ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو
تصوف ۽ مخدوم طالب الموليٰ
سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ مخدوم نوح جي شخصيت جو ان
لحاظ کان منفرد مقام آهي ته سندس ذات ۾ بزرگي ۽
درويشيءَ سان گڏ تصوف جي علمي ۽ فڪري روايت جو
آغاز ٿئي ٿو جنهن جو ثبوت سندس فارسي زبان ۾ قرآن
شريف جو ترجمو آهي. ان کانسواءِ سندس فڪر جو عڪس
انهن اقوالن مان ظاهر ٿئي ٿو جيڪي سندس عالم فاضل
پوٽي مخدوم فتح محمد ’رساله فتحيه‘ جي هڪ باب ۾
جمع ڪيا، جيڪو ڪتاب هن سال 1019/1616 ۾ تصنيف ڪيو.
’رساله فتحيه‘ مخدوم خاندان جو تصوف جي علمي روايت
بابت هڪ اهم ڪارنامو آهي جيڪو مخدوم نوح جي پوٽي
فتح محمد پنهنجي ڏاڏي جي پرورش ۽ تربيت هيٺ
سرانجام ڏنو. هي ڪتاب سنڌ هند ۾ تصوف جي موضوع تي
هڪ جامع تصنيف آهي، جنهن جو مقابلو سنڌ هند ۾
انهيءَ موضوع تي لکيل ٻئي ڪنهن به ڪتاب سان ڪري
سگهجي ٿو. انهيءَ ڪتاب ۾ تحقيق دوران مؤلف تصوف جي
بنيادي ماخدن رساله قشيريه، ڪشف المحجوب، عوارف
المعارف، مرصادا العباد ۽ فتوحات مڪيه مان استفادو
ڪيل ٿو ڏسجي.
مخدوم خاندان جي تاريخ ۾ يارهون سجاده نشين مخدوم
امين محمد صوفيانه شاعريءَ جي حوالي سان اهم حيثيت
رکي ٿو. سندس زندگيءَ جو زمانو تيرهين صدي يا
انگريزن جي حڪومت جو اوائلي دور آهي. هن جي شاعري
سنڌ جي روايتي شاعري جو تسلسل آهي يعني اَها بيت ۽
ڪافيءَ جي شاعري آهي، ليڪن ان ۾ معرفت ۽ روحانيت
جو رنگ غالب آهي جيئن هن بيت مان ظاهر آهي:
امين محمد آيا، جوڳي جهونجهي جوءِ
ڪل شيءِ يرجع، ثابت سندي سوءِ
گاروڙي گرناٿ کان، رانول رتي روءِ
هوءِ ۾ ٿيا هوءِ، معرفت جي معرڪي.
ويهين صديءَ ۾ مخدوم خاندان جي روحاني تعليمات کي
ڦهلائڻ جو سهرو سترهين سجاده نشين مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ جي سر تي آهي. سندن ولادت 1919ع ۾ ٿي
۽ جنوري 1993ع ۾ سندن انتقال ٿيو.
خانداني روايت موجب سندس تعليم تي پورو ڌيان ڏنو
ويو ۽ ان وقت جي رواج موجب عربي فارسيءَ ۾ استعداد
حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ
مهارت حاصل ڪيائين. ’منهنجو
ننڍپڻ‘
جي عنوان تحت پنهنجي مختصر سوانح ۾ انهن سڀني
ڳالهين ڏانهن اشارو ڪيو اٿس جن اڳتي هلي سندس
شخصيت جي تڪميل ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس تربيت ۾
والد سان گڏ سندس چاچي محترم مخدوم غلام حيدر جيڪو
ديوبند جو فاصل هو ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ جو
وڏو هٿ هو جنهن جو مخدوم صاحب پاڻ وقت بوقت اظهار
ڪيو آهي. ’منهنجو ننڍپڻ‘ ۾ مخدوم صاحب هڪ هنڌ لکي
ٿو ته جڏهن فارسيءَ ۾ منهنجي تعليم سڪندر نامي
تائين پهتي ته والد صاحب چيو ته ڪتابي علم ايترو
ڪافي آهي، باقي وڃي ماڻهن کي مطالعو ڪريو. البت
ميرعلي شير قانع جو فارسيءَ ۾ لکيل تاريخ جو ڪتاب
جيڪو مشاهيرن جو تذڪرو به آهي يعني تحفةالڪرام،
اهو ڏيئي ان جي بار بار پڙهڻ جو تاڪيد ڪيائون. ان
کانپوءِ هڪ دفعي ديوان حافظ هٿ ۾ ڏئي ان مان فال
وٺڻ سيکاريائون ۽ اهو چيائون ته ان ڪتاب کي چڱيءَ
طرح مطالعو ڪريو. مخدوم صاحب جي زندگيءَ جا اهي
ابتدائي نقش آهن جن تي اڳتي هلي سندس شخصيت جي
تعمير سازي ٿي. جيئن پاڻ لکيو اٿس ته نوجوانيءَ ۾
ٻيا معمولي مشاغل جن ۾ والي بال راند، شڪار ۽
مطالعي جو شغف جاري رهيا ان سان گڏ سنگيت ۽ راڳ ڏي
پڻ توجه رهيو.
مخدوم صاحب جي پنهنجي لکڻ موجب پندرهن يا سورهن
سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ اهو عروضي شاعري
جي عروج جو دور هو جنهن ۾ پاڻ هر لحاظ کان حصو
ورتائون. ليڪن اها وڏي ڳالهه آهي ته پاڻ سنڌ جي
روايتي شاعري کان منهن نه موڙيائون. انهيءَ ڪري
جتي سندن عروضي شاعريءَ ۾ غزل، مثنوي، قطعا ۽
رباعيون شامل آهن، اتي نج سنڌي روايتي شاعري ۾
ڪافي ۽ وائي، بيت ۽ ڏوهيڙا شامل آهن. بلڪ اهو
ذخيرو شايد وڌيڪ ٿئي.
مخدوم صاحب شاعر هجڻ سان گڏ سٺو نثر نگار به هو ۽
نثر ۾ سندن ڪيتريون تصنيفون موجود آهن. ليڪن هتي
اسان جو مقصد تصوف جي موضوع تي سندس تضيف ’اسلامي
تصوف‘
جو جائزو پيش ڪرڻ آهي جيڪو سال 1952 جي تصنيف آهي
يعني جڏهن سندس عمر ايڪٽيهه سال هئي. ساڳئي سال ۾
’شيطان‘
جو موضوع چونڊي ان تي علم دوست حضرات کان مضمون
لکرائي پاڻ ان ڪتابڙي کي مرتب ڪيو اٿن، جنهن جو
موضوع پڻ هڪ لحاظ کان تصوف آهي. سال 1952 ۾ ’خود
شناسي‘
نالي ڪتاب جو ترجمو ۽ 1953ع ۾
امام غزاليءَ جا خط ترجموڪيا اٿن. ’اسلامي تصوف‘
جيتوڻيڪ هڪ مختصر ڪتاب آهي پر اهو هر لحاظ کان
جامع آهي. خاص ڳالهه ان ڪتاب جو محرڪ آهي جنهن کين
اهو ڪتاب لکڻ تي آماده ڪيو. ڪتاب جي اصل موضوع تي
اچڻ کان اڳ انهيءَ محرڪ کي سمجهڻ ضروري آهي- جيئن
ته هر ڪتاب جي ديباچي ۾ مصنف هميشه انهيءَ محرڪ يا
پس منظر جي نشاندهي ڪندو آهي ته اهو ڪتاب ڇو ۽ ڇا
لاءِ لکيو اٿس. ٻين لفظن ۾ اهي ڪهڙيون حالتون هيون
جن کيس قلم کڻڻ تي مجبور يا آماده ڪيو. مخدوم صاحب
هن ڪتاب جي ديباچي ۾ هيئن لکيو آهي.
”تصوف اڳ نيڪي هو ۽ اڄ بدي آهي. في زمانه ٻه تصوف
نظر اچن ٿا. هڪ اسلامي تصوف جو بلڪل ٿورڙو آهي ۽
ٻيو غير اسلامي تصوف جو عام آهي. تصوف جي تاريخ
مان معلوم ٿيندو ته اصل تصوف ۽ اڄوڪي تصوف ۾ زمين
آسمان کان وڏو ۽ نمايان فرق آهي، اڳتي لکي ٿو.
اصل تصوف چوي ٿو ته شيطان کان بچو مگر اڄوڪو تصوف
ارشاد ڪري ٿو ته نه، بلڪ شيطان سان دوستي رکو. اصل
تصوف چوي ته محمدي شريعت جي سختيءَ سان پابندي
ڪريو مگر اڄوڪو تصوف حڪم نافذ ڪري ٿو ته نماز جو
وقت هجي يا اذان اچي رهي هجي ته ان جي پرواه نه
ڪندي ميخاني ۾ اچي ۽ مچي جا نعرا لڳايو. اصل تصوف
چوي ته صوفي ٿيڻ لاءِ مجاهدا ڪريو، عبادات ڪريو،
بکون ڪاٽيو، چلا ڪڍو وغيره. مگر اڄوڪو تصوف آرڊر
ڪري ته ڪمايو نه بلڪ پنو، ۽ ڳائي وڄائي مجرا وٺي
پيٽ پاريو ۽ بيڪار رلندا وتو نه الله جي طاعت ۽ نه
رياضت......
نه مرشد نه رهبر، نه رهنما نه پيشوا- ٽڪي جو رنگ
وٺي ڪپڙا ڳاڙها ڪري ۽ چار ابرو تراشي، ڏينهن ڏٺي
جو فقير، درويش ۽ صوفي نما انسان ۽ رات جو پرائي
گهر ۾ کاٽ!- صحبت ۾ مثال ۽ سندون اهل الله بزرگن
جون مگر قدم ان جي بلڪل برخلاف اهڙيءَ ئي تصوف ته
تباهي آندي آهي؟ اهڙي ئي تصوف ته دنيا کي فقيرن ۽
صوفين جي برخلاف بنايو آهي نه ته ڇا محمدي شريعت
جا عامل ڇا دنيا جي انهن کان نفرت ۽ مخالفت؟ کوڙو
ئي نٿو لڳي!
ديباچي ۾ ئي لکيو اٿن ته انهيءَ تضاد واري صورتحال
کي واضح ڪرڻ خاطر ۽ اصل حقيقت تي روشني وجهڻ ڪارڻ،
هي ڪتاب وڏي مطالعي ۽ مشقت بعد پيش ڪجي ٿو.
سڀ کان پهريائين لفظ صوفي جي لغوي، اشتقاق ۽ ان جي
معنيٰ مفهوم تي تحقيق ڪئي وئي آهي جنهن لاءِ تصوف
جي بلڪل اوائلي ۽ بنيادي ڪتابن ڏانهن رجوع ڪيو ويو
آهي ۽ اهي ٻه ڪتاب آهن، ڪتاب اللمع ۽ ’ڪشف
المحجوب‘... ياد رهي ته پهريون ڪتاب هن وقت جي
تحقيق موجب عربيءَ ۾ ان موضوع تي اولين تصنيف آهي،
جنهن جي دريافت جو سهرو مشهور مستشرق نڪلسن جي سر
تي آهي ۽ هن اهو ڪتاب ويهين صديءَ جي پهرين چوٿائي
۾ دريافت ڪيو. ڪتاب جي مصنف سراج جي وفات جو سال
378 هجري آهي. ٻيو ڪتاب ڪشف المحجوب فارسي زبان ۾
تصوف بابت پهرين مڪمل تصنيف آهي جنهن جو مصنف شيخ
علي هجويري آهي ۽ اهو ڪتاب پنجين صدي هجريءَ ۾
لکيو ويو.
مخدوم صاحب لفظ صوفي جي مختلف لغوي پهلوئن ۽
معنائن تي بحث ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو آهي
ته وڌيڪ صحيح اهو آهي ته صوفي لفظ جي نسبت ’صوف‘
يعني اوني لباس پائڻ وارن ڏانهن آهي.
مخدوم صاحب جي تحقيق جو بنياد عبدالماجد دريابادي
جو ڪتاب ’اسلام اور تصوف‘ آهي.
انهيءَ بحث کي اڳتي وڌائيندي ’گيڙو‘ لباس جي مسئلي
تي روشني وجهي ٿو. ڇا اهو واقعي صوفين سان مخصوص
لباس آهي يا ان جي ڪا تاريخي اهميت آهي. جيئن
اڄڪلهه رواج آهي ته ڪير ڪنهن جو طالب ٿيندو آهي ته
ان کي ٻين رسمن سان گڏ ’گيڙو‘ ضرور ڍڪايو ويندو
آهي. هن کانپوءِ اها تحقيق به ڪئي اٿن ته گيڙو
رنگ ٺهي ڪيئن ٿو ۽ ان جا ڪهڙا اثرات آهن. انهيءَ
بحث جي آخر ۾ اهو نتيجو ڪڍيو اٿن ته اصل ۾ اهو رنگ
هندو جوڳين جو آهي. اهي ڇاڪاڻ ته جهرجهنگ ۽ ڳوٺن ۾
اڪثر پيرين پيادا هلندا وتندا هئا ۽ انهيءَ رنگ
وارا ڪپڙا گهڻو ڪري ميرا نه لڳندا آهن، تنهن ڪري
منجهن اهو رواج پئجي ويو. بهرحال ان امڪان کي رد
نٿو ڪري سگهجي ته مسلمان صوفين ۾ ان جو رواج هندو
جوڳين جي ميل جول سبب ٿيو هجي.
هتي پهچڻ کانپوءِ لکن ٿا ته بيشڪ صوفين وٽ گيڙو
مقبول هيو ليڪن اڄڪلهه ان جي بجاءِ زعفراني رنگ ۽
اڇي ڪپڙي واري لباس جو رواج پيو آهي جيڪو اصل صوفي
روايت جي نفي آهي ڇو ته گيڙو ۽ زعفراني رنگ ۾ وڏو
فرق آهي. هتي تاريخي جي روشنيءَ ۾ اهو بحث ڪيو اٿس
ته ڇا زعفراني لباس پائڻ شريعت ۾ ڪڏهن منع هيو. هن
سلسلي ۾ حديث جي ڪتاب ۾ روايتون ملن ٿيون جن مان
ممانعت معلوم ٿئي ٿي. ليڪن مخدوم صاحب اسلاف جي
روايتن ۽ عمل کي ڏسندي اهو نتيجو قائم ڪيو آهي ته
گيڙو رنگ جو استعمال مباح آهي، ناجائز ۽ حرام
ناهي.
هن کانپوءِ صوفي لفظ جي اصطلاحي معنيٰ ۽ مفهوم کي
واضع ڪيو اٿن جيئن ’تصوف پنهنجي نفس کي الله سان
گڏ ان جي مرضيءَ تي پاڻ کي ڇڏي ڏيڻ آهي‘. يا تصوف
نيڪ اخلاق جو نالو آهي. تصوف نفساني لذتن کي ترڪ
ڪرڻ جو نالو آهي. تصوف جو اصل مقصد ’مطلق حقيقت‘
جي تلاش ۽ جستجو آهي. ائين وضاحت ڪندي لکيو اٿن ته
اسلامي تصوف جو نظام پنهنجي روحاني زندگي، تڪميل ۽
تفصيلي اعتبار سان بلڪل جدا گانه سراسر ممتاز ۽
منفرد آهي. اسلامي تصوف جي اصولن جو مرجع ۽ محور
ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله آهي ان کانسواءِ ٻيو
ڪجهه ناهي. تصوف جي اصليت تي روشني وجهندي لکن ٿا.
’تصوف هڪ جامع ۽ مانع لفظ آهي جو فقر ۽ زهد تي
حاوي آهي، فقر جي باري ۾ وري چون ٿا فقر عشق آهي.
فقير طريقت ۽ حقيقت جي واٽ جو عاشق آهي. ان عشق ۾
هن کي ڪنهن به چيز جي آرزو نه هوندي آهي ۽ جڏهن
الاهي بقا ۾ فقير کي استغراق ٿيندو آهي ته بقا جي
صفت سان موصوف ٿي ويندو آهي ۽ الاهي جمال جي انوار
جي تجلي حاصل ڪندو آهي ۽ هويت جي صفت سان مخصوص ٿي
ويندو آهي ۽ ان وقت فقر جو درجو ختم ٿيندو آهي.‘
ليڪن فقر جي حصول واسطي پنجاهه شرط لازمي ڄاڻايا
اٿن جن ۾ سرفهرست توبه آهي ۽ آخري ديدار آهي.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته پنجين صديءَ ۾ خراسان
جي وڏي صوفي عبدالله انصاري پنهنجي ڪتاب منازل
السائرين ۾ هڪ سؤ منزلون ڄاڻايون آهن، جن ۾ هي
پنجاهه شرط منزل جي حيثيت ۾ شامل آهن. رساله قشيري
۾ وري پنجيتاليهه منزلون يا مقام ڏنل آهن.
مخدوم صاحب فقر جي بحث کي سميٽيندي لکن ٿا ته
جيڪڏهن اهي پنجاهه شرط پورا حاصل نه ٿين ته هيٺ
ڄاڻايل اٺ شرط لازمي آهن:
توبه، عبادت، زهد، صبر، عرفان، شڪر، توڪل، دوست جي
طلب.
دراصل اهي اٺ شرط اهي آهن جن کي ڪتاب اللمع وارو۽
ٻيا صوفي مقامات چون ٿا. تاهم سراج ڪتاب اللمع ۾
ست مقامات اٺ احوال (states)
ڄاڻائي ٿو. مقام ان کي چون ٿا جيڪي صوفي پنهنجي
محنت سان حاصل ڪري ٿو، جڏهن ته حال ان جي پنهنجي
وس ناهي بلڪ اهو رب جي طرفان کين انعام طور ملي
ٿو. اهي ست مقام هن ريت آهن. 1. توبه 2. زهد 3.
ورع 4. فقر 5. صبر 6. توڪل 7. رضا،
ڏهه احوال هن ريت آهن:
1- مراقبه 2- قرب 3- محبت 4- خوف 5- رجا 6- شوق 7-
انس 8- اطمينان 9- مشاهدو 10- يقين
شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت صوفين جا خاص اصطلاح
آهن جن جي باري ۾ ڏاڍيون غلط تاويلون ۽ سمجهاڻيون
ڦهليل آهن. بلڪ هر ڪنهن پنهنجي مقصد خاطر انهن جو
معنيٰ ۽ مطلب پئي ورتو آهي. ليڪن مخدوم صاحب انهن
جي ڏاڍي سهڻي نموني ۾ سمجهاڻي ڏني آهي اها سخت غلط
فهمي آهي ته طريقت، حقيقت ۽ معرفت شريعت کان جدا
آهن. درحقيقت طريقت جو باطني پهلو حقيقت، حقيقت جو
باطني پهلو معرفت، ۽ معرفت جو ظاهري پهلو شريعت
آهي.
مخدوم صاحب جي تصنيف ’اسلامي تصوف‘ جو خاص پهلو هي
آهي ته ان ۾ موجوده دور جي ڪن صوفين مٿان سخت
تنقيد ٿيل آهي ته اهي ڪهڙين غلط رسمن ۽ عقيدن کي
تصوف جو نالو ڏيئي عوام کي گمراه ڪمري رهيا آهن.
انهن کي هو نام نهاد صوفين جي نالي سان مخاطب ٿئي
ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ هوجا بجا علامه اقبال جي شعرن
مان تائيد حاصل ڪري ٿو. سڀ کان اول هو ملامتي
صوفين کي خاص نشانو بنائي ٿو. جيتوڻيڪ تصوف جي
تاريخ ۾ هو ملامتي صوفين جي وجود کان انڪار ڪونه
ٿو ڪري بلڪه انهن جي تعريف کانپوءِ هو اڄوڪن صوفين
لاءِ چوي ٿو ته هو ايترو ته آزاد ٿي ويا آهن. جو
جيڪي ٿو خيال ۾ اچين سو ٿا ڪن. واقعي اها حقيقت
آهي ته اسان جي هن دور ۾ صوفيءَ جو مطلب ئي آزاد
خيال ورتو ٿو وڃي يعني جيڪو ڪنهن به مذهبي پائبندي
کان پاڻ کي آجو سمجهي. وڏو ظلم ته اهو آهي ته
جيڪڏهن هو اها تعريف کڻي پاڻ تائين محدود سمجهن
تڏهن به ڀلو، پر مسئلو تڏهن شدت وٺي ٿو وڃي جڏهن
هو شاهه لطيف شاهه عنايت، سچل، بيدل وغيره کي به
آزاد خيال ڪري پيش ڪن ٿا.
انهيءَ ڪري مخدوم صاحب صحيح چوي ٿو ته جاهل صوفي
پاڻ کي ملامتي ۽ قلندري سڏائڻ ۽ شرعي فرائض کان
بيگانه رهڻ ۾ فخر سمجهندا آهن. دراصل انهن کي
ملامت جي ميم جي به خبر نه هوندي آهي يعني ته
ملامت ڇا آهي ۽ صوفي ملامت ڪهڙي منزل ۾ ۽ ڪهڙي طرح
اختيار ڪندا آهن. واقعي موجوده زماني ۾ بي ديني کي
ملامت ڪري ورتو ويو آهي جيڪا ڳالهه قابل مذمت آهي.
انهن لاءِ مخدوم صاحب لکي ٿو: ”عجيب ڳالهه وري هي
آهي ته اڄوڪا صوفي صحبت ۾ سندون پيش ڪندا رومي،
عطار، جنيه بغدادي حسن بصري وغيره جون، مگر نه
انهن جي سوانح تي نظر ۽ نه انهن جي مذهب جي خبر،
نه انهن جي عمل جي سڌ ۽ نه انهن جي ڪردار جي حقيقت
باقي ڏنڊا چاوڻ ڌم مچاوڻ موجود آهي.“
تصوف جي تاريخ ۽ خاص طور موجوده دور سان متلق ٻيو
اهم مسئلو صحو ۽ سڪر جو آهي. صحو جو مطلب آهي ته
جڏهن سالڪ يعني صوفي هر حالت ۾ هوش حواس ۾ آهي ۽
خالق ۽ مخلوق جي تفريق کي سامهون رکي ٿو. ليڪن سڪر
۾ سالڪ هرچيز بلڪ پنهنجي نفس ۽ عقل کان به غافل ٿي
وڃي ٿو. ٽين صديءَ جو وڏو صوفي جنيد بغدادي (وفات
297هه) صحو جي حالت کي صوفين لاءِ هر صورت ۾ بهتر
قرار ڏئي ٿو، ان ڪري کيس ’صاحب صحو‘ صوفين جو
سردار تسليم ڪيو وڃي ٿو. هوڏانهن بايز سطامي (وفات
260هه) جيڪو جنيو کان به اڳ ٿي گذريو پنهنجي
شطحيات جي ڪري ’صاحب سڪر‘ صوفي بلڪ انهن جو اڳواڻ
ڪوٺيو وڃي ٿو. منصور حلاج، شبلي، نوري وغيره صاحب
سڪر صوفين ۾ شامل آهن. اڄوڪن صوفين جي باري ۾
مخدوم صاحب هن طرح رقمطرزا آهي.
’اڄوڪا صوفي سڪر کي پسند ڪندا آهن. مگر اهو سڪر
جوافيون، شراب ۽ ڀنگ وغيره مان پيدا ٿئي ٿو. جيتر
’اَبا‘ نه ڪندا تيتر بي حال هوندا. کين صحيح سڪر
جي ته ڪابه خبر ناهي. بهتر اهو آهي ته شراب ۽ ڀنگ
واري سڪر کان اصلي سڪر جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ڇو
ته ڪم ازڪم ‘حرام‘ ڏسي وائسي ته استعمال نه ڪن.‘
هن کانپوءِ ڪتاب ۾ اسلامي عبادتن نماز، روزي،
زڪواة ۽ حج جي تصوف جي لحاظ کان اهميت بيان ڪئي
وئي آهي ۽ هن باري ۾ وڏن وڏن صوفين ڇا چيو آهي،
انهن جا اقوال ۽ حوالا آندا اٿس. مثلاً ڪشف
المحجوب. وارو حج جي ارڪان جي صوفيانه تعبير پيش
ڪندي چوي ٿو، احرام ٻڌڻ نفساني عادتن کان پري ٿيڻ
برابر آهي. عرفات ۾ قيام مشاهدو يا ڪشف حاصل ڪرڻ
آهي. مزدلفه ۾ پهچڻ نفساني مرادن کي ترڪ ڪرڻ آهي.
خانه ڪعبي جو طواف الله تعاليٰ جي جلال ۽ جمال کي
ڏسڻ آهي. صفا ۽ مروه درميان ڊوڙڻ دل جي صفائي آهي.
ڪتاب جي هڪ باب ۾ مرشد جي ضرورت ۽ اهميت تي روشني
وڌي وئي آهي ۽ ان جي توجہ اها پيش ڪئي وئي آهي ته
تصوف اهڙو علم آهي جيڪو روح يا اصلاح نفس سان
واسطو رکي ٿو ۽ اهو عمل سواءِ اهڙي رهبر جي اثر
انداز ڪونه ٿيندو جيستائين اهو پاڻ انهيءَ تي عمل
نٿو ڪري.
صوفين جي باري ۾ اها به هڪ وڏي غلط فهمي ڦهلايل
آهي ته هو ڪوشش، جدوجهد ۽ عمل تي ڀروسو ڪونه ٿا
ڪن، بلڪ رڳو تقدير يا قسمت ۾ ويساهه رکن ٿا.
حالانڪ الله تعاليٰ انسان جي فطرت ۾ نيڪي ۽ بدي جي
تميز ڪرڻ جي صلاحيت رکي آهي، بلڪ نيڪي اختيار ڪرڻ
۽ برائي کان بچڻ جي منجهس اهليت پڻ موجود آهي. هن
مسئلي کي ’جبر ۽ اختيار‘ جو نالو پڻ ڏنو ويو آهي.
مخدوم صاحب هن مسئلي بابت قرآن، حديث ۽ صوفين جي
ڪتابن، خاص طور مولانا رومي ۽ علامه اقبال جي
حوالي سان نهايت سير حاصل بحث ڪيو آهي. هن سلسلي ۾
سندس نقطئه نظر وڏن صوفين سان بلڪل هم آهنگ آهي ته
دنيا جي تاريخ ان تي شاهد آهي ته اها دارالعمل ۽
دارالمڪافات آهي. اها ڳالهه ٿوري غور سان سمجهه ۾
اچي سگهي ٿي ته انسان عمل جي انتخاب ۾ آزاد آهي پر
نتيجن جي برداشت ڪرڻ تي مجبور آهي. ان جو سادي ۾
سادو مثال آهي ته جو پوکي ڪڻڪ ڪونه لُڻبي. مطلب ته
انسان فصل پوکڻ جو فيصلو پاڻ ڪري ٿو، پر جڏهن هڪ
دفعو پوکي ڇڏيائين ته پوءِ نتيجو ان مطابق نڪرندو.
مخدوم صاحب بي عمل صوفين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي
لکي ٿو:
’اڄ اسان جا صوفي صاحبان خصوصاً انهيءَ تقدير جي
تصور ۾ گرفتار آهن. هر جاءِ تي هو رسوا ٿي رهيا
آهن. پروري به انهيءَ ڌن ۾ مست آهن ته الله جي
مرضي اها هئي اسين ڇا ڪري سگهون ٿا.
اومخبوط الحواسو! پنهنجي جهالت، ڪاهلي، ڪم چوري،
غلاظة بدڪرداري، ۽ بدعقيد تي کي خدا جي مرضي
بنائي پيا ڦرو؟ خدا جي مرضي قرآن ۾ درج آهي ۽
اوهين ڏسو نٿا، ڏسو ٿا ته سمجهون نٿا. سمجهو ٿا ته
عمل نٿا ڪريو. ڇا الله هڪ هزار کان وڌيڪ ڀيرا قرآن
۾ نه چيو آهي ته بلند اعمال جو صلو بلند ۽ پست جو
پست آهي. اهو خدا جي مرضيءَ جو تفصيل نه آهي ته
ٻيو ڇا آهي؟
اي غافل صوفي! اٿ، جاڳه، اوهام ۽ بدعقائد جا اهي
سلاسل ٽوڙ ۽ عمل جي شمشير هٿ ۾ کڻي اڳتي وڌ جو مدت
کان دنيا تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي ۽ دنيا کي
تنهنجي ضرورت آهي.“
’جبر ۽ اختيار‘ جي سمجهاڻي واسطي مثنوي روميءَ
منجهان وري هي دلچسپ نقل آندو ويو آهي. هڪ ماڻهو
ڪنهن باغ ۾ گهڙي وڻ تي چڙهي ميوا پٽي کائڻ لڳو.
ايتري ۾ باغ جو مالڪ اچي ويو ۽ ان شخص کي چوڻ لڳو
ته توکي خدا جو خوف ناهي جو هينئن چوري ڪري ميوا
ٿو کائين تنهن تي هن ماڻهو جواب ڏنو ته خدا جي باغ
مان خدا جو ٻانهو ميوو کائي رهيو آهي. تون جاهلن
وانگر ان تي ملامت ڇو ٿو ڪرين. اهو ٻڌي باغ جي
مالڪ پنهنجي نوڪر کي چيو ته رسوکڻي اچ ته آءٌ هن
جبريءَ کي چڱيءَ طرح سمجهايان. هو رسو کڻي آيو ته
مالڪ ان رسي سان ان چور کي وڻ سان ٻڌي لڪڻ سان
مارڻ شروع ڪيو. ان تي چور دانهون ڪرڻ لڳو ته خدا
جو شرم ڪر مون بي گناهه کي ڇو ٿو مارين. مالڪ جواب
ڏنو ته خدا جو هڪ بندو، خدا جي لڪڻ سان هڪ بندي
کي ماري رهيو آهي. ڪاٺي يا لڪڻ به خدا جو ۽ تنهنجي
پٺي ۽ عضوا به خدا جا. آءُ صرف خدا جي حڪم جي
تعميل ڪري رهيو آهيان اتي چور کڻي توبه ڪئي ۽ چوڻ
لڳو واقعي انسان پنهنجي ڪمن ۾ مختيار يا مالڪ آهي.
گفت توبہ کردم از جبر، اي عيار،
اختيار ست، اختيار ست، اختيار.
ترجمو: چوڻ لڳو مون توبہ ڪئي جبر کان، اولڪل
سياڻا. واقعي اختيار آهي، ٻيهر به چوان ٿو اختيار
آهي.
مثنويءَ مان ٻيو مثال نهايت معنيٰ خيز آندل آهي
جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اصل ۾ جبري شيطان آهي ڇو
ته آدم پنهنجي اختيار جو اقرار ڪيو هو ۽ تڏهن ته
سندس ڇوٽڪارو ٿيو هو. شيطان ته الله تعاليٰ تي
الزام هنيو هو ته تو مونکي گمراهه ڪيو. پيالو تو
ڀڳو ۽ مارين مون کي ٿو. آدم ته چئي ڏنو هو.
ورنه آدم کئي بگفتي باخدا
ربنا انا ظلمنا نفسنا
ترجمو: جيڪڏهن آدم بااختيار نه هجي ها ته خدا کي
ڪيئن چوي ها ته اي منهنجا خدا، اسان پنهنجي نفس تي
ظلم ڪيو. ائين ڇو نه چيائين ته اهو منهنجي قسمت ۾
هو يا قضا ائين هئي! آخر ۾ رومي چوي ٿو:
بل قضا حق است وجهد بنده حق
هين مباش اعور چو ابليس خلق
ترجمو: بيشڪ قضا به حق آهي ته ٻانهي جي ڪوشش به حق
آهي. خبردار، پوڙهي شيطان وانگر ڪاڻو نه ٿيءُ.
مخدوم طالب الموليٰ جي تصوف بابت ٻي باقاعدي تصنيف
’مثنوي
عقل ۽ عشق‘
آهي جيڪا ظاهر آهي ته نظم ۾ آهي ۽ اها سال 1954 ۾
تصنيف ٿيل آهي. ان جو پس منظر اهو آهي ته انهيءَ
سال سروري ڪاليج هالا ۾ عقل ۽ عشق جي موضوع تي بحث
مباحثو ڪرايو ويو جنهن جي صدارت پاڻ ڪيائون. ان
موضوع تي قلم کڻڻ جو اهو ئي سبب هو جو نومبر مهيني
جي هڪ هفتي ۾ هيءَ مثنوي لکي پوري ڪيائون.
مثنويءَ، جو موضوع تصوف جو اصل ميدان يعني عشق آهي
جئن ان جي شروعاتي بيتن ۾ وضاحت ڪئي اٿس ته قلم
کڻڻ کان اڳ ان موضوع تي مون گهڻو سوچيو آخر ان
سلسلي ۾ مون مثنوي رومي ۽ علامہ اقبال جي شاعريءَ
کي پنهنجو رهبر بنايم ۽ انهن جي رهنمائي هيٺ هيءَ
مثنوي لکي سگهيس.
عقل ۽ عشق انسان جون ٻه مخفي قوتون آهن جيڪي قدرت
طرفان منجهس وديعت ڪيون ويون آهن. شروع کان وٺي
اها ڳالهه بحث جو موضوع رهي آهي ته انهن ٻنهي قوتن
جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ ڇا اهي هڪ ٻئي جي مخالف آهن يا
هڪ ٻئي جي مدد لاءِ سهڪار ڪري سگهن ٿيون. ڇا انهن
جو ڪردار مثبت آهي يا منفي يا ڪنهن جو منفي آهي ۽
ڪنهن جو مثبت؟ ڇا انهن جي عمل ۾ مٽ سٽ به ٿيندي
رهي ٿي؟
هن مثنويءَ ۾ مؤلف پنهنجي آڏو مثنوي رومي ۽ اقبال
کانسواءِ روايتي صوفي فڪر ۽ ڏاهپ کي سامهون رکي
پنهنجي خيالات جو اظهار ڪيو آهي. بلڪ اهو به
ٻڌائجي ته هن مختصر مثنويءَ ۾ مخدوم صاحب جا
پنهنجا چيل ڪل بند 240 آهن جڏهن ته روميءَ جا ڪل
46 ۽ اقبال جي مثنوين جا ڪل 77 بند آيل آهن.
بحوحال اها حقيقت آهي ته مخدوم صاحب هن مثنويءَ ۾
جيڪي ڪجهه چيو آهي اهو روميءَ ۽ اقبال جي فڪر جي
تشريح ۽ توضيح آهي ۽ ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته جديد دور ۾
تصوف کي سمجهڻ لاءِ انهن ٻنهي مفڪرن جو مطالعو
ازحد ضروري آهي. سڀ کان پهرين هتي اهو ٻڌائڻ ضروري
آهي ته صوفين وٽ عشق جو تصور نهايت همہ گير آهي
جنهن جو جواز هو ان مشهور حديث مان وٺن ٿا.
ڪنت ڪنزاً مخفياً فاحيت ان اُعرف فخلقت الخلق.
مان لڪل خزانو هوس پوءِ مون گهريو ته آءُ سڃاتو
وڃان تنهن ڪري مون مخلوقات کي پيدا ڪيو.
هن مان هو وڌيڪ استدلال وٺن ٿا ته انسان خود
انهيءَ عشق جي پيداوار آهي ۽ ان راز جو رازدان
آهي. بلڪ سموري مخلوقات ۾ انسان کي خصوصي حيثيت
حاصل آهي جنهن لاءِ وري هو ٻي حديث پيش ڪن ٿا.
خلق آدم عليٰ صورتھ
يعني الله تعاليٰ انسان کي پنهنجي صورت تي پيدا
ڪيو.
انهيءَ مفهوم ۾ صوفين جو ٻيو مشهور مقولو آهي.
الانسان سرّي وانا سرّه
يعني الله تعاليٰ چوي ٿو ته انسان منهنجو ڳجهه آهي
۽ آءُ انسان جو ڳجهه آهيان. صوفي قرآن شريف جي آيت
’الست
بربڪم‘
۽ ان جي جواب ’قالو
بليٰ‘
مان پڻ الله تعاليٰ ۽ انسان جي وچ ۾ عشق ۽ محبت جو
اقرار سمجهن ٿا. انهيءَ ڪري هو عبادت ۽ عبوديت کي
به عشق جو اظهار چون ٿا. ان لحاظ کان هو عشق کي
ڪائنات جي وڏي ۾ وڏي حقيقت، اسرار ۽ راز سمجهن ٿا
۽ انسان کي ان راز جو رازدان ڪوٺين ٿا. سڀئي صوفي
ان ڳالهه تي متفق آهن ۽ صوفي ادب ۾ ان جو وڏي ۾
وڏو نمائندو مولانا جلال الدين رومي آهي. هو چوي
ٿو ته اهو الله تعاليٰ جو عشق ئي هو جوهي ڪائنات
پيدا ڪيائين. انهيءَ ڪري انهيءَ عشق جي تعريف يا
وصف ڪرڻ نامڪمن آهي ۽ انهيءَ ۾ قلم جو ڀڄي پوڻ
لازمي آهي. البت ان جي ڪجهه پهلوئن جو بيان هن ريت
ڪري سگهجي ٿو. ان جي ڪري ڪوڙاڻ مٺاڻ ٿئي ٿو ۽ ٽامو
سون بنجي ٿو. محبت جي ڪري باهه مان نورانيت ۽
روشني پيدا ٿي پوي ٿي ته بدصورت پري خوبصورت نظر
اچي ٿي. محبت جي ڪري مردوبه زنده ٿي پوي ٿو ۽
بادشاه ٻانهو ٿي پوي ٿو. عشق ئي سڀني بيمارين جو
علاج آهي. نڙ ۾ سوز ۽ ساز عشق ۽ محبت جي ڪري آهي
ته ٻئي طرف شراب ۾ نشو به عشق جو تاثير آهي مطلب
ته عشق خدائي رازن جو اسطرلاب به آهي.
علت عاشق زعلتها جداست
عشق اسطرلاب اسرار خداست
ترجمو: عشق جو سبب يا ڪارڻ ٻين سڀني سببن کان الڳ
يا نيارو آهي. اهو عشق خدائي رازن جو اهو اوزار
آهي جيڪو هر ڏس ۾ رهنمائي ڪري ٿو.
وڌيڪ چوي ٿو:
ملت عاشق از همہ دينها جداست
عاشقان راملت و مذهب خداست
ترجمو: عشق وارن جو رستو ٻين سڀني رستن کان نرالو
آهي عاشقن جو دين مذهب فقط خدا ئي خدا آهي.
اقبال وٽ پڻ عشق جو تصور روميءَ وٽان ورتل آهي ۽
هن جو تصور پڻ همہ گير ۽ آفاقي آهي جئن هن شعر ۾
چيو اٿس.
عشق دم جبرئيل، عشق دل مصطفيٰ
عشق خدا کا رسول، عشق خدا کا کلام
هاڻي جيستائين عقل جو تعلق آهي ته رومي توڙي اقبال
عقل جي اهميت جو انڪار ڪونه ٿا ڪن، پر ان جي ناقص
يا محدود هجڻ جي نشاندهي ڪن ٿا. هو چون ٿا ته عقل
ڪنهن حد تائين وڃي سگهي ٿو، پر اهو هن ڪائنات جا
سڀئي اسرار ۽ راز سمجهي يا کولي نٿو سگهي. اهو ئي
سبب آهي جو انساني فڪر ۽ فلسفي جي تاريخ ۾ پڻ عقل
کي غالب حيثيت نه ملي آهي. اسلامي روايت ۾ جيڪو
شيطان جو تصور آهي، ان کي به ڪن صوفين خاص طور
روميءَ، شيطان کي عقل جو نمائندو ڪوٺيو آهي ۽ ان
جي مقابلي ۾ آدم يا انسان کي عشق جو نمائندو سڏيو
آهي. جيئن هيٺين شعر مان ظاهر آهي.
داند او کو نيکبخت ومحرم است
زيرکي ز ابليس وعشق از آدم است
ترجمو: جيڪو نيڪ بخت ۽ محرم راز آهي اهو ڄاڻي ٿو
ته عقل پسندي يا چالاڪي شيطان ابليس جي عادت آهي ۽
عشق محبت انسان جي فطرت آهي.
ٻئي هنڌ چيو اٿس.
زهرکي بغروش وحيراني بخر
ترجمو: عقل پسندي کي وڪڻي ڇڏ ۽ حيراني (عشق جي
انتها) کي خريد ڪر.
اقبال پڻ عقل ۽ عشق ۾ واضح تميز ڪري ٿو ۽ عشق جي
برتريءَ جو برملا اظهار ڪري ٿو.
بی خطر کود پڑا آتش نمرود میں عشق
عقل ہے محو تماشائی لب بام ابھی
انهيءَ ڪري اقبال چوي ٿو ته عقل کي عشق جي رهنمائي
قبول ڪرڻ گهرجي.
زيرکي زعشق گردد حق شناس
ڪار عشق از زير کي محڪم اساس
ترجمو: عقل پسندي عشق جي ڪري ئي حق جي ساڃهه حاصل
ڪري سگهي ٿي ۽ عشق جي عمارت لاءِ عقل پشتي بنجي
سگهي ٿو.
جيئن اسان مٿي چئي آياسون ته مخدوم صاحب مثنوي
’عقل ۽ عشق‘ ۾ سڌوسنئون اقبال ۽ روميءَ جا اشعار
آندا آهن جن جي روشنيءَ ۾ اسان روميءَ ۽ اقبال جي
’عقل ۽ عشق‘ بابت نظريات يا تصورات کي پيش ڪيو.
مخدوم صاحب روميءَ جي تصورات کي هينئن نظم ۾ آندو
آهي.
عشق جيتر ناهه تيتر ڪجهه نه آ
عشق ئي آهي محرڪ جا بجا
عشق جي باعث هي عالم منجهه وجود
عشق ئي آهي ڪندو رب کي سجود.
’الست بربڪم‘ بابت چوي ٿو.
جو ’الست بربڪم‘ آواز هو
عشق جو يارو اهو آغاز هو
قالو بليٰ لاءِ چوي ٿو
باعث صبر و رضا خود عشق هو
جذبه قالو بليٰ خود عشق هو.
سڀني صوفين توڻي رومي ٻن قسمن جو عشق مڃيو آهي.
مجازي ۽ حقيقي ان سلسلي ۾ چوي ٿو.
عشق ٻن قسمن جو آهي اي ادا
هڪ مجازي ٻيو حقيقي با خدا
عشق آهي درحقيقت عشق سو
جنهن طرف رومي اشارو آ ڪيو.
روميءَ جي نظر ۾ عشق خداوندي ئي باقي رهڻ وارو آهي
ڇو ته اها ذات خود باقي رهڻ واري آهي. عشق مجازي
جو محرڪ جئين ته رنگ وبو يعني رنگ ۽ احساس تائين
محدود آهي، اهو باقي رهڻ وارو ناهي، بلڪ ان جي
پڇاڙيءَ ۾ خواري ۽ ذلت آهي. رومي مثنويءَ ۾ اهڙيون
ڪيتريون آکاڻيون ۽ نقل آندا آهن جن مان هو پنهنجو
نقطئه نظر ثابت ڪري ٿو. عقل جو واسطو ظاهري رنگ ۽
جلوي جمال سان آهي، پر عشق جو واسطو اندر ۽ دل سان
آهي مخدوم صاحب جو نقطئه نظر به ساڳيو آهي.
عقل وارو عشق يار فسق
عشق تيسين عشق آ، جيسين آ عشق
عقل وارو عشق بس بي فيض آهه
خواهشات نفس وارو فيض آهه
عقل واري عشق جي منزل زمين
عشق وارو عشق برعرش برين.
مولانا رومي مثنويءَ ۾ عشق کي ’عقل ڪل‘ به ڪوٺيو
آهي ته جيئن ان کي عقل جزوي کان الڳ ڪري سمجهائي
سگهجي. رومي چوي ٿو ته عقل جزوي کي پنهنجو وزير نه
بناءِ يعني ان تي ڀروسونه ڪر. بلڪ ان جي مقابلي ۾
’عقل ڪل‘ کي بادشاه ۽ وزير ٻئي سمجهه. مخدوم صاحب
مٿين شعرن کانپوءِ پنهنجي خيالات جي ترجماني
هينئن ڪري ٿو.
هاڻي ڪريون ڀيٽ عقل وعشق جي
صاف ظاهر ڳالهه ٿئي آخر سچي
عقل ڪل ۽ عشق هڪڙي ڳالهه ٿيو
عقل جزوي کي اٿي هاڻي وٺو
عقل جزوي جي آ منزل هي جهان
عقل ڪل جو سير اَڪون ومڪان
عقل ڪل سان ڪامل انسان ٿو ٿئي
حاصل آخر سر سبحان ٿو ٿئي
روميءَ جي فڪر ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو.
ڇا ٿو فرمائي اتي رومي فقير
حرف حرف آهي انهيءَ جو بينظير
اتي روميءَ جو هي مشهور شعر آندل آهي.
عقل ڪل، نفس ڪل، مرد خداست
عرش وڪرسي رامدان ازوي جداست
ترجمو: عقل ڪل يا نفس ڪل الله وارو شخص آهي.
انهيءَ کان عرش و ڪرسي به الڳ يا پري ناهن.
مخدوم صاحب هن شعر جي سمجهاڻي خاطر چوي ٿو.
عقل ڪل جو عشق تي دارومدار
بي مثال آهي سندس عزووقار
عقل ڪل سان ڪامل انسان ٿو ٿئي
حاصل آخر سر سبحان ٿو ٿئي.
مخدوم صاحب اقبال جا عقل ۽ عشق جي باري ۾ جيڪي شعر
پيش ڪيا آهن انهن جو لب لباب هن ريت آهي. عقل
چالاڪ ۽ تيز طراز آهي عقل سفاڪ ۽ ظالم آهي عقل
هميشه اسباب جي دنيا ۾ ڦاٿل رهي ٿو ۽ اهو هميشه
نفعي نقصان جي تلاش ۾ رهي ٿو. عقل مڪلي آهي ۽
پنهنجي دام ۾ ڦاسائڻ گهري ٿو. عقل هوا جي جهونڪي
وانگر آهي ۽ اهو ڇو ۽ ڇا مان نڪري نٿو سگهي. اهو
هميشه خوش باش رهڻ جا نسخا ٻڌائي ٿو. پر ان جي
مقابلي ۾ عشق ڇو ۽ ڇا کان آزاد آهي. عشق پنهنجي
ٻنڌڻ ۾ ٻڌي باقي هر شيءَ کان آجو ڪري ٿو. عشق
ڪمياب ۽ بي بهادولت آهي. عقل وارا عشق وارن جي
مقابلي ۾ ڪيف ۽ مستيءَ کان بي نصيب آهن. عقل هن
جهان تي شبخون هڻڻ سيکاري ٿو، پر عشق مڪان تائين
پهچڻ سيکاري ٿو. عقل عشق کانسواءِ گمراهي آهي، پر
عشق سان گڏ لاهوتي آهي.
رومي ۽ اقبال جي تقابلي مطالعي بعد مخدوم صاحب
پنهنجي راءِ هينئن پيش ڪري ٿو.
عقل ويچارو سدا محتاج آهه
عشق شاهنشاهه لايحتاج آهه
عقل آ انسان جي لئه ڄڻ ممات
عشق انجي واسطي آهي حيات
عقل جي اک ۾ سدا آ ممڪنات
عشق جي قبضي ۾ هر ناممڪنات
روميءَ جي بنيادي خيال ته عقل شيطان جي پناهه گاهه
آهي ۽ عشق انسان جي اعليٰ وصف آهي، هن سلسلي ۾ چوي
ٿو.
عقل وٽ شيطان جي جاءِ پناهه
عشق وٽ انسان جي آماجگاهه
وڌيڪ وضاحت هن ريت ڪري ٿو.
عقل جو مذهب فقط آ حب جاهه
عشق جي ملت سڄي قلب و نگاهه
عقل جو مذهب رڳو آ قيل و قال
عشق جي ملت فقط وجد وصال
خود مسلح ڪربلا ۾ عقل هو
عشق آيو بيڌڙڪ ان هنڌ مليو
عقل جو ڪم آهه تڪرار و فساد
عشق جو ڪم آهه هر ڪنهن سان وداد
عقل جو ڪم آهه فرعوني سدا
عشق جو دم يار ملڪو تي سدا
اڳتي چوي ٿو.
عشق جو واپار آ ڪون و مڪان
عقل جو واپار ناسوتي جهان
عشق جو واپار آ هڪڙو ئي نور
عقل جو واپار آ حور قصور
عشق جو واپار وجہ الله آهه
عقل جو واپار غير الله آهه
عقل هردم عالم ناسوت ۾
عشق سرگرم عمل جبروت ۾
عقل ڄاڻو ڪونه آ لاهوت جو
عشق واقف عالم هاهوت جو.
عقل جزوي ۽ عقل ڪل جي تعريف وري هينئن چيو اٿس:
هڪ هنڌ پنهنجي راءِ ڏيندي چون ٿا.
عقل آهي طالب الدنيٰ سدا
عشق آهي طالب الموليٰ سدا.
’مثنوي عقل وعشق‘ ۾ اڃا ڪيترائي بند آهن جيڪي
اعليٰ مفهوم ۽ معنيٰ جا حاصل آهن. بلڪ تصوف جي
تعليمات جو نچوڙ آهن ۽ انهن شعرن جي پڙهڻ سان ئي
اهو حظ حاصل ڪري سگهجي ٿو. جيئن ته اها مثنوي
ناياب آهي ۽ مخدوم صاحب جي ڪنهن شعري مجموعي ۾
شامل ناهي، لهــٰذا ان کي هن مقالي جي ضميمي طور
شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙ سڌو سنئون ان مان
مستفيض ٿين
سنڌي شاعري
مخدوم طالب الموليٰ جيتوڻيڪ نثر ۾ به ڪافي ڪجهه
لکيو، پر بنيادي طور هو شاعر هو. سندس عروضي شاعري
کانسواءِ سنڌي روايتي شاعريءَ جو به ڪافي ذخيرو
آهي جيڪو مختلف مجموعن جي صورت ۾ شايع ٿيل آهي.
هونئن ته مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ هڪ حساس شاعر
وانگر سڀ رنگ ۽ خاص طور ڪيفيتون شامل آهن، سندس
بيتن ۽ ڪافين ۾ صوفيانه شعور جي جهلڪ زياده نظر
اچي ٿي جيڪا ڳالهه سندس تصوف سان فطري لڳاءَ جي
نشاندهي ڪري ٿي. مخدوم صاحب جي اها سٺي عادت هئي
جو پاڻ شعر يا بيت چوڻ کانپوءِ اڪثر ان جي تاريخ ۽
سال لکي ڇڏيندا هئا، جنهن مان سندن ذهني اوسر ۽
تفڪر جي خبر پوي ٿي.
’ڇپر ۾ ڇڙيون‘ مجموعي ۾ ’هادي آهه هڪڙو‘ جو پهريون
بيت جيڪو سال 1955 ۾ لکيو اٿن، الله تعالي جي وجود
۽ وحدانيت بابت نهايت معنيٰ خيز آهي.
تڏهن به هڪ الله هو، جڏهن ڪجهه نه هو
جڏهن هوندو ڪين ڪي، تڏهن به سوئي سو
وحده لاشريڪ لہ، ثاني سندس نه ڪو،
صحيح آهه سمجهيو، طالب الموليٰ تو
اهوئي اهو، هادي آهي هڪڙو.
هن بيت جي پهرين سٽ ۾ سمايل خيال صوفين وٽ مشهور
حديث ’ڪان
الله ولَم يکن معھ‘
يعني
الله هو ۽ ان سان ٻي ڪاشي نه هئي، تان ورتل آهي.
اها حديث صحيح بخاري ۾ موجود آهي. چون ٿا ته جڏهن
مشهور صوفي جنيد بغداديءَ جي آڏو اها حديث پڙهي
وئي ته ٺهه پهه چيائين.
’الآن ڪما ڪان‘
يعني هن وقت به اها ذات ائين آهي جيئن هئي. ڏسو ته
توحيد بابت اهو ايڏو خيال ڪيڏو نه سهڻو سمجهايل
آهي. بيت جي باقي سٽن ۾ پڻ الله تعاليٰ جي توحيد
جي سمجهاڻي ڏنل آهي ۽ سورة فاتحه موجب هدايت ان
ذات کان ئي آهي.
ٻئي بيت جون پهريون ٻه سٽون هن ريت آهن.
اڄ به اهو ئي آهه، جيڪو هئو اڳ
هئڻ رڳو هن جو، جلوو آهي جڳ
پهرين سٽ مٿين خيال جو تسلسل آهي جڏهن ته ٻي سٽ ۾
اهو سمجهايو ويو آهي ته وجود فقط خدا جي ذات جو
آهي ۽ هي جهان ان جي هڪ جلوي يعني مظهر کان وڌيڪ
ناهي.
هڪ ٻئي هنڌ پڻ اهو خيال هينئن پيش ڪيو اٿن.
طالب الموليٰ ذات سا، سدا سُو بسُو
هڙئي آهي هو، ٻيو ڪجهه آهي ڪين ڪي.
يعني هر ڏس ۽ هر طرف ۾ اها ذات آهي بلڪ سڀ ڪجهه
اهوئي آهي ٻيو ڪجهه ناهي، جيئن شاهه لطيف جي بيت
جي هڪ سٽ آهي.
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
هڪ ٻئي بيت جون سٽون آهن.
صفتون سو هزار، ذات آهي هڪڙي
ڪار فرما ڪريم ٿيو، انسان سڀ اوزار
هتي ذات ۽ صفات جو مسئلو نهايت سهڻي نموني ۾
سمجهايو ويو آهي ته خدا جي ذات هڪ يعني واحد آهي.
البت ان جي صفتن جو ڳاڻيٽو ڪونهي. بلڪ هي جهان
سندس صفتن جو ئي مظهر آهي. اهو ئي هرهنڌ ڪارفرما
آهي انسان جي حيثيت هڪ اوزار کان وڌيڪ ناهي.
انهيءَ ڪري صوفين جو مقولو آهي ’لافاعل
في الوجود الا الله‘
يعني ڪائنات ۾ فاعل صرف خدا جي ذات آهي.
تصوف ۾ الله تعاليٰ جي قرب جو حصول يا بندي جو
وصال هڪ اهم موضوع آهي ۽ تصوف جي سڀني سلسلن ۾ هن
مسئلي بابت رهنمائي ملي ٿي. هن سلسلي ۾ صوفين
هميشه قرآني آيت ’ونحن
اقرب الله من حبل الوريد‘
يعني اسان توهان کي ساهه جي رڳن کان به ويجها
آهيون مان رهنمائي ورتي آهي. هاڻي هي بيت ڏسو.
ڏسڻ کان جو ڏور، سو ويجهو آهي وجود کان
ڪک پن ۾ ڪريم جو، نسوروئي نور
ذرڙو، ذرڙو، ذرڙو، لئي ڪاملن ڪوه طور
جو ڏسي نٿو ڏيهه ۾، تنهن قلب جو قصور
دريون دنيا واريون، پهرين پٽي پور
طالب مولا ڄاڻ تون، هر جا اَٿئي حضور
هو دل کان ناهي دور، هردم آهي هنج ۾
فارسي ۽ سنڌي زبان جي روايتي صوفيانه شاعريءَ جا
اصطلاح ۽ تصورات به مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ عام
جام آهن جئن حافظ شيرازي رندن کي صوفين جي اعليٰ
درجي ۾ تصور ڪيو آهي. مخدوم صاحب جو هڪ بيت آهي.
رضا واري رمز ۾، رند رهن راضي
محبت واري مام سان، قلب ڪيون قاضي
قبل نه ماضي، هر دم آهن حال ۾
مٿئين بيت کي شاه لطيف جي هن بيت سان ڀيٽي ڏسو
ڪنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال،
حاصل جنين حال، آءُ نه جيئندي ان ري
’درجا آهن دلين تي‘جي عنوان هيٺ هڪ ڊگهي بيت ۾
جديد دور جي انسان کي جيڪو فقط عقل جي گهوڙي تي
سوار آهي ۽ الهامي ڪتابن مان به ڪا هدايت وٺڻ لاءِ
تيار ناهي، انهن تي تنقيد ڪندي چوي ٿو.
دل کي مڃن ڪين ڪي، اڄوڪا انسان
هو مائل رڳو مغز ڏي، جت عقل جا امڪان
پر آهي هينئن فرمايو، ڪريم منجهه قرآن
ل مِن المرءِوقلبہ‘ چيو مالڪ مهربان
تنهن جي نبي تائيد ۾، ڏنا بلڪل هي بيان
ان في الجسد مضعة اذا صلحت جا آهن صورت
اندر سامان
ان الله لا ينظر اليٰ صورکم ولکن ينظر اليٰ قلوبڪم
هي فائق جا فرمان
رکن ايمان ان تي، مستحڪم مسلمان
جي مورهئون نه مڃن دل کي، سي نسورا نادان
طالب موليٰ تون به ات، آڻج کي ايمان
جو رسول ۽ رحمان، به درجا ڏنا دلين کي.
هن بيت جي مٿين سٽ ۾ قرآن شريف جي آيت ان الله
يحول بين المرؤقلبہ سورة الانفال جي 24 آيت آهي
جنهن جي معنيٰ آهي ’الله ٻانهي ۽ سندس دل جي وچ ۾
اوٽ آهي. ان کانپوءِ ڇهين سٽ ۾ حديث جي معنيٰ آهي
ته انسان جي جسم ۾ گوشت جو ٽڪر آهي جڏهن اهو صحيح
ٿئي ٿو ته پورو انسان صحيح ٿي وڃي ٿو. ان کانپوءِ
ٻي حديث جو ترجمو هن ريت آهي ته الله تعاليٰ توهان
جي صورتن کي نٿو ڏسي بلڪ هو توهان جي دلين کي ڏسي
ٿو.
مخدوم صاحب جي اڪثر ڪافين ۾ تصوف جا بنيادي تصورات
ئي ڪارفرما آهن، جن لاءِ پاڻ قرآن شريف جون آيتون،
حديثون ۽ ٻيا صوفيانه اقوال جا بجا آندا اٿن. ’هت
آهيان انسان‘ جي عنوان تحت هڪ ڪافيءَ جا چند بند
ملاحظه ڪريو.
’وفي انفسڪم‘ راز رندانا
’ونحن اقرب‘ شوق شهانا
همدم ڪهڙو حساب
نرت اتي ڪو نيهي نيندو
’الانسان سري‘ سر سارو
’وهم معڪم‘ ناز نيارو
ڇاهي ڏوهه ثواب
سزا جزا جي خبر ڪو ڏيندو.
هتي ’وفي
انفسڪم‘،
’ونحن
اقرب اليھ‘
۽ ’وهو
معڪم‘
قرآني آيتن مان ورتل آهن. البت ’الانسان
سري واناسره‘
صوفين جو مشهور مقولو آهي. قرآن جون اهي ٽيئي
آيتون ۽ اهو مقولو شاهه لطيف جي شاعري ۾ پڻ اچن ٿا
’ذات جو صفات ۾‘ ’ظهور‘ واري مسئلي کي ڪي عارف ئي
سمجهن ٿا ته شريعت ۽ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي
باهمي تعلق کي سمجهڻ به ڪو سولو ناهي. انهيءَ ڪري
چوي ٿو.
ذات صفت ۾ ڪيئن آهي ظاهر
مام ٻڌائي مرد ڪو ماهر
پي محبت جو مئي ناب
ڪو منصور رهي ملڪ ماڻيندو
طالب موليٰ شان شريعت
حسن حقيقت، طور طرريقت
معرفت آهي مآب
ڀيد وارو ڪو ڀيد ڀڻيندو.
صوفين وٽ، پاڻ سڃاڻ مان ئي خدا جي سڃاڻپ، يعني
’من عرف نفسھ فقھ عرف ربھ‘
مشهور حديث ۾ اهو سبق سمايل آهي. سڀني وڏن صوفين
ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي. مخدوم صاحب جي ڪافيءَ
جا ڪجهه بند هن ريت آهن.
اها الله جي ڄاڻ |
جي تون پاڻ سڃاڻي |
|
پاڻ سڃاڻي، غير نه آڻي |
’من عرف‘ جي رمزن اندر |
اهي اٿئي اهڃاڻ |
وفي انفسڪم اينما کنتم |
محبت وارا ماڻ |
ونحن اقرب‘ پاڻ چيائين |
واهه جي هي واکاڻ |
طالب موليٰ تنهنجو تو ۾ |
پيهي ويٺو پاڻ. |
ذات خداونديءَ جو قرب حاصل ڪرڻ سالڪ جي لاءِ وڏي ۾
وڏو ۽ آخري مرحلو آهي، جنهن لاءِ هو ’فنا‘ يا
’موتوا قبل ان تموتو!‘
يعني مرڻ کان اڳ مرڻ جو رستو ٻڌائن ٿا. جڏهن انسان
فنائيت جو مقام حاصل ڪري ٿو ته هو وصال جي منزل
ماڻي ٿو اها ئي وحدت الوجود واري ڪيفيت آهي. مخدوم
صاحب جي هن ڪافيءَ ۾ ڪجهه اهڙي ڪيفيت جو بيان آهي.
جيتر تون موجود، |
تيتر لاموجود هو هوندو |
’موتوا قبل‘ ٿي ماڻج مطلب |
نينهن ۾ ٿي نابود |
دور وڃڻ ئي آهه اجايو |
ويجهو اٿيئي وجود |
ڪک پن ووڙڻ راند ٻاراڻي |
شاهد تون مشهود |
سر سبحان به تون ئي آهين |
سوچي ڪر سجود |
هڙئي هتان ئي ڪرتون حاصل |
من مان ئي مقصود |
پاڻ ڇڏي ۽ پري نه وڃ تون |
منزل ٻي مسدود |
توکان توکي ويجهو آهي |
مڙني جو معبود |
وڃ وچان تون طالب مولا |
خوب ٿيندين تون خوشنود |
مددي ڪتاب
-
رساله فتحيه سنڌي ادبي بورڊ 2011ع
-
اسلامي تصوف 1951 طالب الموليٰ
-
مثنوي عقل ۽ عشق طالب الموليٰ 1983ع ٻيو ڇاپو.
-
گلستان سروري 2010ع طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا
-
تصوف اسلام عبدالماجد دريابادي اسلامک بک
فائونڊيشن لاهور 1980ع
-
ڪتاب اللمع اداره تحقيقات اسلام 1972ع
-
رساله قشيريه اداره تحقيقات اسلام 1970ع
-
مثنوي رومي اردو ترجمو قاضي سجاد حسين
-
Sufism A.J. Arberry
-
Mystialleivemsions of London 1966 Islam A,
Schimmel 1981
|