سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:17 

ڊاڪٽر قمر جهان مرزا

 

 

 

مير علي احمد خان ٽالپر ڏانهن

مخدوم ”طالب الموليٰ“ جا خط

 

خط لکڻ  هڪ فن آهي. اهو جيترو آسان ۽ دلچسپ آهي، اوترو ئي ڏکيو پڻ. اهو انسان جي ادراڪ ۽ احساس جو ترجمان به ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪن سنجيده مسئلن تي ڪيل گفتگو کانسواءِ ڪن  داخلي احساسن جو اظهار به ڪيل هوندو آهي. اهڙن اظهارن ۾ انشاء پردازيءَ جو جوهر خوب سمايل هوندو آهي. شعر، سخن ۽ قولن جي استعمال سبب ان ۾ جاذبيت پڻ پيدا ٿي پوندي آهي. سموئيل جانسن چواڻي: ”خط ۾ انساني روح جي جهلڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي.“

خط لکڻ وارو عمل تڏهن کان آغاز ۾ آيو هوندو، جڏهن کان رابطي لاءِ لکپڙهه وجود ورتو. اوري پري ڪو نياپو/ سنيهو لکت ۾ موڪلڻ واري قرطاس کي خط چيو ويو هوندو. ڌرتيءَ جي ڪهڙي به ٽُڪر تي ڪنهن قوم جي وجود وٺڻ ۽ ان جي شعوري ارتقا ۾ خط لکڻ جو رواج آڳاٽو ضرور هوندو. خط جي تاريخ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته اهو ڪنهن به آڳاٽي وجود ۾ آيل رسم الخط جيترو ئي ڪُهنو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته رسم الخط جي گهرج به خط لکڻ جي ڪري محسوس ڪئي ويئي هجي. بهرحال خط جي قدامت کي ڪنهن به حوالي سان مڃڻ واجب ٿيو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح مهذب قومن ۾ ئي ان جي آڳاٽي وجود جا اهڃاڻ ملي سگهن ٿا. قرآن مجيد جي اُڻويهين پاري جي سورت النمل ۾ حضرت سليمان عليہ السلام جي خط جو ذڪر ملي ٿو. ان کان علاوه نبي پاڪ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلٰہ وسلم جن جا روم، حبش، ايران، بحرين، عمان، دمشق ۽ يمامه جي حاڪمن ڏانهن لکيل خط ۽ خلفاءِ راشدين جا خط اسلامي تاريخ جو اهم موضوع آهن. اهڙيءَ طرح صوفي بزرگن ۽ شيخن مشائخن جا ظاهري توڙي باطني تربيت کان علاوه روحاني ۽ سماجي مسئلن تي ڪيل گفتگو تي مبني خطن جا مجموعا ان فن جو سرمايو آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ به خطن جو خاصو ڇپيل ذخيرو موجود آهي، جنهن ۾ علامه آءِءِ.قاضي، سائين جي.ايم.سيد، سيد ميران محمد شاهه، پير علي محمد راشدي، محمد امين کوسي، شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويي، عبدالقادر جوڻيجي ۽ طارق اشرف جا خط شايع ٿيل آهن. ساڳيءَ ريت ڪيترن ئي ڇپيل مجموعن ۾ مختلف عالمن ۽ شخصيتن جا خط ترتيب ڏنل آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن، توڙي دانشورن، شاعرن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جي خطن جا ذخيرا اشاعت ۾ نه اچڻ ڪري اڳوڻي علمي ذخيري ۽ ادبي اثاثي وانگر متان ضايع ٿي وڃن، انڪري بيحد ضروري آهي ته اهڙن اهم ذخيرن ڏانهن سُتت ڌيان ڏيئي، انهن جي حفاظت لاءِ عملي اپاءَ وٺڻ کپن، جن مان اڳتي هلي اسين گهڻ طرفا علمي فائدا حاصل ڪري سگهنداسين. خطن جي اهڙي ئي هڪ ذخيري مان ڪجهه خط هيٺ ڏجن ٿا، جي سنڌ جي ٻن قابل صد احترام علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جي دوستيءَ جو ڦل آهن. اهي شخصيتون مير علي احمدخان ٽالپر ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي نالن سان اسان جي ٻولي ۽ ادب ۾ نشانبر آهن. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي ادب جي نهايت غير معمولي شهرت رکندڙ هستي هو. پاڻ هڪ ئي وقت نامور شاعر کان علاوه بهترين نثر نويس به هو. شاعريءَ ۾ سندس نازڪ خيالي ۽ منفرد انداز بيان کان علاوه نفاست پڻ نمايان آهي. سندس طبيعت ۾ به نفاست هئي، جنهن لاءِ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته، ”محترم سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن نهايت نفيس طبيعت جا مالڪ هئا. انڪساري ۽ فضيلت سندن شان هوندو هو. ادب ۽ فن سان دلي ذوق هئن. سنڌي علم و ادب لاءِ سندن ڪيل خدمتون ڪڏهن به وسرڻ جون نه آهن.“ جهڙو هو طبيعت جو نفيس سائين طالب الموليٰ، تهڙو هو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ دلڪش شخصيت جو مالڪ مير علي احمدخان ٽالپر. مير صاحب جو علمي، ادبي ذوق پنهنجن همعصرن ۾ مثالي هو. نه رڳو سنڌي عالم، اديب ۽ شاعر وڏيءَ سڪ سان سندس ايوان تي حاضر ٿي علمي ڪچهريون مچائيندا هئا، پر اردوءَ جا ليکڪ به وٽس هيج مان هليا ايندا هئا. مير صاحب وسيع مطالعي جو صاحب هو. سندس ذاتي لئبرريءَ ۾ لاتعداد ڪتاب موجود هئا، جي سنڌيءَ کانسواءِ اردو، انگريزي ۽ فارسي ٻولين ۾ گهڻا هئا. ڇاپي ڪتابن کان علاوه اڻلڀ قلمي نسخا به موجود هئا، جن تان سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن تحقيقي استفادو ڪيو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي سياستدانن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا ڏانهس آيل خط به محفوظ ڪيل هئا، جن مان اڄ هتي رڳو سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا لکيل خط پيش ڪجن ٿا، جن مان ٻنهي صاحبن جي هڪ ٻئي ڏانهن اُڪير جو بخوبي اندازو ٿي سگهي ٿو. هڪ ٻئي سان رلڻ ملڻ ۽ اٿ- ويهه ۽ اچ وڃ به آڳاٽي هئن. حيدرآباد ۽ هالا جي وچ ۾ ڪو گهڻو مفاصلو به ڪونه هو، جو خَط پٽ جو سهارو وٺن، مگر پوءِ به ڏسجي ٿو ته گهڻي مصروفيت سبب سندن هڪ ٻئي سان ملڻ ۾ دير پوندي رهي، جنهنڪري اڌ ملاقات تي اڪتفا ڪرڻي پين. جي پنهنجن شهرن کان ٻاهر به رهيا، ته هڪ ٻئي کي ته ائين وڌيڪ ساريندا رهيا. ان جي نتيجي ۾ يادگيري ۽ حال احوال ڏيڻ لاءِ خط جو سهارو وٺڻو پين. سائين طالب الموليٰ جن مير علي احمد خان ٽالپر ڏانهن خط لکندا هئا ته لازماً مير صاحب به جوابي خط لکندو هوندو. هت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا مير علي احمد خان ٽالپر ڏانهن لکيل ڪجهه خط ڏجن ٿا.

(1)

هالا

22 مئي 1962ع

صديقِ مڪرم!

السلام عليڪم! اڄ تائين ٽپال کي چڱيءَ طرح جاچيو ۽ ڳوليم، مگر اوهان جو عيد ڪارڊ يا خط هٿ ڪونه آيو. المطلب ته خط آڻيندڙ شخص پنهنجو احوال ظاهر ڪندو. اميد ته حتي المقدور سندس مدد ڪندا ته طرفين لاءِ دعاگو رهندو.                                          محمد زمان

(2)

پنڊي

28 جون 1962ع

صديقِ مڪرم!

محبت ۾ اگر پيمان شڪني نه ٿئي ته ٻيڻي ڪشش ۽ پختگي عهد ڪيئن پيدا ٿيندي. دانسته وعده خلافي واقعي جرمِ محبت آهي، مگر نادانسته طور ته پاڻ اهڙا گناهه بخشش جي قابل ٿيندا آهن ۽ ويجهي ٿيڻ جو بهانو. هڪ فارسي شاعر نهايت سٺو مثال ڏنو آهي ته:

محبت بيشتر قائم شود جون بشکند پيمان
شگوفه اول افشاند درخت آنگه ثمرگيرد

اوهان پنڊي ۾ اچڻ جو وعدو پورو نه ڪري سگهيا ۽ اهو عمل ناگاهه ۽ نادانسته طور ٿيو ۽ جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته منهنجي دل ۾ اوهان جي محبت وڌيڪ زور ورتو ۽ خط جي صورت ۾ آءٌ پاڻ خود لفافي ۾ لڪي اچي اوهان وٽ پهتس ۽ وري جيڪو اوهان جو جواب مليو انهي هيڪاري لطف اندوز ڪيو. ملفوف ۾ صرف ڪاغذ ۽ رواجي لفظن جي ڀرمار ڪانه آهي پر گلن سان پُر ٿيل آهي. هن خشڪ ماحول ۾ اوهان جي مضمون آفريني ۽ سخن نوازي باغ و بهار ڪري ڇڏيو.

اسيمبلي اجلاسن جو بهانو هٿ لڳي ويو آهي. حقيقت ۾ زماني جي ڪاروبار ۽ دماغ سوز فيصلن کان هاڻي فرصت ملي آهي. ڀانيان ته جولاءِ ۾ موٽان. عزيزيامين به ڏينهن ٻن ۾ هِت اچي ٿو. ڀانئجي ته هفتو کن مري، ايبٽ آباد ۽ ڪاغان ڏسڻ جي بهاني وڃي غم غلط ڪري پوءِ ڳوٺ موٽجي.

اصحاب هوش سان گڏ رهي نه ٿا سگهون. هڪڙا اقتدار جا طالب ته ٻيا وري عهدن جا خواهان. انهن لالچن هڻي همراهن جا وچ ڪڍي وڌا آهن. نفس کي اگرچه انهن شين مان لطف ايندو آهي مگر روح بيزار هوندو اٿن. درحقيقت تخت و تاج جي مٿان هميشه تلوار لٽڪيل رهندي آهي، پر دماغ اٿن ته سمجهن ڪونه ٿا، اکيون اٿن ته ڏسن ڪونه ٿا ۽ پير اٿن پر هلن ڪونه ٿا. اسان کي پنهنجي قبله و مرشدي والد صاحب جي نصيحت هميشه ياد آهي ته:

شکوة تاج سلطاني که بيمِ جان درودِ جست
کلا
هِ دلکش است اما بدردِ سرنمي ارزد

دنيا عبرتگاهه آهي. عجيب و غريب واقعا ۽ حادثا رونما ٿي رهيا آهن. جهان هڪ تماشه گاهه به آهي، جنهن ۾ داغ دهلويءَ جي چوڻ موجب.

اي دلِ نافهم! دنيا يه تماشه گاهه هي
جو تماشه ديکهني آيا، تماشه بن گيا هي

روزانه صبح جو اسيمبليءَ ۾ وڃي ڪن ڳڻائي اچبو آهي. پوءِ سارو ڏينهن بند ڪمري ۾ قلم، ڪاغذ ۽ ڪتاب ئي همنشين و همنوا ۽ هم صحبت رهن ٿا. ڇو ته بقول حافظ شيرازي:

خدارا کم نشين باخرقه پوشان
رخ از رندانِ بي سامان مپوشان
درين خرقه بس آلودگي هست
خوشا وقتِ قباي مي فروشان

هت نه آهن بي سامان رند ۽ نه آهن مستانا مي فروش، تنهنڪري پنهنجي لاءِ سڀڪجهه پاڻ آهيون. حضرت جوش مليح آبادي جي غزل جو قافيو ۽ رديف وٺي ساڳي زمين ۽ ساڳئي وزن تي غزل لکڻ شروع ڪيو اٿم. غزل جي مطلع ۽ ٻئي شعر عرض رکان ٿو:

بهار آئي، جنونِ فتنه سامان کي مبارڪ ڏيو
وڙهيا عشق و خرد، جيب و گريبان کي مبارڪ ڏيو
وري قيدِ سلاسل مان ٿيا آزاد مستانا
اچن ٿا جلد، هي دشت و بيابان کي مبارڪ ڏيو
وري ڦُلڻن منجهان اڄ خار پنهنجي پياس لاهيندا
خدارا زود تر خارِ مُغيلان کي مبارڪ ڏيو
نوازڻ ٿو اچي حسنِ خرامي سان صنم سهڻو
گلن سان گڏ وڃي اهلِ گلستان کي مبارڪ ڏيو
اجهو حاضر ٿيان ٿو ۽ سرِ تسليم خم آهي
ڪمندِ زلفِ پيچان، مشڪ افشان کي مبارڪ ڏيو

صائب ويچاري فرياد ڪيو آهي ته:

صائب! دو چيز مي شکند قدرِ شعر را
تحسين ناشناس و سکوتِ سخن شناس

اوهان به سخن شناس آهيو ۽ سخن فهم. انهيءَ ڪري پنهنجا اشعار لکي يا ٻڌائي اوهان جي سمع خراشي ٿو ڪريان. معافي                                         طالب الموليٰ

(3)

هالا

14 سيپٽمبر 1962ع

حبيبِ محترم و صديقِ مڪرم!

سلام مسنون- انشاءَ الله بخير و عافيت آهيو ۽ خوش و خرم هوندا. آمين

اوهان جي قربدار ۽ علمي ادبي رهاڻين جو ڪيف دماغ تي طاري آهي. بقول لطيف ڀٽائي:

اِن تڙ منجهان تِڪَ، ڏني پاڻ اڃ ٿئي.

وارو معاملو اسان سان به هر وقت لاڳو آهي ۽ اوهان جي ياد هر لمحي دامنگير رهي ٿي.

28- آگسٽ کان هلڪو بخار شروع ٿيو ۽ 4 سيپٽمبر تي لٿو. انهيءَ کان ضعفِ جسم ۽ دردِ ڪمر بيحد پهتو. اگرچه ٻنهي حالتن ۾ ڪمي به آهي، تاهم ايتري توفيق نه آهي جو ماڻهن سان ڪمن ڪارن لاءِ ويهي سگهجي. اها تڪليف 24 ۽ 25 آگسٽ واري دادوءَ جي سخت گرميءَ کان پهتي. ڊاڪٽر جي مشوري سان 16 سيپٽمبر تي ڪوئٽا روانو ٿيندس ۽ انشاءَ الله 28 سيپٽمبر تي موٽندس. جيڪڏهن حيدرآباد ۾ هوندا ۽ ديارِ حسن و جمال (ڪراچي) نه اُسهيا ته آڪٽوبر جي 4 يا 5 تاريخ حيدرآباد ۾ اوهان جي رهاڻ مان لطف اندوز ٿبو. آخر ۾ پنهنجي هڪ فارسي غزل جو هڪ شعر به پيش ڪريان ٿو:

بدامِ زلفِ پيچان بارها آويختم رستم

که صيدِ هوشيارم طبع بي باکانه مي دارم

                                                                طالب الموليٰ

(4)

ڪوئٽا

19 سيپٽمبر 1962ع

تومي سوزي بعشقِ من و عن درعشقِ تو سوزم

تو  طبعِ شمع داري، من دلِ پروانه مي دارم

(طالب الموليٰ)

حبيب محترم!

سلام مسنون. هالن مان لکيل خط به اميد ته پهتو هوندو. رسول بخش ڊرائيور جي هٿان اوهان جو خط مليو. يادگيري لاءِ بيحد ممنون آهيان. افسوس اٿم جو سيد شاهه محمد شاهه کي اوهان جي ڏنل دعوت ۾ شريڪ ٿي نه سگهيس.

هت بخير و عافيت پهتس. طبيعت ۾ اڃا به ضعف ۽ ڪمر جو درد موجود آهي. الحمد لله آهستي آهستي ٻيون تڪليفون گهٽجي رهيون آهن. هت سرد موسم جي ڪري طبيعت تي آب و هوا جو سٺو اثر پيو آهي. انشاءَ الله الرحمٰن 1- آڪٽوبر تي سڌو هالين پهچندس جو ماهانه سومار آهي. ان بعد جيڪڏهن اوهان اُتي هوندا ته اچي ديدار ڪبو ۽ ادبي صحبت مان لطف اندوز ٿبو. هت پرديس ۾ اوهان جي دستخط پڙهڻ لاءِ خاص طرح منتظر آهيان.

                                                                دعاگو

                                                               طالب الموليٰ

 

(5)

ڪراچي

1 جنوري 1963ع

مشفقيم و محبيم جناب مير صاحب!

السلام عليڪم: منهنجي زندگيءَ ۾ هي پهريون ڀيرو آهي جو نئين عيسوي سال جي اوهان کي مبارڪ لکي رهيو آهيان. ڇو ته ڏينهن ٻه ٿيندو ته اوهان جو مبارڪ نامو پهتل آهي. عيسوي سال اگرچه اسان مسلمانن جو سال نه آهي، تاهم به عيسوي زبان (انگلش) دفتري زبان هئڻ ڪري گويا ذري گهٽ اسان جي زبان بنجي وئي آهي يا بنجڻ تي آهي. اها زبان اهڙي ته اسان ۾ وچڙي وئي آهي يا اسين ان ۾ وچڙي ويا آهيون جو جيڪڏهن هڪ صدي انگريزي زبان کي انهيءَ دلچسپيءَ سان ۽ انهيءَ هلندڙ تيزيءَ سان جاري رکيو ويو ته پوءِ شايد.....!

ڪالهه هت پهتس. فون تي معلوم ٿيو ته اوهان اڃا خير سان حيدرآباد آهيو. اگرچه ٽيون ڏينهن ڪنهن صاحب ٻڌايو ته اوهان ڪراچيءَ روانا ٿي ويا. دل گهريو پئي ته ڪي چند گهڙيون اچي حاضري ڀرجي ۽ روح رهاڻ ڪجي. ڪيترن ئي ڏينهن کان اوهان سان رهاڻ ڪرڻ لاءِ دل بيتاب آهي. هالين به اوهان پنهنجا قرب ۽ ڪرم ڪري آيا، پر ادبي رهاڻ جو خاص وجهه ڪونه مليو. انشاءَ الله الرحمان ته اجهو وٺبو. حقيقت ۾ آءٌ ئي ڪافي عرصو ڳوٺ کان ٻاهر رهيو آهيان. اچي رهاڻ ۽ صحبت نه ڪرڻ جي ميار به مون تي آهي. اسان عاشق ماڻهو آهيون، تنهنڪري اسان کي ئي اهي نعمتون حاصل ڪرڻيون آهن. اوهان اسان جا محبوب آهيو. اهو چوڻ ته اوهان جو ملڻ ڪونه ٿو ٿئي، سراسر غلط آهي. هيءُ هڪ ويچاري جي ڳالهه وانگر يعني هڪ شخص شاهه جي جمع تي راڳ ٻُڌڻ لاءِ پري کان پنڌ ڪري اچڻ جي سبب ٿڪجي پيو ۽ ننڊ اچي ويس. راڳ ڪونه ٻڌي سگهيو ۽ صبح جو آيو ڳوٺ. ڳوٺ وارن راڳ جي خبر پڇيس، جواب ۾ چيئين ته ”يار! رات فقيرن کي ننڊ اچي وئي، تنهنڪري راڳ ٿيو ئي ڪونه!“

ڪاشيگر کي سڏيم ۽ سندس چڱي پالش ڪيم. هن چيو ته جيڪو مال جڏهن هالن مان کنيو وڃي ته اُتي ڏسجي ته بهتر. جيڪو مال ڪسو هجي اُهو نه کڻجي ته ان جي بدران ٻيو تيار ڪري ڏجي. هي به ٻڌايائين ته ڪاشي هميشه جي دستور موجب ڀت ۾ چروليءَ سان لڳائڻ گهرجي ۽ لڳائڻ بعد معمار سيمنٽ ڪاشيءَ تي لڳائي وري اُگهي ٿو، اهو به بند ڪرائڻ گهرجي ڇو ته سيمنٽ جو ذرڙو به رهجي وڃي ٿو ته اتي ڳوڙهي رهجي ٿي وڃي. انشاءَ الله بخير عافيت آهيو.

 

                                                           خيرانديش

                                                                 طالب الموليٰ

(6)

راولپنڊي

محرم الحرام 1383هه

25- مئي 1963ع ڇنڇر

حبيب مڪرم!

قتلِ حسين اصل مين مرگِ يزيد هي

اسلام زنده هوتا هي هر کربلا کي بعد

اڄ اسان جو نئون اسلامي سال شروع ٿيو آهي. اهوئي اُهو مهينو آهي جنهن مهيني جي ڏهين تاريخ تي اسلام جي وڻ ۾ ميوو پچي تيار ٿيو. حقيقت ۾ هئڻ هينئن گهرجي ته روزِ عاشوره حضرت امام حسين سيد الشهداءَ جي برسي اهڙيءَ طرح ملهائي وڃي جو دنيا جون اکيون کلي وڃن ۽ حق پرستي اهڙيءَ طرح ملهائي وڃي جو سرفروشيءَ جو سبق هزارين ماڻهو حاصل ڪن. هي اهو مردِ ڪامل هو، جنهن لاءِ ميرزا دبير فرمايو آهي ته:

الله ني جب پيدا کيا رنج و بلا کو
تقسيم هوئي سب وهي خاصانِ خدا کو
اور سب سي سوا حصه ملا آلِ عبا کو
تحرير کا فرمان هوا کلکِ قضا کو
آغاز مصيبت تو لکهه نامِ نبي پر
اور خاتمه باالخير حسين ابن علي پر

يعني جنهن چيز کي اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم شروع ڪري ڪمال تي پهچايو، ان کي سندس ڏوهٽي پنهنجي ۽ پنهنجن مڙني ڀاتين ۽ ساٿين سميت پنهنجو خون ڏئي پخته تر ڪري ڇڏيو. وري هڪ ٻئي هنڌ ميرزا صاحب انهيءَ جري جوان جي تعريف هن طرح ڪئي آهي:

کس شير کي آمد هي که رن کانپ رها هي
رن ايک طرف، چرخِ کهن کانپ رها هي
رستم کا جگر زيرِ کفن کانپ رها هي
خود عرشِ خداوندِ زمن کانپ رها هي
شمشير بکف ديکه کي حيدر کي پسر کو
جبريل لزرتا هي سميٽي هوئي پر کو

چنانچه اهڙي متبرڪ مهيني سان اسان جو نئون سال شروع ٿئي ٿو. آءٌ پنهنجي طرفان اوهان کي نئين سال جي نيڪ تمنائن جو تحفو پيش ڪريان ٿو.

                                                                طالب الموليٰ

(7)

مري

11- جون 1963ع                              حبيبِ مڪرم!

سلامِ محبت! آءٌ جيئن 8- جون تي هالن کان هت پهتس ته اوهان جو خط اڳ آيل مليو. پڙهي بيحد مسرت حاصل ڪيم. اميد اٿم ته هت دور دراز هنڌ تي گاهي ماهي ياد ڪندا ته ممنون رهندس. ڪنهن شاعر جي هڪ شعر جو هي مصرع عوام اڪثر ورجائيندو آهي ته ”زمانا يا تو نه سازد، تو با زمانه بساز“. علامه اقبال انهي مصرع ۾ هن طرح اصلاح ڪيو آهي:

زمانه يا تو نه سازد، تو با زمانه سيز

سو درحقيقت آهيون اسين به اقبال واري موڊ ۾، تنهنڪري انهيءَ حالت ۾ اوهان جو محبت ڀريو خط باهه تي اچيو ڇنڊو هڻي.

اصل ڪافرستان ته هتان ڪافي دور آهي، مگر اسان لاءِ ته پنجاب به ڪافرستان آهي. هتي جا بُت آذر جي صنعت کي به شهه ڏيو بيٺا آهن. ڀلا ڪٿي ماڻهوءَ جا ٺاهيل پٿر جا بُت ۽ ڪٿي خدا جا ٺاهيل جيئرا جاڳندا ۽ هلندا گهمندا بُت! مريءَ جي شام هوشربا شام آهي. هڪ سياه پوش ڪافر کي ڏسي هڪ نظم لکڻ شروع ڪيو اٿم. مڪمل ڪرڻ بعد انشاءَ الله روبرو عرض ڪندس. اوهان آهيو ادب نواز ۽ سخن فهم ۽ شاعري ڪرڻ جو هڪ مقصد هي به آهي ته اهلِ ذوق کي ڪلام ٻڌائي صحيح داد وٺجي. سو روڙها رنڊيو اچيو اوهان جي آڏو رکون.

غم و اندوه جي شدت اڃا تائين اها آهي
درازيِ شبِ فرقت اڃا تائين اها آهي
دلِ مجروح جي حالت اڃا تائين اها آهي
منجهس برداشت جي طاقت اڃا تائين اها آهي.

                                                                      خيرانديش

                                                                    طالب الموليٰ

(8)

ڪوهه مري

9-8-1963ع

حبيبِ مڪرم و صديق محترم

سلام محبت قبول پون.

3 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ صرف اوهان جو انتظار ئي حاصل ٿيو ۽ هي شعر ياد رهيو:

انتظار ان کا عبث ای دلِ مشتاق نہ کر

وہ کسی اور کی مہمان بنے بیٹھے ہیں۔

بهرحال محبوبن جون اهي ئي ته رمزون موهينديون آهن نه! بقول غالب:

ہم ہیں مشتاق اور وہ بیزار

یا الہٰی یاہ ماجرا کیا ہے۔

اوهان جي مرضي.                                                        خيرانديش

                                                                         طالب الموليٰ

(9)

هالا

30- آگسٽ 1964ع

مشفقم و محترم جناب مير صاحب

السلام عليڪم: اميد آهي ته بخير و عافيت آهيو. هن طرف به بحمد لله هر طرح خير و عافيت آهي. اوهان وعدي موجب (27 آگسٽ خميس) نڪو حيدرآباد آيا ۽ نه وري اچڻ ۽ ڪڏهن اچڻ جو اطلاع مليو.

انتظار ان کا عبث ای دلِ مشتاق نہ کر

وہ کسی اور کی مہمان بنے بیٹھے ہیں۔

پر اسين انتظار نه ڪرڻ وارن مان نه آهيون ۽ انتظار هميشه رهندو.

جو انتظار میں آیام، نہ کبھی وصل یار میں آیا

المطلب ته 5 سيپٽمبر شام جو انشاءَ الله عمره ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب روانو ٿيندس. 15 سيپٽمبر يا ڏينهن ٻه اڳ پوءِ موٽي هت پهچندس. اڄ کان وٺي (2 سيپٽمبر کانسواءِ) جمعيت الشعراءَ سنڌ جي ميٽنگ ۽ محفل مشاعره لاءِ حيدرآباد هوندس. ڪمن سارو صرف هالا ۾ ڪونه هوندس. اوهان به شايد ويجهڙائيءَ ۾ حيدرآباد نه اچو، تنهنڪري مناسب ٿيندو ته موٽي اچڻ بعد ملجي. فيصلا ڪرڻا آهن، مشورا وٺڻا آهن ۽ مددون وٺڻيون ۽ ڏيڻيون آهن. سڀ وقت اندر ٿيڻ گهرجي.

                                                                طالب الموليٰ

(10)

هالا

20- آڪٽوبر 1964ع

حبيبِ محترم و صديق مڪرم

آداب و سلام: مسٽر غلام محمد سان به مليو آهيان ۽ سندس حريف سان- سندس حريف يعني قاضي عبدالرحمٰن. جيئن رات ٻڌايو هئم ته نه اوهان ٻڌايو ته غلام محمد هالن مان بيهندو ۽ نه وري آخر تائين غلام محمد ٿي آيو. مون جيئن رات ٻڌايو هو ته مون کي اهوئي خيال هو ته غلام محمد پنهنجي ڳوٺ واري تڪ مان بيهي ٿو، تنهنڪري اسان قاضي مذڪوره جي حق ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي مسئلو مشڪل پيو ڏسجي. اهو اوهان جو قرب ٿيندو جو مسٽر غلام محمد کي وهاري ڇڏيو. آءٌ به صبح جو ساڻس ڳالهايان ٿو. مگر اندازو هي اٿم ته اوهان جي حڪم جي ئي کيس ضرورت آهي.

مير صاحبن سان مليس ۽ سندن بابت به صلاح و مشورو ڪيو ويو. اميد ته چڱي ٿيندي. مگر هيترو ضرور آهي ته  ميرصاحبن کان انتهائي دير ٿي آهي. تاهم به جي سخت محنت ۽ همت ڪيائون ته پوءِ ڪاڪا محمد جي اندازي موجب ڪم وڃي چڱو ٿيندو. جيڪڏهن ٻي ڌُر ڪم جي اندر اچي نڪتي ته پوءِ زياده سولائي ٿيندي. مگر هيترو به ٻڌائڻ مناسب سمجهان ٿو ته ڪاميابي ٿئي نه ٿئي، ٻي ڌُر جا ستايل مير صاحبن ڏي هليا آيا ته پوءِ ڪافي فرق پوندو.

                                                                محمد زمان

(11)

هالا

غره شوال 1384هه

4- فيبروري 1965ع

حبيبِ مڪرم

السلام عليڪم: اڄ عيد جو ڏينهن آهي. عيد جون تمام گهڻيون مبارڪون قبول ڪندا.

اپنی خوشی میں میری بھی غم کو نباہ دو

اتنا ہنسو کہ آنکھوں سے آنسو نکل پڑیں

                                                                        طالب الموليٰ

(12)

هالا

22- فيبروري 1966ع

حبيب محترم جناب مير صاحب

السلام عليڪم: اوهان جو قربن ڀريو خط پڙهي بيحد مسرت حاصل ڪيم. جيڪڏهن صرف عيد مبارڪ جو ئي شڪريو ادا ڪيل هجي ها ته ضرور فڪرمند ٿيان ها، پر جيئن ته مٺڙا مٺڙا ڏوراپا به خط ۾ لکيل آهن، تنهنڪري نهايت بشاش آهيان. ڇو ته محبت کانسواءِ ڏوراپا ڏبا ئي ڪونه آهن. آخر ۾ خواجه حافظ شيرازي جي شعر ۾ ٿورڙي ترميم ڪري عرض رکان ٿو:

چه خوش گفتي و خورسندم عفاک الله نکو گفتي

جوابِ تلخ مي زيبد لبِ لعلِ شکر خارا

ريڊيو تان منهنجي غزل جا چند شعر ٻڌي پسند ڪيا اٿو. ان لاءِ انتهائي خوشي ٿي اٿم. دعاگو آهيان ۽ دعائن جو طلبگار آهيان.                                              طالب الموليٰ

(13)

ڪلڪته

24- اپريل 1962ع

سڄڻ سائين!

وہ اگر مجھکو کریں یاد تو بھولیں کس کو

میں اگر بھلاؤں تو کسے یاد کروں

نه ڪڏهن وسريا آهيو ۽ نه ڪڏهن وسري سگهو ٿا. ڀلا هجو وسارڻ جهڙا ته وسرو. پنهنجو پاڻ پاڻهي ٿا ياد ڏياريو. الله پاڪ شال سلامت رکندو، آمين.                                   طالب الموليٰ

(14)

لاهور

17- جون 1962ع

حبيبِ محترم

سلام مسنون! ڪنهن شاعر جي لکڻ موجب ته

نگاہیں درپہ لگی ہیں اداس بیٹھے ہیں

کسی کی آنے کی ہم لے کے آس بیٹھے ہیں۔

سو اسان پنڊيءَ ۾ اوهان جو ڏاڍو انتظار ڪيو. خبر تڏهن پئي جو سرڪار وڃي حيدرآباد پهتي. اوهين اسان جا محبوب دوست آهيو نه، سو محبوب وڃڻ تي ايندا آهن ته ٻڌائيندا ئي ڪونه. بهرحال جنهن زندگيءَ ۾ ڪنهن جو انتظار نه آهي، ڪم از ڪم آءٌ انهيءَ زندگيءَ کي زندگي ڪونه چوندو آهيان. ويچاري شاعر چيو آهي ته:

جو مزہ انتظار میں آیا

نہ کبھی وصلِ یار میں آیا

انشاءَ الله باخيريت پهتا هوندا ۽ باخيريت آهيو. اسين به الحمد لله خيريت سان آهيون. هت سنگت ۾ نه آهي ڪو اديب ۽ شاعر يا سخن فهم ۽ نه آهي ڪو موسيقي پسند ۽ موسيقار. اچو ها ته رهاڻ ڪري دل ٺاريون ها. هاڻي ته بند ڪمري ۾ پنهنجي پاڻ سان موسيقاري به آهي ته شاعري به. ڀانيان ته گهڙي کن لاءِ اوهان کي عشقيه دنيا ۾ وٺي هلان يعني پنهنجي شاعريءَ سان اوهان کي روشناس ڪرايان. خط جي آخري صفحي تي غزل جا چند شعر لکان ٿو ۽ پنڊيءَ ۾ خط جي جواب جو انتظار ڪندس.

هت ڪالهه شام جو 8 بجي آيس. اڄ شام يا صبحاڻي پنڊي ويندس. هت ڪجهه وزارت بابت ڪم ۽ ٻيو ادبي بورڊ جو ڪم آهي. مير رسول بخش خان ۽ ٻين صاحبن کي سلام ڏيندا، جن سان اوهان جي ڪري روشناسي آهي.

 

 مشتاقِ ديد

طالب الموليٰ

غزل

 

اسين مڪينِ سرِ رهگذارِ يار آهيون
اسين فدائي نگاهِ شرار بار آهيون
رهياسون زلفِ گره گير جا سدا قيدي
اهوئي آهي سبب جنهن کان مشڪبار آهيون
شرابِ لعل جي هرگز نه آڇ ڪر ساقي
اسين لبِ مئي گلگون جا باده خوار آهيون
جي دست بوسي عطا ٿي ته پو زهِ قسمت
اسين ته پير چُمڻ لئه به بيقرار آهيون
جبين جهڪائي سون، اهلِ ڪمال جي در تي
ٻين جي آڏو ته با عزو باوقار آهيون
اسان جو عشق هميشه کان آهي غيرتمند
اسين به مملڪتِ دل جا شهريار آهيون
اوهين به حُسن جي ڪشور جا بادشاهه آهيو
اسين به ملڪِ محبت جا تاجدار آهيون
اوهان جي ڌار ڪيو دلربا ته ڇا ٿي پيو
اوهان جي درد سان هر وقت همڪنار آهيون
اسان کي دل سان گهري جيڪو ان جا آهيون غلام
مگر سدا سرِ دشمن تي ذوالفقار آهيون
اسان جي لاءِ بس آهي سڪونِ ڪُوي
ء حبيب
اسين نه طالبِ گلزار و مرغزار آهيون
اسين ته برابر غيرن جي دل جو آهيون داغ
۽ پاڻ طالبِ مولا نه داغدار آهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org