سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2026ع

باب:

صفحو:9 

مولائي ملاح

 

مُھين جو دڙو _ مھاڻن جو دڙو ۽ ان جي تباهيءَ جا ڪارڻ    

سڀ کان اول ته، هي شھر ڪنھن، ڪيئن ۽ ڪڏهن آباد ڪيو. انھن جو مذهب ۽ ٻولي ڪھڙي هئي، اها ڪھڙي قوم هئي. ان کانپوءِ هي قديم تھذيب يافته شھر اجڙيو ڪيئن.؟ انھن سڀني سوالن جا مستند جواب اسان کي تڏهن ملندا جڏهن ان جي ٻولي سمجھي پڙهي ويندي. سائين انور پيرزادي جي لفظن ۾:اسان جڏهن مھين جي دڙي جي کنڊرن ۾ ايندا آهيون ته اهو احساس ٿيندو آهي ته، اسان انھيءَ جي ٻولي پڙهي نه سگھيا آهيون. اها زبان سڄي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ هن وقت تائين، نه پڙهي وئي آهي.(2) ڪجھه دوستن جو خيال آهي ته، هن شھر کي هندستان ٿر مان  آيل آرين اچي تباهه ڪيو. ڪن جو خيال آهي ته، هن شھر جي قدامت تعلق ڪورون ۽ پانڊون واري زماني کان آهي. جنھن تي انور پيرزادي لاجواب ڪندي چيو:مھاڀارت  1000 B.C ۾ لکيو ويو هو ۽ هن شھر جي عمر آهي 2500 BC هي مھا ڀارت، هندو مذهب ۽ هندو تھذيب کان اڳي جو شھر آهي. يعني هن شھر جا ماڻھو تنھن زماني ۾ رهندا هئا. جڏهن هندو ڌرم اڃا پيدا ئي ڪونه ٿيو هو. هن شھر جي حوالي سان هڪ ٿيوري اها به آهي ته آرين اچي هتان جي دراوڙن کي ڌڪي ڇڏيو.(3) هن شھر کي تباهه ٿئي چار يا پنج هزار سال ٿيا هوندا، پر اڏجندي ڪيترا سال ٿيا هوندا. انھيءَ طرح هن کي اجڙندي به ته ڪو وقت لڳو هوندو. ڪو چمتڪار، معجزو ڪونه ٿيو جو هڪ منٽ ۾ ڊهي تباهه ٿي ويو. انور پيرزادي چواڻي: مُھين جو دڙو جيڪو ڏهه هزار ورهيه اڳ جو آهي ۽ جنھن کي تباهه ٿئي ساڍا چار يا پنج هزار ورهيه ٿيا آهن، اُهو هي آهي، جتي ويٺا آهيون گريٽ باٿ معنى اسٽوپا جي ليول کان، هيٺيون علائقو جيڪو اصل آهي، اصل مُھين جو دڙو اهو آهي.(1) هن دڙي جي اصل نالي اچارڻ ۽ لکڻ بابت انور پيرزادي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. سندس چواڻي: اسان بار بار اهو مطالبو پئي ڪيو آهي ته،آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ کي گھرجي ته هن شھر جي اسپيلنگ درست ڪن ۽ موئن يعني مئلن جو دڙو لکڻ بند ڪن. جيڪڏهن هي مئلن جو دڙو آ، ته پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به دڙا آهن. اُهي مئلن ماڻھن جا دڙا آهن ۽ جيئرن ماڻھن جا دڙا ته هونئن به ٿيندا ڪو نه آهن. جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوءِ ڪاهوءَ جي دڙي کي به مئلن جو دڙو چيو وڃي ها، جھرڪ جي دڙي کي به. جڏهن ته هت هر دڙي جو الڳ نالو آهي. هن دڙي جو نالو مُھين جو دڙو آهي. (2)

موهن جي دڙي جي نسل، قوم مذهب ۽ کين تباهه ڪندڙ قوم ۽ سن مھاڀارت جي تاريخي واقعن کي رد ڪندي، سنڌ جي بادشاهه پانڊون ۽ ڪورون جي جنگ ۾ شامل ٿي، سندن مدد ڪرڻ کي به تاريخ ۾ رد ڪيو ويو آهي. آرين جو ويدڪ مذهب اُپنشد جي مذهب کان مختلف آهي. موهن جي دڙي جي ڳولا  جيڪو سال 23 _ 1922ع ۾ بئنرجيءَ ڳولي لڌو.سنڌو ثقافت ملڻ جي ڄاڻ ڏيندي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو محقق ايم.ايڇ. پنھور پنھنجي ڪتاب: سنڌ شناسي ۾ لکي ٿو: موهن جو دڙو: سال 23-1922ع ۾ موهن جي دڙي ۾ ٻوڌي اسٽوپا ۽ ٻيون وڌيڪ پراڻي زماني جون شيون ڳولي لڌيون ويون. پر اهو مارشل ئي هو، جنھن موهن جي دڙي ۾ ڪيل کوٽاين بابت پھرين رپورٽ سال 26-1925ع ۾ پڌري ڪئي.دي السٽريٽيڊ لنڊن نيوز ۾ سندس لکيل مضمون ۽ تصويرون دنيا جي آثارِ قديمه جي وڏن ماهرن انھيءَ نئين ثقافت، جنھن کي سنڌو تھذيب سڏيو ويو، جي لڌل شين کي پرکڻ جو ڪم ڪيو. سنڌو ثقافت جي ملڻ سان آثار قديمه سنڌ توڙي ننڍي کنڊ جي پراڻي تاريخ هڪ بيمثال ۽ نئين انداز ۾ ٺاهڻ شروع ڪئي. آثارِ قديمه جي مدد سان انسان پنھنجي ماضي يا تاريخ کان اڳ واري زماني کي سمجھڻ جي لائق ٿيو. 1925-1947ع، مارشل، مئڪي، ۽ پگٽ، ان وقت تائين موهن جي دڙي ۾ کوٽائيءَ جي ڪم جا خاص نگران هئا. جيستائين ويلر انڊين آرڪيالاجيڪل سروي جو ڊائريڪٽر جنرل نه ٿي آيو هو . مجمدار جي تحقيق ثابت ڪيو هو ته سنڌو ثقافت کان اڳ به پراڻن آثارن جو هڪ دور هو، پر ان جي مڪمل تصوير واضح نه پئي ٿئي. پراڻن ويدڪ عالمن جو خيال هو ته آريا هندستان ۾ 3500 ق.م ڌاري آيا هئا، پر موهن جي دڙي مان لڌل شين ٻڌايو ته سنڌو مذهب جو ويدڪ مذهب سان ڪوبه لاڳاپو نه هو، تنھنڪري سنڌو ثقافت جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ سندن اچڻ ممڪن نه پئي ٿي سگھيو. ان ڪري ئي اهو نظريو پيش ڪيو ويو ته سنڌو تھذيب جون وسنديون، حملو ڪندڙ آرين ئي تباهه ۽ برباد ڪيون، جن کي ماڻھن جي ٽن گروهن جھڙوڪ: سيميٽري ايڇ، جھُڪر ۽ جھانگر (Cemetry H, Jhukar and  Jhangar) ۾ ورهايو ويو آهي. سنڌو تھذيب جو دور طئي ٿيل نه هو، پر ويلر  ان کي 2300 ق.م. ۾ ڄاڻائي هڪ صحيح نتيجي تي پھتو. سيميٽري ايڇ ۽ جھانگر پوءِ جي دور جا. انھن ٽنھي گروهن کي آريا قبيلا سڏيو ويو، جن لاءِ چيو ويو ته هنن سنڌو سڀيتا جي ماڻھن کي ڦري لٽي برباد ڪيو، ۽ انھن ماڻھن کي دراوڙ قرار ڏنو ويو. هڪ خيال اهو به آهي ته، موهن جي دڙي جي ماڻھن جو گھڻو جياپو زراعت  ۽ وڻج واپار سان هو. درياءَ جي رخ ڦيرائڻ ڪري زراعت آبادي نه ٿيڻ ڪري، موهن جو دڙو ڦٽڻ لڳو. 17صدي ق.م. جي وچ ڌاري سنڌو درياءَ پنھنجو وهڪرو وچ سنڌ مان ڦيرايو ۽ اوڀر يا اولھه طرف گھڻو پري وهڻ لڳو. جنھن جي ڪري آبپاشيءَ جو سمورو سرشتو ٽٽي پيو ۽ ان جي ڪري زرعي معيشت تباهه ۽ برباد ٿي وئي.انھيءَ جي نتيجي ۾ 50-16 ق.م. ڌاري سنڌ جي شھرن ۾ ابتري پکڙجي ويئي ۽ ماڻھو وري وڃي مال چارڻ لڳا. ڪي ننڍا ڳوٺ ۽ شھر اڃا آباد هئا، پر عظيم راڄڌاني موهن جو دڙو جلد ئي ڦٽي غير آباد ٿي ويو.

موهن جي دڙي جي کوٽاين مان ثابت ٿيو ته سنڌو سڀيتا جي ماڻھن جي مذهب جو  ويدڪ مذهب سان ڪوبه لاڳاپو نه هو، تنھن ڪري اهو نظريو پيش ڪيو ويو ته موهن جي دڙي جا رهاڪو دراوڙ نسل جا هئا. جن کي آرين گھوڙي رٿن ۽ نون هٿيارن جي مدد سان ماري مات ڪيو. ٻيا به پنجاهه سال گذري ويا جڏهن ڊاڪٽر رفيق مغل ثابت ڪيو ته سنڌو سڀيتا جو زوال فطري سببن جي ڪري ٿيو ۽ اهو زوال جو زمانو 900 ق.م. تائين هليو. جيڪو وڌيڪ صحيح انگ آهي. اگروال ۽ ڪسومگر آرين جي ننڍي کنڊ جي جدا جدا حصن ۾ اچڻ جي تاريخ ريڊيو ڪاربان ڊيٽنگ جي ذريعي هن ريت ڪڍي آهي.

سوات 1050 ق .م.

پيرک (سبيءَ جي ويجھو) 900 - 800 ق .م .

راجسٿان 800 ق .م.

مڌيه پرديش  500 - 400 ق .م .

 اُتر پرديش   500 - 200 ق .م . 

مھا ڀارت جون آکاڻيون تاريخي واقعا ڪونھن ۽ سنڌ جي بادشاهه جئراٿ جو پانڊون ۽ ڪورون جي جنگ ۾ شامل ٿي، ڪورن جي مدد ڪرڻ رڳو هڪ آکاڻي آهي ۽ نه تاريخي حقيقت. مھا ڀارت ۽ رامائڻ 400 ق.م. ۽ 200 عيسوي جي وچ واري عرصي ۾ لکيا ويا آهن. هندو ديوتا گڻيش جي تصوير پڻ موهن جي دڙي جي ان جانور مان ورتل ڀانئجي ٿي، جنھن جو ڌڙ ڍڳي جو ۽ سونڊ هاٿيءَ جي، گھيٽي جھڙا سڱ وغيره ۽ سسي ٽٽڻ ڪري هاڻي غائب آهي. 500 ق.م. 600 ق.م. ڌاري ڀانئجي ٿو ته آرين، اُتر ننڍي کنڊ ۾ 16 رياستون يا مھاجنپد قائم ڪيون. انھن رياستن ۾ سنڌ شامل ڪيل ڪانھي.(1)  تاريخ ۾ (ق.م) مان مراد لکت کان اڳ وارو زمانو. زمين مان لڌل شين جي آڌار تي تحقيق ڪرڻ. جنھن کي تاريخ ۾ تاريخ جو ٽيون دور سڏيو وڃي ٿو. هن قديم تھذيب جي تباهي جي ڪارڻن مان هي به هڪ ڪارڻ سامھون آيو آهي. جيڪو، ايس.آر.راءُ، پنھنجي ڪتاب سنڌو سڀيتا جو عروج ۽ زوال جي مھاڳ ۾ لکي ٿو: ويلر  (Wheeler) جو خيال آهي ته هن تھذيب جا قديم شھر حمله آورن آرين قبيلن هتي سياسي طور پنھنجا پير پختا ڪرڻ کان پوءِ ڦٽائي ناس ڪري ڇڏيا هئا.(2)  هن دڙي کي ڳولي لھڻ جي سن بابت محققن جي راءِ ورهايل نظر اچي ٿي. جديد تحقيق موجب: موهن جو دڙو سنڌوءَ جي ڪناري سان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ واقع آهي. هن کي پھريون ڀيرو ڊي.آر.ڀنڊار ڪر 12-1911ع ڳولي لڌو هو. هن قديم ماڳ جي کوٽائي ۽ کوجنا سرجان مارشل جي نگرانيءَ ۾ سندس هدايت مطابق 22-1921ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي، جيڪا 1930ع تائين جاري رهي. ارنيسٽ مئڪي ڪجھه حصي جي 1927ع کان 1931ع کوٽائي ڪرائي هئي. مورٽيمر ويلر 1950ع دوران هن ماڳ ۾ موجود اناج جي ڀانڊن جي دريافت ڪئي هئي. جارج.ايف.ڊيلس (George F . Dales) 1964ع کان 1966ع تائين دڙي ايڇ.آر. (Mound H . R ) ۾ آزمائشي کڏون هڻائيندو رهيو. هن مان سندس مقصد هو ته موجوده دور جي جَر جي پاڻي مٿان اصلي مٽيءَ جي جاچ پرک ڪري سگھي. موهن جي دڙي واري ماڳ ۾ فقط ٻه دڙا آهن. هڪ دڙي کي  (Stupa Mound) جو نالو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ٻيو دڙو شھر  جي هيٺاهين واري ايراضي ءَ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي.(3)

مُھين مھاڻن جي دڙي جي تھذيب يافته  ۽ وسندڙ شھر جي آبادي جي تعداد، ذريعي معاش جي سبب ۽ آبھوا، حملا آوار قوم ۽ هن شھر جي تباهي برباديءَ بابت تاريخي حوالن سان محققن جي  عِلم ۽ قلم جي روشنيءَ ۾ پاڻ مٿي پڙهي آيا آهيون. هاڻ هن شھر تي نالو ڪيئن ۽ ڪنھن جي ڪري پيو، اهو به تاريخ جي روشنيءَ ۾ محققن جي مدد سان معلوم ڪنداسين. مان ذاتي طور تي سائين انور پيرزادو صاحب جي ان راءِ سان سھمت آهيان ته هن شھر جي نالي ۽ اڏيندڙن بابت انور پيرزادي چواڻي:هن دڙي جو نالو مُھين مھاڻا آهي ۽ هن شھر جا اڏيندڙ مھاڻا آهن.(1) هي مھاڻن جو دڙو آهي. ڪاڪي ڀيرومل مھرچند چواڻي:هن دڙي کي مُھين جو دڙو به چون ٿا.(2) سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر الطاف جوکيو چواڻي:اصل لفظ آهي مُنھون اسم سان حرف جر لڳڻ جي صورت ۾ اسم جي تبديليءَ پٽاندڙ،مُنھين ٿيندو. ان ترڪيب موجبمُھين جو دڙو ٿيندو. مُھين هڪ نالو آهي، جيڪو ڪنھن به ماڻھو جو ٿي سگھي ٿو. اهو ڪو بادشاهه به ٿي سگھي ٿو. درياهه جي ڀڪ سان ڳوٺ هئڻ ڪري اهو مھاڻو ذات جو به ٿي سگھي ٿو.(3)  ٽالمي جي لفظ مناگر سنڌو جي ماڻھن لاءِ ڪاٺياواڙ جي مناس لاءِ استعمال ٿيو آهي. ان لکت موجب سنڌ جا اصلوڪا رهندڙ سنڌ جا مھاڻا آهن.(4) موهن جي دڙي مان مڇيءَ جا ڪيترائي قسم لڌا ويا آهن. راءِ صاحب کي هڪ اهڙي ٺڪري به ملي آهي، جنھن جي شڪلين مان منڇر تي رهڻ وارن ميربحرن جي ٻيڙين، کارين ۽ پاليل پکين جو نظارو اکين اڳيان تري ٿو اچي.(5) تاريخ نويسن زماني کي ٽن حصن ۾ ورهايو آهي. ٽيون حصو جنھن ۾ قصا ڪھاڻيون نه رهيون، زمين ۾ پوريل پتل ۽ پٿر جا اوزار وغيره. جھڙا هن دڙي موهن جي دڙي مان نڪتا. جن مان پتو پوي ٿو ته هت ڪي ماڻھو رهندا هئا. ان زماني کي تاريخ نويسن تاريخ جو ماقبل (اڳيون) زمانو سڏيو آهي. جنھن جي نشاني آهي ق.م. موهن جي دڙي مان نڪتل ٻيڙين ۽ ڪاواٺيءَ جي شڪل وارين مھرن مان به  ڀاسجي ٿو ته هي مھاڻن جو ڳوٺ- شھر هو. اڄ به منڇر ۽ ڪينجھر ڍنڍ تي اهي  پکي ۽ ٻيڙيون  ۽ ملاحن جي ڳوٺن، مياڻين ۽ مڏ تي مڇي، ٻيڙي ۽ ڪاواٺي ملندي. مون پاڻ 1988ع ۾ قاضي احمد ۾ راڻو خان ملاح ۽ سندس ڀائرن کي شھر ۾ هوٽلن ۽ آفيسن ۾ ڪاواٺيءَ تي پاڻي ڀريندي ڏٺو. خود پنھنجي آفيس ۽ رهائش گاهه جيڪا نيشنل هاءِ وي تي رئيس بکر ڄام راهوءَ جي بلڊنگ ۾ قائم هئي لاءِ پاڻي ڀرايو. 1993ع ۾  جھانگارا  (سيوهڻ)،سيد ميرل شاهه جي شادي ۾ پاڻي ڀرايو.

موهن جي دڙي مان لڌل مُھرن کي پڙهڻ کانپوءِ سراج پنھنجي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:ٻي نشانيءَ ۾ مڇيءَ جي چئن ئي پاسن تي جيڪي چار ٻڙيون آهن، سي هڪ ته ان نشانيءَ کي نياتي نشاني بنائين ٿيون ۽ ان سان گڏ غني جو اچار پڻ ڏين ٿيون. هيءَ مھر ان ڪري نياتي نشان هجڻ سان، نالو پڻ آهي ۽ اهو نالو آهي جام يا ڄام، هي اسان وٽ عام نالو آهي. هن ۾ اها پڻ خصوصيت ملي ٿي ته هتي مڇيءَ جي نياتي نشان واري قبيلي جي سردار جو اهڃاڻ آهي. اسان وٽ اڄ تائين مھاڻن ۽ مڇيءَ تي گذران ڪندڙ قبيلن جي سردار کي ڄام يا ڄاموٽ سڏيو وڃي ٿو! (6)

هن دڙي مان درياهه ۽ کوهه مان پاڻي ڀري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پھچائڻ لاءِ ميربحرن جي ڪاواٺيءَ جا قسم پڻ مليا آهن. جنھن جي نشاني بابت ملي ٿو:هيءَ نشاني (ڪاواٺيءَ جي شڪل) اهڙي آهي ڄڻ ڪو ماڻھو ڪاواٺيءَ تي پاڻي کڻي وڃي رهيو آهي. هيپاڻي مھيا ڪرڻ جو طريقو(Water Supply)  آهي.(7) منھنجي خيال ۾ مُھين مھاڻن جي شھر، دڙي جي ابتدائي اڏاوت به اهڙي ئي انداز ۾ ٿي هوندي، جيئن تاج صحرائي پنھنجي هن مضمون تھذيب جا خالق ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: سنڌ جي تھذيب جي منڍ وارن ننڍن ننڍن ڳوٺاڻن گڏيل سماجن جا خالق بنيادي طور تي سنڌي ڳوٺاڻا آهن. سماج انھن کي شڪاري، هاري، ناري، مھاڻا، ميربحر وغيره سڏيو آهي. اسان وٽ اهي ننڍا وڏا ڳوٺ جن کي هر وقت ٻوڏ جو خطرو پي رهيو، سي مڏن (Plies)  مٿان اڏيل آهن.(1)  مھاڻا مڇي ماري جتي گڏ ڪندا آهن، ان کي مڏ چئبو آهي. درياهه جي ڪناري سان جيڪي به مھاڻن، ميربحرن  ۽ ملاحن جا ڳوٺ هوندا آهن ان کي مياڻي، پتڻ، تڙ چئبو آهي. موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي ڀاڃ سنڌي ٻولي واري پنھنجي ڪتاب ۾ سراج ميمڻ لکي ٿو:ڪي ڪي مھرون لفظ تڙ ڏيکارين ٿيون ۽ ائين ٿو ڀائنجي ته ان وقت جيئن ته اهو شھر دريا جي ڪپ تي هو، ان ڪري شھر کي مختلف گھاٽ، پتڻ ۽ تڙ هئا، جن تان ماڻھو مال آڻيندا هئا.دي لمن جو تڙ يا ديلمن جو تڙ ان مھر مان مون کي ڊاڪٽر ڪريمر جي دلمون واري حوالي سان، پڪ ٿئي ٿي ته دلمون نالو موهن جي دڙي جي شھر جي هڪ تڙ جو نالو هو. جو سميرين کي ياد رهيو، ڇاڪاڻ ته اتان هنن لاءِ سون، عاج وغيره ايندو هو، جنھن تي دلمون يا ديلمن جي تڙ جي مھر ڇپيل هوندي هئي.(2) مھاڻن جو دڙو هجڻ جون شاهديون ڪھڙيون آهن. جنھن جي شاهدي لاءِ پھرينسنڌ جي قديم تاريخ ۽ پوءِ سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه  کان رهنمائي وٺنداسين. سڀ کان اول ته، سنڌ ڌرتي جا اصلوڪا رهواسي ڪير آهن، مھاڻو لفظ جي معنى ڇا آهي. ڀٽائي صاحب پنھنجي شعر ۾ ان کي ڪيئن سمجھايو ڳايو آهي ۽ سماج ۾ ان جو ڪارج ڪھڙو آهي.

تاريخ سنڌ، ۾ مھاڻي کي ميد سڏيو ويو آهي. جيڪو اڳتي هلي مھاڻو ملاح سڏجڻ لڳوميد لاءِ ڪٿي پڙهيو هئم ته: جن سنڌ ڌرتي دريافت ڪئي اهي ميد هئا، اهي ئي سنڌ ڌرتي جا اصل وارث آهن. ان جي هڪ شاهدي تاريخ سنڌ ۾ هيئن به ملي ٿي:قديم زماني ۾ درياءَ پاهن (سنڌو درياءَ) جي ڪناري تي ٻه قومون رهنديون هيون. جن مان هڪڙي ته جاٽ هئي ٻي ميد. ڪھڙو عجب ته سنڌ جا هي ميد به انھيءَ عظيم الشان ۽ مشھور قوم سان تعلق رکندا هجن. جنھن اسيريا جي سلطنت کان اڳ فرات وادي جي بلندي ۾ وڏي شان شوڪت سان هڪ سلطنت قائم ڪئي هئي. اسان کي سنڌ ۾ انھن جي متعلق فقط ايتري قدر پتو پوي ٿو ته هو هڪ غير معلوم ۽ غير محدود زماني کان درياءَ سنڌ جي ڪناري تي رهنديون هيون ۽ هڪ ٻئي جون دشمن هيون.(3) انھن قبيلن جو ذڪر عرب تاريخدانن، جاگرافي نويسن ۽ سياحن تمام زبردست نموني ڪيو آهي. هي سنڌ جا قديم قبيلا جت ۽ ملاح هئا ۽ آهن. جيڪي اڄ به سنڌ جي سامونڊي ڪنارن وارن علائقن ۾ آباد آهن. جت جنھن کي عربي زبان ۾ زط چيو ويو آهي. (4) جن جا پاڻ ۾ جھيڙا رهيا جن کي راڻي دهسلا سنڌ اچي ٺاهه ڪرائي پنھنجي حڪومت ۾ وٺي سنڌ جي پھرين راڻي بڻجي جاٽ ۽ ميدن تي حڪومت ڪرڻ لڳي. تاريخ سنڌ چواڻي:سنڌ ۾ ميدن جون پراڻيون قومون ائين بنا بادشاهه جي رهجي ويون هيون.(5)

پير علي محمد راشدي پنھنجي ڪتاب: اهي ڏينھن اهي شينھن ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: منھنجو خيال آھي ته سنڌ جي پراڻي ۾ پراڻي قوم اھي مير بحر ٿي سگھن ٿا. يعني موئن جي دڙي واري قوم جي بچيل نشاني. آرين اچي شھرن تي قبضو ڪيو ھوندو. آءٌ ان راءِ جو رھيو آھيان ته سنڌ جي اصلوڪين قومن مان جيڪڏھن ڪا قوم آرين جي مارا ماريءَ کان بچي سگھي ھوندي ته اھا مير بحرن جي قوم ھوندي.(6) آثار قديمه جي تاريخ ۾ هن دڙي جي تباهيءَ جو هڪ ڪارڻ هي به ملي ٿو: ڊيلسن کي 1964ع ۽ 1965ع دوران دڙي جي 18 ميٽرهيٺ ڪيل کوٽائي مان انساني آباديءَ جا اهڃاڻ مليا هئا. اهڙي آبادي جي مختلف تھن تان پاڻيءَ سان لاڳاپيل اهڙيون علامتون مليون هيون، موجوده موهن جي دڙي کان هيٺ واري شھر جي مختلف تھن کي سنڌوءَ جي چاڙهه، ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيو.(1) موهن جي دڙي تي ٿيل آثار قديمه جي ماهر ايس.آر.راءُ، جي جديد تحقيق موجب ٻاهرئين حمله آور تباهه ڪونه ڪيو آهي. هيٺاهين شھر (Lower City)  واري نام نھاد قتلام کان پوءِ به سيٽاڊيل آباد رهيو آهي. هن جي معنى اها ٿيندي، ته اهو قتل عام ڪونه ٿيو هو. ڪن حقيقتن جي آڌار تي معلوم ٿيو آهي ته، موهن جي دڙي ۾ 3000 هزار گھر هئا ۽ آبادي 40,000 هئي. تنھن ڪري جيڪڏهن قتل عام ٿئي ها، ته ٻارن جي هڏاون پڃرن سان گڏ هزارين وڏن ماڻھن جا پڃرا لڀن ها. پر، رپورٽ ۾ فقط 30 هڏاون پڃرن جو ذڪر موجود آهي. امڪان آهي ته پاڙي ۾ ڪو جھيڙو ٿيو آهي يا اوچتو گھر ڪري پيو آهي. جنھن ڪري فقط 30 هڏاوان پڃرا مليا آهن، ته موهن جي دڙي کي ڪنھن ٻاهرئين حمله آور تباهه ڪونه ڪيو آهي.(2) سنڌو تھذيب جي آباديءَ بابت سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ ڊاڪٽر اعجاز انڙ پنھنجي ڪالم: سنڌو ۽ گنگا جمنا تھذيبن تي بار بار حملن جو سوال ۾ لکي ٿو:سنڌو ماٿري (2600 کان 1900 ق.م.) ۾ لڳ ڀڳ 50 لک ماڻھو آباد هئا.(3) سنڌ ڌرتيءَ تي ميد ۽ جاٽ قديم قومون آهن. جن جا پاڻ ۾  جھڙا رهيا آخر ۾ امن سان رهيا. جاٽ جيڪي اڳتي هلي جت سڏجڻ لڳا.

 پروفيسر عبدالله ملاح چواڻي:لفظ  مھاڻو
اصل ۾
مِيھاڻو آهي. يعني : مِيي وارو خوشبوءَ وارو. مڇيءَ جي کل مٿان جيڪا لِواري کِکَ چڙهيل هوندي آهي ان کي ميي چئبو آهي.(4) شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه  به پنھنجي شاعري سُر ڪاموڏ ۾ مِيي لفظ استعمال ڪيو آهي. جيڪا قوم قبيلو پاڻيءَ سان گڏ رهي سگھي، اها ميد قوم ئي هئي. جنھن جي شاهدي سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه ان مھاڻي کي مي، مِئَي، مَيي، مِئَڪِي چئي هيئن ڏني آهي:

·        هيڏِيءَ ويرَ ڪِئَا، ڪِينجھُرَ ۾ بَاههِ  ٻَري،

نَڪو تَارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُهَاءُ،

نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ شُعاعُ،

لَٿو پَاندُ مھان، مي چَرَ هندي مَڪُڙي.(5)

·        نوُريءَ جي نَوازِيو، ٿِيو تَماچي تي،

گاڏيءَ چاڙهي گَندِري، ماڙِهوُ  ڪَيو مي،

ڪنجھُرِ چوُندا  ڪي، ته سَچُ سَڀائي ڳالَھڙي.

·         ڪو جو ڪامَڻ مي، آهي  اَکَڙِيُنِ ۾،

تَنُ تماچيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،

عِشقُ  اِئَن ڪَري، جِئَن ڄارو ڄامَ ڪُلھي ڪَيو.(6)

·         ڄارا ۽ کارا، مالُ جنين جو مَڪُڙيون،

تماچِيَ  جي تَڪيِي، اَچنِ  سَوار،

مِئَي  مَڇِيَ  مارا، سَمي سي سيڻَ ڪِئا.

·         تون سَمُون، آئون گَندِ رِي، مون ۾ عَيبَنِ ويھَ،

پَسِي مِئَڪِي  ڌِيءَ،  متان ماڱَرِ مَٽِيين!

·         تون تماچِي  تَڙَ ڌڻِي، آئون مھاڻِي  مي،

مون ڏهاڳُ مَ ڏي، آئون جا نالي سُيَسِ  تُھِجي.

·         کاڄُ جَنِين جو کِکِيُون، مالَ جَنِين جا مَڏَ،

سمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، هِيڻَ جَنِين جا هَڏَ،

ڄام َ! پَرتِيءِ لَڏَ، سانگيَن ِ  جي، سَيَدُ  چي. (7)  

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مستند ترتيب ڏنل جامع سنڌي لغات ۾ مھاڻي جي معنى هيئن ٿي ملي: مھاڻو ج  مھاڻا: ذ. صفت. مڇي ماريندڙ ماڇي. مير بحر ملاح (ث. مھاڻي ج   مھاڻِيُون) مھاڻڪو. ج مھاڻِڪا: ذ. صفت. مھاڻي جو مھاڻي وارو. مھاڻي: ث. مڇيءَ جو قسم. مِئاڻِي ج  مِئا ڻِيُون: ث. مڇي مارڻ جي جاءِ مِياڻي. مِي: ث. مھاڻو مھاڻي. مِياڻ ج  مِياڻُون: ث. پَلي يا مڇي ماري گڏ ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ميدان ملاحن جي رهڻ جي جاءِ. مِير بَحَرُ: ذ. صفت سمنڊ جو بادشاهه ناکئو ملاح.(1) ڀٽائي صاحب جي شعر ۽ ڊاڪٽر بلچ جي مستند لغت مان ثابت ٿيو ته، مِي مِئي معنى  مھاڻو، مھاڻي ۽ ملاح .

موهن جي دڙي تي تحقيق ڪندڙ ڪجهه سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪ محققن به پنھنجن ڪتابن تصنيفن ۾ موهن جي دڙي کيمُھين جو دڙو لکيو آهي. ڇو ته، مُھين جو دڙو ۽ پاڻي هڪ ٻئي کان گھڻو پري ناهن. شروعات ۾ زمين جڏهن پاڻيءَ جي پيٽ مان جنم ورتو هوندو ته پاڻيءَ جي سھنج ڪري، آبادي ان طرف ئي رخ ڪيو هوندو. مھاڻن پاڻيءَ جي سھنج ڪري اتي ئي پنھنجا پکڙا اڏيا هوندا، پوِ اتي آهستي آهستي آبادي ۾ اضافو ٿيو هوندو. رهائش ۽ ترقي ۾ اضافو آيو ۽ هڪ مِياڻي مان وسندڙ وڏو ترقي ۽ تھذيب يافته شھر بڻجي پيو، جنھن جو گھڻو تڻو گذران زراعت ۽ وڻج واپار تي رهيو. هي منھنجو خيال آ، جيڪو غلط به ٿي سگھي ٿو. بنيادي سوال اهو آهي ته، هن شھر جي اصل نالي ۽ ان مان لڌل شين جو نالو ڇا آهي؟ ڇا هن مھل تائين هن ڦٽل شھر جي مڪمل ٻولي ڪير سمجھي سگھيو آهي.؟ جي نه ته، پوءِ منھنجي خيال ۾ في الحال ته ڪير به ڪنھن جي خيال، راءِ کي رد نه ٿو ڪري سگھي. جيئن شھرڪراچي جي ابتدا ٿي شھر ڪنھن ۽ ڪھڙي ريت اڏيو، شروع ۾ ڪھڙو نالو هيس. پوءِ اڳتي هلي ڪھڙو نالو پيس. هاڻ دنيا جي معيار  جھڙو، جديد شھر بڻجي چڪو آهي.مھن واري دڙي جي زمين تي اصل ۾ هڪ عاليشان شھر ٻڌل هو، جنھن جي نالي جي ڪنھن کي به سڌ ڪانھي. اهو شھر پوءِ ڊهي دڙو ٿي پيو ۽ اتي جا رهاڪو منجھنس دٻجي مري ويا. اهو شھر ڪيئن تباهه ٿيو ڪن جو چوڻ آهي ته، سنڌو نديءَ جي سيلاب يا ٻوڏن سبب ۽ ڀر وارن جبلن تان برسات جي پاڻيءَ جي ڇرن لھڻ سبب زمين دوز ٿيو. دڙي جي اندر جيڪي جايون هينئر لڌيون آهن، تن ۾ ڪن هنڌن تي باهه لڳڻ جا آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.(2) هن شھر جي تباهيءَ بابت هڪ راءِ هيءَ به آهي:سنڌوءَ تي بند ٻڌڻ کان اڳ ۾ هي ٻوڏون ماڻھن لاءِ وڏو خطرو هونديون هيون. اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته، ٻين کان وڌيڪ ٻوڏ جو عنصر به هتي موجود هو. جنھن سنڌوءَ جي ڪناري تي، اڏيل موهن جي شھر کي وري وري تعمير ٿيڻ تي مجبور پئي ڪيو. آخر نتيجو اهو نڪتو جو ماڻھو موهن جھڙي شھر کي ڇڏي هليا ويا.(3)

سماجي عِلم کي سائنس چيو ويو آهي. ريسرچ چيو ئي ان کي ويندو آهي، ڳوليل شيءِ کي ٻيھر ڳولي. تحقيق جو ٻيو ڪنارو ناهي ٿيندو،ان ڪري تحقيق جو سلسلو هلندو رهندو آهي. جنھن سان هر ڀيري نيون نيون شيون سامھون اينديون آهن. ٻيو ته، هن دڙي جي قدامت بابت ڪي ستاويھه هزار سال ته ڪي پنج هزار سال ته ڪي وري ست هزار سال ٻڌائي رهيا آهن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته، هن مهل تائين اسان جڏهن مُھين جي دڙي جي ٻولي ئي ناهيون سمجھي سگھيا ته ان جي ڪنھن به شيءِ تي ٽڪ ٻڌي بيھڻ اجايو آهي، ته هي فلاڻي شيءِ آهي ۽ هن جو نالو ۽ مذهب، فلاڻو آهي. جيئن مٿين ڳالھين جي به ڪابه مڪمل ۽ متفق ثابتي ناهي ملي سگھي، صرف هڪ اندازو ئي آهي. ائين ئي منھنجو به هڪ اندازو آهي ته موهن جو دڙو مھاڻن جو دڙو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي پارکو، عبدالله جيسر چواڻي:هاڻ هندستان وارا به هن کي مُھين جو دڙو سڏين ٿا.(1) مُھين مھاڻن جو بگڙيل نالو آهي. هت مُھين مھاڻن جا مڏ، مڏيون ۽ مياڻيون ڳوٺ به هوندا آهن. هن دڙي بابت هڪ راءِ هيءَ به سامھون اچي ٿي ته: جڏهن مُھين مھاڻن جي شھر واسين جو گھڻو گذر زراعت ۽ وڻج واپار تي هوندو هو. جڏهن درياهه رخ مٽايو ۽ شھر ڦِٽو، واپار جو اهو زور سلسلو نه رهيو ته،  هنن پنھنجي گذر سفر لاءِ آهستي آهستي مال چارڻ شروع ڪيو.

مُھين، جي دڙي جي به ابتدا کان تھذيب يافته ۽ ترقي پذير شھر بڻجڻ تائين جي دور جي تاريخ به ائين ئي هوندي. بحرحال ان تي گھڻي تحقيق جي ضرورت آهي؛ جنھن لاءِ وقت ۽ وسيلن جو هجڻ ضروري آهي. اهڙو ڪم سرڪار جي سھڪار سان ئي مڪمل طرح سان ممڪن بڻجي سگھي ٿو. عام محقق جي وس جي ڳالھه ناهي. ان اجڙيل شھر جي تھه  ۽ تاريخ تائين پھچڻ. قديم آثارن جا ماهر ۽ محقق ان جاکوڙ ۾ پئي رهيا آهن، ته هن وسندڙ شھر ۽ قديم تھذيب جي اصل نالي ۽ ان جي اڏيندڙ قوم تائين تاريخ ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾ پھچي سگھجي. جن لاءِ مختلف ماڻھن پنھنجي پنھنجي دور ۾ پنھنجي وس وت آهر ڪوشش پئي ڪئي آهي، ڇو ته تحقيق ۽ تاريخ جو سلسلو رڪجڻو ئي ناهي. جيئن محمد يوسف ابڙو شاڪر پنھنجي مقاليموهن جو دڙو يا موئن جو دڙو؟ دنيا جي هن قديم يادگار جو صحيح نالو ڇالکڻ کپي. ۾ هن نالي کي دليلن ۽ حوالن سان وضاحت ڪندي موهن ۽ موئن واري نالي کي رَدُ ڏيندي لکي ٿو: هن دڙي جو نالو مھين جو دڙو (ميھه مھاڻه  قوم) جو ڦٽل شھر آهي. سنڌ ۾ قديم زماني ۾ ٻه وڏيون  ۽ زبردست قومون رهنديون هيون. هڪڙي جاٽ، جا اٺن جي وڳن سان سنڌ جي وارياسن ميدانن ۾ رهندڙ هئي. جت زط، زوطي، جيپسي، هيپي،  وغيره جي  نالن سان سڏجڻ ۾ آئي. ۽ ٻي  مي، ميه، مِھي، يا ميد قوم، جا دريائن سمنڊن تي مڇي مارڻ ۽ ٻيڙا ڪاهي واپار ڪرڻ ۾ مشغول رهندي هئي.

ميد قوم کي سنڌ جي پراڻي تاريخ (جا عربن جي لکيل آهي) ۾ چور، ڌاڙيل وغيره سڏيو ويو آهي. هن ڦٽل شھر ۾ اصل هيءَ قوم (اصل سنڌي اُچار مھاڻا ، جنھن کي عربن بگاڙي لنڪامره، وغيره ڪيو آهي.) رهندي هئي. جنھن جون بستيون سنڌو نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي هيون. هنن جا ٻيڙا عربي سمنڊ تي مڪران، ملبار، سرانديپ کان ڦرندا، اڀرندي وارن ٻيٽن تائين ويندا هئا. جنھن لاءِ شاهه جي رسالي جو سُر سامونڊي شاهد آهي. هيءَ بھادر ۽ باهمت قوم ميد جي نالي سان مشھور هئي. ميد لفظ مٻي، مھٻي، ميھه وغيره نموني به استعمال ٿيل آهي. جيئن شاهه جي رسالي سُر ڪاموڏ ۾ ڪيترن جاين تي ڪم آيل آهي. مثلا:

·       پسي ميئڪي ڌيءُ، متان ماڱر مٽئين،

تون تماچي تڙ ڌڻي، آئون مھاڻي مٻي.

·       ميءَ مڇيءَ مارا، سمي سي سيڻ ڪيا.  (شاهه)

عربن جي هن پاسي اچڻ کان اڳ يقيناً هيءَ قوم پوري الھندي ڪناري کان اڀرندي وارن پٽن تائين، سامونڊي واپار تي قابض هئي ۽ عربي سمنڊ تي هنن جا ٻيڙا ۽ غُراب پنھنجو ڌڄائون ڦڙڪائيندا رهندا هئا. عربن جي هن پاسي اچڻ کانپوءِ هن ئي قوم عربن جو مقابلو ڪيو، جنھن ڪري هيءَ سڄي قوم فاتحن جي نظر ۾ ذليل، چور، ڌاڙيل، باغي، غدار  وغيره بڻجي پيئي. جيئن اڳي آرين جي اچڻ تي اصلوڪا رهاڪو مليڇ، شودر ۽ داس  وغيره ٿيا. جيئن ڀڳت سنگھه، هيمون ڪالاڻي  وغيره آزاديءَ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ  سمورا بزرگ ۽ نوجوان، انگريزن جي رڪارڊ ۾ باغي ۽ غدار هئا، ته پوءِ عرب فاتحن سنڌ جي هن باهمت ۽ دلير قوم جا ورهين جا ورهيه سمنڊ تي عرب سوداگرن سان ڀرپور مقابلو ڪندي رهي يا اوچتا گوريلا نموني حملا ڪري کين تنگ ڪندي رهي، تن کي چور ۽ ڌاڙيل ڪري سڏيو ته، ڪھڙي نئين ڳالھه ٿي پئي. مي يا ميڌ قوم جو ڪم ئي هيو مڇيون مارڻ يا مال جا ٻيڙا ڀرائي ڏورانھن ڏيھن تائين رسائڻ.

چچ نامي ۾ ص: 438، تي لانگ ورٿس ڊيمس جي ڪتاب، بلوچ قوم ص: 17، جي حوالي سان لکيل آهي ته، ميد يا ميڌ سنڌ ۽ مڪران جي (سامونڊي) ڪناري جا قديم مھاڻا آهن ۽ بلوچ اهو نالو حقارتا استعمال ڪندا آهن. سنڌو درياءَ جي نزديڪ ميد نالو درياءَ جي مھاڻن سان لاڳو آهي ۽ اڪثر ميد ۽ ماڇي، ٻئي نالا گڏ استعمال ٿيندا آهن.“ ’سنڌ جا ميد غالباً سنڌ جي سامونڊي ساحل جا مير هئا، هاڻو ڪو لفظ ميه شايد ميد جي بدليل صورت هجي. اڃا تائين کاري طرف چوندا آهن ته تون ته ڪو ميد آهين يا تون ڪو ميه آهين يا تون ڪو مي آهين وغيره .

مطلب ته، ميه يا ميد اها ئي سامونڊي واپاري قوم آهي. جا سنڌونديءَ توڙي عربي سمنڊ جي الھندي ڪناري تي وسندڙ هئي. هڙاپا ۽ ميھن جو دڙو سندن خاص مرڪز هئا. هي ئي هئا جيڪي جاوا ٻيٽن تائين کارو کيڙيندا هئا. هنن ئي عربن سان جھيڙا ڪيا ۽ سندن جھاز ڦريا. هنن جي مرڪزن تي وقت بوقت ٻاهرين ۽ ڌارين حملا ڪيا. جن مان بني اسرائيلن جا حملا مشھور آهن. جيئن آئينه قديم سنڌ ۾ ڏيکاريل آهي مگر هنن ماڻھن هر بار موٽي اچي پئي شھر آباد ڪيو.

هن دڙي کي مُھي جي دڙي جي نالي سان لکيو ويو آهي. منھنجي خيال موجب هي دڙو ۽ کنڊهڙ سنڌ جي هڪ قديم، زبردست ۽ باهمت قوم، ميد جو مرڪز هو، جنھن کي مٻي يا مھٻي به سڏيو ويندو هو. تنھن ڪري هن دڙي جو نالو مٻھين جو دڙو هئڻ کپي.

سيدحاڪم علي شاهه بخاري موهن جي دڙي تي لکيل پنھنجي مقاليموهن جو دڙو يا مئن جو دڙو ۾  پھرين ڊاڪٽر محمد علي پٺاڻ جي روزاني جنگ اخبار کي ڏنل انٽرويو جو حوالو ڏئي، ان کانپوءِ مقالي جي آخر ۾ پنھنجي راءِ قائم ڪندي هن دڙي جي اصل نالي بابت لکيو آهي: ”8 مئي 1991ع جي روزاني جنگ اخبار، ۾ شايع ٿيل هڪ انٽرويو ۾ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ به موهن جي دڙي جي موجوده هِجي ۽ معنى سان اختلاف ڪيو آهي. هن جو اهو خيال آهي ته، اها سرزمين موهاڻن جي نالي سان موسوم آهي. موهاڻا سنڌ جي پراڻين ذاتين مان آهن . جيڪي معنى يا پيشي جي لحاظ کان ملاح ۽ ماهي گير (ماڇي) هوندا  آهن.

الفرض اها ڳالھه روز روشن وانگر چٽي آهي ته  عالمن ۽ تحقيق ڪندڙن جي اڪثريت  متفقه طور تي ان راءِ جي آهي ته، هن سرزمين جو نالو ماهيگيرن جي ذات موهاڻا جي ڪري موهنجو دڙو پيو آهي جيڪو انقلابات زمانه سان موهن ، موهان، موهِن ٿي ويو.(1)

اصل حقيقتن تائين پھچڻ لاءِ جيستائين هن دڙي جي مڪمل کوٽائي ۽ ٻولي ڪير نه ٿو ڀڃي سگھي، تيستائين ڪنھن جي به چيل، قائم ڪيل راءِ خيال کي حتمي راءِ نه ٿي چئي سگھجي. ڀيڻ مھتاب اڪبر راشدي، به ته پاڻ موهن جي دڙي جي ٻک ۾ جنم ورتو آهي. جيڪڏهن هي مئلن جو دڙو آهي ته پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به دڙا آهن اهي سڀ مئلن جا دڙا آهن، انھن دڙن جا نالا ڇو آهن. جن محققن ۽ آثارقديمه جي ڏيھي پرڏيھي ماهرن هن دڙي تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. ڇا انھن ڪٿي اهڙو ڪو ذڪر ڪيو آهي ته، هي شھر ڪنھن ڪھڙي سن ۾ ٻڌايو ۽ ڪھڙي سن ۾ ڪھڙي سبب برباد ٿيو. سڀني آثار قديمه جي ماهرن، محققن ۽ تاريخدانن پنھنجي ٿوري ٿڪي تحقيق جي آڌار تي پنھنجي راءِ قائم ڪئي آهي. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته، هي قديم وسندڙ شھر مُھين ملاحن جوڙيو هو جيڪو پاڻيءَ جي چڙهي اچڻ ڪري تباهه ٿيو. هتان جا ماڻھو محنتي همٿ ڀريا هئا. هڪ شھر درياهه جي لٽ سبب دٻجي ٿي ويو ته، ان مٿان وري ٻيو شھر ٿي اڏيائون ائين هن دڙي ۾ ست شھر هڪ ٻئي جي مٿان پوريل آهن. هن دڙي جي اٽڪل تيرهن ايڪڙ زمين هيلتائين کوٽائي اٿن. هتان ست شھر هڪ ٻئي جي پٺيان لڌا آهن. ڀانئجي ٿو ته هي شھر واپار يا ٻين سببن ڪري مکيه هو. جنھن ڪري ماڻھن وري وري اهو ساڳيو شھر وسايو ٿي. ائين ست گھمرا ساڳيو هنڌ وسايائون. مھن جي دڙي مان جيڪي شھر هينئر ظاهر ٿيا آهن، تن مان آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو ته پنج هزار کن ورهيه اڳي به ماڻھو ائين محلا ۽ پارا جوڙي رهندا هئا.(2) مُھين جي وسندڙ شھر جي تباهيءَ بابت ڪن محققن جو چوڻ آهي:سنڌو تھذيب، ڪنھن اوچتي حادثي يا واقعي سبب تباهه نه ٿي هوندي. ان جي تباهيءَ جا ڪيترا ڪرڻ ٿي سگھن ٿا.(1) اصل پتو تڏهن پوي جڏهن هن دڙي جي مڪمل کوٽائي ٿئي ۽ ماڻھو اصل تھه زمين تائين پهچي. تڏهن وڃي ڪا حتمي راءِ جوڙي سگھي ٿو. وري به هن ڊگھي تاريخي ۽ تحقيقي بحث تي حتمي راءِ جوڙڻ لاءِ، آثارن قديمه جي ماهرن، مؤرخن ۽ محققن تي ڇڏجي ٿو. اسان جي هيءَ ڪيل ڪوشش ڪائي حتمي راءِ ناهي.

مددي ڪتاب :

·        ڀنڀرو، عطا محمد، . مترجم: سنڌو سڀيتا جو عروج ۽ زوال ، مصنف: ايس. آر. راءُ، ڇاپو پھريون: سيپٽمبر 2023ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ.

·       سراج، ليکڪ: سنڌي ٻولي، ڇاپو ٽيون: 2017ع، ناشر: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، پاڪستان.

·       نظاماڻي، مولوي نور محمد، عبد الغني عبدالله/ مسافر، محمد صديق، مؤلف: تاريخ سنڌ، (پنج ئي ڀاڱا گڏ)، ڇاپوٽيون: آڪٽوبر 2013ع، ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻودر  شڪارپور ، سنڌ.

·        راشدي، پير علي محمد ، ليکڪ: اُھي ڏينھن اُھي شينھن، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. 

·        شيخ، محمد سومار، ليکڪ: لاڙ جا ماڳ مڪان، (مقدمو): ڇاپو: پھريون: سال: 2006ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو، سنڌ  

·         شيخ، ٻانھون خان، مرتب: شاهه جو رسالو(گھڻي کان گھڻو نج ڪلام مفصل لفظي معنى سان)، سُر: ڪاموڏ، داستان: پھريون، شعر نمبر : 26، ڇاپو: ٻئو: سال:  ڊسمبر 2012 ع، ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ .

·       آڏواڻي، ڪلياڻ ايم.اي، مرتب: شاهه  جو رسالو، (رسالو شاهه عبداللطيفرحه  ڀٽائيءَ جو. مھاڳ، معنى ۽ شرح وغيره سميت)، سُر: ڪاموڏ، داستان ٻيو، بيت نمبر: 6، ڇپائيندڙ: مڪتبه اسحاقيه، جھُونا مارڪيٽ ، ڪراچي سنڌ .

·       گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند، ترتيب ۽ تشريح : شاهه جو رسالو، ڇاپو پنجون: سيپٽمبر 2007ع ، ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گھر حيدرآباد ، سنڌ .

·       ڀنڀرو، عطا محمد، سنڌيڪار: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت، ڇاپو پھريون: ڊسمبر 2017ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ

·       پيرزادو، انور ، ليکڪ: مُھين جو دڙو، سال: 2009ع، ڇپائيندڙ: انور پيرزادو اڪيڊمي، ڪراچي، سنڌ

·       آڏواڻي، ڀيرو مل مھرچند: قديم سنڌ، ليکڪ: ڇاپو پنجون: جون 2008ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

·       اين.جي.مجمدار، ليکڪ:  سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، باب: پھريون، ڇاپو پھريون: 1997ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ

·       بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، مرتب: جامع سنڌي لغات، (جلد پنج، ک، ي)، ڇاپو پھريون: سال: 1408هجري/ 1988ع ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ.

·       پنھور، ايم.ايڇ، ليکڪ: سنڌ شناسي، ڇاپو پھريون، ڊسمبر 2017ع، ڇپائيندڙ: پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي.

·        مورياڻي، خليل ، سھيڙيندڙ: موهن جو دڙو، پراچين سڀيتا، نئين تھذيب جي دائري ۾، ڇپائي جو سال: 2011ع، ڇپائيندڙ: سنڌ ادبي اڪيڊمي، پاران: ايم. ايڇ. پنھنور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، ڄام شورو، سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org