سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2026ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ  01/ 2026ع

ايديٽر: جبران زيب

 

ايڊيٽوريل

 

السلام عليڪم مانوارا ساٿيو!

ٽماهي   1/2026ع شمارو اوهان تائين وقتائتو پھچي چڪو آهي. ايڊيٽر جي حيثيت سان منھنجي سدائين ڪوشش رهي آهي ته شمارو پنھنجي مڪمل معيار سان اوهان تائين پھچايو وڃي، انھيءَ لاءِ مان ٽماهي   ۾ لکندڙ سڀني مانواران ليکڪن جو بيحد ٿورائتو آهيان. هن شماري ۾ منھنجي لاءِ اعزاز جي ڳالھه آهي ته سنڌ جا ڪيترائي ناميارا ليکڪ هڪ ئي وقت شامل آهن. خاص طور تي اڪبر لغاري صاحب ۽ بيدل مسرور صاحب کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ڪريان ٿو، جن لڳاتار رابطي ۾ رهڻ سان گڏ هن شماري لاءِ پنھنجا ليک موڪلي ڏنا. اميد آهي ته اڳتي به سڀني مانواران ليکڪن جو ساٿ شامل رهندو.

زندگي الله تعاليٰ جي طرفان ڏنل انسان لاءِ انمول تحفو آهي ۽ اسين انھيءَ ايمان سان زندگي گذاريون ٿا ته هڪ نه هڪ ڏينھن هن فاني جھان کي الوداع ڪري پنھنجي حقيقي مالڪ سان ملڻو آهي. ڪجهه ڏينھن اڳ 26 فيبروري 2026ع تي سائين مظھرالحق صديقي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا. سندن وڇوڙي تي بيحد ڏک پھتو. پاڻ پنھنجي زندگي انتھائي خلوص ۽ محبت سان گذاريائون. مظھرالحق صديقي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وڏو عرصو وائيس چانسلر جي حيثيت سان رھيا ۽ پنھنجي دور ۾ نوان ڊپارٽمينٽ متعارف ڪرايا. اسين سندن وڇوڙي تي تعزيت جو اظھار ڪريون ٿا، انھيءَ دعا سان ته الله تعاليٰ کين جنت نصيب فرمائي. آمين.

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو قومي ادارو آهي ۽ هن اداري کي پنھنجي عروج تائين پھچائڻ لاءِ موجوده چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهن ته جيئن وڌ کان وڌ معياري ادب شايع ڪيو وڃي. چيئرمين صاحب ترجمي جي حوالي سان خاص هدايتون جاري ڪيون آهن ته عالمي ادب مان چونڊ ادب جلد ترجمو ڪرائي نوجوانن تائين پھچايو وڃي. جلد اداري پاران عالمي ادب جا ڪتاب شايع ڪري اوهان تائين پھچايا ويندا. هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي پريس ۾ تاريخ جي حوالي سان اهم ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، جيڪي پڻ جلدي اوهان کي پڙهڻ لاءِ ملي سگهندا. ٽماهي  جو مسلسل وقت سان شايع ٿيڻ جو سھرو به جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب ڏانھن وڃي ٿو. مان ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبرن جو بيحد ٿورائتو آهيان جن جو هر وقت ساٿ رهيو آهي.

ٽماهي   ۾ مواد موڪلڻ لاءِ اي ميل ايڊريس آهي

mehranmagazinesab@gmail.com

ٽماهي  رسالي جي ساليانه ميمبرشپ لاءِ اوهان جنرل مينيجر ڪتاب گهر سان رابطو ڪري سگهو ٿا.

 

مھرباني

 

جبران زيب

ايڊيٽر، ٽماهي ”مھراڻ“

وکر سو وهاءِ

سيّد ميران محمّد شاهه ”مهجور“

)1898 -1963ع(

 

سيّد ميران محمّد شاهه ولد سيّد زين العابدين شاهه 19- مارچ 1898ع تي توّلد ٿيو. ابتدائي تعليم ٽکڙ جي ملان مڪتب ۾ حافظ محمّد يوسف ۽ حافظ هارون دلگير وٽ ورتائين. سنڌ مدرسة الاسلام مان 1917ع ۾ مئٽرڪ، ڊي.جي ڪاليج مان 1921ع ۾ بي.اي گورنمينٽ لا ڪاليج بمبئي مان 1923ع ۾ ايل.ايل.بي پاس ڪري 1924ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1926ع ۾ ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو چيئرمين ۽ 1924ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو. 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ 1938ع کان 1948ع تائين ان جو اسپيڪر ٿي رهيو. 1948ع کان 1952تائين سنڌ سرڪار جو وزير رهيو ۽ 1954ع ۾ اسپين ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو. 1958ع ۾ ايگريڪلچر بينڪ جو پھريون صدر ٿيو. سندس انتقال 16- نومبر 1963ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. شاعريءَ ۾ پھرين ”مير“ ۽ بعد ۾ ”مھجور“ تخلص طور آندو اٿس.

 

غزل

عشق وارن کي عجيبا عيش جو ڪونهي ضرور،

سوز سڪ ۽ سور مان تن جي سري سيني سرور.

 

نينهن نازڪ جو نشان ٿي، هٿ قريبن جي ڪسڻ،

مَرڪ مشتاقن سندو ۽ شير مردن جو شعور.

 

رنج راحت فرح محّبت جو نه سڪندن کي سماءُ،

عشق جي آتش سندو تن ۾ تپي تن جو تنور.

 

جيءَ جفا ته به دل صفا، عاشق سچا سهڻي سندا،

ناز ٿا ناڪار پائن ۽ غصّو ڄاڻن غرور.

 

منٽ جي هن ”مير“ کي منهڙو پسائي ماه رُو،

تان هئين تان هوند هٽجي، هجر جو هيڪر حرور.

 

*

جي هلِي هڪوار عاجز جي اڱڻ ايندو عجيب،

جان جند، سر ساه، گهر تڙ، تت هي گهوريندو غريب.

 

دائما دلبر جي دُوريءَ کان دکي ٿو درد دل،

درد ان جو وصل درمان، مرض اُن جو مھ طبيب.

 

هڪ اڀاڳيءَ جو اڙانگي ساڻ، انگ آهي اڙيو،

ٻيو وجهي تو رنڍ روڪون راهه ۾ رهزن رقيب.

 

وصل جي وجهه لءِ ولهيءَ جو وس هلي ٿو ڪونڪو،

پر پرين پردي اندر پُڻ قلب کان آهي قريب.

 

سڱ ڪري هن سنگدل سان سور سهسين مون سٺا،

ٿيو ندوريءَ جو نِکٽ نحس ۽ نِپٽ ناقص نصيب.

 

محب جي محبت ۾ محنت، ”مير“ کي منظور آهه،

نيٺ نيزارين سان ڦيريندو نظر نوري نجيب.

(ڪتاب ”درِناياب عرف يادِرفتگان“ تان ورتل)

 

تاج صحرائي

 

(1937ع – 2021ع)

 

غزل

 

وري سينگاريو ايوانن کي آزاديءَ جي پروانن،

مگر معلوم آ دل کي ته پروانن تي ڇا گذريو.

عبادت گهر تي ڇا گذريو، صنم خاني تي ڇا گذريو،

مقدس نانءُ تي معصوم انسانن تي ڇا گذريو.

فريبِ جنبِ ردا جهُڪايو سر سندءِ در تي،

هي پيشانيءَ جون رَهڙون ڏس ته مستانن تي ڇا گذريو.

ڪشالن سان سندءِ نازڪ هٿن تي مون حِنا لاتي،

ڪنهين بدبخت جي برباد ارمانن تي ڇا گذريو.

جڏهن مدهوش ٿي ساقي سڄي محفل ڪئي برخواست،

ته ميخاني تي ڇا گذريو، ۽ پيمانن تي ڇا گذريو.

نگاهِه حُسن جي معصوم نظرن بجليون ڪيريون،

خِردمندن تي ڇا گذريو، ۽ ديوانن تي ڇا گذريو.

فقط ڪي سرد آهون ئي ٽُٽل سازن مان نڪرن ٿيون،

دلِ زنده سندءِ ڀرپور ارمانن تي ڇا گذريو.

 

*

سنڌ جي مشھور اديب، شاعر، قديم آثارن جي عالم ۽ محقق، تاج صحرائيءَ جو اصل نالو تاج محمد ولد نور محمد ميمڻ آهي. هن 11 سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ دادو ضلعن جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪئي. بي. اي ۽ بي. ٽي جا امتحان ڪراچيءَ مان پاس ڪيا. 1948ع کان دادوءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. هن 1940ع کان سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. 1942ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار واري وقت ۾ شاگردن جو جٿو وٺي اتي وڃي ڏڪار متاثرن جي مالي ۽ عملي مدد ڪئي. هن آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ 10آگسٽ کان 26 ڊسمبر 1947ع تائين دهليءَ جي جيل ۾ قيد رهيو. 1952ع ۾ دادوءَ ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول قائم ڪيو، جنھن جو باني هيڊ ماستر رهيو. 1964ع کان قلندر لعل شھباز ميلا ڪمٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. هن 1968ع ۾ دادو شھر ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضي پبلڪ لائبرري قائم ڪئي. مارچ 1971ع کان جون 1972ع تائين سنڌ ميوزم حيدرآباد جو پھريون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رهيو. مارچ 1975ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل ”سنڌ صدين کان“ سيمينار ۾ حصو ورتو. 1977ع ۾ ٽرپوليءَ ۾ دنيا جي اُستادن جي ميڙ ۾ پاڪستان سرڪار جي واحد نمائندي طور شريڪ ٿيو. هن جي ڪوششن سان ئي سنڌ جي مختلف ضلعن اندر ”هسٽاريڪل سوسائٽيون“ ٺھيون. 1981ع ۾ ”رني ڪوٽ“ سيمينار جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ هڪ شاندار سيمينار ڪرايو. 1981ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيو. هُو سنڌ ۾ کاٻي ڌر جو سڄاڻ ليکڪ ۽ ڪارڪن سمجهيو ويندو هو. تاج صحرائي سنڌ جي قديم تھذيب تي ”سنڌو تھذيب“ (1989ع) نالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب لکيو. ان کان سواءِ سندس ڪيترا مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: ”سُر سارنگ“ (مقالو)، ”پڻي لوڪ“ (مقالو/ ليڪچر: 1996ع)، ”دادو ضلعو- جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني ۾“، ”کيرٿر جبل“، ”گورک چوٽي“ (مقالو/ ليڪچر: 1997ع)، ڪتاب “Lake Manchar” (1997ع) ۽ ”نيڻين ننڊ اکوڙ“ (شاھه لطيف بابت مضمونن جو ڪتاب: 2001ع) قابلِ ذڪر آهن. کيس پاڪستان سرڪار طرفان ”تمغهءِ حسن ڪارڪردگي“ ۽ ٻيا اعزاز بہ مليا. زندگيءَ جي آخري سال ۾ کيس ”شھباز ايوارڊ“ پڻ مليو. هن دادوءَ ۾ پنھنجي رهائش واري جڳت آباد پاڙي ۾ ذاتي لائبريري به قائم ڪئي. 28 آڪٽوبر 2002ع تي وفات ڪئي. تاج صحرائي لائبريري دادو: سنڌ جي نامور شاعر، اديب، محقق، تاريخدان ۽ قديم آثارن جي ماهر تاج صحرائيءَ دادوءَ ۾ پنھنجي ايامڪاريءَ دؤران مطالعي لاءِ هڪ ذاتي لائبريري قائم ڪئي هئي. هن لائبريريءَ ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي زبان ۾ تاريخ، جاگرافي، سائنس، مذهب، نصاب ۽ مختلف موضوعن تي رسالا، جريده، اخبارون ۽ هزارين ڪتاب موجود هئا. سندس وفات بعد ڪتابن جو ڪافي ذخيرو ضايع ٿي ويو.

(سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا تان کنيل)

مائل سروري

 

(1937ع – 2021ع)

 

مصري ”مائل“ سروري ولد محمد لائق، ڪاڪا، تاريخ 19 آگسٽ 1937ع تي ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا تعلقي سعيدآباد ضلعي مٽياري ۾ تولد ٿيو. 1950ع ۾ سنڌي فائينل پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1960ع ۾ اديب سنڌي ۽ 1963ع ۾ اديب علم سنڌي سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ازانسواءِ جناب قبله ’طالب الموليٰ‘ سائينءَ جي خدمت ۾ رهي، ڪافي ڪتابي ۽ صحبتي مطالعه حاصل ڪيائين. سندس خوشخطي تعريف جي محتاج ناهي. جيئن ته ڪاڪا قوم جو سروري ساٿ سان قريمي تعلق آهي، تنھنڪري حضرت ’طالب الموليٰ‘
سائينءَ جي خدمت ۾ رهڻ سان مصري ’مائل‘
ڪافي ڪجهه حاصل ڪيو.

’ميخانه منصوري‘ (محمد فقير کٽياڻ) جي ميلي تي، قبله ’طالب الموليٰ‘ کيس ’مائل‘ تخلص عطا ڪيو. سندس شاعريءَ جو آغاز 1959ع کان ٿيو: غزل، ڪافي ۽ بيت تي چڱي مھرت رکي ٿو. سندس آواز پڻ چڱو سريلو آهي، ۽ ڪافيون ترنم سان ڳائيندو آهي. حضرت ’طالب الموليٰ‘ سندس مرشد ۽ استاد هو. ادبي ميدان ۾ ”مرڪزي بزم طالب الموليٰ“ سنڌ جو جائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”ناهي مستن تي ڪا ميار“ سنڌي ادبي بورڊ طرفان 2020ع ۾ ڇپائي شايع ڪرايو ويو. پاڻ 11 جنوري 2021ع تي وفات ڪيائين.

 (رسالو ٽماهي مھراڻ ”شاعر نمبر“، ڊسمبر 1990ع)

مطلع:

آهه هرڪو فعل پنهنجي جو ئي فعل المختيار

ڏوهه ڪريو پاڻ پو ان کي قضا ڪيئن ٿا چئو.

 

1-

هي مثالُ آ رنگ و بُو جو گڏُ هجڻُ گُلَ ساڻُ جيئن

 

آهِه جانبُ جيءَ ۾ تيئن پو جدا ڪيئن ٿا چئو.

 

 

2-

مون ته هن جي ئي وفائن کان متاثر ٿي چيو

 

هي عجب آهي سڄڻ کي بي وفاڪيئن ٿا چئو.

 

 

3-

ڪين جنهن آهي سڃاتو مامَ ۾ ”مَن عَرفَ“ کي

 

تنهن کي ڀُلجي پو ڀَلا مَردِ خدا ڪيئن ٿا چئو.

 

 

مقطع:

 

آهِه تعجبُ واعِظَن ۽ ناصحن کي هيءُ ٿيو

 

شاعري ۾ شعرَ ”مائلَ“ هيتيرا ڪيئن ٿا چئو.

(ڪتاب ”ناهي مستن تي ڪا ميار، ص 279 تان کنيل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org