


متفرقھ

جنم: 1944ع
دجلا، فرات ۽ شط العرب ندين جي پوزيشن
جھازراني، يعني سمنڊ جو هجڻ هڪ وڏي نعمت آهي. اڄ
به هوائي جھاز يا ٽرڪ ۽ ٽرين ذريعي هڪ ملڪ کان ٻئي
ملڪ سامان موڪلڻ يا گهرائڻ ۾ ايڏي آساني ناهي جيڏي
پاڻيءَ جي جھاز
(Ship)
ذريعي، جنھن تي لکھا ٽن سامان چڙهي سگهي ٿو. جنھن
جي انجڻ هوائي جھاز جي انجڻ وانگر مھانگي تيل
آڪٽين تي هلڻ بدران سستي ترين تيل ”هيوي فيول آئل“
تي هلي ٿي. اهي ملڪ جن جي چوڌاري سمنڊ ناهي انھن
کي سامان گهرائڻ يا موڪلڻ لاءِ ڀر وارن ملڪن تي
ڀاڙڻو پوي ٿو، جيئن پنھنجي پاڙيسري ملڪ افغانستان
جو برو حال آهي. هن کي هر شيءِ ڪراچيءَ جي
بندرگاهه تي گهرائڻي پوي ٿي، جتان ٽرڪن ذريعي اهو
سامان 1500 ڪلوميٽر خشڪيءَ جا طئه ڪري ڪابل پھچي
ٿو. ڪيترا دفعا ته ائين به ٿئي جو اهو سامان
سامونڊي طوفانن
۽ لھرن کان
بچي ڪراچيءَ ته سلامتيءَ سان پھچي ٿو، پر ڪراچي
کان ڪابل ويندي رستي تي ان جي چوري چڪاري ٿيو وڃي
يا ٽرڪن ۽ ٽرالرن جا حادثا ٿيو وڃن.
ڏٺو وڃي ته عراق ملڪ جي حالت به ذري گهٽ افغانستان
جھڙي آهي. توهان مٿاهين تان، خلا مان يا هوائي
جھاز مان ئي ڏسنداؤ ته توهان کي عراق
Land Locked
ملڪ نظر ايندو. يعني عراق مختلف ملڪن جي وچ ۾
وڪوڙيل ملڪ نظر ايندو. سندس اُتر ۾ ترڪي ۽ پوءِ
اولھه طرف نظر ڦيرائبي ته شام، ان بعد اردن ۽ پوءِ
هيٺ ڏکڻ تائين سعودي عرب ۽ پوءِ ڏکڻ اوڀر ۾ ڪويت ۽
بلڪل اوڀر ۾ ايران آهي. ويجهو اچڻ تي، يعني ڌرتيءَ
جي ويجهو پھچڻ تي ڏسڻ ۾ ايندو ته اردن ۽ ڪويت جي
وچ ۾ ٿورو حصو عراق جو آهي، جتان عراق جي ندي شط
العرب لنگهي، ايراني نار واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
ان نديءَ جي منھن وٽ، يعني ڇوڙ وٽ ام قصر
(Umm Qasar)
نالي عراق جو بندرگاهه آهي جيڪو دراصل اڪيلو ۽ وڏي
۾ وڏو بندرگاهه آهي. عراق ۾ تيل جام نڪري ٿو، جيڪو
ان بندرگاهه ذريعي ٻين ملڪن ۾ موڪلي ٿو.
هن بندرگاهه ام قصر جيڪو شط العرب نديءَ جي بلڪل
ڇوڙ وٽ آهي، اتان 110 کن ڪلوميٽر هن ندي (شط
العرب) ڏي مٿي وڃجي ٿو ته عراق جو تاريخي شھر ۽
بندرگاهه ”بصرو“ اچي ٿو. سمجهو ته جيئن سنڌونديءَ
جي ڇوڙ کان ڪوٽڙيءَ جو پتڻ آهي. هاڻ ته سنڌونديءَ
۾ ڄام شوري وٽ به ڌوڙ پئي اُڏامي پر انگريزن جي
سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ، يعني بيراجون نه ٺھڻ کان اڳ
جڏهن سنڌونديءَ ۾ پاڻي تارون تار هو ته پورچوگالن،
عربن ۽ ٻين جا ٻيڙا ڪراچي/ ديبل ٺٽي، يعني سنڌوندي
جي ڇوڙ کان مٿي سنڌونديءَ ۾ ڪوٽڙي، سکر ۽ ملتان
تائين هليا ايندا هئا، جيئن هيڏانھن ”ايراني نار“
سمنڊ مان جھاز شط العرب نديءَ ۾ داخل ٿي ام قصر ۽
بصري بندرگاهه تائين پھچيو وڃن.
دريائن مٿان ڊئمن ڪري پاڻيءَ جي هيڏانھن به ڏاڍي
کوٽ آهي، پر مڙيئي بصري تائين جھاز پھچيو وڃن بصرو
سمجهو ته عراق جو ٻيو نمبر وڏو بندرگاهه آهي. ائين
ته بصري کان بغداد تائين، جيڪو 600 کن ڪلوميٽر پري
آهي، يعني ڪوٽڙيءَ کان ڪشمور جي مفاصلي برابر،
لانچون ۽ ننڍا جھاز هلن پيا، پر گهٽ ڊرافٽ
(اونھائيءَ) وارا، جو پاڻي ايترو اونھو ناهي.
بغداد شھر دجله نديءَ جي ڪناري تي آهي ۽ بصرو شط
العرب نديءَ جي ڪناري تي. سو توهان بغداد کان بصري
ٽرين ۾ ايندئو ته به توهان کي ساڳي هڪ ندي نظر
ايندي جو ريلوي يا روڊ درياءَ جو ڪنارو وٺي هلي
ٿو. مزي جي ڳالھه اها ته اهي زائرين يا ڌارين ملڪن
جا سياح جيڪي فرات نديءَ تي ٻڌل شھر ڪربلا موليٰ
يا النجف شريف کان بصري اچن ٿا، اهي به ساڳي اها
هڪ ندي وٺي بصري پھچن ٿا ۽ بصري ۾ بيھي بغداد وارا
ان نديءَ کي دجله پيا سڏيندا آهن ته النجف ۽ ڪربلا
کان آيل مسافر ان نديءَ کي فرات پيا سڏيندا آهن،
پر دراصل نديءَ جو اهو حصو جنھن جي ڪناري تي بصرو
آهي، ان جو نالو ”شط العرب“ آهي، جنھن جي لفظي
معنيٰ ”عربن جي ندي“ آهي.
ڏٺو وڃي ته مٿين ڳالھه ڪرڻ وارا صحيح به آهن ته
غلط به! اها غلطي عراق ۾ ايندڙ ڪيترائي زائرين ۽
ٽوئرسٽ ڪن ٿا. ٻيا ته ٺھيو پر اسان جا ڪيترائي
جونئر جھاز ران ان غلط فھميءَ جو شڪار رهن ٿا.
جاگرافيءَ جي شاگرد جي حيثيت ۾ هتي آءٌ پڙهندڙن کي
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو جو اسان جي ماڻھن جي
زيارتن جي سلسلي ۾ عراق وڃڻ ٿيندو رهي ٿو. عراق هڪ
قديمي، تاريخي ۽ خوبصورت ملڪ آهي، جيڪو صدين کان
سندس ندين: دجله ۽ فرات کان ائين سرسبز ۽ سائو
سکيو رهيو آهي، جيئن مصر نيل نديءَ ڪري يا اسان جو
ملڪ سنڌونديءَ ڪري. ائين ته اسان جي يا ٻين ملڪن
وانگر عراق ۾ ننڍيون ننڍيون نديون ته ڪيتريون آهن
پر اهم ۽ وڏيون ٻه مٿيون نديون: دجلا ۽ فرات آهن،
جيڪي سڄي عراق مان گذرن ٿيون. دجلا ندي اوڀر ترڪي
جي تورس
(Taurus)
جبلن مان نڪري عراق پھچي ٿي ۽ 1800 کن ڪلوميٽر
ٿيندي. اسان جي سنڌوندي جيڪا اولھه تبت کان شروع
ٿي، ڪشمير ۽ ننگا پربت جابلو علائقو لتاڙي پاڪستان
۾ داخل ٿئي ٿي ۽ ڪراچيءَ وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري
ٿي 3180 ڪلوميٽر آهي. آفريڪا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي
نيل 6650 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جيڪا يوگنڊا ۽ تنزانيا
جي وچ ۾ قدرتي ٺھيل وڪٽوريا ڍنڍ مان شروع ٿئي ٿي ۽
ڏهن ملڪن مان گذري آخر ۾ مصر کي سيراب ڪري،
ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
الطاف شيخ
ڪتاب: ”بغداد ۽ بَصري جي گهٽين ۾“،
ڇاپو پھريون، 2023ع،
پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي سنڌ، ص 38-40 تان کنيل
ميرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي

اسلام ۽ امن
اسلام جي روشني پکڙجڻ وقت عرب جي ڪنڊڪڙڇ انھيءَ
کان منور هئي، جيتوڻيڪ عرب هڪ واحد ملڪ ۽ هڪ گڏيل
قوم هئي پر ان کان اڳ ڪڏهن به تاريخ ۾ اُتي جي
ملڪي ۽ قومي اتحاد جو نالو نشان نه ٿو ملي، ۽ نه
ڪڏهن سياسي حيثيت کان عرب هڪ ئي جهنڊي هيٺ آيو هو.
جھڙيءَ طرح گهر گهر جو جدا جدا خدا هو اهڙيءَ طرح
هر هڪ قبيلي جو الڳ الڳ رئيس هو. سموري عرب ۾
مختلف قبيلن جون مختلف ٽوليون پکڙيل هيون، جن جي
سدائين پاڻ ۾ جنگ لڳي پئي هوندي هئي، جنھنڪري سڄو
ملڪ هڪ جنگ جو ميدان بنجي پيو هو.
پھاڙن ۽ رڻ پٽن ۾ خودمختيار ڏوهاري قبيلا رهندا
هئا. ملڪ ۾ چؤطرف ڦرمار، خون خرابي ۽ تباهي ۽
برباديءَ جي بازار گرم هوندي هئي. سڀ قبيلا هڪ
اهڙي جنگ جي زنجير ۾ جڪڙيل هئا، جيڪو ڏاڍو مضبوط ۽
بيحد طويل هو، سون ۽ هزارن انساني زندگين جي ختم
ٿيڻ کانپوءِ به وير ۽ ڪيني جي باهه نه وسامندي
هئي. ملڪ جو معاشي وسيلو گهڻو ڪري ڦرمار هو ۽ ان
بعد واپار. ان هوندي به واپاري قافلن جو هڪ هنڌان
ٻئي هنڌ پھچڻ محال هو. ڦرمار عربن جو هڪ اهڙو ڌنڌو
هو جنھن کانسواءِ هنن جو گذر ٿي نه سگهيو،
ايتريقدر جو ڪن پاڪ مھينن، جن ۾ ڦرمار يا جهيڙو
جنگ گناهه سمجهيو ويندو هو. تن جون تاريخون به
گهٽايون وڌايون وينديون هيون، ڇاڪاڻ ته جيئن
ابوعلي قالي پنھنجي ڪتاب ”الامالي“ ۾ لکيو آهي ته:
”اهو ان ڪري جو هو نه چاهيندا هئا ته سواءِ ڦرمار
جي لڳولڳ ٽي مھينا گذري وڃن، ڇاڪاڻ ته ڦرمار ئي
هنن جو خاص معاشي وسيلو هو.
ڦرمار ڪندڙ قبيلن جي لاءِ بھار جي مُندَ خاص موسم
هوندي هئي. مڪي جي آسپاس رهندڙ ڪي قبيلا جيڪي
حاجين جو مال اسباب چورائڻ جي ڪري بدنام هوندا
هئا. طئي قبيلو هڪ عزت وارو ۽ ناميارو قبيلو هو،
پر ان قبيلي جا چور به مشھور و معروف هئا. مليڪه
ابن السڪا ۽ تابط عرب جا مشھور شاعر هئا، پر انھن
جي سموري شاعري سندن چوري ۽ حمله گري جي ڪارنامن
سان ڀري پئي آهي.
فتح مڪي کان پوءِ به جڏهن ملڪ ۾ ڪجهه امن امان
ٿيو، تڏهن به مديني کان مڪي تائين سفر ڪرڻ خطري
کان خالي نه هو. ان وقت به ڌاڙا هڻندا هئا. هجرت
کان پنج ڇھه سال پوءِ تائين شام جا تجارتي قافلا
ڏينھن ڏٺي جو ڦريا ويندا هئا ۽ ڪڏهن ته خود
دارالسلام جي چراگاهن ۾ به ڦرلٽ ڪئي ويندي هئي.
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ماڻھن کي جڏهن
ملڪ ۾ امن امان جي بشارت ڏيندا هئا. تڏهن
فرمائيندا هئا ته هڪڙو وقت اهو به ايندو جڏهن
صنعاءِ مان هڪ محمل نشين خاتون اڪيلي سفر ڪندي، ۽
هن کي سواءِ خدا جي ٻئي ڪنھن جو به خوف نه هوندو،
اها بشارت ٻڌي ماڻھو تعجب ڪندا هئا. سنه 9هه ۾
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن وٽ هڪ ماڻھو
دانھن کڻي آيو، ته ڦورن سندس مال ڦريو آهي. پاڻ
فرمايائون ته ”اهو زمانو پري ڪونه آهي جڏهن مڪي
ڏانھن سواءِ ڪنھن نگھبانيءَ جي قافلا ويندا، ايڏي
ساري ملڪ ۾ رڳو حرم جي سرزمين اهڙي هئي جتي ماڻھن
کي آرام ملي سگهيو ٿي.
خود اسلام جو ڪھڙو حال هو؟ حضور صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن عام الحزن کان پوءِ برابر ٽن سالن
تائين پاڻ کي سڀني قبيلن جي اڳيان پيش ڪندا رهيا
ته مون کي پنھنجي امان ۾ وٺي رڳو ايترو موقعو ڏيو
ته خدا جو آواز ماڻھن تائين پھچائي سگهان. پر ڪنھن
به هام نه ڀري، ويچارن غريب مسلمانن جي لاءِ عرب
جي فضا ۾ ساهه کڻڻ به مشڪل ٿي پيو. ۽ اهي سک ۽
آرام جي ڳولا ۾ آفريڪا حبش ۾ رُلندا وتندا هئا،
باقي جيڪي عرب ۾ رهجي ويا هئا انھن تي طرحين طرحين
ظلم ڪيا ويندا هئا.
انھيءَ ملڪي بدامني جو هي نتيجو نڪتو جو ملڪ ۾
ڪابه تحريڪ خود حفاظتي فوج کانسواءِ ڪامياب ٿي نه
ٿي سگهي. حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو اصل
فرض رڳو ماڻھن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ هو، جنھن جي
لاءِ تلوار خنجر ۽ فوج لشڪر جو ڪوبه ضرور نه هو.
پر هڪ طرف دشمن حملي مٿان حملو پئي ڪيو، ته ٻئي
پاسي اسلام جي حامين جي جان سخت خطري ۾ هئي. واپار
جا قافلا جن تي ملڪ جو معاشي دارومدار هو، سي به
سلامت نه هئا.
ساڳي طرح ملڪ جي ٻاهرين حالت به بيحد خطرناڪ هئي،
ملڪ جا سڀئي سرسبز ۽ ساوا صوبا روم ۽ فارس ۽ ٻين
زبردست طاقتن جي قبضي ۾ هئا. سٺ سالن کان ايراني
يمن، عمان ۽ بحرين جا مالڪ ٿيو ويٺا هئا ۽ عراق ۾
آل منذر جي حڪومت کي ختم ڪري ايراني ملڪ ۾ اندر
گهڙندا پئي آيا ۽ حجاز کي به پنھنجي حڪومت جو حصو
ڪري سمجهڻ لڳا.
هن طرف وري رومي، شام جي حدن تي قبضو ڪندا آيا.
آلِ غسّان ۽ ٻيا ننڍا ننڍا عرب رئيس، جن گهڻو اڳي
عيسائي مذهب قبول ڪيو هو، رومين جي زيردستيءَ ۾
اچي چڪا هئا. سن 8هه کانپوءِ انھن عيسائي رئيس
عربن جي مدد سان مديني تي حملي جون تياريون ڪرڻ
لڳا، جيڪي تبوڪ ۽ موته وغيره جي واقعي ۾ ظاهر
ٿيون.
رومين ٻي صدي عيسويءَ ۾ يھودين کان شام ۽ فلسطين
جي نالي ماتر حڪومت ڦري ورتي هئي، جنھنڪري يھودين
کي سجورا شام کان وٺي حجاز تائين پوئتي هٽڻو پيو.
انھن يھودين مديني کان شام تائين لڳولڳ قلعا
ٺھرايا هئا، جيڪي انھن جي جنگ جي زماني ۾ حفاظت به
ڪندا هئا ۽ تجارتي گودام به هئا. انھن ٿورڙن قلعن
جي آڌار تي يھودي اسلام جي قوت کي خاطر ۾ ئي ڪونه
آڻيندا هئا. هنن جي شرارت جي ڪري حضور صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن کي ڪيتريون ئي لڙايون ڪرڻيون
پيون، بدر ۾ جڏهن مسلمانن کي فتح نصيب ٿي تڏهن هي
فخر سان چوندا هئا ته ”ويچارا مڪي جا قريش وڙهڻ
مان ڇا ڄاڻن، مسلمان اسان جي قلعن جي مقابلي ۾ اچن
ته خبر پوين.“
مطلب ته عرب جو ملڪ ڪيترن ئي اندرين ۽ ٻاهرين خطرن
۽ مصيبتن ۾ مبتلا هو ۽ اتي اصلاح ۽ تدبير جي لاءِ
عام انساني طاقتون بيڪار هيون. مگر حضور صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جي هجرت کان اَٺ سال پوءِ جي ڪوششن
جو هي نتيجو ٿيو، جو اهي سموريون خرابيون ختم ٿي
ويون. عرب جي سياست جو راز نااتفاقي ۽ اندروني
جهيڙي ۽ جنگ ۾ لِڪل هو. ان جو سبب رڳو هي هو، ته
سڄو عرب جدا جدا خاندانن ۽ نسلن ۾ ورهايل هو ۽ سڄي
ملڪ جي اجتماع ۽ اتحاد جو ڪوبه ذريعو نه هو. محمد
رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم عرب کي هڪ ئي
رشتي ۾ متحد ڪيو ۽ قرابت، نسل وغيره جي بدران هڪ
ئي وسيلو قائم ڪيو ويو يعني اسلام.
قرآن ڪريم ۾ فتني فساد کي انسان جو هڪ وڏو خراب ۽
مڪروهه فعل ڪري سڏيو ويو آهي ۽ انھيءَ فعل کي ڪرڻ
وارن جي لاءِ سخت سزائون مقرر ڪيون. چوريءَ لاءِ
هٿ وڍڻ جي سزا مقرر ڪئي ويئي. رهزنيءَ جي لاءِ
قتل، ڦاهي ۽ ملڪ نيڪالي جون سزائون شروع ڪيون
ويون. خونريزي ۽ قتل کي بند ڪرڻ لاءِ قصاص جو
قانون لڳايو ويو ۽ امن کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي
ڀيرا فوجن کان ڪم ورتو ويو.
ليڪن اسلام جي دعوت جي فيض جو اثر هي ٿيو، جو
ماڻھن جون دليون خدا جي خوف کان ڏڪڻ لڳيون. اهو
خدا جيڪو تاريڪيءَ ۾ به ڏسي ٿو ۽ بند ٿيل دروازن
مان ڏسي سگهي ٿو ۽ پوءِ اوچتو سڄي ملڪ ۾ امن امان
ٿي ويو. عدي بن حاتم شاهدي ڏني ته هن پنھنجي اکين
سان ڏٺو، ته حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي
چوڻ موجب، صنعاءِ کان حجاز تائين ماڻھو اڪيلي سر
سفر ڪندا هئا ۽ هنن جي دلين ۾ سواءِ خدا جي ٻئي
ڪنھن جو به خوف نه هوندو هو. هڪ يورپين تاريخدان
انھيءَ حقيقت جو اعتراف ڪندي لکي ٿو ته:
حضرت محمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي پردو
مٽائڻ وقت سندس سياسي ڪم غير مڪمل ڪونه رهجي ويو
هو، پاڻ هڪ اهڙي سلطنت جو بنياد رکي چڪا هئا،
جنھن کي پنھنجو سياسي ۽ مذهبي مرڪز هو. پاڻ عرب جي
جدا جدا قبيلن کي گڏي هڪ قوم بنايو، پاڻ عرب کي هڪ
گڏيل مذهب عطا ڪيائون ۽ عربن ۾ هڪ اهڙو لاڳاپو
قائم ڪيائون جيڪو خانداني لاڳاپن کان وڌيڪ مضبوط ۽
پائدار هو.
ملڪ جون ٻاهريون حالتون به رفتي رفتي سڌرنديون
ويون. يھودين سان ڪيتريون لڙايون ڪيون ويون ۽
آخرڪار خيبر جي فتح کانپوءِ انھن جي سياسي طاقت
ختم ٿي وئي ۽ اهڙي طرح رومي، عيسائي ۽ ايراني
اقتدار کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو.
مطلب ته نَون ڏهن سالن جي برابر ڪوششن کانپوءِ
ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ يھود ۽ قريش جي سازشن ۽
ظلمن جو طلسم پرزا پرزا ٿي ويو. گهرو لڙايون ختم
ٿيون، ڦرمار ۽ چوريءَ کي ٻنجو اچي ويو، ٻاهرين
خطرن کي ختم ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن امن ۽ صلح قائم
ڪرڻ کانپوءِ الله جي حڪم موجب اصلي مقصد ڏانھن
ڌيان ڏيڻ لڳا.
اڪبر لغاري

”اڪيلائيءَ جي
آلودگي“
]ناول
جو نفسياتي ۽ تنقيدي جائزو[
مجيب اوٺي جي ناول، ”اڪيلائيءَ جي آلودگي“،
جو مک ڪردار ’هادي‘، پنھنجي محبوبه عاليه جي جدائي
کان پوءِ اڪيلو ٿي وڃي ٿو ۽ هر وقت سندس يادن ۾ گم
رهي ٿو. جدائي جي عذاب کي منھن ڏيڻ لاءِ هو پئسي
جو استعمال ڪري ٻين عورتن جي رفاقت حاصل ڪري ٿو پر
اها رفاقت سندس درد جو درمان نه ٿي بنجي. هو
خوابن، ۽ تنھائي ۾ پناهه وٺي ٿو. کيس زندگي ۾ بي
معنويت نظر اچي ٿي. پر ان سان گڏ هو ڪتابن، موسيقي
۽ سامونڊي ڪناري جي فطري حسن کي به پنھنجي
پناهگاهه ٺاهي ٿو. مک ڪردار عملي طرح ڪو به ڪم
ڪونه ٿو ڪري. سندس پيءُ زميندار آهي ۽ مال پڙي جي
اسي سيڪڙو آمدني کيس ملي ٿي.
سندس دوست عاليه پي.ايڇ.ڊي
ڪندي هئي. هاديءَ جي ساڻس ذهني هم آهنگي هئي ۽ هو
ساڻس شادي ڪرڻ گھرندو هو. عاليه شڪايت ڪئي هئي ته
سندس پي.ايڇ.ڊي
سپروائيزر پروفيسر اڪرام، ساڻس جسماني تعلق رکڻ ٿو
چاهي ۽ عاليه وٽ صرف ٻه رستا هئا: يا ته هوءَ
پروفيسر جي ڳالھه مڃي وٺي ۽ ڊگري پوري ڪري يا ڊگري
اڌ ۾ ڇڏي هلي وڃي! عاليه ڊگري جي چونڊ ڪئي. هن
پروفيسرجي حوس جو شڪار ٿيڻ قبول ڪيو ۽ هادي جي
زندگي مان هميشه لاءِ نڪري وئي. هادي انھيءَ درد
کي دٻائڻ لاءِ سگريٽ، شراب ۽ عورت بازي جي غير
فطري چونڊ ڪئي جنھن کيس کوکلو ڪري ڇڏيو ۽ سندس
اندر ۾ انتقام جو زهر ڀرجي ويو جنھن ڪيئي زندگيون
تباه ڪري ڇڏيون ۽ بربادي سندس ۽ ٻين جي گھر جو
رستو ڏسي ورتو. (اڳتي هلي پروفيسر چوي ٿو ته عاليه
پي.ايڇ.ڊي
اڌ ۾ ڇڏي هلي وئي هئي، جنھن جي تصديق يا تريد ناول
۾ نٿي ٿئي جنھن سبب وڏو ابھام
پيدا ٿو ٿئي.)
هڪ ذيلي ڪھاڻي
ڪال گرل تانيه جي به آهي جيڪا پڻ اڪيلائي جو عذاب
سھي
ٿي. هادي جي همدردي ڏسي هوءُ ان جي ويجهو اچي وڃي
ٿي، پر جڏهن ڏسي ٿي ته محبت سندس لاءِ هڪ سراب
آهي، ته هوءَ پنھنجي تنھائي سميٽي چپ چاپ هادي جي
زندگي مان نڪري وڃي ٿي. هادي، تانيه کي عاليه جي
جاءِ تي رکڻ چاهي ٿو، پر ائين نه ٿي سگهيو، جو ان
لاءِ روحاني يا نفسياتي هم آهنگي لازمي هوندي آهي.
هادي اڪيلائي جو عذاب لاڳيتو چار پنج سال ڀوڳي ٿو.
خود ڪشي ۽ زندگي جي معنويت يا بي معنويت تي
سوچيندو رهي ٿو. بي چيني ۽ بي سڪوني واري ڪيفيت
کيس مسلسل پيڙا ۾ رکي ٿي. هڪ گول دائرو آهي جنھن ۾
ڪردار اڻکٽ چڪر لڳائيندو رهي ٿو. اڪيلائي، سگريٽ،
يادون، سوچون وغيره. جنھن کان پوءِ هو انتھائي
قدم کڻي ٿو ۽ انتقام جي آڙاهه ۾ ٻرندي، ڀيانڪ تشدد
ڪندي قتل ڪري ٿو.
ناول جي ٻولي خوبصورت، سنجيده ۽ پر اثر آهي. ڪھاڻي
۾ تجسس سبب پڙهندڙ جي دلچسپي شروع کان آخر تائين
برقرار رهي ٿي. ناول جي اڌ تائين خبر نه ٿي پوي ته
هن ڪھاڻي جو انجام مثبت ٿيندو يا منفي پر اڌ کان
پوءِ آهستي آهستي آثار نظر اچڻ لڳن ٿا ته انجام
منفي ۽ اونداهو ٿيندو.
تنھائي، هڪ اهڙو ٻه واٽو آهي، جنھن مان ڦٽندڙ ٻئي
رستا هڪٻئي جي متضاد ۽ مخالف سمت ۾ ويندا آهن. هڪ
رستو اختياري تنھائي وارو آهي جيڪو انسان جي
روحاني يا نفسياتي ارتقا لاءِ ضروري هوندو آهي.
فيلسوف، عالم، اديب، شاعر ۽ فنڪار هن رستي جي چونڊ
ڪري، خود شناسي ۽ تخليقيت جو سفر طئه ڪندا آهن ۽
جڏهن تنھائي مان نڪرندا آهن ته پھريان
کان بھتر
انسان ۽ بھتر
تخليقڪار بنجي پوندا آهن. ٻيو رستو مجبوري يا
پنھنجي مرضي سان به اختيار ڪيو ويندو آهي جنھن ۾
اداسي، مايوسي، خود رحمي، منفي خيالن جي يلغار، بي
عملي، نشي جو عادي ٿيڻ وغيره جھڙيون
بيماريون گھر ڪري وينديون آهن. جن جو انجام پنھنجي
۽ ٻين جي زندگين لاءِ عذابناڪ ثابت ٿيندو آهي. هن
ڪھاڻي جومک ڪردار، تنھائي جي منفي رستي جي چونڊ
ڪري هڪ ڀيانڪ انجام ڏانھن سفر ڪري ٿو. مثبت تنھائي
۾ ماڻھو
پنھنجي ذات کي پرت در
پرت کولي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هتي مک
ڪردار منفي تنھائي ۾ پنھنجي زخم جون ڪڙيون لاهيندو
رهندو آهي ۽ مسلسل اذيت مان گذرندو رهندو آهي.
”اڪسير جدائي کي آلودگي جي عذاب ۾ بدلائڻ“. هتي
مصنف جيڪي شاندار ترڪيبون استعمال ڪيون آهن اهي
ٻئي تنھائي جي ٻن مختلف رستن ڏانھن اشارو ڪن ٿيون.
هتي هڪڙو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عاليه جو عمل
سندس، ”چونڊ“ هئي يا وٽس صرف هڪڙو ۽ آخري رستو
بچيو هو؟ جنھن جو جواب خود مک ڪردار ٿو ڏي ته،”آخر
عاليه سپروائزر جي تبديليءَ بابت منھنجو چوڻ ڇو نه
مڃيوهو؟ ٻن راهن کان علاوه ٽين راهه به ته
هئي....“ تنھنڪري پروفيسر کان بدلو عاليه جي
مظلوميت جو بدلو نه پر مک ڪردار پنھنجي انا جي
مجروح ٿيڻ ۽ پنھنجي، ”نام نھاد
ملڪيت“ هٿ مان نڪرڻ جي ڪري وٺي ٿو. عاليه جو بدلو
تڏهن ٿئي ها جڏهن پروفيسر جو مطالبو پورو ڪرڻ کان
پوءِ هاديءَ سان تعلق ختم نه ڪري ها. هادي سان
تعلق ختم ڪرڻ انھيءَ ڳالھه
جي شاهدي آهي، ته جزوي طور عاليه خود به پنھنجي
پاڻ کي ان جو ذميوار سمجهي رهي هئي.
ٻيو سوال اهو آهي ته هادي، عاليه کي پروفيسر جي
بليڪ ميلنگ کان بچائڻ لاءِ، عاليه جي عملي مدد ڇو
نه ڪئي؟ ڇا صرف مشورو ئي واحد حل هو؟ پروفيسر
اڪرام جي مٿان به ته ڪجهه ماڻھو
هئا. انھن سان ڳالھائجي
ها، ڪنھن عورت پروفيسر کي حقيقت کان آگاهه ڪجي ها،
حراسمينٽ ڪميٽي وٽ دانھنجي ها، پر ان وقت هادي خود
مجرماڻي غفلت، بي همٿي ۽ اخلاقي ڪمزوري جو شڪار
ٿيو هو.
احساسِ ندامت (Guilty Feeling)
هن ناول جو مک نقطو جتي اڪيلائي آهي اتي احساسِ
ندامت ۽ انتقام جي نفسيات پڻ اهم نقطا آهن. انسان
ڪو به غلط ڪم ڪندو آهي ۽ منجهس ضمير جو ڪو ذرو
هوندوآهي، ته کيس ندامت ضرور محسوس ٿئي ٿي. جيڏي
وڏي غلطي يا گناهه، ندامت اوتري وڌيڪ ۽ گھري. هتي
مک ڪردار جا هٿ هڪ سفاڪ قتل جي رت ۾ ٻڏل آهن، جيڪي
سندس اندروني دنيا کي تباهه ڪرڻ سان گڏ، سندس
جسماني صحت ۽ سماجي تعلقات تي پڻ انتھائي
برو اثر ڇڏين ٿا. اهڙي ندامت مان جند آجي ڪرڻ لاءِ
انسان وٽ ٻه رستا هوندا آهن: هڪ اهو ته هو ان جو
ازالو ڪري پوءِ کيس ڪيڏي به قيمت ادا ڪرڻي پوي.
جيئن ناول ”ڪائيٽ رنر“ ۾ امير کان جيڪا غلطي ننڍي
هوندي ٿي وئي هئي، جنھن سبب سندس دوست تمام گھڻو
ڀوڳيو هو، ان جي ازالي لاءِ پنھنجي زندگي کي سخت
خطري ۾ وجهندي، دوست جي پُٽ کي بچائي وٺي ٿو ۽
ائين هميشه لاءِ ندامت جي احساس کان آجو ٿي وڃي
ٿو، ٻيو طريقو اهو آهي جيئن دوستو وسڪي جي ناول،
”ڪرائيم ائنڊ پنشمينٽ“ جو مک ڪردار ڪري ٿو. هو
پوليس وٽ وڃي، قتل جو اعتراف ڪري، سزا ڀوڳي ٿو ۽
جيل مان نڪرڻ کان پوءِ پنھنجي طوائف دوست سان شادي
ڪري وٺي ٿو جيڪا حالتن جي جبر هيٺ مجبور ٿي وئي
هئي. پر هن ناول جو ڪردار، اهي ٻئي رستا اختيار نه
ٿو ڪري يعني نه ازالو ڪري ٿو ۽ نه ئي قانوني سزا
ڀوڳي ٿو. وٽس اهو به موقعو هو ته هو تانيا سان
شادي ڪري احساس ِ ندامت کي ڪجهه گھٽائي سگهيو ٿي،
پر هو اهڙو ڪجهه نه ٿو ڪري ڇو ته ازالي ڪرڻ، سزا
ڀوڳڻ يا ڪا قرباني ڏيڻ لاءِ جنھن اخلاقي جرئت ۽ بھادري
جي ضرورت پوي ٿي، اها هادي ۾ ناپيد آهي.
ندامت جي گهري احساس کي جيڪڏهن مثبت طريقي سان
ميٽيو نه ٿو وڃي، ته اهو انتھائي
خوفناڪ ۽ منفي طريقي سان ظاهر ٿي جسم، ذهن ۽ سماجي
تعلقات کي اڏوهي وانگر کائي ختم ڪندو رهي ٿو. اهو
قضيئه غم جيڪو حل نه ٿئي، تباهڪن ثابت ٿيندو آهي،
پنھنجي لاءِ به ۽ پاڻ سان لاڳاپيل ٻين لاءِ به.
هتي به ائين ٿيو جيڪو منطقي طور ٿيڻو هو. مک ڪردار
خود ڪشي ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي ندامت جو انت آڻي ٿو.
انتقام جي نفسيات
انتقام يا بدلو وٺڻ جي پويان گهري نفسيات هوندي
آهي. صدين تائين ماڻھو
هڪٻئي کان بدلا وٺندا آيا آهن. صدين تائين اهو
خيال راسخ رهيو آهي ته بدلي وٺڻ سان بدلي جي باهه
وسامِي يا جھڪِي ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻھو
اندروني پيڙا مان آجو ٿي وڃي ٿو، پر جديد نفسيات
ان کي صرف مفروضو سمجهي ٿي. بدلي وٺڻ سان وقتي طور
ته شايد قرار اچي ويندو هجي پر بدلو وٺندڙ مستقل
اندروني خلفشار ۾ مبتلا رهي ٿو. ٻڌ مت، صوفي ۽
ڪيترائي فيلسوف انھيءِ ڳالھه تي زور ڏيندا رهيا
آهن ته بدلي وٺڻ کان وڌيڪ سڪون درگذر ۽ معاف ڪرڻ ۾
آهي. بدلي سان اندروني ڦٽ ڇٽڻ بجاءِ، اٿليو پون.
بدلي جي ڪيفيت مان گذرڻ وقت، انسان جي اندر ۾ شديد
ڪاوڙ، بي چيني، روين ۾ تلخي، روزمره جي ڪمن ۽
معمولات ۾ بي ترتيبي پيدا ٿي ويندي آهي. هن ناول
جو ڪردار هادي به ساڳين ڪيفيتن مان گذري ٿو ۽ سوچي
ٿو ته پروفيسر کان بدلي وٺڻ کان پوءِ کيس سڪون ملي
ويندو. جيڪڏهن مصنف، بدلي کان پوءِ هادي کي پرسڪون
۽ خوش ڏيکاري ها ته اها هڪ ناڪام ڪردار نگاري هجي
ها ۽ ناول نفسياتي حقيقت نگاري جي بجاءِ، عاميانه
ڪرائيم فئنٽيسي بنجي وڃي ها. اهڙي زبردست ۽ گھري
ڪردارنگاري تي مصنف کي مبارڪباد ڏجي ٿي.
منفي هيرو (Anti hero)
روايتي قصن ڪھاڻين جا مک ڪردار هيرو هوندا آهن،
جيڪي هر لحاظ کان مڪمل هوندا آهن ۽ منجهن ڪا
ڪمزوري نه هوندي آهي. اهي بشر هوندي به فوق البشر
لڳندا آهن پر ناول جا مک ڪردار بشر هوندا آهن ۽
منجهن بشري ڪمزوريون به هونديون آهن، پر اهي عام
انسانن کان بھادري،
عقل، علم، يا اخلاق وغيره ۾ بھتر
هوندا آهن ۽ حالتن سان مقابلو ڪندا آهن. ان جي
برعڪس، منفي هيرو ۾ عام هيرو واريون خوبيون به نه
هونديون آهن بلڪه ڪنھن حد تائين ان جي ابتڙ هوندو
آهي پر ولين نه هوندو آهي.
هن ناول جي مک ڪردار کي تخليق ڪندڙ مصنف جي ذهانت
کي داد ڏيڻ ضروري آهي. هن مڪمل منفي هيرو تخليق
ڪيو آهي جنھن ۾ سڀ اهي وصفون موجود آهن جيڪي مڃيل
ادبي نقادن وضع ڪيون آهن. هادي ۾ نه ته اخلاقي
جرئت آهي، نه ئي هو شخصي يا سماجي طور قابلِ تقليد
آهي، پر پوءِ به ڪنھن حد تائين پڙهندڙ جي دل ۾
همدردي پيدا ڪري وٺي ٿو. جيڪڏهن منجهس احساس ِ
ندامت نه هجي ها ته هي ڪردار ولين هجي ها.
هن ناول کي فاضل مصنف، اشارن ڪناين ۾ وجودي
(Existential) ناول ڪري پيش ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي
آهي، پر آءٌ هن کي وجودي ناول نه ٿو سمجهان. مک
ڪردار جي ڀوڳنا جو سبب وجودي بحران يا معنيٰ جي
تلاش نه پر قتل ڪرڻ سبب پيدا ٿيل احساسِ ندامت
آهي.
ليکڪ وچ وچ ۾ ڪھاڻي جي رواني ۾ مداخلت ڪري، ڪھاڻي
کان ٻاهر جون ڳالهيون به ڪري ٿو وڃي جنھن کي ناول
جي فن ۾ سٺي نظر سان نه ڏٺو ويندو آهي، پر مابعد
جديد دور ۾ ان کي منھن خراب ڪري ڪڙي گوري وانگر
نڙي کان هيٺ لاٿو وڃي ٿو. انھيءَ رويي کان جيترو
بچجي اوترو بھتر،
جيئن ڪتابن جو ذڪر، پارسي جوڙي جي ٽريجڊي،
ڪاوئوسجي جو ذڪر، صفدر زيدي جو ناول وغيره.
هادي جو دوست واحد بخش جنھن بيدرديءَ سان پروفيسر
تي تشدد ۽ کيس قتل ڪري ٿو، ان جي وحشت جو ڪو خاص
سبب سمجهه
۾ نه ٿو اچي، ڇو ته پروفيسر سندس سنئون سڌو مجرم
نه هو.
”خون يعني قتل جي خوشبو“....هيءَ هڪ غلط ترڪيب
آهي. خون يا رت جي مھڪ
ته ٿي سگهي ٿي، پر قتل جي خوشبو، درست ترڪيب نه ٿي
لڳي.
هڪ هنڌ مصنف لکي ٿو، ” عاليه جي بي وفائي ڪينسر
جيئان لڳي وئي هئم.....هن مونسان دوکو ڪيو
هو....هن منھنجي پاران پارايل ڪوڪو، نڪ مان لاهي
ڇڏيو هو، اهو محبت جي موت جو استعارو هو....“ اڳتي
هلي هو لکي ٿو، عاليه بابت مون سوچڻ ڇڏي ڏنو هو،
مون کي پڇتاءُ هو ته مون اهڙي محبوبه جي ڪارڻ هڪ
انسان جو خون ڪيو هو، جنھن مونسان شعوري بيوفائي
ڪئي هئي، جنھن منھنجو، امانت بڻيل پوتر جسم، ڪنھن
ٻي طلبگار کي تحفي ۾ ڏنو هو ۽ منھنجي روحاني دنيا
هميشه لاءِ نابود ڪري ڇڏي هئي!“ سوال اهو آهي ته
عاليه مظلوم هئي يا بي وفا؟ بي وفا هئي ته هن قتل
ڇو ڪيو ۽ جي مظلوم هئي ته بي وفا ڪيئن ٿي؟ هتي
ڪھاڻي ۾ فڪري جهول آهي.
جيتري سفاڪي سان قتل ڏيکاريو ويو آهي، اوترو وڏو
نفسياتي بحران نه ڏيکاريو ويو آهي.
پروفيسر ۽ عاليه جي ڪردارن کي صفا سرسري انداز ۾
ڏيکاريو ويو آهي، اتي وڌيڪ تفصيل جي ضرورت هئي.
تصور ۾ ئي سھي،
پر پروفيسر ۽ عاليه جي گفتگو ڏيکارجي ها، خود
عاليه به جيڪو بيان ڪيو، اهو ڪافي مبھم
آهي. عاليه ڪھڙي نفسياتي ڪشمش مان گذري، پروفيسر
وٽ وڃڻ کان پھرين
۽ پوءِ هن ڇا محسوس ڪيو، هو ڪيتري حد تائين ندامت
جي پيڙا مان گذري، گذري به يا نه وغيره. صرف هادي
جي يڪطرفه خودڪلامي سبب ڪھاڻي ۾ ڪجهه
کوٽ ۽ ٻنھي
جي ڪردار نگاري ڪمزوري جو شڪار ٿي وئي آهي.
هن ناول جي حيثيت گھڻي بھتر
هجي ها جيڪڏهن پروفيسر تي غير انساني ۽ بدترين
تشدد نه ڏيکارجي ها. ڪھاڻي جي ضرورت صرف قتل ڪرڻ
سان به پوري ٿي وڃي ها، پر جنھن انداز سان قتل ڪيو
ويو، ان ناول جي اڏام جا کنڀ ڀڃي وڌا آهن.
ڪجهه خامين جي باوجود، هي هڪ بھتر
ناول آهي.

 |