|
ڪهاڻيون

(1930ع
–
2020ع
سنڌي افساني جي اوسر
افسانو جديد ادب جي هڪ تمام گهڻي مقبول صنف آهي.
جيتوڻيڪ ان جي موجوده صورت اڃا هاڻي مقرر ٿي آهي،
پر ان جا اوائلي اهڃاڻ گهڻو ئي آڳاٽا ملن ٿا.
انسان ذات ادب جي هن صنف کي هميشه پنھنجي پسنديده
مشغوليءَ جي بيان ڪرڻ جو وسيلو پئي بنايو آهي.
انھيءَ جو هڪ خاص سبب هيءُ پڻ آهي ته افساني ۾
مادي ۽ روحاني ڪيفيتن جا عڪس زياده چٽا نظر اچن
ٿا. هن ۾ زندگيءَ جي عام حقيقتن، روزمره جي واقعن
۽ انفرادي جذبن توڙي احساسن جي گهڻي کان گهڻي
گنجائش آهي. تنھنڪري اڄ جي ادب ۾ افساني کي
زندگيءَ جي
ترجمانيءَ لاءِ بھترين صنف سمجهيو ويو آهي.
موسيقيءَ، مصوريءَ، سنگ تراشيءَ ۽ رقص جي مقابلي
۾ افسانو ٻين تمام لطيف فنن کان اڳ وجود ۾ آيو، ۽
انسان ذات سڀ کان اول ان ۾ پنھنجي دلچسپي ورتي،
انھيءَ ڪري هر سڌريل قوم ۾ افساني جو پتو پھرين
پوي ٿو، مشرق کان وٺي مغرب تائين، چين، جپان،
يونان، اٽلي ۽ فرانس ۾ افسانو پنھنجي تاريخ هزارين
سالن کان بيان ڪري ٿو. انسان ته آهي ئي ضرورتن ۽
خواهشن جو پتلو؛ پنھنجين ضرورتن ۽ خواهشن جي
پورائيءَ لاءِ شروعات ۾ انسان لاءِ پنھنجي جسماني
طاقت کي استعمال ڪرڻ بلڪل لازمي هو؛ جنھن ۾ جيتري
طاقت هئي، ضرورتون اوتري قدر ان جون غلام هيون. هر
شخص کي ان ڪري فقط پنھنجي بازن جي طاقت تي ڀاڙڻو
پيو ٿي، ان ڪري ان وقت جو هر شخص جانباز ۽ دلير
هو. زندگيءَ جي انھيءَ منزل جو عڪس پڻ لازمي طور
اهڙو ئي هئڻ گهرجي. انھيءَ زماني جا قصا ۽ ڪھاڻيون
پڻ لازماً جانبازي ۽ دليريءَ جي ڪارنامن سان ڀرپور
هئڻ گهرجن. اهو ئي سبب آهي جو هر ملڪ ۽ قوم جا
شروعاتي قصا ۽ ڪھاڻيون عموماً جانبازي ۽ دليريءَ
جي واقعن تي ٻڌل آهن. عربستان ۾ اسلام کان اڳ جا
قصا، هند و پاڪ ۾ مھاڀارت جا داستان، يونان،
جرمني، فرانس ۽ انگلنڊ جا ابتدائي افسانا،
جانبازي، دليريءَ جي ڪارنامن سان ڀريل آهن.
بھادريءَ جي قصن کان پوءِ افسانوي دنيا ۾ ٻيءَ
جنھن چيز جو اثر نظر اچي ٿو، سا مذهب آهي. مذهب
انسان جي دل تي مختلف زمانن ۾ جيڪو اثر ڇڏيو آهي
سو موجوده تھذيب ۽ ترقيءَ واري زماني ۾ به خاص طور
پڌرو آهي. ان جي ثبوت ۾ اهي افسانا ۽ قصا پيش ڪري
سگهجن ٿا، جيڪي مذهبي روايتن کي ٻين تائين پھچائڻ
لاءِ لکيا ويا. اهڙي قسم جو ادب هر ملڪ ۽ هر قوم ۾
ملي ٿو. مذهبي قصن کان پوءِ اهڙيون ڪھاڻيون لکيون
ويون جن جو مقصد اخلاقي سبق هو. اهڙيون ڪھاڻيون ڪن
زبانن ۾ ايتريقدر ته مقبول ٿي ويون جو صدين گذرڻ
کان پوءِ به انھن کي دلچسپي سان پڙهيو وڃي ٿو.
”ايسپ جون آکاڻيون“ اهڙين ڪھاڻين جا مثال آهن.
اهڙيءَ طرح، اخلاقي آکاڻين کان پوءِ وري رومانوي
دور آيو. هن دور ۾ يورپ جي ادب ۾ ناول وجود ۾ آيو.
فرانس ۽ اٽليءَ انھيءَ ڏس ۾ سڀ کان اڳ قدم کنيو، ۽
انگلنڊ ۾ ان جا ترجما ٿيا.
اوڻيھينءَ صديءَ جي شروعات ۾ ناول نگارن مختصر
افسانا لکڻ شروع ڪيا. هيءَ صنف فرانس جي صنعتي
انقلاب جي اثر جو ڦل آهي. روس ۾ هن صنف جو بنياد
ٽالسٽاءِ وڌو. فرانس ۾ هن جي شروعات بالزڪ ڪئي، ۽
انگلنڊ ۾ چارلس ڊڪسن ان جو تعارف ڪرايو. آمريڪا ۾
او-هينري، فرانس ۾ موپاسان ۽ روس ۾ گورڪي، گوگول ۽
چيخوف هن صنف جا معمار آهن، ۽ ان کي ڪمال تي
پھچايائون. فرانس، روس، ۽ انگلنڊ جي افسانه نگارن
مختصر افساني کي فني خوبين سان مالامال ڪري ڇڏيو.
”واشنگٽن اِروِنگ“ انھيءَ صنف ۾ سٺا فني اضافا
ڪيا. انساني جذبات، غم ۽ غصي، ظلم ۽ ستم، رحم ۽
ڪرم، خوف ۽ حراس، مطلب ته هر چيز کي افساني جو
موضوع بنايو ويو. ڪائنات جي هر چيز افساني جي وسيع
دنيا ۾ شامل ٿي وئي. رومان ۽ محبت کان سواءِ،
روحانيت ۽ ماديت جا ڪرشما به ان ۾ نظر اچڻ لڳا.
حسن ۽ عيب، مصيبت ۽ پاڪدامني، فطرت ۽ ان جي دلفريب
منظر، فلسفو ۽ ان جون باريڪيون، نفسيات ۽ ان جا
لاها چاڙها، مطلب ته هر چيز افساني جو پلاٽ بنجي
وئي. اهڙي طرح افساني جون بنيادي فني خوبيون پڻ
درجي به درجي هڪ خاص صورت وٺڻ لڳيون. فرانس ۽ روس
جي فنڪارن افساني کي خاص طرح فني نزاڪتن ۽ خوبين
سان ايتري قدر ته مالامال ڪيو جو فرانس ۽ روس جا
افسانا، افسانه نگاريءَ جي فن جا بھترين نمونا
ليکجڻ ۾ آيا. ”لارينس“ ۽ ”جوائس“، انگلنڊ ۾ افساني
کي نئون رنگ ڏنو. ۽ ان کي فني لحاظ کان زياده بلند
بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. روس ۾ ”چيخوف“ ۽ ”ترجنيف“ هن
فن ۾ بيمثال سمجهيا ويا.
بلڪل ساڳيءَ طرح سنڌي ادب ۾ پڻ افسانو ڪا
نئين شيءِ ڪانھي. بلڪه، ٻين ملڪن وانگر هت به
افسانو پنھنجون سڌرندڙ صورتون بدلائيندو، زماني ۽
زندگيءَ جي گهرجن موجب ترقي ۽ ڪمال حاصل ڪندو رهيو
آهي. انگريزن پنھنجي حڪومت واري عرصي ۾ سنڌي ادب
جي ترقيءَ لاءِ بنيادي ڪوششون ورتيون. هن دورِ
حڪومت ۾ پھريون ڀيرو سنڌي نثر تي زياده توجهه ڏنو
ويو، ۽ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ٿيا، جن ۾ ”ايسپ جون
آکاڻيون“ هن خطي ۾ افسانوي ادب جو ابتدائي انگ
هيون. هن دور ۾ جا پھرين سنڌي آکاڻي ڇاپي هيٺ آئي،
سا هئي ”آکاڻي راءِ ڏياچ جي“. ان کانسواءِ ڪي ٻيون
ديني اخلاقي ڪھاڻيون پڻ ڇپجي پڌريون ٿيون، جي ان
وقت سنڌ ۾ عام طور ٻڌايون وينديون هيون. انھن ۾
”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالھه.“ ”وهيين ۽ ولھيءَ
جي ڳالھه“ خاص طور اهميت رکن ٿيون. اهوئي سبب آهي
جو انگريزن جي حڪومت جي اوائلي زماني کي، سنڌي
افساني جو شروعاتي دور چئي سگهجي ٿو.
ذڪر ڪيل ابتدائي دور کان پوءِ هن صنف جو
تعميري دور شروع ٿيو، جنھن ۾ ديوان ڪوڙي مل، مرزا
قليچ بيگ، ديوان سوڀراج ڏاسواڻي ۽ ميان عبدالعزيز
سکر واري پنھنجا ڪي يادگار ڇڏيا؛ جن ۾ ”دلپسند
قصا“، ”سڀا جو سينگار“ ۽ ”لوڀي ۽ ٺوڳي“ ساراهه
جوڳا ڪتاب آهن. هن دور م انگريزيءَ کان سواءِ هند
و پاڪ جي ٻين ٻولين، جھڙوڪ: هندي، مرهٽي ۽
گجراتيءَ تان ترجمو ڪري، ادب جي هن صنف کي مقبول
عام بنايو ويو. ماڻھن ۾ شوق ڏسي، ميلارام منگترام
واسواڻيءَ، لالچند امرڏني مل ۽ ٻين ”سندر ساهتيه“،
”سنڌي ساهت سوسائٽي“، ”سنڌو ساهت منڊل“ ۽ اهڙن ٻين
ڪيترن ئي ادارن جو بنياد وڌو، جن ڪيترائي سماجي،
تاريخي ۽ رومانوي ناول توڙي افسانا ڇپي ظاهر ڪيا.
1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ ”شريف بيگم“ جي عنوان سان
پھريون ئي جديد افسانو لکيو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا
ڪتاب: ”چونڊ سنڌي افسانا“، ڇاپو پھريون،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1974ع
ص الف-ب-ج-د تان کنيل
عزيز ڪنگراڻي

آخري ٻيڙي
ٽيپھري ڌاري شبانه سوچن جي آڙاھه ۾ پڄرندي چُلھي ۾
باھه ٻاري مارنگن تي ڪٽلي رکي ٿي. هڪ ڳوٺ کي گئس
مليل ڪانه، ٻيو بجلي جي اکٻُوٽ جو آزار. مٿان وري
جُون جو سج لڙندي به ڄڻ ٽانڊا وکيري رهيو هو. سج
جا تتل ڪرڻا ڀتين سان ٽڪرائجي اڱڻ ۾ ڄڻ آڳ اوڳاڇي
رهيا هئا. چُلھي ۾ دونھين سبب اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ
لڳنس ٿا. ساھه ٻُوساٽجندي محسوس ڪري ٿي، اُٻ ۾ سڄي
پگهرجي وڃي ٿي. نراڙ ۽ ڳلن تان وهندڙ پگهر ته
پوتيءَ جي پلاند سان اُگهيائين پئي پر اندر ۾ سوچن
جي ڄَرُ ٺارڻ سندس وس ۾ نه هئي. ڪٽلي ۾ ٻڙڪندڙ
چانھه وانگر اندر به ڏک جي بٺي ۾ ٻڙڪندي ڀانئي ٿي.
سندس گهر وارو احمد فصل جي سار سنڀال لاءِ ويل هو.
چانھه تيار ڪري ٻن ڪوپن ۾ اوتي، چُلھي مان نڪري
ٿي. چانھه سس کي ڏئي، پنھنجي ڪمري ۾ اچي کٽ تي
ويھي ٿي. چانھه پئندي ڄڻ آت ايندا هجنس. ڪوپ ڪمري
جي سامھون واري جاري تي رکي ٻيھر سوچن جي سمنڊ ۾
لڙهڻ لڳي ٿي.
شبانه پنج سال اڳ احمد سان پيار جو پرڻو ڪيو هو.
احمد جي ڀيڻ عائشه جيڪا شبانه جي ساهيڙي هئي، تنھن
سان شبانه جي به دل وندري پئي هئي. عائشه جي شادي
ٿي وئي ته شبانه اُٻاڻڪِي رهڻ لڳي، پر سس سھري جي
شفقت ۽ احمد جي پيار سندس اُٻاڻڪائي ۾ ڪمي آندي.
احمد ئي ته هن لاءِ سڀ ڪجهه هو. سال کن اڳ احمد جو
پيءُ گذاري ويو ته احمد نوڪري نه ملڻ جي ڪري، پيءُ
جي چار ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لڳو هو.
احمد جي محبت ۾ به گهٽتائي نه آئي هئي. شبانه به
احمد جي محبت ۾ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو هو. احمد
سان شادي لاءِ شبانه ماءُ پيءُ جي انڪار جي
باوجود، زندگي تان هٿ کڻي ضد تان نه لٿي هئي. ڀاءُ
کيس مارڻ تي لھي آيو هو، پر شبانه ماءُ پيءُ جي
سڪيلڌي ۽ اڪيلي ڌيءُ هئي، ماءُ پيءُ کيس لاڏ ڪوڏ
سان نپايو هو. جنھنڪري سندس ماءُ پيءُ،
پُٽ آڏو ديوار بڻجي ويا هئا. سمجهائڻ ۽ روڪڻ
باوجود جڏهن شبانه ماءُ پيءُ کي خودڪشي جي ڌمڪي
ڏني هئي تڏهن مجبور ٿي ماءُ پيءُ سندس ڳالھه مڃي
هئي، پر دلي طرح راضي نه هئا. هميشه لاءِ ساڻس
تعلق ٽوڙي چيو هيائون:
”شادي کان پوءِ سمجهه ته تون اسان لاءِ مري
وئينءَ، نه تون اسان وٽ ايندينءَ، نه اسين تو وٽ
اينداسين.“
شبانه پنجن سالن ۾ ماءُ پيءُ ڏانھس لوڻو به نه
ڦيريو هو. ڪڏهن ڪڏهن مائٽن جي سِڪ جو درد برداشت
کان ٻاهر ٿي ويندو هئس، ته هوءَ اڪيلائي ۾ روئي
پوندي هئي ۽ ڳوڙها ڳاڙي دل جو بار هلڪو ڪندي هئي.
اڄ ماءُ پيءُ جي ياد کان وڌيڪ احمد جا لفظ سندس دل
تي پٿر وانگر ڪري رهيا هئا. احمد، جنھن کي هن رُوح
سان چاهيو هو، تنھن کيس اڄ صبح ڪاوڙ ۾ چيو هو:
”جيڪا ڳالھه صرف تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ آهي سا جنھن
ڏينھن تو ڪنھن کي ٻڌائي، اهو ڏينھن تنھنجي زندگيءَ
جو آخري ڏينھن هوندو!“
شبانه ڏڪندي کانئس پڇيو هو:
”ڪھڙي ڳالھه؟ ڇا ٻڌائينديس ڪنھن کي؟“
احمد چِڙُ منجهان چيو هئس:
”ڊاڪٽر ۽ رپورٽ واري ڳالھه. ڊاڪٽر غلط آهي، مان
ٺيڪ آهيان، تون سَنڍ آهين!“
شبانه لرزندي چيو هيس:
”احمد! مان سنڍ هجان ها ته ڊاڪٽر
ئي چوي ها. ڊاڪٽر طرفان ڪرايل ٽيسٽ ۽
رپورٽ غلط آهي ته پڪ ڪرڻ لاءِ ٻيھر ٽيسٽ ڪرائڻ ۾
هرج ڪھڙو؟“
اهو ٻڌي احمد جي اکين ۾ رت لھي آيو هو ۽ کيس چيو
هيائينس:
”غلط آهي ڊاڪٽر! ناهي ضرورت ٻيھر ٽيسٽ جي. مان ٻي
شادي ڪندس!“
احمد جا اهي جملا شبانه تي وڄ وانگر ڪڙڪيا هئا.
اهو ٻڌي شبانه جي اندر ۾ خوف ۽ ڏک جو زوردار طوفان
اٿيو هو جنھن ۾ ڪَک جيان اُڏامي ڀٽڪڻ لڳي هئي. درد
۾ ائين لُڇڻ لڳي هئي، جيئن مڇي پاڻي کان ٻاهر
ڦٿڪندي آهي. صبح کان وٺي هوءَ انھيءَ سوچ جي اونھي
اوڙاھه ۾ غوطا کائي رهي هئي. سس وٽ اها ڳالھه
کانئس بي ساخته نڪري وٺي هئي. سخت پڇتاءُ ۾ گهيرجي
ڀڻڪي ٿي:
”پھريان چئي ها ته چاچيءَ کي نه ٻڌايان ها. ڳالھه
ته اڳ ڪري ويٺيس. جيڪڏهن هاڻي چاچي، احمد سان
ڳالھه ڪئي ته ڇا ٿيندو؟“
ائين سوچيندي سندس ذهن ۾ ويتر آنڌمانڌ مچي وڃي ٿي.
اصل ۾ شبانه پنھنجي ماءُ پيءُ جي نھايت لاڏلي ۽
سلڇڻي ڌيءَ هئي.
ميٽرڪ تائين پڙهي هئي. پيءُ کيس اسڪول اچڻ وڃڻ
لاءِ رڪشا ڪري ڏنو هو. احمد سان سندس ملاقات احمد
جي ڀيڻ عائشه جي ڪري ئي هئي جيڪا شبانه سان گڏ
پڙهندي هئي. احمد عائشه کي اسڪول ڇڏڻ ۽ وٺڻ ايندو
هو. احمد سان ملاقات کانپوءِ سندس دل احمد ڏانھن
کسڪي وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته موڪل واري ڏينھن احمد
سندس واھه ڪناري انتظار ڪندو هو ۽ شبانه، ساهيڙيءَ
سان ملڻ بھاني وٽس ايندي هئي. احمد ۽ شبانه جي
ڳوٺن وچان وڏو وهندڙ واھه آهي. ٻنھي ڳوٺن وچ ۾
انھيءَ واھ. تي پل نه هئڻ سبب هڪ ٻه ٻيڙيون مقرر
مھل تي هلن ٿيون.
احمد جي پيار ۾ شبانه جون ننڊون اڏامي ويون هيون.
احمد به کيس دل سان چاهيندو هو. احمد شبانه جي گهر
اچڻ جو اصرار ڪندو هو پر شبانه کيس روڪيندي هئي.
ائين سندن دلين جي وچ وارا رستا ويجها ٿيندا ويا
هئا۽ پل به پري رهڻ مشڪل بڻجي ويو هو. جڏهن ڳالھه
شادي تائين پھتي ۽ شبانه جا مائٽ راضي نه پئي ٿيا
ته احمد ڪورٽ ميريج جي ڳالھه ڪئي، پر شبانه انڪار
ڪري ڇڏيو هو.
”شبانه ڪوڙ ٿي ڳالھائي امان!“ احمد جي رڙ سندس
ڪنين پوي ٿي ته شبانه ڇرڪي سوچن جي ڌٻڻ منجهان
نڪري ٿي ۽ هراسجي ڪنائي ڀڻڪي ٿي:
”احمد ٻاهران گهر ايندو آهي ته اول مون وٽ ايندو
آهي، اڄ چاچيءَ ڏي ويو آهي. چاچيءَ سڏيس ڇا؟“
اوچتو دروازي ڏانھن ڏسي ٿي ته احمد دروازي وٽ بيٺو
هو. سندس چھرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو، اکين ۾ رت لھي آيو
هئس. پسٽل چيمبر ڪري تاڻيندي شبانه سان مخاطب ٿئي
ٿو:
”تو امان کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو؟ ۽ پرائو ٻار پالڻ
جو مشورو ٿي ڏينس؟“
”غلطي ٿي وئي احمد؟“ شبانه چوندي ڏَڪڻ لڳي ٿي.
”خاموش!“ احمد اُڀ ڦاڙ رڙ ڪئي ته ان مھل کيس لڳي
ٿو ته اڄ بچڻ ناممڪن آهي. سندس ذهن ۾ حوصلي ڪر
موڙيو ته ناحقي مرڻ کان بچڻ جي ڪوشش بھتر آهي.
بنان دير پوري قوت سان سَٽ ڏئي احمد جي تاڻيل
ٻانھن کي پڪڙي مٿي اُڇل ڏئي ٿي، ته احمد ٿاٻڙجي
ٿو.
”ڇا ٿيو آ توکي احمد؟“ احمد جي ماءُ احمد وٽ ايندي
چوي ٿي.
جيستائين ٿيڙ کائي احمد پاڻ کي سنڀالي اُٿيو،
تيستائين شبانه هڪدم گهر جي ٻاهرئين دروازي ڏانھن
ڊوڙي گهران نڪري چڪي هئي. احمد جي ماءُ احمد کي
ڀاڪر وجهي روڪڻ جي ڪندي چوي ٿي:
”ڇا ٿيو آهي توکي؟ اهو صلو ٿو ڏينس سچائي جو!“
احمد بنان دير ڇڏائيندي شبانه جي ڪڍ ڊوڙي ٿو ۽
ماڻس سندس پويان ايندي چوي ٿي:
”لڄ کي ڳوٺ ۾ تماشو نه بڻاءِ احمد.“
”نه اچ وچ ۾ امان!“ احمد چئي، بنان دير ٻاهر ڊوڙي
ٿو.
ڳوٺ جي ڪچين گهٽين ۾ اڳيان شبانه ساھه بچائڻ جي
ڪوشش ۾ ڊوڙندي نظر اچي ٿي ۽ پٺيان احمد. ڳوٺ وارا
حيرانگي ۾ ڏسڻ ٿا پر وچ ۾ ڪو به نه آيو. شبانه
ڊوڙندي پٺيان ايندڙ احمد جي قدمن جي آواز کي ويجهو
ٿيندي ڀانئي ٿي، ته اڃا به تيز ڊوڙي ٿي. واھه
ڪناري سھڪندي پھچي ٿي. سندس پٺيان ايندڙ احمد، ڄڻ
سندس زندگي تي لامارا ڏيندڙ موت جي ڳِجھه! سامھون
ڇوليون هڻندڙ واھه جو اوهاڳ پاڻي. سندس اباڻي ڳوٺ
ڏانھن ويندڙ آخري ٻيڙي ڪناري کان پرڀرو ويندي نظر
اچيس ٿي.
”بيھي وڃ.“
پٺيان احمد شبانه کي ھڪل ڪري سندس نشانو وٺي ٿو.
ماڻس پٺيان ويجھو ايندي رڙ ڪري چوي ٿي:
”رب جو واسطو اٿئي احمد.“
شبانه سڄي سگهه سھيڙي آخري ٻيڙي جي ناکئي کي ٻيڙي
بيھارڻ لاءِ سڏي ٿي. ناکئو لوڻو ڦيري ڏسيس ٿو ۽ سج
آخري هڏڪِي ڀري رات جي اونداهي پيٽ ۾ گم ٿيڻ لڳي ٿو.
شبنم گل
بي حسيءَ
جي وگهرندڙ برف
ٻن ڪمرن ۽ هڪ ڊرائنگ روم تي مشتمل ننڍڙو گهر
پنھنجي خاموش ساهن سان
اداس
هو. هر ڏينھن وانگر اڄ به لائونج ۾ ساڳيو منظر هو.
امتياز ٽي وي جي سامھون ويٺو هو. اسڪرين تي ڪرڪيٽ
ميچ جي هلچل هئي. ڪڏهن رانديگرن جي ڊوڙ، ڪڏهن
تماشبين جو شور، ڪڏهن ڪمينٽريءَ جا لفظ،
پر لائونج اندر خاموشين
جو واھيرو ھو.
فقط پنکي جي هلڪي آواز ۽
دريءَ
کان ٻاهر پکين جون ٻوليون شامل هيون.
امتياز جي هٿ ۾ ريموٽ هو، پر هو ان کي گهٽ ئي
ڇھندو هو، ڄڻ اسڪرين تي هلندڙ راند ئي سندس آخري
دلچسپي هجي. ثروت صوفي تي ويٺي هئي. سندس هنج ۾
اڌوري شال هئي،
گلابي رنگ جي. ان جا ڌاڳا سندس آڱرين ۾ ويڙهيل
هئا. سندس هٿ تيزيءَ سان اُڻي رهيا آهن، ڪڏهن اهي
بيھي رهن ٿا ۽ هوءَ خاموشيءَ سان ٻاهر نھارڻ لڳي
ٿي.
ٻاهر اڱڻ ۾ پراڻو نِم جو وڻ
شان
سان بيٺو هو، جنھن جون ٽاريون سج جي روشنيءَ ۾
جرڪن ٿيون. ڪڏهن روشنيءَ جا ڪرڻا فرش تي ھڪ نمونو
ٺاھين ٿا، جيڪو ھوائن جي آڌار تي چر پر ڪري ٿو،
ڪڏهن بادل اچي ڪمري کي ھلڪي اوندهه ۾ وڪوڙي ڇڏيندا
هئا. ڪنھن ڏينھن مينھن وسندو هو ته پنن تان ڪرندڙ
بوندون ائين لڳنديون هيون، ڄڻ وقت جي ڪنھن ورق تي
يادگيرين جي مس پکڙجي وئي هجي.
هو ٻئي هڪٻئي جي سامھون هئا، پر ڄڻ وقت جي ٻن
ڪنارن تي ويٺل هئا. لفظ نه هئا، فقط خاموشي هئي.
اها خاموشي سندن ڏينھن جو حصو بڻجي چڪي هئي، ڄڻ
سندن ساهن ۾ ملي وئي هجي. پوءِ به سندن دليون
هڪٻئي جي چوڌاري ڦرنديون رهيون، ڄڻ ٻه تارا فاصلي
تي رهي به هڪٻئي جي ڪشش ۾ ٻڌل هجن.
ڪڏهن ڪِچن مان ٿانون جو کڙڪو ايندو ھو. اها چرپر
صائم جي موجودگيءَ جو احساس ڏياريندي
هئي. ثروت
کي اطمنيان محسوس ٿيندو ھو.
ڪير ته گهر ۾ آھي
!
ھاڻ اڪيلائي زھر وانگر جسم ۾
پکڙجندي
پئي وڃي جيڪا اڪثر بخار،کنگهه
يا ڪنھن ٻي بيماريءَ
وانگر حملو ڪندي ھئي.
ھن محسوس ڪيو ھو ته انسان جو ذھن تنھائيءَ
وگهي اول بيمار ٿئي ٿو ۽ پوءِ
ذھني ڪيفيتون جسم تي حملو ڪري ٿيون ڏين.
صائم، جيڪو هن گهر جي ڊرائنگ روم ۾ رهندو هو، ڪچن
۾ کاڌو ٺاهيندو، چانھه
تيار ڪندو ۽ وري پنھنجي ڪمري ۾ هليو ويندو.
ڪڏھن سيٽي وڃائيندو،
ڪڏھن ڪو گيت جهونگاريندي ماحول کي متحرڪ ڪندو ھو.
سندس موجودگي هلڪي هوا جي جھوٽي جيان هئي، جيڪا
اچي
کين ھوريان ڇھندي،
غائب ٿي ويندي. امتياز ۽ ثروت ان بابت ڪڏهن
ڳالھائيندا نه هئا. ھنن لاءِ صائم فقط هڪ پاڇو هو.
ثروت اڪثر وڻ ڏانھن
نهاريندي هئي. اهو وڻ، جيڪو هن گهر ۾ ان وقت به
موجود هو، جڏهن هوءَ ڪنوار بڻجي هن گهر ۾ آئي هئي.
وقت سان وڻ جا موسم تبديل ٿيندا رهيا، سندن زندگي
به بدلجندي رهي. ان وڻ هيٺ ڪڏهن سندن ٻار کيڏندا
هئا.
سندن
شرارتون
اڱڻ ۾ گونجنديون
هيون.
هاڻي فقط يادون بچيون هيون.
ٻه سال اڳي ننڍي پٽ روحان کي لاڏي ڪوڏي پرڻايو
ھئائون، جنھن جي زال اچڻ سان پنھنجا رنگ ڏيکارڻ
شروع ڪيا. هوءَ سمجهي وئي ته عيني ھنن کي وڌيڪ
برداشت نه ڪندي. سو ماٺ ميٺ ۾ ھنن پنھنجو ڪرائي تي
ڏنل ھي گهر خالي ڪرائي ورتو. امتياز صاحب سخت
ڪاوڙيو پر ثروت کيس نئين دور جا تقاضا ٻڌائيندي
وينتي ڪئي،
ته پٽ جو گهر نه خراب ڪري. ڇو ته ھو پنھنجي زندگي
گذاري چڪا آھن. ان ڪري سٺي ماحول ۾ بنان ڪنھن تضاد
يا جهيڙي جي،
ھو ھن گهر ۾ اچي رھيا. ان معاملي ۾ هوءَ حقيقت
پسند ھئي. اھا ڪھاڻي سندن گهر ۾ پڻ دھرائي وئي ھئي.
جڏھن ھڪ ھڪ ڪري ڀائر پنھنجي الڳ گهرن ۾ ته ڪي ٻاھر
اسھيا،
ته سندس والدين اڪيلا رھجي ويا، جن کي ھنن ڀينرن
ملي سنڀاليو. ڌيئرن جو ھئڻ ڪيترو ضروري آھي،
ھن ٿڌو ساھه
ڀريو. ثروت کي ڌي نه ھئڻ جو ڏکوئيندڙ احساس سدائين
ڪنھن ڪنڊي جيان ھانوَ
۾ چڀندو ھو. وري سوچيندي ھئي ته جيڪا رب جي رضا!
ٻه پٽ
آمريڪا ۾ هئا، پنھنجي زندگين ۾ مصروف. فون تي ڪڏهن
ڪڏهن ڳالھه ٿيندي هئي، پر فون جا آواز سندن
موجودگيءَ جو خلا ڀري نه سگهيا. آواز فضا ۾ وکري
وڃن ٿا، ڄڻ مينھن
کان پوءِ زمين تي بچيل ننڍڙا تلاءَ، جيڪي سج سان
گڏ ٻاڦ بڻجي غائب ٿي وڃن.
هر نئون ڏينهن نئين صبح سان ايندو هو، پر گهر ۽
ڀاتي
ساڳي هڪجهڙائيءَ ۾
وڪوڙيل
هوندا هئا. امتياز اسڪرين ڏانھن
ڏسندو هو، پر دل ڪٿي ٻئي هنڌ هوندي هئي. کيس ياد
ايندو هو ته ڪيئن
روحان
کي سائيڪل هلائڻ سيکاري هئي، ڪيئن پھريون ڀيرو هو
ڪِري پيو
ھو،
ته سندس گوڏا ڇلجي پيا هئا، هو رڙيون ڪري رنو هو ۽
هن ڪيئن سندس ڳوڙها اگهاڙيا هئا. عفان سان پارڪ ۾
کيڏيل ڪرڪيٽ جا لمحا به اسڪرين تي هلندڙ ميچ سان
جُڙي ويندا هئا.
ثروت سلائيءَ ۾ ڌاڳو بدلائيندي، سوچيندي هئي ته هي
شال ڪنھن لاءِ آهي؟ شايد پنھنجي لاءِ، يا شايد
ننھن
مھڪ ڏانھن
موڪليندي. پر ڇا هوءَ پائي سگهندي؟ شايد وٽس وقت
ئي نه هجي. پوءِ به شال
اُڻندي
رهي ٿي. اها مصروفيت کيس جيئرو رکندي هئي. هي شال
فقط ڪپڙو نه هئي، پر يادگيرين جو ڄار، محبت جو
اظھار هئي.
ھن پنھنجي پوٽن ۽ پوٽين ڏانھن ڪيترائي سوئيٽر،
ٽوپيون ۽ جورابا ٺاھي موڪليا ھئا، جن جي بدلي ۾ پٽ
۽ ننھون ساڻس ڳالھائيندا
۽ ٿورا مڃيندا ھئا. سوکڙيون به محبت ۽ يادگيريءَ
جو تعلق ڳنڍينديون آھن. البته امتياز ڪاوڙ جي باھه
۾ پيو پڄرندو ھو. ٻار ڪي پالتو جانور ٿوروئي آھن،
ھو جيئرا جاڳندا انسان آھن. ڇو والدين جي بيمارين
۽ ذميدارين جو کاڄ بڻجي وڃن. ماءُ
جي محبت صلي جي تمنا ٿوروئي ڪندي آھي. هوءَ
مينھن
جيان آھي، جيڪا زمين کي بنان ڪنھن شرط جي ساوڪ
ورھائيندي آھي.
مينھن وسيو. هوا ۾ گلن، وڻن ۽ ڀِنل
مٽيءَ جي خوشبو
پکڙجي وئي.
ثروت جي ذهن ۾ پراڻا ڏينھن جاڳي پيا. جڏهن هوءَ
مينھن ۾ ڀڄندي هئي ۽ امتياز مٿس کلندو هو. اهي سڀ
لمحا هاڻي ذهن جون تصويرون بڻجي ويا هئا.
گهر جو سڪوت سندن پوڙهائپ جي سڃاڻپ بڻجي ويو هو.
ديوار تي لڳل گهڙيال جون سوئيون هلنديون رهيون، پر
سندن ڏينھن
ڄڻ اسٽل فوٽوگراف بڻجي ويا هئا. هو ٻئي پنھنجي
پنھنجي
خاموشيءَ ۾ هڪٻئي
سان ڳالھائيندا
هئا، پر زبان تي
لفظ
نه آڻيندا هئا.
لفظ به ڄڻ پوڙھا ٿي چڪا آھن.
صائم جي اچڻ سان اھا
خاموشي وکري ھئي.
امتياز کي ڪچن جو شور نه وڻندو هو. پر ثروت چوندي
هئي:
”گهر
جي سانت ۾ اھي آواز مون کي اتساھين ٿا،
اسان جا پٽ ڪيڏو گوڙ ڪندا ھئا! ياد نه اٿئي ڇا!“اھو
ٻڌي ماضيءَ
جو سوز، امتياز جي ويران اکين مان ليئا پائڻ لڳو.
پر
پوءِ
به
امتياز
اڪثر
کيس زور ڀرڻ لڳو ته هو صائم کي ڪمرو خالي ڪرڻ لاءِ
چوي، پر ھن پاڻ ۾ ھمٿ نه ٿي ڀانئي.
ھنن وٽ اول سندس ڀيڻ جي سھيليءَ
جي ڌيءَ
ڪوملتا رھي وئي. ٻن سالن جو وقت پکي ٿي اڏاڻو. پوء
نوجوان سرمد سال رھيو. ھو ڪرايو نالي ماتر وٺندا
ھئا. کين اڪيلاين جو درمان گهربو ھو ۽ گهڻي انتظار
بعد ھاڻ صائم اچي رھيو آھي. ھنن کي فقط زندگيءَ
جو احساس ڏياريندڙ ھلچل گهربل ھئي!
صبح جو جڏھن ھو شال اُڻي
ري
رھي ھئي ته صائم کيس چانھه جو ڪوپ ۽ بسڪيٽ
آڻي
ڏنا.
مھرباني....
هوءَ ھلڪو مرڪي
۽
لمحن جي سانت ۾ آٿت جا ڪرڻا جرڪڻ لڳا. ھڪ خالي دل،
پنھجائپ جي احساس ۾ ٻيھر زندگيءَ
جو ذائقو محسوس ڪرڻ لڳي. دنيا جي ڪا دولت ان احساس
جو عيوض نه ٿي بڻجي سگهي!
ھاڻ ته دنيا ھوريان ھوريان ماديت پرستيءَ
جو جهنگ بڻجي رھي آھي. ٿوري دير لاءِ خاموشي
ڇانئجي وئي. سندس ھٿ اُن جي گهرڙن مان نمونو تيار
ڪري رھيا ھئا. ۽ صائم ان مھارت کي حيرت منجهان ڏسي
رھيو ھو.
”مون
کي امان لاءِ اھڙي شال ٺاھي ڏيندا؟“
صائم جي چھري تي ماءُ
جو نالو وٺندي عجيب روشني وکري ويندي ھئي.
”ھا
ڇو نه.“
هوءَ مرڪي.
ميڊ سرونٽ جي غير حاضريءَ
جي صورت ۾ ھو کين نيرن تيار ڪري ڏيندو ھو.
ڪڏھن شام جو ٽيوشن سينٽر لاءِ نڪرندو، ته هوءَ
دوائن جو نسخو ھٿ ۾ ڏئي ڇڏيندي ھيس،
ننڍا وڏا ڪم جيڪي رڪيل ھوندا ھئا ھاڻ ٿيڻ لڳا ھئا.
صائم جو والد ننڍي لاءِ گذاري ويو ھو. ماءُ
اسڪول ٽيچر ھئي. ڪجهه سال بيمار رھي ته صائم ۽
سندن ڀينرن ٻارن کي ٽيوشن ڏئي گهر سنڀاليو. ماءُ
ٺيڪ ٿي ته رٽائرمينٽ وٺي ڇڏيائين. ھاڻ گهر ۾ ٽيوشن
سينٽر کوليو اٿن. بھادر مائرون مضبوط پٽن جا
ڏکويل احساس تعمير ڪنديون آھن. احساس جي نگھباني
ڪرڻ ڪو سولو ڪم ٿورئي آھي!
صائم ماءُ
لاءِ سوکڙيون وٺي ايندو آھي ته ثروت کي ڏيکاريندو
آھي.
”ايترا پيسا ڪو نه ٿا بچن جو ڀيڻن لاءِ ڪا سوکڙي
وٺي وڃان،
پر ماءُ
لاءِ وٺي ويندو آھيان ۽ هوءَ وري ڌيئن کي ڏئي
ڇڏيندي آھي.“ ائين چوندي صائم جو لھجو لڙڪن سان
آلو ٿي ويندو.
”سوکڙي ته فقط يادگيري ٿئي ٿي. ماءُ
لاءِ اصل سوکڙي ٻارن جي موجودگيءَ
جو احساس ھوندو آھي.“
ثروت جي چھري تي ٻارن جي موجودگيءَ
جو ذڪر ڪندي، ڳلن تي گلابن جي سُرھاڻ
وکري وڃي
ٿي.
ڪِچن
۾ رات جو ٿانون جو کڙڪو ٿيو ۽ لائونج ۾ ويٺل
امتياز ڀڻڪيو، جيڪو ڪرڪيٽ ميچ ڏسندي سمھي
رھيو ھو. ثروت جي شال مڪمل ٿيڻ تي ھئي.
هوءَ ڇرڪي کيس ڏسڻ لڳي.
” تون
صائم کي چوين
ڇو نه ٿي،
ته وڃي ڪو ٻيو گهر ڏسي. اھو اجايو گوڙ مون کان
برداشت نه ٿو ٿئي.“ امتياز جي رڙ تي هوءَ ڇرڪي
ڏانھنس ڏک مان نھارڻ لڳي. اڄ ھو ھرو ڀرو زور سان
ڳالھائي
رھيو ھو. ان لمحي صائم باورچي خاني جي در تي ڄڻ
پنڊ پھڻ ٿي ويو.
ٻئي ڏينھن صبح جو ھڪ گاڏي در تي اچي بيٺي ۽
ڊرائينگ روم مان سامان سورڻ جا آواز اچڻ لڳا. ثروت
کي
ڄنگهه
۾ سور ھو،
سو اٿي ڏسي نه سگهي. اڻ تڻ ۾ مبتلا رھي. ٿوري دير
کانپوءِ
صائم اندر داخل ٿيو. سندس چھرو خاموش ۽ اکين جي
جوت وساڻل ھئي.
” مون ٻئي ھنڌ رھڻ جو بندوبست ڪري ورتو آھي.وڃان
پيو.“
ٿوري دير لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي. زندگيءَ
جي چرپر ٻيھر موتمار سانت جي وڪڙ ۾ ڦٿڪڻ لڳي.
”ھيءَ
شال ماءُ
کي ڏجان“ ھن گلابي شال صائم ڏانھن وڌائي. شال
وٺندي وقت صائم جي چھري تي ڏيئا ٻرڻ لڳا.
”مھرباني آنٽي.“ ھو مرڪيو ۽ ٻاھر نڪري ويو. گهر
ٻيھر تنھاين جي اداس پاڇن ۾ خاموش ٿي ويو. شام جو
جهرڪين جي آواز تي مرڪندي، گلابي رنگ جو ننڍڙو
فراڪ ٺاھڻ لڳي. روحان جي گهر ڌيءَ
پيدا ٿي ھئي. جنھن جو نالو مشعل رکيو ھيائين. اڳي
ھڪ ڌيءَ
شارمين ھيس،جيڪا چئن سالن جي ھئي ۽ ضد ڪري ڏاڏي
سان ملڻ ايندي ھئي. ڌيئر تعلق جي روشني آھن!
اھو سوچي مرڪي پئي.
”ڪيڏانھن ھليو ويو صائم؟“ پريشان ٿي امتياز کانئس
پڇيو.
”توھان کي ھن جو گوڙ ڪرڻ پسند نه ھو،
ھاڻ ڇو پيا پڇو؟“ ثروت طنز مان چيو.
”ڇا تو کيس ڪمرو خالي ڪرڻ لاءِ چيو ھو؟“
”حساس نوجوان ھو، لھجي جي ڌڪار سمجهي ورتائين.“
ثر وت
اُداسيءَ مان وراڻيو.
هن
مڙس جي چھري تي پڇتاءَ
جو عڪس ڏٺو، جيڪو پن ڇڻ جي اداس پنن جھڙو بي رنگ
ھو. ھن جواب ۾ ڪجهه نه چيو،
پر خاموش ٿي ويو. ھڪ اھڙي خاموشي، جيڪا لفظن بنان،
پيڙا جي احساس کي وڌائيندي آھي. جيڪا ساھن مان ويل
وقت جي ڄر بڻجي ھرندي آھي...
ثروت جي
ڄنگهه
۾ سور وڌڻ لڳو. ھوڏانھن ڪم واري مائي بيمار ٿي پئي.
جيئن صائم ويو،
ته ثروت مايوس رھڻ لڳي. زال جو مايوس چھرو ڏسي،
امتياز جو بلڊ پريشر وڌڻ لڳو. ثروت جي مرڪ ڏسي،
ھو پاڻ کي بھتر محسوس ڪندو ھو. هوءَ پاڻ گھلي، لٺ
جي ٽيڪ سان لائونج ۾ اچي ويھندي ھئي، جتان اڱڻ جو
منظر نظر ايندو ھو. اس، تازي ھوا جي جهوٽن ۽ فطري
ماحول جي وھڪرن ۾ دل بھلجي وڃيس ٿو. خاص طور تي
شام جو جهرڪين جون لاتيون، زندگيءَ
جي ھئڻ جو سنيھو آڻين ٿيون.
گهر جي خاموشي ڄڻ ٻنھي
کي نانگ بڻجي ڏنگڻ لڳي. انساني آوازن ۽ چرپر جي
احساس جي غير موجودگي کين بيمار ڪري وڌو. رات جو
لائونج مان اٿي ھو بيڊ روم ڏانھن وڃڻ لڳي ته
امتياز جو آواز ٻڌائين. ھو ڀيڻ سان ڳالهائي رھيو
ھو.
”ادي! صائم گهر ڇڏي وڃي ٻئي ھنڌ ڪٿي رھيو آھي،
اوچتو الائي ڇا ٿيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي. آخري
سيميسٽر ۾،
سال ھيس باقي،
جيڪڏھن واپس اچي ته ڪرايو نه وٺنداسينس.چئجوس
پنھنجو گهر اٿس اچي رھي.“
اهو ٻُڌي
هوءَ حيرت جي
ڪُن
۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳي. ثروت پھريون ڀيرو بي حسيءَ
جي برف کي وگهرندي محسوس ڪيو!
(سنڌي ادبي بورڊ جا نوان ڪتاب)


(1)
آءٌ اهو آهيان جو جن عاشقن کي چاهيان ته ملائي ڇڏيان ۽ چاهيان
ته جدائي ۾ وجهي ڇڏيان.
آءٌ چاهيان ته زال مڙس، ڀاءُ ڀيڻ ۽ مٽ مائٽ پاڻ ۾ پرچي پون ۽
چاھيان ته رٺل رھن.
جن کي چاھيان ته صحتياب ڪري ڇڏيان ۽ جن کي چاھيان ته بيمار ڪري
ڇڏيان.
”جن کي چاھيان ته غريب رکان، جن کي چاهيان شاھوڪار
ڪريان. اڃا به گھڻو ڪجھه ڪري ٿو سگهان.“
”واھه سائين! لڳي ٿو ته توھان پھتل پير آھيو.“
”نه... نه... آئون ڪردارن جي ڳالھه پيو ڪريان. آئون ھڪ فڪشن
رائٽر ۽ ڊراما نگار آھيان.“
(2)
اسين ظاهري طرح غريب مسڪين ماڻھو آهيون پر اسان جي پھچ وڏن وڏن
ماڻھن تائين آھي. اسان کي وڏن ماڻھن جي ذاتي زندگي
بابت ايتري ڄاڻ ھوندي آھي جيڪي ڪيترن ئي مصنفن ۽
تاريخدانن کي به نه ھوندي آھي.
اسان کي خبر ھوندي آھي ته وڏن ماڻھن جون زالون
ڪٿان ۽ ڪنھن سان گڏجي شاپنگ ڪنديون آهن. ھو پنھنجن
ڪھڙن مٽن مائٽن سان ملڻ وينديون آهن ۽ ڪير ڪير ھنن
سان ملڻ لاءِ گھر ايندو آهي. |