باغ“ ۾ وڃي پلي گرائونڊ ٺاهي راند شروع ڪئي سون. اها راند ”طالب الموليٰ والي بال ڪلب“ جي نالي سان ٿيندي هئي ۽ اڃا به ساڳئي نالي سان ٿيندي رهي ٿي.

شڪار:

قبله والد صاحب مرشدنا جن جڏهن پهرين دفعه مون کي سانگھڙ وغيره دعوتن تي موڪليو هئو ته منهنجي دل وندر لاءِ ٻه چار بازَ به ڏنائون. جيئن ته اهو سفر ڏيڍ مهيني کان به گهڻو هئو ان ڪري اهو نسخو واقعي ڪامياب ٿيو، روزانه ماڻهن سان ملاقاتن وغيره بعد شام جو شڪار تي وڃبو هئو ۽ ڏاڍو سٺو وقت گذرندو هو.

هڪ ڀيري سياري جي موسم ۾ هڪ ڏينهن شام جو قبله مرشدنا والد صاحب جن مون وٽ منهنجي رهائش گاھ نم واري بنگلي تي آيا ۽ فرمايائون ته اڄ وڏي بنگلي جي ايوان ۾ لطف (9) فقير ليفٽ رائيٽ چوندو ۽ فوجي پريڊ ڪندو پي رهيو، ان ڪري شڪار بند ۽ باز، خانصاحب سائينداد (10) خان ڏانهن موڪليون ٿا. فوراً حڪم جي تعميل ڪئي وئي ۽ باز موڪليا ويا. پوري ٽي ڏينهن انگريز سنڌ ۾ حُرَن واري مارشل لا نافذ ڪئي. جڏهن مارشل لا ختم ٿي ته وري باز گهرائي ڏنا ويا ۽ شڪار شروع ٿيا، روزانه ٻنپهرن جي ماني کائي مختلف طرفن ڏي شڪار تي وڃبو هو ۽ سج لٿي شڪار بند ڪري رات جو موٽي ڳوٺ ڏي اچبو هو. ان زماني ۾ تتر عام جام هوندا هُئا ۽ شڪاري فقط آئون هوندو هئس. (11) اهو زمانو منهنجي پهرين شادي يعني سن 1937ع کان اڳ جو ولي عهديءَ ۽ آزادي وارو هوندو هو جڏهن مرشدنا والد صاحب قبله جن جي روح عالمِ بالا ڏي پرواز (15- ڊسمبر 1944ع) ڪيو ته آئون سجّاده نشين ٿيس ۽ عوام و خواص جو هجوم روزانه مون وٽ موجود هوندو هئو، جڏهن فاتحه خواني وارن جو اچڻ گهٽيو، ته وري اصلي دستور موجب شڪار به شروع ٿيو ۽ والي بال گرائونڊ تي وڃڻ به شروع ڪيم ۽ راند به جاري رکيم.

ننڍپڻ جا دوست:

ننڍپڻ ۾ منهنجا صرف ٻه دوست هئا: هڪڙو سيد حيدر شاھ (12) جيڪو منهنجو ٿڃ شريڪ به هئو ۽ ٻيو پير ميان محبوب علي (13) هئو. منهنجا باقي سڀ دوست وڏي هوندي جا آهن يعني مرشدنا والد صاحب قبله جن جي انتقال کان بعد جا آهن.

ننڍپڻ جا دايا:

مون کي ننڍپڻ ۾ ٽي دايا رکي ڏنا ويا:-

1- دايو هاشم شيدي.

2- دايو مرزا نبي بخش مغل

3- دايو محمّد هاشم سرائي.

دايو هاشم شيدي سن رسيده هئڻ ڪري جلد ئي گذاري ويو. کانئس پوءِ مرزا نبي بخش مغل مقرر ٿيو جيڪو پڻ وڏي عمر هئڻ ڪري جلدي گذاري ويو. بعد ۾ دايو هاشم (14) سرائي رکي ڏنو ويو جيڪو آخر تائين دايو ٿي رهيو. دايو هاشم سرائي ان وقت اٽڪل 50 سالن جي عمر جو هو. سفيد ريش هوندي هئس بيحد بااخلاق ۽ باتميز به هو. قبله والد صاحب مرشدنا جن نارن واري زمين ۽ مال منهنجي حوالي ڪيو ته دائي هاشم سرائي ان جي به سار سنڀار ڪئي. منهنجي وڏي ٿي وڃڻ بعد دايو هاشم، منهنجي وڏي فرزند مخدوم محمّد امين فهيم جو به ڪافي سال دايو ٿي رهيو.

هم ڪلاسي ۽ نوڪر:

1- جمعو جت ولد محمّد عاقل عرف اقو جت (ڪلاسي ۽ نوڪر)

2- رئيس غلام محمّد نظاماڻي (ڪلاسي)

3- کُدو (خدا بخش) صوفيائي ولد عبدالڪريم صوفيائي (نوڪر)

4- برادي (براتي) موچي ولد ڪرڙ موچي (نوڪر)

5- محمود ابڙيجو ولد عبدالڪريم ابڙيجو (صحبتي)

6- قبول شيدي ولد الله ورايو شيدي ولد حاجي جيئندو شيدي (صحبتي)

7- ڦتو (فتح محمّد) ڳاهوٺي (نوڪر)

فارسي تعليم شروع ٿي ته مون سان منهنجو ٿڃ شريڪ نوڪر جمعو (15) جت ۽ رئيس غلام محمد (16) نظاماڻي (وڏي عمر ۾ ڏاڙهيءَ سان) گڏ پڙهندا هئا. رئيس غلام محمُد نظاماڻيءَ کي مرشدنا والد صاحب قبله جن ئي مون سان گڏ پڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ته نظرداري به منهنجي ڪري.

جڏهن تعليم کان فارغ ٿيس ته ڦتو (17) (فتح محمد) ڳاهوٺي ۽ کدو (خدا بخش) صوفيائي (عمر ۾ ذري گهٽ هڪ جيڏو) نوڪر هئا، ڪجهه وقت لاءِ برادي (18)(براتي) موچي به نوڪر ٿي رهيو. هڪ جيڏا هم صحبتي محمود (19) ابڙيجو ۽ قبول شيدي هوندا هئا. ڪي ٻيا ڇوڪرا به ايندا هئا جن جا نالا ياد نه آهن.

شادي:

منهنجي پهرين شادي پير ميان امام علي (20) صديقي جي همشيره سان 26 جون 1937ع ۾ ٿي. ان زماني ۾ محمّد فقير (21) کٽياڻ جي هالا ۾ اچ وڃ ڪثرت سان هوندي هئي. فقير صاحب منهنجي شاديءَ ۾ استاد سينڌي (22) خان صيد کي شڪارپور مان سڏائي محفلون ڪرايون. منهنجي عمر ان وقت 18 سال هئي. استاد سينڌو خان صيد چند سالن هالن ۾ رهڻ بعد وڃي محمّد فقير جي ڳوٺ سليمان کٽياڻ تعلقه هالا ۾ رهيو ۽ اتي ئي وفات به ڪيئين ۽ اتي ئي ميئخانه منصوريءَ تي مدفون به ٿيو. مون استاد صيد مرحوم جي منظوم تاريخ وفات فارسي ۾ لکي جيڪا مندرجه ذيل آهي:

منهنجي پهرين رفيق حيات 24 نومبر 1940ع ۾ وفات ڪئي. منهنجي ٻي شادي مولوي فضل احمد (23) غزنوي جي دختر نيڪ اختر (24) سان 9- ڊسمبر 1942ع ۾ ٿي. ٻئي شاديون قبله والد صاحب مرشدنا جن ڪرايون.

شاعريءَ جي ابتدا:

ڊسمبر 1933ع ڌاري قبله والد صاحب مرشدنا جن مون کي پهرين دفعه ٿرپارڪر طرف مريدن ۾ دعوتن تي موڪليو، اُتي بوڇڻاهه نالي ڳوٺ ۾ منٺار فقير راڄڙ آيو. حاضريءَ تي ۽ باقي سڄو سفر گڏ رهيو.

روزانه هڪڙو ڏهر ٺاهيندو هو جيڪو صحب فقير چانيهو پنهنجي سريلي آواز ۾ ڏيندو (ڳائيندو) هو. اهي ڏهر ٻڌي دل ۾ شوق پيدا ٿيو ته شاعري ڇاهي ۽ روز منٺار فقير ڏهر ڪيئن ٿو ٺاهي! سفر ختم ٿيڻ بعد ڳوٺ آياسون. هڪ ڏينهن هالا جي اُتر طرف شڪار تي وڃڻ ٿيو اُتي ئي مندرجه ذيل شعر في البديهه جهونگاريندي زبان تي آيو جيڪو منهنجي شاعريءَ جي ابتدا پڻ آهي:

يا الاهي يار مون ايندو ڪڏهن

درد دل جو دور هي ٿيندو ڪڏهن

آئون جڏهن ٻئي سال دعوتن تي ويس ته منٺار فقير (25) جو انتقال ٿي چُڪو هو، ان مان حساب لڳي ٿو ته مون جنوري يا فيبروري 1934ع ۾ شاعري شروع ڪئي هوندي. (26)

ننڍپڻ جا ٻه دلچسپ واقعا:

(1)

فارسيءَ جي پڙهائيءَ دوران مون ڦاڙِهي ڌاري هئي. ڇوڪرا (هم صحبتي) چوندا هئا ته ”بابا سائين ڦاڙِهي اڄ ناسڪو پئي هڻي“. آئون پڇندو هوس ته ”ڇا ٿي گهري؟“ ته ڇوڪرا ڪنهن نه ڪنهن تازي فروٽ جو نالو وٺندا هئا. فروٽ ايندو هو ته مون کي چوندا هئا ته ”حويليءَ تي سڏ آهي“. منهنجو وڃڻ ۽ ڇوڪرن جو فروٽ کي چٽ ڪرڻ، مزيدار ڳالهه هي هئي ته دايو هاشم به اچي انهن ساڻ کائڻ ۾ شريڪ ٿيندو هو.

 

(2)

فارسيءَ پڙهندي جڏهن هڪ شعر تي آياسون جيڪو ”شور بختان“ جي نالي سان شروع ٿيو ٿي. استاد ان جي معنيٰ سمجهائي ۽ ٻئي ڏينهن اتفاقاً ان جي معنيٰ منهنجي ملازم ۽ هم سبق جمع جت کان پڇي. جمعي وراڻيو ته ”ڪلراٺو بخت“. ڏاڍو کلياسون ۽ استاد به نهايت محظوظ ٿيو. ڇو ته ”شور“ ڪلر کي به چئبو آهي. دراصل ”شور بختان“ ”بدبختن “ کي چئبو آهي.

 

حوالا

(1)  آخوند ولي محمّد ولد آخوند حافظ حاجي محمّد قاسم، درگاھ شريف جو مجاور هئو. سندس انتقال 30 محرم الحرام 1353ھ/ 15 مئي 1934ع ۾ ٿيو.

(2)  ماستر حاجي عبدالغفور ولد حاجي هدايت الله شيخ، هالن جي پيروائي مُلن مان هئو. 26- جميد الثاني 1366ھ/ بمطابق 18 مئي 1947ع ۾ انتقال ڪيائين.

(3)  آخوند انجم هالائي، هالا جو ڪهنه مشق ۽ صاحبِ ديوان شاعر هو. 15 آگسٽ 1902ع ۾ ڄائو ۽ 1 نومبر 1975ع ۾ انتقال ڪيائين.

(4)     ماستر غلام رضا ڀٽي جي والد جو نالو علي نواز ڀٽو هئو. پاڻ 21 اپريل 1976ع ۾ انتقال ڪيائين.

(5)  اڳ (ان دور ۾) سانگھڙ ٿرپارڪر ۾ شامل هئو جنهن کي خانبهادر غلام محمّد خان وساڻ، پنهنجي سياسي فائدي ۽ سهوليت ڪارڻ خانبهادر ايوب کهڙي وزير اعليٰ سنڌ کي چئي جدا ضلعو ٺهرايو.

(6)     مختلف طرفن جي مريدن ڏانهن دعوتن تي موڪليندا هئا.

(7)  پنهو خان چانڊيو، ڊَڀري وارن چانڊين مان هو، انهي اِهو باغ منهنجي پڙڏاڏي حضرت مخدوم امين محمّد عرف پکن ڌڻي رح 13 هين سجاده نشين درگاھ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور عليہ رحمة جي حڪم تي رکيو.

(8)  سونو خان چانڊيو، پنهو خان جو مائٽ ۽ ڊَڀري وارن چاندين مان هو، جنهن اهو باغ منهنجي ڏاڏي حضرت مخدوم ظهير الدين عرف مخدوم پرو ڄام جن جي حڪم تي رکيو.

(9)  لطف فقير، لسٻيلي جي هڪ وڏي خاندان جو فرد ۽ مجذوب سالڪ به هو. اصل ۾ فوجي ماڻهو هو. مجذوب ٿيڻ بعد باقي عمر هالا ۾ گذاريائين. چون ٿا ته هالا کان ڏکڻ طرف ڳوٺ کنڊو ۾ گهڻو رهندو هو، اتي ئي انتقال ڪيائين ۽ اتي ئي مدفون ٿيو.

(10) خانصاحب سائينداد خان ولد ڪامڀو خان ڇورو مريد به هو ۽ خاص ڌُر به هو.

(11) فيلڊ مارشل صدر ايوب خان جڏهن سنڌ ۾ شڪار ڪرڻ شروع ڪيو ته عوام ۽ خواص به بندوق سان شڪار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو تترن جو ستيائي ناس ٿي ويو. اهو دنيا جو دستور آهي ته وقت جو بادشاھ (صدر وغيره) جيڪو شوق ڪرڻ فرمائيندو آهي ته عوام توڙي خواص به اهو شوق هروڀرو به پورو ڪندو آهي.

(12) سيّد حيدر شاهه ولد سيّد مٺن شاهه اجناڻي 15 ڊسمبر 1919ع ۾ ڄائو. چڱو شاعر به هو. سندس تخلص شروع کان ناعم ۽ پوءِ آخر تائين حيدر هو. آخر ۾ سيشن جج ٿي پينشن تي لٿو ۽ 8 مارچ 1986ع ۾ انتقال ڪيائين.

(13) پير ميان محبوب علي ولد پير ميان غلام سرور ولد پير ميان پنيلڌو پنيلي هالائي.

(14) دايو محمد هاشم ولد غلام محمّد سرائي، وصال 20 جون 1958ع.

(15) جمعو جت بعد ۾ مون وٽ سالن جا سال ڊرائيور ٿي رهيو.

(16) رئيس غلام محمّد خان نظاماڻي (ڪرم خان نظاماڻي ڳوٺ وارو) ولادت: 16 ڊسمبر 1951ع وصال: 1 مئي 1982ع.

(17) ڦتو، پوٽي وارن ڳاهوٺن منجھان هو ۽ قبله صاحب مرشدنا جن وٽ ڪمدار به ٿي رهيو.

(18) برادي (براتي) فقير وصال ڪري ويو.

(19) محمود ابڙيجو حال حيات آهي ۽ هيڊ ماستر جي عهدي تي پهچي رٽائر ٿيو آهي. ولادت: 29 نومبر 1919.

(20) پير ميان امام علي ولد پير ميان محمّد صديق قريشي ويٺل ڳوٺ اُچ شريف (لاڙ) ضلع بدين، حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور عليہ رحمة جي فرزند مخدوم امين محمّد اول جي ٻئي نمبر فرزند پٽ ميان فضل الله جي اولاد مان هئو. سن 1973ع ۾ انتقال ڪيائين.

(21) محمّد فقير کٽياڻ ولد حيدر خان کٽياڻ ولادت: 1876ع وصال: 4 فيبروري 1941ع.

(22)  استاد سينڌو خان ولد هِندو خان ولادت: (اندازاً) 1880ع وصال: 17 فيبروري 1940ع.

(23) مولانا فضل احمد غزنوي ولد مرحوم سردار الله بخش 26 آڪٽوبر 1906ع ۾ ڪوئٽا ۾ تولد ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا صاحب هندستان، ايران، عرب ۽ مصر جا سفر ڪيا. عليڳڙھ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ مان عربي فارسيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. سيرت نبويﷺ تي به هڪ جامع ڪتاب تحرير ڪيائين. 4 ڊسمبر 1986ع تي وڏي عمر ۾ انتقال ڪيائين.

(24)  جا، بي بي نيڪ نمازي ۽ تهجد گذار به آهي. الحمد الله.

(25)منٺار فقير ولد قبول محمّد راڄڙ وصال: 16 جنوري 1935ع.

(26) ديوان طالب الموليٰ جي ص 80 تي، شاعريءَ بابت نوٽ درست ڪونهي. نئين تحقيق موجب جيڪو سن صحيح ثابت ٿيو، اُهو مٿي ڄاڻايو ويو آهي.

”مهراڻ“ ٽماهي نمبر 3/1992ع

وڏو ماڻهو نه عُهدي ساڻ ٿيبو

وڏائي جو سبب اخلاق آهي

تڪبّر ذات تي جي ٿئو ته ڇا ٿئو

عمل ري ڪنهنجي عزّت ڪابه ناهي.

 

مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ

1953ع

 

"سنڌي ادبي بورڊ" جو ٺهراءُ

 

”اڙدو جي قومي زبان طور اهميت کي محسوس ڪندي، هيءُ ’بورڊ‘ قومي تعليمي ڪميشن جي عمل هيٺ ايندڙ انهن سفارشن کي خلوص دل سان ساراهي ٿو، جن مطابق سڀني شاگردن لاءِ اڙدو کي (1) مڊل، اعلى ۽ اعلى ثانوي درجن لاءِ هڪ لازمي اڀياسي مضمون، ۽ (2) بي. اي. لاءِ هڪ اختياري مضمون ٺهرايو ويو آهي.

”بورڊ کي، بهرحال، ڪميشن جي انهن سفارشن ۾ ڪو فائدو نظر نٿو اچي، جن جي بنياد تي،

(الف) تسليم شده تعليمي اصولن جي اُبتڙ، جيڪي ٻارن کي سندن مادري زبان ذريعي سکيا ڏيڻ جي حمايت ڪن ٿا، اڙدو کي پرائمري سطح تي هڪ لازمي مضمون طور متعارف ڪرايو ويو آهي؛ ۽

(ب) تجويز ڪيو ويو آهي ته اڙدو زبان، عبوري مدت بعد، ثانوي ۽ اعلى ثانوي سطح تي تعليمي ۽ امتحاني ذريعن طور سنڌيءَ جي جاءِ والاري.

”انهيءَ  نازڪ مسئلي تي هن علائقي جي شاگردن، مائٽن ۽ عام خلق جي احساسن جي ترجماني ڪندي، بورڊ جي زوردار راءِ آهي ته مٿيون سفارشون، قومي مفادن کي محسوس ڪرائڻ بجاءِ، متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي تعليمي اختياريءَ وارن خلاف مسلسل شڪايت جو موقعو ڏينديون.

”... سنڌي زبان کي پنهنجي موجوده درجي ۽ اُنهيءَ اهم مقام کان محروم ڪرڻ سان، جيڪو مقام کيس هن علائقي جي ثقافتي نظام ۾ حاصل آهي، حڪومت سنڌي ڳالهائيندڙ عوام جي احساسن کي مجروح ڪندي، ۽ کين ون يونٽ اندر پنهنجي حيثيت ۽ ترقيءَ بابت غير سلامتيءَ جو بيجا احساس ڏياريندي.

”انهن حالتن جي مدنظر، سنڌي ادبي بورڊ گذارش ٿو ڪري ته هن علائقي ۾ زبان جي مسئلي تي نظرثاني ڪئي وڃي، ۽ تجويز ٿو ڪري ته

(1) سنڌيءَ جي موجوده تعليمي ۽ امتحاني حيثيت برقرار رکي وڃي؛ ۽

(2) اڙدو کي پرائمري سطح تي ٻارن لاءِ لازمي نه سمجهندي، ان کي نئين تعليمي نظام ۾ ڇهين کان ٻارهين درجي تائين، يعني ثانوي ۽ اعلى ثانوي سطح تي، هڪ لازمي مضمون طور متعارف ڪيو وڃي.“ [اقتباس]         [6- آڪٽوبر، 1962ع]

”مهراڻ“ ٽماهي نمبر 2/1962ع

 

 

طالب الموليٰ

سوچ، ترتيب ۽ پرک

 

(1)

 

ڪنهن جي چوڻيءَ موجب ته، ”فکر هر کس بقدر همت اوست“ يعني هر شخص جي سوچ ان جي همت موجب هوندي آهي. عمر سارو ساڳيو ماڻهو شباب ۾ هڪ طرح سان، جوانيءَ ۾ ٻيءَ طرح سان ۽ پيريءَ ۾ بلڪل ٽيءَ طرح سان سوچيندي آهي. ساڳيءَ طرح هڪ ئي ڪلام کي صوفي هڪ نموني سان، مئڪش ٻئي نموني سان، فلسفي ٽئين نموني سان ته ملا چوٿين نموني سان سوچيندو وغيره وغيره.

وڏڙيءَ عمر ۾ جڏهن سڀ اُميدون لهي وينديون آهن ته همراه پوءِ مسجد وغيره رخ ڪندا آهن يا گوشه نشين ٿي خشڪ نصيحتون ڪرڻ فرمائيندا آهن. اهو به چڱو.

 (2)

ترتيب

 

آءُ پهريون شاعر آهيان، جنهن شروع کان ئي پنهنجو ڪلام تاريخ وار لکيو آهي ۽ ڪتابن ۾ به ڪلام تاريخ وار لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ طريقي مان خبر پوي ٿي ته شاعر جي خيالن ۾ تصورن ڪيئن ڪيئن ڪم ڪيو آهي.

سنڌي شاعرن جيڪا ………… يعني عورت جي زبان ۾ شاعري ڪئي آهي. ان ۾ آمرن، ظالمن ۽ زور آورن وغيره وغيره کي اهڙيءَ طرح ته ڪناين ۽ اشارن ۾ خوب سجاڳ ڪيو آهي. جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ رومال ۾ ويڙهي هُنن کي اهڙو ته پنجو هنيو آهي، جو تاقيامت قائم رهندو. هن حقير جي شاعريءَ ۾ به اهو رنگ ڪنهن حد تائين سمايل آهي. حقيقت ۾ شاعرن جو شهشاهه ۽ سلطان لطيف رح آهي.

دستور آهي ته ڪوبه ڪتاب جڏهن ڇپايو ويندو آهي ته ان لاءِ ڪنهن صاحب کان به پنهنجي نثريا نظم وغيره جي تعريف ۾ ٻٽي اکر لکايا ويندا آهن. اهو دستور به ڪو غلط ڪونهي، ڇو ته اهو صاحب ئي مواد جي سمجهائي ڏيندو آهي، جا هڪڙي طرح ضروري به چئبي، پر مون هن ڀيري انهين هن ڪري نه ڪيو ته فقط پنهنجي راءِ ئي ”ڪافي“ لاءِ ڪافي سمجهيم. اُميد ته هر ڳالهه اکين آڏو اچي ويندي ۽ ذهن نشين ٿيندي. ڪافي بابت منهنجي راءِ اڳتي پڙهندا، جنهن جو عنوان آهي ”پرک“.

دستور آهي ته ڪو به ڪتاب جڏهن ڇپايو ويندو آهي ته ان لاءِ ڪنهن صاحب کان به پنهنجي نثر يا نظم وغيره جي ”ڪافي“ صرف زباني پڙهبي ته به سٺي هوندي ته وڻندي، پر جي پاڻ ڳائي پڙهبي ته ڪجهه وڌيڪ وڻندي. مگر ڪنهن سريلي ڳائڻي کان ٻڌبي ته نئين ۾ گهر ڪري ويندي. يني سريلو ڳائڻو حسين ڪافيءَ کي حسين تر بنائي ڇڏيندو. هن وقت منهنجو اشارو موسيقيءَ ۽ سريلائپ جي شهزادي عابده پروين ڏي آهي، اها صاحبه جنهن به ڪافيءَ کي ڳائي ٿي ته ان ڪافيءَ جي خوش قسمتي آهي.

 (12 ضۆڷ 1987)

(3)

پرک

 

شاعر روزمره جي واقعن ۽ حادثن وغيره وغيره جو مشاهدو ڪري ٿو. عجيب و غريب حالات مان گذري ٿو، کيس ڪيترن ئي قسمن جون ڳالهيون پيش اچن ٿيون، ڪيئي تجربا ۽ تجربا ڪري ٿو، تنهنڪري پنهنجي ڪالم ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪناين، اشارن، ستعارن ۽ تشبهن وغيره سان رکي ٿو. شاعر جي مئي پرستي ميخانه نواري، ساقيءَ جي مئي فروشي ساغرو پيماني جي گردش، رندانه قلندرانه گفتا، عاشق و معشوق جون رمزون ۽ گل و بلبل وغيره جي پردي ۾ مختلف گروهن، طريقن، فرقن، زاهد و عابد، مفتي و ملا ۽ محتسب وغيره، پيري و مخدوميءَ جي ظاهرداريءَ جي خبرگيريءَ سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي موضوعن تي ڪنته چيني ڪندي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻ کان به نه گسندو ۽ نه مڙندو آهي ته ڪنهن ڪنهن وقت ذاتي تعريف ڪرڻ مان نه داپيندو آهي.

 

طالب الموليٰ

مثنوي عقل و عشق جي تصنيف جو پسمنظر

 

مون کي چٽو ياد آهي ته جناب عموي صاحب مرحوم مخدوم غلام حيدر جن وٽ جڏهن پارسي پڙهي رهيو هوس، ته ان زماني ۾ هڪ ماڻهوءَ سان، جنهن جو نالو ياد نه آهي، عقل ۽ عشق تي تبادله خيالات ڪري رهيا هئا، ان کانپوءِ جلدئي منهنجي تعليم لاءِ هڪ عالم مقرر ڪيو ويو.

هڪ دفعي عمومي صاحب جن دستور موجب سبق ٻڌڻ لڳا. ان وقت آءُ ”گلستان“ جو پنجون باب پڙهي رهيو هو، جو باب عشق تي آهي. مون سان به پاڻ عشق ۽ عقل بابت سوال ڪرڻ لڳا. مون عشق تي ڳالهايو جيئن مونکي پنهنجي مرسد (والد صاحب قبله) عشق بابت سمجهايو هو. آخر عمومي صاحب جن چيو ته ”ابا انهيءَ حقيقي عشق جا اسين به قائل آهيون، جنهن انهي عشق جي دامن جهلي ان جا بيڙا پار آهن“ ۽ مثنوي روميءَ مان هي شعر پڙهيائون.

ملت عشق از همه دينها جدا است

عاشقان را مذهب و ملت خدا است.

اهو زمانو اڄ کان اٽڪل ويهه سال اڳ جو هو. ان بعد وري 1951ع ڌاري وٽن ساڳيو بحث ڇڙيو ۽ پاڻ فرمايائون ته عقل ۽ عشق تي ڪنهن محفل ۾ تبادله خيالات ٿيڻ گهرجي ۽ آءُ پنهنجو تصور نظم جي صورت ۾پيش ڪريان. چانچه هي شعر بروقت لکيو ويو.

بي تحرڪ زندگي بيڪار آهه،

بي عمل انسان ڄڻ بيمار آهه

پوءِ پروگرام ٺاهيو ويو ۽ انجمن علم و ادب هالا جي انتظام هيٺ تبادله خيالات ٿيڻو هو، مگر ڪن سبب ڪري اهو پروگرام ملتوي ڪيو ويو ۽ ٿوري وقت بعد مرحوم عمومي صاحب جن به بي خوش ٿي پيا ۽ 27 رمضان المبارڪ 1372 هه مطابق 9 جون 1953ع تي دارالبقا ڏي رهلت ڪيائون.

 

افسوس جو سندن موجودگيءَ ۾ اهو پروگرام پيش نه ٿي سگهيو. چانچه هن مثنويءَ کي سندن نامي ۽ اسم گرامي سان منسوب ڪريان ٿو.

(هي مثنوي 22 نومبر 1954ع – ربيع الاول 1374هه تي لکڻ شروع ڪئي وئي ۽ 29 نومبر 1954ع-2 ربيع الثاني 1374هه تي پوري ٿي.)

طالب الموليٰ

        ڪتاب بابت

 

سنڌي ادب ۾ هڪ اهڙي ڪتاب جي ضرورت هئي، جو سنڌي شاعري جي صنف ”ڪافي، تي روشني وجهي. هن کان اڳ ڪافي بابت ٻن چئن مضمونن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به لکيل ڪونه هو. پاڪستان بنجڻ کان اڳ فقط ايراني شاعري (غزل وغيره) جي اهل ڪئي ويندي هئي ۽ درسي ڪتابن ۾ به رڳو ان شاعري جي فن بابت ڪجهه ڪجهه سمجهاڻيون ڏنل آهن. 1950ع کان به اڳ ۾ مون محسوس ڪيو ته جيڪڏهن ديسي شاعري (بيت ۽ ڪافي) ڏي عام توڙي خاص ماڻهن جو رخ نه رهيو ته اهو فن اڃا به گهڻو پوئتي پئجي ويندو. هالن ۾ حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليہ الرحمہ جي درگاهه تي سندن حياتي کان وٺي اڄ تائين هرهڪ اسلامي مهيني جي پهرين سومار تي ننڍڙو ميلو لڳندو آهي. ان ڏينهن ذڪر و فڪر وغيره کانسواءِ سماع جي محفل به ٿيندڙ آهي. ان محفل ۾ ڪافيون ۽ بيت ڳايا ويندا آهن. نه رڳو ان محفل کي زور وٺايو ويو، بلڪ سومار جي رات ڪافي جا ننڍڙا مشاعرا به شروع ڪرايا ويا. جيئن ته ان ڏينهن تي، خاص طرح منهنجي وڏي چاچي مرحوم ميان عبدالحسين وٽ هميشه لوڪ ادب جي ڪچهري ٿيندڙ هئي ۽ پاڻ به ڏور ۽ ڳجهارت جو وڏو ڄاڻو هو، انهن سڀني ڳالهين کي خيال ۾ رکي سنه 1952ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح علامہ آءِ.آءِ. قاضي صاحب ڪيو. ان ڪانفرنس جي هڪ خاص وهڪ (نشست) لوڪ ادب لاءِ رکي ويئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي ۽ مقالو به پڙهيو. محترم عبدالڪريم سنديلي به پنهنجو مقالو پڙهيو. انهي ئي ڪانفرنس جي هڪ وهڪ ۾ ڪافيون ڳارايون ويون؛ الغوزن ۽ مُرلين وغيره جو مظاهرو به ڪرايو ويو. اُها اِهائي محفل آهي، جتي لوڪ ادب گڏ ڪرڻ جي رِٿ آئي ۽ اهو ڪم نيٺ سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي هٿ ۾ کڻي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حوالي ڪيو ۽ اڃا تائين اهو ڪم ٿي رهيو آهي. نه فقط ايترو پر اُها به اِهائي محفل هئي، جنهن ۾ مزاحيه ڪانفرنس گهرائڻ جو ارادو دوستن کي ٻڌايو هئم، جن دوستن مان هڪ ڊاڪٽر بلوچ به آهي. مزاحيه ڪانفرنس جي محفل جو انتظام 14- آڪٽوبر سنه 1961ع بيسنت لاج حيدرآباد ۾ پنهنجي ذاتي ڪوشش ۽ ذاتي خرچ تي ڪيم، جا نهايت ڪامياب ٿي. هن ڪانفرنس جي ڪاروائي ڊاڪٽر بلوچ صاحب هلائي ۽ باقي انتظام بزمِ طالب الموليٰ شاخ هالا رکيو. اهڙي طرح هڪ محفل سنه 1951ع ۾ وري سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ ڪئي ويئي، جنهن جي صدارت عمويم مرحوم مخدوم غلام حيدر ڪئي. سنڌ جي نامورن شاعرن ڪلام پڙهيو ۽ وقت جو حيدرآباد جو ڪليڪٽر آغا عبدالنبي به محفل ۾ شريڪ ٿيو. اِها اُها محفل آهي، جنهن ۾ ڪافين ڳارائڻ سان گڏ مرحوم شاهه محمد نابينا نئي نواز پيش ڪيو ويو هو ۽ انهي ئي محفل کان بعد ادبي محفلن ۾ ڪافيون ڳارائڻ، الغوزا ۽ نڙ وڄارائڻ وغيره جو دستور قائم ٿيو.

ڪجهه سال اڳ مرڪزي حڪومت ۾ هڪ وزير محترم پير علي محمد راشدي به هو، پير صاحب مقاله نويس، مضمون نگار ۽ سٺو اديب آهي ۽ ان سان گڏ سخن فهم پڻ آهي. پاڻ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي هڪ مشاعري جو بندوبست ڪيائين، جنهن ۾ فقط ڪافي لکڻ وارا شاعر گهرايا ويا ۽ ڪافيون ئي پيش ڪيون ويون. مشاعرو نهايت ڪامياب ٿيو ۽ ماڻهن جو توجهه ڪافي ڏي ٿيو ۽ شاعرن ڪافيون لکڻ شروع ڪيون. ان وقت ضرورت محسوس ٿي ته ڪافي تي ڪو ڪتاب هئڻ گهرجي ۽ بسم الله ڪري لکڻ شروع ڪيم، جو اڄ پڙهندڙن جي آڏو آهي. اميد ته هي ڪتاب ”ڪافي“ بابت سنگ بنياد جي حيثيت رکندو ۽ انهي صنف تي لکندڙن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو.

سنڌي جي صورتخطي ۾ سڌارو آڻڻ گهرجي. ان بابت سڄي ڪتاب ۾ جدا جدا هنڌن تي اشارا ڏنل آهن ۽ خاص طور ميڙ چونڊ نمبر1 ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي. ڪي اهڙا لفظ آهن جي ٻه گڏجي هڪ معنيٰ ڏين ٿا، مثلاً ”اڄ ڪلهه“ يا “سڀ ڪجهه“ وغيره، ته اهڙن لفظن کي گڏي لکڻ گهرجي جن جي صورتخطي هن طرح ٿيندي: ”اڄڪلهه“ ۽ ”سڀڪجهه“؛ يا وري ڪي اهڙا لفظ آهن جن جي لکت هڪ جهڙي پر معنيٰ جدا جدا آهي، مثلاً ”گهَرُ“ ۽ ”گُهَرۡ. گهر“ ان جاءِ تي چئبو جتي هميشه رهبو هججي ۽ گُهَرۡ جي معنيٰ آهي موتي. پهرين لفظ ۾ فقط ٻه اکر آهن ۽ ٻي لفظ ۾ ٽي اکر. تنهنڪري نمبر 1 ۾ گـ ۽ هـ کي گڏي لکجي ۽ نمبر 2 ۾ هـ گ کان پرڀرو ڪري لکجي. انهي قسم جي لفظن کي هن ڪتاب ۾ ڪٿي گڏي ۽ ڪٿي جدا ڪري لکيو ويو آهي، تان ته پڙهڻ بعد خاص طرح اوڏهين خيال ڇڪجي.

اهي واحد مؤنث يا مذڪر لفظ جن جي پڇاڙي ۾ ”ي“ آهي، تن ۾ فعل متعدي يا حرف جر واري جملي ۾ جمع لکڻ وقت آخري نون کان اڳي ”ي“ لکي ويندي آهي ۽ واقعي انهن ۾ ”ي“ آهي به. پر جيئن ته هن زماني ۾ ڳالهائڻ وقت گهڻو ڪري ”ي“ ڪم ڪانه ٿي آندي وڃي، تنهنڪري هن ڪتاب ۾ به انهن لفظن مان ”ي“ ڪڍي ويئي آهي. مثلاً شادي، ان جو جمع شادين يا بيماري ان جو جمع ٿيندو بيمارين وغيره. مگر ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي شادن ۽ بيمارن وغيره وغيره. انهيءَ، منهنجيءَ ۽ ڌيءَ وغيره جهڙن لفظن مان ”ء“ ڪڍي فقط ”ي“ تي زير ڏئي ساڳيو مطلب ورتو ويو آهي، ڇو ته ڳچ زماني کان ڳالهائڻ ۾ اهي لفظ ان طرح ئي ڳالهايا وڃن ٿا، ته پوءِ ڇو نه لکت ۾ به اينهين هئڻ گهرجي. ”ي“ ۽ ”ء“ کي گم ڪرڻ سان شاعري جي وڍ ڪٽ واري فن ۾ تڪليف ڪانه ٿيندي.

هر ڪتاب ۾ عنوان ٿيندا آهن. جن کي سَرو (عنوان يا هيڊنگ چئبو آهي) ۽ هن ڪتاب ۾ به آهن. انهن سرن جي عربي ۽ فارسي لفظن کانسواءِ هڪ لفظ انگريزي به آهي. انهن جي بدران به ڪوشش ڪري عنوان يا ٻين هنڌن تي سنڌي لفظ ڪم آندا ويا آهن، مثلاً:

1.     

فهرست جي بدران

ڄاڻَ

2.    

فٽ نوٽ جي بدران

واڌارا

3.    

انتساب جي بدران

سَڃَ

4.    

شڪريه جي بدران

ٿورا

5.     

ضميمي جي بدران

ميڙ چونڊ

6.    

فرهنگ يا لغت جي بدران

اُپٽار

7.    

پيش لفظ جي بدران

اڳياڙي

8.    

سوانح عمري جي بدران

حياتيون

9.    

تنقيد جي بدران

ڇنڊڇاڻ

10.              

تقطيع جي بدران

وَڍ ڪُٽَ

11. 

تقليد جي بدران

اهل

12.              

گرامي جي بدران

جوڙجڪ

13.              

اجنبيت جي بدران

ڌاريائي

14.              

تعريف يا تعارف جي بدران

ساراهه

15.              

اشتقاق جي بدران

ڀڃ گهڙ

16.              

وزن جي بدران

گهاڙيٽو

جن سڄڻن جا نالا ڪتاب ۾ آهن. انهن مان گهڻن جون مختصر حياتيون به ڏنيون ويون آهن ۽ جيترو ٿي سگهيو آهي ته سندن تصويرون به هٿ ڪري ڏنيون ويون آهن.

اُپٽار ۾ نه فقط لفظن جي معنيٰ ڏنل آهي پر شرح به آهي. مختلف گهراڻن، دورن، ڪتابن ۽ شهرن وغيره جا احوال به ڏنا ويا آهن. مٿين لکيل مڙني چڱاين جي ڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌي زبان ۾ انهي نموني جو هي پهريون ڪتاب آهي ۽ اميد آهي ته محنت ساڀ پوندي ۽ ڪوشش قدر جي نظرن سان ڏٺي ويندي.                                          (ڪتاب: ”ڪافي“، بزم طالب الموليٰ تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org