سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:4 

غلام محمد لاکو

 

 

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

سنڌ ۾ گادين ۽ پيرن مرشدن جي کوٽ ڪانهي. تڏهن ته انگريز لکندڙن هن صورتحال تي ٽوڪ زني ڪندي، کريون ڳالهيون لکيون آهن. هي سلسلو چوڏهن صدين تي پکڙيو پيو آهي. اسان ننڍا ٿي وڏا ٿياسين ۽ سانڀر ۾ آياسين، ته سنڌ ۾ ٻن گادين جي وڏي هاڪ ٻڌيسين. هڪ هالن جو مخدوم صاحب هو ۽ ٻئي طرف پير صاحب پاڳارو پي ٻڌو. پير صاحب جو نالو 1965ع واري جنگ جي حوالي سان گهڻو ٻُڌڻ ۾ آيو، جو سندس حرن ٿر جي سرحدي علائقي ۾، جنگي خدمتون سرانجام ڏنيون هيون. البته سنڌي عوام ۾ ٻيو وڏو نالو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو ورتو ٿي ويو. مخدوم صاحب هونئن ته غوث الحق مخدوم نوح عليہ رحمة جي درگار جو گادي نشين هو، پر ٻن خاص ڳالهين جي حوالي سان سندس پنهنجي حيثيت، مان مرتبو ۽ عزت احترام- سنڌي عوام ۾ جڙيو ۽ وڏي حد تائين اڀري آيو. مخدوم صاحب سنڌي ٻوليءَ جي سرپرستي ڪئي ۽ خود به پنهنجي زبان جي آبياري ڪندي قلم کنيو ۽ نثر توڙي نظم ۾ متعدد ڪتاب تحرير ڪيا. ڪجهه ڪتابن جا ته هڪ کان وڌيڪ ڇاپا نڪري چڪا آهن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس ڪلام مختلف فنڪارن ڳايا ۽ سنڌي عوام ۾ بي حد مقبول ٿيا. ليڪن جڏهن رونا ليليٰ ڪي ڪلام چيا، تڏهن ته سنڌ جي دور دراز علائقن ۾، مخدوم صاحب جا نازڪ خيال گونجڻ لڳا ۽ چؤطرف هاڪ ٿي وئي ته:

اڱڻ ٻهاريان تنهنجيون واٽون نهاريان!

1968ع ڌاري ذوالفقار علي ڀٽي مرحوم پاڪستان پيپلزپارٽي ٺاهي. ان جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي مخدوم صاحب  پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو. ڀٽي صاحب جي پارٽيءَ کي سنڌي ماڻهن ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين آجيان چئي ۽ جيڪو به اڳواڻ ان ۾ شامل ٿيو اهو وڏي اهميت اختيار ڪري ويو. مخدوم صاحب مشڪل دور ۾ پارٽيءَ جي سرپرستي ڪئي ۽ کين وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. هي عهدو آخري دم تائين وٽن رهيو. بعد ۾ پارٽيءَ تي اڃا به ڏکيا ڏينهن آيا. جنرل ضياء الحق جي مارشلا لڳي ۽ هزارين ڪارڪن جيلن ۾ ويا. موقعي پرست وڏيرا ۽ پير، ڀٽي صاحب کي ڇڏي ويا. آخر اهو ڏينهن به آيو جو ڀٽي کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. انهن ابتر حالتن جي باوجود به مخدوم صاحب پارٽي نه ڇڏي. ايتري حد تائين سچائي جو خود سندن پنهنجي خاندان ۾ به پارٽيءَ جي حوالي سان ڪي سوال اٿيا. پر پوءِ به سياسي وفادارين ۾ تبديلي نه آئي. اهي ٻه ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي حوالي سان، مخدوم صاحب جي شخصيت، سنڌ ۾ وڏي مدت تائين ياد رکي ويندي!

اسان جو دوست پروفيسر عبدالله مگسي جنهن تازو پهرين اپريل تي وفات ڪئي، هميشه ليمبرڪ جي هن رايي تي تند تيز تنقيد ڪندو هو:

”پر انهن ٻن چئن روحاني قصن کي ڇڏي، سنڌ جي تاريخ ۾ ٿر جي ڪا خاص اهميت نه رهي آهي. سواءِ شهنشاهه اڪبر جي، جنهن اتفاق سان عمرڪوٽ ۾ اک پٽي هئي، ان ڪي به ناميارا ماڻهو پيدا نه  ڪيا آهن. ان ويران ۽ سڃي ملڪ جي ٻنهي پاسي جيڪي به وهيو واپريو آهي، تنهن کان اتان جا مالوند ماڻهو لاتعلق رهيا آهن ۽ کين ان ڳا لهه سان خيرڪو واسطو رهيو آهي ته سندن حاڪم راجپوتانا جا آهن يا سنڌو ماٿريءَ جا.“

مگسي صاحب تاريخ ۽ سياسيات جي استاد جي حيثيت ۾، ٿر جي سرحدي اهميت تي گفتگو ڪندو هو. پاڻ چوندو هو ته ليمبرڪ جي هي راءِ بدنيتيءَ تي ٻڌل آهي. حُرن فقيرن سنڌ جي اوڀارين سرحد تان انگريزن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون هيون. ان بعد پاڪستان وپاري دور ۾ به پير صاحب پاڳاري جي مريدن نمايان جنگي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ان ريت سنڌ جو ٻيو اهم گهراڻو جو ٿر ۾ پنهنجي اهميت رکي ٿو اهو هالن جو مخدوم خاندان آهي. سندن هزارين لکين مريد ٿر جي ٻنهي حصن ۾ پکڙيل آهن. ان ريت هن خاندان جي تاريخي اهميت اجاگر ٿئي ٿي. هن حقيقت جي چٽائي مون تڏهن محسوس ڪئي، جڏهن چوٿين آڪٽوبر 1985ع تي کوکراپار ڏسڻ جو موقعو مليو.

ڊسمبر 1984ع ۾ ملازمت سانگي وڃي عمرڪوٽ کان نڪتس. جنهن جمعي تي ڳوٺ نه ايندو  هوس ان ڏينهن تي علائقي جي ڪنهن تاريخي ماڳ، شهر ۽ واهڻ کي ڏسڻ ويندو هوس. مٿي ذڪر ڪيل تاريخ تي جمعي جو ڏينهن هو. قمبر علي خان جي پنهنجي دوست مسٽر اشرف علي ميمڻ سان گڏ، جو ان وقت مون سان عمرڪوٽ ڪاليج ۾ استاد هو، هڪ شاگرد فقير نورمحمد کي ساڻ ڪري اسين کوکرا پار ڏسڻ وياسين. ڇور کان سنڌ جي آخري سرحدي ريلوي اسٽيشن کوکراپار لاءِ راجا گاڏي وڃي ٿي. صبح جو ان ننڍڙي پٽي واري ريل ۾ چڙهي ٿر جون ڀٽون، ماڳ مڪان، گهوڙا ۽ مال ڏسندا وڃي پنهنجي منزل تي پهتاسين. گاڏي ڪلاڪ کن اتي بيٺي ۽ پوءِ موٽ کاڌي ته اسين به واپس ٿياسين. ماڻهن چيو ته کوکراپار به ننگرپارڪر وانگر بلي بلي هو، پر قيام پاڪستان کان پوءِ ٻن جنگين سبب هي شهر به اجڙي ويو آهي. هڪ هوٽل تي مانيءَ جا ٻه گرهه وجهي چانهه پي تيسين. منهنجو ڌيان جنهن چيز تي وڌيڪ ويو سو هو، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو فريم ٿيل عاليشان فوٽو، جيڪو هوٽل ۾ نمايان طرح رکيل هو. ان بعد ڪجهه دڪانن تي به مخدوم صاحب جون تصويرون آويزان ٿيل نظر آيون. مون کي هڪدم عبدالله مگسي ياد آيو جو هميشه پاڳارن سان گڏ هالا جي مخدومن جي سياسي ۽ تاريخي اهميت؛ ٿر جي سرحدي پٽي جي حوالي سان بيان ڪندو هو ۽ چوندو هو ته سنڌ جي مستقبل جي مشڪلاتن جي ڏس ۾، اگر ٻنهي خاندان مان ڪوبه هڪ فيصله ڪن قدم کڻندو ته ڪيئي مصيبتون ٽري سگهن ٿيون. ياد رهي ته 1983ع جي ايم. آر. ڊي تحريڪ هلندي، جڏهن کوکراپار مان آمريڪي جهنڊي جي سڙڻ جون خبرون آيون هيون، تڏهن سڄي دنيا ۾ دانهوڙ پئجي وئي هئي ۽  بي. بي. سي توڙي وائيس آف آمريڪا هن خبر کي نمايان ڪري پيش ڪيو هو.

مخدوم صاحب بيشڪ ته گوناگون مصروفيتن وارو انسان هو. عوامي درٻارون، جلسا، شعرو شاعري ۽ سنڌي موسيقي وغيره وغيره. سندن روزمره جا مشغلا هوندا هئا. ان هوندي به خانداني ريتن رسمن ۽ صدين جي لٽريچر تي جيڪو سندن گاديءَ سان منسلڪ هو، ان تي سندن پوري پوري نگاهه هئي. ڪتاب، مسودا، نوشتا ۽ بياض- سڀ سندن مطالعي ۽ اڀياس هيٺ رهيا. اهڙو مواد رڳو اڀياس هيٺ نه رهيو، پر انهن تي نوٽس، وضاحتي حاشيا ۽ درستيءَ وارا اقتباس لکيائون ۽ واڌارا ڪيائون. اهڙي روايت ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب ڪئي. سندس چوڻ آهي ته پراڻن هالن جي قاضي غلام محمد قريشي مرحوم جي توسط سان اهو مواد مون وٽ پهتو هو. مطلب هو ته آءُ ان تي ڪجهه ڪم ڪريان پر پوءِ مون کان اهڙو خفي جو ڪم نه ٿي سگهيو ۽ مخدوم صاحب مواد مڪمل طرح سان واپس طلب ڪري ورتو.

هر لکندڙ جي ۽ خاص ڪري نئين لکندڙ جي هي خواهش ٿئي ٿي ته مون کي به پڙهيو وڃي ۽ چار ماڻهو مون کي به لکڻ پڙهڻ جي حوالي سان سڃاڻن. منهنجي مخدوم صاحب سان ذاتي ڏيٺ ويٺ ڪڏهن به نه رهي ۽ نه وري ڪڏهن ملاقات جو موقعو ميسر ٿيو. البته هڪ ٻن ڳالهين جي حوالي سان کين ياد رکڻ جو حق مون کي به پهچي ٿو. سال 1987ع ۾ مون هڪ دوست جي معرفت ”ديوان طالب الموليٰ“ جي فرمائش ڪئي. تڏهن پاڻ ديوان سان گڏ سووينئر“ مون مطالع سپرين“ به موڪلي ڏنائون. ان تي لکيائون:

”محترم ناشاد صاحب جي معرفت محترم غلام محمد لاکي صاحب ڏي موڪلجي ٿو. خاص طرح صفحه 90 تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو مضمون پڙهجي.“

ديوان تي هن ريت نوٽ لکيو اٿن:

”محترم نفيس احمد شيخ ناشاد جي طلب تي ديوان طالب الموليٰ جي ڪاپي محترم غلام محمد لاکي لاءِ سووينئرسميت موڪلجي ٿي.“

هالا شريف مان موڪليل هنن ٻن ڪتابن تي مخدوم صاحب جي دستخط، تاريخ 27 فبروري 1987ع برابر 28 جمادي الثاني 1407هه ۽ ڏينهن جمعي جو تحرير ٿيل آهي. سووينير جي نوٽ مان ظاهر ٿيو ته مخدوم صاحب هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ مون کي به سڃاڻن ٿا ۽ منهنجي علمي پورهئي کي قدر جي نگاه سان ڏسن ٿا. تڏهن ته ڪن خاص نڪتن جي باري ۾ منهنجو ڌيان ڇڪايواٿن. حقيقت ۾ اهو مون لاءِ هڪ وڏو اعزاز هو. ان ريت سال 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ”لغات سنڌي مخففّات“ شايع ڪئي ته، ان جي اعزازي ڪاپي به مون کي موڪلي ڏنائون. ان کان به وڌيڪ هي ته سنڌي ادبي بورڊ، منهنجو پهريون ڪتاب ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ مخدوم صاحب جي چيئرمينيءَ جي دور ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو. هي هڪ اهڙي حقيقت ۽ اعزاز آهي، جنهن کي مان ڊگهي عرصي تائين ياد ڪندو رهندس.

سال 1993ع جي ابتدا ٿيندي ئي ملڪ مان سٺن ماڻهن موڪلائڻ شروع ڪيو. 8 جنوريءَ تي پاڪستاني بري فوج جو سربراه جنرل آصف نواز اچانڪ فوت ٿي ويو. سنڌي عوام گذريل هڪ ڏهاڪي کان ڌاڙيلن ۽ دهشت گردن جي عذاب مان گذري رهيو هو. اهو مرحوم آصف نواز ئي هو جنهن جي همٿ ۽ فيصلا ڪن ڪردار سان ٻهراڙيءَ جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو ۽ ڌاڙيلن ۾ ٽاڪوڙا پيا. سندس موت تي سنڌي ماڻهن سوڳ ملهايو ۽ شهري دهشت گردن مٺايون تفسيم ڪيون. ٺيڪ ٽي ڏينهن پوءِ سنڌي عوام پنهنجي هڪ محسن، ڀلوڙ شاعر ۽ سنڌي روايتن جي امين کان محروم ٿي ويو. 11 جنوريءَ تي سنڌ جي فضائن ۾ هي خبر گونجي ته، مخدوم طالب الموليٰ گذاري ويو آهي. اهو ڏينهن سخت سردي ۽ جُهڙالي جو ڏينهن هو. سندن وفات جي خبر وڏي صدمي سان ٻڌي وئي. هالا جو شهر غم ۾ ٻڏي ويو ۽ ٽي ڏينهن سوڳ ۾ بند رهيو. هي خبر پکڙجڻ سان، سنڌ جا ڪي ٻيا شهر به ڏک ۾ بند ٿي ويا. ماڻهن جا انبوه هالا شهر ۾ ٽٽي پيا، ۽ مخدوم صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪيائون. ڳالهه اتي ختم ڪانه ٿي هئي. 18 مارچ تي نهايت شريف ۽ سادو انسان محمد خان جوڻيجو به  فوت ٿي ويو. وزير اعظم جي حيثيت ۾ جوڻيجي صاحب پڻ، سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ تي گهرا اثر ڇڏيا آهن.

آءُ بس ذريعي دولت پورصفن کان حيدرآباد اچي رهيو هئس. سواري هالا پهتي، ۽ چند گهڙين لاءِ ”باب النوح“ وٽ بيٺي ته ماڻهن ۾  چوپچو شروع ٿي. هڪ چيو ته ادا مخدوم صاحب گذاري ويو. هيءَ ڪنڊ ڀري پئي هئي سا به خالي ٿي وئي. ٻئي چيو ته جيسين زنده هو پڪ هئي ته، هڪ مٿيرمرد هن شهر ۾ رهي ٿو، ان جو ڪو به فڪر نه ڪجي. آخرڪار ڪنهن چيو ته ادا ٻئي جهان ۾ به اهڙن مانجهي مڙسن جي ضرورت آهي. مون سوچيو: برابر مخدوم صاحب وڏي پايي جو انسان هو. جڏهن سندن حياتيءَ جو ماڻ ڀرجي آيو ته، قدرت اهو بيش بها تحفو پاڻ وٽ گهرائي ورتو. تڏهن تڏهن ته لطيف چيو آهي ته:

دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس!

ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

 

 

 

 

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه

ڏانهن لکيل خط

 

سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جي باني حضرت مخدوم نوح ﷥ جي سورهين سجاده محترم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي شخصيت سموري سنڌ جي ادبي دنيا لاءِ ڇپر ڇانو جي حيثيت رکندڙ هئي. علمي ادبي محفلن آراسته ڪرڻ لاءِ سندس همت افزائي سبب اديبن ۽ شاعرن ۾ جا برجستگي پيدا ٿيندي هئي، سا گويا سنڌ ۾ علمي ادبي ماحول قائم ڪرڻ ۾ مثالي رهي. سندس دم ۽ دلچسپيءَ سان ڪيترائي علمي ۽ ادبي رسالا اجراءَ ۾ آيا، جن ۾ سنڌ جي عالمن اديبن ۽ شاعرن جون شايع ٿيل تخليقون ۽ تحريرون اڄ اهم ۽ تاريخي حيثيت جون حامل آهن. تحقيق ۽ تجسس سان دلچسپي رکندڙن لاءِ اهي رسالا وڏي وٿ آهن.

سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (تولد 4- آڪٽوبر 1919ع، وصال 11- جنوري 1993ع) پنهنجي ٽيهتر سالن، ٽن مهينن ۽ ستن ڏينهن جي ڄمار ۾ پنهنجي شعوري عمر دوران جيڪي علمي ۽ ادبي خدمتون ڪيون آهن، تن ۾ تصنيفات ](1) بهار طالب مرتب: مخدوم سليم هالائي 1946ع،
(2) رعابيات طالب 1949ع، (3) اسلامي تصوف 1951ع، (4) شيطان ابوالجنان 1951ع، (5) خوشناسي 1952ع، (6) امام غزالي جا خط 1953ع، (7) يادِ رفتگان 2 حصا 1953ع، (8) ڪچڪول مرتب: محبوب علي چنا 1955ع، (9) مثنوي عقل و عشق 1955ع، (10) ڪافي، (11) شان سروري 1962ع، (12) مصريءَ جون تڙون 1965ع، (13) ڇپر ۾ ڇڙيون 1971ع، (14) ديوانِ طالب الموليٰ 1982ع، (15) دلربا دلدار: مرتب محترم جميل الزمان 1985ع، (16) بي پير اکيون 1987ع، (17) سدا وسين سنڌڙي 1990ع، (18) لغات سنڌي مخففات 1991ع، (19) آبِ حيات 1991ع، (20) چُهنڊڙيون 1992ع، (21) انتخاب طالبي: مرتب محترم جميل الزمان 1993ع، (22) سنڌ جو شڪار (اڻڇپيل)، (23)  بياضِ طالب الموليٰ (اڻڇپيل)، (24) سماع العاشقين
[ کان علاوه علمي، ادبي ادارن برپا ڪرڻ کانسواءِ سربراهي ۽ سرپرستي ڪري، انهن کي سرگرم رکي، جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، تن تي تحقيق جي سخت ضرورت آهي. پاڻ سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي مالي مدد به ڪندا رهندا هئا، ۽ درماهو وظيفو ڏيئي، سندن اهنج دور ڪندا رهندا هئا، پنهنجي ان امداد ڪرڻ واري عمل کي هميشه مخفي رکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. جڏهن به جنهن شهر ۾ ويندا هئا، تڏهن تنهن شهر جي عالمن، اديب ۽ شاعرن سان ميل ملاقات ڪري، سندن علمي، ادبي مصروفيتن جي خبرچار رکندا هئا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن سان سندس خط ۽ ڪتابت جو سلسلو به هلندڙ هو. ان سلسلي ۾ شڪارپور جي به ڪجهه عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان سندس خط و ڪتابت جو سلسلو هلندڙ هو. انهن مڙني مان هڪ نامور عالم، اديب ۽ ادب لطيف جو ماهر پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه به هو.

پروفيسر جهامنداس (ڄم: 9- مئي 1897ع ديهانت 30- ڊسمبر 1965ع) دوارڪا داس ڀاٽيه پنهنجي علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن ڪري سنڌ ۽ هند ۾ نه رڳو غير معمولي شهرت جو مالڪ هو، پر وڏي عزت ۽ احترام لائق به ڄاتو ويندو هو. سندس علمي ۽ ادبي ميدان ۾ ظاهر ٿيندڙ خدمتن تي کيس داد تحسين پڻ ڏنو ويندو هو. ڀاٽيه صاحب سن 1914ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ آخري دم تائين لکندو رهيو. سندس تصنيفات ۾: 1- مرڪندڙ مُکڙيون 1945ع، 2. سائين قطب شاهه 1947ع، 3. درويش 1964ع، 4. اِيئا جا آواز 1944ع، 5. ديوان ڪوڙومل ڌرماتما 1917ع، 6.  The Pilgrim1933ع، 7. The songs of Desert، 8. رند (اڻڇپيل)، 9. شاعر اڻڇپيل، 10. شاعر مشرق اڻڇپيل، 11. سامي جا سلوڪ (سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڇپائيءَ هيٺ) آهن. انهن کان علاوه سن 1936ع ۾ روهڙيءَ مان هفتيوار اخبار ”روشني وڌيڪ روشني“ (Light More Light) شايع ڪندو هو. سن 1947ع کان 1951ع تائين ”هندو جنرل پئنچات“ شڪارپور جو صدر رهيو ۽ ڪيترو عرصو (Royal Society of Teacher of London) جو ميمبر رهيو. بمبئي يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ جو Examiner رهيو ۽ مئٽرڪ جي سنڌي نصاب ۾ سندس مضمون ”سڌارت“ پڻ شامل هو. اهڙيءَ طرح سنڌ يونيورسٽي جي Board of study for Riligon جو ميمبر رهيو. سن 1963ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران کيس اڍائي سؤ روپيه انعام ڏنو ويو هو. سندس لکڻيون سنڌ ۽ هند جي سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون هيون، جن مان ڪيتريون انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ترجمو ٿيون. جرمنيءَ ۾ پروفيسر ليوپڪي پاران اهي ريڊيو تان پيش ڪيون ويون، جن کي جرمن عوام پسند ڪيو هو.

مخدوم صاحب جو پروفيسر ڀاٽيه صاحب سان خط و ڪتابت جو سلسلو سن 1954ع کان نظر اچي ٿو، جو سن 1963ع تائين هلندو رهيو. ان دوران ويهه (20) عدد خط هٿ اچي سگهيا آهن، جي پروفيسر ڀاٽيه جي پوٽي مسٽر رويندر لجپت گانڌي جي مهرباني ۽ عنايت آهن.

سن 1954ع ۾ پروفيسر ڀاٽيه صاحب ستونجاهه سالن جو هو ته مخدوم صاحب پنجٽيهن ورهين جو نوجوان هو، پروفيسر ڀاٽيه صاحب کي پنهنجي عمر جو علم ۽ مشاهدو حاصل هو ته مخدوم صاحب کي پنهنجي قابليت ۽ خانداني تبحر مان سرڪيون نوش ڪيل هيون، ايڪيهن سالن کان علم ۽ ادب سان لڳاءُ ۽ شعر و سخن سان دلچسپي هئڻ ڪري پختي قلم جو مالڪ ٿي چڪو هو. سندس تحريرون رسالن، اخبارن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ ته شايع ٿينديون ئي هيون، پر پاڻ صاحبِ تصنيفات پڻ ٿي چڪو هو ۽ سندس ست تصنيفون اشاعت ۾ اچي چڪيون هيون. هت مخدوم صاحب جي ڀاٽيه صاحب ڏانهن لکيل پهرين خط جو مطالعو ڪري، سندس اسلوب جو اندازو ڪجي.

  

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا جناب پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ڏانهن لکيل خَطَ
 


 


 

1. مخدوم صاحب جي پهرئين خط ۾ محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام ”منطوق محمدي“ جو ذڪر آيل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 1954ع ۾ مخدوم صاحب پاڻ پنهنجي ”الزمان پرنٽنگ پريس“ هالا مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو.

2. ماهوار رسالي ”فردوس“ هالا جو ذڪر ڪيل آهي، هي ماهوار رسالو نومبر 1950ع کان مخدوم صاحب جي سرپرستي ۾ شايع ٿيو، ان جي ادارت جا فرائض محترم انجم هالائي ۽ سليم هالائي سرانجام ڏنا. ’فردوس‘ رسالي جا ”نوح نمبر“، ”شاعر نمبر“ ۽ ”عورت نمبر“ يادگار آهن.

3. مخدوم صاحب جي غزل بعنوان ”کير جي وٽي“ جو پڻ خط ۾ ذڪر آيل آهي، اهو غزل ماهوار رسالي .نئين زندگي“ ڪراچي جي جون 1954ع جي شماري ۾ صفحي 9 تي شايع ٿيل آهي:

منهنجي وئي جي دل ته سڄڻ جي مون دل جهٽي

بهتر ٿيو جو عشق ۾ ڪاشيءِ مٽي سٽي

ڪوشش ڪيم ته يار کان دل جي هڻان جهٽي

پر ڇا ڪجي جو ريبي سڄڻ راند ويو کٽي

مالڪ مٺا تون آهين، مڃي يا نه ڪا مڃي

قدمن ۾ تنهنجي محب مون هر التجا سٽي

تنهن جوئي هٿ کپي ٿو اي محبوب مهربان

توکانسواءِ منهنجي نه آهي ڪا ٻي گهٽي

سهڻا خيال ڪوبه نه ڪر سڀ قبول آ

هر ڳالهه عشق ۾ آ اکن تي مٺي کٽي

هرهڪ دغا قريب کان بلڪل ئي پاڪ صاف

معصوم آهه ڪهڙي نه هوءَ سنڌ جي ڄٽي

مون کي شراب ناب جو هاڻي نه شوق آ

ساقي پيار مون کي ڀري ”کير جي وٽي“

دل جو پڇين ٿو حال ته مڃڻو اٿئي مٺا

نه ته ڇڏ پچار وڃ تون انهيءَ ڳالهه تان هٽي

آخر ڏٺو مون يار جي جلوي کي دل اندر

رليس مان ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڳوليم گهٽي گهٽي

درمان تون ئي ”طالب الموليٰ“ جو آهين بس

ڪيڏنهن وٺي وڃا اي سڄڻ يار دل ڦٽي.

4. مخدوم صاحب پنهنجي جنهن مجموعي ڪلام جو سليم هالائي جي حوالي سان ذڪر ڪيو آهي، اهو غالباً ”بهار طالب“ (1946ع) ئي آهي.

مخدوم صاحب جي خطن جي مطالعي مان سندس سوچ ۽ فڪر جا ڪيترائي پهلو روشن ٿين ٿا. هو علم ۽ ادب جي فني لوازمات ۽ فڪري اظهار جي ڄاڻ ۽ صلاحيت جو ڀنڊار هو. سندس ذوق سليم کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. خطن لاءِ مختلف موقعن تي مختلف ليٽر پيڊ توڙي انهن تي ڇپيل خوبصورت مونوگرام دلڪشيءَ ۾ اضافو آڻين ٿا. مخدوم صاحب وٽ پنهنجي بزرگ دوست لاءِ جيڪو احترام آهي، سو هن اعليٰ هستي جي تعليم ۽ تربيت توڙي روشن خياليءَ جو منفرد نمونو آهي، انهن خطن ۾ ٻنهي هستين جي حال احوال سان گڏ جيڪو ان وقت جو علمي ماحول، ادبي تحرڪ، جريدن جاري ٿيڻ ۽ جاري رهڻ جا ذڪر اذڪار اسان لاءِ مشعل راهه جي مثل آهن.

هنن خطن مان نتيجتاً اسان گهڻو لاڀ حاصل ڪري سگهون ٿا، ان سلسلي ۾ اسان کي جڳائي ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا سندس همعصر دوستن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن ڏانهن جيڪي به خط لکيل آهن، اهي هٿ ڪري شايع ڪرايون ۽ مخدوم صاحب ڏانهن لکيل مختلف عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا لکيل خط پڻ ڇپائي سندس زماني ۾ مروج علمي ۽ ادبي حالتن کي چٽائيءَ سان محسوس ڪري تحقيق ۾ گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهون.

ميرزا فتح علي بيگ

يادگار مشاعرو

 

حيدرآباد شهر جي مشهور علمي مرڪز ٽنڊو آغا اسمٰعيل شاهه ۾ جڏهن سنڌ جي معروف مرثيه گو شاعر ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ مستقل رهائش اختيار ڪئي، تڏهن پاڻ اُتي مذهبي ۽ ادبي فروغ لاءِ امام بارگاهه علي آباد قائم ڪيائين، جيڪو الحمدلله اڄ تائين قائم دائم ۽ برقرار آهي.

سال 1863ع ۾ سنڌ جي مشهور مرثيه نگار مير محمد حسن علي خان ٽالپر حيدرآباد ۾ درس و تدريس لاءِ لکنؤ مان مولانا سيد ابوالحسن لکنوي کي گُهرايو، جيڪو امام بارگار علي آباد ۾ اچي رهيو ۽ سنڌ جو مشهور غزل گو شاعر سيد غلام محمد شاهه ’گدا‘ به ان دوران ئي اچي ٽنڊو آغا ۾ رهيو، ته پوءِ ٻين به ڪيترن ئي صاحبان علم و ادب جي اچڻ سان امام بارگاه علي آباد ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي ۽ شعر و شاعري جي محفلن ۾ رونق وڌڻ لڳي.

هِن ئي امام بارگاهه ۾ ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جي ياد ۾ مولانا ابوالحسن لکنوي ۽ گدا شاهه جي خواهش ۽ مشوري سان ”بزمٖ فتح“ قائم ڪئي وئي. انهيءَ بزم جي تحت مذهبي مجلسن سان گڏ، ادبي محفلون به ٿيڻ لڳيون، جن ۾ سيد غلام محمد شاهه گدا، سيد آغا نور محمد شاهه، سيد غلام مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي ٺٽوي‘، حسن علي آفندي ۽ ٻيا صاحبان علم شرڪت ڪندا هئا. اهو سلسلو اڳتي وڌيوته غير طرحي ۽ طرحي مشاعرا به ٿيڻ لڳا، جن جو مفصل احوال برادرم ميرزا فياض علي بيگ هڪ ڪتابي صورت ۾ ”بزمٖ فتح“ جي نالي سان مڪمل ڪيو آهي. آئون فقط هڪ يادگار مشاعري جو ذڪر پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪو سنڌ جي عظيم شاعر، محقق ۽ تذڪره نويس مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جن جي صدارت ۾ ٿيو.

سيد احسن الهاشمي سنڌي غزل جو باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. سندس بزرگن جا اسان جي بزرگن سان قديم زماني کان دوستانه تعلقات رهيا آهن. هاشمي صاحب ڏهن سالن جي ڄمار کان امام بارگاهه علي آباد ۾ ايندو هو ۽ جڏهن کان پاڻ شعر چوڻ شروع ڪيائين ته، بزمٖ فتح جي مشاعرن ۾ پاڻ پنهنجا شعر پڙهندو رهندو هو. جڏهن هاشمي صاحب مستقل طور ٽنڊي آغا ۾ اچي رهيو ۽ پاڻ امام بارگاهه علي آباد ۾ ٿيندڙ محفلن، مجلسن ۽ مشاعرن ۾ شرڪت شروع ڪيائين، تڏهن سندن شگفته طبيعت ۽ متواتر مشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ ڪري مشاعرن ۾ ڪجهه وڌيڪ رونق ۽ اضافو ٿيڻ لڳو. سندس وڏو ڀاءُ سيد حيدر شاهه صاحب سيشن جج، به انهن مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو، جيڪو پاڻ به بهترين شاعر هو.

هاشمي صاحب انهن مشاعرن ۾ چڱو واڌارو ڏسي هڪ ڏينهن 15- جولاءِ 1974ع تي حسب دستور شام جو نانا ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ جي قائم ڪيل اوطاق ۾ ڪچهري دوران چيو ته، بهتر ٿيندو ته هاڻي ٻين شاعرن کي به مشاعري ۾ مدعو ڪيو وڃي. جنهن لاءِ پاڻ بزم طالب الموليٰ جي ڪجهه شاعرن جا نالا ٻڌايائين ته هنن شاعرن کي مشاعري ۾ شرڪت جي دعوت ڏجي.

جنهن تي نانا ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ چيو ته، جناب مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ صاحب کي مشاعري جي دعوت ڏئي سندن صدارت ۾ مشاعرو ڪرائجي. جنهن تي سائين حيدر شاهه صاحب چيو ته منهنجي به اِهائي خواهش آهي ته، سائين جن جي صدارت ۾ مشاعرو ڪرايو وڃي. پوءِ هاشمي صاحب، سائين حيدر شاهه، چاچا ميرزا عباس علي بيگ ۽ ماما ميرزا سلطان حيدر بيگ، مخدوم صاحب جن سان مليا ۽ کين مشاعري جي صدارت جي دعوت ڏنائون. پاڻ اِها دعوت بصد خوشي قبول ڪيائون. پاڻ مشاعري لاءِ تاريخ 27- جولاءِ 1974ع مقرر فرمائي هيءَ مصرع طرح ڏنائون:

”لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾“

بس رڳو اطلاع ملڻ جي دير هئي... غزل ٺهي ويا. نانا ميرزا علي محمد بيگ ٻڌايو ته، ”اِها مصرع طرح سيد غلام محمد شاه ’گدا‘ جي غزل جي آهي، جنهن تي مير عبدالحسين خان ’سانگي‘، محمد هاشم ’مخلص‘ ۽ ٻين شاعرن غزل چيا آهن. جڏهن سال 1920ع ۾ آئون مير صاحب وٽ سرشتيدار ٿي آيس، تڏهن پاڻ مون کي اِها مصرع ڏيندي غزل چوڻ جو ارشاد فرمايو هئائون ۽ مون غزل ٺاهي مير صاحب وٽ پڙهيو. پاڻ غزل کي ٻڌي نهايت خوش ٿيو.“

27- جولاءِ 1974ع تي جناب مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن پنهنجي فرزندن سميت تشريف فرما ٿيا. سيد حيدر شاهه ۽ هاشمي صاحب هِن محفل ۾ پيش پيش هئا. مختصر تعارف بعد سيد حيدر شاهه صاحب مون کي ڪمپيئرنگ لاءِ نامزد ڪيو. مشاعرو صدرٖ محفل جي صدارت ۾ شروع ٿيو ۽ جن جن شعراءِ ڪرام هن مشاعري ۾ غزل پڙهيا انهن جا نالا هي آهن: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘، مخدوم خليق الزمان، سيد حيدر شاهه، سيد احسن الهاشمي، ميرزا عباس علي بيگ، ميرزا حامد علي بيگ، ميرزا عاشق علي بيگ، ميرزا سلطان حيدر بيگ، سيد علي احمد شاه ساقي، حسين بخش خادم، ميرزا سڪندر علي بيگ، ميرزا فتح علي بيگ، ميرزا فياض علي بيگ، ميرزا قربان علي بيگ ۽ ٽي ٻيا شاعر هئا، جن نالا هِن وقت ياد نه ٿا اچن.

پهرين مون پنهنجو غزل پيش ڪيو. اُن کان پوءِ موجود شعرائي ڪرام پنهنجا غزل پڙهيا ۽ آخر ۾ صدرٖ مشاعره پنهنجو غزل پڙهيو. افسوس آهي جو جناب مخدوم صاحب جو غزل ۽ ڪجهه ٻين شاعرن جا غزل دستياب نه ٿي سگهيا، باقي جن شعراءِ ڪرام جا غزل ملي سگهيا آهن، اُهي صاحبان ذوق لاءِ پيش ڪجن ٿا:

 

ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘(1)

 

هُو آيو جان آئي نيمجان ۾

عجب هي ڪرشمو ٿيو جان جان ۾

اچي پيو لطف سوز جاودان ۾

مزو آهي عجب سوز نهان ۾

تپش ٿي ايتري منهنجي فغان ۾

لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾

اڱڻ منهنجي نه هو آيو اڃا تئين

اثر شايد نه ٿيو تنهنجي فغان ۾

نه راحت ٿي ملي ڪنهن جاءِ مون کي

ڏٺو خواب قفس مون آشيان ۾

سندس صورت تان صدقي جان قربان

نمايان ويو ڪري مون کي جهان ۾

ڪِري ڇو خانهء صياد تي برق

اڃا ڪک پن ته آهن آشيان ۾

سو سلطان سخن سانگي سخنور

ٿيو بي مثل انداز بيان ۾

فقط هڪڙو ’مظفر‘ ناه غمگين

ڏٺوسين ڪين ڪنهن کي خوش جهان ۾

 

سيد حيدر شاهه[1]

 

اضافو ٿيو نه منهنجي داستان ۾،

لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾

صديون گذريون نه سمجهيو راز انسان

سڄڻ سمجهائي ويو ٿوري بيان ۾

خدا خلقيو سڄڻ اهڙو ته سهڻو

جو ڪنهن کي ڪونه هو وهم و گمان ۾

وصالٖ يار جي ڇڏ تون تمّنا

جو پوندو يار خود هڪ امتحان ۾

انهيءَ آواز تي صياد ايندو

فغان برپا ڪندس جا آشيان ۾

سڄڻ جلوه نمائي ڪئي زمين تي

ته وه وا واه وا ٿي آسمان ۾

مري ڄاڻي، ته پو اهڙو مزو ٻيو،

ڪٿي ملندو حياتٖ جادوان ۾

اشارن ۾ سڄڻ سمجهائي ويو سڀ

نه هو دنيا جي جو وهم و گمان ۾

جڏهن اوندهه انڌارو چؤ طرف هو

حرا مان نور پکڙيو جڳ جهان ۾

اهو پهلوءَ ۾ تنهنجي يار آهي

تون ڳولهين پيو مڪان ۾ لامڪان ۾

سڄڻ جهڙو ٻيو محبوب پنهنجو

نه خالق کي به ايندو ڪو گمان ۾

فراقٖ يار جي لذّت وٺي ڏِس

سوَين خوشيون اٿئي درد نهان ۾

اکيون آليون ٿيون محفل جون آهن

متان ذڪر آهي منهنجو داستان ۾

تپش دل ۾ رکي اهڙي ٿو ’حيدر‘

نه جھڙي هوندي ڪا برق تپان ۾

 

ميرزا حامد علي بيگ[2]

 

غلط آهي اگر آهي گمان ۾

سوا هُن جي نه ڪجهه آهي جهان ۾

اَثر اهڙو ٿيو آه و فغان ۾

لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾

قفس ۾ ڪيئن لڳي دل هاڻ منهنجي

ڏسان مان جو دونهون ٿو آشيان ۾

پڇيو هُن حال مُرڪي مون چيو هيئن

گذاريان روز شب آه و فغان ۾

رڳو مون کان پُڇي ڪجهه مُدّعا بَس

زبان ٿي منتظر هِن لئي دهان ۾

گِران ڏاڍو گذاريم عشق ۾ وقت

سوا تنهنجي نه ڪجهه آيو گمان ۾

نئون ايندو نظر جڏهين به پڙهندين

گهڻي وسعت ٿي منهنجي داستان ۾

دل پُر درد کان ڪجهه ڪم ته وٺندس

ملي فرصت اگر مون کي جهان ۾

پرين ڏي پِرت مان ايندو اِهائي

هُيم اُميد هيءَ اُن مهربان ۾

قفس خالي ڏِسي صياد جو مان

ٿيس  بي چين ’حامد‘  آشيان ۾

 

ميرزا سلطان حيدر بيگ[3]

 

شهيد عشق جو شهرو جهان ۾

ويو ٿي نامور نام و نشان ۾

اهو زور اثر آهي فغان ۾

لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾

نظر جي ناوڪ اندازي کي رد ڪيو

نه قطرو آهي خون جو ناتوان ۾

فغان عندليب زار ٻڌندي

هئاسين همڪلامي هم زبان ۾

بمع فرزند اڄ مخدوم صاحب

جو آيو قرب مان هن بوستان ۾

گھڻن ئي شاعرن ٿي يڪ زبان چو

لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾

’مظفر‘ جو ٿيّو هي فيض ’سلطان‘

جو سلطان سخن آهيان جهان ۾

 

ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘[4]

 

لڳي اُلفت جي آهي باهه جان ۾

رهڻ اهنجو ٿيو بس آشيان ۾

اثر هي آهي بلبل جي فغان ۾

هلي پاڻ آيو منهنجي آشيان ۾

مون پيتا اشڪ ٿي سوز نهان ۾

لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾

نه روڪڻ سان به هاڻي روڪجي ٿو

تلاطم آهي جو اشڪ روان ۾

وڃي بيتاب ڇو ٿيندي هي منزل

مسلسل پيو هلان آئون ڪاروان ۾

هِتي آهُون هُتي آهُن تي مرڪڻ

هي فرق آهي هِتان ۾ ۽ هُتان ۾

غرض انسان جو انسان آهي

رکيو ڇا هي ڀلا حور جنان ۾

سندم شانه تي سر هن جو جهڪيل نيڻ

ڏٺو مون جو نه هو وهم و گمان ۾

حجاب آلوده رخسار جواني

پسينو ڄڻ گلن تي بوستان ۾

اکيون خيره ٿيون ڏسندي ئي ’شاهد‘

غضب جي ٿي ضيا رُوئي بتان ۾

 

ميرزا فياض علي بيگ[5]

 

هو آيو سير لئي ائين گلستان ۾

بهار آئي هلي ڄڻ ڪا خزان ۾

ويس پهچي آئون پنهنجي آشيان ۾

ڪريان فرحت ٿو پنهنجي آستان ۾

ڏسي هن رشڪ گل جان چمن کي

سلامي لئي جهڪيا گل بوستان ۾

چمن ۾ وار جو ڇوڙي ڇڏيا هُن

ته آئي ڇانو منهنجي آشيان ۾

ٿيون نامهربانيون مون سان پيهم

رکان اميد ڪهڙي مهربان ۾

مسلسل بي وفائي جو نتيجو

مريض عشق آهي هل هلان ۾

رقيب روسيه ڏسندي سان مون کي

ويو پئجي ته يارو وٺ وٺان ۾

ويو ٿي نرم آخر منهنجو دلبر

اثر هي آهي ٿيو منهنجي فغان ۾

ڪيم عرض تمنا ايترو جو

لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾

ڪئي محنت مون سمجهائڻ ۾ ايڏي

رهي طاقت نه هاڻي قلب و جان ۾

چيو مون ڪجهه نه آهي پوءِ چوان ڇو

لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾

ٿيس آئون باوفا ۽ بي وفا تون

هي آهي فرق مون ۾ ۽ اوهان ۾

خبر ان جي نه پئجي سگهندي ڪنهن کي

جي ڳالهيون راز جون ٿيون ڪلهه اسان ۾

اڃان تائين سخن گوئي جو پيشو

اچي هلندو اسان جي خاندان ۾

نه آهي شهد و شڪر شير ۾ پڻ

مزو جهڙو ٿيو سنڌي زبان ۾

اچي ’فياض‘ جي آهُن کي روڪي

جي طاقت ان جي آهي آسمان ۾.

 

وري 10 آگسٽ 1974ع تي جناب مخدوم محمد امين فهيم صاحب پنهنجي ڀائرن ۽ فرزندن سميت امام بارگاهه علي آباد ۾ آيا. اُن وقت غير طرحي غزل جو مشاعرو ٿيو. هنن ٻنهي مشاعرن ۾ دعوت جو اهتمام بزرگوارم ميرزا عباس علي بيگ صاحب ڪيو. هنن يادگار مشاعرن جي اختتام تي معزز مهمانن کان سندن تصويرن تي راقم الحروف آٽو گراف ورتا، جن جا عڪس پڻ ڏجن ٿا.  

ساڄي کان: مخدوم طالب الموليٰ، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڊهاڪه ويندڙ جھاز ۾ ويٺل. 

مخدوم طالب الموليٰ جي ڊنر جي موقعي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ليڊرن کي خطاب ڪري رهيو آهي. اِن تصوير ۾ پويان بيٺلن ۾ ساڄي کان ٽئين نمبر تي مخدوم محمد امين فيهم صاحب بيٺل آهي.


 

ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘

Text Box:

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

قطعه تاريخ

 

دينٖ حق جي لاءِ بس شايانٖ شان، شانٖ حسينؑ

عظمتٖ انسانيت جو پاسبان شانٖ حسينؑ

 

مذهب و ملّت سندو روح روان شانٖ حسينؑ

تا اَبد اسلام جو تاب و توان شانٖ حسينؑ

 

خود ڪيو هر مرثيه جي لفظ مان تا يومٖ دين

عظمتٖ شهدائي دينٖ حق عيان شانٖ حسينؑ

 

هي رثائي شاعري جو بس ذخيرو بي بها

اهلٖ ايمان لاءِ آهي جانٖ جان شانٖ حسينؑ

 

هي خليقٖ خوش بيان آهي بحق عبدالحسين

اُن جو هي نذر عقيدت بيگمان شانٖ حسينؑ

 

مرثيه خوان شاعر شيرين سخن آهي جليس

ٿي ويّو آهي مرتب اُن هٿان شانٖ حسينؑ

 

مرثيه گوئي جي ’شاهد‘ ويو ڪري، هاتف چيو

شمع روشن طالب الموليٰ نشان شانٖ حسينؑ

2005ع

نوٽ: ”شانٖ حسينؑ “ سنڌ جي عظيم شاعر مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جي مرثين جو بياض آهي، جنهن کي مرحوم جليس جعفري مرتب ڪيو ۽ محترم مخدوم غلام محمد ’گل سائين‘ المعروف مخدوم خليق الزمان سال 2005ع ۾ شايع ڪرائي منظر عام تي آندو.


(1) بزمٖ فتح: از: ميرزا فياض علي بيگ (قلمي)

[1] محفل: سيد حيدر شاهه ’حيدر‘، ڇاپو پهريون 1994ع/1414هه، ڇپائيندڙ طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا، صفحه 34-35. حرف آخر: ميرزا خيرپوري پڙ ۾ مشاعره 27- جولاءِ 1974ع.

[2] ڪلام حامد: ميرزا حامد علي بيگ ’حامد‘ جو ڪلام، مرتب: ميرزا فتح علي بيگ، ڇاپو پهريون 1994ع، ڇپائيندڙ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ، صفحه 89.

[3] بزمٖ فتح: از: ميرزا فياض علي بيگ (قلمي)

[4] روح محبت: ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘،ڇاپو پهريون 1995ع، ڇپائيندڙ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، صفحه 117-118.

[5] ڪنيءَ منجهه ڪڻا: ميرزا فياض علي بيگ ’فياض‘، ڇاپو پهريون 1993ع، ڇپائيندڙ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ، صفحه 158-160.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org