|
اعظم ڀٽي

شاهواڻي ٽالپر خاندان جي معزز شخصيت
مير مشتاق علي ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو
ٽنڊو محمد خان جا ٽالپر، مير شاهو ٽالپر جي نسبت
سان ٽالپر اميرن جي بنيادي مکيه شاخن مان شاهواڻي
شاخ سان تعلق رکن ٿا، تنھنڪري شاهواڻي ٽالپر سڏجن
ٿا. شاهواڻي ٽالپرن جي وڏي مير شاهو کي ڇھه پٽ
هئا: پھريون مير ڪرم خان، ٻيو مير غلام محمد، ٽيون
مير سيد خان (ڪن تاريخن ۾ سعيد خان لکيل آهي)،
چوٿون مير محمد ملوڪ، پنجون مير مراد خان ۽ ڇھون
مير سردار خان.
مير شاهو جي ٻي نمبر پٽ مير غلام محمد کي ٻه پٽ
مير حاجي احمد خان ۽ مير محمد خان ٿيا. هنن ٻنھي
ڀائرن مان مير محمد خان ٽالپر، 1791ع ۾ ٽنڊو محمد
خان شھر ٻڌرايو.
مير حاجي احمد خان کي وري ٻه پٽ ٿيا، ھڪ مير محمد
حسن ٽالپر ۽ ٻيو مير غلام حيدرٽالپر. وري مير غلام
حيدر کي هڪ پٽ مير احمد خان ٽالپر نالي ٿيو، مير
احمد خان کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ مير غلام الله ٽالپر ۽
ٻيو مير علي مراد خان ٽالپر. وري مير غلام الله
کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ مير بنده علي ٽالپر ۽ ٻيو مير
حسين بخش ٽالپر.
مير بنده علي ٽالپر کي ٻه پٽ هڪ مير غلام علي خان
ٽالپر ۽ ٻيو مير علي نواز ٽالپر ٿيا، هي ٻئي ڀائر
ملڪ ۽ سنڌ جا سينيئر سياستدان ۽ وزارتن جي منصب جا
ڌڻي رهيا.
مير علي نواز ٽالپر (جنم: 10 جون 1924ع، وفات: 13
جنوري 1964ع) کي وري ڇھه پُٽ ٿيا، جن ۾ پھريون مير
مشتاق علي ٽالپر (جنم: 4 آگسٽ 1948ع، وفات: 7
ڊسمبر 2025ع)، ٻيو مير غلام الله ٽالپر (جنم: 18
جنوري 1954ع، وفات: 16 جون 2016ع)، ٽيون مير مير
معشوق علي خان ٽالپر (جنم: 5 اپريل 1955ع)، چوٿون
عاشق علي ٽالپر (جنم: 5 اپريل 1955ع، وفات: 3
جولاءِ 2022ع)، پنجون مير شوڪت علي عرف مير راجه
ٽالپر (جنم: 17 آڪٽوبر 1956ع) ۽ ڇھون مير جاويد
علي ٽالپر (جنم: 15 نومبر 1961ع، وفات: 31 ڊسمبر
2012ع) شامل آهن.
مير علي نواز ٽالپر اول جي ڇھن فرزندن مان مير
مشتاق علي ٽالپر سڀني کان وڏو هو. مير مشتاق علي
ٽالپر، ٽنڊي محمد خان جي شاهواڻي ٽالپرن جي اهم،
سُلجهيل ۽ اثرائتي شخصيت طور سڃاتو ويندو هو، جنھن
زماني ۾ سندس چاچو، نامور سياستدان مير غلام علي
ٽالپر وزير هو ۽ ڪراچي ۾ ’قصر ناز‘ سندس رهائشگاهه
هئي، اتي مير مشتاق علي ٽالپر جو جنم 4 آگسٽ
1948ع تي ٿيو. مير مشتاق ٽالپر، هولي ٽرائنٽي
اسڪول ۽ گورنمينٽ اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ ابتدائي
تعليم حاصل ڪئي، ان کانپوءِ سينٽ بونا وينچر اسڪول
سان گڏ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان تعليم حاصل
ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان بي.اي جو امتحان پاس
ڪيائين. پاڻ ڪراچي روٽري ڪلب جو نه رڳو سينيئر
ميمبر رهيو، پر ڪراچي ڪانٽيننٽل ڪلب جو سال
2001ع-2000ع ۾ صدر به رهيو. هُو ڪراچي جي
ڪيليڊونين
Caledonian
سوسائٽيءَ ۽ سنڌ ڪلب جو پڻ ميمبر رهيو. کيس جھنگلي
جيوت (Wild
Life)
سان بيحد پيار هو، ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان
ماحول کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ هن جون ڪوششون تعريف
جوڳيون رهيون. کيس قديم آثارن سان، توڙي قديم
تاريخي شيون گڏ ڪرڻ سان پڻ دلچسپي رهي، جن مان
ڪجهه نواردات سندس ٽنڊو محمد خان واري بنگلي ۾
رکيل آهن ته ڪجهه وري ڪراچيءَ واري گهر ۾ سجايل
آهن. سير و سفر ۽ سماجي خدمتون سندس اهم مشغلو
رهيون. پاڻ ڪراچي جي ڪيوينس "Kiwanis"
ڪلب جو پھريون چارٽر ميمبر رهيو. فلاحي ڪمن ۾ کيس
رُوحاني تسڪين ملندي هئي. ڪراچي، ٽنڊو محمد خان
توڙي ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ هُو وڏي عرصي کان مفت
اکين جي علاج جون ڪئمپون لڳرائي اکين کان بي نُور
مريضن کي نُور موٽرائي ڏيڻ جون اڻٿڪ ڪوششون ڪندو
رهيو. ان کان علاوه نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ
ڪراچي ۾ برن يونٽ "Burn
Unit"
جو بندوبست ڪرڻ ۽ مسڪين ماڻھن جون تڪليفون دور ڪرڻ
لاءِ هو خاموشيءَ سان ڪم ڪندو رهيو. 2002ع ۾ هن
ڄاڻايل ”برن يونٽ“ کي ٻٽيھه هزار آمريڪي ڊالرن جي
گرانٽ ڏياري، تاريخ ساز ڪارنامون سرانجام ڏنو. هُو
آر.آءِ ڊسٽرڪٽ 3270 جي ورلڊ ڪميونٽي سروسز ڪميٽي
جو ڪو چيئرمين به رهيو. نه فقط پنھنجي ملڪ ۾ پر وس
۽ وت آهر ٻاهرين ملڪن جي غريب ماڻھن جي به مدد
ڪندو رهيو. مير مشاق ٽالپر جي شادي سندس چاچي،
نامور سياستدان مير غلام علي ٽالپر جي نياڻيءُ
سان ٿي. جنھن مان کيس ٻن نياڻين ۽ هڪ فرزند مير
علي نواز ٽالپر جو اولاد آهي، مير مشتاق ٽالپر
زمينداري سميت، جاگيردارن پاران هارين سان ٿيندڙ
ناانصافين وارن معاملن ۾ به تمام گهڻو فعال رهيو.
جنرل ضياءّ جي مارشل لا واري دور ۾ ايم.آر.ڊي جي
تحريڪ دوران 16 آگسٽ 1983ع تي گرفتار ٿيو،
حيدرآباد ۽ خير پور جيلن ۾ کيس قيد و بند ۾ رکيو
ويو. نيٺ 22 جنوري 1984ع تي کيس آزاد ڪيو ويو.
جڏهن غلام مصطفى جتوئي، پاڪستان پيپلز پارٽي کي
الوداع ڪري نيشنل پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو ته هي
ان ۾ شامل ٿيو، جتي هو سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو
ميمبر رهڻ سان گڏ صوبائي نائب صدر جي عھدي تي به
فائز رهيو. آفريڪا ۾ غريب ماڻھن لاءِ کوٽايل کوهن
جي بندوبست وارن نيڪ ڪمن ۾ روٽيرين مير مشتاق علي
ٽالپر جو وڏو هٿ رهيو. مير مشتاق ٽالپر هڪ بھترين
مھمانواز طور ۽ مختلف فردن ۽ ادارن جي ڀرپور حوصلا
افزائي جي حوالي سان به ناماچاري ماڻي. ايتريقدر
جو دنيا جي مختلف ملڪن جون ڪيتريون ئي اهم
شخصيتون، وٽس هلي اچي مھمان ٿي رهيون. هن 1994ع ۽
1995ع ۾ مسلسل ٻه ڀيرا نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي
جنرل اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي
پڻ ڪئي. مير مشتاق ٽالپر جو والد مير علي نواز
ٽالپر ’اول‘ اولھه پاڪستان اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي
جو ميمبر رهيو، ٻه دفعا وزير رهيو. هڪ دفعو
عبدالستار پيرزادي جي ڪابينا ۾ ۽ ٻيو دفعو نواب
مظفر قزلباش جي ويسٽ پاڪستان ڪابينا ۾. جنھن
ڪابينا کي جنرل ايوب خان ختم ڪري، ملڪ ۾ مارشل لا
لاڳو ڪئي. توڙي جو مير علي نواز ٽالپر جي شريفانه
شخصيت ۽ طبعيت جو هر ڪو متعرف رهيو آهي پر ون يونٽ
جي حمايت سبب قومي سوچ جي حوالي سان مٿس سخت تنقيد
به ٿيندي رهي آهي ته هو ون يونٽ جي حمايت ڪندڙن ۾
شامل هو. مٿس اهو سياسي داغ تاريخ جي صفحن ۾ درج
ٿيل آهي. جڏهن ته سندس ڀاءُ مير غلام علي ٽالپر ون
يونٽ جي سخت مخالفت سبب وڏي عتاب جو شڪار رهيو.
مير مشتاق ٽالپر، علمي ۽ ادبي سرگرمين کي هميشه
همٿائيندو رهيو. هن ڪيترائي سال ٽنڊي محمد خان جي
دي سمارٽ اسڪول ۾ تعليمي حوالي سان پھرين پزيشن
کڻندڙ شاگردن کي انعام طور پنھنجي مرحوم ڀاءُ مير
غلام الله ٽالپر جي ياد ۾ ”مير غلام الله ٽالپر
ميموريل گولڊ ميڊل“ سان نوازيو. ان کان علاوه ٽنڊي
محمد خان ۾ شاندار ادبي خدمتن عيوض 2022ع کان سنڌي
ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جي توسط سان هر سال
”مير غلام الله ٽالپر لٽرري گولڊ ميڊل“ ڏيڻ جو
سلسلو به جاري رکيو. علمي ۽ ادبي سرگرمين جي حوالي
سان سندس اهڙن همت افزائي وارن قدمن کي ساڃاهه وند
حلقن پاران دلي طور ساراهيو وڃي ٿو. سندس گهڻ رُخي
خدمتن جو سلسلو سندس پيرسنيءَ، بيماريءَ ۽ وڇوڙي
جي وڍ طور پُڄاڻي تي پھتو. هُو ڪجهه ڏھاڙا ڪراچي
جي ضياءُ الدين اسپتال ۾ علالت ۾ رهڻ بعد 7 ڊسمبر
2025ع مطابق 15 جمادي الثاني 1447 هجري، آچر تي
صُبح جو يادن جا ڪيئي داستان ڇڏي، جسماني طور
هميشه لاء وڇڙي ويو. کيس ٽنڊي محمد خان جي بوائز
ڊگري ڪاليج روڊ تي شاهواڻي ٽالپرن جي قبرستان ۾
مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو
غلام سرور جتوئي

ڪوئٽه ڏانهن سفر
]ماھتاب
محبوب ڏانھن لکيل خط[
سنڌ جو مشھور ملھه پھلوان غلام سرور ولد قلب علي
خان جتوئي، 1952ع ڌاري، ڳوٺ فريد خان جتوئي، تعلقي
خانپور، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو
شمار به سنڌ جي اھم ملھه پھلوانن ۾ ٿيندو ھو.
ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم خانپور ۽
شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ شاھه لطيف ڪاليج
شڪارپور مان بي.اي جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ ملھه جو
تجربيڪار کيڏاري هو. شير ميربحر، سيد سمن شاھه ۽
پستول شيدي سندس جوڙ جا ملھه پھلوان ھئا. غلام
سرور جتوئي سنڌ ۾ ٿيندڙ ملاکڙن ۾ ھر جوڙ جي
پھلوانن سان ملھه وڙھي سوڀارو رھيو. ھن لعل شھباز
قلندر، سمن شاھه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين
بزرگن جي ميلن ملاکڙن ۾ پنھنجي زور ۽ ھنر جا ڪرتب
ڏيکاريا. پاڻ ھڪ تعليم يافته ملھه ھو، جنھن ان کان
پوءِ پنھنجي والد قلب علي جتوئيءَ کان ملھه راند
جي تربيت وٺي ميدان ۾ لٿو.
ھن 1971ع ۾ ملھه وڙھڻ شروع ڪئي ۽ جلد ئي 1972ع ۾
ٻئي جوڙ جي پھلوانن ۾ شمار ٿيو. ڪيترائي انعام،
گولڊ ميڊل ۽ ٽرافيون کٽڻ بعد پھرئين جوڙ جو ملھه
بڻيو. تعليم يافته ھجڻ سبب سڀني ملھه پھلوانن گڏجي
کيس ائسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. 1982ع
کان 2011ع تائين پاڻ اِن عھدي تي رھيو. شاھه لطيف،
سچل سرمست، قلندر شھباز ۽ ٻيا اوارڊ ۽ انعام حاصل
ڪيا. ان کان علاوه هن 30 سونا ۽ 40 چانديءَ جا
ميڊل، 200 ٽرافيون، 50 کان وڌيڪ شيلڊون ۽ ٻيا روڪ
انعام حاصل ڪري مڃتا ماڻي. ملھه جي پھلوانيءَ ۾
کيس ’رستم سنڌ‘ ۽ ’چيمپئن پھلوان‘ جا لقب پڻ مليا.
هن ملڪ کان ٻاھر به پھلوانيءَ جي عالمي مقابلن
دؤران افغانستان، روس ۽ ٻين ملڪن ۾ پاڪستان جي
ڪاميابيءَ سان نمائندگي ڪئي. 4 آڪٽوبر 2011ع تي
ٺيڙھي (خيرپور) جي دادن شاھ ڳوٺ وٽ کيس قتل ڪيو
ويو.
Respected Madam!
ڪراچيءَ ۾ زندگيءَ جا هزارين ڏينھن ۽ راتيون
گذاريون اٿم، پر موجوده گرمين جھڙي تپش ۽ هٻس ڪڏهن
نه ڏٺي اٿم. مان ۽ سجاد، سھراب ڳوٺ ڪراچي ۾ رات جو
هوا کائڻ لاءِ هڪ هوٽل جي ٻاهران رکيل ڪرسين تي
ويٺا هئاسين ته هوٽل مالڪ (جيڪو ڪوئٽه جو پٺاڻ
آهي) اچي ڀرسان ويھي ڪچھري ڪرڻ لڳو ۽ چيائين ته،
”پھلوان، آءٌ ٻن ڏينھن کانپوءِ ڪوئٽه ويندس، تون
به مون سان گڏ گاڏي ۾ هل، تنھنجي پراڻي سنگت توکي
تمام گهڻو ياد ڪري ٿي ڇو ته توهان ڪجهه سالن کان
ڪوئٽه نه ويا آهيو.“
مقرر تاريخ تي اسان ٻئي روانا ٿياسين، ڪراچي کان
نڪتاسين ته رياست، لسٻيلو شروع ٿيو، حب چوڪي،
وندر، اوٿل مان گذري ٻيلي شھر، سامھون پھتاسين. هن
ملڪ جا ماڻھو سڀ سنڌي آهن. چون ٿا موجوده لس جي
ڄام حڪمرانن کان اڳ ۾ ٿاڻو بولاخان وارا ملڪ، لس
جا حاڪم هئا. سندن حاڪمن، جي فھرست ۾ مائي چاڳلي
به شامل آهي، جنھن به هن رياست مٿان حاڪميت ڪئي پر
پوءِ عالياڻي ڄامن، ملڪن کي ڊوڙائي پاڻ حاڪم ٿيا.
اڌ صديءَ کان به اڳ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”ٻيلاين
جا ٻول“ نالي ٿيسز لکي هتان جي تاريخ، ادب ۽ ڪلچر
بابت تمام گهڻي ڄاڻ ڏئي
Ph.D
جي ڊگري حاصل ڪئي.
هي ملڪ اڳ ۾ ته باراني هو، پر تازو هتي ڪيلي جو
فصل ايترو ته ڪامياب ويو جو هر طرف ڪيلا ئي ڪيلا
نظر اچن ٿا (ٽيوب ويلن تي!) ٻيلي کان ئي ايراني
تيل جو وڪرو شروع ٿئي ٿو، ويندي ڪوئٽه تائين، هر
هنڌ چپي چپي تي رستي جي ٻنھي پاسن کان تيل جا ڀريل
ڊرم نظر آيا. پاڪستاني تيل کان 10 روپيه اگهه گهٽ
۽ تيل به سٺو پوءِ ڇو نه گاڏين وارا وٺندا. ٻيلي
کان پوءِ جابلو علائقو شروع ٿئي ٿو جيڪو قلات
تائين هلي ٿو. جبل به بنھه بدصورت مٿن ساوڪ جو
نالو نه نشان. ان جي مقابلي ۾ صوبه سرحد جا پھاڙ
تمام گهڻا خوبصورت آهن. ان وچ ۾ خضدار جو شھر
مڙيئي چڱڙو آهي نه ته باقي سڀ خير. اهوئي سبب آهي
جو ان علائقي جون بروهي قومون بُک ۾ مري سنڌ ڏانھن
رخ پئي ڪيو.
خضدار ۾ پونم وارن جي هڙتال سبب ٽي ڪلاڪ هڪ هوٽل
تي ويھي رهياسين. ان وچ ۾ ڪيئي شھر آيا پر سنڌ سان
ڪوبه مٽ ثاني ناهي. قلات جو شھر ٻاهران ڦٽل قلعي
جيان نظر آيو. قلات جو سنڌ سان تمام گهڻو واسطو
رهيو آهي، هتان ئي ڪيترا دفعا سنڌ تي حملا ٿيا ۽
هتي ئي حڪومتن جا فيصلا ٿيا. اڪثر هارايل ماڻھو
وري حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ قلات، ڪابل ۽ قنڌار جو رخ
ڪندا هئا. رياست قلات جي قلعي ۾ ڪوٽڏيجي، نيرون
ڪوٽ ۽ رني ڪوٽ وارن قلعن جھڙي ڪشش ڪٿي. مون کي ته
انھن ماڻھن (عالمن) تي حيرت ٿيندي آهي جيڪي چوندا
آهن، ته رني ڪوٽ ۽ ڪوٽ ڏيجي وارا قلعا ٽالپرن
ٺھرايا هئا. مان ڪوٽ ڏيجي وارو قلعو ڪيترا دفعا
گهمي ڏٺو آهي. ان لاءِ هڪ ئي دليل ڪافي آهي ته
انگريزن جي دور ۾ ڪھڙي بادشاهه وٽ هاٿي هئا، جو
خيرپور جي ٽالپرن، هاٿين جي ڊپ کان مکيه دروازي جي
ٻاهران مضبوط لوهه جا نيزا هڻائي ڇڏيا ته متان
هاٿي دروازو نه ڪيرائين. سنڌ جي تاريخ سان جُٺيون
ٿيل آهن جو وڏا وڏا نالا سيمينارن ۾ ائين چوندي
ذرو به نه ٿا سوچين ته رني ڪوٽ جو قلعو حيدرآباد
جي ميرن ٺھرايو. سن کان پري جبلن ۾ ميرن کي ايڏي
وڏي قلعي ٺھرائڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي، کين ڪھڙو ڊپ
هو يا ايڏو وڏو سرمايو هنن آندو ڪٿان!؟
ڪوٽ ڏيجي جي قلعي مٿان گهمي مون کي ته اکين مان
پاڻي اچي ويندو آهي، ايڏو سھڻو قلعو ۽ سھڻي هنڌ تي
ٺھيل ائين ويران ۽ بي مالڪو، واهه سنڌڙي تنھنجا
ڀاڳ. جيڪڏهن دنيا جي ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ اهڙو قلعو هجي
ها ته ملڪ جو بادشاهه ان اندر رات گذارڻ ۾ فخر
محسوس ڪري ها.
ڳالھه هئي قلات جي. ياد آئي سنڌ قلات کان پوءِ
باغات شروع ٿيا، ڪوئٽه تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان
هر قسم جا باغات هئا. تان جو شال ڪوٽ (ڪوئٽه جو
پراڻو نالو) واري شھر ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ مون کي
اها رات به ياد آئي، جو اڄ کان اٽڪل اَٺٽيھه سال
اڳ ۾ پنھنجي مرحوم والد سان گڏ پھريون دفعو ڪوئٽه
ڏٺي هيم. ان وقت مان شھر ۾ ڪٿي به ڪا ٻه ماڙ عمارت
نه ڏٺي هئي، نه وري ڪا پڪي ڇت واري عمارت ڏسڻ ۾
آئي. سڀني عمارتن جون ڇتيون لوهه جي چادرن جون
هيون. ان جو سبب اهو معلوم ٿيو ته 1935ع ۾ ڪوئٽه ۾
وڏو زلزلو آيو هو، جنھن ۾ هزارين ماڻھو جڳهن اندر
دٻجي فوت ٿيا هئا. پر هن وقت ڪوئٽه ۾ ڪيئي ماڙ
عمارتون به آهن. ماڻھن ۾ ڪوبه ڊپ ناهي. ڇتيون
RCC
۽ لوهه جون آهن.
قنڌاران سنڌ ڏانھن لشڪر هن شھر ۾ منزل ڪندا هئا.
چلتن جي پھاڙن جي وچ واري ماٿري وارو شھر آبھوا جي
لحاظ کان تمام گهڻو پيارو آهي. مان جڏهن ملھه ۽
ملاکڙي واري دنيا ۾ آيس ته خبر پئي ته ڪوئٽه جا
پٺاڻ به اسان وانگر ملھه (ٿوري فرق سان) وڙهندا
آهن. سبيءَ جي تاريخي جلسي ۾ پھريون دفعو پٺاڻن ۽
سنڌين جو ملھه جو مقابلو ٿيو. هڪ طرف سبي ۽ ناڙيءَ
جي پٽ جا رهندڙ سنڌي ٻئي پاسي بلوچستان جا پٺاڻ.
هڪ قسم جو انڊيا ۽ پاڪستان جي (پراڻي دور واري)
ڪرڪيٽ ميچ جھڙو مقابلو ٿيو. ان ملاکڙي کان پوءِ
پٺاڻ (ملاکڙي جا شوقين) منھنجا عاشق ٿي پيا. هنن
ڪوئٽه ۾ هر سال وڏا ملاکڙا لڳرايا. ان کان علاوه
چمن، پشين، گلستان، قلعه عبدالله ۽ ٻين هنڌن، هر
عيد تي وڏا مقابلا ڪرايا. اهڙي طرح ڪوئٽه پنھنجو
شھر ٿي ويو جتي منھنجا ڪافي دوست ۽ پرستار هئا.
سال ۾ ڪافي چڪر لڳندا هئا. هر دفعي مارڪيٽ گهمي
فروٽ کڻي پوءِ واپسي ڪندو هئس. هتي ڪابه ڌاريائپ
محسوس نه ٿيندي هئي. پٺاڻ دوست، بروهي ماماڻا،
بلوچ ڏاڏاڻا، باقي جيڪب آباد کان پوءِ شروع ٿيندڙ
بلوچستان جا اڪثر سنڌي ۽ سرائڪي ڳالھائيندڙ ماڻھو
چند سال اڳ ۾ دبئي ۾ جڏهن ڀارت جي سنڌي اديب موهن
گيهاڻي سان ڪچھري ٿي ته هن ٻڌايو: منھنجي وڏڙن جو
تعلق ڪڇي ضلع بلوچستان جي شھر ڀاڳ ناڙي سان آهي.
اسان جي خاندان جا اڪثر فرد اڃا تائين گهرن ۾
سرائڪي ڳالھائيندا آهن. سرائڪي اسان جي مادري زبان
آهي.
ان تي مون کي ياد پيو ته شڪارپور ۾ رهندڙ اڳوڻي
صوبائي وزير امتياز شيخ وارا به اڃا تائين گهرن ۾
سرائڪي ڳالھائين. اهي به ڀاڳ ناڙي جا شيخ آهن.
هونئن به ضلع سبي، ضلع نصيرآباد، جعفرآباد ضلع،
ڪڇي ضلع، جهل مگسي ضلع، بولان ضلع ۽ لس ٻيلو ضلع
ٽوٽل سنڌين جا آهن پر اتي گهرن ۾ سنڌي ۽ سرائڪي
ڳالھائين ۽ وري پڙهن اردو. سبي واري علائقي ۾ اڃا
تائين منھنجي ذات وارا ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا. سبي
ته آهي رندن جو، هتي مير چاڪر رند جو ڦٽل قلعو اڃا
تائين آهي. رند جتوئي جو مامو ٿئي ۽ جتوئي رند جي
ڀيڻ جو اولاد آهي. پر شڪارپور جا جتوئي صدين کان
سنڌي آهن. جڏهن شڪارپور 1617ع ۾ دائودپوٽن ٺھرايو.
ان کان صديون اڳ ۾ به هيءُ علائقو جتوئڪو پرڳڻو
سڏبو هو. خير ڳالھه آ سبي جي هن علائقي جو حاني ۽
شھه مريد جو عشقيه داستان به مشھور آهي.
مان هن علائقي ۾ ٿيندڙ هفت ولي (ستن ولين) جي ميلي
تي جڏهن اٺن تي ويو هئس، ته رستي ۾ قافلي وارن
حاني جي مزار ڏيکاري هئي. اُٺن وارن کي حسرت هئي
ته شال ڪڏهن شاهه مريد رستي ۾ ملي وڃي. ستن ولين
جو مزارون به صفا ڀر ۾ ننڍين ٽڪرين مٿان آهن. اتي
جي ماڻھن ۾ عجب قسم جا عقيدا ڏٺا هئم. مان ڏٺو ته
ماڻھو هڪ ولي جي مزار طرف هڪ ساهه سان ڊوڙندا ٿي
ويا ۽ ڪي وڃي ڪِريا ٿي. سندن عقيدي موجب جيڪو هڪ
دم سان اُڪري، مزار تائين پھچندو ته ان جا ڪم
اوليا پورا ڪندو. جڏهن ڪم پورا ٿيا ته ان وليھه
(ولي) کي ململ جو پٽڪو ٻڌرائيندا آهن. هن بياباني
ماڻھن جي جُهمر هڻڻ جو انداز به ڏاڍو پيارو لڳو
هو. خاص ڪري ان جهومر سان گڏ، هنن هي سنڌي لوڪ گيت
ڪورس جي انداز ۾ ڳايو پئي:
منھنجا عرض الله آهن مڃان،
منھنجا سڏ ته کٿوُر آهن سڻيا،
پوءِ اهڙي ويل وليھين مان وڃان.
هن ئي علائقي جي رهندڙ پڻي (پٺاڻ) حاڪمن داراشڪوه
سان غداري ڪئي هئي. دارا جا هنن مٿان ڪافي احسان
هئا. جڏهن اورنگزيب، دارا جي ڪڍ باهه ٻاري ڏني ته
هو ويچارو ٻچڙا ۽ ڪجهه لشڪر ساڻ کڻي وٺي ڀڳو، پر
هن ظالم سندس پچار نه ڇڏي. دارا بکر ڇڏي سبي جي
پڻين ڏانھن رخ ڪيو، ڀاڳ ناڙي واري رُڃ ۾ سندس بيگم
کي ڊائريا ٿي پيئي ۽ رستي ۾ ئي مري وئي. دارا سندس
لاش دفنائڻ لاءِ خادمن هٿان، لاهور ميان مير جي
مقبري ڏانھن روانو ڪري پاڻ اڳتي اچي مھمان ٿيو.
هنن ظالمن انعام خاطر دارا، سندس پٽ ۽ ٻين اميرن
خادمن کي گرفتار ڪري اورنگزيب ڏانھن دهلي روانو
ڪيو.
اتي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري
K.B.Rind
سان ملڻ ويس ته هن تمام سٺي آڌرڀاءُ ڪئي. چوندا
آهن ته اصل مان خطا نه ٿيندي آ ۽ بي نسل مان وفا
نه ٿيندي آهي پر پنھنجي ڏاڏي جي پٺيان بي سرو نالو
رکائندڙ قلئي بخش، اصل آهي ته هيڏو وڏو عھدو رکڻ
جي باوجود آپي کان ٻاهر نه ويو آهي. ”سا ماءُ
ڄڻيندي ٻچڙا ڀاڳ نه ڏيندي ونڊي“ هر امڙ جي هٿ ۾
دعا آهي پر ڀاڳ قدرت جي هٿ ۾ آ. ڀاڳ به خبر ناهي
ڇا آهي. اهو به هڪ ذهني آٿت آهي جيڪو ماڻھو جيئڻ
لاءِ حربي طور استعمال ڪري ٿو. جيئن دعا ۽ پٽ
پاراتو، سا دعا به ان هنڌان ملندي آهي جتان روح کي
سڪون مليل هجي. جاتي هن وقت اسان لاءِ هر هنڌان
دعا جا دروازا بند ٿي ويا آهن. هونئن چوندا آهن
ته:
”دغا جنھن جي دل ۾ (يا مدي جنھن جي من ۾) تنھن
لاءِ ڏهاڙي ڏڪار، پئسي (ٽڪي) لڳي خرار ته به بک نه
لھي ايمان جي.“ مون زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيترا ماڻھو
ڏٺا، جن سان جيترو به سٺو هلبو، تڏهن به هو پنھنجي
عادت مطابق قدم پيا کڻندا. پاڻ فقيرن وٽ ڪنھن لاءِ
ڪابه دغا رکڻ لاءِ دل ۾ ذري برابر به جڳهه ناهي،
منھنجي دل جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ ڪيني لاءِ ڪابه خالي
جاءِ ناهي، اڄ جي ڳالھه سڀاڻي ياد به نه هوندي.
ڪنھن لوڀي، سياست سان سٺو ڳالھايو ته پنھنجي دل
مٿان پوچو گهمائي سڀ ڳالھيون ميساري ڇڏيائين. وري
يادگيري ان وقت ايندي جڏهن اهو ظالم وري پنھنجي
اصليت ڏيکاريندو. پوءِ ڪجهه پڇتاءُ ٿيندو.
هن دفعي ڪوئٽه ۾ بلڪل اڪيلو آهيان، ان ڪري صفا مزو
ناهي. اهي مارڪيٽ، اهي رستا، اهي جايون جتي گروپن
سان گڏجي گهمندو هئس، هاڻي بلڪل اڪيلو ڳرا ڳرا پير
کڻي رهيو آهيان. رهائش به هڪ پراڻي دوست وٽ آهي،
جتي ڪنھن به قسم جي تڪليف ناهي. سواري کان وٺي فون
تائين هر سھولت آهي.
پر هن ۾ مزو نه آ. ڪوئٽه کان پري (ستر ميل) منھنجو
هڪ دوست پنھنجي (پھاڙن ۾) ڳوٺ وٺي هليو. چمن ۽
پشين جي وچ ۾ باغن واري ڳوٺ ۾ وڃي تمام گهڻو مزو
آيو. ڪافي پراڻا پھلوان ۽ ملھه ڏسندڙ جهونا مليا.
ڪي شڪل مان سڃاڻن پيا ته ڪن نالو ٻڌي ڇرڪ پئي
ڀريا، مون کي پھريون دفعو خبر پئي، ته جبلن ۾
رهندڙ ڌار ٻوليءَ جا ماڻھو به مون کي ايترو سڃاڻن
ٿا. رات دير تائين ڪچھري ٿي ڪافي پراڻن پھلوانن
سان فون تي رابطو ٿيو، جن پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏني.
مان کين ٻڌايو ته منھنجو پٽ راجا ٽي مھينن کان
پوءِ آيو آهي، هو صرف چند ڏينھن آيو آ، مان ان سان
ملڻ لاءِ سڀاڻي ڪراچي هليو ويندس. ان ڪري حياتي
رهي ته وري ڪنھن ٻئي دفعي ڪچهري ڪبي. بس اهو دلاسو
هو، پاڻ کي ۽ دوستن کي نه ته ڪھڙي خبر ته ڪير
ڪيستائين زنده رهندو. هتي ڪيترن انھن پٺاڻن سان به
ڪچھري ٿي جيڪي سالن جا سال ڀارت ۾ رهي. هاڻي صفا
هميشه لاءِ لڏي آيا آهن. هڪ ٻڌايو ته مان 1944ع ۾
هتان ڀارت ان وقت هليو ويس جڏهن منھنجي عمر چوڏهن
سال هئي. هتي ان وقت تمام گهڻي بيروزگاري هئي.
ڪولھاپور ۾ ٻاهٺ سال رهيس ۽ اتان جو ٿي ويس، ان وچ
۾ هڪ دفعو به هتي نه آيس. شادي به مائٽياڻي سان
ڪيم، هاڻي منھنجا اڪثر مائٽ جڏهن هيڏانھن اچي رهيا
هئا ته مان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو. پنھنجي جائداد
۽ ٻه ٽرڪ وڪڻي اڪيلو هيڏانھن هليو آيس. ٽي سال اڳ
۾ گهر واري گذاري وئي هئي. ٻئي هڪ پٺاڻ ٻڌايو ته
پنجٽيھه سال اڳ ۾ افغانستان جي پاسپورٽ تي ڀارت
هليو ويس. اتان جي هڪ پٺاڻ فيملي مان شادي ڪيم.
اولاد هاڻي جوان ٿيو آهي. مون سوچيو ته ڪٿي اهي
ڀارت جو موجوده سماج جو درياءَ، پاڻ سان انھن کي
به لوڙهي نه وڃي، ان ڪري پنجٽيھه سال ڪولھاپور ۾
رهي ٻچڙا هتي وٺي آيو آهيان. جلد انھن جا رشتا طئي
ڪري پوءِ ڪراچي ۾ وڃي رهندس. هنن ٻڌايو ته
ڪولھاپور ۾ سنڌي تمام گهڻا رهن ٿا. گانڌي نگر ته
هنن جو آجو شھر آهي. هنن جي ننڍن ٻارن سان به
ڪچھري ٿي جن کي پشتو کان وڌيڪ هندي ۽ مراٺي پئي
آئي. هنن چيو ته اسان جا ماما ۽ نانا ڀارت ۾ آهن.
اسان کي هتي ڪجهه به نه ٿو وڻي.
هن علائقي ۾ چمن بارڊر ڀر ۾ هجڻ ڪري گهڻيون شيون
سستيون هيون. ڪرولا نئين ماڊل جي چار لک، ٻيون
گاڏيون به تمام سستيون. هڪ دڪان تي رکيل
Vegetable oil
جي دٻي ڪشش ڪئي. ان کان رقم پڇيم. هن چيو ته، ”هي
سورهن ڪلو دٻو ست سؤ روپين ۾ وڪڻون پيا.“
ان کان علاوه به اڪثر ٻاهرين ملڪن جون شيون تمام
گهڻيون سستيون هيون. منھنجي ميزبان وٽ هڪ ڪار هئي،
جيڪا هن چمن بارڊر تان هڪ لک نوي هزار ۾ ورتي هئي.
پر هو اها ڪار ڪراچي نه ٿو آڻي سگهي.
راجا جي وڃڻ جا صرف ٻه ڏينھن بچيا هئا. مان تڪڙ ۾
واپسي ڪئي. اڪثر دوستن کان ڪونه موڪلايم. جيڪي
ڪجهه مليا ته انھن کي وري اچڻ جو چيم. ڪجهه کان
فون تي اجازت ورتم. وري ساڳي رستي سان سفر پر هن
دفعي اونداهي وارو جھان هو. رستي ۾ وري به ڪنھن
ڊرائيور هوٽل تي چانھن نصيب ٿي. صبح جو اٿل شھر
ٻاهران گاڏي بيٺي ته ڪوسٽ گارڊ وارن اٿاريو ته
سامان چيڪ ڪرايو. هر ماڻھوءَ جا ٿيلھا کولايا.
ايتري حد تائين فروٽ يا چيري جا کوکا به چيڪ ڪيا.
ايتري چيڪنگ ڪڏهن ايئرپورٽ تي به نه ٿي هئي اهو
آهي سفر جو احوال.
عبدالستار لغاري

سنڌ جي فڪري ۽ اخلاقي قدرن جو جائزو
ھن وسيع ڪائنات ۾ رھندڙ سڀني مخلوق ۾ انسانذات جو
درجو اتم ۽ اعليٰ آھي. قدرت طرفان کيس سوچيندڙ ۽
لوچيندڙ دماغ عطا ڪري ٻين کان منفرد ۽ مٿانھون
بڻايو آھي. انسان پنھنجي آسپاس جي ماحول ۾ موجود
ھر شيءِ ۽ ھر واقعي تي سوچي ٿو، اھا خاصيت نه صرف
کيس ڀرپاسي جي ماحول بابت ۽ ٿيندڙ واقعي بابت،
بلڪه پنھنجي وجود جي ھئڻ ۽ انھي ۾ ٿيندڙ تبديلي
کان به آگاھ ڪري ٿي. قديم دور کان جديد دور تائين
سفر ڪندي، زلزلن، ٻوڏن، قدرتي آفتن، موسمي تبديلين
خونخوار جانورن کي منهن ڏيندو، انسان پنھنجي فڪر،
فھم، ادراڪ، سمجهه، عقل، علم ۽ عمل جون ڪيئي
منزلون طئي ڪري اڄ پنھنجي اوج تي پھچي چڪو آھي.
سڄي دنيا ۾ رهندڙ انسانن پنھنجي پنھنجي خطي، ملڪ،
علائقن ۽ سماج مطابق پنھنجا پنھنجا فڪري ۽ اخلاقي
قدر طئي ڪيا. اسان جي سونھاري سنڌ جا به پنھنجا
عظيم الشان فڪري ۽ اخلاقي قدر آھن. انھن تي
ڳالھائڻ کان پھرين اسان فڪري ۽ اخلاقي قدر
سمجھنداسين.
فڪري ۽ اخلاقي قدر:
ڪنھن به سماج يا معاشري ۾ ادب ۽ احترام اھم ھوندو
آھي. ھڪٻئي جي مذھبن، فرقن ۽ مسلڪن جو احترام ڪرڻ،
وڏن جي عزت ڪرڻ، ننڍن سان پيار ۽ محبت ڪرڻ،
مھمانوازي ۽ قول جي پابندي سماج جا اھم پھلو ھوندا
آھن ۽ انھن کي اسان فڪري ۽ اخلاقي قدر چوندا
آھيون. فڪري ۽ اخلاقي قدر ھڪ قسم جا اصول، نظريا ۽
معيار ھوندا آھن، جيڪي علم، عقل ۽ فھم متعلق ھوندا
آھن ۽ اھي سچائي، حقيقت پسندي ۽ تنقيدي سوچ پيدا
ڪندا آهن. جنھن سان سماج ۾ مثبت ۽ تعميري سوچ پيدا
ٿئي ٿي ۽ معاشري ۾ سھپ ۽ رواداري پروان چڙهي ٿي.
ھي قدر ھڪ قسم جا اصول آھن، جنھن تحت معاشري جا
فرد پنھنجي زندگي گذارين ٿا، سندن رھڻي ڪھڻي ۾،
ڄمڻ کان مرڻ تائين، شادين غمين ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي
ٿو، انھن اصولن کي اسان فڪري ۽ اخلاقي قدر چوندا
آھيون. تھذيبي، تمدني، ثقافتي ۽ تاريخي طور تي سنڌ
پنھنجي روايتن جي امين رهي آهي ۽ کيس پنھنجا
شاندار ۽ عظيم الشان فڪري ۽ اخلاقي قدر رھيا آھن.
سنڌ جا فڪري ۽ اخلاقي قدر :
ثقافتي، تھذيبي ۽ تمدني لحاظ کان سنڌ شاھوڪار ۽
شاداب رھي آھي، ھن تھذيب جا موھن جي دڙي کان وٺي
پنھنجي رھڻي ڪھڻي جا فڪري ۽ اخلاقي قدر اعلي قسم
جا رھيا آھن، انسان دوستي ۽ مذھبي رواداري کي ھتان
جي ماڻھن ھميشه مان پئي ڏنو آهي. قديم سنڌ جي
ماڻھن جي سماجي زندگي، ھتان جي زرخيز زمين،
معدنيات ۽ سٺي آبھوا جي ڪري زندگي خوشين سان سرشار
ھئي. ماحول جي سختي جي ڪري موت جي دھشت، وھم، خوف
۽ ٻين مصيبتن ھتان جي ماڻھن جو حوصلو پست نه ڪري
سگھيون، بلڪه انھن شين جي ڪري زندگي ڏانھن مثبت ۽
تعميراتي سوچ پيدا ٿي. ھتان جا ماڻھو فطرت سان
بيپناھه محبت ڪرڻ لڳا، ان ڪري ھو وحشي بدران مھذب
بڻيا. سندس زمين سرسبز ۽ شاداب ھجڻ سان گڏ وسيلن
واري ٿي پئي، ماڻھن ۾ ماڻھپو پيدا ٿيو ۽ انھن
لڏپلاڻ ڪرڻ ۽ ھڪٻئي سان جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ان ڪري
سنڌ جي ماڻھن ۾ نھٺائي، سادگي، صبر ۽ پيار، محبت ۽
ميٺ جھڙا جذبا پيدا ٿيڻ لڳا. ۽ ٻي اھم ڳالھه ته
سنڌي سماج ۾ تخليق جا محرڪ سرچشما ھڪ زمين ۽ ٻي
عورت ھئي. اھو ئي سبب آهي جو اسان جي سماج ۾ ڌرتي
۽ عورت کي وڏي حيثيت ڏني وئي آھي. سنڌ جي فڪري ۽
اخلاقي قدرن جو جائزو وٺنداسين ته معلوم ٿيندو، ته
سنڌ جا ماڻھو عملي زندگي ۾ اعتقاد رکندڙ ھئا،
معاشي طور سگھارو سماج ھو، ماڻھن جي زندگي پيار،
امن ۽ محبت ۾ گذرندي ھئي، وٽن جنگ جو تصور نه ھو.
سنڌو تھذيب تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف مذھبن ۽
فڪرن ھيٺ رھندي پئي آهي. تاريخ، ثقافت، معاشيات،
مذھب، فلسفي، اخلاقيات، جماليات ۽ ٻين گھڻن موضوعن
بابت لکت ۾ پھريون دستاويزي ثبوت ويد آھن. ويد چار
آھن رگويد، سامويد، يجر ويد، اٿر ويد. ويد سنڌ جي
سماج جي تصوير پيش ڪن ٿا، جنھن ۾ طبقاتي ورڇ ناھي،
تخليقي عمل زندگي جو جوھر آھي. ٻڌ مت جو به سنڌ تي
تمام گهڻو اثر رھيو. سنڌ ۾ ٻڌ مت موريا خاندان جي
راجائن ڦھلايو، ان ڪري سنڌ ۾ ٻڌمت جلدي ڦھلجي ويو.
ٻڌمت کانپوءِ سنڌ ۾ جين مت آيو، ھن فڪر جو باني
مھاوير ھو، سندس فڪر جو گھڻو اثر سنڌ جي ٿرپارڪر
واري علائقي ۾ رھيو. مختلف دورن ۾ سنڌ جا، عرب
دنيا سان تعلقات رھيا آھن، قديم زماني ۾ عرب
واپاري سنڌ ۾ ايندا ھئا. موھن جي دڙي مان جيڪي
شيون مليون آهن، اھڙيون عراق جي دڙي مان به مليون
آهن. فڪري طور تي سنڌ ۽ مختلف ملڪن جھڙوڪ مصر،
عراق، شام، فلسطين ۽ ايران جي پراڻين قومن ۾ گھڻين
ڳالھين ۾ ھڪجھڙائي ھئي. جھڙوڪ خوشين جا گيت ڳائڻ،
ناچ، رسم ۽ رواج وغيره. عربن جي سنڌ اچڻ کان پھرين
ھتي جي ماڻھن جي اڪثريت ٻڌ ڌرم کي مڃيندڙن جي ھئي،
ساڳئي وقت سنڌ ۽ عرب عالمن جا ھڪٻئي سان بحث
مباحثا ٿيندا هئا. عربن جي اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾
عربن جي تھذيب جا اثر نمودار ٿيڻ لڳا، سنڌين
پنھنجا نالا عربي رکڻ شروع ڪيا، لباس ۾ به تبديلي
آئي، مرڻ ۽ جيئڻ جي عمل ۾ اسلامي روايتن جو عمل
دخل شروع ٿيو. سنڌ جيئن ته تاريخ جي مختلف دورن ۾
مختلف مذھبن ۽ فڪرن مان گذرندي آئي آهي، تنھنڪري
اسلامي فڪر جي اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ اسلامي تصوف جا
بنياد پيا ۽ سنڌ ۾ تصوف جي شروعات حضرت خواجه حسن
بصري ذريعي ٿي، ان کانپوءِ گھڻا عالم ۽ درويش سنڌ
۾ آيا، جن کان ماڻھن روحاني فيض پرايو. اسماعيلي
بزرگن به سنڌ ۾ ھندو مسلم ثقافت ۾ نمايان حصو
ورتو. ھي بزرگ اڪثر مختلف مذھبن جي ماڻھن سان گڏ
رھندا ھئا.
سنڌ جي عالمن، فاضلن، اڪابرن ۽ صوفي شاعرن به
پنھنجي ڪلام ۽ پيغام وسيلي پيار ۽ امن جو پيغام
ڏنو آهي. شاھ ڪريم، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل
سرمست، بيدل فقير، مصري شاھ ۽ ٻين صوفي شاعرن به
خدا ۽ ان جي پيدا ڪيل ھر مخلوق سان محبت ڪرڻ جو
درس ڏنو آهي. سنڌ جي صوفي شاعرن پنھنجي ڪلام ۾
سنڌي سماج جي وھنوار ۽ روين بابت به ٻڌايو آھي ته
انڪساري ۽ عاجزي جا سبق به سيکاريا آهن، حب الوطني
جي ڳالھه به ڪئي آھي، انسان دوستي جو فلسفو به
سمجھايو آهي. جدوجھد ڪرڻ، ڀالا ھڻڻ ۽ وڙھڻ جو درس
ڏنو آهي.
سنڌو درياءَ تي قائم ٿيندڙ سنڌو تھذيب فڪري خيال
کان نه رڳو امير ھئي پر سندس اخلاقي قدر به شاندار
رھيا آھن. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته سنڌو تھذيبَ
جي ماضي جي عظيم الشان ورثي مان رھنمائي حاصل ڪري
اسان سنڌي سماج کي ھڪ دفعو وري اھو اڳوڻو اوج ڏياري سگھون ٿا. |