سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:23 

نذير ناز

 

 

 

 

19 صدي جو عظيم انسان

محترم قبله سائين مخدوم طالب الموليٰ

 

ڪتابن جا پنا اُٿلائيندي ڪنهن انگريز شاعر جون هيءُ سٽون پڙهيون هيم:

Lives of great men all remind as

We can make our lives sub lime

And departing leave behind us

Foot Prints on the sands of time.

يعني ”عظيم انسانن جا جيون اسان کي يادگيري ڏيارين ٿا ته اسان پنهنجون زندگيون شاندار بڻايون ۽ جڏهن هن دنيا مان لڏي وڃون، تڏهن وقت جي واريءَ تي پنهنجا نشان ڇڏي وڃون.“ شعر مطابق ته:

جي پنهنجو نور نچوئي ويا

۽ ڇا، ڇا موتي پوئي ويا

پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾

هوءَ پنهنجي جوت جلائي ويا.

 

سنڌ جي هن عظيم ڌرتيءَ تي هزارين انسان آيا ۽ پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ هن ڌرتيءَ کي سونهن ۽ سندرتا بخشي. جڳ ۽ نانءُ ڏنو، لوڪ آڏو پنهنجو نانءُ وٺڻ جي قوت ڏني. اهڙن ئي هيرن منجهان محترم مخدوم قبله طالب الموليٰ جو نالو ڪنهن کان وسرڻ جوڳو ناهي.

موت جنهن زندگين کي شڪست ڏني، انهيءَ موت کي به قبله سائين طالب الموليٰ شڪست ڏني ۽ اَمر بڻجي ويا. امرتا ڪنهن ڪنهن کي ملندي آهي ۽ اها امرتا خود محترم قبله سائين ڏانهن آئي آهي.

ڪنهن چيو آهي ته:

ياد پرين اڄ آيا آهن

اکڙين مينهن وسايا آهن

ياد ڪري اڄ تن جون ڳالهيون

نيڻن نير وهايا آهن.

محترم قبله سائين جي ياد، هڪ دور جي ياد آهي. تاريخ ورائي ڏسو، حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي حضرت ﷴ مصطفيٰ ﷺ تائين سوا لک نبي آيا، جن انسانذات جي ڀلائي ۽ بهتر سيرت جو درس ڏنو. ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جا ڏک دُور ڪرڻ جو پيغام ڏنو. سک ۽ سلامتي جو اعلان ڪيو ۽ اسلام جي روپ ۾ ۽ قرآن مجيد جي موجودگي ۾ هڪ روشن راهه ڏني ۽ منزل جو ڏس ڏنو.

نبي آخرالزمان حضرت ﷴ مصطفيٰ ﷺ جن فرمايو ته: منهنجي اُمتن مان ڪي اهڙا به هوندا جيڪي بني اسرائيل جي رسولن جي مٽ هوندا.

يعني گل جي خوشبوءِ ڏيڻ لاءِ عطر ۽ عرق موجود هوندو، دنيا کي خوشبو ملندي رهندي ۽ دنيا کي بدبوءِ دار ٿيڻ نه ڏبو… وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، انسانذات جي ڀلائي لاءِ خدا جا نيڪ بنده ايندا رهيا ۽ پنهنجي ايمان جي جوت جلائيندا رهيا، اهڙن لکن هيرن منجهان محترم قبله سائين طالب الموليٰ به پنهنجو وارو وڄايو سندس ذات انسانيت لاءِ وقف هئي.

انسان جو درس سندس درس هو. دوستن تي مهربان ۽ شفيق هو ۽ وري دشمن تي نوازش قبله سائين ۾ سچائي به هئي ته وفاداري به، نهٺائي به هئي ته نماڻائي به، سندس نظر ۾ اميري ۽ غريبي ۾ ڪو فرق ڪونه هو. سندس در تان هر ڪنهن کي انصاف پلئه پيو.

محترم قبله سائين جو هڪ طرف نه وسرندڙ ڪردار هو ۽ ٻي طرف لازوال روپ هو. علم و ادب جون رهاڻيون هجن. ثقافتي ۽ سماجي ميڙ هجن، هر طرف قبله سائين جي آواز جو پڙاڏو هوندو هو.

آهي تنهنجو قسم تنهنجو آهيان صنم

مان، تولئه ورتو يار جنم

(طالب الموليٰ)

واقعي هو اسان جو هو ۽ اسان جي لئه هن عظيم شخصيت جنم ورتو هو، محترم قبله سائين ادب جي جنهن ريت خدمت ڪئي آهي، سا صدين تائين وسارڻ جوڳي ناهي، سندس سوچن ۽ خيالن جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ سندس شاعريءَ نواڻ ڏني، نيون تشبيهون ڏنيون، نيون معنائون مليون ۽ نوان خيال مليا. سچ ته سنڌي زبان کي جلا بخشيندڙ هو ۽ نظم ۽ ڪافي کي هڪ نئين سگهه بخشي هئائين.

سندس ڪلام ۾ ظاهري خوبيون به آهن ته معنوي وصفون به آهن سنڌي زبان جون ترڪيبون، جملا، پهاڪا، محاورا اهڙي ريت پنهنجي ڪلام ۾ سنواري ڪم آنديون اٿس جو هڪ پڙهندڙ جي دل ۾ گهر ڪيو وڃن، هڪ شعر جي خوبي هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو ٻڌندڙ يا پڙهندڙ تي ان جو پورو، پورو اثر پئجي نه سگهي پاڻ فرمايو اٿن ته:

محب آهي منهنجو ماکيءَ کان به مٺو

اينهين ڪنهن نه ڏٺو

جيئن مون ڏٺو محبوب کي.

شعر جي لفظن کي پروڙيو، ڪيئن نه انساني فطرت جي ترجماني پيا ڪن. قبله سائين کي سنڌي ادب جي سرجڻهارن ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي. سندس ڪلام جي آئيني ۾ ڏسڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته محترم قبله سائين هڪ باڪمال شاعر هئڻ سان گڏ، پنهنجي وقت جو هڪ عظيم مفڪر پڻ آهي. هڪ ڏاهو پڻ آهي، جنهن جي ڏاهپ ڀرين نڪتن ۾ پاڪيزگيءَ آهي ته سچائي به. ماضيءَ جا نقش به چٽيل اٿس ته حال کي جاڳايو به اٿس ۽ وري مستقبل، هڪ سهڻي مستقبل جو خواب اکين ۾ سجايل به اٿس.

پيار ۽ محبت شاعرن جو دلپسند موضوع رهيو آهي ۽ ڌرتيءَ جو ڪوبه اهڙو شاعر ڪونه رهيو آهي جنهن محبت کي مرڪز نه بڻايو هجي. قبله سائين جو به پورو ڪلام محبت سان ئي رچيل آهي. سندس ئي ڪافي چوان ٿي:

ڪنهن سانولڙي جو خواب آهي

ڪن جذباتن جو جواب آهيان

وري سندس عشق لاءِ اظهار هنن لفظن ۾ ڏسو:

                        منهنجو عشق امام

ان جو پيرو، اصلئون آهيان

طالب مولا تنهنجي طلب پو

دل تي پاتو دام

ڪيئن ته قبله سائين سادگي سان عشق کي پنهنجو امام قرار ڏنو آهي، سندس ڪلام ۾ سچائي،
حب الوطني، خداپرستي ۽ عشقِ رسولؐ جهڙا جذبا به گوناگون ڀريل آهن. اها ناقابلِ انڪار حقيقت آهي ته جيڪا سلاست، سادگي، لفظن جي بيهڪ ۽ دلي تاثير سندس شعرن ۾ سمايل آهي سو اوهان کي ٻين ٻولين جي شاعرن جي ڪلام ۾ ورلي ملندو. قبله سائين جي ڪاوشن جو ڳاڻيٽو ڪونهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي ترقي هجي يا بورڊ جي ملازمن لاءِ سهولتن جو مسئلو هجي، ادبي رهاڻيون هجن يا وري هالا شهر ۾ ”انجمنِ علم و ادب جو قيام“ هجي، ”پريس الزمان“ قائم ڪرڻ هجي يا هفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ جو اجراءُ ڪرڻ هجي، ماهوار رسالا ”فردوس“ ۽ ”شاعر“ هجن يا سنڌي شاعرن جي جماعت ”جمعيت الشعراء“ جو قيام هجي، ”روح ادب“ جي نانءُ سان ادارو به قبله سائين جي ڪاوش هئي ۽ اداري پاران ماهوار ”روح ادب“ ڇپائي پڙهندڙن تائين پهچائڻ به سندن ڪارنامو آهي.

قبله سائين جون خدمتون سمنڊ بيڪران جيان آهن، هٿ وجهبو ته موتي ۽ ماڻڪ پلئه پوندا. قبله سائين عورت جي حيثيت کي به مانُ ڏنو ۽ سندس ئي نيڪ جذبي سان سنڌي ادبي بورڊ پاران سنڌ جي عورتن لاءِ ٽماهي ”سرتيون“ جو اجراءُ ٿيو. سندس عظيم سوچ هئي ته هن رسالي ذريعي سنڌ جي نياڻين منجهه شعور جو ڏيئو چمڪائجي ۽ اڄ سندس عظيم سوچ کي مڃتا ملي آهي جو ”سرتيون“ هر گهر جي رونق آهي.

محترم قبله سائين جي زندگي ڀرت ڀريل چادر جيان آهي جنهن تي اڻ ڳڻيا رنگ چٽيل ۽ ڀريل هوندا آهن.

قبله سائين جي زندگيءَ جا به ڪئين رنگ آهن. ٿر ۾ ڪنهن وڻ جي ڇانوري جيان هڪ گادي نشين- سمجهه ۽ سرت ڀريو سياستدان، زندگيءَ جا فطرتي رنگ چٽيندڙ شاعر، سماج سڌارڪ ۽ ٻين انيڪ رنگن سان رنڱيل هي عظيم شخصيت اسان کان جسماني طور جدا آهي مگر سندس روحاني رشتو اڄ به اسان سان قائم آهي. کيس ڀيٽا ڏيندي سندس ئي لفظن ۾ چوان ٿي:

لکين لڙڪ لوڪان مون وهايا

مگر درد، دل جا نه ڪنهن کي ٻڌايا

سوا صبر جي ٻيو ڀلا ڇا ڪيان مان

سندس سور، غيرن کي ڪيئن مان چوان ها

هئا هُن جا، تڏهن مون سيني سان لايا

لکين لڙڪ لوڪان لڪي مون وهايا.

 

پروفيسر شاهجهان پنهور

 

اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا

 

سرزمين سنڌ جيڪا الله وارن جو گهر آهي، جنهن ۾ درويشن جا دونهان دکن، محبت ۽ سچائيءَ جا داستان ملن، جنهن ۾ شاهين ۽ شهباز رهن، انهيءَ سدا بهار سرزمين سنڌ اهڙن اڻموٽ بيباڪ بهادر، اصول ۽ خودداري، علم و ادب، فهم و فراست، سچ ۽ سياست، خدمت خلق ۽ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ سماج ۾ اڻمٽ نقش ڇڏيندڙ انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن جي خدمتن کي ڪڏهن به تاريخ جي ورقن تان ميساري نٿو سگهجي.

ڪي ماڻهو اقتدار پاور ۽ پيسي سان ماڻهن تي حڪمراني ڪن ٿا ۽ شهرت حاصل ڪن ٿا پر هن زرخيز سرزمين سنڌ ڪي اهڙا جوڌا جوان، درويش ۽ فرشتا صفت انسان به پيدا ڪيا، جن پنهنجي مٽيءَ سان محبت ڪندي، ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو ۽ ساڻن اهڙو روحاني رشتو جوڙيو، جيڪو روز آخر تائين پڪو ۽ پختو آهي. اهڙين هستين ۾ ٻه نمايان شخصيتون جيڪي گذريل صدي جي سونهن هيون، تن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ شامل آهن. سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن مان سندن ياد سندن سار سيني ۽ ساهه کان جدا نٿي ٿي سگهي.

اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،

ڳوڙهن جون ڳلن تان، بوندون بس نه ڪن،

سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.

سنڌو درياءَ جي ڪنڌي تي آباد شهر هالا جي مشهور شخصيت فقير درويش صفت انسان مخدوم طالب الموليٰ جيڪو درگاهه مخدوم نوح عليه رحمت جو سجاده نشين به هو. ظاهري طرح هڪ پير، مخدوم، سر تي دستار ٻڌل، مرشديءَ جو لباس پهريل، نظر ايندڙ شخصيت هو، پر اندر ۾ ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن سان محبت ڪندڙ، نرم حليم، خوش اخلاق، سادو سٻاجهو، سنڌي ثقافت ۽ روايتن جو امين ۽ دشمن نواز انسان هو، جنهن ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو، جيڪو هڪ دفعو ساڻس ملندو هو، سو قرب جو قيدي بڻجي ويندو هو ۽ طالب الموليٰ سان اڻ ٽٽندڙ تعلق جڙي ويندو هئس.

مخدوم طالب الموليٰ جو ادب سان بيحد لڳاءُ هو، جنهن جي دم سان هالا جي گهٽي گهٽي ۾ ادبي محفلون هونديون هيون. وڏا وڏا ادبي ميڙاڪا ۽ مشاعرا ٿيندا هئا. اهڙي سرهاڻ هئي، جنهن هالا کي واسي ڇڏيو هو. هالا سنڌ ۾ علم و ادب جو مرڪز هو. طالب الموليٰ ادب جي دنيا ۾ آسمان تي چمڪندڙ ستاري جيان هو، پاڻ صاحب ديوان ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف هئا.

طالب الموليٰ جي ادب سان آخري دم تائين والهانا محبت هئي. سندس رت ۽ پگهر سان سيراب ٿيندڙ اداري سنڌي ادبي بورڊ جا آخري دم تائين چيئرمين رهيا. هڪ وقت اهڙو به آيو جو سندن سنڌي ٻولي، ڪلچر، ادب جي ڪيل خدمت جو صلو ملڻ بجاءِ ڪجهه مفاد پرست اديبن سندس ٽيم کي هٽائڻ لاءِ سازشون ڪيون. مخدوم صاحب انهي عهدي کان گهڻو مٿڀرو هو. پاڻ هن عظيم اداري سنڌي ادبي بورڊ جي خدمت جي جذبي سان ڪم ڪندا هئا، کين ڪابه لالچ نه هئي. پاڻ پنهنجي ذاتي تعلق ۽ واسطن سان هن اداري کي مختلف حڪومتن کان ڪروڙين رپيا گرانٽ منظور ڪرائي ڏيندا هئا، پر مخالفن جي ذهني اوسط، محدود سوچ، تنگ نظريءَ کان تنگ اچڻ بنا ڪنهن انتقام وٺڻ جي استعيفا ڏنائون. مخدوم طالب الموليٰ کي مخالفن جي بيجا واويلا ڪرڻ تي تمام گهڻو ڏک ۽ صدمو ٿيو. هو مرڻ گهڙيءَ تائين بورڊ جا چيئرمين رهيا، ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت سندن استعيفا قبول نه ڪئي ۽ نه سندن وفات تائين ڪنهن کي بورڊ جي چيئرمين مقرر ڪيو. اها سندن اخلاقي جرئت ۽ فتح هئي. افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته اسان جي قوم قبر پرست آهي، جيڪا جيئري ڪنهن جو به قدر نٿي ڪري.

طالب الموليٰ خدمت خلق، سونهن سچائي، پيار محبت، علم و فهم جا سمنڊ هئا، جنهن سڄي زندگي سنڌ جي سورن کي سيني ۾ سانڍي پنهنجي فيض سان سموري سنڌ کي سيراب ڪيو. سنڌ جا غريب، مسڪين، لاچار، لاوارث ماڻهو هالا جو رخ ڪندا هئا. جتان ڪو سندن دردن جو درمان ٿيندو هو. طالب الموليٰ سندن هر طرح مدد ڪندو هو. طالب الموليٰ مال وند ماڻهن، دردوندن اٻوجهه ماڻهن کي سيني سان لڳائيندو هو. سچن کرن، علم ادب جي ڄاڻن، شاعرن، سگهڙن، اهل قلم ماڻهن سان بي پناهه پيار ڪندو هو. پهرن جا پهر ساڻن صحبت ۾ گذاريندو هو. چاهي هو ڪيترا به غريب هجن، ميرا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل لباس ڇو نه هجين، طالب الموليٰ مرد قلندر فقيري طبيعت جو مالڪ هو. طالب الموليٰ وڏو نبض شناس، وڏو پارکو هو، هن جي چمچن چاپلوس، موقعي پرست، مفاد پرست، ٺٺ ٺانگر وارن ماڻهن سان هرگز نه لڳندي هئي.

طالب الموليٰ سڄي حياتي پٽ تي پاٿاري لڳائي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو. تن تنها اڪيلو فقيري طبيعت جو مالڪ، اڻ ورچ انسان هو، جنهن ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو، پاڻ فرمائي ٿو ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،

ته مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

طالب الموليٰ هميشه هالا کي مرڪز بنايو. اعليٰ اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل وزيرن، ڪامورن سان اکيون ملائي غريبن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ انسان هو. هن ڪڏهن به اسلام آباد يا ڪراچي کي مرڪز نه بنايو، پر اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جون معتبر شخصيتون هالا جو رخ ڪنديون هيون.

طالب الموليٰ گهڻ رُخي شخصيت هئا. سندن وفات سان پيدا ٿيل خال ڀرجي نٿو سگهي. طالب الموليٰ جي وفات سان سندس يار دوست، ذاتي تعلق وارا ماڻهو، سچا ۽ کرا ماڻهو، جن طالب الموليٰ جي محبت کانسواءِ ڪجهه نه ميڙيو، سي سمورا يتيم ٿي ويا آهن. مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ ۾ ادب ۽ زندگيءَ جو تمام گهڻو تاثر ملي ٿو. حسن، ناز، محبوب جا ظلم، غريبن جون وڙ ڪندڙ دليون به سندس شاعري جو موضوع رهيون، پاڻ هر درد، سور ۽ حالتن جي عڪاسي خوب ڪئي اٿن.·

روزاني عبرت، حيدرآباد 2007-01-02

رياض عمراڻي

 

جديد ڪافي گو شاعر مخدوم طالب الموليٰ

 

اسان جي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي روحاني، سماجي ۽ سياسي شخصيتون ٿي گذريون آهن، انهن ۾ ڪي شخصيتون گاديءَ جي حوالي سان به مشهور آهن. تن ۾ سروري جماعت حضرت مخدوم سرور نوح جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، هن جماعت جوهر مريد ”لاالله الالله“ جو ورد ضرور ڪندو آهي. تاريخ لکي ٿي ته جڏهن مخدوم سرور نوح جو انتقال ٿيو هو، تڏهن سندس جنازي ۾ 9 لک مريدن شرڪت ڪئي هئي. ان کانپوءِ جي جماعت 9 لک گودڙي نالي سان سڃاتي وئي. انهيءَ گادي جو سترهون سجاده نشين، جديد سنڌي ڪافيءَ جو تخليقڪار، محسن ادب ۽ علم حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رهيا آهن، جن جو والد ماجد مخدوم غلام  محمدؒ آهي.

پنهنجي سڄي زندگي امت مسلم ۽ الله پاڪ ۽ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي احڪامن موجب گذاريائون، اهڙي طرح پاڻ شهيد ڪربلا حضرت امام حسينؑ جن جي غم ۾ محرم مهيني ۾ ڪارا ڪپڙا به پائيندا هئا ۽ غم حسين پڻ ڪندا هئا.

پاڻ هڪ عظيم سياسي رهنما طور سياسي سفر جي شروعات پيپلز پارٽي جي باني اڳواڻ جي حيثيت سان ڪيائون. سڄي زندگي ڀٽي ازم جي پچار ۾ گذاريائون. اڄ به سندن نورچشم حضرت محمد امين فهيم ۽ مخدوم خليق الزمان اهي وفا جا وچن نڀائي رهيا آهن. پاڻ ان سان گڏ هڪ اديب، شاعر، شفيق انسان رهيا آهن. سندن صحافتي خدمتون به ڪنهن کان ڳجهيون ۽ لڪل نه آهن. مخدوم طالب الموليٰ حاڪم طبقي ۾ رهندي به هيٺين ڪلاس جي ماڻهن جي ڳالهه ڪئي آهي. پاڻ مخدومي ۽ پيريءَ کي پوئتي رکي، هڪ فقيري ڪلاس ۽ عام ماڻهوءَ جي ڪلاس جي ڳالهه ڪندو هيو، سندن دل، روح ۽ خيال جو رستو عام ماڻهن جي دلين سان ڳنڍيل هيو، مخدوم طالب الموليٰ ون يونٽ تحريڪ ۾ بهادري ۽ همٿ سان سنڌي ماڻهن جي مفادن جي ڳالهه ڪري، سنڌ ڌرتيءَ جو حق ادا ڪيو. اهو هڪ وڏو الميو به آهي. مخدوم صاحب پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ سنڌ واسين جو ڌڻي ٿي رهيو آهي. سندس پونيئرن ۾ به اهڙا احساس ۽ جذبا آهن.

حضرت مخدوم طالب الموليٰ مجازي عشق، معرفت حقيقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

منهنجو تنهنجي اڳيان مجبور اکيون،

آهن تنهنجيون سراپا نور اکيون.

مخدوم صاحب جي ڪلام ۾ تصوف جو رنگ گهڻو ملي ٿو، جيڪو هر هڪ مذهب ۾ شامل آهي. گوتم ٻڌ ۽ عيسائين وٽ به تصوف موجود هو، تصوف جي فڪر ۾ خدا هر دل ۽ هر جاءِ تي موجود آهي. صوفيءَ جو خدا ڪائنات گير آهي، پر هو محدود نه آهي، مخدوم صاحب فرمائي ٿو.

تنهنجو اکيون سهڻيون سڄڻ

جنهن کي ڏسن تنهن کي ڪهن

مخدوم صاحب جي ڪلام ۾ اکيون مرڪزي ڪردار آهن، جن کي پاڻ مختلف روپن سان ڏٺو اٿن ۽ مختلف القاب ڏنا اٿن. سندس عشق جو ڪيهر شينهن ڪجيلن، ڪڪوريل اکين جي گهور کانپوءِ نروار ٿئي ٿو، پرينءَ جي اکين ۾ جيڪي مئه خانا موجود آهن، تن جي ٽڪراءُ کان نينهن جو نشو گجگوڙ شروع ڪري ٿو.

تصوف جي رنگ ۾ اکين مان سڀ ڪجهه نظر اچي وڃي ٿو، هميشه تصوف ننڍا سوال کنيا آهن ۽ فلسفي وري وڏن سوالن جا جواب ڳوليا آهن.

مخدوم طالب الموليٰ جو خاندان ۾ علم ۽ عرفان جو مرڪزي ڪردار رهيو آهي. پاڻ پنهنجي ذاتي لائبريريءَ کي هڪ درسگاهه ۾ منتقل ڪيائون، جتي اڄ به خاص و عام فيض حاصل ڪري، انساني فڪر، شعور جي عالمي فڪر جون راهون ڳولڻ ۾ مصروف آهن.

انسان جو وجود به هڪ ڪائنات آهي، صرف پرک جي ضرورت آهي. مخدوم طالب الموليٰ هميشه انسان جي دنيا کي آباد ڪرڻ، فقيري ۽ تصوف جي پيغام کي عام ماڻهن جي دلين تائين پنهنجي ڪلام ذريعي پهچايو آهي، هڪ هنڌ چئي ٿو.

سهڻل جا سينگار واهه واهه دل کي وڻن ٿا،

دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي موهين ٿا!

ڪارا ڪارا ڪنڍڙا، سهڻا سهڻا سنهڙا سنهڙا

وانگوڙي ۾ وار، وهوا دل کي وڻن ٿا!

تيل ڦليل ڦڻيون ڦوڪارا، ڌوپيل واسيل ڪيس هو ڪارا ،

گهرا گهنڊيدار، وهه وا دل کي وڻن ٿا.

اَبرو عجيب ڏنگا ۽ ڏوڙا، ڏيهه ڪن گهوڙا گهوڙا

تيز ڪنا تلوار، وهوا دل کي وڻن ٿا

ٻئي اکيون ڄڻ باز ۽ بحري، مار ڪرڻ لئه پون ٿيون قهري،

ڪن شاهاڻا شڪار، وهوا دل کي وڻن ٿا

روز چمان چشمن تي چايان، لائق سمجهي لبن سان لايان

پرين جا پيزار، وهوا دل کي وڻن ٿا.

حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو، مون ته ٻڌو آهي ته هارمونيم تي ڳائيندا به هئا. سندس ڪلام کي فقير حسين بخش خادم، ڦوٽي زرداري، عابده پروين ۽ رونا ليليٰ تمام گهڻو ڳايو آهي. اڄ به هند ۽ سنڌ ۾ سندس ڪلام ڳايو وڃي ٿو، سندن والد مخدوم غلام محمد عرف گل سائين پڻ فقيري رنگ ۾ رڱيل هئا. جڏهن محمد فقير کٽياڻ سندن بنگلي تي هالا ويا هئا ته پاڻ سندن وڏي آجيان ڪئي هئائون. اڄ به مخدوم هالا هائوس ۾ فقير صاحب جي نالي سان منسوب کٽ رکيل آهي. جڏهن محمد فقير کٽياڻ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا ته پاڻ ٽي ڏينهن سندس تڏي تي اچي ويٺا رهيا. محمد فقير کٽياڻ جي درگاهه تي طالب سائين پاڻ به حاضري ڀريندا هئا. مرحوم رئيس دوست علي خان کٽياڻ سجاده نشين درگاهه محمد فقير کٽياڻ سڄي زندگي سائين طالب الموليٰ جي حاضريءَ ۾ گذاريو. سندس وفات کانپوءِ اڄ رئيس احمد کٽياڻ، درگاهه منٺار فقير راڄڙ (کپرو) ۽ فقير نوح هوٿياڻي کيبر وارو سلسلو به ساڳيءَ درگاهه حضرت نوح رحه سان منسلڪ رهيو. اهڙي طرح مخدوم طالب الموليٰ اسان کان 11 جنوري 1993ع ۾ ٻنپهرن جي قريب وڇڙي وڃي مالڪ سان مليو، پاڻ درگاهه سرور نوح هالا ۾ آرامي آهن.

برهه ڪيو بيمار، محب اچي رس مهل اها اٿئي.

 

جاويد احمد ميمڻ

 

سنڌ جو درويش صفت شاعر: طالب الموليٰ ؒ

سنڌ جي سرزمين مڻيادار شخصيتن، محبت ونڊيندڙ ماڻهن سان ڀري پئي آهي، جن پنهنجي ڪوشش، آدرشن ۽ محبتن سان عام ماڻهن جي سهائتا ۽ خدمت لاءِ پاڻ ارپيو آهي. اهڙين عظيم شخصيتن ۾ حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو نالو به سرفهرست آهي. مخدوم طالب الموليٰ هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو ۽ سندن زندگي جا مختلف پهلو ۽ رنگ آهن. پاڻ هڪ ئي وقت نه رڳو شاعر، عالم، اديب، ليکڪ، محقق ۽ موسيقيءَ جو ڄاڻو هو، پر هڪ عظيم بزرگ، اولياءَ، ولي ڪامل، صاحب الفيض، غوث الحق مخدوم نوح سرور جي سهروردي سلسلي ۽ درگاهه شريف جو سترهون سجاده نشين به هو ۽ سروري جماعت جو روحاني پيشوا به هو.

مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت ۾ سياسي سرواڻيءَ جو تاريخي پهلو وڏي اهميت رکي ٿو. حضرت طالب الموليٰ چمڪندڙ ۽ روشن ستارو هو. سندن ظاهري تعليم ۽ تربيت پڻ انهن ڪاليجن يا يونيورسٽين مان نه ٿي هئي، جن مان ورتل ڊگريون ڪنهن ماڻهوءَ جو قد ۽ وزن وڌائڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿيون، پر تنهن هوندي به هو خانداني روايتن موجب گهر ويٺي قرآن شريف ۽ سنڌي پڙهيو. ان کان علاوه مخدوم صاحب فارسيءَ جا ڳچ ڪتاب جهڙوڪ آمد نامو، دو وايو، ٽوايو، ڪريما، پندنامو، گلستان ۽ بوستان پڙهي پورا ڪيا ته کين سندن والد ۽ مرشد صلاح ڏني ته ڪتابن جو ايترو علم حاصل ڪرڻ ڪافي آهي.

سندن تعليم و تربيت ۾ سندن چاچي، محسن علم و ادب ۽ جديد هالا جي معمار حضرت غلام حيدر قريشي جو وڏو حصو هو. مخدوم صاحب ڪتابي علم سان گڏ فطرت جي علم طرف به توجهه ڏنو ۽ سٺن ماڻهن جي صحبت مان مان به فيض پرائيندو هو. اهڙي طرح هن دور جي هڪ اهم علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ روحاني شخصيت جي تعمير ۽ تڪميل ٿي. هن پاڻ وهيڻي، ڀلي انسان، ٻين وهيڻن انسانن وانگر ٻوليءَ جي جهولي ڀري، علم ادب جي خدمت ڪئي ۽ ثقافت جي سينڌ سنواري، سندن انداز نرالو ۽ منفرد هو.


 

قمر الدين ابڙو

 

لڏي ويا اڏي ويا سخن جي عمارت...

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ علم پرور، زماني جا گوهر ۽ مردم شناس شخص هئا. سندن والد جو نالو مخدوم غلام محمد هو، جيڪو پڻ پنهنجي دور ۾ هڪ مصلح ۽ غريب پرور هو. خانداني طور ورهين کان وٺي خدمت خلق جي عيوض کين ”مخدوم“ جو لقب مليو، جيڪو تاحال ساڳئي جذبي ۽ خدمت سان سنڀاليندا اچن ٿا. سندس مريدن جو تعداد نو لک چيو وڃي ٿو. جنهن سبب سندن گادي ”نو لکي گودڙي“ جي نالي سان مشهور آهي. مخدوم طالب الموليءِ ان گاديءَ جا 17 نمبر سجاده نشين هئا. مخدوم صاحب روحاني فيض سان گڏ تعليم جي ترويج ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ سروري اسلاميه ڪاليج هالا، طالب الموليٰ اوريئنٽل ڪاليج هالا، سنڌ طيبه ڪاليج حيدرآباد، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو قائم ڪري علم جي شمع کي روشن رکيو. ان کان علاوه پاڻ سون جي تعداد ۾ غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فيون، ڪتاب ۽ لٽا ڪپڙا وٺي ڏيندا هئا. غريب شاگردن جي ته باقاعده وٽن لسٽ هوندي هئي پاڻ ان ڪم کي ادا ڪندي روحاني تسڪين محسوس ڪندا هئا. حالانڪه روايتي طورتي اسان وٽ گادي نشين بزرگ جديد تعليم جا مخالف رهيا آهن ۽ ڪن بزرگن ته ڪوشش ڪري تر ۾ اسڪول کولڻ جي مخالفت پئي ڪئي آهي. مخدوم صاحب جي شخصيت جو ٻيو اهم ترين پهلو علم و ادب پروري آهي، پاڻ پنهنجي دور جا وڏا عالم، اديب ۽ شاعر هئا سنڌي ادب جون ڪلاسيڪي روايتون سندن تحريرن ۾ نمايان نظر اچن ٿيون. پاڻ شاعريءَ جي ذريعي قومي سجاڳي جو ڏس ڏنو. ان سان گڏ انساني اقدار جي فروغ لاءِ به پنهنجي قلم ذريعي راهه هموار ڪئي. مخدوم صاحب جن نه صرف سنڌ جي سماجي ۽ تهذيبي قدرن جي پاسداري ڪئي، پر ادبي اصولن ۽ ٻوليءَ جي گهاڙيٽن جو به پورو پورو خيال رکيو. شاعريءَ م ڪهڙن لفظن جي ڀڃ گهڙٿي سگهي ٿي، ان لاءِ پاڻ ”لغات سنڌي مخففات“ ترتيب ڏنائون، جو سندن حياتيءَ ۾ آخري ڪتاب شايع ٿيو، ان کان علاوه علم ادب جي ترقي لاءِ ڪيترا رسالا ڪڍيائون. سندن ڪتاب ٻولي ۽ ادب جو قيمتي سرمايو آهن. پاڻ نه، صرف روحاني سلسلي ۾ تصنيف ۽ تاليف ۽ مشغول رهيا پر سنڌي روايتي شاعري ۽ راڳ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ مشاعرن جون محفلون منعقد ڪندا هئا. بزم طالب الموليٰ جون شاخون پوري سندن ۾ قائم هيون جن جي سري هيٺ وڏا وڏا مشاعرا ۽ ادبي محفلون ٿينديون هيون، جن جي پاڻ سرپرستي ڪندا هئا، 1956ع ۾ جيڪا ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي هئائون ان ۾ جيڪي تجويزون ڏنائون، انهن جي اَڌار تي، اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ ”لوڪ ادب جي اسڪيم جوڙي، جنهن طرفان هن وقت تائين لوڪ ادب جي مختلف موضوعن تي چاليهارو کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ ٻه دفعا سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين رهيا. سندن ايامڪاريءَ ۾ بورڊ جيڪي سنڌي ادب جي اشاعت ۽ ترقي لاءِ ڪارناما سرانجام ڏنا. اهي ادبي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا. آخري ڏينهن ۾ پاڻ بورڊ طرفان غريب اديبن ۽ شاعرن لاءِ وظيفي جو اعلان پڻ ڪيو هئائون، جنهن تحت نه صرف مسڪين اديبن ۽ شاعرن جي بيواهن کي به معاوضو ملندو هو. بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ پاڻ سنڌ جي تاريخ ۽ لوڪ ادب جي املهه ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ مناسب اپاءُ ورتا. سندن سياسي زندگيءَ تي نظر وجهجي ٿي ته سندن ڪردار ملڪي سياست ۾ نمايان نظر اچي ٿو. پاڻ سياست ۾ اصول واري سياست جا قائل هئا. مرڻ گهڙي تائين اصولن سان سوديبازي ڪين ڪيائون. هميشه ذاتي مفاد کان مٿي ٿي سوچيائون ۽ ملڪي مفاد کي هردم مقدم رکيائون. عوام جي آگاهي ۽ صاف سٿري سياست جي فروغ لاءِ مخدوم صاحب هالا مان مختلف وقتن ۽ ٽن اخبارن ”پاسبان“، ”الڪوئر“ ۽ ”الزمان“ جو اجراع ڪيو ۽ انهن جي هر لحاظ کان سرپرستي ڪئي. شخصي طور مخدوم صاحب وڏي مڻيا وارا مرد هئا، عام زندگيءَ ۾ نفاست ۽ نزاڪت پسند هئا. وس پڄندي، ڪنهن کي تڪليف نه ڏيندا هئا، ڪنهن تي حڪم به نه هلائيندا هئا بلڪه ڳالهائڻ ۾ به امري صيغو استعمال نه ڪندا هئا. روح رنجائڻ پاپ سمجهندا هئا. اهڙا گوهر صدين کانپوءِ جنم وٺندا آهن.

رپورٽ: سعيد احمد سولنگي

 

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي سالگره تقريب

 

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي ادب جا ٻه اهڙا صد احترام نالا آهن، جن جي تذڪري کان سواءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب اڻپورو ۽ بي سواد رهجي ويندا. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ساري حياتي لکندي ۽ پڙهندي گذري، هن ساڍن چئن سؤن کان به مٿي ڪتاب لکيا. افسانوي ادب ۽ تحقيقي ادب سميت سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي به قابلِ تحسين ڪم ڪيو. اهڙي نوعيت ۽ معيار جو ڪم ورلي ڪنهن عالم ڪيو هوندو. مرزا صاحب جي علمي ڪارنامن ۽ خدمتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سرڪار طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”مرزا قليچ بيگ چيئر“ پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جتي مرزا صاحب جي ڪيل علمي، ادبي ۽ تحقيقي پورهئي تي ڪم ٿي رهيو آهي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جو به سنڌي ادب ۾ تمام وڏو نالو ۽ مقام آهي. پاڻ پنهنجي مزاج ۽ طبعيت ۾ نه رڳو اديب، شاعر، ماهر لسان ۽ لغت نويس هئا، پر ان کان وڌيڪ هو شفيق ۽ بردبار طبعيت جا مالڪ هئا. پاڻ ڪيترائي ادارا ٺاهي هلايائون. شاعريءَ ۾ به پاڻ يڪتا هئا، ڪافيءَ تي کين ملڪو حاصل هُئنِ ۽ هو جديد ڪافيءَ جا پڻ باني هئا. ازان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جا ماهر ۽ لغت نويس به هئا. سندن ترتيب ڏنل ڪتاب- ”لغاتِ سنڌي مخففات“، ۽ ”يادِ رفتگان“ علمي حلقن ۾ نهايت قدر جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. سندن ٻن ڊزن کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.

سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري طرفان انهن نامور شخصيتن جا جنم ڏهاڙا سندن جنم تاريخ 4- آڪٽوبر تي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري ۾ سادگيءَ واري انداز ۾ ملهايا ويا. هن پروقار تقريب جي صدارت بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ۽ بورڊ جي فنانس ڪاميٽيءَ جي چيئرمن جناب نظر محمد ڳاهي صاحب ڪئي. خاص مهمان بورڊ آف گورنرس جو ميمبر جناب سرفراز راڄڙ صاحب هو. ان موقعي تي آجياڻي تقرير ڪندي بورڊ جي سيڪريٽري (نگران) جناب الهڏتي وگهئي صاحب چيو ته: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي علم و ادب جا اهي چمڪندڙ ستارا آهن، جيڪي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ ڪڏهن به نه اُجهامندا، جيستائين هن ڪائنات جو وجود باقي هوندو تيستائين هي نالا به ادب جي افق تي پيا جڳمڳائيندا رهندا. هن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي حوالي سان چيو ته قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ اسان سڀني بورڊ واران لاءِ ڇپر ۽ ڇانءُ هئا، قبله سانئن جي دعائن سان آءٌ اڄ هن ڪرسيءَ تي پهتو آهيان. هن چيو ته 90 واري ڏهاڪي کان وٺي قبله سانئن جو ڪوبه ڏهاڙو نه ملهايو ويو آهي پر اسان بزرگن جي ڏهاڙن ملهائڻ جي شروعات ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌي ادبي بورڊ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي علمي ڪاوشن تي ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي، مرزا صاحب جو ڪم تمام وڏو آهي. بورڊ مرزا صاحب جو قرضي آهي. سنڌي ادبي سنگت ڄام شوري جي جوائنٽ سيڪريٽري محترم محمد يوسف جويي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ اهڙو تحقيقي ادارو آهي جيڪو سنڌ جي علم، ادب، تاريخ، ٻولي، ڪلچر ۽ لغت تي ڪم ڪري ٿو ۽ عالمن اسڪالرن کي مان بخشي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ کي جن به شخصيتن ٺاهيو انهن جا به ڏينهن ملهائڻ گهرجن، ڇو ته اهي هن اداري جا باني هئا ۽ هيءُ ادارو انهن جو مقروض آهي. هن چيو ته 90 واري ڏهاڪي کان پوءِ هن اداري ڪابه ذڪر جوڳي ترقي نه ڪئي آهي. اهڙن اسڪالرن، عالمن ۽ ذهين ماڻهن جي مقرري نه ٿي آهي، جنهنڪري بورڊ تحقيق جي حوالي سان ڪي نيون شيون ميدان تي نه آنديون آهن. موجوده بورڊ آف گورنرس کي اُن طرف غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ادب، ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ وسيع موضوع آهن، انهن تي ان معيار جا اسڪالر، عالم ۽ محقق هتي هئڻ گهرجن ته جيئن بورڊ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو وڃايل عالمي معيار بحال ڪري سگهي. صحافي حاڪم علي چانڊئي ٻنهي نامور شخصيتن تي مقالو پڙهندي چيو ته: اهي ٻئي نالا ادب جي دنيا تي حاوي رهيا آهن. هن چيو ته مرزا قليچ بيگ جنهن دور ۾ ڪتاب لکيا، انهن ڏينهن ۾ پريسون به نه هيون، پر هن جيترا ڪتاب لکيا، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اديب ايترا ڪتاب نه لکيا آهن. ماهوار ”سرتيون“ جي ايڊيٽر محترمه گلبدن جاويد مرزا چيو ته شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جون علم و ادب ۽ تحقيق ۾ وڏيون خدمتون آهن. سندن ڪم تي نئين سر تحقيق ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ منهنجا والد بزرگوار ٻئي هڪٻئي جا جگري دوست هئا. منهنجو والد بزرگوار شهيد احمد خان آصف مصراڻي وڏي پايي جو شاعر هو، هن وڌيڪ چيو ته ”سرتيون“، رسالو منهنجي ڪري ئي سنڌ جي عورتن کي تحفي ۾ مليو آهي، هن چيو ته اسان گهڻو عرصو آمريت واري دور ۾ رهيا آهيون، جنهنڪري پنهنجي قومي رهبرن جا ڏهاڙا ملهائي نه سگهيا آهيون.

مرحوم خان محمد پنهور جي بيوهه محترمه نسيم پنهور چيو ته آءٌ ٻنهي شخصيتن کي ننڍپڻ کان پڙهندي آئي آهيان، هو ٻئي علم، ادب ۽ تاريخ جي حوالي سان وڏا عالم ۽ اسڪالر هئا، سندن خدمتون وسيع آهن. هن چيو ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي علمي خدمتن تي تحقيق يا پي.ايڇ.ڊي وغيره ٿيڻ گهرجي. خاص مهمان جناب سرفراز راڄڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌ جي نهايت ئي اعليٰ شخصيت ۽ فقير منش ماڻهو هو، جنهن زندگيءَ جو آخري حصو سنڌي ابي بورڊ کي ارپيو. مخدوم صاحب بورڊ ۽ بورڊ جي ملازمن لاءِ سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. مخدوم صاحب ڄام صادق علي جهڙي سخت گير ماڻهوءَ کان بورڊ لاءِ 2 ڪروڙ رپيا ورتا. هن چيو ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي ادبي بورڊ کي ٻيهر جيئاريو. هن وڌيڪ چيو ته مخدوم جميل الزمان صاحب جن پنهنجي ڏاڏي سانئن جا تسلسل آهن ۽ هو به بورڊ ۽ بورڊ جي ملازمن لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. هن مرزا قليچ بيگ بابت پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مرزا صاحب اڻويهين صديءَ جو وڏو اديب ۽ وڏو داناء ماڻهو هو. هن جهڙا ماڻهو اسان وٽ تمام گهٽ پيدا ٿيا آهن. سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو مرزا صاحب جا قرضي آهن. آخر ۾ جناب نظر محمد ڳاهي صاحب صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ امڙ پنهنجي گود ۾ تمام وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن جا ڪارناما تمام وڏا آهن ۽ انهن تي صديون فخر محسوس ڪنديون. هن چيو ته مرزا قليچ بيگ ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پاڻ ته وڏا اديب ۽ عالم هئا، پر سندن نسل ۾ به ادبي ۽ علمي سلسلو ڇڏي ويا. هن چيو ته جديدي سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڪم ٿيل آهي. هن ڊرامي، ناٽڪ، ناول، ڪهاڻي سميت ٻاراڻي ادب تي لاجواب ڪم ڪيو. هو رڳو اديب نه پر ادبي معمار به هو. هن چيو ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان منهنجون رهاڻيون ڪافي ڀيرا ٿيون. مخدوم صاحب هر طرح سان عظيم ڪردار هو. هن جناب ذوالفقار علي ڀُٽي کان گورنري نه ورتي پر سنڌي ادبي بورڊ گهُري ورتو. هن چيو ته زنده قومون، پنهنجي هيرن کي ياد ڪنديون آهن، اڄ اسين سنڌي ادب جي ٻن هيرن کي ياد ڪري دلي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون.

هيءَ تقريب، شام جو 6:00 وڳي شروع ٿي ۽ رات جو 8:00 وڳي پنهنجي اختتام تي پهتي. هن تقريب جي ڪاروائي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڄام شوري جي سيڪريٽري محترم محمد علي گهانگهري صاحب هلائي. هن تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڄام شوري پڻ سهڪار ڪيو.        

”مهراڻ“ ٽماهي نمبر 4/2011ع

خورشيد ٻگهيو

مخدوم طالب الموليٰ جي گهڻ رخي شخصيت

 

هالا علم و ادب سياست ۽ ثقافت جي حوالي سان سڄي سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هن مٽيءَ ۾ وڏين هستين جنم ورتو آهي. جن کي تاريخ ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ مليل آهي. سنڌي ٻولي موهن جي دڙي جي ميسارجڻ کان به اڳ جي آهي سندس قدامت ۽ سندس عظمت تي مڪلي جو مقام گواهه آهي ته سنڌ ۾ وڏن عالمن، بزرگن، مفڪرن، شاعرن، اديبن ۽ ولين جنم ورتو آهي ۽ انهيءَ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿيا. مهراڻ جي مٽيءَ کي ئي اهو مانُ ۽ مرتبو حاصل آهي جو هيءَ مٽي ولين ۽ بزرگن جي سونهن سان سجيل آهي ۽ ڌرتي جي سيني تي چؤڦير ماڻڪ ۽ موتي وکريل آهن، انهن ئي ماڻڪ موتين مان سجايل مالها ۾ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ به هڪ قدآور شخصيت رکندڙ مڙس هو. گهڻ رخي شخصيت رکندڙ مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي زماني جو بهترين شاعر هئڻ سان گڏ سياست ۾ به سڀ کان ڀڙ هو. طالب الموليٰ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي جڏهن ايوانن ۾ پهتو ته پنهنجي علائقي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. سندس خاص توجهه علائقي جي پٺتي پيل تعليم تي هئي ۽ سندس تڪ ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششون لازوال آهن. سندس ئي ڪوشش سان ڪيترائي نوان تعليمي ادارا وجود ۾ آيا، جتان تعليم حاصل ڪندڙن اڳتي هلي پنهنجي علائقي، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. طالب الموليٰ ادبي حوالي سان به اهم ترين شخصيت جي حيثيت رکي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جي عهدي تي گهاريل وقت ۾ سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي ادبي بورڊ ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ جيڪا ڪوشش مخدوم طالب الموليٰ ڪئي تنهن جو مثال ڪٿي به نٿو ملي. عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين سمجهندڙ مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي هڪ شعر ۾ چوي ٿو ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي  ناهي  طاقت  طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

مخدوم طالب الموليٰ هڪ ئي وقت، مخدوم سرور نوح جو 17 هون گادي نشين، سروري جماعت جو روحاني پيشوا، سياستدان، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن ۽ حساس دل رکندڙ شاعر هئڻ سبب انتهائي مصروف زندگي گذاري. پر ايترين سارين مصروفيتن باوجود به هن سنڌي ادب کي پنهنجي تصنيف جي تمام وڏي خزائي سان نوازيو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ بهار طالب، رباعيات طالب، خودشناسي، مضمونن جو ڪتاب شيطان، اسلامي تصوف، امام غزالي جا خط، يادِ رفتگان، ڪشڪول، نعتيه شاعري جو ڪتاب شانِ سروري، تحقيقي ادب تي ڪتاب ڪافي، سندس شاعري جو مقبول ڪتاب ڇپر ۾ ڇڙيون ۽ ديوان طالب الموليٰ شامل آهن.

ملڪي سياست ۾ گهري دلچسپي رکندڙ مخدوم طالب الموليٰ وڏو عرصو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ گذاريو. 1967ع ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد پي وڌو ته اها پارٽي به هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي ميزباني هيٺ ٺهي، ۽ پاڻ آخري دم تائين پارٽي سان وفا ڪيائين، ۽ اڄ به سندس خاندان ان رسم جي پيروري ڪندو اچي. مارشل لاءِ جي ڪٺن دور ۾ به ثابت قدم رهي ثابت ڪيائين ته هو هڪ عظيم سياستدان هو. 11 جنوري 1993ع تي مخدوم طالب الموليٰ هن فاني جهان کي ڇڏي ابدي حيات جو جام نوش ڪيو. ساڳي ئي تاريخ تي سندس 20 هين ورسي هالا شهر ۾ ملهائي ويندي، جتي وڏا برک عالم، اديب، دانشور، سياستدان، دوست، احباب، مريد ۽ عقيدتمند سندن شخصيت جي مختلف رخن تي روشني وجهندا ۽ سندن خدمتن جي عيوض کين مڃتا ۽ مهانتا، محبت ۽ عقيدت جا گل نڇاور ڪندا.

روزاني ”عبرت“ 11- جنوري 2013ع تي شايع ٿيل

اصغر گگو

 

ادب ۽ سياست جو منفرد ڪردار

مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘

 

ڇو ٿو ڪرين مينهن، مونسان ريس رئڻ جي،

”طالب مولا“ سان ته ڪيا، ناحق وڏا نينهن،

تنهنجا ٻٽي ڏينهن، منهنجي موسم سڀ ڪا.

اهو بيت اڪثر آءٌ جهونگاريندو رهندو آهيان. ان بيت سان منهنجي الائي ڪهڙي جذباتي وابستگي آهي. اڄ ڏينهن تائين آءٌ سمجهي ناهيان سگهيو.... پر ان بيت جي خالق سان منهنجي ۽ منهنجي خاندان جي هڪ روحاني وابستگي رهي آهي. ائين جيئن هڪ مريد جي مرشد سان هوندي آهي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن کان سانڀر ۾ آيو آهيان. تڏهن کان اوطاق جي وڏي ڪمري ۾ ”قبلا سائين“ جي تصوير ڏٺي اٿم، جا اڄ ڏينهن تائين موجود آهي. ننڍي هوندي ان تصوير ڏانهن يڪو پيو نهاريندو هئس. انيڪ سوال پيا ذهن ۾ اُڀرندا هئا ۽ پوءِ هڪ ڏينهن بابا کان پڇو هئم ته اها تصوير ڪنهن جي آهي؟ تڏهن بابا ٻڌايو هو ته اها تصوير پنهنجي هالن واري مرشد قبلا سائين مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب جي آهي. تڏهن پهريون ڀيرو ”طالب الموليٰ“ صاحب جي نانءُ سان شناسائي ٿي هئي. تڏهن کان ”طالب الموليٰ“ نانءُ ۾ ڪا پنهنجائپ محسوس ٿي هئم. جيڪا اڄ تائين آهي.

ڪن شخصيتن جو نانءُ وٺڻ سان هٿ ادب ۽ احترام ۾ ٻڌجي ويندا آهن. سچ ته مون هنن گنهگار اکين سان اهو ڏٺو آهي ته جڏهن به ڪٿي ”طالب الموليٰ“ جو ذڪر ٿيندو آهي ته اتي موجود ماڻهو ان نانءُ جو تمام گهڻو احترام ڪندا آهن. ”سنڌ ڌرتي تي پيار محبت ۽ انساني دوستيءَ جا گل وکيرڻ وارن صوفي بزرگن ۽ درويشن ۾ سروري جماعت جي پيشوا سائين ”طالب الموليٰ“ جو نانءُ هڪ اهم مقام رکي ٿو. مرشد سائين جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو جن کي ڏسي، جن جي ڀر ۾ ويهي سڪون محسوس ٿيندو آهي. ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڪم ۽ شفقت ڀري شخصيت جي ڪري هميشه دنيا کي ياد رهجي ويندا آهن. سائين ”طالب الموليٰ“ به اهڙي شخصيت جو مالڪ هو، جن سان گڏ ويهي جن جي علم ۽ ڏاهپ کي ٻُڌي ماڻهوءَ جي ڄاڻ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو آهي. مون کي ياد آهي ته پهريون ڀيرو جڏهن سائين جن کي روبرو ڏٺو هئم، تڏهن شايد آءٌ ڏهن ٻارهن سالن جو مس هئس. سائين جي سامهون مخدوم نوح سرور جي درگاهه جي وڏي اڱڻ ۾ ويهي، اهڙو سڪون محسوس ڪيو هئم، جيڪو مرشد جي قدمن ۾ هوندو آهي. آءٌ اڪثر هالن واري مرشد جي درگاهه تي بابا جي دوست سائين پير علي قطب، سجاول واري سان گڏ ويندو رهندو آهيان ۽ اتي وڃي روحاني سڪون محسوس ڪندو آهيان.

مخدوم محمد زمان 4- آڪٽوبر 1919ع تي هالا ۾ پيدا ٿيو. سندن والد جو نالو مخدوم غلام محمد هو. مخدوم محمد زمان ڪنهن به مڪتب ۾ باقائده رسمي تعليم حاصل نه ڪئي، پر گهر ۾ ڪيترن ئي عالمن جي مدد سان نه صرف مختلف زبانن ۾ مهارت حاصل ڪئي، بلڪه ادب ۽ مذهبي علم تي به دسترس حاصل ڪئي. والد جي وفات کان پوءِ سائين ”طالب الموليٰ“ درگاهه مخدوم نوح سرور رحمت الله عليه جو 17 هون سجاده نشين ٿيو. ان روحاني گادي واري ”سلسلي کي 9 لکي گودڙي“ به چيو ويندو آهي. ڇو جو 300 سال پهرين سروري جماعت سان وابسته ماڻهن جو تعداد 9 لک جي برابر هو. جيڪو مخدوم ”طالب الموليٰ“ جي دور تائين وڌي 60 لک تي پهتو. هالا جي مخدومن کي عام طور تي سياست ۽ درگاهه حضرت نوح سرور جي سجاده نشين جي طور تي سڃاتو ويندو آهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته هي گهراڻو هميشه علم ادب جو گهر رهيو آهي خاص ڪري شاعريءَ کي ته هن خاندان جو بانڌي قرار ڏئي سگهجي ٿو مخدوم گهراڻي جا گهڻا فرد شعر و شاعري سان چاهه رکندا آهن، جن ۾ سروري جماعت جي موجوده سربراهه سائين مخدوم امين فهيم جو نالو اچي ٿو. ان کان پوءِ سائين جميل الزمان جن به بهترين شاعر آهن. سائين جميل الزمان جن جي شخصيت ۾ مريدن کي قبلا سائين ”طالب الموليٰ“ جي شخصيت جهڙي پنهنجائپ محسوس ٿيندي آهي. مخدوم ”طالب الموليٰ“ سائينءَ جي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر تي لکڻ لاءِ وڏي ڏاهپ ۽ دانائي گهر جي جيڪا مون وٽ اڃان ناهي جو سندن شاعري جي فن ۽ فڪر تي لکان. آءٌ ته بس کين ياد ڪري هي سٽون لکي رهيو آهيان.

سندن باري ۾ ڪنهن لکيو آهي ته ”مخدوم صاحب جو هٿ زماني جي نبض تي هوندو هو. هو پنهنجي دور جي تقاضائن کي چڱيءَ طرح سمجهندا هئا. مخدوم صاحب نه صرف تعليم جي اهميت کان بخوبي واقف هئا، بلڪه سنڌ ۾ علم جي روشني عام ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد به ڪيائون.“

مخدوم صاحب کي شاعريءَ ۽ راڳ جو ننڍي هوندي کان شوق هو، سندن پهرين تخلص ”بيوس“ ۽ پوءِ ”فدائي“ هو. بعد ۾ ”زمان شاهه“ ۽ ”طالب“ اختيار ڪيائون. نيٺ ”طالب الموليٰ“ اختيار ڪيائون، جنهن جو سبب بيان ڪندي پاڻ هڪ انٽرويو ۾ فرمايو اٿن.

”ان زماني ۾ مون ڪي تخلص اختيار ڪيا. جهڙوڪ: طالب، هڪ ڏينهن جمعي جي نماز پڙهي رهيو هئس ته اسان جي درگاهه جي خطيب حاجي قابل انصاري جيڪو جمعي يا عيد جو خطبو پڙهندو هو ۽ ان ۾ ”طالب الموليٰ“ مذڪر جو لفظ چوندو هو سندس خطبو ٻُڌي منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته ”طالب الموليٰ“ تخلص اختيار ڪريان تنهن کان پوءِ اهو تخلص اختيار ڪيم.“

پاڻ 1946ع ۾ هالا ۾ انجمن علم و ادب جو بنياد وڌائون ۽ ادبي ڪمن سان دلچسپي هئڻ جي ڪري هالا ۾ ”الزمان پرنٽنگ پريس“ به قائم ڪيائون. جتان هفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ نڪرنديون هيون. سال 1950ع ۾ ماهوار فردوس جاري ڪيائون ۽ 1952ع ۾ ماستر جمع خان غريب ”سيتا“ شهر مان ماهوار رسالو طالب الموليٰ سندس ئي سرپرستيءَ ۾ ڪڍيو. اڳتي هلي حيدرآباد مان ”شاعر“ رسالو سندن ئي سرپرستيءَ هيٺ نڪتو.

1952ع ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جمعيت الشعراءُ سنڌ جو سرپرست چونڊيو ويو. جنهن ۾ پاڻ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنائون. مخدوم صاحب تعليم جي سرپرستي جي ڏس ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي ايجوڪيشن بورڊ جي پريزيڊنٽ طور پڻ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنائون. پاڻ 1954ع ۾ روح ادب سنڌ اداري جو بنياد رکيائون، جنهن پاران ماهوار رسالو ”روحِ ادب“ جي نالي سان حيدرآباد ۾ شايع ٿيندو. هو.

مخدوم طالب الموليٰ جو ون يونٽ ٽوڙائڻ ۾ به اهم ڪردار رهيو.

مخدوم طالب الموليٰ کي سندن علمي ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران 1965ع ۾ ”تمغه پاڪستان“ ۽ 1992ع ۾ تمغه امتياز“ پڻ ڏنو ويو.

مخدوم طالب الموليٰ جڏهن ادبي بورڊ جا چيئرمين ٿيا ته ادب لاءِ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنائون. اهي خدمتون به وسارڻ جهڙيون ناهن. سنڌ جي حقن لاءِ ڪيل سندن ڪاوشن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. جنرل ضياءُ جي مارشل لاءِ واري دور ۾ ڪيترن ئي دٻائن باوجود پاڻ پي.پي جو ساٿ نڀايائون ۽ آخري ساهه تائين ڪڏهن به پنهنجي پارٽيءَ کي مايوس نه ڪيائون. پاڻ سياسي ميدان ۾ سرگرم رهيا ۽ ٽي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جا ميمبر پڻ رهيا. مخدوم صاحب پارٽي جو سينئر وائيس چيئرمين چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي پاڻ تاحيات رهيا. لکين مريدن جي مرشد، سنڌ ڌرتيءَ جي هن قابل فخر سپوت، سنڌي زبان ۽ ثقافت جي عظيم خدمتگار 11 جنوري 1993ع تي وفات ڪئي. اڄ سندن وڇوڙي کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر ”قبلا سائين“ جن سنڌ کان وسريا ناهن ۽ نه ئي ڪڏهن وسري سگهن ٿا. هونءَ به تاريخ وڏن ماڻهن کي ڪڏهن به ناهي وساريندي ۽ سنڌ پنهنجي هيروز کي ڪڏهن به ناهي وساريندي. اڄ جڏهن سندن لکين مريد کين ياد ڪري درگاهه تي حاضري ڏيندا تڏهن آءٌ هي ڪجهه لفظ عقيدت جا گل سمجهي کين ارپي رهيو آهيان. آخر ۾ کين سندن ئي لفظن ۾ ياد ڪندي چوندس:

ماکي مٺي، تون مٺو ماکيءَ کان،

مون ڪڏهن ڪانه ڏٺي، ڪا مٺائي مٽ تنهنجي.

روزاني ”عبرت“ 11- جنوري 2013ع تي شايع ٿيل

نصير احمد گوپانگ

 

سنڌ جو عظيم شاعر طالب الموليٰ

دنيا ۾ ڪابه اهڙي قوم ڪونهي، جنهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه علم، ادب نه هجي ۽ ملڪ جي گذريل حالت بابت نظم و نثر ۾ ڪجهه به موجود نه هجي ته اها قوم جاهليت جي جهان ۾ شمار ٿئي ٿي، پر هر سجاڳ قوم پنهنجن وڏڙن جي بهادريءَ جا داستان، غم، خوشي پنهنجون ريتون، رسمون، تاريخ، معاشرو ۽ ثقافت کي روشن رکڻ لاءِ ادب جي ذريعي پنهنجي علمي ۽ ادبي خزاني کي مالا مال ڪندي آهي.

اسان اهو وڏي فخر سان چئي سگهون ٿا ته اسان جي ٻولي ۽ اسان جي ٻوليءَ جو ادب دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب کان گهٽ ڪونهي. دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب سان گڏ سنڌي ادب به دنيا جي ادب سان ڪلهوڪلهي سان ملائي اڳتي وک وڌائي رهيو آهي. دنيا جي گولي تي سنڌ ڌرتي اها ڌرتي آهي. جنهن جي ثقافت ۽ تهذيب صديون پراڻي آهي. قديم دور کان وٺي موجوده دور تائين هن ڌرتيءَ پنهنجي ڪک مان ڪيترين ئي اهڙين عظيم هستين کي جنم ڏنو آهي. جن پنهنجي سوچ لوچ، بهادري، رحمدلي ۽ علم و ادب جي حوالي سان پوري دنيا اندر هن ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪيو آهي. سونهن ڀري هن سندر ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ مخدوم محمد زمان، طالب الموليٰ به تاريخ جو هڪ امر ڪردار آهي. مخدوم صاحب جن جي ولادت 4 آڪٽوبر 1919ع ۾ نون هالن ۾ ٿي.· مخدوم صاحب هڪ ئي وقت ۾ شاعر، پير، ۽ سياستدان هئا. مخدوم صاحب سياسي، تعليمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سنڌي ٻولي ادب ۽ سنگت سان بيحد چاهه هئڻ سبب پاڻ اعليٰ پائي جا شاعر هئا. سندن ڪلام اڪثر سمورين صنفن تي مشتمل آهي. مخدوم صاحب جا نثر توڙي نظم ۾ ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن. مخدوم صاحب جي قدو قامت جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ عمر جا لڳاتار سٺ سال ٻوليءَ جي جهولي ڀري اٿئون ۽ ادبي حوالي کان هٽي ڪري جيڪڏهن سندن سياسي زندگيءَ تي نظر وجهون ٿا ته خبر پوي ٿي ته پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي بانين مان هڪ هو. سندن سياسي مسلڪ پڻ منفرد ۽ مثالي هو.

اصل ۾ انسان ڏاڍا انا پرست ٿين ٿا. اهي ائين ئي يڪدم ڪنهن کي مڃڻ لاءِ تيار نٿا ٿين. پر ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن کي ڀلو چوڻ جي ضرورت ئي ڪانه هوندي آهي اهي اڳ ۾ ئي ايڏا عظيم هوندا آهن! مان يقين سان چوان ٿو ته مخدوم صاحب کي هر ڪو شخص ڀلوڙ شاعر، عظيم بزرگ ۽ سياستدان مڃي ٿو. مخدوم صاحب جي شاعريءَ، ٻولي ۽ خيال سان پُر، هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي بيحد وڻندڙ آهي! شاعري ڪنهن جي ميراث يا ڪنهن جو ذاتي ورثو نه هوندي آهي. اها ته ڌڻي تعاليٰ جي طرفان مليل هڪ انمول تحفو آهي. جيڪو شايد هر ڪنهن جي نصيب ۾ ڪونه هوندو آهي. مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ اهي سڀئي خوبيون موجود آهن جيڪي هڪ پختي شاعر جي شاعريءَ ۾ هئڻ گهرجن. مخدوم صاحب جو ڪلام محبت ۽ مزاح جو هڪ جيئرو جاڳندو مثال آهي، اهوئي سبب آهي جو سنڌ ڌرتيءَ جي ادب ۽ تاريخ هجي يا پاڪستان جي سياست، پر اڄ به مخدوم صاحب جن جو نالو وڏي آب ۽ تاب سان جهلڪا ڏيندي جرڪندي نظر اچي ٿو.

ڪائنات جي سونهن ان وقت تائين لڪل رهي ٿي جنهن وقت تائين ڪنهن شاعر جي احساسن کيس ڇهيو نه هجي. شاعريءَ جي وسيلي ئي فطرت ۽ سونهن کي امرتا ملي ٿي. هڪ شاعر جي شاعراڻي خيالن جي ڪري ئي قومن جون قسمتون بدلجي وينديون آهن. مخدوم صاحب کي پنهنجي ڌرتي ماتا سان بيحد چاهه هو. مخدوم صاحب سنڌ ڌرتيءَ کي دنيا جي مڙني ملڪن کان مٿانهون سمجهي ٿو.

ڪافي

سنڌ سونهاري بلي بلي- او ساٿيو

ساٿيو- جنهن جو مٽ ناهي ملڪين،

1-            جنهن ۾ ڀٽائي آهي ڀلارو، هاڪ انهي جي هلي هلي.

ڪير ٿئي جو جهلي جهلي!

مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ اهڙيون ته منزلون ملن ٿيون، جتي هو پاڻ کي دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿي ڪري حسن ۽ پيار جا گيت ڳائي ٿو. مخدوم صاحب جي اڪثر بيتن، واين ۽ گيتن توڙي غزلن ۾ سونهن ۽ سڪ جي جستجو جرڪندي نظر اچي ٿي. مخدوم صاحب پنهنجن امنگن ۽ احساسن جو اظهار اهڙيءَ ريت ڪري ٿو، جو سندس  شاعري پڙهڻ سان تجسس وڌيو وڃي. مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ وقت جون صداقتون. حقيقتون، مايوسيءَ جو اظهار، انتظار، اوسيئڙو ۽ جستجو خاص طور تي نظر اچي ٿي.

مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ هر جاءِ تي هڪ نئون موڙ نظر اچي ٿو. ڪٿي پاڻ پيار محبت ۽ سونهن ڀرين نظارن جي تعريف ٿا ڪن ته ڪٿي وري پيار ۽ محبت کان هٽي سياست کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو اٿن. مخدوم صاحب جن جي شاعريءَ مان خبر پوي ٿي ته پاڻ سياست کان ڪنهن قدر مطمئن ڪونه هئا. جيئن پاڻ فرمائين ٿا ته:

سياست ۾ اهو اڄ ڪامياب آهي.

جو ملڪ و قوم جو غدار ٿيندو

 

زماني ۾ انهي جي ٿيندي عزت

وڏن ماڻهن اڳيان سجدو جو ڏيندو.

ـــــ

سياست گندگي ۾ وئي بدلجي

دغا بازي سوا ٻيو ڪجهه به ڪونهي.

هتي دنيا ۾ عقبيٰ ٻئي وڃن ٿيون

سو ڄاڻي جو خدا ٻيو ڪجهه به ڪونهي.

چيو ويندو آهي ته تخليقڪار، عالم، اديب ۽ شاعر پنهنجي دؤر جو آئينو ٿيندو آهي. جن جي حالتن جي بٺيءَ مان سندس شخصيت پچي نڪري ٿي ۽ اها ئي جهلڪ سندس تخليق ۾ موجود هوندي آهي. ان کان علاوه هو هڪ حساس انسان جي روپ ۾ پنهنجي وجود ۾ هڪ ڪائنات هوندو آهي. انهي حوالي سان هن جي قلمي پورهئي ۾ انهيءَ ڪائنات جا سڀئي رنگ موجود هوندا آهن. مخدوم صاحب جن جي شاعريءَ ۾ اهي سڀئي رنگ نمايان طور جهلڪن ٿا. مخدوم صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ لازوال ڪردار ادا ڪري هن ڌرتي جي گولي تي يادن جا اڻ مٽ عڪس چٽي تاريخ جو سنهري باب بڻجي ظاهري طور هميشه هميشه لاءِ هتان امر بڻجي هليا ويا آهن، پر سندس قصا ۽ ساروڻيون هر دور ۾ وقت  به وقت دهرائبيون رهن ٿيون. 11 جنوري 1993ع تي پاڻ هي فاني دنيا ڇڏي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليا. ڪنهن شاعر ڪيڏو نه خوب چيو آهي ته:

ڪي ڪي ماڻهو موت جي ڊپ کان هر هر جيئندا مرندا آهن!

پر ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي موت کي ماري ويندا آهن.

مون کي يقين آهي ته مخدوم صاحب به انهن ماڻهن مان هڪ آهي.....!

 

حافظ مهراڻ

علم پرور حضرت مخدوم محمد زمان

طالب الموليٰ صاحب

 

اڃا معصوم ٻارڙوئي هئس، تن تي ميرڙا ڪپڙا پاتل، اڻڀا وار ۽ ڦرهي هٿ ۾ جهلي جڏهن فڪر جا سبق پڙهڻ ويندو هئس ته انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي چاچا سائينءَ کان هڪ شعر ٻڌو هوم. ٻالڪپڻ ۾ ان شعر تي غور نه ڪيم، پر ڪجهه سٽون ياد اچن پيون ته چاچا سائين مون ڏانهن مخاطب ٿي هي بيت پڙهي پنهنجي روئداد ٻڌائيندو هو ته:

مليون جي مائٽن کان ۽ ٿيون استاد کان حاصل،

مون سمجهيون ٿي جفائون، پر سڀئي احسان ئي نڪتا.

پوءِ گهڻو پوءِ جڏهن سنڌ جي صوفي المشرب شاعر محمد فقير کٽياڻ جي ڳوٺ واري مَسيت سڳوريءَ ۾ ٻانگ صلوٰة ڏيڻ ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جو موقعو مليو ته ننڍپڻ ۾ چاچا وارو ٻڌايل بيت نه صرف سمجهه ۾ آيو پر خبر به پيئي ته هالن واري مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ صاحب جو اهو شعر آهي.

سنڌ جي هن پيراڻي خاندان جو تعارف به گهڻ رُخو آهي، هن خاندان جون علمي خدمتون سنڌ جي ماٿي تي جهومر جيان عيان آهن، حضرت مخدوم زمان طالب الموليٰ پاڻ نه صرف هڪ وزندار شاعر هئا، پر مشرقي اڳواڻن جون هڙئي خوبيون به مَنجهن ٽمٽار هونديون هيون، پاڻ غزل ۽ ڪافي جا نه صرف بهترين شاعر هئا، پر اعليٰ پائي جا سياستدان ۽ تڏي جا ”خان“ به هئا، ٻه ڏهاڪا کٽياڻن جي کٿاب خاني ۾ رهڻ دؤران مون به ڪيئي رنگ ڏٺا، جو جيئن ئي هجري سن جو ٻيو مهينو ايندو آهي ته کٽياڻن ۾ هر طرف گيڙو رنگ ئي نظر ايندو آهي، ڇو ته محمد فقير کٽياڻ جنهن سڄي زندگي پنهنجي ڳوٺ ۾ ويهي گذارڻ جي شغل کي ترڪ ڪري گيڙو ڪفني پائي، مٿو اگهاڙو ڪري، فقراء جو سنگ بڻائي ڇيرون وجهي، ساز سرود کڻي توحيدي پرچار لاءِ صوفياڻين ڪلامن ذريعي پرچار ڪئي. انهيءَ عمل ۾ کٽياڻ فقير سان مخدوم سرور نوح عليہ الرحمة جو پندرهون سجاده نشين ”گل سائين“ گڏ هوندو هو.

مخدوم زمان طالب الموليٰ صاحب جن به محمد فقير کٽياڻ جي سالياني ڏهاڙي تي ايندا هئا، سندس ميزباني رئيس دوست علي خان کٽياڻ جي هوندي هئي، ڏاڏا سائينءَ کان وٺي خليق الزمان ۽ سعيدالزمان تائين سڀ ذوالحج شريف واري ڏهاڙي ۽ ستين جي ساليانه پروگرام ۾ ايندا هئا، مخدوم خليق الزمان صاحب سان ته منهنجي تفصيلي علمي ادبي ڪچهري به ٿي هئي، سو سنڌ جي هن علمي خاندان جي علمي ادبي، سياسي سماجي خدمتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟

ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون

پر سي مون نه ڪيون، گوشئه گڏيا نه سپرين!

واري لطيفي لات جيان اسان به ڪڏهن اهڙي نه ڪئي، هاڻي جڏهن ناري پَٽ جي سڄاڻ سپاهي فقير لياقت جوڻيجي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم طالب الموليٰ صاحب ۽ معمور يوسفاڻيءَ جيان علم ادب جون محفلون مچائڻ شروع ڪيون آهن ته سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان اهل قلم، اهل علم، شاعر، اديب ۽ سگهڙ گڏ ٿي سنڌ جي شاندار تهذيب ۽ تاريخ کي ڀيٽا ڏيندا آهن ته مخدوم طالب الموليٰ سائين جو دؤر ياد اچي ويندو آهي. مخدوم صاحب نه صرف شاعرن جي همت افزائي ڪندا هئا، پر ڪيئي پروگرام ۽ محفلون به مچائيندا هئا.

مخدوم صاحب مشاعرن جي جيڪا سنڌ ۾ نواڻ آندي، سا به مثالي آهي، مشاعرا ته اڳ به ٿيندا هئا، پر جنهن منظم انداز سان مخدوم صاحب سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، تن ۾ ته نوابشاهه جي لاکي رحيم بخش ”قمر“ کان وٺي ڪيترائي باذوق سڄاڻ ايندا هئا. مخدوم صاحب نه صرف صوفي محمد فقير کٽياڻ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي ڇپرايو، پر تاجپور جي نواب ولي محمد لغاري، نواب امداد لغاريءَ جي والد صاحب نواب بهاول خان لغاري، صوفي ارشاد عباس، مخدوم شاهنواز عارف الموليٰ (ڊٺڙي واري)، منٺار فقير راڄڙ کاڻيءَ واري تائين سڀني صوفي بزرگن جي ڏهاڙن توڙي فقراهي مجلسن جي اهتمام ڪرڻ تائين جا سمورا فرض پاڻ نڀائيندو هو. مخدوم طالب الموليٰؒ جي مجلس به ڏسڻ وٽان هوندي هئي، جتي سڄيءَ سنڌ جي شاعرن سان گڏ گادي نشين ۽ سنڌ جا ڪيترائي باذوق سڄڻ گڏ هوندا هئا، مولانا گرامي ۽ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عزيز عقيليءَ جي ڏاڏي ”سرشار عقيلي“ جي شاعري ٻڌڻ جهڙي هوندي هئي.

دل بي تاب گستاخي نه ڪر ڪا يار جي ويجهو،

لُڏن جت نانگ ڪاريهر، پيا رخسار جي ويجهو.

اڄ جڏهن کاروڙي جي ان فقير صفت عظيم ڪنڀار جي علمي مشغلن کي ڏسجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته مخدوم صاحب پنهنجي روحاني جماعت جي ڪهڙي نه آبياري ڪئي آهي، جو ان ۾ علم ادب جي خوشبوءِ وکيرڻ وارو جذبو اڃا به وڌندو پيو وڃي. سنڌ جي سڀني درگاهن جي خانقاهي خدمتن کي هن انداز ۾ عام اڳيان آندو وڃي ته سنڌ جي هزارين سالن واري تاريخ به سمجهه ۾ ايندي ته سنڌ پنهنجي هنج ۾ اهڙا مثالي ڪردار به نپايا، جن تي سنڌ صدين تائين فخر ڪندي رهندي…

خاص اشاعت رسالي ”سروريه“ 11- جنوري 2013ع ۾ شايع ٿيل


· تمغن جو احوال ڪٽيو ويو آهي. (ت.ج)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org