سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2026ع

باب:

صفحو:8 

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

 

                                    شيخ اياز جي شاعريءَ جو آخري دؤر

 

شيخ اياز عالمي تاريخ جي هنگامه خيز ويھين صديءَ جي ٽين ڏهاڪي يعني 2 مارچ 1923ع تي جنم ورتو. انھيءَ دؤر ۾ دنيا اندر وڏي ولوڙ هئي ۽ ڌرتيءَ تي حيرت انگيز تبديليون رونما ٿيون. 1914ع کان 1919ع تائين پھرين عالمي ويڙهه/ جنگ پنھنجي انت تي پھتي، ٻي عالمي جنگ وقت يعني 1939ع ۾ اياز 16 ورهين جو نوجوان هو. برصغير جي ورهاڱي وقت هن جي عمر 24 ورهيه هئي. ديس جي آزادي واري هلچل دوران لڌل خواب ۽ تصور سڀ ڀورا ڀورا ٿيندي هن پنھنجي اکين سان ڏٺا. آزاديءَ جي نتيجي ۾ سنڌي هندن کي پنھنجو وطن ڇڏي لڏپلاڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ۽ انھن جي ماڳن تي ڌارين اچي واسو ڪيو. ڪراچي شھر جي آزاد حيثيت ختم ڪري ان کي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بنايو ويو. پوءِ 1955ع ۾ اولھه پاڪستان کي هڪ صوبو (ون يونٽ) ٺاهي، سنڌ کي ان جو حصو بڻائي ڇڏيائون.

اياز جي دل کي ڌَڪُ تڏهن لڳو جڏهن ورهاڱي کان پوءِ هن جي اديب دوستن سڳن آهوجا، نارائڻ شيام، حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، موهن ڪلپنا، هري ڪانت، گوبند مالھي ۽ ٻين واپاري، هنرمندن ۽ وائيٽ ڪالر طبقي کي سنڌ جي ڌرتيءَ کان ڌڪي ڌار ڪيو ويو، اوڏي ويل هن پنھنجي مرشد کي مدد لاءِ ٻاڏايو:

جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي،

مرن پيون مارويون، قابو آهن ڪوٽ،

اچ ته تنھنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري ڇڏيون.

اياز بلاشڪ ڀٽائي جو عاشق، پوئلڳ ۽ سچو ۽ جيئرو جاڳندو علامتي ڪردار هو. هن جو پنھنجي ڌرتيءَ پنھنجي ديس ۽ پنھنجي ويڙهيچن سان ڪيل وچن به ساڳيو هو، جيڪو ڀٽائي جي بيتن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجندو رهي ٿو. اياز جي ڪتابن جا اڪثر عنوان ڀٽائي جي بيتن مان کنيل آهن؛ ڇا اهو ڀٽائي سان محبت جو ثبوت ناهي؟

سُر مارئي ۾ ڀٽائي جو فرمان آهي:

الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،

قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم،

تنھين وير ڪيومِ، وچن ويڙهيچن سين.

ڀٽائي فرمائي ٿو: جڏهن خداوند قدوس، بندن کان پنھنجي ربوبيت جو وچن وٺي رهيو هو. مون سخن سڻي دل سان عبديت جي قبوليت ڪئي، انھيءَ مھل مون پنھنجي جهانگين (ديس واسين) سان به وچن ورجايو هو.

اياز انھيءَ بيت جو ورجاءُ هو، ديس واسين سان ٿيندڙ انيائن تي هو ڀٽائي جو علامتي ڪردار بڻجي ڪڏهن سسئي ته ڪڏهن ليلا، ڪڏهن راءِ ڏياچ ۽ ڪڏهن ٻيجل، ڪڏهن سھڻي ۽ ساهڙ ته ڪڏهن جسودن ۽ جوڳي جو جنسار ڌاري سنڌ جي ڏکن ۽ سورن تي لکندو ۽ ويڙهيچن سان ڪيل ازلي وچن کي نڀائيندو رهيو.

- سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنھنجو سيس نمايان،

مٽي ماٿي لايان.

   ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان،

مٽي ماٿي لايان.

*

- سھندو ڪير ميــار او يـــــار!

         سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو.

-  جهول جهلي جنھن وقت ڀٽائي،

          ڪِرندا ڪنڌ هزار او يار!

          سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو!

اياز ڪپر ٿو ڪُن ڪري ڪتاب ۾ جڏهن شاهه جي وحدت الوجودي فلسفي تي سُر مارئي لکيو ته، ان ۾ سنڌ سان وحدت الوجود ڏيکاريائين ۽ سورٺ لکيائين ته، آرٽ لاءِ آرٽسٽ کي ئي سِر جو دان ڏيڻو آ، جي ڳالھه ڪيائين:

مان ئي ٻيجل آهيان، مان ئي راءِ ڏياچ،

منھنجو ڪنڌ ڪماچ، طلبي پيو تند ۾.

مطلب ته اياز، ڀٽائي جو علامتي ڪردار ۽ رسالي ۾ بيان ڪيل تصورن، اهڃاڻن ۽ اندروني پيڙائن توڙي فلسفي کي سمجهي، حالتن آڌار وضاحت ڪندڙ ڏاهو هو.

هتي اياز جي ڌرتيءَ لاءِ تقدس جي هڪ واقعي کي دهرايان ٿو: سال 67-1966ع ۾ اياز وڪالت جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن سکر کان جيڪب آباد ايندو هو، تڏهن سندس هڪ عزيز ڊاڪٽر انور علي شيخ سول اسپتال جيڪب آباد جو سول سرجن هو، هر ڀيري اياز جي ماني جو انتظام ڊاڪٽر صاحب سرڪٽ هائوس ۾ ڪندو هو. ان موقعي تي عبدالڪريم گدائي، مان (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، بيدل مسرور بدوي ۽ فتاح عابد کي به مدعو ڪندو هو (تن ڏهاڙن ۾ بيدل جي نوڪريءَ جو شغل جيڪب آباد ۾ هو). سلام دعا ۽ ٿوري ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ اياز جي فرمائش تي جڏهن بيدل بدوي ٽيبل وڄائي مٿيون وايون آلاپيندو هو، تڏهن سڀني تي محويت جو عالم طاري ٿي ويندو هو، پر شيخ اياز جو ڪنڌ ڌرتيءَ ڏانھن جُهڪي ويندو هو ۽ پورو وقت هو مراقبي ۾ ويٺو هوندو هو. اياز جي انھي ادا کي ڇا چئجي؟ ڌرتيءَ جو عشق ڌرتيءَ جو تقدس. تنھن زماني ۾ محمد ابراهيم جويو گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر ٿي آيو هو. انھيءَ سان به ڪچھريون ٿينديون هيون. اها منھنجي شيخ اياز سان پھرين ملاقات هئي.

1962ع ۾ اياز جو پھريون ڪتاب ڀؤنر ڀري آڪاس شايع ٿيو ۽ 1963ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو خطن جو مجموعو هو، هن ڪتاب جون نثري لکڻيون شاعريءَ جيان مرصع آهن. 1968ع ۾ انھيءَ ڪتاب کي ضبط ڪيو ويو. 1965ع ۾ جڏهن انڊو- پاڪ جي جنگ لڳي، ته اياز انھيءَ جنگ تي ڏاڍو ڏکيارو ٿيو. اندر جو مونجهارو دور ڪرڻ لاءِ، ڀارت ۾ رهندڙ پنھنجي هڪ ساٿي ۽ سنڌي شاعر نارائڻ شيام جي حياتياتي علامت ذريعي، هن شعر لکي پنھنجي اندر جو اوٻر ڪڍيو. هيءَ سنگرام، سامھون آ نارائڻ شيام، هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان، ڪيئن هڻان مان. هن شعر ذريعي دراصل هن پنھنجي قاريءَ کي جنھن حقيقت ڏانھن رجوع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اُها عالمي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام هو. انھيءَ ڏوهه ۾ کيس جيل موڪليو ويو. جڏهن 1968ع ۾ جيل ويو ته، جيل مان ساهيوال جيل جي ڊائري ڪتاب لکي آيو هو. 1972ع ۾ جڏهن ٽيون ڀيرو جيل ياترا ڪيائين، ته اتان شاعريءَ جو ڪتاب ڪپر ٿو ڪُن ڪري تيار ڪري کڻي آيو. هن پنھنجو وقت ڪڏهن به زيان نه ڪيو.

1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ڌار ٿي هڪ نئون ملڪ بنگلاديش بڻيو. رهيل پاڪستان ۾ اقتدار ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ٿيو. هن پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ جي مسئلن بابت اياز کان مدد طلبي، شيخ اياز کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو؛ جيڪو تمام وڏو عهدو ۽ اعزاز هو، پر سنڌ جي حساس شاعر اياز جي مزاج خلاف هو. اوڏي مھل هن ائين سمجهيو، ته هو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪو چڱو ڪم ڪري سگهندو. ان جو مثال ڏيندي هن چيو:

هڪڙي ڏينھن قمرالزمان شاهه جي دعوت تي ويٺا هجون، جنھن ۾ ڀٽي صاحب جي پنھنجي حلقي جا ماڻھو به هجن. مون کي چيائين، اياز هي جو سنڌالاجي تي پنجاهه لک خرچ ڪياسين توکان اڳ ۾، ته وائيس چانسلر ڪٺو ڇا ڪيو آهي؟ ٻه اجرڪ، ٻه ڪاون واريون ٽوپيون ۽ ٻه گهڙا، ڇا سنڌالاجي تي پنجاهه لک انھيءَ لاءِ خرچ ڪيا اٿو؟ تون سنڌالاجي مان ڪھڙو ڪم وٺندين؟“ ”توهان مدد ڪيو ته مان گهڻو ڪم وٺي ٿو سگهان. مون هن کي چيو. چيائين: ٻڌاءِ! مون چيومانس ته بيورو آف ٽرانسليشن ٿو ٺاهڻ چاهيان، ۽ دنيا جي ٽي سؤ ڪلاسڪ، جن انساني سوچ جي ارتقا ڪئي آهي، اُهي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ ٿو چاهيان. جڏهن اسان جا ڇوڪرا مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ هوندا، ته سنڌيءَ ۾ دنيا جا وڏي ۾ وڏا مفڪر پڙهي سگهندا ۽ سڄي ننڍي کنڊ کي ڄاڻ ۾ شڪست ڏئي ويندا، ڇو ته سڄي ننڍي کنڊ جي ٻولين ۾ اهڙا ڪتاب ڪنھن ۾ چار آهن، ته ڪنھن ۾ پنج آهن. ٽي سؤ ڪنھن ۾ به ڪونھن. جڏهن سارتر، وڪٽر هيوگو پڙهندو هو ته مان لطف الله بدوي پڙهندو هئس، پر جڏهن اسان جي ڇوڪرن ننڍيءَ عمر ۾ وڪٽر هيوگو پڙهڻ شروع ڪيو ته پوءِ تون ويچار ڪر ته، سنڌ ڪٿي پھچندي؟ مون کي چيائين ته اليڪشن کانپوءِ مان توکي عرب اميرن کان ڪروڙين روپيا وٺي ڏيندس. پر اليڪشن کانپوءِ ڀٽو رهيو ئي ڪونه.

اِها ڳالھه ٻڌائڻ جو مقصد اهو هو ته، اياز هر حال ۽ هر موقعي تي سنڌ ۽ سنڌين جي وجودي بقا ۽ ڄاڻ ۾ واڌاري لاءِ سوچيندو ۽ ڪوششون ڪندو رهيو.

اياز جي شاعريءَ جا چار دور ڳڻي سگهجن ٿا، پھريون 1965ع کان 1971ع تائين، ٻيو دور 1971ع کان 1976ع تائين، ٽيون دؤر 1976ع کان 1980ع تائين (جيڪو وائيس چانسلريءَ جو دؤر هو ۽ خاموشي ۾ گذري ويو) ۽ چوٿون دؤر 1980ع کان 1997ع تائين آهي جيڪو اياز جو آخري دؤر ڳڻيو ويندو.

اياز هڪ رومان پرور شاعر هو، پر هن جي رومانويت تي جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي جذبايت حاوي ٿي، ته هن جو درد  الم، وارداتون ۽ ورلاپ ۽ جمال جون مستيون ۽ ڪيفيتون سڀ جو سڀ ڌرتيءَ لاءِ ارپڻ ٿي ويون.

جڏهن کيس چيو ويو ته، انسان جي بزدلي زندگيءَ کي نقصان نه پھچايو آهي؟ چيائين ته گليلو جي بزدلي ڪھڙو نقصان پھچايو هو؟ سڄي دنيا جي سائنس بدلائي وڌائين، توڙي جو آزمائش مهل ڦري ويو هو.

سرمد، دارا سان گڏجي علم ۽ دانائي جا واهڙ وهايا، پر اورنگزيب جي عھد ۾ چريو ٿي گذارڻو پيو، اها جدا ڳالھه آهي ته اورنگزيب هن جي دانائي مان فائدو نه ورتو ۽ هن کي مارائي ڇڏيو.

ازارا پائونڊ کي دوستن چريو بڻائي، آمريڪا جي عدالتن مان بچائي ورتو. هو پنھنجي دؤر جو وڏو ڏاهو هو. شيخ اياز هن جي سوچ کان گهڻو متاثر هو. اصل ۾ امريڪن هو، پر ڪم مسوليني لاءِ ۽ پروپيگنڊا فاشزم لاءِ ڪندو هو. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن اتحادين اٽليءَ تي قبضو ڪيو، ته هن کي غداري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو. هن کي موت جي سزا اچڻي هئي، پر سندس دوستن نفسياتي علاج جي ماهرن کان چريائپ جو سرٽيفڪيٽ وٺي جان بچائي ورتي.

جيئن اياز جديد سنڌي شاعريءَ ۾ انقلاب آندو ۽ جميعت الشعراءُ کي مسترد ڪيو، تيئن ازرا پائونڊ کي به جديديت جو باني ۽ انگريزي شاعري ۾ انقلاب آڻيندڙ سمجهيو ويندو هو. هن به جارجين اديبن کي ائين ٺڪرائي ڇڏيو هو.

ٻنھي ۾ ڪجهه ٻيون به هڪجھڙايون هيون. جيل کان آزادي ماڻڻ بعد ازرا پائوند 18 ورهيه جيئرو رهيو ۽ شيخ اياز به 1980ع جي خاموشي کان پوءِ اٽڪل 18 سال زنده رهيو.

جيئن ازرا پائونڊ آخر تائين ڪائنات جي پراسراريت ۽ نيٽ ورڪ کي سمجهي نه سگهيو ۽ چوندو ويو ته فقط مان اهو ڄاتو آهي ته مان ڪجهه به نه ڄاتو آ. ساڳي وقت اياز به ان پراسراريت کي پنھنجي آخري عمر تائين سمجهي نه سگهيو، هو انھي ڪن فيڪون جي ڳولا ۾ رهيو، پر هن جي سرحد ويجهو اچي چڪي هئي.

ازرا پائونڊ کي Living volcano (زندهه جُوالا مُکي) چوندا هئا ۽ اياز کي Living Legend جو اعزاز مليو هو.

1971ع تائين اياز هڪ تيز ۽ تند درياءَ جيان رڪاوٽون ٽوڙيندو سڪل ۽ ٺوٺ زمينون سيراب ڪندو وهندو رهيو، هن جي تخليقي وهڪري ۾ ڪجهه دير لاءِ تڏهن رڪاوٽ آئي، جڏهن کيس سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. 1980ع کان هن وري ان جمود کي ٽوڙي ايترو تيزي سان لکيو، جو ڏهن مھينن اندر ست ڪتاب شاعريءَ جا، ٻه نثري نظمن جا ۽ ڪجهه نوٽس وغيره تيار ٿي ويا. هن تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿي وئي، جو بيماريءَ ۾ ڪمزور ٿيڻ بدران هن جي لکڻ جي سگهه وڌي وئي. رات جو ڪنھن پھر جاڳندو هو ته ڀر ۾ رکيل ڊائري ۽ قلم کڻي بنا بتي ٻارڻ جي لکڻ شروع ڪندو هو.

هن کي وائيس چانسلر وارو دؤر اجايو ويل نظر ايندو هو، ان ڪري هن پنھنجي ڇڏيل ڳالھه کي منطقي نتيجي تائين پھچائڻ لاءِ تمام گهڻو لکيو. هن ڪجهه اهڙا نثري نظم لکيا هئا جنھن ۾ حسن سان، حق سان، نيڪيءَ سان، انسان ذات جي محبت سان جنھن ۾ خدا جي محبت ۾ هاڻي هن لاءِ فرق نه هو. هن کي ڀرپور احساس ۽ اندروني تسڪين رڳو پنھنجي لکڻين سان ئي ملي رهي هئي. هن جو لکڻين سان ورتاءُ ٻي انداز سان ٿي ويو، هن جي اندروني قوت ايتري زوردار انداز ۾ اُڀري آئي، جو هن جون آڱريون پاڻ هرتو لکڻ لڳنديون هيون. اياز ڄاڻي ورتو هو ته انسان ۾ ڪا اهڙي قوت آهي، جيڪا پاڻ هرتو ڪم ڪري ٿي. اها ڪٿان ٿي اچي، اهو هن سمجهي ورتو هو، پر هو اندران ايترو شفاف ٿي چڪو هو،  ان تي ڪڏهن مغرور نه ٿيو.

مان ڪجهه ناهيان، مان ڪجهه ناهيان،

مــــون ڪوئي وس ڪيو نــــاهي،

هــــر وقــــت پيو آواز اچــــي،

ٿا پــــاڻ اچــــن سڀ گيت اُهــــي،

يا مان ئي سارا سُر آهيان،

جي تنھنجــــي جيت جتائــــن ٿا،

ٿو جــــن ســــان ڀرجي ســــاز اچي،

جـــــڳ ليکي منھنجي جيت آهي.

بيماريءَ ۾ به ايترو لکيو جيترو گذريل اڌ صدي ۾ لکيائين ۽ سندس لکڻيون اڳي کان وڌيڪ خوبصورت هيون. ڪتاب
ننڊوليونَ، اُٿي اور الله سين، ڪتين ڪر موڙيا جڏهنَ، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر اهڙين ئي راتين ۾ جاڳي لکيل مواد تي مشتمل هئا. ڪجهه ٻيا ڪتاب به هن لاشعور ۽ تحت الشعور جي ڪيفيت ۾ لکيا جهڙوڪ: سورج مُکيءَ سانجهَه جا ٽي حصا، نثري نظم جا ٻه جلد، سَر لوهيڙا ڳڀيا، ڪونجون ڪَرڪن روهه تي، تون ڇپر تون ڇانوَ ۽ شاعريءَ جو سجدو.

اياز جي پوري زندگي ويڙهه ۾ گذري. هن جيل ڪاٽيا، صعوبتون سَٺيون، پنھنجن ۽ پراون جا طعنا تنڪا ٻڌا. يونيورسٽيءَ جا چار سال، هن پاڻ تي جبر ڪري خاموشيءَ سان گذاريا. اهڙي ذهني عذاب ۾ گذاريندي هن، ڀُٽي صاحب جي ڦاسي کان سال اڳي پنھنجي باري ۾ لکيو:

لُريءَ ۾ لڙڪن پيا، ڪنڌ نوايل يار،

ووءِ مــــيــــان، وو، وو مــــيــــان!

باقي زندگيءَ جو هر پل اياز پنھنجي شاعريءَ کي ارپيو. آخري عمر ۾ جيڪا به شاعري ڪئي، اُها اعليٰ اسمن واري هئي جنھن ۾ ڌيرج سان گڏ، روحاني تسڪين، انساني تقدير ۽ ڪائناتي تصور ۾ وڌيڪ يقين پيدا ٿيو ۽ هو پھاڙ جيان اڏول بڻجي پيو.

هو چوڻ لڳو ته هي ڪائنات هڪ تمام وڏي ڪمپيوٽر وانگر آهي، جنھن ۾ هر انسان جي تقدير محفوظ آهي. لوح ۽ قلم ۽ لوح محفوظ جا محاورا درست آهن، ڪير ڪيتري به ڪوشش ڪري اُهو به ان طرح لوح محفوظ ۾ آهي. ڪڏهن بيوس ٿي پوندو يا وس وارو ٿيندو، اهو به طئي ٿيل آهي. هن کي اِها به خاطري ٿي چڪي هئي، ته جڏهن سندس تي مقرر ڪيل وقت ايندو، ته انھيءَ مهل کيس ڪوئي نه بچائي سگهندو. موت جي خوف بدران، هو ان کي ائين سمجهندو هو ته جيئن هڪڙي چانئٺ تان ٻرانگهه ورائي ٻي پاسي وڃڻ. هو موت کان پوءِ به زندگي کي مڃڻ لڳو ۽ پڇاڙي کي به.

ڪو موت سدائين لاءِ نه آ،

ها، هي حياتي مرڻي آ،

ان جيءَ جياپي جي ليڪن

اڳتي به ڪرڻي ڀرڻي آ.

اڄ منھنجي پويان پيڇي ۾،

تقدير شڪاريءَ وانگر آ،

من هرڻي وانگر ڊوڙي ٿو،

هي دنيا واريءَ وانگر آ.

اياز سدائين مان جوئي آهيان سوئي آهيان جو دائي رهيو، هن جي هڪ غزل جو مطلع آهي:

ڪنھــــن ڪيئــــن چــــيو، ڪنھــــن ڪيئــــن چيــــو،

پر وائي سڀ کي وات هئي، هي ڪا ته سُريلي آگ هئي،  هي ڪا ته ڀري برسات هئي.

پوري زندگي اياز حالتن آڌار لکندو رهيو. ڪڏهن سندس لکڻين مان آرانڀا نڪرندا هئا ۽ ان سريلي آگ جو سيڪ ڪي سهي سگهندا هئا ۽ ڪي وري ڀري برسات ۾ ڀِڄي پاڻ بچائيندا هئا. هو سچل جيان تصوف جو قائل هو، جيڪو انسان کي انسان سان محبت جو پيغام ڏي ٿو. حافظ جي محبت جو بنياد به اهڙي تصوف تي هو، جيڪو هر خلل کان خالي هو. اياز به پنھنجي اندروني شفافيت لاءِ شمس تبريز جهڙي صوفي جو ڳولائو رهيو، جيئن روميءَ وانگر کيس به عرفان عطا ٿئي.

ڪو وقت هو جو اياز چوندو هو ته، ڪنھن فنڪار جي ڪسر نفسي هن جي روح جو فالج آهي ۽ هو پاڻ کي ۽ پنھنجي فن کي ضرور مڃائي ۽ چئي، ته جيڪا تنھنجي ڳالھه آهي سا بلڪل غلط آهي، جيڪو مان چوان ٿو، اُهو صحيح آهي. جيستائين هو ائين نه ڪندو، تيستائين پنھنجا مخالف نظريا ڊاهي ڍير نه ڪري سگهندو.

اياز هاڻي پنھنجي هستيءَ ۽ صرف پنھنجي هجڻ واري سوچ کان گهڻو هيٺ لھي وڏي نوِڙت وارو انسان بڻجي پيو هو. چوندو هو ته انسان ذات ۾ ڀلئون ئي ڀل پئي آ، هن کان پوءِ الائي ڪيترا ماڻھو اچن، ڇو ته دنيا اڄ کٽي ته ڪونه ٿي وڃي، ٿي سگهي ٿو ته اسان جي سنڌ ئي هن کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ چڱو شاعر پيدا ڪري، اڃا به سؤ ڀيرا وڌيڪ پيدا ڪري. هاڻي ته صرف هن جي اِها خواهش هئي، ته هن کي اهڙي دولت نصيب ٿئي جيڪا اهلِ دل کي نصيب ٿيندي آهي.

انسان ۾ جيڪا ڄاڻڻ ۽ حاصلات جي اُڃ آهي، اُها اياز ۾ به هئي ۽ هن پنھنجي دؤر جي هر ڪا ڳالھه حالتن آڌار ڪري ڇڏي آهي. هُن دنيا جي بنيادي ڳالھين کي چڱي ريت سمجهي، انھن کي پيش ڪيو، هاڻي اهو اسان تي ڇڏيل آهي، ته اسان ان مان ڪھڙا نتيجا ٿا حاصل ڪيون ۽ شاعر جي ڪيل ڳالھين کي ڪيتري موٽ ٿا ڏيون. اهو اسان جي ڄاڻ، روين ۽ حالتن سان واسطو رکي ٿو.

بھرحال اياز آخري عمر تائين پنھنجي شاعريءَ کي قدرت جو انعام، روح جي تڪميل، روح القدس تائين پھچڻ جو ذريعو ۽ موت کي مات ڏئي زندگيءَ جي فلسفي کي سمجهڻ جو بھانو سمجهندو رهيو ۽ شاعريءَ سان پوئين دم تائين نڀائيندو رهيو.

عمر جي حساب سان اياز جون حسرتون به هزار هيون، پر ارزا پائونڊ وانگر هن ڄاڻي ورتو هو، ته جيڪي هن ڄاڻڻ پئي چاهيو، اهو نه ڄاڻي سگهيو ۽ شايد ڪوبه نه ڄاڻي سگهندو. پر اياز پنھنجي ويڙهيچن سان ڪيل وچن تي آخري دم تائين قائم رهيو ۽ چوندو ويو:

او شال! عُقابن سان اٽڪان، مان واهر ٿي واهيرن جو.

حوالا:

·               طارق اشرف (ايڊيٽر) ماهوار سھڻي، شيخ اياز نمبر-2‘، حيدرآباد سھڻي پرنٽرس، سال 1991ع.

·               ڀٽي رشيد (مرتب) ليکڪ: شيخ اياز، خط انٽرويو تقريرون، حيدرآباد نيوفيلڊ پبليڪيشنس 1987ع.

·               شيخ اياز: ڪتين ڪر موڙيا جڏهن، (ڀاڱو ٽيون)، ڪراچي سنڌي ادبي اڪيڊمي، سال 1996ع.

·               شيخ اياز: ڪپر ٿو ڪُن ڪري حيدرآباد، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ، سال 1975ع.

·               شيخ اياز: چند چنبيلي ول حيدرآباد، نيوفيلڊ پبليڪيشنس، سال 1985ع.

·               شيخ اياز: ساهيوال جيل جي ڊائري،نيوفيلڊ پبليڪيشنس، سال 1986ع.

·               شيخ اياز: شاعريءَ جو سجدو ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2010ع

·               شيخ اياز: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي حيدرآباد، 1963ع.

·               جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، شيخ اياز هڪ مطالعو خيروپور شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، 1999ع.

·               هڪڙو انور فگار ڊاڪٽر، سج جهڙا پرين شڪارپور شيخ اياز اڪيڊمي، 2018ع.

·               بلوچ تاج، ماهوار سوجهرو، ڊسمبر 2000ع، ڪراچي.

·               جوڻيجو عبدالقادر، ڇو ڇا ۽ ڪيئن، ڪنڊيارو روشني پبليڪيش، 1999ع.

 

مختيار احمد ملاح

 

وجوديت ۽ سنڌي ادب

          انسان جي وجود بابت روز اول کان مختلف نظريا ۽ فلسفا پيدا ٿيندا رهيا آهن، انھن ۾ ڪي مذهبي، ڪي فلسفي، ڪي غير مذهبي ۽ ڪي صوفي فڪر تي مبني آهن. سڀني نظرين ۽ فلسفن، انساني وجود کي مختلف معنائون ۽ مختلف عقيدا ڏنا آهن. ڪن فلسفن ۾ انساني وجود جي حيثيت کي تسليم ئي نه ڪيو ويو آهي ته ڪن عقيدن وارن انسان کي ڪنھن ٻئي جھان جي لاءِ امانت طور پيش ڪيو آهي، پر  19 صديءَ جي آخر  ۽ 20 صديءَ  جي شروع ۾ پيدا ٿيندڙ ايجادن، سياسي بحرانن، سماجي قدرن، فڪري ۽ نفسياتي مونجھارن،  وجودي فڪر جي نئين لاڙي کي جنم ڏنو. جنھن ۾  وجوديت جي فلسفي کي انساني وجود ۾ سانڍيل وارداتن، رازن ۽ ڳجهن کي جاچڻ ۽ پرکڻ جو نالو ڏنو ويو. هن فلسفي کي فڪر کان وڌيڪ ادبي دنيا ۾ ڳوليو ۽ لاڳو ڪيو ويو.

          وجودي (Existentialism) فلسفي موجب سڀئي انسان پنھنجي انفراديت ۽ پنھنجي زندگيءَ جي داستان جا آزاد اڳواڻ آهن. آسان لفظن ۾ هن نظريي مطابق انسان ڇا آهي؟  وارو  فلسفو پنھنجي حيثيت وڃائي ويھي ٿو،  ڇو ته هن نظريي جو بيان آهي ته انسان پھرين حقيقت آهي، جنھن جو وجود غير واضح آهي ۽ ان کي پنھنجي وجود کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنھن ٻئي نظريي جي ضرورت ناهي.  اهڙيءَ طرح، اهو فلسفو  ڪيترن ئي قدامت پسند فلسفن جھڙوڪ: عقليت پسندي، تجرباتيت ۽ مابعد الطبعيات جي مخالفت ڪري ٿو. وجوديت جو بنيادي نڪتو اهو آهي ته انسان لامحدود ڪائنات ۾ اڪيلو آهي، هن کي ڪابه خبر ناهي ته هن وشال ڪائنات ۾ هو ڪٿان آيو آهي ۽ ڪيڏانھن ويندو! وجوديت جو بنيادي نڪتو جوهر کان پھرين وجود کي اهميت ڏئي ٿو، وجوديت بنيادي طور فطري صورتحال آهي، جنھن کي مختلف نظرين، مذهبنجي لباس ۾ ويڙهي تاريخ ۾ پيش ڪيو آهي.(1)

وجوديت جي فلسفي شارحن سارتر، البير ڪاميو، مارٽن هيڊگر، ڪارل جيسپرز، گبريل مارشل، ماريس مرلو،  ۽ پونٽي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جا اهڃاڻ نٽشي ۽ ڪرڪيگارڊ جھڙن مفڪرن وٽ به نظر اچن ٿا. وجوديت انسان جي پاڻ سڃاڻپ جو نالو آهي جنھن ذريعي هو هن دنيا جي غلاميءَ کان ڪٽجي ٿو ۽ پنھنجي آزاد هئڻ تي زور ڏئي، پنھنجي زندگي جو پنھنجي مرضيءَ سان پورو پورو استعمال ڪرڻ گهري ٿو. ان فلسفي جو  بنيادي مقصد آهي جيئن ته انسان هڪ وجود رکي ٿو، ان ڪري هو پنھنجي وجود جي هئڻ کي ثابت ڪري ڏيکاري.(2)

 اسان وٽ وجوديت جي حوالي سان  سارتر جو نالو وڌيڪ استعمال  ۽ تقليد هيٺ آيو آهي. فيلسوف ڪرڪيگارڊ (1813ع-1855ع) هن فلسفي کي پھريون دفعو کولي سمجھايو. ڪرڪيگارڊ هڪ پادري هو. سندس چوڻ هو ته وجود کي سائنس ۽ منطق وسيلي ڄاڻڻ مشڪل آهي. هائيگرڊ جي خيال موجب انسان کي هن دنيا ۾ کنڀي اڇلايو ويو آهي ۽ وجود مستقبل ڏانھن محو آهي.  ڊيڪارٽ چيو ته مان سوچان ٿو، ان ڪري مان آهيان. ان جي برعڪس سارتر چئي ڏنو ته مان آهيان انهيءَ ڪري مان سوچيان ٿو.زان پال سارتر (1905ع-1980ع) کي وجوديت جو نمائندو سڏيو وڃي ٿو. هن وٽ انساني وجود مڪمل نيستي ۽ بي معنيٰ آهي. ان جي ڪا حقيقت ۽ ماهيت نه آهي. انسان کي پنھنجي ذات جي تشڪيل لاءِ ڏکوئيندڙ صورتحال مان لنگهڻو پوي ٿو. سارتر مطابق انساني حقيقت ڪا ٺوس ۽ مستقل جوهر، نه پر انسان جي هستي، انسان جي لاءِ هڪ زبردست للڪار آهي ۽ انهيءَ للڪار جو، ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪرڻ  سان ئي فرد پنھنجي ٽڙيل پکڙيل زندگي يڪجا ڪري سگهي ٿو.(3) سارتر ۽ ڪرڪيگارڊ جي وجوديت کي لادينيت ۽ خدائي انڪار جي زمري ۾ تسليم ڪيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو وجوديت جي فلسفي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: هڪ ديني وجوديت- ٻيو لاديني وجوديت.

20 هين صديءَ ۾ وجودي فلسفي کي فلسفي کان وڌيڪ هڪ تحريڪ جو درجو ڏنو ويو. هن فلسفي جي حمايتي ليکڪن پنھنجي نظريي کي ماڻھن تائين پھچائڻ لاءِ نظم، ڊرامو، ڪھاڻي ۽ ناول کي وسيلو بڻايو. پوري يورپ ۾ وجوديت جي فلسفي، ادب  جي ڪيترين ئي تحريڪن کي پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ دنيا کي هڪ نئين نظريي سان پيش ڪيو ويو، جنھن ۾ وجوديت  جي فلسفي کي سمجھائڻ لاءِ هيٺين وجودي وارداتن کي پيش ڪيو ويو: ويڳاڻپ (Alienation مايوسي (Despair وجود جي بي معنائيت(Being and absurdity بوريت (Boredomڪراهت/ڪرڀ (Nausea احساس جرم (Guilt موت جو تصور (Concept of Death فرد ۽ ٻيا نظام (Individual and Systems چونڊ جي آزادي(Freedom of Choice) ۽ شخصي وجود جي حقيقت (Reality of individual existence) وغيره.(4)

يورپي وجودي فلسفي ۽ سنڌ جي ڪلاسيڪل صوفي شاعرن جي تصوف ۾ ڪي هڪجھڙايون آهن، پر صوفين جو  انساني وجود جو هڪ پنھنجو نظريو آهي. صوفي شاعر، زندگيءَ کان بيزاري ۽ مايوسي نه ٿا ڏيکارن. هو وجود کي سڃاڻڻ جي ڳالھه ڪن ٿا، ۽ مبهم معاملي کي به صاف ڪن ٿا:

صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،

تھان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

شاهه لطف الله قادري تصوف ۽ مجاز واري رنگ ۾ چوي ٿو ته:

سو واحد وجود جو، سوئي سرير ساهه.

سنڌ جي صوفي شاعرن  ۾ سچل سر مست  وڌيڪ بي باڪ ۽ پنھنجي وجود کي اناالحق جي ڪيفيت ۾ وحدت الوجود کان مٿاهين مقام تي فائز ڪندي حسين بن منصور الحلاج تائين کڻي وڃي ٿو. وجداني صوفين وانگر سٻاجھڙو، حق ۽ سچ جو متلاشي ۽ وحدت الوجود جو زبردست داعي آهي:

منصوري موج ۾ ٿو انا الحق الايان،

وادي ۾ وحدت جي، گهوري سر گهمايان،

اعلى اعظم شان جي، نوبت نينھن وڄايان،

ظاهر باطن هڪڙو، آءٌ تان حڪم هلايان.

پروفيسر قاضي خادم لکي ٿو ته سچل جي شاعريءَ ۾ پھريون دفعو هڪ اهڙي ڳالھه آئي، جيڪا کانئس اڳ ڪنھن  ٻئي شاعر ۾ ڪونه ٿي ملي. هن جي شعر ۾ پنھنجي وجود جي مڪمل اظهار جي خواهش جو ڀرپور احساس ملي ٿو ۽ ان لاءِ هو سڄي دنيا بلڪه ڪائنات جي نفي کان نه ٿو ڪيٻائي:

ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي،

مان جوئي آهيان سو ئي آهيان،
ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي،

ڪو جاهل نالو ظاهر چوي
ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي،

مان جوئي آهيان سو ئي آهيان.(5)

سچل کان پوءِ بيدل بار بار پاڻ سڃاڻڻ جي ڳالھه ڪري ٿو. چوي ٿو ته جيڪو پاڻ نه سڃاڻيندو سو رب ڪيئن سڃاڻيندو، تنھن ڪري انسان سڀ کان پھرين پنھنجو پاڻ کي سڃاڻي:

ظاهر ۾ بندو باطن ۾ مولى،

برهه جي بازي پرجهي ڪير،

من عرف جي مام  موچاري،

 فرمودي ۾ ناهي ڦير،

تان تون پنھنجو پاڻ سڃاڻين،

 وحدت وارو ڀيرج ڀير

پنھنجو سِرّ صحي ڪر بيدل،

سوجهي سمجهه سِريءَ جو سير.(6)

ڏٺو وڃي ته سنڌ جي جديد ادب ۾ وجوديت جي تاريخ  ڪا گهڻي پراڻي نه آهي. ورهاڱي کان پوءِ، چند انھن شاعرن ۽ ڪھاڻيڪارن جي لکڻين ۾ وجودي فڪر جي جهلڪ نظر اچي ٿي، جن يا ته ڪجهه قدر يورپي ادب پڙهيو يا ڪن مايوسين جي ماحول ۾ لکيو. اهڙن اديبن کي شعوري طور تي وجوديت جي فلسفي جي خبر به ڪو نه هئي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر  غلام قادر سومرو لکي ٿو ته سنڌي قوم پنھنجي ئي وطن ۾ ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ظلمن سبب، محرومي جو شڪار ٿيڻ لڳي. شدت احساس کان مجبور ٿي، جديد دؤر جي اديبن، روايتن کان منھن موڙي پنھنجي وجود کي تلاش ڪيو. اهڙي طرح خود وجوديت جي نظريي جنم ورتو.(7) سنڌي ادب ۾ وجودي فڪر لاءِ عبدالوحيد جتوئي لکي ٿو ته سنڌي ادب ۾ وجودي فڪر، لاشعوري طور ساميءَ جي شاعريءَ ۾ ۽ شعوري طور ويھين صديءَ جي آخري اڌ ۾ ماڻڪ، شوڪت حسين شورو، مشتاق شورو، عبدالحق عالماڻي، ڪيھر شوڪت، مدد علي سنڌي  ۽ نورالھديٰ شاهه جن جي وجودي لکڻين سان ٿي. هنن ليکڪن کان سواءِ ڪن شاعرن به، هن طرف ڌيان ڏنو، پر اسان جي شعري ادب ۾ اهڙي قسم جو فڪر  پختي نموني نه سمائي سگهيو.(8)

هو وڌيڪ لکي ٿو ته سنڌي ادب ۾ رڳو ناول ۽ مختصر ڪھاڻيءَ ۾ ئي هي فڪر ملي ٿو، جنھن ۾ ماڻڪ جا ناول ساهه مٺ ۾، رڃ ۽ پڙاڏا، پاتال ۾ بغاوت ۽ لڙهندڙ نسل آهن. مشتاق احمد شوري جو ٿڪل جذبن جو موت، شوڪت حسين شوري جي ڪھاڻين جا ٻه مجموعا گم ٿيل پاڇو ۽ اکين ۾ ٽنگيل سپنا، مدد علي سنڌيءَ جو پنر ملن ۽ دل اندر درياهه ۽ ڪيهر شوڪت جو پل تي ويٺل هڪ نوجوان، عبدالحق عالماڻي جو ڪارو ڪارونڀار، نورالھدى شاهه جو رڻ ۽ رڃ جو اتھاس وغيره اچي وڃن ٿا.(9) ان ٽھي سان تعلق رکندڙ ليکڪن جھڙوڪ: مشتاق احمد شورو، ماڻڪ، شوڪت حسين شورو، ممتاز مھر دنيا جي ماڊرن ادب جو اڀياس ڪيو هو ۽ هو يورپي ملڪن جي ادب ۾ فڪري ولوڙ ۽ وجوديت واري فلسفي کان واقف هئا. زندگي بي مقصد ۽ بي معنائيت سان ڀريل هئي ۽ هو هڪ اهڙي اونداهي گهٽيءَ ۾ هلي رهيا هئا، جنھن مان نڪرڻ جي ڪا واهه نه هئي ۽ ان جو سرو بند ٿيل هو.  ممتاز مھر ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ واري صورتحال لاءِ لکي ٿو ته سنڌ ٻيھر بحال ته ٿي، پر سنڌ جي ماڻھن جي مسئلن ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. سواءِ ڪن نوجوانن کي نوڪرين ملڻ جي، سي به وڏيرن، ڪامورن جي سفارشن سان. تنھن ڪري عام نوجوانن ۾ مايوسي جي هڪ لهر اچي ويئي ۽ منير احمد ماڻڪ بڻجي ون يونٽ جي ڊهڻ جي ستت پوءِ واري دؤر جي سنڌي نوجوانن جي ذهني ڪيفيت کي حساس نوجوان جي حوالي سان پنھنجي ناوليٽ لڙهندڙ نسل ۾ چٽيو. اهو نوجوان پنھنجي زندگيءَ کي ڪا معنى ڏيڻ چاهي ٿو، پر لاحاصل.(10)

سنڌي افسانوي ادب ۾ ماڻڪ، وجوديت جو نمائنده  ليکڪ آهي.  ماڻڪ جي اسٽائل ۽ موضوعن ۾ به فرق اچي ويو. هن زندگيءَ جي بي مقصدگيءَ ۽ بي معنائيت تي لکيو، سندس ڪھاڻين جو مجموعو انام ڪھاڻيون ان ڏس ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون. شوڪت حسين شورو ماڻڪ لاءِ لکي ٿو ته ماڻڪ مارڪسوادي ۽ ڪميٽيڊ ليکڪ هو. پر پوءِ اڳتي هلي Disillusionment  جو شڪار ٿي ويو. هن وجودي فلسفي ۽ يورپ جي ماڊرن ليکڪن جو گهرو اڀياس ڪيو هو.(11)

ممتاز مھر جون ڪھاڻيون يادن کان انتقام، مٽيءَ جو طوفان، زندگي جو وهڪرو به وجودي فڪر جون ڪھاڻيون آهن. نور گهلو جي مجموعي ٽٽل شيشا ۽ آڱريون جون اڪثر ڪھاڻيون وجودي فڪر جون ترجمان آهن. هڪ هنڌ چوي ٿو ته اُف! زندگي ڪيڏي نه بي معنى آهي.  وجودي فڪر جي ليکڪن ۾ مشتاق شورو  به نمائنده ڪھاڻيڪار آهي.  سندس باري ۾ شوڪت حسين شورو لکي ٿو ته مشتاق احمد شوروٿڪل جذبن جو موت، من جي مونجهه ۽ ٻوساٽ هڪ بور ڏينھن جھڙيون جديد ڪھاڻيون لکي سنڌي ادب ۾ وڏو چوٻول پيدا ڪيو.ماڻڪ هڪ ڪھاڻي سواءِ سري جي، ڌڏندڙ، بالڪنيءَ ۾ اُلر ڪندڙ اوسيئڙو جھڙيون ماڊرن ڪھاڻيون لکيون.(12)

مدد علي سنڌي بنيادي طور تي وجودي فڪر جو ڪھاڻيڪار آهي. هن زندگيءَ جي بي معنويت تي ڪيترائي سوال اڀاريا آهن. سندس ڪھاڻيون: احساسن ۽ جذبن جو موت، ائبسٽرڪٽ جيون جا ڪجهه ائبسٽرڪٽ وجودي فڪر جي اثر هيٺ لکيل آهن.  سندس ٻين اهم ڪھاڻين ۾: اجنبي بڻجي جيئڻ کان پوءِ، پکا پکن سامنھڙا اوري اچي اڏ، من تنھا منزل دور وغيره شامل آهن. شوڪت حسين شورو به وجودي فڪر جو ليکڪ آهي. سندس ڪھاڻيون: سمنڊ ۽ هيڪلو روح، گم ٿيل پاڇو، رات جو رنگ، هڪ ڊنل ماڻھو وغيره ان ڏس ۾ اهم ڪھاڻيون آهن. عبدالحق عالماڻي پڻ ون يونٽ جي دؤر جي پيداوار هو. هن نج ڳوٺاڻي ماحول ۾ مقاميت نگاريءَ جي لحاظ کان اهم ڪھاڻيون لکيون. پر هن جون ڪھاڻيون وجودي فڪر جون به ترجمان آهن، ان ڏس ۾ سندس ڪھاڻيون ڪارو ڪارونڀار ڌارئپ ۽ ويڳاڻپ جي ڪري، سوري جنين سيج بي خودي يا هيجان جي تصور جي ڪري ۽ بري هن ڀنڀور ۾ فرد جي ڀوڳنا جي ڪري اهم وجودي ڪھاڻيون آهن. رسول ميمڻ به وجودي ليکڪ آهي. سندس ڪھاڻيون: امن جي نالي، انسانيت دونھون ۽ لاش، چچريل زندگيءَ جا قافلا ۽ ٻيون ڪھاڻيون حوالي طور ڏئي سگهجن ٿيون. ٻين ڪھاڻيڪارن ۾ فاروق سولنگي، رزاق مھر، ڪيھر شوڪت، اخلاق انصاري، نسيم پارس گاد، طارق عالم ابڙو، ڪيلاش، شمس سومرو، بيدل مسرور، مشتاق ڪاملاڻي، سانول ۽ ڪي ٻيا نالا اچي وڃن ٿا.

زندگيءَ جي بي معنويت ۽ ويڳاڻپ تي عورت ڪھاڻيڪارن به قلم کنيو آهي. ان سلسلي ۾ نور الھدى شاهه جو  نالو نشانبر آهي. نور الھدى شاهه جي ڪھاڻين جو مجموعو رڻ ۽ رڃ جو اتھاس وجودي فڪر جي ڪھاڻين سان ڀرپور آهي. هن مجموعي ۾ انساني وجود جو سوال اٿاريل آهي. جنگين جي تباهي، دهشتگرديءَ جي تباهي کان پوءِ انسانن جو هڪ وڏو انگ ڊنل ۽ ويگاڻو ٿي ويو ۽ زندگيءَ جي وڏن منصوبن، اوچن آدرشن ۽ سپنن جي دنيا جو اظهار هن مجموعي ۾ آيل آهي. سندس ڪھاڻيون: وشواس، ٽٽي پرزا ٿيل عڪس، شڪتي وغيره اهم ڪھاڻيون آهن. خيرالنساءِ جعفري جي ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جي بي ثباتي، مايوسي، نجات، حالتن جو دوکو، فراريت وغيره وجودي زمري ۾ اچن ٿا. هوءَ هڪ ڪھاڻيءَ ۾ چوي ٿي ته: مايوسي مان نجات جو ٻيو ڪو به رستو ڪونهي سواءِ خودڪشيءَ جي.

 سنڌي ناول جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته خاص طور تي ترجمي نگارن، وجوديت جي فڪر کي سنڌي ۾ رائج ڪيو آھي. ان کان علاوه ڪي اھڙا ليکڪ به آھن جن پاڻ کي وجودي فڪر لاءِ ارپي ڇڏيو. سنڌي ناول نگارن  ۾ قاضي خادم، ولي رام ولڀ، ماڻڪ، پرويز، منصور ٿلهو، آغا سليم، لعل پشپ، آنند کيماڻي، موتي لعل جوتواڻي ۽ شيام جئسنگهاڻي وغيره قابل ذڪر آھن.

        ڊاڪٽر قاضي خادم، البير ڪاميو جي The Fall جو ترجمو زوال جي نالي سان  1967ع ۾ ڪيو، هن ناول ۾ دهريت واري وجودي فڪر  جي عڪاسي ٿيل آهي. هن ناول ۾ زندگيءَ جي بي مقصديت ، حالتن جي بي رخي جي پڻ عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن ناول ۾ هڪ انسان جي بي مقصد زندگيءَ جي باري ۾ ليکڪ هن ريت بيان ڪيو آهي:

انسان اهڙو ئي ٿيندو آهي، منھنجا سائين! سندس ٻه روپ آهن: هو پنھنجو پاڻ سان محبت کان سواءِ، ٻئي ڪنھن سان به محبت نه ٿو ڪري سگهي. اوهين جنھن عمارت ۾ رهو ٿا، تنھن ۾ ڪو قضيو ٿي پوي ته پنھنجن پاڙيسرين کي غور سان ڏسو. هو سڀ هميشه وانگي ستا پيا هئا ته اوچتو، مثال طور، چوڪيدار گذر ڪري ويو. هڪدم هو سجاڳ ٿيا، ڪيئن به ڪري بستري جي پچر ڇڏيائون، خبر چار ڪڍيائون، ۽ ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيائون. تازو هڪڙو ماڻھو مئو، ۽ آخر هڪڙو تماشو شروع ٿيو. انھن سڀني کي ڪنھن دکدائڪ واقعي جي ضرورت آهي؛ اها سندن هڪڙي ننڍي ماورائيت آهي، يا دوا جي اها گوري سمجهو، جيڪا بک کي وڌائيندي آهي. ڇا، مون مثال لاءِ چوڪيدار جو ذڪر ائين ئي اتفاقي طرح ڪيو آهي؟.(13)

        مشھور سنڌي مترجم، وليرام ولڀ ستر جي ڏهاڪي ۾ البير ڪاميو جي ناول  Outsider جو ترجمو شروع ڪيو . ڪاميو جي ناول The Stranger  جو  هڪ ٻيو ترجمو نوجوان مترجم قربان چنا اجنبي جي نالي سان  ڪيو آهي، جيڪو 2019ع ۾ شايع ٿيو آهي.  هن ناول جي ڪھاڻي هڪڙي جھاز راني کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ کان شروع ٿئي ٿي؛ جيڪو فرانس-الجيريا جو رهاڪو هوندو آهي. اها ڪھاڻي 1940ع ۾ شروع ٿئي ٿي مِيُور سالٽ (Meursault) نالي شخص يعني جھاز راني جو ڪلارڪ جيڪو خُوبصورت ۽ هر ڪنھن کي موهيندڙ نوجوان آهي.هڪڙي ڏينھن هن کي هڪڙو ٽيليگرام اچي ملي ٿو. جنھن ۾ هن کي اطلاع ڏنو ويندو آهي ته هن جي ماءُ گذاري وئي آهي. ميُور سالٽ يڪدم پنھنجي ڳوٺ پھچي ماءُ جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پھچندو آهي. تدفين واريون رسمُون ۽ سڀ فرض نِڀائي هي ٻئي ڏينھن بنان ڪنھن غم ۽ ماءُ جي موت جي ڏک جي واپس الجيريا هليو ويندو آهي.

        نوجوان اديب، مترجم ۽ ناول نگار ڪليم ٻٽ، ڪاميو جي آخري ناول A Happy Death جو سنڌي ترجمو  خوشگوار موت جي نالي سان سوشل ميڊيا تي ڪيو آهي. ھي ناول 1971ع ۾ ڪاميو جي موت جي ڏھن سالن کانپوءِ ڇپيو.ھن ناول جو مرڪزي ڪردار مرسالٽ نالي ھمراهه آھي، جيڪو زندگيءَ کان بيزار آھي کيس خوشيءَ جي ڳولھا آھي. ھو سندس محبوبا مارٿا سان ھوندي به خوش نه آھي. ھي مختصر ناول ٻن حصن نيچرل ڊيٿ (قدرتي موت) ۽ ڪانشس ڊيٿ (سوچيل سمجھيل موت) ۾ ورھايل آھي.

سنڌي ادب ۾ سارتر جا ڪي ناول ترجمو ٿي چڪا آهن، سڀ کان اول پروفيسر قاضي خادم، البير ڪاميو کان پوءِ هڪ ٻئي فرانسي ناول نگار ۽ وجودي ادب جي ليکڪ سارتر جي ناول Intimacy جو ترجمو  پيار جي نالي سان ڪيو، جيڪو 1968ع ۾ شايع ٿيو. هن ناولٽ ۾ به وجودي فڪر جي پرچار ٿيل آهي  ۽ ناول ۾ انساني لاڳاپن يا رشتنکي موضوع بڻايو ويو آهي. ناول ۾ ٻن شادي شده جوڙن جي نجي زندگي جي احساسن جي ڪھاڻي ڏيکاري وئي آهي. هڪ عورت پنھنجي چريي مڙس سان هڪ بلڊنگ ۾ رهندي آهي، کيس پنھنجي مڙس سان بيحد محبت آهي ۽ ان کان الڳ رهي نه ٿي سگهي. پر مڙس سان رهي، ذهني مريض ٿيڻ نه ٿي چاهي. هوءَ خود فريبيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿي. هو اهڙي ڪردار ادا ڪرڻ جو انتخاب ڪري ٿي.(14)

        ڊاڪٽر بدر اڄڻ جو ڪتاب  اندر جي اڇل سارتر جو جڳ مشھور ناول Nausee   جو سنڌي ترجمو آهي، جو پھريون دفعو 2005ع ۾ شايع ٿيو.  سارتر هن ناول کي پنھنجي فلاسافي ۽ زندگيءَ جي وجودي نقطه نظر کي دريافت ڪرڻ جي ذريعي طور ڪتب آندو آهي. سارتر جي فلاسافيءَ ۾ انسان جي بنيادي عقيدي جي لحاظ کان ته اسان ڪير آهيون يا اسان جھان ۾ ڇو آيا آهيون، وارن سوالن جي دائمي معيار مطابق ڪا به ٻاهرين معنيٰ ناهي. انسان انھن سوالن جي وڪڙ ۾ اچي مورڳو منجهي پوي ٿو. هو انھن جي جواب لاءِ ٻڏتر جو شڪار رهي ٿو. 

سنڌي طبعزاد ناولن ۾ به ڪيترائي وجودي ناول نگار پيدا ٿيا آهن.  ماڻڪ پھريون سنڌي اديب آهي، جنھن مڪمل طور تي وجودي فڪر جي دائري ۾ ڪھاڻيون ۽ ناول لکيا آهن. هن وٽ انساني رشتن جي گروهه ۾ رهي ڌاريو هئڻ، احساس زندگي، چونڊ جي اختيار، بي وسي ۽ بي معنائيءَ جھڙا وجودي عنصر موجود آهن. هو پنھنجي طويل ڪھاڻي رڃ ۽ پڙاڏا ۾ بار بار اهو ورجائي ٿو ته:

زندگي جو  هي سفر به ڪيڏو ڀوائتو آهي. زندگيءَ جو سفر اڪيلو اڪيلو، ڪيڏو اڻانگو، خاموش، زندگيءَ جو احساس ڪيڏو نه پيڙا ڀريو آهي، اذيت ناڪ.(15)

        ماڻڪ جو ناولٽ لڙهندڙ نسل جي ڪھاڻي هر نوجوان جي ڪھاڻي آهي، جيڪو پنھنجي زندگي کي ڪا معنى ڏيڻ چاهي ٿو، پنھنجي وجود جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو.  هي ڪتاب  پھريون دفعو 1972ع ۾ شايع ٿيو هو. هي ناولٽ هڪ بي روزگار نوجوان جي ڪھاڻي آهي، جنھن نوڪريءَ  جو آسرو هميشه لاءِ لاهي ڇڏيو آهي. هو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي سان گڏ رهي ٿو. ڀاءُ کيس هميشه ماني لاءِ به طعنا هڻي ٿو:

بک نه هجيئي ته جهلي ويندو ڪر، ٽيهه روپيا مڻ اٽو آهي، خان صاحب.

        هن ناولٽ جا ڪردار اڄ به اسان جي هن سماج  ۾ پنھنجن پنھنجن طبقن سان موجود آهن، ان ڪري ماڻڪ جون چيل ڳالھيون صحيح معلوم ٿين ٿيون. هي ناولٽ وجودي فڪر جي پسمنظر ۾ اقتصادي، سياسي، سماجي، ۽ انساني پستيءَ  جي به نمائندگي ڪري ٿو. هڪ هنڌ ماڻڪ لکي ٿو ته:

بيچيني ڀيانڪ انجام، ڀيانڪ انديشي ۾ بي مقصد زندگيءَ جي ونڊيندڙ احساس هيٺ ڀوڳيندڙ وجود.

ماڻڪ جو هڪ ٻيو  ناولٽ رڃ ۽ پڙاڏا پھريون دفعو 1976ع ۾ شايع ٿيو. عبد الوحيد جتوئيءَ هن ناولٽ لاءِ لکيو آهي ته: رڃ ۽ پڙاڏا ۾ ماڻڪ ان ڳالھه کي واضح ڪري چڪو آهي ته انسان آزاد آهي، ته پوءِ اهو مرد هجي يا عورت، اخلاقيات جو ڪو به جڙتو قانون، ان سان لاڳو  ڪري نه ٿو ڪري سگهي. هڪ انسان جو ٻئي انسان تي جبر ڪرڻ ۽ ان کي ڪنھن به اختياري عمل کان روڪڻ جو، ڪو به حق نه ٿو پھچي. هو جنھن ۾ ڀلو سمجهندو اهو اختيار ڪندو. ماڻڪ پنھنجي ڪردار عاشيءَ جي ڀڄي وڃڻ تي، سندس ڀاءُ بشير جي رد عمل کي ظاهر ڪندي  لکي ٿو ته: نه مون کي اهو چوڻ جو ڪو حق نه ٿو  پھچي ته هوءَ ڀڄي وئي، هوءَ منھنجي ٻانهي نه هئي (هئڻ گهرجي) هن کي پنھنجي زندگي بابت فيصلي ڪرڻ ۽ واٽ جي چونڊ جو مڪمل اختيار هو (هئڻ گهرجي).(16)

هندستان ۾ لعل پشپ وجودي فڪر جو نمائنده ليکڪ آهي.ھڪ سرد ديوار“  سندس قابل ذڪر ناول آهي. هن ناول ۾ ٻه ڪردار ذھني طور ھڪ ٻئي جي ويجهو اچي چڪا ھئا. پوءِ به ھڪ سرد ديوار ھئي ٻنھي جي وچ ۾. تارا جڏھن لکنو مان ھلي بمبئي اچي ٿي ته سرد ديوار ھٽي چڪي آھي ۽ جسماني طور ھڪٻئي جي ويجهو اچن ٿا، پر جسماني طور ايترو قريب اچڻ کان پوءِ اھا ديوار آسمان تائين بلند ٿي وڃي ٿي. ان جا ڪارڻ آھن: ٻنھي جون حدون، ڊپ، ٻنڌڻ ۽ قانون جون پابنديون. هن ناول ۾ رشتن جي بي معنويت کي پيش ڪيو ويو آهي. 

شيام جئسنگهاڻي جو کاھيءَ جي چو طرف ۾ مدن ٽريننگ سيلزمين جڏھن گهمي ڦري موٽي پنھنجي مسواڙي گهر ۾ پھچي ٿو ته کيس خط ملي ٿو، ته سندس ڏاڏي بيمار آھي. ھو رشتن ناتن جي ھڪ ڊگهي رسمن ۾ پھچي ٿو. ھو سمجهي وڃي ٿو ته سندس ڏاڏي آخري پساھن ۾ آھي. ان کي سڀئي رشتا نڀائڻ ھڪ ڏکيو عمل ۽ ناٽڪ لڳي ٿو. سڀ ريتون رسمون صرف صدين جي پوئواري لڳي ٿي. ھن مطابق ڪجهه رشتن جا ڪي نالا ٿيندا آھن ۽ ڪجهه رشتا محض نالي جا ٿيندا آھن. رشتن جي کاھي ۾ ھڪ فرد ڪرندو نظر اچي ٿو.

هريش واسواڻي وجودي فڪر تحت ڪافي ڪھاڻيون لکيون آهن، جن ۾ سلسلو، وڏي شھر ۾، نشانيون، ڌرتي ڦري پيئي، ساکيا تڪار ۽ هڪ جذبي ۽ ڏينھن جو موت خاص آهن. ڊاڪٽر موتي لال  جوتواڻيءَ هن کي سنڌي زبان جو پوسٽ ماڊرن ڪوي، ناٽڪ نويس ۽ ڪھاڻيڪار سڏيو آهي. هن وجودي فڪر تحت ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيون آهن، جن ۾ ڪوئي جو موت، خون جو ذائقو، پنھنجي ڪنھن حصي جي ڳولا، وڇوٽيءَ ۾ ڇلانگ، الو ۽ ٺونگو وغيره شامل آهن.

سنڌي ڊرامي ۾ به وجودي فڪر جا ڪي لاڙا ملن ٿا، جن جا مثال خاص طور تي هند جي ڊرامن ۾ آهن.  ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر پريم پرڪاش (مورچابندي)، موتي پرڪاش (رات هڪ طوفان جي) ۽ ايم ڪمل (ماچس ڪٿي آهي؟)  وغيره اهم ائبسرڊ ناٽڪ سمجهيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ نور گهلو جي ڊرامن ۾ ڪجهه قدر اهڙا اهڃاڻ موجود آهن.

وجودي فڪر موجوده دؤر جي شاعرن جو پڻ موضوع رهيو آهي. زندگيءَ جي معنى جي تلاش سنڌي ادب جو وڏو سوال رهيو آهي. شاعريءَ ۾ ڪيلاش، شرجيل، عطيه دائود، حسن مجتبى، امر سنڌو، بخشڻ مھراڻوي، خالد قريشي ۽ ٻيا هن ڏس ۾ وڏا مثال آهن. حسن مجتبى هڪ هنڌ زندگيءَ جي بي مقصدگي کي هينئن بيان ڪري ٿو:

مان پنھنجي دور جو هڪڙو

اداس ۽ تنھا

پروميٿيس آهيان،

جنھن کي وقت جي سرڳ مان

سچ ۽ سوچ جي اگني

چورائڻ جي اپراڌ ۾

قيد ڪيو ويو آهي

زندگي جي ٽاچر سيل ۾

هيڪلائن جا عذاب ڀوڳڻ لاءِ

                (حسن مجتبى)

ڇو زندهه آ زندگي؟

ڇو اوندهه آ زندگي؟

داڻي مثل آ وجود منھنجو،

ڇو جانڊاهه آ زندگي.

                (خالد قريشي)

حوالا:

·       ميمڻ، عبدالغفور، ڊاڪٽر:سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾، سچائي اشاعت گهر، دڙو/ حيدرآباد، 2017ع

·       ملاح، مختيار احمد: سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو، ڪاٺياواڙ اسٽورز، ڪراچي، 2006ع ، ص: 751

·       فريد احمد، پروفيسر: وجوديت، آگهي  پبليڪيشن، حيدرآباد، 1982ع، ص: 15

·       ملاح، مختيار احمد: سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو، ڪاٺياواڙ اسٽورز، ڪراچي، 2006ع ص 454

·       قاضي خادم: سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ وجوديت (ادب ۽ روايتون)، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 1992ع، ص:115

·       ملاح، مختيار احمد: سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو، ڪاٺياواڙ اسٽورز، ڪراچي، 2006ع ص: 242

·       سومرو، غلام قادر، ڊاڪٽر: سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي 2013ع،  ص: 531

·       جتوئي ، عبدالوحيد: وجوديت ۽ سنڌي ادب، سرڳ پبليڪيشن، حيدرآباد 2001ع ص: 59

·       حوالو ساڳيو، ص: 59

·       مھر، ممتاز : ويچار، نئون نياپو، اڪيڊمي، ڪراچي، 2013ع، ص 74

·       شورو، شوڪت حسين: سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ نوان لاڙا ۽ تحريڪون (سنڌ ماضي حال مستقبل، مرتب ڊاڪٽر فھميده حسين،) شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي، ڪراچي يونيورسٽي  2006ع،ص: 348

·       ساڳيو، حوالو، ص: 348

·       قاضي خادم، پرفيسر:زوال، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 1992ع

·       ملا، مختيار احمد: سنڌي ناول جي تاريخ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2012ع، ص: 263

·       ماڻڪ: ٽي ناوليٽ (رڃ ۽ پڙاڏا، لڙهندڙ نسل ۽ پاتال ۾ بغاوت) روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1992ع

·       جتوئي، عبدالوحيد: وجوديت ۽ سنڌي ادب، سرڳ پبليڪيشن، حيدرآباد 2001ع ص: 68

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org