|
ڊاڪٽر اسد جمال
’پلي‘
سوانح عمري
مير محمد
”عنصري“
ساندرح
مرحوم مير محمدرح ولد ڀورو ساند جي
ولادت
1899ع
مطابق
1317هه
ڌاري ڳوٺ جانھرو ضلعو عمرڪوٽ ۾ ٿي، پاڻ ساند قبيلي
جا فرد هئا.
ساند قبيلي لاءِ اسان وٽ ٻه روايتون هلندڙ آهن.
(الف) پھرين روايت موجب
’ساند‘
سماٽ جي
’نُک‘
آهي.
’نسب
نامي‘
۾ هو
’ڄام
هالي‘
جي اولاد مان آهي.
هيءُ نالو ڄام هالي جي اولاد ۾ ڪافي
دفعا ورجايل آهي ۽ ڄام هالي جي پٽن جي اولاد سان
گڏ اچي ٿو ۽
”سمون
ساند“
سڏيو ويو.
(ب) ٻي روايت موجب ساند
’سوڍي‘
جي ڪل مان آهي. ۽ راٺوڙ نسل ۾ اچي ٿو. عرف عام ۾
اسان وٽ
”ساند
سوڍو“
سڏيو ويو آهي. هن لفظ کي
’سائوند
سوڍا‘
به اسان وٽ سڏيو ويو آهي. ٿرپارڪر جي علائقي جا
’ساند‘
سوڍا آهن ۽ سوڍا ڪَل جا سائوند يا ساند حضرت غوث
بھاءالدين ذڪريارحه جي تبليغ سان
مسلمان ٿيا.
ساڳي طرح
’ساوند‘
قبيلي يا ذات جو به ذڪر اچي ٿو. هيءَ ذات سماٽ ۾
ته آهي پر
’ڄام
هالي‘
جي اولاد ۾ ناهي، محظ صورتخطي جي ٿوري گهڻي
هڪجھڙائي سبب غلط فھمي پيدا ڪري ٿي ان کي ساند يا
سائوند سان ملايو ويو آهي، جيڪو درست نه ٿو لڳي.
راجپوت نسل جي
’سوڍا‘
ڪل مان جيڪي ٻيون ذاتيون اسان وٽ مسلمان ٿيون آهن
۽ موجود آهن انھن ۾ ڏوهٽ، سنگراسي، مَڏا وغيره ٿر
(ڍاٽ) ۾ آباد آهن.
’سوڍا
ساند‘
ذات جا چار پاڙا آهن جن ۾:
1.آسَڙُ،
2.
ڀَنو،
3.
وِڄڙَ،
4.
ويسو.
مرحوم مير محمد عنصري صاحب جي ذات مان ٻه ڳوٺ
پراڻي ٿرپارڪر ۾ علم ۽ درويشي جي ڪري مشھور آهن.
(الف) ولھيٽ ضلعي عمرڪوٽ جا عالم سڳورا ۽ مينئان
(ب) ٻھه شريف جا عالم سڳورا ۽ ميئان.
شجرو: محترم مير محمد
’عنصريرح‘
جو خانداني شجرو سندن وڏي بزرگ محمد مقيم تائين هن
طرح معلوم ٿيو آهي.5

تعليم: حضرت مير محمد عنصري مرحوم پھريائين پنھنجي
ڳوٺ جي مڪتب ۾ ابتدائي ديني ۽ درسي تعليم سان گڏ
قرآن مجيد ناظره مڪمل ڪيائون. ان بعد عربي جا
ابتدائي ڪتاب ۽ فقھه جا ڪجهه ابتدائي ڪتاب
’چيلھه‘
جي ڳوٺ ۾ سيد حاجي محمد حسن شاهه وٽ پڙهيو. آخر ۾
عربي ۽ فارسي جي تعليم پنھنجي وقت جي جيّد عالم
حضرت مولانا محمد عثمان قِرانيرح وٽ
مدرسه محمد عمر ڀنڀرو، پروڙ جي ڳوٺ ۾ پڙهيو.
مولانا قِرانيرح جي مدرسي ۾ طالب العلم
جماعتن جي شڪل ۾ پڙهندا هئا ۽ پنھنجو حوالو قرآني
جماعت اول، دوم وغيره طور ڏيندا هئا. پاڻ جڏهن
دستاربندي جي قريب پھتا ته ڪجهه ذاتي مجبورين سبب
پنھنجي ڳوٺ واپس آيا ۽ اچي پنھنجي مالداري ۽
زمينداري سنڀاليائون.
ان کان پوءِ ڪجهه سالن بعد ٻيھر تعليم جي حصول
لاءِ هندستان اُسھيا ۽
”ايوڌيا“
جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪيائون. ايوڌيا مان ڪڇ ۽
هندستان جي ڪافي شھرن جو سيرسفر پڻ ڪيائون. جنھن ۾
اجمير شريف، دهلي، لاهور، احمدآباد، بڙودا، بمبئي
۽ آگرو وغيره شامل آهن.
پاڻ جيڪي ٻوليون ڄاڻندا هئا، انھن ۾ سنڌي زبان سان
گڏ عربي، فارسي، اردو، هندي ۽ انگريزي زبانون شامل
آهن.
شادي ۽ اولاد: پاڻ جوڌپور شھر مان
”ڪرنل“
مَڇو خان پٺاڻ جي نياڻي محترمه رحمت بيگم (ولادت
1931ع)
سان شادي ڪيائون، جوڌپور ۾ سندس سھري جي ائڊريس،
رهائش مَڇو خان ڪي حويلي گلاب ساگر تلاءَ جوڌپور
رقم ٿيل آهي.
کين الله پاڪ چار فرزند عطا ڪيا: (1)
محمد عارف (ولادت
1951ع
لاولد ۽
12
آگسٽ
2013ع
تي وفات ڪري ويو) (2)
نظر محمد (ولادت
1953ع
هي وڏي عمر ۾ پڙهيو. مرحوم نظرمحمد
1976ع
۾ عمرڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ ۾ منھنجو ڪلاس فيلو
هو، سندس شادي ڪونه ٿي. وڌيڪ تعليم کي خدا حافظ
ڪري اچي ڳوٺ ۾ ٻني ٻاري جي ڪِرت سنڀاليائين.
12
نومبر
2017ع
۾ وفات ڪيائين) (3)
تاج محمد (1955ع
۾ پيدا ٿيو، ۽
29
مئي
2014ع
تي وفات ڪيائين، کيس هڪ فرزند ٿيو جيڪو حال حيات
آهي ۽ سندس نالو مير محمد (ثاني) آهي. مير محمد کي
ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي آهي). (4)
محمد رمضان (ولادت
1957ع
۽ وفات،
20
آگسٽ
2025ع)
تي وفات ڪيائين، کيس هڪ نياڻي آهي جيڪا محترم ڪريم
بخش جي گهر ۾ آهي.1
حُليو ۽ لباس: سندس لباس ۾ شلوار، قميص، پھراڻ ۽
شيرواني شامل هئا. بدن ڏٻرو، قد پنج فوٽ ڇھه انچ،
رنگ سانورو، مٿي جي وارن جو رنگ ڀورو هو. ٿورو
ڳالھائڻ ٿورو کائڻ ۽ گهڻي عبادت ڪرڻ سندس مزاج ۾
شامل هو. خوش الحان هئا مجلس ۾ ڪڏهن ڪڏهن ترنم سان
شعر پڙهندا هئا. وڏي عمر ۾ سندن رنگ ڳوراڻ مائل
محسوس ٿيندو هو. سندس هڪ اک مبارڪ تي نشان هو.
سندن رشد و هدايت جو سلسلو برصغير ۾ نقشبندي سلسلي
جي وڏي درسگاهه ۽ درگاهه، لنواري شريف سان رهيو.
جڏهن انگريزن جي آخري ايامن ۾ درگاهه شريف کي
اختلافن جي جنگاه ۾ منجهايو ويو2
ته عنصري صاحب انھن سڀني
معاملن کان مايوس ٿي هندستان طرف هليو ويو ۽ ڪجهه
وقت ايوڌيا ۽ جوڌپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
آخري عمر ۾ بزرگن، درويشن ۽ الله وارن جي صحبت
اختيار ڪيائون، ڳوٺ ۾ دنياداري کان پري الله جي
ذڪر ۾ مشغول هئا.
درس ۽ تدريس: پاڻ ابراهيم ساند جو تڙ3
لڳ ڇاڇرو ۾ مدرسو قائم ڪري درس و تدريس جو ڪم شروع
ڪيائون. اتي ڪجهه سال، تعليم ڏيڻ کانپوءِ پاڻ
ننگرپارڪر جي ڳوٺ
’ستيءَ
جا ڏهرا‘
۾ مدرسو قائم ڪري درس تدريس جاري ڪيائون. هن مدرسي
۽ اسڪول کي سرڪاري گرانٽ پڻ ملندي هئي. سندس
شاگردن ۾ علي محمد نھڙي، سبحان مڱريو کان علاوه
اوٺا ۽ گجو ذاتين جا افراد شامل آهن. آخر ۾ اچي
پنھنجي ڳوٺ جانھرو ۾ به ڪجهه وقت تعليم ڏنائون.
پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ گرهوڙ شريف جي سيد احمد شاهه
گرهوڙي (هنن سيدن سان عنصري صاحب جي خاندان جي
رشتيداري به هئي) کين پابند ڪيو ته پاڻ عيد جي
نماز گرهوڙ شريف ۾ پڙهائيندا. عنصري صاحب پنھنجي
حياتي جي آخري ايامن تائين اُها ذميواري
نباهيائون. عنصري صاحب علم رياضي، ڪيافھ، لغت،
تصوف ۽ حديث جي علمن جا ماهر هئا. اهڙي طرح شاعري
جي فن ۽ فڪر جي علمن کان به آگاهه هئا. عروض،
بيان، صرف ۽ نحو تي ملڪو هئن.
نثرنگاري ۽ شاعري: محترم مير محمد
’عنصري‘
تمام مٿاهين فھم ۽ فڪر وارو معرڪة الآرا شاعر هو،
جناب معمور يوسفاڻي صاحب پنھنجي ڪتاب
”مھراڻي
جا مور“
۾ لکي ٿو ته
”عنصري
صاحب تمام اعليٰ پايي جو شاعر ۽ نثرنويس هو. عربي
۽ فارسي ٻولين جو ڄاڻو هو. سندس ڪلام جو بياض
موجود آهي، ڪجهه وقت پاڻ صوفي فقير جي ڳوٺ ۾ فقير
قلندر بخش شھيدرح جي فرمائش تي
”صوفي
صديق فقير صادقرح“جي
سوانح ترتيب ڏنائون، جيڪا قلمي صورت ۾ صوفي صاحب
جي پونئرن وٽ موجود آهي. سندس ڪلام فن ۽ فڪر جي
لحاظ کان ڪنھن به طرح پنھنجي دور جي نمائنده شاعرن
کان گهٽ ڪونھي. دراصل ناري پٽ ۾ هن دور ۾ هڪ علمي
ٽمورتي هئي، جنھن ۾ نيڪ محمد سمون
’باطن‘،
حافظ درمحمد پلي ۽ مير محمد
”عنصري“
شامل آهن. اها ٽمورتي سنڌي ادب جي باغ ۾ هڪ سھڻي
گل مثل هئي.1
اڳتي هلي معمور صاحب لکيو آهي ته هن دور ۾ حاجي
مولوي محمد مبارڪ
’اثيم‘،
مير محمد عنصري ۽ نيڪ محمد
’باطن‘
ٽئي صاحب: ديوان شاعر هئا2.
هڪ ٻي ڳالھه به قابل غور آهي ته عنصري صاحب پنھنجي
نالي پٺيان هڪ جڳھه تي مير محمد عنصري
’عباسي‘
پڻ لکيو آهي. هن ڳالھه جي وضاحت ڪٿان به نه ملي
سگهي آهي. اندازي سان چئي سگهجي ٿو ته اِها علمي
نسبت ٿي سگهي ٿي، يا سندس سھراڻي آڪھه جي نسبت به
ٿي سگهي ٿي.
عنصري صاحب جي
”ديوان
عنصري“
جا ٽي جلد هئا ۽ سندس شاعري جا ٻه ٻيا ڪتاب گلزار
عنصري ۽ گلشن عنصري پڻ موجود هئا. هنن نالن سان
مولوي احمد ملاح جي شاعري دور، همعصري ۽ همسري
سمجهه ۾ اچي ٿي. افسوس اهو ٿو ٿئي ته هن هيڏي وڏي
شاعر جي ايتري علمي دولت ڪٿي گم ٿي ويئي. ڇا ڪنھن
حاسد نظر پنھنجي گوڏي هيٺيان ڏپائي ڇڏي يا اڃان به
قدرت ڪنھن ڪرشمي سان ڪنھن ٿپيل تھي مان ظاهر ڪندي.
الله پاڪ کي سڀ توفيقون آهن ۽ نااميدي گناهه آهي.
جيڪو ڪتاب پاڻ صوفي صديق فقير صادقرح
جي سوانح تي تيار ڪيائون، ان ۾ صوفي صاحب جون
’صدائون‘
به ڏيندا آيا آهن. اهڙي طرح سوانح جي موضوع سان
ڪافي ڪلام به صحيح پڙهڻين سان گڏ آيو آهي. سندن
نثر ۾ شائستگي، پختگي، سادگي ۽ سلاست آهي. هن ئي
ڪتاب جو نالو
”صوفيءَ
جو سفر“
آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪتاب هن
موضوع تي موجود ناهي.
”صوفيءَ
جو سفر“
۾ جيڪي روايتون ڏنيون ويون آهن، اُهي گهڻو ڪري
صوفي خيرمحمد صاحب ولد صوفي عبدالله مرحوم جون
روايت ڪيل آهن. عنصري صاحب ايترو ذهين هو جو
راويءَ جي راويت جيئن ٻڌي آهيس، ائين ئي نقل ڪئي
آهيس. روايتن جو انتخاب به سھڻو ته زبان به معياري
آهي.
ادا علي محمد ۽ محمد قاسم ٻڌايو ته عنصري صاحب جي
آخري ايامن ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
ناري جي سفر تي (غالباً
61-1960ع)
آيا. سندن هڪ دعوت اوڪراڙي جي پنھورن ۾ هئي. هتي
مخدوم صاحب سان عنصري صاحب ملاقي ٿيو. علمي ادبي
ڪچھري ٿي ۽ پنھنجو هڪ بياض مخدوم صاحب جن کي تحفه
طور ڏنائون، قبله مخدوم صاحب علم وارن جو قدردان
هو ۽ عنصري صاحب جي هڪ سُٺي شاعر طور عزت افزائي
ڪيائون.
وفات: عنصري صاحب ڪلمي پاڪ جي تنوار سان پھرين
محرم
1381هه
مطابق
1963ع
جمع جي ڏينھن پنھنجي مالڪ حقيقي سان مليو. سندن
آخري آرامگاهه حضرت خواجه عيسيٰ دشتيرح
جي قبرستان ۾ آهي.
وضاحتون:
(1)
معمور يوسفاڻي صاحب سنڌي ادب ۾ جيڪو تحقيقي ڪم
ڪيو، اهو اظھر من الشمس آهي، ان تحقيقي ڪم جو هڪ
حصو پراڻي ٿرپارڪر جي مشھور ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام
جي سھيڙ آهي، انھن بزرگ شاعرن ۾: حافظ درمحمد پلي،
سيد راضي شاهه لڪياري، نيڪ محمد باطن ۽ مير محمد
’عنصري‘
خاص آهن.
جناب مير محمد عنصريرح جا شاعري ۾ گهڻا
ڪتاب هئا، جيڪي هٿ نه اچي سگهيا. هيءُ جيڪو ڪلام
اسان جي هٿن ۾ آهي ان جي فائل تي لکيل آهي،
”عنصري
جو ڪلام“
مرتب: معمور يوسفاڻي. هيءُ ڪلام اشاعت جي لاءِ
سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ اسان هن
مسودي جو نالو عنصري صاحب جي گم ٿيل ڪتابن مان
يادگيري طور
”گلشن
عنصري“
منتخب ڪيو آهي.
(2)
جانھرو ۾ ڪچھري: تاريخ
24
ڊسمبر
2025ع
تي اربع جي ڏينھن صبح جو
10
وڳي عمرڪوٽ مان برادرم ابوبڪر ولد مولوي عبدالسميع
ساند کي ساڻ ڪري جانھرو شريف جي تاريخي ڳوٺ ۾
پھتاسين. هتي اسان جا ميزبان عنصري صاحب جو ڀائٽيو
محترم علي محمد ساند ۽ سندس فرزند هئا. ٿر ۽ ناري
جي سنگم تي
’ڪس‘
جي علائقي ۾
’مھراڻي‘
جي مھڪ واري هن ڳوٺ ۾ آباد اوطاق جي منظر ڏاڍو
متاثر ڪيو. اوطاق جي ٻاهران جديد زرعي اوزارن سان
گڏ چوپائي مال جي موجودگي، عاليشان خاطر تواضع ۽
اجرڪن جي اوڍاڻي انھيءَ اعتقاد جي پڪ ڏياري ته
واقعي ڀاڳين جا ڀاڻ قدرت خالي ناهي ڪندي.
هن ڪچھري ۾ ادا علي محمد جي اوطاق تي ڳوٺ جي معزز،
وڏيري محمد صديق مرحوم جو ننڍو فرزند ۽ مرحوم محمد
يوسف جو ننڍو ڀاءُ محمد قاسم ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر
محمد صديق به آڌرڀاءُ لاءِ اچي پھتا ۽ ڪچھريءَ جو
حصو بنيا. محمد قاسم ۽ ادا علي محمد کي اڳ ۾ عنصري
صاحب جي ڪلام جي اشاعت جو اطلاع هو. محمد قاسم ٻه
ڪتاب، مقولات تصوف مصنف: محمد ابراهيم سوڍڙو ۽
پارس، مصنف: نالي چڱو. شير محمد خاصخيلي (ٽنڊو جان
محمد) به تحفي طور ڏنا. ادا علي محمد صاحب، عنصري
صاحب جي هڪ پراڻي ڊائري ۽ پاسپورٽ پڻ ڏيکاريا،
ڊائري ۾ ڪجهه اردو ۽ فارسي شعر عنصري صاحب جا ۽
زمينداري ليکو پڻ لکيل هئا. هڪ اردو منقبت جا ڪجهه
شعر پڻ رقم ٿيل هئا. اردو شعر سڀ علامه اقبالرح
جا هئا. ادا علي محمد عمرڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ اسان
کان هڪ سال اڳ ۾ پڙهندو هو ۽ ادا نظرمحمد ولد مير
محمد عنصري
76-1975ع
۾ مئٽرڪ ۾ منھنجو ڪلاس فيلو هو ۽ برادرم ابوبڪر
مون کان هڪ سال پوءِ هو. اسين سڀ هاءِ اسڪول جي
هاسٽل ۾ گڏ رهندا هئاسين، هن هاسٽل جا ڪل اَٺ ڪمرا
هئا ۽ هرهڪ ڪمري ۾ چار چار شاگرد رهندا هئا. اڄ
احساس ٿئي ٿوته ڪاش! ان وقت عنصري صاحب جي سوانح
لاءِ جستجو ڪريون ها، جو ان وقت محترم محمد صديق
ساند، عنصري صاحب جا فرزند، استاد محمد قاسم پلي
(عنصري صاحب جو دلي دوست) ۽ ٻيا به گهڻا بزرگ
حياتي هئا، پر مڃڻو پوي ٿو ته هر ڪنھن ڪم ۾ قدرت
جون مصلحتون آهن ۽ وقت مقرر آهي.
(3)
ٿرپارڪر جا جيڪي به شاگرد ايم.اي سنڌي ڪندا هئا ۽
سائين معمور يوسفاڻي سان رابطي ۾ هوندا هئا، ته
پاڻ انھن کي ڪنھن نه ڪنھن موضوع تي ايم.اي فائنل
جي آخري پيپر ۾ مونوگراف لکائيندا هئا. خاص طرح
جيترو وقت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب سنڌ
يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جو صدر (Head
of Department)
هو، هيءُ شغل خاص رهيو. جوڻيجو صاحب معمور صاحب جو
شاعري جي ابتدائي مرحلن ۾ شاگرد رهيو هو. ان ڪري
تمام گهڻو احترام ڪندو هو ۽ معمور صاحب جي اها
خواهش هئي ته پنھنجي علائقي جي، ادبي تاريخ ۽ آثار
قديم تي گهڻو ڪم ٿئي ۽ هن علائقي جا نوجوان ئي ڪن
۽ آگاهه ٿين.
هن سلسلي ۾ ڪافي شاگردن مونوگراف لکيا ۽ انھن مان
ڪجهه ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ٿيا آهن. هن سلسلي ۾
سال
81-1980ع
۾ ولھيٽ ضلع عمرڪوٽ جي محترم استاد محمد عرس
’خادم‘
مڱريي صاحب پڻ مونوگراف لکيو. سندس عنوان هو
”ميرمحمد
عنصري جي سوانح ۽ ڪلام“
تاريخ
31
ڊسمبر
2025ع
تي مون کي هن مونوگراف جي هڪ ڪاپي ڪجهه ڪلاڪ مطالع
لاءِ محترم دوست فياض لطيف صاحب، ڊائريڪٽر
سنڌالاجي کان سندس آفيس ۾ ملي. اها سندس خاص عنايت
هئي ۽ مون هن ڪتاب مان ڪجهه نوٽس ورتا. سندس هن
ادبي تعاون لاءِ شڪرگذار آهيان.
محترم مير محمد عنصري صاحب تي اها واحد تحرير آهي،
جيڪا قلمي صورت ۾ موجود آهي. هن مونوگراف ۾ سائين
محمد عرس
’خادم‘
صاحب واضح لکيو آهي، ته استاد معمور يوسفاڻي هيءُ
عنوان مون کي کڻايو، پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان منظور
ڪرايو ۽ پوءِ وٽس موجود عنصري صاحب جو ڪلام به
ڏنائين ۽ سوانح جي به تياري ڪرايائين. اهڙي طرح
عنصري صاحب تي اها پھرين قلمي ڪاوش آهي جيڪا ڇپائي
جي انتظار ۾ موجود آهي.
(4)
ڪتاب
”صوفي
جو سفر“
شھيد قلندر بخشرح جي پونئرن وٽ موجود
آهي. مون هن ڪتاب جي هڪ فوٽو ڪاپي محترم
”پريتم
پياسي“
وٽ ڏٺي ۽ تازو صوفي فقير جو هڪ نوجوان به هن ڪتاب
جي فوٽو ڪاپي کڻي آيو ۽ ڪجهه ڏينھن مون مطالع ڪئي،
پر هن ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪتاب جو نالو
’صوفيءَ
جو سفر‘
لکيل نه هو.
(5)
جانهرو: ڪٿي ڪٿي تحرير ۾
’جانھيرو‘
به لکجي ٿو، پر معنيٰ جي اعتبار سان هيءُ
’جانھرو‘
ئي آهي. اهو ڳوٺ عمرڪوٽ کان ڪنري روڊ تي موجوده
روڊ جي اوڀر ۾ بئريج ۽ ٿر جي ميلاپ (ڪس) تي آهي.
هن علائقي کي مھراڻو چيو وڃي ٿو. عمرڪوٽ شھر کان
ڏکڻ اچبو ته تاريخي ڳوٺن جو هڪ سلسلو آهي جيڪو
وهرو، کيجڙياري، اوڪراڙو، سڀڙي، جانھرو، ساڏوري
کانپوءِ چيلھه وٽ پھچي پوءِ اولھه طرف ڪنري ڏانھن
مڙي ٿو.
هي اهوئي رستو آهي جيڪو ميان نورمحمد ڪلھوڙي جي
کوٽايل
’نور
واهه‘
جي ڦٽل وهڪري جي ڪناري تي ٺھيل آهي. موجوده نور
واهه هن کان اولھه آهي ۽ سڄي علائقي کي پيچ ڪري
ٿو. پراڻو نور واهه اهو آهي، جنھن جي لاءِ ڪلھوڙا
دور جي بزرگ ابن فقير دهلڙي واري، ميان نورمحمد
ڪلھوڙي کي وهري شريف جي مدرسي جي شاگردن کي ڪوٽ جي
تعمير لاءِ بيگر ۾ وٺڻ سبب پاراتو ڏنو هو ته:
واه وهندو ڪين ڪي مَ ڪر ماڻھن کي ماه،
ڪوٽ اڏبو ڪين ڪي، سِرن جي سانباه،
ڳوڙهياري وٽ ڳاهه وڃي
’نورو‘
ٿيندين نڪري.
مٿيون پاراتو حرف به حرف سچ ٿيو، جنھن جا تفصيل
معمور صاحب جي ڪتابن
”سنڌ
۾ شاهه ولي الله جا همعصر بزرگ“
۽
”لطيف
جا ٿر تان ڀيرا“
۾ موجود آهن.
هيءُ سڄو علائقو هاڪڙي جي اڀرندين ڪناري سان آهي،
جيڪو سڄو اسلام کان اڳ ۾
’ٻڌ
ڌرم‘
جي اثر هيٺ هو. ٻوڌين جي عبادتن جا آستان
’وهار‘
سڏجن ٿا ۽ هن علائقي ۾ ڪيترائي نالا آهن، جيڪي
’وهار‘
ڏانھن اشارو ڪن ٿا. جيئن: کڻھار، ولھار وغيره ائين
وهرو ۽ جانھرو به انھيءَ تسلسل جا نالا آهن.
ميان عبدالنبي ڪلھوڙي جي دور ۾ ڇاڇرو ڦرڻ ۽ لٽڻ
بعد جڏهن
”مدد
خان پٺاڻ“
(جيڪو سنڌ جي برفت قبيلي جو فرد هو ۽ افغان
بادشاهه وٽ فوج ۾ ملازم هو) جانھرو ڦُر ڪرڻ لاءِ
پھتو ته جانھري جي هڪ عالم سڳوري جنھن جو نالو
حافظ عبدالرحيم ولد عبدالحميد پلي هو تنھن کيس عرض
ڪيو، ته مدد خان تون به حافظِ قرآن آهين ۽ آءٌ به
حافظ آهيان. انھي حفظ جي صدقي ڳوٺ تان ڦر بند ڪر.
پوءِ مدد خان، حافظ عبدالرحيم کان ڪجهه
’سورتن‘
جا ابتا سبتا رڪوع امتحان طور پڙهايا ۽ جڏهن حفظ
جي تسلي ٿي ته ڦر بند ڪرايائين. ڪتاب
”ٿر
پارڪر جو مطالعو“،
”ڪائو
ڪمايوم“.
ان کان پوءِ
”جانھرو“
ڳوٺ بجاءِ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ آباد ٿيو ۽
”جانھرو
پَٽُ“
سڏاڻو. هتي تمام وڏو مدرسو هو، جنھن مان جيڪي به
عالم پڙهي نڪتا اُهي
’بحرالعلوم‘
سڏيا ويا.
موجوده جانھرو ڳوٺ جو سلڇڻو ۽ لائق وڏيرو محمد
صديق ساند مرحوم هو ۽ پوءِ سندس وڏو فرزند محمد
يوسف مرحوم ٿيو. هنن وڏيرن سنڌ جي ڪلاسيڪي وڏيري
جو ڪردار نباهيو آهي. ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول ۽ اسپتال
هن ڳالھه جو ثبوت آهن. هن وقت نوجوان محمد قاسم
ولد محمد صديق جي ذمي سڀ ذميواريون آهن.
اسان جو
”بيچ
ميٽ“
محترم کٽومل
’جيون‘
به هن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو. هڪ غريب گهر مان محنت
ڪري ڪراچيءَ مان ڊاڪٽر جي تعليم حاصل ڪري پوءِ
سياست جي ميدان ۾ آيو ۽ ڪامياب ٿيو، اهڙيءَ ريت
قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ٿي برجستگي سان
پنھنجي راڄ ڀاڳ ۽ عوام جي خدمت ڪندو رهي ٿو.
جانھري جي سياسي، سماجي ۽ علمي پسمنظر مان ئي
مرحوم ميرمحمد عنصر صاحب اٿيو ۽ پنھنجي علم ۽ شعور
جي ڌاڪ ڄمائي، علائقي جي علمي ساک کي اتاهون
ڪيائين۔ بھتر آهي ته ڪنھن به دور جي ڪنھن شاعر کي
ٻئي سان نه ڀيٽجي، جو گلستان جي هر گل جي پنھنجي
خوشبوءِ آهي. عنصري صاحب جو ڪلام پڙهجي ٿو ته حيرت
ٿي لڳي، ته هو واقعي
’قادرالڪلام‘
شاعر آهي. سندس شعر کي انھيءَ ڪري به دوام آهي جو
سندس عقيدي ۽ نظريي کي دوام آهي. سندس شاعري شعر
جي مڙني رنگينين مان گذري توحيد ۽ رسالت تي مرڪوز
آهي ۽ توحيد ۽ رسالت جو پيغام ئي دنيا ۾ دوام وارو
پيغام آهي. سندس ئي ڊائري ۾ تحرير ٿيل علامه اقبالرحه
جا هي شعر هن سڄي بحث جو لبِ لباب آهن ته:
سبب کچھ اور ہے
جو تو خود سمجھتا ہے،
زوال بندۂ
مؤمن کا بے
زری
سے
نہیں۔
(1940-7-21)
کی
محمّد سے
وفا تونے
تو ہم تیرے
ہیں،
یہ
چیز
ہے
کیا،
لوح و قلم تیرے
ہیں۔
(1939-6-30)
حوالا:
·
ڪتاب مھراڻي جا مور، مصنف: معمور يوسفاڻي
·
نسب نامه سنڌ، عبدالڪريم آزاد سميجو
·
مقولات تصوف، محمد ابراهيم سوڍڙو
·
شاهه ولي الله جا سنڌي همعصر بزرگ، معمور يوسفاڻي
·
لطيف جا ٿر تان ڀيرا، معمور يوسفاڻي
·
ٿرپارڪر جو مطالعو، معمور يوسفاڻي
·
مير محمد عنصري جي سوانح ۽ ڪلام، محمد عرس خادم
مڱريو، قلمي
·
ٽماهي
”مھراڻ“
1/2021ع،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
·
ٽماهي
”مھراڻ“
2/2023ع،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
عنصري صاحب جي دستياب ٿيل پاسپورٽ جي ڪجهه صفحن جا
عڪس
|