|
پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
ڊاڪٽر بلوچ جي سخن فهمي جو تحقيقي جائزو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ
جو نھايت ئي گھرائيءَ سان اڀياس ڪري، فڪري ۽ فني
حاصلات کي جيئن نروار ڪيو آهي، تيئن شايد ئي ڪنھن
ٻي عالم ۽ محقق اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا هوندا!
سنڌي شاعريءَ جي هر پھلوءَ ڏانھن سندس عميق نظري
اسان جي نسلن جي اهڙي رهنمائي آهي، جنھن ڪري ڪوبه
جوهرُ هَٿئون وڃڻ جا امڪان ظاهر ئي نه ٿي سگهندا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي شاعريءَ جي گهرائي؛ عربي
شاعريءَ جي ڳوڙهي مطالعي جي مقصدن مان حاصل ڪئي.
ان متعلق
”ٻيلائن
جا ٻول“
جي مقدمھ عام سنڌي شاعريءَ ۾ لکي ٿو ته، قربان نبي
سڳوري تان، نبي ڪريم
صلي الله عليھ وآلھ وسلم فرمايو آهي ته،
”شعر
۾ حڪمت ۽ دانائي آهي.“
اهڙيءَ ريت حضرت عمررضه چوندو هو ته،
”هي
عربن جو عام دفتر آهي، ان کي ياد ڪريو ۽ ان جي
حفاظت ڪريو.“(1)
ڊاڪٽر بلوچ سنڌي شاعريءَ جي هرهڪ قسم ۽ فن ۾ موجود
گوهرن جو گھرو گيان حاصل ڪري، سنڌي شاعريءَ لاءِ
وقت بوقت جيڪي الفاظ ۽ استعارا قائم ڪيا آهن، تن
مان سندس سخن فھمي، سخن شناسي، معنوي منجُهه، سگهڙ
جي سھڻي گهڙت، سالڪ جي ساڃاهه ۽ سمجهوءَ جي سمجهه
جا ساگر پار ڪري سگهجن ٿا. سنڌي شاعريءَ جي قسمن
مان ڊاڪٽر بلوچ جيڪي به قسم نروار ڪيا آهن، تن جو
هتي مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
1.
عام سنڌي شاعري: سنڌ جي نج عوامي شاعري هڪ اعليٰ ۽
عجيب فن آهي. جنھن کي قابل استادن سموهي سينگاري
هڪ مستقل علم يا سائنس جي درجي تي پھچايو آهي.(2)
عام سنڌي شاعريءَ مان مراد اهو سنڌي شعرآهي جو سنڌ
جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهي. اهو شعر جو صرف
پڙهيلن تائين محدود ڪونھي، بلڪه سنڌ جي اڻ پڙهيل
ڳوٺاڻي ڪڙمي خواه ڪاسبي، هاري ۽ مزدور جو ورد
وظيفو آهي. اهو شعر جو سنڌ جي جهرجهنگ، واهڻن وسين
۽ ڳوٺ ٻنيءَ ۾ جاري ۽ ساري آهي، اهو شعر ٻولي ۽
مضبوط محاورن ۾ چيل آهي، اهو شعر جنھن جي زبان
پڙهيلن جي عبارت کان وڌيڪ پختي ۽ جنھن جي سٽاءَ
ڪتاب خوانن جي ايجاد ڪيل لفظن ۽ لفظي بناوتن کان
وڌيڪ شستھ ۽ بلند آهي.(3)
عام سنڌي شاعريءَ جو خطاب عوام الناس کي آهي ۽ نه
خاص پڙهيلن کي. انھيءَ ڪري عام سنڌي شعر علمي
پيچيدگين کان آجو آهي.
عام شاعري لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي. عام شاعري پنھنجي
آزاد ٻولي ۽ آزاد خيالي سبب نھايت پختي ۽ زوردار
آهي.(4)
عام شاعري اهو هار آهي، جنھن ۾ لعلون، مرجان ۽
پٿريون، توڙي موتي، ماڻڪ ۽ کرکڻا گڏ پوتل آهن، مگر
جنسون ٻئي، حقيقي ۽ اصلي آهن ۽ نه بناوتي. عام
سنڌي شاعري اهلِ سنڌ جي حيات جو آئينو آهي.
عام جا شاعر اصلي ۽ نج سنڌي ٻولي جا اَبا آهن.
سندن ڪلام انھيءَ ڪنوار جي مثل آهي جنھن جون
خاميون توڙي خوبيون سندس صورت ۾ کليل ۽ پڌريون
آهن. مگر هڪ ته پاڪيزگي ۽ ٻيو وري اَٿاه جوانيءَ
جي زور سبب سندس حسن ٻھڪي پيو.
هن فن جون گوناگون شاخون آهن. سٽاءَ جي لحاظ سان
ڳاهه، بيت ۽ قافي ٽي مکيه قسم آهن ۽ معنوي لحاظ
کان ڏٺ، معما، هنر، ڏور، مولود ۽ سينگار مڙيئي فن
جا مظھر آهن.
ٽي.ايس.ايليٽ پڻ عوامي شاعريءَ جي اهميت تي خيالن
جو اظھار ڪندي لکيو آهي ته،
”عوامي
شاعري پنھنجي ڄمار ماڻھن جي ڳالھين ٻولھين مان
پائي ٿي. عوامي شاعري، شعور جو مٿاهون پد پيش ڪري
ٿي، ۽ پنھنجي زبردست قوت ۽ نازڪ احساس جي ترجماني
ڪري ٿي.“
سنجهوري جي ڀرسان ڪنھن ڳوٺ جو آچر نالي سگهڙ/شاعر
جي شعر مان انتخاب ڏجي ٿو:
ڪوڙا ٺڳَ جوڀن! تنھنجي ڪل پئيسون ڪل،
عضون جي آچر چئي، اڳين نه اٽڪل،
پھرين پيرن پاڻ لکايو، جي پنڌ جا هئا پرول،
هٿن حاج ڦٽي ڪئي، جي ڪم جا هئا ڪرول،
مونن موج ڦٽي ڪئي، جي آهو هوا ارجل،
چين چس ڦٽي ڪئي، جي کڻندا هوا خلل،
اکين جر ڦٽو ڪيو، جن دهوڙيا ٿي دل،
وارن واس ڦٽو ڪيو، جنتي ڀنئور ڪندا هل ڀل،
ڏند سٽاڻا شينھن هوا، سي ڇڻي پيا ڇاهل،
چُڪَ نه وڃي چيلھه مون، ٽنگه نه اڳين ٽل،
پوءِ اوڏو ٿيو اجل، پھر رهيو اچي پوءِ جو.(5)
مفيد شاعري:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اڻويھين صدي جي چاليھن ۽
پنجاهه وارن ڏهاڪن ۾ سنڌي شاعريءَ جي فن ۽ خاص طور
اظھار ۽ لغوي ذخيري جي واهپي ۽ حفاظت لاءِ عام ۽
خاص ماڻھن جي ذوق سخنوريءَ ڏانھن ڳوڙهو ڌيان ڌري،
سنڌ جي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي ان جو ادراڪ حاصل ڪيو ۽
مشاهدو ڪري، انھن احساسن کي يڪجا ڪرڻ جا جتن پئي
ڪيا. اهڙن ذخيرن کي سن
1945ع،
1946ع
۽
1947ع
۾
”سنڌ
مسلم ڪاليج مخزن“
ڪراچي ۽
’مھراڻ‘
جي اوائل دور ۾ مفيد شاعريءَ جي طور تي شايع
ڪرايو.(6)
”مفيد
شاعري“
کي واضح ڪندي ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته،
”اسان
سنڌي زبان جي ٻه اکرن ۽ ٽه اکرن لفظن مان ڪن انوکن
کي نظم جي ڌاڳي ۾ پوئي
”مفيد
شاعريءَ“
جي نالي سان پيش ڪريون ٿا. هن ڏس ۾ سنڌ جي هڪ
نامعلوم دهقاني شاعر پنھنجي هڪ بيت ۾ اڳ ئي شروعات
ڪري ڇڏي آهي. آءٌ اهو بيت سُڻي حيران ٿي ويس ته
ڪيئن نه ويچاري ٻھراڙيءَ جي شاعر هي نئون خيال
ڳولي ڪڍيو، جنھن جي ذريعي سنڌي زبان جي عجيب و
غريب لفطن جي تشريح نھايت عمده سليقه سان ٿي سگهي
ٿي. سندس بيت هي آهي:
هش چئجي ٻڪري، رڍ چئجي هُڙ،
ڪڪڙ پوي اَنَ ۾ تنھن کي چئجي ڪُڙ،
اُڀ ۾ جي ڪڪر ٿين تن کي چئجي جُھڙ،
پُڙ رکي پُڙ تي جنڊ کي چئجي جُڙ،
سڄڻ مليا سڄڻين ڳالھيون مڙيئي ڳُڙ.(7)
ڊاڪٽر بلوچ، انھيءَ نھج ۽ نموني تي سنڌي الف جي
هرهڪ اکر تي قافيه ٻڌي، مفيد شاعري جو ديوان مرتب
ڪرڻ گهريو پئي. انھيءَ ديوان جي ابتدا جي قافيي تي
ٻڌل نظم سان ڪئي وئي. اهي نظم
”سنڌ
مسلم ڪاليج مخزن“
۾ ڇپايا. بعد ۾
’ن‘
جي قافيي تي تشڪيل ڏنل نظم،
’مھراڻ‘
رسالي جي مئي- جون ۽ جولاءِ
1946ع
(ص
55
۽ ص
56)
۾ شايع ٿيا. جي هت پيش ڪجن ٿا. بعد ۾
’ل‘
جي قافيي وارا نظم
’مھراڻ‘
آڪٽوبر ۽ نومبر
1946ع
جي رسالي (ص
19
۽ ص
20)
۾ ڇپيا.
ڊاڪٽر بلوچ سال
1969ع
۾ ڇپيل
’مھراڻ‘
رسالي جي شاعر نمبر
1-2/1969ع
۾
”مفيد
شاعري“
جي عنوان هيٺ مضمون لکيو، جنھن ۾ الف- پ- ل- م- ن-
و- هه ء ي جي اکرن وارا نظم شايع ٿيل آهن.(8)
1-
رڇ چوين، ٻانڏو چوين، توڙي چوين ڀن،
2-
گهڙي چوين، پلڪ چوين توڙي چوين کن،
3-
عمر ۾ جو هڪجيڏو، تنھن کي سڏن سن،
4-
گڏا اُڀا گاهه جا، سي سٿي ٺاهن دن،
5-
هڪ نيئڇ سندو، ٻيو آ ڪڙيئي ڪسيءَ سندو ڳن،
6-
پن، رڻ پٽ، ڪنھن جوءِ سڏن ڇن،
7-
ڪٿ ڪڙيا ڇپر، ڪٿ لانڍي ڪٿ ڇن،
8-
پيرن سندي پن تنھن کي عام چون ڏن،
9-
سون، رپي، چاندي سوا ٻئي نه سڏن ڌن
10-
ٻوراني جا ٻوڙا تنھن کي پرس آکن پن،
11-
وڻن ٻوٽن سندا پن، ڍڪي ڳالھه رکن پن،
12-
مرونءَ سندو ٿم، اصل ٿان منجهان ٿن،
13-
مڙس مئي، وات پئي، اوڇي آني رن،
14-
زال توڙي جوءِ توڙي عورت توڙي رن،
15-
ڀاڳيا سنھي مال سندا ڳڻي ڏين ڪن،
16-
ڪٽر پوي مڙس کي ۽ مڙس رکن ظن،
17-
فقيريءَ جو ڦند آهي ڦورن سندو فن،
18-
محب مٿان گهور مرد تن توڙي من،
19-
لڳ ڳلي ان جي تون، ٻيون ڏيئي ٻن.
1رڇ،
ٻانڌو ۽ ڀن سڀ هم معنيٰ آهن: جيڪي وڻيئي سوچهءُ
چوندا آهن: فلاڻو منھنجو سن آهي يعني منھنجو هم
عمر. پيرسن يعني پير مرد، سڪل گاهه جا بند اڀا لڳو
لڳ گولائيءَ ۾ سٿبا آهن. انھيءَ کي دن چون (نواب
شاهه ضلع ڏاکڻو ڀاڱو وغيره)، نيئڇ يعني اوزار جو
ڳن. ٻيو ڪڙيي يا واه جو منڍ تنھن کي ڳن چئبو. چوند
آهن فلاڻو ڪڙيئي جي ڳن ۾ آهي ۽ آءٌ پُڇِڙيءَ ۾،
انھي ڪري هن کي پاڻي ملي ٿو ۽ مون تاءِ رسيئي نٿو.
ويڙ يا ويڙه، جوءِ، ڪوڇو، گجو، ٻيلھاڙو، ڇن وغيره
مختلف معنيٰ ۾ مختلف جوئن جا نالا، انھيءَ ڪري
شھرن جا نالا ڇن ۽ ڇني به هن ئي معنيٰ ۾ آهن والله
عالم جنڊي تي ڪکائون ڇپر ٻڌندا. ڇپر کي ڪڙ به چون.
لاڙ وغيره طرف ڇپر کي لانڍي سڏين. لانڍي اڪثر ڇتين
واري ڇپر کي چئبو. لاڙ ۾ ڪٿي ڇپر کي ڇنو به سڏين،
مگر ڍورائين ڇني کي. لاڙڪاڻي طرف وري ڇن چون. مگر
لانڍي جو نالو سنئين ڇت واري منھن تي به آڻي
سگهبو. ڇنو به درحيقي منھن جو نالو آهي، جو ڇپر
اڳيان اڏيندا آهن. بھرحال ڇنو ۽ ڇپر ٻه مختلف شيون
آهن. شاعر چوي ٿو: سدا سونھن ان جا ڇنا ۽ ڇپر. ڇپر
ٻنھي پاسي لھوارو ٿيندو، ۽ نھين ڏيئي ٻڌبو. ڇپر
ٻڌڻ چئبو، ۽ ڇنو يا منھن اَڏڻُ چئبو. شاديءَ جو
ڇنو يا منھن مشھور آهي. چوندا: مينھن وسي ٻه پھر،
ڇنو وسي ڇھه پھر. ڇپر معنيٰ اجهي جي به آهي. چوندا
ته فلاڻا رڳو ڪکڙا اڏي ڇپر ڪري ويھي رهيا، يعني
اجهو يا ڇانو ڪري ويھي رهيا. انھيءَ معنيٰ ۾ شاهه
فرمائي ٿو: تون الله، تون آسرو، تون ڇپر، تونءَ
ڇان. پرس يعنيٰ ماڻھو. ٻوراني جي پن لڻي منھن تي
وجهندا، پيرون ۽ پٿيون ٺاهيندا، ۽ هيٺيان فرش
وڇائيندا. سنھو مال يعني رڍ ۽ ٻڪري.(9)
جنگناما:
جنگين، معرڪن ۽ مقابلن جا اهڙا بيان، جن ۾ بيان جي
سھڻائيءَ سان شعر هجن، مگر خالي احوال نه هجي،
جيئن ڳاهون، بيت، نظم ۽ شعر کي
”جنگنامو“
چئبو.
هيءَ وضاحت لازم آهي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب
”رزميه
شاعري“
لاءِ لفظ
”جنگنامو“
يا
”جنگناما“
ڪتب آڻي ان موضوع ۾ وسعت آندي. شاهه لطيف لفظ
”ڪيڏارو“
آندو.
جنگ نامو ڪنھن به راڳ ۾ ڳائي سگهجي ٿو. جنگ جي سُر
ڪيڏاري راڳ ۾، پر ڪنھن راڳ ۾ به ڳائي سگهجي ٿو.
سنڌي جنگنامن جي روايت ۾ دودي چنيسر جي ڳالھه سڀ
کان پھريون ۽ وڏو
’جنگنامو‘
يا
”جُُنگ
ڪيڏارو“
آهي، جنھن تي
1976ع
۽
1977ع
۾ ڪتاب ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو. سن
1974ع
۾
”جنگناما“
نالي شايع ٿيو، جو هن موضوع ۽ هيئت تي نه فقط
سنڌيءَ ۾ پھريون ڪتاب آهي، پر دنيا جي ادب ۾ منفرد
ڪتاب چئي سگهجي ٿو.(10)
خليفي نبي بخش صاحب کرڙي جي جنگ ۾ سنڌ جي
انهن سورهين واري سمان کي سامهون رکندي پنھنجي
رسالي ۾
”سر
ڪيڏاري“
۾ هيٺين ريت ڳايو آهي:
فصل-1
شجاع! نيڪ صلاح، وٺ ته ويري نه پـَـسين
ڄاڻي هيڪ الله، قلم جنهن جي هٿ ۾.
---
شجاع سنڌ مَ ويهه، اوڏا اڏي نجهرا
هيءُ تني جو ڏيهه، حامي حيدر جن جو.
---
شجاع ويهه مَ سنڌ، اوڏا اڏي
نجهرا
هتي راوت رند، وتن قلعي ڪوڏئا.
---
اچي اڄ امير، کرڙيءَ خيما کوڙيا
ڀيچي ڀيڙا نه ٿيا، مهند نه آيا مير
ڏنو سر سـُـڌير، مرتضيٰ ميدان ۾.
---
کرڙي کائي رت، ڀـَـت نه وجهي وات ۾
پڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت
جني نيڻ نـِـستَ، نينهن نه لائي تن سين.
---
کرڙي کائي ماهه، پيئي رت پياليون
ويٺي سڏي شاهه، جو ڏيندو سر ڏياچ جان.
---
کرڙيءَ کُـُـپن پير، ته مون وڏو وس ڪئو
ڪوڙين ڀڳا ڪيترا، ٻڌي دنگ دلير
وڏو سڄي وير، ڪنهن پر ڪهي ڪاٽيان.
---
ڪونڌ قلعي جا ڪوڏيا، نُـُـونڌ نچندا پـَـس
ڇڏي تن ترس، پلٽيو شاهه پٺاڻ تي.
ڪونڌ قلعي جا ڪوڏيا، ڪانئين مور نه ڪن.
ايندي لاٿو آسرو، توڙئون مٿان تن
جوڳ مچائي جن، پوک پچندي تن جي.
---
پـِـره جهـُـلندا پس، علم
طوق امير جا
ڌڙ ڌرتيين گڏيا، لوٿون لڇن لس
حـُـورون پائي هس، اچي ويٺيون اوڏڙيون.
---
ڪري پوه پٺاڻ، اچي پئو اوچتو
دَؤڙئا لک درياه ڏي، تارُو رکي تاڻ
جنهن مرتضيٰ سين ماڻ، سو راه ڀريندو رُُڪ جي.
---
مٿي آرڻ اڄ، ڪونڌ ڪڏندي آئيا
پڙ ۾ پهلوانن کي، لڏڻ ڏي نه لـڄ
ڀيٽُــُو وڃن ڀـَـڄ، سائوُ ٿين سامهان.
---
پڙ ۾ پـَـوڙيءَ رنگ، مانجهين رتا مولهيا
تريا رت تـُـرنگ، رڻ ۾ راماڻا ڪري.
---
ڪٽاري ۽ ڪات، مـَـن مرادون پـُـنيون
رت ڀريائون وات، مانجهين هڏ مـُـڇائيا.
---
هـَـلو مـَـلهو مانجهيا! ويريين وٺون وير
جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، پوءِ ڳڻبا پير
ٿيندو سڏ سوير، صبح شهيدن کي.
---
سـُـڃاتائون سڏ، جيءُ جيءُ ڪري اٿيا
غازي ٿيندا گڏ، اَمل علي شاهه سين.
فصل-2
سو مـَـر مرڪي مير، مـَـل جنهين جو مرتضيٰ
دٻائي دشمن کي، ڪنڌ ۾ کوڙي ڪيرُ
هادي همـه
گير، هڻي ڪـُـند هٿن سان.
---
مرتضيٰ جي من ۾ وڙهڻ جي وائي
شجاع سالم سنگتي، ساڻس سپاهي
قضا الاهي، آئي سر امير جي.
---
سوڀون سر گهـُـرن، سر ري سوڀ نه سپجي
سوڀ برابر سـِـسـِـيون، توريان تان نه ترن
جي هينئڙي منجهه هـُـرن، سي مـُـل مهانگا سپرين.
---
سـِـسـِـي لٿي سوڀ، جي هوند پايان پاند ۾
هي جڳ سوڌو لوڀ، هو پڻ گهوريو گهوريان.
---
سؤ سـِـسين ڏيئي، وک وٺجي هيڪڙي
جنهن نيزي سر نيئي، مرڪايو ميدان ۾.
---
رڻ ۾
متي راند، اڄ اگهورِي آئيا
ڪونڌن ڪـُـلها گڏيا، پاسي ٿي پـَـسماند!
چمڪيون چئني پاند،
مٿي سـِـر سرواهيون.
---
هيءُ گل گولي شاه، پرکا ڪارڻ پوکئو
ڪندو سنجهه صباح، مقابلو ميدان ۾.
---
مرڪايائون مير، پت پاريائون پانهنجي
اهڙو مڙد مـُـنير، گهر سڀاڳي سپجي.
---
وڙهه وڙهندن ساڻ، هيڻي هڻ م هٿڙا
ڪڏائي ڪيڪاڻ، غازي! مار غنيم کي.
---
مـُـڇن مٿي هٿڙا، رت ڀڪليا وار
ڇٽا دَس دَيون ڪري، گڙيا گرز غبار
اچي اڙد امير تي، اُلٽيا انڌوڪار
چونڊيو چئني پار، ٿو ڀاڱا ڀيچين کان وٺي.
---
هٿين، چَڪين، ڪاتيين، وڙهج ويريءَ ساڻ
پهرين مارج پاڻ، ته سوڀ ملي ئي سٿري.
---
ڪٽارو م ڪڍ، ويريءَ جي وجود مان
وڍئو ويٺو وڍ، اُنڊو وجهي آڱرا.
---
جان جان جهيڙو نه ڪري، تان تان ناهي سک
وڍئو ويريءَ آڱرا، ڀـُـڃئو لاهي بک
راوت هٿان رُڪ، رت ۾ راماڻا ڪري.
---
هڻ ڪٽارو ڪات، ويري ويرم نه سهي
مڇڻ ڪا مصلحات، ڪانئر وجهيئي ڪن تي.
---
ڪانئر سندي، ڪن تي ٻولي هڏ م ٻـُـنڌ
مر ته موچارو ٿئين، هيءَ نه موٽڻ مـُـند
ڪـَـڇن منجهان ڪـُـند، پٽي ڪڍ پٺاڻ کي.
---.
رڻ، راوت ۽ رُڪ، ٽيئي پرتا پاڻ ۾
پيتائون پـُـر ٿيا، منجهان سيف سـُـرڪ
تيموري ترڪ، هاڃو ڪري هليا.
---
هاڃو ڪري هليا، ٿيو شاهه شهيد
روزو ڇٽو رڻ ۾، اڳيئون آين عيد
مرشد ۽ مريد، هر دوئي هيڪ ٿيا.
---
ڳائو ڳجهه
کاءِ، ماهي ماس نه هيرئين
تني کي واجهاءِ، ڪلنگيون جن ڪپار ۾.
---
ڳجهون نه ڳاڙهي وات، مون لمندي ڏٺيون
جيڪس مانجهي ماريا، رڻ ۾ پيين رات
پڪارون پرڀات، ٻڌم ٻانهيارين جون.
سنڌي سينگار شاعري:
”سنڌي
سينگار شاعري“
بيشڪ هڪ جداگانه فن آهي، جو گهڻي گھري ڄاڻ سبب
نھايت جاذب اظھار جو اهڙو انوکو نمونو آهي، جنھن
کي سنڌي شاعريءَ جي پارکن ۽ خاص خصوصيتن جي عالم
محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان جي انفراديت قائم
ڪرڻ لاءِ ان کي
”سنڌي
سينگار شاعري“
لکيو آهي. سنڌي سينگار شاعري لاءِ چيو ويو آهي ته
اها
”هندي
سينگار شاعري“
جي اثر سان نروار ٿي. لغوي لحاظ کان
’سينگار‘
لفظ جو مصدر
’سينگارڻ‘
اصل سنسڪرت شِرنگار معنيٰ ٺاهه ٺوهه ڪرڻ، زيب ڏيڻ،
آراسته ڪرڻ، چٽ گل ڪڍڻ، سڌارڻ، ٺاهڻ وغيره. هنديءَ
۾ ان کي سينگار رس چيو ويو آهي.
’سينگار‘
جو جمع سينگارَ اسم مذڪر آهي ۽ معنيٰ سونھن کي
وڌائڻ جو ساٺ، ٺاٺ، صفائي، پيار، ڀوڳ. ڪبوتر جي
ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڇلو. سينگارن جو عدد، جملي سورهن:
1.
ڏندڻ
2.
منجن
3.
اٻٽڻ (بدن صاف ڪرڻ جو مصالحو )
4.
سندُرُ (سينڌ ڀرڻ لاءِ)
5.
ڪيسر (نرڙ تي تلڪ ڪڍڻ لاءِ)
6.
سرمو ڪجل
7.
بِندي
8.
تيل (وارن لاءِ)
9.
ڦڻي
10.
سڳند (بدن کي لائڻ ۽ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ
11.
پانُ
12.
مُسي
13.
تروکڙي
14.
ميندي
15.
گلن جي ڪنڍي يا گجرو
16.
مُرن کان مٿي پير ڳاڙها ڪرڻ.
”سينگار
رس“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
’رس‘
جي متعلق لکي ٿو ته:
”رس
سنسڪرت جو هڪ جامع لفظ آهي جنھن جي لفظي معنيٰ آهي
”انتھائي
لطف، لذت، خوشي يا مسرت“.
اصطلاحي معنيٰ موجب
’رس‘
سنسڪرت ۾ جماليات (Aesthetics)
جي دائري ۾ هڪ خاص فلسفي جي حيثيت رکي ٿو، جنھن جو
تعلق خاص طرح شاعريءَ ۽ ناٽڪ جي اسباب، اثرات ۽
علامات سان آهي.
”سنسڪرت
ادب جي تاريخ“
جي مصنف
’بيرائيڊ
ڪيٿ‘
ان کي قلمي واردات ۾ ڪيفيات جي نظريه سان تعبير
ڪيو آهي. محقق پنڊت حبيب الرحمان صاحب
’رس‘
کي
”فلسفه
انبساط“
قرار ڏنو آهي.
واضح ٿئي ٿو ته ماحول
’محرڪات‘
آهن ۽
’جذبهء
مستقل‘
”جذبات
جا اثرات“
ان
”جذبهء
مستقل“
کي رس چيو ويو آهي. اهڙا نو
9
مستقل جذبات ارتقائي منزلن مان گذرن ٿا:
1.
عشق
2.
کلڻ
3.
رحم
4.
غضب
5.
بھادري
6.
دهشت
7.
نفرت
8.
حيرت
9.
سڪون.(11)
ناز منجهارا نڪري، جڏه پرين ڪري ٿو پنڌ
ڀونءِ پڻ
’بسم
الله‘
چئي، راه چمي ٿي رند
اڀيون گهڻي ادب سين، وٺي حورون حيرت هنڌ
سائينء جو سوڳنڌ، منهنجو ساجن سڀنئان سوهڻو!
(سر بروو سنڌي)
سيد ميين شاه عنايت رضوي غالباًً پهريون دفعو، سر
مومل راڻي ۾ مومل ۽ سندس سهيلين جي حسن جي مجازي
تعريف زياده کليل الفاظ ۾ ڪئي ته:
گلبدن جون گجريون، اِرم اوڍيائون
چوٽا تيل ڦليل مان واسينگ ويڙهيائون
انهيءَ پر، عنات چئي، راڻو رانيائون
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو گل گجر کي گڏئو!
ڀٽائي صاحب انهيءَ مضمون ۾ اڃان به اڳتي قدم
وڌايو، ۽
”سر
مومل راڻي“
۾ هن رنگ جا ٽي بيت چيائين جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ
آهن:
1.
جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس
چوٽا تيل چنبيلئا، ها ها، هو، هٻيس
پسئو سونهن، سيد چئي، نينهن اچن ٿا نيس
لالڻ جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي.
2.
جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون
عطر ۽ عنبير سان، تازا ڪئائون تن
مڙهيائون مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن
سونهن رپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن
ڪيائين لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن
منجهه مرڪئس من،
”سوڍي
سين سڱ ٿئو“.
3.
سون ورنيون سوڍيون، رپي رانديون ڪن
اگـــــــر اوطاقـــــن ۾، کٿوريـــــون کٽن
اوتيائـــــون عنبير جـــــا، مٿي طـــــاق تڙن
ٻاٽن ٻيلون ٻڌيـــــون، پسئو سونهن سڙن
ٿيا لاهوتي، لطيف چئي، پسڻ لئه پرين
اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪورئا ڪاپڙي.
صابر موچي پنهنجي وقت ۾
’سينگار
شاعري‘
جو وڏو شاعر هو ۽ هيٺين بيت مان ظاهر آهي ته هن
پهريائين
’هندي
سينگار رس‘
شاعري جي اسلوب ۾ اهو بيت چيو. هن بيت ۾ هڪ سگهڙ
جي روايت موجب
’صابر‘
بدران
’صابن‘
نالو آيل آهي
’صابن‘
به ناري جي طرف هڪ وڏو سگهڙ ٿي گذريو آهي. ٻئي
سگهڙ هيءُ بيت
’صابر‘
جي بدران
’ساجن‘
جي نالي سان پڙهيو. البت گهڻن سگهڙن جي روايتن ۾
نالو متفقه طور
’صابر‘
آهي.
1.
گهونگهٽ اوٽ دراه چلي، شب شام گهٽا ته به ترنا
ترني
2.
گت پِيل جمي ڪٽ ڪيسرڪي، دونينان تي هر نا هرني
3.
ڦن پيٺ بَنودو اڀم ڪنڊت بَينت بَرنا بَرني
4.
ڪيبَڪ، ڪوئل، ناس ڪڪيهل، مورلنوي تا سرنا سرني
5.
رخ رابيل ڪنول ڳل تيو رن، مک ڪاجل دي ارنا ارني
6.
صابر مان گمان ڪهي، ڪلاند پاس ڌير ڌرنا ڌرني
](1)سھڻو
صورتوند منھن ڍڪي گهونگهٽ ڪري ناز مان هلي، ته رات
جي اوندهه جي باوجود کنوڻ وارا تجلا آهن. (2)
هاٿي واري رفتار وانگر قدم ڄمائي هلي، ۽ چيلھه
ڪيھر شينھن وانگر سنھي ته سندس ٻه اکيون سھڻيون
هرڻن واريون آهن. (3)
سگهڙن جي ٻڌايل معنيٰ موجب ڦن = واسينگ نانگ،
پيٺ = هاٿي. ٻئي سگهڙ چيو ته پيٽ = چنڊ (؟) (4)
ڊيل (ڪبڪ) وانگر سھڻي هلڻي، ڪوئل واري مٺي ڪوڪ
طوطي وارو سھڻو نڪ، مورجي مٺي لات (اهي سڀ وصفون
محبوب جون). (5)
منھن رابيل گل جھڙو سھڻو، رخسار ڪنول جي گل جھڙا
سھڻا رنگين، منھن سرمائي اکين وارو سھڻو، ڏسي ڇا
ڏسجي! (6)
هن سٽ جون مختلف پڙهڻيون آهن ۽ معنيٰ به مبهم
آهي.[
سگهڙ لال بخش موچي چيو ته: سندس وڏو ڏاڏو هوت موچي
وڏو سگهڙ هو، سو چوندو هو ته صابر هن بيت ۾
’مومل‘
جي حسن جي تعريف ڪئي آهي. چيائين ته پيٺ = هاٿي،
ڪٿ بيل = ڏاند جي پيشاني جيڪا سھڻي ويڪري ٿئي،
راڄل = اڇو گل، ۽
’سنگ
نل‘
به هڪ گل آهي. صابر جا هيٺيان ٽي بيت مجازي رنگ
واري
’سينگار‘
۾ چيل آهن.
(1)
قھري ڙي قھري، هن جو ڳـــُوڙهه ڳرن کون اڳرو
سر ڀنڀي صابر چئي، آ بلندئون هي باري
ڪامڻ ڳچي ڪونج جي، آهو اکياري
ڏوڏر ڏند تھين جا، جيئن آفا ۾ واري
هيء مھري موچاري، هن کئون هاٿي هلڻ سکيا.
(2)
نڪي ڪامڻ ڪام، نڪي اره انبوريا
سر ڀنڀي صابر چوي، وجهي گنير گام
ڊهون تنھين جون ڊام، ٿي ماريون ماريءَ جان وجهي
(3)
نڪي تاره تاءِ، نڪي اره انبوريا
سر ننگي صابر چئي، آهي آڏت جي اهاءِ
ڪلي ڪيفي سا، ٿي ٻه پارا ٻاڻ هڻي.
سنڌي هنر شاعري:
سنڌ جي سگهڙن جي ڪچھري عقل ۽ شعور جي کوج ۽ حاصل
ڪيل نتيجن جي اظھار جو اهڙو من مھڻو مقام آهي،
جنھن تي دل کولي داد ۽ خراج پيش ڪري عزت افزائي ۽
همت افزائي ڪئي ويندي آهي.
سگهڙن جي ان ڪچھريءَ ۾ هڪ مرغوب صنف
”هنر
شاعري“
جي به آهي. جنھن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب
”سنڌي
هنر شاعري“
چيو آهي، جا بنيادي طور تي
”تجنيس
جي شاعري“
آهي، تَجنِيسَ جو جمع تجنيسون آهي، عربي زبان جو
هي لفظ اسم مؤنث آهي، جو جَنَّسَ يعني جنسوار ڪرڻ،
جنسن ۾ ورهائڻ، هڪجھڙائي ڏيکارڻ ۽ مشابھت معلوم
ڪرڻ آهي. تنجيس جو تعلق
”علم
بديع“
سان آهي. ان علم موجب ان جا خاص قسم ٻه آهن: (1)
”تنجيس
تام“
يعني
”پوري
تجنيس“،
(2)
”تجنيس
ناقص“
يعني
”اڻپوري
تجنيس“.(12)
غزل، قافي ۽ هنر ٽيئي جدا صنفون:
ڪن شاعرن ۽ سگهڙن
’هنر
شاعري‘
کان متاثر ٿي، شاعري جي ڪن ٻين صنفن ۾
’صنعت
تنجيس‘
سان ذو- معنيٰ لفظ آندا آهن. مثلاً شمس الدين بلبل
هيٺئين غزل
’هنر
شاعري‘
واري هنرمندي سان سِڪن جا نالا آندا:
تون رک هميشه روپيو ان رمز راز ۾
آڌي
اُٿي تون سڙ پيو ان سوز ساز ۾.
1.
ڪنھن دام ۾ دنيا جي ٿئي پائلي نه بند
ڦاسن ٻياني مگس انھيءَ شھد آز ۾.
2-
آني تي ماڪيان ٿي ويھي گنج تي بخيل
هلندي ٽڪي جي ٽور ڇا پرواز باز ۾.
3-
سک تون سدائين عادتِ عجز و فروتني
پرچي ٿو پئسو نئڙت زاري نياز ۾.
4-
ڪج تون نه ڪو فڪر ڪسيرو قليل جو
پرواه بيش ڪم نه نشيب و فراز ۾.
5-
پائي نه خبر
’بلبل‘
قسمت جي قيد کان
وجهندي ڪا آڻي دامن دور و دراز ۾.
]روپيو= رو+پيو= مُنھن ۽ رخ پيو رک، اهو روپ يا
شڪل. آڌي= اڌ رات
1.
پائلي= پاءِ (=پير)+ ولي= ولي الله جو پير. ٻياني=
ٻيا+ني
2.
آني= بيضي. ماڪيان= مادي ڪڪڙ. ٽڪي جي ٽور= آهستي
هلڻ.
3.
پئسو= پئي+سو
4.
ڪسيرو= ذري جيترو، ذرو
5.
پائي= لڏي، مِلي [.
اهڙيءَ طرح موجوده دور جي سگهڙ شاعر عثمان کٽي
پنھنجي هيٺين قافيءَ ۾
’جنس
مڇي‘
مان مڇين جا نالا استعمال ڪيا:
|
ٿلھه: |
ڏاڍو پلي سان اٿم پيار اديون
سھڻي ڏاهي هجي، توڙي سينگار اديون |
|
1- |
پوئڪي
مون سمجهيو صاف چٽو
ڏاڍو ڦُندڻيءَ ۾ مون فرق ڏٺو
گندري گندڻ توکي لڳو آهه سٺو
ڪيم کڳي کي کيڪار اديون. |
|
2- |
دوءِ
کؤن شل دور رهان
هر هر سڻي مون سور سھان
ڏاڍي ڪِڪَ ڪچڙ ڪورُ ڪھان
هجان ٽولي دَرڙي دار اديون. |
|
3- |
مَڪَ
من ۾ مچ مچايو آ
ڏاڍو ڏنڀري ڏيل ڏکايو آ
ويتر ٿيلي ٿر ٿر لايو آ
ڪيم وڏ-واتي واپار اديون. |
|
4- |
کٽي خوشيءَ مان ٻول پڙهيو
سيني سَمَڪ سندو خومار چڙهيو
ماهي ماهي
مون ته جيءَ سان جڙيو
حُوت حُوت
پڪاريان هر وار اديون. |
سنڌي اَساسي شاعري:
اعليٰ سنڌي شاعريءَ جي وڏن ذخيرن جي معلم ۽ محقق
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌي شاعريءَ جي مختلف
قسمن جي ذخيرن جي فني، فڪري، لغوي ۽ ارتقائي
پھلوئن ڏانھن ڳوڙهي نظر رهي. سڀني قسمن جي ذخيرن
سان گڏ
”سنڌي
اساسِي شاعريءَ“
جي وڏي ذخيري جي حفاظت، سھيڙ، تحقيق ترتيب ۽ اشاعت
جو اونو به رهندو آيو.
ڊاڪٽر بلوچ
”شاهه
عنايت الله عرف
’ميين
شاهه عنات‘
جي ڪلام کي
”اعليٰ
سنڌي شاعري“
جو پھريون شاهڪار چيو آهي.“
اڳتي ان جي اشاعت جي ڳالھه چوريندي چوي ٿو ته:
”ان
جي اشاعت
”ڪلاسيڪي
سنڌي شاعري“
جي ميدان ۾ هڪ وڏي انقلاب کان ڪنھن پر ڪم نه آهي.“(13)
”ميين
شاهه عنات جو ڪلام“
توڙي جو پھريون ڀيرو آڪٽوبر
1963ع
۾ ڇپيو، پر ان تي محقق جو تحقيقي ڪشالو
1944ع
کان ڪرڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا. اَٺ سال بعد ماهوار
رسالي
”نئين
زندگي“
ڪراچي جي فيبروري
1952ع
جي رسالي ۾ سندس مضمون
”شاهه
عنات رضوي ۽ شاهه عبداللطيف“
جي عنوان سان ڇپيو. هن رسالي ۾ ڊاڪٽر بلوچ
”اعليٰ
سنڌي شاعري“
۽
”ڪلاسيڪي
سنڌي شاعري“
اصطلاح يا مجموعي الفاظ ڪتب آندا
”ڪلاسيڪي
سنڌي شاعريءَ“
مجموعي طور
”سنڌي
اساسي شاعري“
جي اعليٰ فني ۽ فڪري همه گيريت سان مطابقت موجب
ممڪن نه ٿي سگهندو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مارچ
1968ع
۾ جڏهن
”سنڌي
رسالو“
شاهه لطف الله قادري (1020-1090هه)
جو ترتيب ڏيئي شايع ڪرايو، تڏهن ان جي مھاڳ ۾
”سنڌيءَ
جي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري“
اصطلاح استعمال ڪيو.(14)
ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته: شاهه لطف الله قادري (1020-1090هه)
جي
”سنڌي
رسالي“
جو دستياب ٿيڻ ۽ پڻ سندس ٻئي ڪتاب
”منھاج
المعرفت“
جو ملڻ سنڌي علم ادب لاءِ هڪ نيڪ فال آهي. انھن
ٻنھي ڪتابن مان هٿ ڪيل ساڍن ٽن سَون کن بيتن جو هي
آڳاٽو ۽ ناياب ذخيرو، سنڌيءَ جي اساسي (ڪلاسيڪي)
شاعري جي تاريخ کي روشن ڪري ٿو.(15)
اهو واضح ٿيو ته ڊاڪٽر بلوچ ڪلاسيڪي شاعريءَ کي
”اَساسي
شاعري“
۽
”اعليٰ
سنڌي شاعري“
جي اصطلاحن ۽ لفظن سان پڌرو ڪيو آهي.
لغوي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته
’اساسُ‘
عربي زبان جو لفظ آهي ۽ مذڪر جي حيثيت رکي ٿو.
واحد طور ڪم ايندڙ لفظ، بنياد، پاڙ، جڙ، پيڙهه جي
چئن معنائن ۾ ڪتب اچي ٿو.(16)
سنسڪرت ۾ به لفظ
’آساسُ‘
استعمال ٿئي ٿو، پر ان جي معنيٰ آهي، ساهه جي روڪ
يا بندش(17)
اَساسي شاعريءَ مان مراد ٿيندي، ڪنھن خاص تھذيب
يافته زبان ۾ مروج اهڙي شاعري، جنھن جي فڪر ۽ فن ۾
لاڳاپيل ڌرتيءَ جي تاريخ، تمدن، واقعات، انساني
اظھار جي اهڙي انفرادي آواز، غم ۽ خوشيءَ جي آهنگ
ذريعي منفرد شڪل اختيار ڪيل
’فن‘،
جو فقط ان ئي سرزمين مان سرجيو هجي، جنھن جھڙو ٻئي
ڪنھن خطي ۾ ملي به سگهي ته اهو اتان جي اثر جو
نتيجو ثابت ٿي سگهي.
”سنڌي
اَساسي شاعري“
جي فني ۽ فڪري رخن کي سمجهڻ لاءِ مون
2009ع
کان مطالعو پئي ڪيو ۽ نوٽس پئي ورتا. ان سلسلي ۾
هڪ مقالو هن عنوان هيٺ لکيو:
”ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جون اعليٰ سنڌي اساسي شاعريءَ جي
تحقيق ۽ ترتيب لاءِ ڪيل خدمتون“
اهو مقالو سنڌي شعبي مان شايع ٿيندڙ ريسرچ جرنل
14،
سال
2011ع
۾ ڇپيو.
سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري جو بنياد يا اساس
اعليٰ انساني قدرن وارو فھم ۽ فڪر آهي: اهڙي شاعري
جنھن ۾ محض ڪنھن قصي يا واقعي جي بيان کان سواءِ
شاعرانه خوبين جي اظھار بدران ڪا اعليٰ مقصد واري
معنيٰ سمايل هجي. هن اعليٰ سنڌي شاعري جي اساس،
ڪائنات جي خالق جي وحدانيت ۾ ڪامل يقين، انسان ذات
سان محبت ۽ انساني وحدت ۾ ويساه ۽ معاشري ۾ اعليٰ
خوبين واري شخصي ڪردار جي مفھون تي ٻڌل آهي. اها
انسان جي ايمان، ارادي ۽ عملي ڪردارن جي معيار جي
تعبير آهي.(18)
اساسي شاعريءَ جو باني قاضي قادن هو ۽ کانئس پوءِ
لطف الله قادري، شاهه ڪريم، ميون شاه عنات رضوي،
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، صوفي صادق شاهه،
قنبر علي شاهه ڀاڏائي، خليفو نبي بخش
’قاسم‘،
غلام محمد خانزئي، خواجه محمد زمان لنواري وارو،
فقير عبدالرحيم گرهوڙي، بيدل سائين، سنڌي اساسي
شاعري ۾ سامي چين راءِ کي به الڳ ڪري ڪونه ٿو
سگهجي. اهڙيءَ ريت اسان جي صوفي شاعرن جي هڪ خاص
تعداد جي ڪلام جي اشاعت به فني ۽ فڪري لحاظ کان
سنڌي اساسي شاعري ۽ ڪلاسيڪي شاعري ۾ شامل ڪرڻ
لازمي آهي. انشاءَالله ترت اها ڪوشش ڪري انھن جي
قيمتي ذخيرن کي نروار ڪيو ويندو.
سنڌي عَروضي شاعري:
سنڌ ۾ عروض جو فن ته آڳاٽو رائج ٿيو، پر ان جا
دستاويزي ثبوت سڀ کان اڳ ۾ شڪارپور ۽ ٽکڙ ۾ مليا
آهن. شڪارپوري واپارين جو افغانستان ۽ ايران کان
روس تائين واپار جي تاريخ ارڙهين صدي جي پوئين اڌ
۾ چٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنھن مان هن شھر جي ماڻھن جي
قابليت پڌري آهي. شاعري جي دفترن ۾ ملا صاحب ڏنو
صاحب، ملا اويس ۽ ڪي ٻيا عروضي شاعريءَ ۾ فارسي ۽
سنڌي شعر چوڻ ۾ ناماچار حاصل ڪري چڪا هئا. البت
’صنعت‘
جي ديوان جي اشاعت به انگريزن جي دور ۾ ۽ پختي
شاعريءَ جو واضح نمونو آهي. بھرحال خسته، ثابت علي
شاهه ۽ ٻين جي شعر گوئيءَ کي به قدر جي نگاهه سان
ڏسڻ لازم آهي. عروضي شاعري قلمي ديوانن ۽ بياضن
مان نڪري جڏهن انگريزن جي دور ۾
”مفرح
القلوب“
جھڙي فارسي اخبار ۾ ڇپي تڏهن ان کي عام ڪرڻ جو
سھرو به شمس العلماء مرزا مخلص علي علوي جي سِر تي
سونھن سان سجي پيو،
’مخلص‘
پاڻ به وڏو شاعر هو. عربي ۽ فارسي سخنوريءَ جي فن
’عروض‘
جي تعليم ته سنڌ ۾ درسگاهن ۽ خانقاهن ۾ ڏني ويندي
هئي، پر باقاعده شاعرن اختيار ڪيو.
ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته:
”سنڌي
عروضي شاعريءَ لاءِ بحر ۽ وزن جي ڄاڻ ۽ عروضي
قواعد جي پابندي ضروري هئي. عبدالحسين سانگيءَ جي
وڏن معاصرن توڙي سانگي ۽ سندن ساٿين انھيءَ پابندي
جي
’اصولي‘
طور پوئواري ڪئي ۽ فروعات کي درگذر ڪيائون. هنن
سنڌ جي
”اساسي
شاعري“
واري قديم روايت موجب، سنڌي لفظن کي
”اکري
هِجي ۾ ورهائڻ“
جي بدران انھن کي روزمره جي ٻوليءَ واري عام اُچار
۽ آواز جي لحاظ سان استعمال ڪرڻ کي جائز سمجهيو.
مير عبدالحسين خان سانگي ته خصوصاً
”درسي
زبان“
بدران روزمره جي عام مروج ٻولي (دارِجا) کي ئي
پنھنجي شعر جو ذريعو بڻايو، جنھن جي لفظن جي
اُچارن ۾
”ساڪن
حرفن جا مَجمُعا هڪ نمايان نشان بنجن ٿا.
ازانسواءِ دارجا واري لب و لھجي مطابق ڪن لفظن جو
عام اُچار اکري تلفظ کان علحدو آهي. بعضي ڪن عام
اُچارن ۾ حرف علت حذف ٿين ٿا.(19)
سنڌي شاعريءَ جي انھن قسمن کانسواءِ ڪن هيئتن جو
نج سنڌي هئڻ به ثابت ڪيو ويو آهي، جيئن
’مولود‘
لاءِ اهو ته اصل سنڌي لفظ آهي، پر وائي کان نرالي
حيثييت رکي ٿو، مگر ڳائڻ خاطر جوڙيل آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي
”سنڌي
شاعري“
جي هرهڪ قسم، هيئت، فن ۽ فني گهرائيءَ جو نه رڳو
علم هو، پر عملي طور تي به طبع آزمائي ڪري ان جي
معنويت جو به ادراڪ حاصل ڪيل هو. عليڳڙهه
يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران سنڌي ۽ اردو
زبانن ۾ معياري ڪلام چوندو هو، پر پوءِ به گيت ۽
غزل تي طبع آزمائي ڪندو آيو. سندس گيت ڳائبا به
رهيا، جن مقبوليت حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر بلوچ پنھنجي شاعريءَ ۾
’ثاني‘
تخلص ڪتب آڻيندو هو. اهو ان نسبت سان ته خليفو نبي
بخش
’قاسم‘
لغاريءَ کي نبي بخش اول ۽ پاڻ کي نبي بخش
’ثاني‘
ڄاڻندو هو. سندس شاعريءَ مان انتخاب پيش ڪجي ٿو:
ڪشادو زلف جي هر تار کي،
مصطرب دل من ڇني ڪنھن وار کي.
مرغِ دل ڪئي قيد ڪاڪل ۾ جهلي،
وه وڌيءَ وتشن لب منقار کي.
ڇا بنايم دام تو صياد آ،
زلف خمخم خوب خمدار کي.
يا هي وڌ واسينگ جو يار اژدها،
پيچ ۾ جا ٿي جهلي نرنار کي.
ڪيئن مزو ديدار جو دل کي اچي،
همسفر همدم کڻي اغيار کي.
اشڪباري کان سندم غم ويو وڌي،
ڏس ڀلا تون ڏس چشم خونبار کي.
ٿئي سڻائي سر بصر
’ثاني‘
سندي،
گر رسي هي جي سندم سرڪار کي.
حوالا:
·
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ٻيلائن جا ٻول، زيب
ادبي مرڪز حيدرآباد، مئي
1970ع،
ص
1.
·
حوالو ساڳيو، ص
2
·
حوالو ساڳيو، ص
3
·
حوالو ساڳيو
·
بلوچ، نبي بخش:
”گمنام
دهقاني شاعر“،
(مضمون) مھراڻ، مرڪزي صلاحڪار بورڊ اپريل
1946ع،
ص
21
·
بلوچ، نبي بخش، پروفيسر:
”مفيد
شاعري“
(مضمون) مھراڻ، مئي، جون ۽ جولاءِ
1945ع،
ص
55.
·
حوالو ساڳيو.
·
ٽماهي
”مھراڻ“
1-2/1969ع،
ص
45ب
کان ذ تائين.
·
ڏسو حوالو،
6
ص
56
·
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر:
”جنگناما“،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
1984ع،
ص
230
تائين.
·
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر:
”سنڌي
سينگار شاعري“،
سنڌي ادبي بورڊ
2017ع،
ص
28
·
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر:
”سنڌي
هنر شاعري“،
مقدمو، سنڌي ادبي بورڊ
1991ع،
ص
1
·
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر:
”ميين
شاهه عنات جو ڪلام“،
سنڌي ادبي بورڊ، آڪٽوبر
1963ع،
ص
5.
·
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر:
”سنڌي
رسالو“
شاه لطف الله قادري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
1968ع.
·
حوالو ساڳيو.
·
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر:
”جامع
سنڌي لغات“،
ج
1،
ص
186.
·
حوالو ساڳيو.
·
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر:
”سنڌي
ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“،
پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄام شورو، ڇ،
4/1999ع،
ص
458
·
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر:
”ڪليات
سانگي“،
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد،
1969ع،
ص
68. |