سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:22 

ڊاڪٽر ادل سومرو

 

مخدوم محمد الزمان ’طالب الموليٰ‘

 

عالم، اديب ۽ شاعر پنهنجي فن ۽ فڪر جي روشني ڦهلائي، اونداهن ذهنن کي منور ڪندا آهن. هُو نه صرف سوچ جي سُرهاڻ ڦهلائي، صحتمند قدرن کي سگهه ٿا بخشين، پر پنهنجي ٻوليءَ جي ڦلواڙيءَ جي آبياري به ڪن ٿا. هر عالم، اديب ۽ شاعر جي پنهنجي ڏات ۽ فڪر جي حوالي سان ڌار ڌار اهميت آهي. سڀئي تخليقڪار هڪ برادريءَ وانگر آهن. هو سڀ هڪ ئي قافلي جا پانڌيئڙا آهن.

مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جو نالو شاعرن جي سٿ ۾ هڪ اهم ۽ نمايان حيثيت رکي ٿو. بيت، ڪافي ۽ وائيءَ جي صنفن ۾ پراڻن ۽ جديد قدرن کي گڏي پيش ڪرڻ ۾ سندن محنتون نهايت ئي ساراهه لائق آهن.

مخدوم صاحب جن 04 آڪٽوبر 1919ع ۾ هالا نوان ۾ پيدا ٿيا. پاڻ مشهور بزرگ حضرت غوث الحق مخدوم نوحرح جي پندرهين سجاده نشين مخدوم غلام محمد سائينرح جا فرزند آهن. پاڻ 1930ع کان شاعري شروع ڪيائون ۽ هيل تائين سندن تخليق جو اهو ئي عمل جاري آهي. پهريان ’بيوس‘، ’فراقي‘، ’زمان‘ ۽ پوءِ ’طالب‘، تخلق اختيار ڪيائون. 1949ع کان پنهنجي ڪلام ۾ ’طالب الموليٰ‘ جو تخلص استعمال ڪندا اچن ٿا.

مخدوم صاحب جن نه صرف لکڻ جي عمل ۾ سرگرم رهيا آهن، پر شروعات کان وٺي علمي ۽ ادبي مجلسن ۽ تحريڪن ۾ به حصو وٺندا رهيا آهن. سندن ئي سرپرستيءَ ۾ 1950ع ۾ هالا نوان مان ماهوار ’فردوس‘ رسالو جاري ٿيو، جنهن جي معرفت ڪيترن ئي نون ليکڪن کي سڃاڻپ ڪرائڻ جو موقعو مليو. نئين نسل ۾ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ انهيءَ رسالي ۾ ٻارن لاءِ به ڪجهه صفحا ڌار رکيا ويا هئا. 1952ع کان ’جمعيت الشعراءِ‘ سنڌ جا صدر ٿيا. 1955ع کان ۾ حيدرآباد ۾ ’بزم طالب الموليٰ‘ جو بنياد رکيو ويو، جنهن جا پاڻ سرپرست ٿيا. ان کان علاوه پاڻ ڪيترن ئي ادبي ۽ سماجي ادارن جا ميمبر ۽ عهديدار رهندا پيا اچن. تعليم جي ميدان ۾ به پاڻ ڪيترائي فلاحي ڪم ڪري چڪا آهن.

امام غزاليءَ جا خط، اسلامي تصوف، خودشناسي، شيطان، بهار طالب، رباعيات طالب، ياد رفتگان، مثنوي قل و عشق، ڪچڪول، ڪافي، ڇپر ۾ ڇڙيون ۽ ديوان طالب الموليٰ سندن يدگار ڪتاب آهن.

ڪافيءَ جي صنف ۾ ته سندن حيثيت موجوده دور ۾ سڀني کان مٿانهين آهي، پر سندن غزل به نهايت اثرائتا ۽ فڪر انگيز آهن. ”ديوان طالب الموليٰ“ ۾ 451 غزل ڏنل آهن، جيڪي جولاءِ 1982ع تائين لکيل سندن 1457 غزلن مان انتخاب آهن. غزل ۾ سندن سوچ نهايت واضح ۽ اعليٰ آهي. هي به سندن ئي خيال آهي ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

حافظ محمد احسن جن ’طالب الموليٰ‘ جي شاعريءَ بابت فرمائين ٿا: ”طالب الموليٰ جي شاعري ڪا هاڻوڪي ته نه آهي، پر ورهين کان وٺي، رسالن، ڪتابن ۽ ريڊيو پاڪستان تان عوام و خواص جي پسند ۽ مقبول شاعري آهي. برصغير ۾ شوق و ذوق سان ننڍي ۽ وڏي، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل جي زبان زد آهي ۽ اهل سُخن جو مشغلو آهي.“

طالب الموليٰ جي ڪلام ۾ فڪر سان گڏ موسيقي ۽ رواني به تمام گهڻي موجود آهي.

تو دلڙي يار ڌتاري، پر ڪانه ڪيئي پوئواري!

تنهنجا ڪيس پيارل ڪارا، آهن پيچ اُنهن جا پيارا،

ڪن ونگ وجهڻ لئه وارا، پائن ڳٽ ڳچيءَ ۾ ڳارا،

ڪن قيد سياڻا سارا، مهميرن تي سي مارا،

ٿين وير به اُت ويچارا، ٿا شاهه ڀرن شوڪارا.

منهنجي نرمل آهه نيزاري الا...!

’طالب الموليٰ‘ جي شاعريءَ ۾ روحانيت ۽ تصوف جو رنگ نمايان آهي. سندن ڪلام بابت مرزا عباس علي بيگ صاحب لکي ٿو، ”جناب طالب موليٰ جن اُهي شاعر آهن، جن عين وقت تي سنڌي غزل ۾ انقلاب پيدا ڪيو آهي. پاڻ تصوف جي رمز کان به واقف آهن ۽ حُسن جا ادا شناس به. پاڻ لطيف ۽ نازڪ اشارن جا قائل آهن ۽ مست الست به آهن، سندن لفظي ڪمال هي آهي جو تاثير ۽ دل فگاري سندن هر شعر جي مصرع جي جان آهي. مطلب ته کين محبت سان محبت آهي ۽ سندن شاعري سندن دل جي اصلي ترجمان آهي. ان حيثيت سان پاڻ، دور جديد جي شعر ۾ نهايت ممتاز ۽ نمايان آهن .“

’طالب الموليٰ‘ جن ٻوليءَ جي حوالي سان نه صرف سنڌيءَ ۾ بهترين شاعري ڪئي آهي، پر فارسيءَ ۾ به نهايت اثرائتي شاعري ڪئي اٿائون. پنهنجي ڏات، فن ۽ شخصيت جي اثر جي باوجود به هنن جي لکڻين ۾ ڪٿي به پنهنجي فن ۽ ڏات جي مهانتا جي دعويٰ ناهي ٿيل. پر هُو پنهنجي فن ۽ ڏات جي مڃتا جي موٽ ۾ لکن ٿا ته: ”آءٌ خود حيران آهيان ته منهنجي شاعريءَ ۾ ڪي ايتريون خوبيون آهن ڇا؟ زنده قومون پنهنجي فنڪارن جي سندن ئي زندگيءَ ۾ پنهنجي طرفان حوصله افزائي ڪنديون آهن. (نؤجوان) سندن فن تي تذڪرا لکندا آهن، مجالس ڪندا آهن، ڪتاب شايع ڪندا آهن. جيئن هو پنهنجي فن ۾ وڌيڪ ترقي ۽ ڪمال حاصل ڪن. اڄوڪن نوجوانن کي آفرين آهي، جو انهن زنده پرست ٿيڻ جو عزم ڪيو آهي. اڄڪلهه شاعرن ۽ فنڪارن سان شامون ملهايون وڃن ٿيون. اخبارن ۾ انهن جي همت افزائي ٿئي ٿي.“

’طالب الموليٰ‘ پيار ۽ محبت جا شاعر آهن. سندن ڪلام ۾ هر هنڌ اهڙا ئي جذبا بيان ٿيل آهن:

اسان وٽ نه آهي محبت مهانگي،

هلي آءُ ساجن، سڄڻ يار سانگي،

تون ڇا هُئين، ڇا مان ڇا ٿي وئين،

جڏهن تنهنجو ٿيس، ته جدا ٿي وئين.

’طالب الموليٰ‘ جن سنڌي راڳ جا به وڏا ڄاڻو ۽ قدردان آهن. هنن ڪيترن اُڀرندڙ فنڪارن جي همت افزائي ڪئي ۽ انهن مان ڪيترن گهڻي شهرت حاصل ڪئي. سگهڙ، سالڪ هجن يا ٻيا ڪي فنڪار. سڀني تي ’طالب الموليٰ‘ جن جي شفقت رهي آهي.

مشهور شاعر سوز هالائي، طالب الموليٰ جي شخصيت بابت لکي ٿو: ”سائين سونهن ورونهن جو حساس ۽ خوبصورت شاعر آهي. سندس لفظ لفظ ۾ لئه ڀريل ۽ سٽ سٽ ۾ سنگيت سمايل آهي. عروض هجي يا ڇند، سر هجي يا تال، هر صنف ۾، هر جاءِ يڪسان مهارت جهلڪا ڏيندي نظر ٿي اچي. جيڪڏهن ائين چئجي ته سنڌي شاعريءَ ۾ سائين جن جي دنيا بلڪل الڳ ٿلڳ آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو.“

سڄڻ طالب الموليٰ تو کي پُڪاري،

ويٺو واٽ تنهنجي ٿو هر هر نهاري،

سندءِ نام نرمل جهونگاري ٿو جهانگي.

 (نئين زندگي، جون 1990ع)

سرفراز راڄڙ

 

 

 

 

دنيا ۾ هڪڙو ئي ٿيو طالب الموليٰ

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي گهڻ رخي شخصيت تي لکندي اهو ضرور محسوس پيو ٿئي ته شايد اهڙو ڪجهه نه لکي سگهان، جيڏي همه گير سندن شخصيت هئي، قرب محبتون ۽ شفقتون سندن وڙ هو. امير، فقير، تونگر ۽ مسڪين سان هڪجهڙو ورتاءُ سندن شيوو هو. نه ڪنهن حاڪم جي پرواهه ڪيائون ۽ نه ڪنهن مسڪين جي دل ڏکويائون، سنڌ ڌرتيءَ تي جيڪي املهه ماڻڪ پيدا ٿيا، تن ۾ طالب الموليٰ سائين پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندن والد مخدوم غلام محمد عرف گل سائينءَ کي پاڻ اڪيلو نرينو اولاد هئا ۽ سندن تعليم ۽ تربيت تي نهايت گهڻي توجهه ۽ پيار ڏنو ويو. گل سائينءَ جي وفات کانپوءِ سندن سموري تربيت ۽ خيال سندن چاچي مخدوم غلام حيدر رکيو. اهي پاڻ وقت جا وڏا عالم ٿي گذريا آهن ۽ انهيءَ وقت جي سياست، خاص طرح سنڌ جي سياست ۾ سندن وڏو ڪردار رهيو هو. قائداعظم جي وفات کانپوءِ ملڪي حالتن ۾ جيڪو وڏو خلا پيدا ٿيو هو ۽ پوءِ جيڪا سياسي ڀڃ ڊاهه ايوب خان جي مارشل لا تائين رهي، تنهن جي وچ ۾ شروع وارا ڏينهن، جڏهن چوڌري محمد علي گورنر جنرل هو، تڏهن خاص طور سنڌ جون حالتون نهايت عجيب رخ اختيار ڪري ويون هيون ۽ تنهن ۾ مخدوم غلام حيدر وٽ هالا ۾ سڀ سياسي ڌريون صلاح مشوري لاءِ اينديون رهيون، جن ۾ ميران محمد شاهه، پير الاهي بخش، شڪارپور جا سومرا ۽ نواب شاهه جا جتوئي خاص طرح نهايت قريبي تعلق ۾ هئا ۽ مخدوم غلام حيدر هر وڏ وزارت ۽ جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. خاص طرح سندن درگاهه سان وابسته پير الاهي بخش جي وزير تعليم ٿيڻ سان سنڌ ۾ جيڪي تعليمي سڌارا آيا، تن ۾ مخدوم غلام حيدر جو وڏو هٿ هو ۽ پاڻ به تعليم سان جيڪا دلچسپي رکيائون، ان جو مثال هالا جون علمي درسگاهون آهن، جن کي پوءِ مخدوم طالب الموليٰ جن سنڀاليو ۽ وڌايو ويجهايو. پنهنجي چاچي جون علمي سرگرميون کين به اهڙي ذوق ڏي وٺي ويون ۽ طالب الموليٰ جتي هالا ۽ آسپاس جا اسڪول ۽ ڪاليج سنڀاليا، اتي ٻه پير اڳيان اچي دادوءَ ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول قائم ڪيائون ۽ کپري ۾ غريب ۽ مسڪين شاگردن لاءِ طالب الموليٰ هاسٽل به تعمير ڪرايائون. ڪافي عرصي تائين غريب شاگردن کي اسڪول جون فيون ۽ هاسٽل ۾ رهڻ دوران خرچ ملندو رهيو.

مخدوم صاحب جون ادبي سرگرميون به عروج تي رهيون، ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا منعقد ڪري سنڌ جي اهل علم و ادب سان محبتون ونڊيندا رهيا. سنڌ جي شاعرن اديبن سان سندن رهاڻين اهڙو رنگ لاتو، جو پاڻ جمعيت الشعراءِ جو بنياد وڌائون، جنهن سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ادبي هلچل مچائي ڇڏي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ مشاعرن ۽ ادبي محفلن جو هڪڙو رنگ ڄمي ويو. ان سان گڏ پاڻ بزم طالب الموليٰ به قائم ڪيائون ۽ ان جون سنڌ جي ڪافي شهرن ۾ شاخون قائم ٿيون. سنڌي ۾ ”الزمان“ نالي سان اخبار به ڪڍيائون ۽ ٻن ادبي رسالن جي سرپرستي ڪيائون، جن ۾ ”فردوس ماهنامه“ ۽ ”شاعر“ هئا، جيڪي باقاعدگيءَ سان هالا مان شايع ٿيندا هئا. جنهن سان سنڌ ۾ تنهن وقت ۾ هڪڙو ادبي ۽ علمي انقلاب اچي ويو هو.

هڪ ڳالهه جيڪا ڪرڻ جهڙي به ڪانهي، پر ڪري ٿو وڃان ته پاڻ هڪڙي لسٽ ترتيب ڏني هئائون. جنهن ۾ سنڌ جي اهڙن شاعرن ۽ اديبن جا نالا شامل هئا، جيڪي مفلسيءَ ۾ گذاريندا هئا. تن جو ماهوار وظيفو مقرر هوندو هو. جيڪو کين هر مهيني مني آرڊر ذريعي موڪليو ويندو هو، جنهن جي خبر کين ۽ سندن هڪڙي ملازم کي هوندي هئي. اها ڳالهه مون کي پرواني ڀٽيءَ ٻڌائي.

راڳ رنگ سان سندن شوق عشق جي حد تائين هو ۽ پاڻ شاعريءَ سان گڏ راڳ ٻڌندا به هئا ته ڳائيندا به هئا. اهڙي تربيت پاڻ گواليار خاندان جي گويي استاد بيبي خان کان ورتي هئائون ۽ پوءِ راڳداريءَ جو عشق انهيءَ حد تائين وڌيو، جو پاڻ هڪ راڳڻي ”زمان جي ٽوڙي“ ايجاد ڪيائون، جو اڄ به راڳي ۽ گويا اها راڳڻي ڳائين ٿا. سنڌ جا مشهور فنڪار استاد منظور علي خان، حسين بخش خادم، مصري فقير، ڦوٽو زرداري ۽ فقير امير بخش سندن قرب ۽ محبت جا اسير هئا ۽ سندن حاضريءَ ۾ عمر جو وڏو عرصو گذاري ويا. صبح کان شام تائين عام ماڻهن سان سندن هڪ وڏو تعلق رهيو. صبح جو 9 وڳي عام ماڻهن سان ملاقاتن ۾ غريب غربو امير فقير. هر ڪو ملي ويندو هو ۽ هر مسئلو بنا ڪنهن دير جي حل به ٿي ويندو هو. ڪي اهڙا به فيصلا ايندا هئا، جن ۾ پاڻ ٻنهي ڌرين کي پاڻ وٽ ويهاري ڳالهيون ٻڌندا هئا ۽ فيصلو ڏئي ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندا هئا.

سروري جماعت جي روحاني پيشوائي هڪ وڏو منصب هو ۽ پاڻ 9 لکي گودڙيءَ (نو لک مريدن) جي هوندي هر ڪنهن سان ملڻ وقت وڏي قرب سان پيش ايندا هئا ۽ هر ايندڙ اهو محسوس ڪندو هو ته طالب الموليٰ سائين مون کان وڌيڪ ٻي ڪنهن کي به نٿو پيار ڪري. صبح کان شام تائين فون به پيا ڪندا هئا، چاهي ڪنهن غريب لاءِ چيف منسٽر سان ڳالهائڻو هجي يا گورنر سان، انهيءَ کي اهو چوندا هئا ته هن غريب جو ڪم ڪري مون تي قرب ڪندا.

ون يونٽ جي خلاف جڏهن سنڌ ۾ باهه ٻري ۽ سنڌ جا نوجوان شاگرد، اديب، شاعر ۽ عوام جڏهن ايوب شاهيءَ خلاف اٿي پيو ۽ هتي مسرور حسن جهڙي بيور ڪريٽ پنهنجي هٺ ڌرمي برقرار رکي. تڏهن مخدوم صاحب ان لاءِ پنهنجي بنگلي A-3 ڪئنٽونمينٽ تي هڪ وڏي ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد به شريڪ ٿيو هو. تنهن ڪانفرنس ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ ان سان گڏ ايوب خان کي به ناراضگي ٿي، پر پاڻ بي پرواهه ٿي اجرڪ جو پٽڪو پائي سنڌ جي دوري تي نڪري پيا. انهيءَ دوري ۾ آءٌ به ساڻن گڏ هوس. مون سڄو مشاهدو ڪيو هو، جو پاڻ هر هنڌ تقريرن ۾ ون يونٽ جي خلاف ڀرپور نموني ڳالهايائون. جڏهن ون يونٽ ختم ٿيو ته پاڻ تمام وڏي خوشيءَ جو اظهار ڪندي هر ملاقاتيءَ کي مبارڪون ڏنائون. ذوالفقار علي ڀُٽي جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو ته پاڻ سنڌ مان پهرين پيپلز پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيندڙ اڳواڻن ۾ شامل هئا ۽ ڀٽي صاحب سان هر قدم تي ساٿ ڏئي پارٽيءَ کي سنڌ ۾ ڀرپور نموني جهر جهنگ شهر ۽ واهڻ گڏ هلي عروج تي پهچائڻ ۾ سندن وفائون شامل حال رهيون ۽ هالا ڪانفرنس جو ٽي ڏينهن انعقاد تمام وڏي ڳالهه هئي. جنهن ۾ سڄي ملڪ جا هڪ هزار ليڊر شامل هئا، جن جي رهائش جو انتظام معمولي ڳالهه ڪا نه هئي، پر اهو جنهن نموني ڪري ويا، اهو لاجواب هو. انهيءَ ڪانفرنس ۾ اهو طئي ڪرڻو هو ته جنرل يحيٰ جي طرفان اعلانيل اليڪشن ۾ حصو وٺجي يا نه؟ آخر ۾ اهو طئي ٿيو ته اليڪشن ۾ حصو وٺجي، ڇو ته جنرل کي پنهنجي ڪرڻ ڪانه ڏبي ۽ عوام کي حق تڏهن ملندا، جڏهن پارليامينٽ ۾ پيپلز پارٽي جو وجود هوندو ۽ ائين پيپلز پارٽيءَ ڀرپور حصو ورتو ۽ اولهه پاڪستان (تڏهوڪي) ۾ ڀرپور نموني کٽيو.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شهيد قائد جي شهادت کانپوءِ ضياءَ شاهي سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ جيڪو سندن ڪردار هو، اهو تاريخ جو هڪ حصو آهي: ڇاڪاڻ ته هالا انهيءَ تحريڪ جو آخر تائين محور رهيو ۽ مارشل لا اختيارين جو سڄو زور تحريڪ جي خلاف ۽ هالا تي رهيو. پر پاڻ هر ورڪر جو خيال ڪيائون ۽ هر ممڪن مدد ڪري پ پ ورڪرن جو ته خيال رکيائون، پر سندن پوين کي به هر امداد پهچائڻ جو انتظام ڪيائون. انهيءَ کانپوءِ بينظير ڀٽو سان سندن ساٿ به ڀرپور رهيو ۽ بيمار هئڻ باوجود پارٽي لاءِ هر ممڪن وفائون ۽، محبتون ۽ جدوجهد جون هدايتون ڏيندا هئا ۽ اهڙي طرح طالب الموليٰ سائينءَ جون پارٽيءَ لاءِ ڏنل قربانيون، محنتون، وفائون ۽ جدوجهد هڪ وڏي تاريخ آهي.

مخدوم طالب الموليٰ جنهن جذبي ۽ سنڌ جي سڄڻ جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو، سو سنڌ واسي ڪڏهن به وساري نه سگهندا ۽ اهي قربتن ۽ محبتن جا نقش سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي دل تي ڇانيل آهن. اڄ سندن ورسيءَ جي موقعي تي هالا ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اديب شاعر ۽ سياستدان شريڪ آهن ۽ اڄ به سندن هي شعر هر ننڍي وڏي جي زبان تي آهي ته:

اگر  جي  خذمت  جي  ڪرڻ  جي  ناهي  طاقت   الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ ڪو وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org