|
شگفته شاهه

تعارف
وڏن ماڻھن
کي کاڌي ۾ ڇا پسند آهي، ڪيڏي مھل کائيندا آهن،
ڪيڏي مھل سمھندا آھن ۽ ڪيڏي مھل گھر مان نڪرن ۽
موٽن ٿ
سندن پٽن جا
ڪھڙا مشغلا آھن ۽ ڪھڙا دوست آهن ۽ ڪنھن سان عشق ڪن
ٿا.
ا.
سندن ڌيئرون ڪٿي ڪٿي وڃن ٿيون، ڪيتريون ۽ ڪھڙيون ساھيڙيون اٿن ۽ ڪن سان دل
جا معاملا اٿن.
”وڏن ماڻھن
جي گهرن ۾ ڪھڙا مسئلا ۽ جھيڙا ھلن ٿا.“
”پوءِ اوھان
انھن جي رازن بابت ڪتاب لکي سگهو ٿا.“
”نه. اسين
ليکڪ ڪونه آھيون. اسين فقط سندن گھرن ۾ ڪم ڪندڙ
نوڪر ۽ ڊرائيور آھيون.“
سليم چنا

مان!
اچي سگريٽ ڇِڪ.“
”دونھين سان نه ٺھندو آهيان.“
”ڀلا مڌ پيئندين؟“
”مان پيئڻ بنائي مدهوش هوندو آهيان.“
”تاس جي پتن سان جوا کيڏون؟“
”مان بنا کيڏڻ جي ئي هارائيندو آهيان.“
”ڀلا هل، هلي گانا ٻڌون، ناچ ڏسون؟“
”مان وهنجڻ مھل گانا ڳائي، انھن تي نچندو آهيان.
يار مان واريءَ جو وجود آهيان.“
”اِهو ڪيئن؟“
”ماڻھو ٺھندا آهن، مان ڊهندو آهيان. هاسيڪار
هارائيندو آهيان.“
”تنھنجي آئيندي جو اُلڪو اٿم.“
”مون لاءِ ڳڻتي نه ڪر.“
”مان ايندڙ وقت جو اوسيئڙو ڪندي، موت کان اڳ.
روز جهرندو، ڀُرندو مرندو آهيان.“
محمد علي پٺاڻ

فاتح مرڪ.....
”نه پڙھندين نه، سِڌو ٻُڌاءِ؟”
”نه.“
”گڏھَه چاريندين؟“
”ھا، مامو خاڪلُ جو چاريندو آ.“
”بروبر، اھو به ھڪ ڪم آ بابلا، جيئن پڙھڻ ڪم آ.
ھُو جسماني، ھِي ذِهِني.“
”الائي ڇا ٿو چئين ’جسماني، ذِهِني‘. مان ڪو نه
پڙھندس.“
”يارَ، ائين نه ڪر. ڀلا ڪو سُٺو رانديڪو وٺي
ڏيانءِ. ان جي صدقي پڙھُه.“
”لٽا وٺي ڏي. اَڌوراڻا ڍير وارا نه، نوان.“
”ٺيڪ آ، پر فصل تي. واعدو آ. ھاڻي ته ھلندين نه
اسڪول.“
”ڪو نه ھلندس. فصل تي قرض ۾ سڀ اَنُ وڏيرو کڻي
ويندو. پئسا ھوندا ئي نه، ته لٽا ڪيئن وٺي
ڏيندين.“
پيءُ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
” روئين ڇو ٿو؟“
پيءُ ڪو به جواب نه ڏئي اوڇنگارن ۾ ٻُٽِجي ويو.
ٻارُ وڌيڪ پيءُ کي روئندو نه ڏسڻ چاھيندي اڳتي وڌي
ويو. ڳراٽڙي پائيندي ڏکاري لھجي ۾ چيائينس، ”نه
روءُ... بس ڪر... ڀلي نوان لٽا نه وٺي ڏي نه. مان
سڀاڻي ساڳيا پائي توسان ھلندس اسڪول!“
پيءُ پاڻ تي ضابطو آڻيندي ڳوڙھن ھاڻين اکين سان پٽ
سان ٻکجي ويو. چپن تي اھڙي مرڪ تري آيس،
جنھن ڄڻ سڄو جَھانُ فتح ڪري ورتو ھو!
گُل ڪونڌر

پوڙها اديب
اَڄڪلھه سوشل مِيڊيا جو زمانو آهي، هر ماڻھو بَي
ڌَڙڪِ دل جِي ڳالھه فَيس بُڪ، انسٽاگرام، اَيڪِس ۽
واٽس ايپ تي لکي ۽ چَئِي ڇڏي ٿو، اِهو سوچڻ بنا
ئِي ته سندس لفظَ، ڪنھن ٻئي جَي ذهن تي ڪھڙا اثر
ڇڏيندا. هُنَ کي اِهو اندازو به نه هوندو آهي، ته
جن ماڻھن لاءِ هُو، اِهَي لفظ لِکي/ چَئِي رهيو
آهي، انھن جِي ذهني ڪيفيت ۽ صحت ڪھڙي آهي، هُنن تي
سندس لفظن جو ڪھڙو اثر پوندو. پر جڏهن ڪو نوجوان
ارادو ڪري وٺي ٿو، ته پوءِ اهڙا لفظ چئي ڇڏي ٿو،
ڀلي سندس جُملي سان ڪنھن جِي، دل آزاري ڇو نه
ٿيندي هُجي. اهڙي هڪ نوجوان ليکڪ جو، فَيس بُڪ تي
رکيل اِسٽَيٽَس، سَٺِ وَرهِيَن کان وڌيڪ عمر جو
اديب پڙهي رهيو هو، نوجوان لکيو هو؛ ”پَوڙها
اَدِيبَ، هر ادبي پروگرام جِي اسٽيج تي ويھي رهن
ٿا، ڪنھن نوجوان ليکڪ کي اهو موقعو ئِي نه ٿا
ڏِيَن، ته هُو به ڪنھن تقريب ۾ مھمانِ خاص، صدر يا
اعزازي مھمان طور ويھاريو وڃي.“
اِسٽَيٽَس ڄڻ هِڪَ نئين بحث کي ڇَيڙي ڇڏيو، اِنَ
تي راءِ ڏيندڙن جِي اڪثريت نوجوانن جِي هُئي، جن
مان نوي سيڪڙو، بيان ڪيل اسٽيٽس جَي حق ۾ هئا. ان
جو مقصد هرگز اهو نه آهي ته، نوجوان ليکڪن جو وڏو
تعداد، سينيئر اديبن بابت اها راءِ رکي ٿو، پر
حقيقت ۾ اِهڙَي اِسٽَيٽَس تي راءِ، اُهي نوجوان
ڏئي رهيا هئا، جيڪي ان خيال جا حامي هُئا. محسوس
ائين ٿِي رهيو هو، ڄڻ اِسٽَيٽَس ۾ انھن جَي، دل
جِي ڳالھه چئي وئي آهي. آيلَ ڪجهه ڪمينٽس ۾
وِچٿَري راءِ به ڏنل هُئي، جڏهن ته بلڪل ٿورن راءِ
ڏيندڙن لکيو ته، ”عمر رَسيده اديبن ۽ بزرگ ليکڪن
جو تجربو، مشاهدو ۽ بصيرت اهم معلوماتي خزانو آهي،
جنھن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انھن جو احترام
لازم آهي، ڇو ته اُهَي نئين نسل جِي، رهنمائي ڪرڻ
جِي صلاحيت رکن ٿا.“
هِنَ بحث جِي شروعات ڪرائڻ واري نوجوان، پنھنجي
اِسٽَيٽَس ۾ وڌيڪ لکيو هُو ته؛ ”بزرگ اديبن جَي
اسٽيج تي ويھڻ ڪري، نوجوان ليکڪن جو، همٿ افزائي
ٿيڻ وارو حق مري ٿو، پروگرام جي منتظمين جَي اهڙي
رَوَيَي سبب، انھن کي لکڻين تي تنقيد، تبصري ۽
اظھار جو موقعو نه ٿو ملي.“
سَٺِ کان مٿي عمر جَي سينيئر اديب، فيس بوڪ تي
رکيل پوسٽ ۽ اُنَ تي آيل سڀ رايا ڌِيانَ سان
پڙهيا، ڪجهه گهڙين لاءِ سندس دل تي عجيب اُداسِي
ڇانئجي وئي، هُن سوچيو شايد دنيا بدلجي وئي آهي،
پر جلد کيس پنھنجي جوانيءَ جا ڏينھن ياد آيا، جڏهن
هُو پاڻ به اهڙي سوچ رکندو هُو. پر وقت سان گڏ
جڏهن هُو، مختلف ادبي محفلن ۾ شرڪت ڪندي، سينيئر
ليکڪن جون ڳالھيون ٻڌڻ لڳو، انھن سان مجلسن ۾
ويٺو، تڏهن کيس احساس ٿيو ته، عمر سان گڏ انسان وٽ
وسيع نَظرِيو اچي ٿو ۽ تجربو پڻ وڌي ٿو، نتيجي ۾
ڳالھائڻ جو ڏانءُ ۽ انداز پُختو ٿئي ٿو. اُنَ وقت
هُو سمجهي ويو هو، ته جڏهن ڪو سينيئر اديب، اسٽيج
تي اچي ڳالھائيندو آهي، ته نه رڳو زندگيءَ جِي
ڪھاڻي ٻڌائيندو آهي، پر هُو پنھنجي ڏِٺل ۽ ڀَوڳيَل
واقعن جَي بنياد تي، ادبي صِنفَن بابت راءِ ڏيندو
آهي. ٻُڌندڙن کي ڀلي اهي ڳالھيون، ذاتي نوعيت جون
لڳنديون هجن، پر حقيقت ۾ اُهي سچائيءَ تي آڌاريل
هونديون آهن، جن مان ادب جَي ميدان ۾ پير پائيندڙ
نوخيز ليکڪ، گهڻو ڪجهه سِکي سگهندا آهن.
بھرحال بزرگ اديب، نوجوان ليکڪ جَي اِسٽَيٽَس تي،
سڀ رايا پڙهيا ته سندس دل ۾، ڏکَ جِي لَھر ڊوڙي
وئي، کيس حيرت ٿي ته اسان جو نوجوان، ڪھڙي رستي تي
نڪري پيو آهي، جو بزرگ اديبن جِي، بَي ادبي ڪرڻ تي
لَھي آيو آهي. هُن سوچيو؛ بُزرگي ته اڄ جَي نوجوان
تي به اچڻي آهي، اهو فطرت جو اصول آهي، اڄ جو
جوان، سُڀاڻي جو پوڙهو آهي. فَيس بُڪ تي لڳايل
اِسٽَيٽَس ۾ ذڪر ته صرف، بزرگ اديبن جَي حوالي سان
ڪيو ويو آهي، پر سماجي حوالي سان هتي، هڪ اهم سوال
جنم وٺي ٿو ته؛ ”ڇا.. اِهو نوجوان اِهڙو رَوَيو،
خاندان جَي بزرگن ۽ کيس علم عطا ڪندڙ استادن سان
به، ائين ئي رِوا رکي سگهي ٿو؟“ هر عقل ۽ دانش
رکندڙ انسان لاءِ، ان سوال جو جواب يقيناً، ”نه“ ۾
هوندو. ڇو ته خاندان جا بزرگ ۽ استادَ، پنھنجِي
عمر، تجربي ۽ مشاهدي جَي آڌار، اعلى مقام ۽ خاص
عزت ملڻ جا حقدار هجن ٿا.
حقيقت اها آهي ته جيئن هڪ لائق فرزند، وڏو مَقام
حاصل ڪرڻ کان پوءِ به، پنھنجي اَبَي اَمڙ جا هٿ
چُمندو آهي، ۽ فلاسافيءَ جِي ڊگري حاصل ڪندڙ
اسڪالر، پرائمريءَ جَي استاد کي، پَيرَين پئي ملڻ
۾ فخر محسوس ڪندو آهي، بلڪل ائين ئي هڪ نوجوان
ليکڪ کي، بزرگ اديب جو احترام ڪرڻ ۾، وڏائي محسوس
ڪرڻ گهرجي، ڇو ته انسان جي سماجي ترتيب ۾ اخلاقي
قدر، تھذيب ۽ تعليم، اسان کي اهو ئي سمجھائي ٿي.
بزرگ اديب کي خبر هئي ته، وقت سان سڀ ڪجهه بدلجي
ٿو، پر اصولَ ڪڏهن به نه ٿا بدلجن، ادب اهو سيکاري
ٿو ته سچ، اخلاق ۽ احترام کي، مقدم رکڻ تمام ضروري
آهي. هُن کي نوجوان اديب جو اِسٽَيٽَس ۽ ان تي آيل
رايا پڙهڻ، ۽ اِنَ سَڄِي ڪَٿا تي سوچيندي، منجهند
کان شام ٿي چُڪي هُئي، هُن پنھنجي اسٽڊي ٽيبل جَي
اولھه طرف، دريءَ ڏانھن نِگاهَه ڪئي، ته سِجُ
شَفقَ جَي آغوش ۾ اچي چُڪو هو. لَيپ ٽاپ کي بند
ڪرڻ کان اڳ، نوجوان ليکڪ جَي اسٽيٽس تي ڪَمينٽ
لکيائين؛ ”اهلِ علم کي هن معاملي تي، سنجيدگيءَ
سان وِيچارڻ جِي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ ادبي
پروگرامن جَي منتظمين کي، ان ڳالھه تي ڌيان ڏيڻ
گهرجي، ته هُو سينيئر اديبن سان گڏ، نوجوان ليکڪن
کي به اسٽيج تي ويھارين، انھن کي ادبي اِسمَن تي،
تنقيد ۽ تعريف جا موقعا فراهم ڪن. اهڙيءَ طرح
آئيندي جا سٺا مقرر، تنقيد نگار ۽ ايندڙ ٽھيءَ جِي
رهنمائي ڪندڙ، اديب به پيدا ڪري سگهبا ۽ سوشل
ميڊيا تي اهڙين شِڪايَتُن کان به بچي سگهبو. ڇو ته
اهو رَوَيَو نه صرف اخلاقيات جَي خلاف آهي، پر ادب
جَي بنيادي اصولن جِي به نفي ڪري ٿو، ادب جو
پھريون سبق احترام آهي. زندگيءَ جو سفر ۽
پِيڙهيُنِ جِي ترتيب، اها ئي آهي ته هِڪُ نَسل،
ٻئي کي سيکاري ٿو ۽ پوءِ، مناسب وقت اچڻ تي اَڳِين
پِيڙهي، ٻِين پِيڙهيءَ کي پنھنجي جاءِ تي ويھاري
ٿي.“


وفا صالح راڄپر

ايوارڊ
دڪان تان ايزي لوڊ ڪرائي جيئن ئي هيٺ لٿس ته پٺيان
ڪنھن سڏ ڪيو:
”علي او علي....“ مان سڏ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري هلڻ لڳس.
اڃا ٻه ٽي وکون مس کنيم ته وري شينھن جھڙو هنيانءُ
ڏاريندڙ سڏ ٿيو. ”علي....“
مون ڪنڌ کڻي پوئتي ڏٺو ته فرمان هو. هو تڪڙيون
وکون کڻندو مون ڏانھن اچي رهيو هو. مان هن کي پاڻ
ڏانھن ائين تڪڙو ايندي ڏسي پاسي تي بيھي رهيس ۽ دل
ئي دل ۾ چيم ” وري هن جو مون ۾ ڪھڙو ڪم ڦاٿو آهي.
جو مون سان ملڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو اچي رهيو آهي.“
”ڪم وري ڌوڙ هوندس. اهائي ساڳي بڪواس ڪندو ۽ ڊاڙ
هڻندي چوندو ته مان وڏو ڪھاڻيڪار آهيان. ڏس هن
ميگزين ۾ به سڀ کان پھرين نمبر تي منھنجي ڪھاڻي
ڇپي آهي. فلاڻي ڪھاڻيڪار کي مون کان هيٺ رکيو اٿن.
ڏس مان آهيان نه وڏو ڪھاڻيڪار!“ مان ائين سوچي
رهيو هيس ته هو سھڪندو اچي پھتو.
”يار ايڏا سڏ ڪيا اٿم ۽ پوءِ به نه پيو ٻڌين.“ هن
معيار ڏيندي پر خوشيءَ مان ڀاڪر پائيندي چيو.
”نه يار سڏ ٻڌان هان ته ضرور بيھان ها. شھر ۾ رش ۽
گاڏين جي گوڙ جي ڪري تنھنجو ڪو به سڏ نه ٻڌي
سگهيس. مون وضاحت ڪئي.
چڱو هل ته هلي پريان باءِ پاس واري هوٽل تي انچھه
ٿا پيئون.
سندس چانھه واري صلاح تي مان کيس چتائي ڏسڻ لڳس.
هل يار چانھه ٿو پياريانءِ ائين چتائي ڇا ٿو ڏسين.
هن حجت واري انداز ۾ چئي، اڳتي هلڻ لاءِ ٻانھن کي
ڇڪيو. ڏسانءِ ان ڪري ٿو، جو زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو
چانھه جي صلاح ڪئي آهي ۽ سا به وڏي خوشيءَ سان.
اڙي يار! تون ڪو چانھه ۾ مھانگو آهين. هن چيو.
چانھه پيئندس پر هڪڙي شرط تي.؟ مون سوال رکيو.
اڄ تنھنجا سڀ شرط اکين تي. هن اکين تي هٿ رکندي
چيو. ڳالھين ئي ڳالھين ۾ ۾ اسان باءِ پاس واري
هوٽل تي اچي پڳاسين.
اڙي او ڇورا ! هيڏانھن اچ جلدي. هن بيري کي سڏ
ڪندي چيو.
ڪلھي تي رکيل ميري رومال سان بيري تڪڙو اچي
سامھون بيھندي چيو:
حڪم ڪيو سائين.
هن بينچ کي سٺي نموني صاف ڪر ۽ ٻه سٺيون چانھيون
کڻي اچ.
حاضر سائين. بيري بينچ صاف ڪندي چيو.
بيرو آرڊر وٺي وڃي رهيو هو ته پويان مون کيس سڏ
ڪيو بيرو ان ئي پير تي موٽي آيو ۽ منھنجي ڀر ۾
بيھندي چيائين. حڪم ڪيو سائين.
چانھه سان گڏ پاڻي ۽ سٺا پيس به هجن.
حاضر سائين، اجهو کڻي آيس. ٻيو حڪم.
نه ڪو به نه... ائين چئي بيرو هليو ويو.
مون فرمان ڏانھن نظر کڻي نھاريو هو ڏاڍو خوش هيو.
خوشي سندس جسم تي رقص ڪري رهي هئي. زندگيءَ ۾
پھريون ڀيرو مون هن کي ايترو خوش ڏٺو هو. مون
کائنس ايتري خوشيءَ جو سبب پڇڻ لاءِ اڃان پنھنجا
چپ چوريا ئي مس ته هن چيو علي ڪالھه ڪھاڻي ڪانفرنس
۾ تون هئين؟
نه يار مون کي خبر نه هئي.
يار! مون ڪانفرنس ۾ ڪھاڻي پڙهي مون کي ايوارڊ
مليو.
واهه واهه..... ڏاڍو سٺو.
الائي يار متان نه مڃين، تون مون کي ڪھاڻيڪار به
نه مڃيندو آهين. ڏس مان آھيان نه وڏو ڪھاڻيڪار..!
هن خوشيءَ وچان ڪالر ڇنڊيندي چيو.
مون ڏٺو ته خوشيءَ ۾ هن جون واڇون کيسي جھڙيون ٿي
ويون هيون. بيرو پاڻيءَ جي جڳ ۽ گلاس سميت ٻه
چانھيون ۽ ڪجهه پيس ميز تي رکي هليو ويو. مون پاڻي
پي. چانهه جو ڪوپ هٿ ۾ جهلي ان ۾ پيس ٻوڙيو ئي مس
ته هن جي فون جي رنگ وڄڻ لڳي. هي تڪڙ ۾ فون کيسي
مان ڪڍي نظر جي عينڪ پائي فون جي اسڪرين تي نمبر
ڏسڻ لڳو.
اڙي يار هي ته جج صاحب پيو ڳالھائي. هن مرڪندي
چيو.
ڪهڙو جج.؟
يار جيڪو ڪھاڻي ڪانفرنس ۾ ڪھاڻين جو جج هيو. هن
فون اٽينڊ ڪئي.
هيلو ڇا حال آ پيارا! خوشي ۾ هو ڦوڪڻي جيان ڦوڪجي
ويو.
پر فون تي ڳالھائڻ دوران ڄڻ ته هن مان هوا نڪرڻ
لڳي... ۽ آهستي آهستي سسندو ويو. پريان جج صاحب جو
آواز صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو.جيڪو کيس چئي رهيو هو.
”فرمان! توکي ايوارڊ ڏياري مون پنهنجي دوستيءَ جو
حق ادا ڪري ڇڏيو. متان سمجهين ته مان دوستيءَ جو
حق ادا نه ڪندو آهيان.“
فون بند ٿيڻ کانپوءِ منھن خراب ڪري موبائل کيسي ۾
رکي بغير چانھه پيئڻ جي بئنچ تان ائين اٿي هليو
ويو. ڄڻ مان سندس واقف ئي نه هيس.

 |