سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:10 

آزاد انور ڪانڌڙو

 

 

 

 

مخدوم طالب الموليٰ

ادب ۽ ٻوليءَ جو محسن

 

هالا جي سرزمين علم ۽ ادب جي حوالي سان سنڌ ۾ هڪ زرخيز خطي طور ڃاتي سڃاتي وڃي ٿي. هالا جي  مردم خيز مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عظيم هستين سنڌي ادب، شاعري، ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي سياست ۾ پڻ هالا جي شخصيتن مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي محسن مخدوم طالب الموليٰ جو شمار اهڙين هستين ۾ جن سنڌي ادب، شاعري ۽ سنڌي ٻولي جي حوالي سان بي مثال خدمتون سر انجام ڏنيون. سياست ۾  به سندس خدمتون سدا ياد رهنديون. مخدوم طالب الموليٰ جو جنم 4- آڪٽوبر 1919ع بمطابق 9 محرالحرام 1338هه ۾ آچر ڏينهن هالا نوان ۾ درگاهه حضرت مخدوم نوح سرورؒ جي پندرهين سجاده نشين پنهنجي دور جي مشهور شاعر اديب  مخدوم غلام محمد جي گهر ۾ ٿيو. مخدوم صاحب جو اصل نالو محمد زمان هو. سندن ڏاڏو مخدوم ظهيرالدين کين پيرل سائين سڏيندو هو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ بن مخدوم غلام محمد، بن مخدوم ظهير الدين پريل ڄام، بن مخدوم امين محمد عرف پکن ڌڻي، سجاده نشين حضرت غوث الحق مخدوم نوحؒ صديقي سهروردي، درگاهه سروري، سنڌ جي مشهور ولي الله حضرت غوث الحق مخدوم نوحؒ جي اولاد مان آهن، جو خليفه اول حضرت ابوبڪر صديق جي اولاد مان هو. مخدوم صاحب ابتدائي ديني تعليم آخوند ولي محمد وٽ حاصل ڪئي بعد ۾ ماستر عبدالغفور، مخدوم غلام حيدر، مولوي محمد عالم ڊڀري واري ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان به تعليم حاصل ڪيائون.

مخدوم طالب الموليٰ جي والد درگاهه حضرت مخدوم نوح سرورؒ جي سورهين سجاده نشين پنهنجي دور جي مشهور شاعر اديب  مخدوم غلام محمد 16 ڊسمبر 1944ع ۾ وفات ڪئي بعد ۾ درگاهه نوح سرورؒ جا سورهين سجاده نشين ٿيا ۽ ان ذميواريءَ کي تمام سهڻي نموني نڀائيندا رهيا. سندن گادي سروري سهروردي جي سلسلي ۾ سنڌ هند ۾ مشهور آهي، جيڪا 9  لکي گاديءَ طور مشهور آهي. پيراڻي گاديءَ جي ذميواري سان گڏ ادب ۽ سياست ۾  به پنهنجو رهبرانه ڪردار ادا ڪيو . پاڻ 1952ع ۾ هالا ميونسپالٽي جو صدر ۽ 1960ع کان 1961ع تائين چيئرمين رهيو. جڏهن ته 1953ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو بنا مقابلي ميمبر ٿيو. صدر جنرل ايوب خان جي دور ۾ ٽي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. مخدوم صاحب جو شمار پاڪستان پيپلز پارٽي جي بانين مان هو. مخدوم صاحب جي ئي ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن سان 1- جون 1970ع  تي هالا ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو پهريون ڪنوينشن ٿيو، جن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو پهريون وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو.

مخدوم صاحب کي شاعريءَ جو شوق 1930ع ۾  ناري جي سفر تي وڃڻ دوران يارنهن سالن جي عمر ۾ ٿيو. پهريان پاڻ بيوس پوءِ فراق، زمان شاهه، طالب ۽ 1949ع ۾ طالب الموليٰ جي تخلص سان لکڻ شروع ڪيائون .

تو دلڙي يار ڌتاري،

 

پو ير ڪانه ڪيئي پوئواري!

تنهنجا ڪيس پيارل ڪارا،

ڪن ونگ وجهڻ لئه وارا،

ڪن قيد سياڻا سارا،

ٿين وير به ات ويچارا،

آهن پيچ انهن جا پيارا،

پائن ڳٽ ڳچيءَ ۾ ڳارا،

مهميرن تي سي مارا،

ٿا شاهه ڀرن شوڪارا،

منهنجي نرمل آه نيزاري! الا...

 

سهڻل جا سينگار – وهوا- دل کي وڻن ٿا،

دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي موهن ٿا!

 

گڏ گذارڻ، اٿڻ ۽ ويهڻ، طالب مولا رسڻ ۽ پرچڻ،

محبت جا معيار- وهوا- دل کي وڻن ٿا.

 

تون ڇا هئين، ڇا مان ڇا ٿي وئين،

جڏهن تنهنجو ٿيس ته جدا ٿي وئين!

 

توکي پيار ڏيان، تنهنجا ادب ڪيان،

آءُ طالب، تون مولا ٿي وئين.

 

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه  طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو. 

 

مخدوم صاحب سنڌي ادب جي حوالي سان ڪيترائي مثالي ڪم ڪيا ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو. ورهاڱي بعد سنڌي هندو عالمن، اديبن جي لڏپلاڻ ۽ ڪيترائي رسالا اخبارون بند ٿيڻ کان پوءِ ان دور ۾ سنڌي ادب کي ترقي وٺرائڻ ۽ سنڌي هندو عالم، اديبن جي لڏپلاڻ سبب پيدا ٿيندڙ خال کي ڀرڻ ۾ مخدوم طالب الموليٰ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيترائي رسالا جاري ڪرايا، جن ۾ پاڻ هالا ۾ الزمان پريس قائم ڪري پاسبان هالا ۽ الزمان هالا اخبارون جاري ڪرايون. 1950ع ۾ فردوس رسالي جي رهنمائي ۽ مالي امداد ۾ اڳڀرا رهيا. سندس سرپرستيءَ ۾ مشهور شاعر جمع خان غريب 1952ع ۾ ميهڙ لڳ سيتا مان ماهوار طالب الموليٰ رسالو ڪڍيو. پاڻ 1954،55ع حيدرآباد مان روح ادب رسالو ڪڍرايو. مخدوم صاحب 1956ع ۾ حيدرآباد مان مولانا غلام محمد گرامي جي صدارت ۾ ماهوار شاعر رسالو جاري ڪرايو. الزمان هالا،پاسبان هالا اخبارن، فردوس ۽ روح ادب رسالن ۾ مولانا غلام محمد گرامي به مدير، ايڊيٽر رهيو. مخدوم صاحب مخدوم صاحب جي سرپرستيءَ ۾ انجمن علم و ادب هالا پاران پهرين نومبر 1952ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ سنڌ جي سدا حيات عالم ڏاهي علامه آءِ آءِ قاضي جي صدارت ۾  ادبي ڪانفرنس منعقد ڪيائون. پاڻ فردوس پبليڪيشن، انجمن علم و ادب، ادارا روح ادب  جي سرپرستيءَ سان گڏ مالي مدد به ڪندا رهيا. مخدوم صاحب  جي مثالي ادبي خدمتن ۽ سنڌي ادب جي ترقي ۾ رهنمائي سبب کين مڃتا ڏيڻ لاءِ 1955ع ۾ بزمِ طالب الموليٰ جوڙي وئي، مخدوم صاحب 1952ع ۾ جميعت الشعراء سنڌ جا سرپرست ۽ 1957ع ۾ صدر ٿيا. 14- آڪٽوبر 1961ع تي حيدرآباد جي بسنت هال ۾ مزاحيه ڪانفرنس کي وڏي پزيرائي ملي.

مخدوم طالب الموليٰ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ٿيو. پاڻ ٻه ڀيرا 1961ع کان 1971ع تائين ۽ 1989ع کان 1992ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو. جڏهن ته پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، لطيف يادگار ڪائونسل، ڀٽ شاهه، ثقافتي مرڪز، سنڌ اڪيڊمي سنڌ يونيورسٽي (هاڻوڪي سنڌالاجي) جي مشاورت ڪاميٽي جو ميمبر به رهيو. مخدوم صاحب کي سندس ادبي، علمي خدمتن تي ڪيترائي ايوارڊ مليا، جڏهن ته ملڪي سطح تي کيس علمي ادبي خدمتن تي حڪومت پاڪستان پاران 1965ع ۾ تمغه پاڪستان، 1992ع ۾ هلال امتياز ۽ 1991ع ۾ لطيف ايوارڊ ڏنا ويا. تعليمي حوالي سان مخدوم صاحب وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون، اسڪول قائم ڪرائڻ کان وٺي شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽلون ٺهرائڻ ۽ شاگردن کي اسڪالرشپ ۽ انعامن سان پڻ نوازيندو هو. سندس اهڙين علمي ۽ تعليمي خدمتن تي کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا ۽ ڪيترا ئي تعليمي ادارا سندس نالي سان سندس حياتي ۾ ٺهيا جيڪو ڪنهن شخصيت لاءِ وڏي اعزاز کان گهٽ نه آهي. مخدوم صاحب سروري اسلاميه ڪاليج هالا، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو، طالب الموليٰ اوريئنٽل ڪاليج هالا، سنڌ طيبه ڪاليج حيدرآباد، جا سرپرست رهيا. کپري هاءِ اسڪول جي هاسٽل به سندس يادگار آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾ شاعري ۽ نثر جا اٽڪل 26 کان مٿي ڪتاب آهن جن ۾ بهار طالب 1946ع، رباعيات طالب  1946ع ۽ 1990ع، اسلامي تصوف 1951ع، شيطان 1951ع، خودشناسي 1952ع، امام غزالي جا خط 1953ع ۽ 1994ع، يادِ رفتگان 1953ع ۽ 1994ع، مثنوي عقل و عشق 1955ع ۽ 1983ع، ڪچڪول طالب 1955ع،ڪافي 1958ع ۽ 1962ع، شان سروري 1958ع، ڇپر ۾ ڇڙيون 1971ع، 1990ع، 2005ع ۽ 2011ع، سنڌ جو ساوڻ 1982ع، ديوان طالب الموليٰ 1982ع ۽ 2011ع، آ ڪانگا ڪر ڳالهه 1982ع، شام و صبح 1982ع، بي پير اکيون 1987ع، مصريءَ جون تڙون 1990ع  (هي ڪتاب انگريزي ۾ “Pieces of Sugar Candy” جي نالي سان ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ترجمو ڪيو، جيڪو 1997ع ۾ شايع ٿيو. سدا وسين سنڌڙي 1990ع، آب حيات 1990ع، چهنڊڙيون 1992ع، منهنجو ننڍپڻ 1993ع، مضامين طالب الموليٰ 1996ع، بهارستان 1994ع، لغات سنڌي مخففات 1994ع، شان حسين 2004ع ۽ ٻيا ڇپيل آهن. مخدوم طالب الموليٰ 11 جنوري 1993ع تي وڇڙي ويا.

مددي ڪتاب:

مهراڻ شاعر نمبر، 1969ع،

مهراڻ سوانح نمبر، 1958ع.

مهراڻ 3-2012ع

سهيل ابڙو

 

 

 

 

ڪونهي هِت ڪو ڪال، محبت جي متاع جو

مخدوم طالب الموليٰ جي بيت ۾ رومانويت

 

ڪابه ادبي تخليق، پوءِ اها نثر جي روپ ۾ هجي يا شاعريءَ جي صورت ۾، اگر اها نڪري نروار ٿئي ٿي ته ان حساس ماڻهوءَ جي نازڪ دل مجهان ئي جنهن جي جيءَ کي اگر ڪا هلڪي به جهوري اچي ٿي ته هن جون اکيون آبديده ٿيو ٿيو پون، يا هن جي ديدن ۾ ڪو دلفريب نظارو سمائجي ٿو ته هڪدم سندس من اندر ۾ مسرت جي مُکڙي کلي پوي ٿي.

مجموعي طور تي ادبي تخليق جو واسطو پمپ ڪندڙ ان پيالي جهڙي دل سان آهي، جيڪو بايولاجيڪلي ڀلي وينز، آرٽريز ۽ والوِز تي مشتمل هجي، پر حقيقت ۾ ان جي هيئت ائين آهي جو اگر هو سڪڙجي ٿي ته عاشق جي محدوديت جيتري هجي ٿي ۽ جڏهن کلي ٿي ته پوءِ سڄو زمانو ٿي وڃي ٿي.

سو دل ۾ يا ڪنهن درد رکندڙ حساس دل ۾ اها طاقت ۽ شڪتي موجود هوندي آهي، جو هُو جڏهن پنهنجا پَر پکيڙي ته هن وشال ڪائنات مان فقط روپ، رنگ، موهه ۽ منظر پاڻ ۾ سمائي ٿي، پر گڏوگڏ رنج، روڳ يا سڪ ۽ سوڳ کي به پاڻ وٽ سيري ٿي اچي ۽ پوءِ پنهنجي اظهار جي باڪمال طاقت سان جڏهن اها تخليق ڪائنات جي اڳيان پيش ٿي ڪري ته موضوع جي مناسبت سان ماڻهن جي مزاج ۾ تبديليءَ جو سبب ٿي بڻجي، بقول طالب الموليٰ سائينءَ جي:

دل ته برابر آهي، پر ٿئي دل آويز.

سو اهائي دل، دل آويز هوندي آهي جنهن ۾ رڳو ”وينز، آرٽريز ۽ والوِز“ ناهن هوندا، پر برعڪس ان جي اهڙي دل جو پيالو ته وري احساس ۽ ادراڪ سان ٽمٽار هوندو آهي ۽ بلاشڪ ته مخدوم طالب الموليٰ جن جي شخصيت دل آويز به هئي ته دل نواز به هئي، دل پذير به هئي ته دل فروز به هئي.

اوهان جو طالب الموليٰ حقيقت ۾ فقير آهي،

مگر ظاهر ۾ هو مخدوم ۽ هڪ پير سمجهيو ويو.

سندن جنم هالا جي ان مردم خيز مٽي مان ٿئي ٿو، جتي جي خمير ۾ صديون اڳ تصوف جي سرهاڻ، ڪلاسيڪيت جا ڪنايه ۽ جديديت جو جوهر، پهرين کان موجود هو. جو هڪ پاسي مخدوم احمد ڀٽيءَ ۽ ميين عيسيٰ کان وٺي مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ تائين جي تصوفي ۽ محبت سان ڀرپور شاعريءَ جو واس هوائن ۾ پکڙيل هو ته ٻئي طرف عروضي شاعريءَ ۾ انقلاب برپا ڪندڙ ”ديوانِ گل“ سان گڏ سندس ساٿ ۾ بيٺل ’ديوانِ قاسم‘، ۽ ’ديوانِ آسو‘ جهڙا سنگِ ميل به هالا جي ادبي ايوان ۾ پيوست ٿي چڪا هئا.

نه فقط ايترو پر خود مخدوم خاندان جن جو جدِامجد حضرت مخدوم نوحؒ جيتوڻيڪ هڪ اهم روحاني شخصيت هئا، پر پنهنجي دلي ڪيفيت جي اظهار لاءِ پاڻ به شاعريءَ جو سهارو وٺي ڇا ته ڪمال بيت چيو اٿن:

اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،

آهي اکڙين، عجب پر پَسڻ جي.

ان ئي تسلسل ۾ مخدوم نوحؒ جا پوٽا، لاکو لطف الله، جنهن جا بيت شاهه لطيف جي ڪلام ۾ گڏجي ويا ۽ ميان فتح محمد، جيڪو وري فارسيءَ جو مڃيل اديب هو ۽ جنهن نه فقط مخدوم نوحؒ جن جي سوانح حيات ”رساله فتحيه- جيڪو تصوف جي حوالي سان شاهڪار ڪتاب آهي.“ لکيو، پر ان سان گڏوگڏ فارسي ڪلام به چيو. خود مخدوم طالب الموليٰ جو پڙڏاڏو مخدوم امين محمد ’عرف‘ پکن ڌڻيءَ جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي معتبر شاعرن ۾ ٿئي ٿو. ان سان گڏ مخدوم امين محمد جو ننڍو ڀاءُ ميون غلام نبي ’عرف‘ پنيلڌو ۽ پنيلڌي سائين جا چار ئي پٽ پڻ شاعر هئا. اڃا به اڳتي هلون ته مخدوم طالب الموليٰ جن جو والي مخدوم غلام محمد به نه فقط فارسي زبان جو ڄاڻو هو، پر فارسي توڙي سنڌيءَ ۾ شعرگوئي به ڪندو هو ۽ سندن چاچو مخدوم غلام حيدر، ديوبند مدرسي جو فارغ التحصيل هو ۽ ادبي شخصيت هئڻ سان گڏ هڪ اهم سياسي ۽ سماجي شخصيت طور سڃاتو ويندو هو ۽ سندس ئي علمي ساڃاهه ۽ سماجي سرت جي ڪري هالا ۾ هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جو بنياد پيو. انڪري ئي کيس ’جديد هالا جو معمار‘ سڏيو ويندو آهي، سو ان شاندار خانداني پسمنظر ۾ جنم ڀوميءَ جي رس ڀرئي ادبي ماحول ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن پروان چڙهڻ، ڄڻ ته سڄي سنڌ جي ادبي کيتر لاءِ خوشگوار سنئوڻ ثابت ٿي ويو ۽ شايد اهي ئي محرڪات آهن جو سندن شاعريءَ جو اڀياس ڪرڻ ويهجي ٿو ته سندن ڪُلي شاعري، خصوصاً ’بيت‘ ۾ هي ٽي اهم موضوعن ملن ٿا:

(1) روحانيت، (2) وطن سان محبت، (3) رومانويت

اڄ جي هن مضمون ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي بيت ۾ موجود رومانويت جو ذائقو چکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

اصل ۾ رومانس رڳو جوان جسمن جي وچ ۾ ڌيمي ۽ مڌر گفتگو کان شروع ٿي هٿن جي حرڪت يا چپن جي شرارت جو نالو ته نه آهي. پر رومانس ته نازڪ ٻوٽي کي زمين ۾ هڻڻ کان وٺي، رات جو اڪيلي ڊرائيو ڪرڻ تائين جي هر عمل ۾ موجود هوندو آهي. يا ائين چئون ته ڪنهن به عمل کي هڪ مخصوص ماحول ۾، خاص انداز سان اگر سرانجام ڏجي ته اهو رومانس ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جن جي بيتن کي پڙهندي، ماڻهو ڄڻ ته رومانس جي ’حيرت ڪده‘ ۾ پهچي وڃي ٿو ۽ اسان جي سامهون جڏهن ان ’حيرت ڪده‘ جي دري کلي ٿي ته سنڌيءَ جي پهرين روماني شاعر ’اسحاق آهنگر‘ جي ’سڄڻ جي سُپ‘ ٿيڻ واري خواهش جي پيروڪاري ڪندي، مخدوم صاحب رومانويت ۽ رِيس ۾ نئين ٽهيءَ جي نمائنده اردو شاعر ’وصي شاهه‘ جي مشهور نظم ’ڪنگن‘ کان به تمام اڳتي بيٺل ٿو لڳي.

”جيڪر آئون هجان“ جي عنوان هيٺ آيل بيتن ۾ مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي محبوب جا وار، پيشاني، جبين، ابرو، ڇپر، اکيون، ڳل، تِر، ڪن، نڪ، لب، دهن، لسان، ڳچي، حلق، آواز، منهن، پير، هٿ، سڳيون، اَلي، ڪجل ڪاني، هيرو، نٿ، جهومڪ، ايرنگ، بُولو، پان، سينگار، بازوبند، کنجاري، گهڙي، منڊي، چيلهڪي، پازيب، ميندي، ڀت، زمين، آستان، ٿانءُ، درسني ۽ هنڌ ٿيڻ جي نه فقط آرزو ٿو ڪري پر هر ”آرزوئيه بيت“ ۾ پنهنجو ڪم ۽ مقام پڻ متعين ڪري ٿو.

مثلاً:

• ميٽي ڇڏيان مَلال، جي پرينءَ ’پيشاني‘ هجان

• ماري ڪريان مُڃَ، جي ’ابرو‘ هجان عجيب جا

• بخت ڀلا ڀايان، جي طالب مولا ’تر‘ هجان

• جيڪر هجان ’گهڙي‘، ته ٻک وجهانس ٻانهه ۾

• ’پازيب‘ ٿي پرينءَ جا، پلپل پير چمان

• ’يا‘ جيڪر ٿيان ’هنڌ‘، پنهنجي جاني يار جو

• ته ملائي مون سان سمهي سينوءِ سَنڌ سَنڌ.

۽ هي ته اهو رومانس آهي، جنهن ۾ مجازي موتئي جي مهڪ سمايل آهي، پر اڃا به اڳتي، جڏهن درياء جيڏي دل رکندڙ طالب الموليٰ، هڪ عاشق جي انداز ۾ نروار ٿي اچي ٿو ته سندس دل جو ڪئنواس به هڪ ئي محبوب جي محبت تائين محدود ٿئي ٿو وڃي ۽ پنهنجي روحانيت واري گادي ۽ زبردست معاشي ۽ معاشرتي حيثيت جي پرواهه نه ڪندي تصوف جو چوغو پائي رومانس جي انتهائي حساس تندن کي ڇهڻ لاءِ ايترو به چئي ٿو ڏي ته:

جُتي ٿيان جيڪر، پنهنجي محب مجيب جي

ته ڪري پيار پيرن سان، ڀريو وجهان ڀاڪر

پيئي هجانس پير ۾، سدا منجهه سفر

طالب مولا طلب جي، هي خاص آهي خبر

ته نڌر به ٿيان سڌر، جي لالڻ وٽ لتاڙجان.

اهي لفظ ٻڌي ۽ پڙهي سچ پڇو ته هڪ سامع يا قاريءَ جي دل جون به سڀئي حساس تارون ’سَر سَر‘ ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ خوديءَ کي ختم ڪرڻ وارو اونهو فلسفو، انتهائي سليس لفظن سان سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي.

مخدوم طالب الموليٰ، فطرت جو دلداده شاعر آهي ۽ فطرت جي رنگينين ۽ نظارن سان به بيحد پيار ٿو ڪري، اُتر پار کان ڪڪرن جي اُٿڻ ۽ جهڙالي جهرمر کان وٺي، بوندن جي بهار ۽ ڪوه مريءَ جي ماحول کي به بيحد رومانٽڪ انداز سان پنهنجي طويل بيت ”سار سنڀار“ ۾ پيش ٿو ڪري.

ڪري اٿيا اُتر کان، ڪڪر ڪارونڀار

وسڻ سندا ويس ها، ٻيا منجهن سؤ سينگار

مٿان ڪوه مريءَ جي، ڪيئون وارو وار.....

۽ ان طويل بيت ۾ اڳيان هلي، مريءَ جي مال روڊ تي رنگ برنگي گلن جيان گهمندڙ اپسرائن جي ٽور ٽڪور جي منظرنگاري ڪندي چوي ٿو:

هُو ڊوڙي ڊڪي ڊيل جان، هليون هوٽل ۾ هڪوار

جهڙيون هرڻيون هيج مان، ڪن رمز ڀري رفتار

ڪلها هڻي قرب جا، شائق ڪيئون شڪار.....

ڪي وڻن هيٺ ويٺيون، ڪي دڪانن تي ڌار.....

پُسي پاڻيءَ ۾ پين، ڪپڙا قربدار.....

بدن بَکيو تن مان، چيلهه ڪيا چمڪار.....

هوڏانهن گل گلاب جا، هيڏانهن هي دلدار.....

اهي اسان کان ئي پڇو، دم دم جا ديدار.....

ڪهڙا ڪوه مريءَ ۾ ها، جهلڪا ۽ جنسار.....

مخدوم صاحب جو هي بيت، مون کي مريءَ جي مال روڊ جو منظوم سفرنامو لڳندو آهي، جنهن جي هر مصرع ڄڻ ته رومانس جي ’اسڪوائچ‘ جو هڪ هڪ پيگ آهي ۽ جڏهن ’متارن‘ جهڙا مئخوار ان بوتل جا پنجاهه پيگ هڪ ئي ڳيت ۾ پي پورا ڪن ٿا ته ’موکيءَ‘ جهڙي ڪوه مريءَ جي مڌ جا ديوانا ٿي وڃن ٿا.

هي ته سڀ پيار جون ڳالهيون آهن، جن ۾ رومانس جي موجودگي کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي، پر حيرت ڪده جي هِن جهان ۾ عجب ته تڏهن ٿو ٿئي، جڏهن مخدوم صاحب جي تڪرار ۾ به رومانس جي ريڊ ليبل، گلابي ڪاڪ ٽيل جي صورت ۾ ظاهر ٿيو بيٺي آهي. اهو تڪرار ”اکين، پيرن، سر، دل ۾ روح“ جو آهي جو ”گونگيون گوءِ کٽي ويون“ جي عنوان سان جڏهن اکين جي اهميت، وفا، سچائي ۽ هيڻائيءَ جو ذڪر ڪري ٿو ته لڳي ٿو ته اک ئي اهو عضوو آهي، جيڪو وصل واري وقت ۾ به وڌيڪ سرهو هجي ٿو ۽ هجر وارين راتين ۾ وڏي مهل انهن ئي اکين تي آهي.

اکين کي آئون روڪيان جيئن روئڻ کان.....

اکين کي اُداس جو ڏاڍو ڏک ٿيو.....

اکيون اِئين چون ته پسون روز پرينءَ کي.....

مينهن وسي ڇا ڪندو، وسن ڀل ته اکيون.....

پر اڳيان هلي ”قدمن تان قربان ٿيان“ ۾ جڏهن پيرن جي پهچ، پنڌ، هاج ۽ همٿ جو ذڪر ڪري ٿو ته خود پاڻ ئي اکين کي پيرن مٿان ڪيرائي ٿو ۽ پيرن کي اکين تي فوقيت ٿو ڏي.

اکيون به آهن اکيون، پر پيرن سان نه پڄن.....

رويو رويو اکيون، اچيو پيرن مٿان پَوَن.....

جي اکيون پير هجن، ته پتو پوين پنڌ جو.....

پيرن کان مٿي وري درجو ’سر‘ کي ڏنو اٿس جو سر جي جوڙ، سرسي، گهرج ۽ قربانيءَ جي آڏو پيرن جو پنڌ اجايو ٿو ڀائنجي.

پير به آهن پير، پر سر نه رکي سانگو.....

پير نه وڍجن پرينءَ وٽ، پر سر ٿئي گهاتو گهات.....

سر کي جهلي سهڻا، ٿا پلپل پيار به ڪن.....

جتي سر کپت، ات قدم ڪپجي ڇا ڪندا.....

واقعي، سودا ته سرن جا ئي ٿيندا آهن، سو سر کان وڌيڪ يار جي قدمن تان ٻيو ڇا گهوربو آهي، پر هن تڪرار جو رومانس اڃا به اوچي اُڏام اڏي ٿو ۽ ”درجا آهن دلين تي“ جي عنوان سان بيتن جي سيريز شروع ٿئي ٿي، جو عاشق جي اصل حاڪم ته دل آهي ۽ درجا سڀئي دل تي آهن، يا اِن کي ائين به چئي سگهجي ٿو ته سڀ عمل نيت سان مشروط آهن ۽ نيت جي پيدا ٿيڻ جي جاءِ ته وري به دل ئي آهي.

سر جهڪن صد بار ته به درجا آهن دلين تي.....

الله به ڪري ائين جيڪا دل مان دانهن ٿئي.....

دل ئي سا درگاهه، جت الله آهي اوڏڙو.....

جو رسول ۽ رحمان به درجا ڏنا دلين کي.....

آخر ۾ دلين جي دروازي تان ٿيندو هي سفر روماني پرواز ڏانهن به اسهي ٿو وڃي، جو دل ته ماس آهي، فاني جسم جو هڪ حصو آهي ۽ اصل رمزون روح جون ٿيون ڏسڻ ۾ اچن، جو روح لافاني آهي ۽ تخليق جي مرحلي کان وٺي تڪميل جي آخري ڏاڪي تائين روح جي ئي موجود هئڻ جون شاهديون آهن. سو هن تڪرار جي تَتَ ۾ روحاني منزل کي پائڻ ۽ روح کي ئي اُتم، اعليٰ ۽ ارفع ڏيکارڻ لاءِ ”رمزون آهن روح جون“ ۾ جيڪي بيت چيا ويا آهن، اهي مخدوم صاحب جي دل جي ڪيفيت ۽ روحاني تسڪين جي عڪاسي ڪن ٿا.

دل ته برابر آهي دل، در پرده رهي روح

سوئي طالب مولا، آ سالم منجهه صبوح

فائق ڏنس فتوح، رمزون آهن روح جون.

مجموعي طور تي هي حسين تڪرار، اکين کان روح يا مجاز کان حقيقت تائين جو اهو سهانو سفر آهي. جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ، سليقي سان هڪ قاريءَ کي معرفت جي منزل جي آگاهي، ڏورڻ جو ڏس ۽ حصول جا اصول به اهڙي خوبصورت ۽ ملائم طريقي سان ڏسي ٿو، جو ماڻهو ان سموري سفر جي رومانوي سحر مان پاڻ آجو نه ٿو ڪرائي سگهي ۽ هوريان هوريان سندس پويان پويان لڳي ٿو پوي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org