سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2026ع

باب:

صفحو:6 

ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

تاريخِ بزمِ صوفياءِ سنڌ

(نائين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس سن)

 

پس منظر:

سائين جي.ايم.سيد بزمِ صوفياءِ سنڌ جي ڪارڪردگي ۽ حاصلات جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

شروع ۾ ته ماڻھن گهٽ دلچسپي ورتي، پر آهستي آهستي سنڌ جا اهلِ علم، اديب، شاعر، دانشور، دانشور شاگرد، استاد ۽ عالم ۽ ڳوٺاڻا ججهي تعداد ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا ۽ قومي قافلو نون حوالن ۽ نون رستن سان پنھنجي منزل ڏانھن وڌڻ لڳو. اسان جو اهو سفر جيتوڻيڪ بلڪل پُرامن، سرڪاري پاليسين کان پاسيرو ۽ ملڪي معاملن کان جهڙوڪ بي تعلق هو. پر سرڪار اسان جو اهو سفر به برداشت ڪري نه سگهي ۽ مون کي 23 جون 1967ع تي پنھنجي ڳوٺ ۾ نظربند ڪيو ويو. (سيد، 2013ع، ص 221)

ان سلسلي ۾ سيد صاحب پنھنجي هم سفر سياستدان، قاضي محمد اڪبر (جيڪو ان ڪابينا ۾ وزارت جي منصب تي به هو، ان کي هن ريت خط لکيو:

آءٌ ته سياست کان علحده ٿي پنھنجي پراڻي مشغله صوفي سماگم عرف بزمِ صوفياءِ سنڌ لاءِ درگاهن جا سير ڪندو، ڪلچرل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو وتان ٿو، پر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪن عملدارن کي اها ڳالھه به پسند نه پئي ۽ اڄ دادوءَ جي ڪليڪٽر کان وري سن ۾ رهڻ لاءِ بندش آرڊر پھتو آهي. (خط جو فائيل)

مجموعي طور مٿي ذڪر ڪيل صورتحال هئي، جنھن ۾ سيد صاحب کي نظربند ڪيو ويو ته، بزمِ صوفياءِ سنڌ جون سرگرميون به رڪجي ويون.

ان نظربندي مان سيد صاحب کي پھرين مارچ 1969ع تي رهائي ملي، سيد جي آزاديءَ کان ٺيڪ اَٺن مھينن بعد مٿان شاهه حيدر عليھ رحمة جو عرس مبارڪ آيو ٿي، ان موقعي تي سيد صاحب وقت ضرورت اصلاحي ۽ تعليمي نوعيت جا جلسا ڪرائيندو رهندو هو. ان ڪري هن ڀيري به شاهه حيدر جي ميلي واري موقعي تي بزمِ صوفياءِ سنڌ جو نائون جلسو سڏائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

نائين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس:

ان پروگرام جي صدارت پير يعقوب چشتي صاحب ڪرڻ فرمائي، جڏهن ته سيد صاحب ڪانفرنس جو پرمغز فلسفياڻو افتتاحي خطبو پيش ڪيو.

سائين جي.ايم.سيد جي قابل نياڻي (جنھن شاهه عبداللطيف جي فلسفي تي Ph.D ڪئي)، ڊاڪٽر درِشھوار سيد، والد جي زندگي ۽ فلسفي بابت پُڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو:

مون کي سائين  Idealist لڳندا آهن. جيئن افلاطون هڪ صالح قوم لاءِ سلطنت ٺاهڻ جو خواب ڏٺو هو، تيئن سائين صالحن جي سنڌ ڏسڻ چاهي ٿو. جنھن ۾ سڀ ماڻھو ايماندار سچا، عمل صالح رکندڙ هجن. جيڪي سنڌ جي خاطر سر جي بازي ته ڀلي لڳائين، پر پوئتي پير اصل نه ڪن. (آزاد، 1999ع، ص 63)

روسو کي اخلاقياتي مفڪر طور ياد ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو سندس چوڻ هو ته: اسان وٽ سٺا سائنسدان، سٺا ڊاڪٽر، سٺا هنرمند، سٺا منتظم ۽ سٺا فنڪار ته آهن، پر سٺا شھري ۽ سٺا انسان پيدا ڪريون ته پوءِ اسان وٽ سڀ ڪجهه هوندو.

سندس اها به دعويٰ آهي ته: دنيا جي هر سماج ۾ سماجي برايون سائنس، علم، تجربي، هنر ۽ فن جي اڻاٺ جي ڪري ناهن، پر اخلاقي وصفن جي کوٽ جي ڪري آهن.

اهڙن ئي خيالن جي مدِنظر خوشيءَ کي انسان لاءِ بھترين وِٿَ ۽ واحد گهرج ظاهر ڪندي، لورينز ويله لکي ٿو: هڪ اهڙو سماج جتي برن انسانن سماج کي يرغمال بڻائي ڇڏيو هجي. اتي ڪو ڪيئن ٿو خوش رهي سگهي؟

مٿي ذڪر ڪيل تصورن جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته، اسان جي ماحول ۾ سمورا مونجهارا ۽ مسئلا، برايون ۽ بڇڙايون، صالح ماڻھن جي اڻاٺ ۽ بداخلاق برين عادتن وارن ماڻھن جي برتريءَ ڪري آهن، جيڪي زندگيءَ جي مختلف شعبن تي حاوي ٿي ويا آهن.

جڏهن ته ان حقيقت کي ڏسڻ کانپوءِ اسان مان جيڪو به سنجيده فرد پنھنجي سماج جي هر پَرتَ مان سٺا ماڻھو ڳولڻ جي ڳالھه ڪري ٿو. جن کي سيد صاحب عام ٻوليءَ ۾ صالح ٿو سڏي. جڏهن اهڙا ماڻھو گهڻائيءَ ۾ پيدا ٿيندا، تڏهن ئي سماج ۾ سڌارو ۽ بھتر تبديلي آڻي سگهجي ٿي.

اسان جو سماج جاگيرداري ۽ سرمائيداري دور جي مختلف مرحلن مان پيو گذري. پراڻن قدرن جي جاءِ نوان قدر والاري رهيا آهن. ان ڪري اڪثر ائين ڏٺو ويو آهي ته، نواڻ جي نالي ۾، هر قديم قدر کي خراب تصور ڪندي چيو ويندو آهي ته اها ته جاگيرداراڻي باقيات آهي. جڏهن ته سرمائيداري سوچ، جنھن جو بنياد ئي 2 ۽ 2 چار تي هوندو آهي، جنھن ۾ رڳو پنھنجي فائدي واري ڳالھه هوندي آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي سھپ، رواداري درگذر ڪرڻ، ننگ ناموس نڀائڻ، مفاد پرستي کان پاسو ڪرڻ جھڙا اعليٰ قدر هجن ٿا، جيڪي ڪنھن ۾ به ٿي سگهن ٿا، ان لاءِ ڪنھن هڪڙي طبقي يا ٻئي طبقي جو سوال پيدا نه ٿو ٿئي.

سقراط هڪ اهڙو فلسفي هو جنھن، انسان جي ڪارڪردگي ۽ سٺائيءَ جو معيار سندس پيشي وراڻي مھارت نه، پر هڪ سٺي انسان هئڻ وارين صفتن ۾ ڏسڻ ۽ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هُن اُن حوالي سان باقاعدي نيڪي، انصاف، عدل، ڀلائي ۽ بھتريءَ جي وصفن کي نج اخلاقي صفتن سان ڏسڻ جي ڳالھه ڪئي.

سائين جي.ايم.سيد جي جدوجھد ۽ ڪردار جي حوالي سان مختلف ماڻھن جا مختلف رايا پئي رهيا آهن. ڪي حُجتي دوست ته موراڳو کيس مُنھن تي ڇا منجهان ڇا به چئي ڏيندا هئا، پر پاڻ سڀني جي ڳالھه خنده پيشاني سان ٻڌي مسڪرائي ٽاري ڇڏيندو هو، ڄڻ ته سچل سرمست وارو ورد ورجائيندو هجي.

ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي،

مان جوئي آهيان، سوئي آهيان.

(سچل)

ظاهر آهي ته قدرت هر انسان جو ذهني معيار ڌار ڌار جوڙيو آهي. ان ڪري هرڪو پنھنجي پنھنجي ذهني صلاحيت جي روشنيءَ ۾ راءِ قائم ڪندو. اهو ان جو صوابديدي اختيار آهي.

سيد صاحب جي اهڙن حُجتي دوستن مان علي محمد شاهه راشدي پھرئين نمبر تي هو، جيڪو کيس سنڌين جي عشق واري حوالي سان ٽوڪيندو رهندو هو.

اهڙي ئي سوچ تحت هو پنھنجي ون يونٽ قائم ڪرائڻ واري عمل کي به سچو قرار ڏيڻ Justify لاءِ چوندو هو ته: ڀلي اهي وڏيرا لاهور جا ڌڪا کائين، بڇڙا ٿين ته ڪا خبر پوين.

اهڙي سوچ رکندڙ فلسفين مان وليم گوڊون به هڪ هو، جيڪو فرد کان وڌيڪ سماج کي اهميت ڏيندي چوي ٿو ته: ڳريل سڙيل سماج ۾ اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ لاحاصل آهي، پر جي درست سماج حاصل ڪري سگهجي ته پوءِ فرد جي اصلاح پاڻمرادو ٿي ويندي.

سائين جي.ايم.سيد جيڪو هر حال ۾ اُميد جو دامن هٿان نه ڇڏيندو هو. انڌ انڌوڪار مان به ڪونه ڪو رستو ڪڍي وٺندو هو، ڇاڪاڻ ته پاڻ سدائين پُراميد  رهندو هو ۽ سچل جو هي ورد ورجائيندو رهندو هو:

اس چشم موری نے عجب اسرار دیکھا تھا

ڇاڪاڻ ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جيڪو سندس رهبرِ راهه هو، ان ئي کيس ذهن نشين ڪرايو هو ته:

جيھا جي تيھا مارو مون مڃيا.

اهڙي سوچ تحت سيد ڪڏهن به اُميد جو دامن هٿان نه ڇڏيو ۽ باوجود دوکا کائڻ جي، بھتر سماج لاءِ جدوجھد ڪندو رهيو. سندس اهڙي ئي عمل ۽ ڪردار کي نظر ۾ رکندي، سندس فلسفي نياڻي ڊاڪٽر درِشھوار سيد جو، والد  جي فڪر واري حوالي سان مٿي پيش ڪيل رايو وزندار محسوس ٿئي ٿي.

هونئن ته سيد صاحب جي سڄي زندگي ڏاڍي سبق آموز آهي، پر پاڻ سنڌ جي ثقافتي قدرن جي فروغ لاءِ بزمِ صوفياءِ سنڌ قائم ڪري، جيڪي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ خطبا پيش ڪيائين ۽ انھن خطبن وسيلي جنھن نموني زندگيءَ جي گوناگون معاملن بابت درس ڏيندو رهيو. سندن اهو عمل پڻ ظاهر ڪري ٿو ته سيد سنڌي قوم ۾ ڪھڙي قسم جون خوبيون ۽ خاصيتون پيدا ڪرڻ ۽ ڏسڻ جو خواهان هو ۽ پاڻ ان مقصد لاءِ سڄي زندگي تقرير ۽ تحرير رستي تبليغ واري ڪم ۾ مصروف عمل رهيو. ان مقصد جو ورجاءُ سندن بزمِ صوفياءِ سنڌ جي ڪانفرنسن وارن پيش ڪيل خطبن ۾ بار بار پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. جن ۾ انساني نفسيات وارين سڀني صفتن بابت هڪ قابل جراح وانگر سيد صاحب انھن جي فائدي ۽ نقصان وارن سڀني پاسن جي ڇنڊڇاڻ ڪري، قوم ۾ گهَرُ ڪري ويل ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي اصلاح لاءِ ڪيئي ڏس پنڌ ڏسيندو رهيو.

6 آڪٽوبر 1969ع تي سن ۾ ٿيل نائين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس جي موقعي تي پڙهيل خطبي ۾ اهڙي ئي نوعيت، يعني مرض جي تشخيص ۽ علاج جھڙا ڏس ڏنا اٿس. پاڻ ان جي ابتدا ڪندي فرمائي ٿو: اسان وقت بوقت پئي ظاهر ڪيو آهي ته اسان جي نتيجي فڪر موجب، سنڌين جي موجوده پست حاليءَ، تنزل ۽ غلاميءَ جو ڪارڻ سندن قومي جسم ۾ هيٺين چئن بيمارين جي موجودگي آهي:

(1) خود غرضي، (2) قومي شعور جي عدم موجودگي، (3) نفرت ۽ نفاق، (4) بزدلي ۽ بي همتي.

انھن مرضن کان کين آجو ڪري آزاد ترقي پسند، صحتمند ۽ صالح بنائڻ لاءِ منجهن اخلاقي درستي، نفسياتي اصلاح ۽ صحيح تعليم جي ضرورت آهي.

(سيد، 2013ع، ص 158)

غور ڪري ڏسبو ته بزمِ صوفياءِ سنڌ واري سموري تحريڪ مٿي ذڪر ڪيل نُقطن جي وضاحت، تشريح ۽ تشھير سان گڏ پيدا ٿيل بيمارين مان نڪرڻ لاءِ ڏس پنڌ ڏيڻ وارن حوالن سان ڀرپور ملندي، جنھنڪري پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جو چوڻ آهي ته:

”’بزمِ صوفياءِ سنڌ جو پروگرام قومي مرضن جو واحد ۽ مستقل علاج آهي. پر هن من مغيث سنڌ جي مسيح اهو نسخو خاصل الخاص ٻارهن خطبن جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي.... اهي خطبا سنڌ جي صوفين جي تعليم جو تت چئجن ته بي جا نه ٿيندو.  (آزاد، 2004ع، ص 141)

سائين جي.ايم.سيد طرفان سنڌ جي صوفين واري پيش ڪيل عالمي معيار واري ان مواد کي پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، طبي تفتيش واري حوالي سان هن ريت بيان ڪري ٿو:

انھن خطبن کي طبي اصطلاح ۾ ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) علامات مرض، (2) اسباب مرض، (3) علاج ۽ پرهيز. (آزاد، 2004ع، ص 141)

اهڙي عالماڻي اندازِ بيان بعد، پروفيسر صاحب، سيد پاران ڪيل پورهيي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

هڪ تجربيڪار حڪيم وانگر سائينءَ پنھنجي تجربي، مطالعي، مشاهدي ۽ سوچ ويچار جي آڌار تي ان وقت جي قومي شيرازي جي تصويرڪشي، تاريخي ۽ علم الانسان جي تناظر ۾ ڪئي، جيڪو هڪ علمي ۽ فلسفياڻو بحث آهي. (آزاد، 2004ع، ص 141)

سيد صاحب پاران ڪيل ان علمي ۽ فلسفياڻي پورهيي جي روشنيءَ ۾ سيد قلندر شاهه جيڪو نتيجو اخذ ڪيو، ان کي پاڻ C2 نسخي طور اظھاريندي لکي ٿو ته:

فردن، گروهن توڻي قومن جي عروج ۽ زوال، سگهه ۽ ڪمزوري، حياتي ۽ موت جو هڪ ۽ فقط هڪ ئي آفاقي علاج آهي، جنھن کي آءٌ C2 نسخو چوندو آهيان، جنھن مان مراد آهيCompetence  يعني اهليت ۽ Character يعني ڪردار، انھن ٻنھي جزن جو توازن ئي صحتمند ترقي، بقاءَ ۽ آجپي جي ضمانت آهي. (آزاد، 2004ع، ص 140)

سائين جي.ايم.سيد، جيڪو پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جي لفظن ۾ سنڌي قوم اندر اهليت ۽ ڪردار پيدا ڪرڻ واري حوالي سان پاڻ پتوڙيندي چئن علامتن يعني خودغرضي، قومي شعور جي عدم موجودگي، نفرت ۽ نفاق ۽ بزدلي بي همتي بابت هڪ جراح وارو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو. ان حوالي سان سيد بزمِ صوفياءِ سنڌ جي هن نائين خطبي جي شروعات ۾ ئي لکي ٿو:

هن مجلس ۾ سنڌين جي مکيه بيماري خودغرضيءَ جي ڪارڻن ۽ ان جي نقصانڪار نتيجن جو ذڪر ڪري، ان جي جدا جدا درجن جو احوال ڏئي، ان مان آزاد ٿيڻ لاءِ ڪي طريقا ۽ تجويزون پيش ڪندس.

(سيد، 2013ع، ص 159)

خودمطلبي، خودغرضي ۽ مفاد پرستي سڀئي هم معنيٰ لفظ آهن. ان جي اثر ڪري ڪٽنب ۽ خاندان کان وٺي اوڙي پاڙي، ڪڙم قبيلي، ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار نتيجا نڪرن ٿا. جيڪي فرد ۽ قومون اهڙن ويچارن کان وانجهيل ۽ عمل کان آجيون هجن ٿيون، اهي ئي ٻئي جي بھتري ۽ ڀلائيءَ واري ڪم ۾ ڪو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اهڙي ئي مقصد جي مدِنظر هن خطبي ۾ سيد صاحب خودغرضيءَ وارن سڀني پاسن تي سِيرِ حاصل بحث ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ابتدا ۾ خودمطلبي ۽ ان جي پراپڪار  جو بيان ڪري خودمطلبيءَ کي نفسياتي علم جي ماهرن جي حوالي سان خودي جي پيداوار ظاهر ڪندي، ان جي حق توڙي مخالفت ۾ آيل دليلن جو ذڪر ڪرڻ بعد سيد صاحب جيڪو نتيجو اخذ ڪيو آهي، ان جو لب لباب هن ريت آهي:

اسان هن نتيجي تي پھچون ٿا ته، خودمطلبي غلط ۽ نقصانڪار آهي، ان جو وجود جماعتي زندگي لاءِ بيماريءَ جي برابر آهي، پوءِ کڻي ڪي عالم ۽ فيلسوف ان جي جواز ۾ ڪيترائي دليل پيش ڪن. (سيد، 2013ع، ص 160)

خودمطلبيءَ جي سلسلي ۾ سيد صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل جملن جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن ائين چئجي ته سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي توڙي مذهبي جماعتن ۾ ڏڦيڙ پوڻ، ٽڪرا ٽڪرا ٿي گروپن مان گروپ ٺھڻ واري عمل ۾ اهائي خودمطلبي واري سوچ ڪارفرما پئي رهي آهي، ته ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو.

سيد صاحب هن خطبي ۾ اڳتي هلي خودمطلبيءَ جا قسم بيان ڪندي لکي ٿو:

اسان کي خودمطلبي جا ٻه قسم معلوم ٿي سگهيا آهن. (1) غير شعوري خودمطلبي، (2) شعوري خود مطلبي.

غور ڪري ڏسبو ته سماجي ترقيءَ جي سلسلي جي پرک ڪرڻ لاءِ سماجي، سياسي، علمي ادبي توڙي مذهبي تحريڪن مٿي ذڪر ڪيل ٻنھي خودمطلبيءَ وارن قسمن جي ڇنڊڇاڻ ڪري انھن کي سمجهڻ ضروري آهي.

غير شعوري خودمطلبي:

جيئن ان جي لفظي مفھوم مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه کان پري يعني، لاشعور بي خبري، اڻڄاڻائيءَ واري خودمطلبي ۽ انسان جي اها حالت ماڻھن جي وحشياڻي دور ۾ هئي، جنھن کي طريقت جي رهبرن نفس اماره ڪري سڏيو آهي.

انسان جيئن ته ڊگهي عمل ۾ حيوان جي ارتقائي صورت سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري عربيءَ ۾ ته ان کي حيوان ناطق يعني ڳالھائيندڙ جانور سڏيو ويو آهي. جيتوڻيڪ سائنس ٻڌائي ٿي ته هزارين سالن بعد، هڪڙي نسل جون ٻئي نسل ڏانھن ڪي نه ڪي جبلتون، ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ منتقل ٿين ٿيون. ان سلسلي ۾ هونئن ته ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، پر هاورڊ مئر جي ڪتاب (Savage Survwals) جو محمد ابراهيم جويي صاحب طرفان ڪيل ترجمو وحشي جيوت جا نشان سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل نھايت اهم، پڙهڻ ۽ هنئين سان هنڊائڻ جوڳو ڪتاب آهي. جنھن کي اصلوڪي اشاعت جو پيش لفظ لکندڙ آدم گوانس وائيٽ، اخلاقيات جو انجيل سڏيو آهي. انسانيت ۽ اخلاقيات جو درس ڏيندڙ هن ڪتاب جو بنياد ان ڳالھه تي رکيل آهي ته: چڱائي ۽ برائي جو خيال يا تميز انسان جي سماجي وصف آهي، سماج کان ٻاهر اڪيلي انسان ۽ ان جي اُن سماجي وصف يعني هن جي چڱي يا بري هجڻ جو تصور ناممڪن آهي. انسان جي چڱو آهي، ته ٻين لاءِ چڱو آهي (هجي) هن جي چڱائي جا فقط سندس پنھنجي ذات تائين محدود هجي، چڱائي نه آهي. (جويو، 1976ع، ص 7)

ان حوالي سان سنڌيءَ ۾ هڪ شاندار چوڻي آهي: ايماندار ۽ چڱو اهو آهي، جنھن کي موقعو ڪونه مليو آهي، جنھن کي موقعا به مليا هجن ۽ ايماندار ٿي هليو هجي ته پوءِ مغرور آهي.

غور ڪري ڏسبو ته، اهي اوائلي حيواني جبلتون اڄ به ڪنھن نه ڪنھن شڪل صورت ۾ انسان اندر ملن ٿيون، دراصل اهڙين جبلتن وارن عملن مان ئي غير شعور خودمطلبيءَ جو اظھار ٿيندي نظر اچي ٿو. ان مسئلي کي سمجهڻ لاءِ سيد صاحب ان خودمطلبي کي هيٺين مکيه قسمن ۾ ورهائي بيان ڪيو آهي:

·       حصول جي ٻڌي يا انٽنڪس Instincts

·       بقاءِ نسل جي ٻڌي

·       خوف جي ٻڌي

·       خودنمائي يا وڏائي جي ٻڌي

·       نفرت جي ٻڌي  (سيد، 2013ع، ص 161)

مٿي ذڪر ڪيل سڀني ٻڌين مان سيد صاحب جي راءِ موجب: خودمطلبي پھرئين نمبر حصول جي ٻڌيءَ مان پيدا ٿئي ٿي، جنھن ۾ گذرمعاش جي شين، معتبري، اقتدار، ملڪيت، خودنمائي ۽ عورت جي هٿ ڪرڻ جي خواهش رهي ٿي. (سيد، 2013ع، ص 161)

هتي ڪو ائين چئي سگهي ٿو ته بحيثيت انسان جي مٿي ذڪر ڪيل خواهشن جي پورائي هر انسان جو فطري حق آهي. جيڪو هر انسان سان لاڳو آهي. اهو به صحيح آهي، انسان جنھن کي خدا جي مخلوق ۾ اشرف هئڻ جو اعزاز مليل آهي ۽ اهو به آهي ان ڪري جو، اهو ڪن خاص خاصيتن جي ڪري، ٻي مخلوق جي ڀيٽ ۾ اشرف سڏيو ويو آهي، يعني سندس سوچ ۽ سمجهه، عمل ۽ ڪارڪردگي مجموعي سماج جي بھتري ڀلائيءَ جي مدِنظر مختلف ۽ الڳ ٿلڳ هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهائي ان جي سڃاڻپ ۽ خاص صفت آهي. ان ڳالھه کي نظر ۾ رکندي سيد صاحب چوي ٿو:

رواجي طرح اهي خواهشون فطري هئڻ ڪري بي ضرر آهن، پر انسان جنھن صورت ۾ گريگريس اينيسل يعني ڌڻين يا جماعت ۾ رهڻ واري قسم جي حيوانن مان آهي، تنھنڪري جڏهن هُو ان خواهش (جيڪا فطري آهي) جي پورائي، جماعتي زندگيءَ جي بنيادي مقصدن (اتحاد، امن ۽ ترقي) جي خلاف ڪرڻ گهري ٿو، ته اها خواهش نقصانڪار ٿيو پوي.  (سيد، 2013ع، ص 161)

سيد صاحب بزمِ صوفياءِ سنڌ وارن خطبن ۾ وقت بوقت اها سمجهاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو پئي رهيو ته سنڌ وٽ خاص پيغام آهي، جنھن جا سنڌ جا صوفي شارح آهن ۽ اهو پيغام آهي، اتحاد انساني، امن عالمي ترقي بني آدم جن کي سيد صاحب انساني زندگيءَ جا بنيادي مقصد قرار ڏئي ٿو، نيڪ مقصدن جي حاصلات سدائين نيڪ عملن سان ئي ٿيندي آهي، اهو فطرت جو اصول آهي. پر اشرف المخلوق جيئن ته پنھنجي پنھنجي اعمالن ۾ خودمختيار آهي، تنھنڪري جزا توڙي سزا ڏوهه توڙي ثواب جو حساب ڪتاب به ڪيل ڪارڪردگيءَ جي روشنيءَ ۾ ئي ٿيندو.

قرآن ۾ آهي ته: وَاَنْ لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى ۽ انسان لاءِ رڳو اهو آهي جيڪي ڪمايائين (يا جنھن جي ڪوشش ڪيائين).

اُن مان اها ڳالھه واضح ٿي وڃي ٿي ته خودغرضي يعني غرض ۽ خواهش جي حاصلات لاءِ ڪوشش ڪرڻ، خراب ڪم ڪونھي، پر ان مقصد جي حاصلات لاءِ طور طريقا ڪھڙا استعمال ڪيا وڃن ٿا، يعني عمل ڪھڙا ڪيا وڃن ٿا. ان ڳالھه تي ئي پرک جو معيار رکيل آهي. ان ڪري زندگي جي خواهش ۽ ضرورتن جي حاصلات واري حوالي سان، سيد صاحب مٿي ذڪر ڪيل اصول جو تقابلي مطالعو ڪندي لکي ٿو:

·       کاڌي ڪپڙي وغيره ضرورياتِ زندگيءَ کي پنھنجي محنت، مزدوري ۽ هنر ذريعي به هٿ ڪري سگهجي ٿو، ته ٻين جي ڪمائي رکيل شين کي چوري ٺڳي ۽ زوريءَ سان به حاصل ڪري سگهجي ٿو.

·       معتبري يا عزت، سٺن اخلاقن يعني بلند همتي، اصول پرستي، عوامي همدردي، ايثار ۽ قوم پرستيءَ ذريعي به حاصل ڪري سگهجي ٿو، ته ٻيءَ طرح خوشامند، ابن الوقتي، لالچ ۽ خودغرضيءَ ذريعي به حاصل ڪري سگهجي ٿي.

·       نسل جي برقرار رکڻ لاءِ ساٿي ۽ مددگار عورت، جماعتي دستورن موجب باهمي رضامندي، عزيز خويش ۽ قبيلي جي قبوليت سان به حاصل ڪري سگهجي ٿي، ته ٻي طرح ٺڳيءَ سان ڀڄائڻ، زور زبردستي ۽ قبيلي جي ناراضگي جي پرواهه نه ڪري به هٿ ڪري سگهجي ٿي.

·       ملڪيت، جنھن ۾ پيسو، زمين، سڪني جائداد، مال وغيره اچي وڃن ٿا، ايماندارانه ذريعن وسيلي گڏ ڪري سگهجي ٿي، ته ٻيءَ طرح چوري ٺڳي زوريءَ ۽ ڪيترن بي ايمانيءَ جي رستن سان به جمع ڪري سگهجي ٿو. (سيد، 2013ع، ص 161)

اڄ جي زماني ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شخص هجي، جنھن کي مٿي ذڪر ڪيل معاملن جي صحيح غلط هئڻ جو علم نه هجي، پر جيئن ته محنت جفاڪشي ۽ انتظار ڪرڻ وارو تصور گم ٿيندو پيو وڃي. ان جي جاءِ تي تڪڙي حاصلات واري رستي تي اڪثريت روان دوان نظر اچي ٿي. جنھن ڪري اُهي پھرئين رستي کان پير ڪڍايو، اڳتي کان اڳتي ٿيڻ واري ڊوڙ ۾ مصروفِ عمل آهن. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيد صاحب لکي ٿو: هن وقت ماڻھن جي اڪثريت ۾ تميز پيدا ٿيل آهي، جنھنڪري مٿي ذڪر ڪيل پنجن خواهشن جي حاصل ڪرڻ جي ٻنھي رستن جي، ٿوري گهڻي خبر رهي ٿي، ليڪن انھن تي حيواني جبلت واري خودغرضيءَ جو ايترو اثر ويٺل آهي جو انھن شين جي حصول لاءِ سھل ۽ آسان رستو اختيار ڪري ڏکيي، اصولي ۽ ايمانداراڻي طريقي ۽ مجموعي نفعي نقصان جي پرواهه نه ٿا ڪن. ان حالت کي اهلِ طريقت نفس لوامه سڏيو آهي. تنھنڪري انھن ماڻھن کي به اسان سندن حيواني جبلت جي غالب هجڻ ڪري، غير شعوري ڪلاس ۾ شامل ڪيو آهي. (سيد، 2013ع، ص 162)

شعوري خودمطلبي:

شعور جو مطلب آهي، سمجهه، سڃاڻپ، جيئن ڪنھن شاعر چيو آهي ته: ڄاڻي سڃاڻي وهان ڪيئن ماٺ ڪري هي اها خودمطلبي آهي، جنھن جي حاصلات، سمجهندي، سڃاڻندي، ڪئي وڃي ٿي ۽ ان غرض لاءِ پنھنجا پنھنجا دليل گهڙي بيان ڪجن ٿا. سيد صاحب شعوري خودمطلبي کي به ٽن قسمن ۾ ورهائي بيان ڪيو آهي. خودمطلبي، جنھن کي خودغرضي ۽ مفاد پرستي پڻ سڏيو ويو آهي، اها معاشري جي بنيادي يونٽ يعني فرد کان شروع ٿئي ٿي، ان ڪري سيد صاحب ان کي، افراد، طبقا ۽ جماعتون جھڙن ڀاڱن ۾ ورهائي بيان ڪري ٿو.

خودمطلب افراد ۽ طبقا:

ان سلسلي ۾ سيد صاحب اظھار ڪري ٿو ته: انھن ۾ اهلِ علم، پارسائي ۽ پرهيزگاري جي دعويدار صاحبِ طريقت بزرگن ۽ شريف خاندانن جي اولاد مان به ڪيترائي شامل آهن. اهي نفعي نقصان، غلط صحيح، جائز ۽ ناجائز جي تميز رکندي به، ڄاڻي واڻي شخصي نفعي ۽ طبقاتي مفاد لاءِ ترت آسان عارضي ذريعا استعمال ڪن ٿا، انھيءَ مفاد جي حصول لاءِ کين خدا جو خوف، نه مذهب جي گناهه ثواب جو خيال، نه اخلاقي معيارن، نه بزرگن جي روايات ۽ نه قبيلي، قوم ۽ ملڪ جي مجموعي، نفعي نقصان جي پرواهه رهي ٿي. (سيد، 2013ع، ص 163)

شريف خاندانن، طريقت جي صاحبن ۽ اهلِ علم ۽ مذهب جي مھندارن طرفان جڏهن اهڙي روش اختيار ڪئي وڃي ٿي، تڏهن ئي سيد جي بقول: ملڪ ۾ چوريون، زوريون ۽ چور بازاريون ملاوتون، رشوتون، ٺڳيون، هيڻن کي دٻائڻ، ڏاڍن جي خوشامند ڪرڻ، قوم فروشي، بي اصولي، عارضي نفعي خاطر دائمي مفاد کي نظرانداز ڪرڻ، روز مرهه جا قسم ٿي پيا آهن، نه صرف ايترو، پر سندن سماج دشمن ڪاررواين، قوم فروشيءَ جي ڪارنامن، بي اصولين ۽ بداخلاقيءَ جي جواز ۾ هر طرح جا دليل ۽ عذر ڏين ٿا.  (سيد، 2013ع، ص 163)

اهڙي طرح انھن مان گهڻائي مختلف نوعيت جي بھانن ۽ دليلن جي دنيا جوڙي، ناجائز کي جائز، غلط کي صحيح، قوم فروشيءَ کي مصلحت وقت، سماج دشمن ڪاررواين کي هوشياري، دانشمندي ۽ همٿ سمجهڻ لڳي ٿي ۽ پوءِ ان سلسلي ۾ اهي ڪيئي سماجي توڙي مذهبي نوعيت جا دقيانوسي حوالا جوڙي بيان ڪرڻ لڳن ٿا، جھڙوڪ:

خدا پنج آڱريون برابر نه ڪيون آهن.

هرڪو پنھنجو کٽيو ٿو کائي.

ڪنھن جي ڀاڳ سان ڪھڙي ريس.

هي قدرت طرفان نوازيل آهن.

سڄو قسمت جو کيل آهي.

جنھن جو جھڙو نصيب.

اهڙي سوچ جي اظھار طور ڪي ڌريون ان حد تائين چيو ڇڏين ته: هر ڪنھن جي پنھنجي پنھنجي ڪمائيءَ جو ڦل آهي، سڀ انسان برابر ڪونھن، ڪي دوزخي آهن ۽ ڪي بھشتي آهن. ڪي پاڪ پوتر آهن ته ڪي پِٽيل ۽ ڌِڪاريل وغيره وغيره.

غور ڪري ڏسبو ته مٿي ذڪر ڪيل سڀئي قسم شعوري (يعني ڄاڻي سڃاڻي) قسم واري زمري ۾ اچن ٿا. جيڪو عمل بنيادي ڳالھه ڄاڻي سڃاڻي وهان ڪيئن ماٺ ڪري واري اصول جي نفي آهي.

خود مطلبي/ خودغرضي وارن قسمن جي سمجهاڻي ڏيڻ کانپوءِ سيد صاحب خودغرضي کي هيٺين ٽن درجن ۾ ورهائي ٿو:

(1) شخصي خودغرضي، (2) طبقاتي خودغرضي، (3) قومي خودغرضي.

شخصي خودغرضي، ان کي چئبو، جو ڪي چالاڪ، طاقتور بي رحم، ماڻھو سندن ذاتي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ جماعت، مذهب، ملڪي قاعدن قانونن ۽ اخلاقي پابندين جا ليڪا لنگهي ٻئي جي نقصان، آزادي، حقن ۽ مفاد جو خيال ڦٽو ڪري، شخصي نفعو حاصل ڪن ٿا.

(سيد، 2013ع، ص 166)

اهائي نفعو حاصل ڪرڻ واري مفاد پرستانه خواهش آهي، جيڪا سياسي، سماجي توڙي مذهبي معاملن ۾ ٻئي جي راءِ جو احترام ڪري اهميت ڏيڻ ۽ جمھوري عمل کي برقرار رکڻ واري راهه ۾ رڪاوٽ آهي. جنھن جو بنياد پاڻ پڻي تي رکيل آهي. ان جي اثر هيٺ بظاهر اظھار جي آزادي ۽ جمھوريت جي پاسداريءَ جھڙيون دعوائون ڪندي فرد ۽ جماعتون عملي طرح غيرجمھوري انداز ۽ هڪ هٽيءَ جو شڪار ٿين ٿيون. سماجي توڙي مذهبي معاملن ۾ ته نسل درنسل منتقلي ٿئي ٿي، يعني پيءُ جي جاءِ تي پُٽ (جھڙو به هجي) وارو رواج هلندو اچي. پر جيئن ته سوشل ڪارڪردگي ۽ علمي ادبي تحريڪون توڙي سياسي جماعتون به ته ان ئي سماج جو حصو آهن ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ڌُريون به ان ئي سماج جون پيداوار ۽ ان ۾ ئي چُرپُر ڪندڙ آهن، انھن ۾ به اهڙائي رجحان ڏٺا ويا آهن، ڀلي پوءِ انھن جي شڪل شبيهه ڪجهه ٻي ڇو نه هجي پر ان جي نتيجي خير. عملي صورت اهائي وڃي بيھي ٿي، ته جيڪو هڪ ڀيرو اڳواڻ ٿئي، اهو سمورا حرفتن وارا طور طريقا استعمال ڪندي، پنھنجو پاڻ کي سَڌي يا اڻ سڌي طرح تاحيات اڳواڻ طور پيش ڪندو اچي. جيتوڻيڪ آئين به هوندا آهن، انھن جي روشنيءَ ۾ بظاهر ادارا به ڪم ڪندا آهن پر عملي طور اهوئي ڪجهه ٿيندو آهي، جيڪو مکيه ماڻھو چاهيندو آهي، اهڙي شخصي خود مطلبي (خودغرضي) جي ئي اثر هيٺ جماعت دَر جماعت ٺھندي رهي ٿي ۽ مختلف ڌريون مختلف نالن ۾ ڌار ڌار ديڳڙيون چاڙهڻ ۾ لڳيو وڃن.

اهڙي عمل جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ڪيترائي اهڙا سماجي توڙي سياسي اڳواڻ سڀ ڪنھن کي سامھون نظر پيا اچن، جيڪي غريب مسڪين مظلوم عوام سان هڏ ڏوکائپ ۽ همدرديءَ جون ڳالھيون ڪندي، ڪک مان لک ڪري ويا. پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي رکندڙ نسل درنسل وڏيرن ۽ بيروڪريٽن سان مقابلي جون دعوائون ڪندي، پاڻ به سياسي توڙي سماجي، اُٿ ويھه، آرام آسائش واري حوالي سان وڏن ماڻھن سان ڪلھوڪلھي ۾ ملائڻ واري شوق ۾ سڀ ليڪا لتاڙيو وڃن. اهو سڀ ڪجهه شخصي خودمطلبي واري اثر جو نتيجو آهي.

طبقاتي خودمطلبي:

1917ع واري روسي انقلاب کان پوءِ طبقاتي بنيادن تي سوچ ويچار ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ واري رجحان کي هٿي ملي ۽ ان حوالي سان مقامي طور وقت بوقت ڪوششون به ٿيون ۽ ٿينديون رهن ٿيون، پر اسان جي پٺتي پيل سماج ۽ شعور جي گهٽتائي واري ماحول ۾، اهو عمل ڪو خاص اثر نه ڇڏي سگهيو آهي. باوجود ان جي سيد صاحب جو خيال آهي ته:

شخصي خودمطلبيءَ کان طبقاتي خودمطلبي بھتر آهي. ان مطابق اقتصادي بنيادن تي شعور ۽ نظام پيدا ٿيڻ لڳي ٿو، جو قومي شعور پيدا ٿيڻ لاءِ ڏاڪي طور ڪتب اچي سگهي ٿو. (سيد، 2013ع، ص 168)

سماجي ارتقا واري عملي صورت ته اهائي بھتر آهي، پر ان ميدان ۾ عملي طور ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي فردن شعوري خودمطلبيءَ واري اثر هيٺ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، جو ورڪرن جي ڪلھي تي چڙهي ڪيترائي پاڻ زميندار ۽ سرمائيدار ٿي ويا. خواهش جي پورائي لاءِ نيون جماعتون (گروپ) جوڙڻ ۽ من پسند جماعتن جي بي ٽيم ٿي ڪم ڪرڻ واري عمل جا مرتڪب ٿيا. طبقاتي تحريڪ جي دعويدار مٿئين طبقي سان ڪلھوڪلھي ۾ ملائڻ لاءِ هر قسم جا ناجائز طريقا استعمال ڪيا. اهڙن عملن، ايماندار ورڪرن کي مايوس ڪري گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، ويتر طبقاتي تحريڪ، ٻاهران آيل ۽ ڪن غير قومي ڌُرين جي قابض ٿيڻ ڪري به طبقاتي خودمطلبي پنھنجا اصل ۽ بنيادي مقصد وڃائي ويٺي. سوويت يونين واري زوال کانپوءِ ته هاڻ اها تحريڪ قابض قوم جي رحم و ڪرم تي وڃي بيٺي آهي.

اهڙي صورتحال جو سيد ڏاڍو شاندار تجزيو پيش ڪيو آهي ته:

ڪارخانيدار زياده باشعور، منظم ۽ حڪام وقت جا منظور نظر هئڻ ڪري وڌيڪ طاقتور آهن. ٻئي طرف مزورن ۾ صحيح ليڊرشپ جي ڪمي، فنڊس جي گهٽتائي، سياسي پارٽين جي استعمال غرضي، مزدور جماعت جي ڪارڪنن جي سياسي ڪمن ۾ دلچسپيءَ ڪري، هو پوريءَ طرح منظم ۽ متحد نه ٿي سگهيا آهن.

(سيد، 2013ع، ص 169)

قومي خودمطلبي:

قومي خودمطلبي، يعني قومي بنياد تي برتري وارو رجحان پيدا ڪرائي، پاڻ کي برتر ۽ ٻين کي ڪم تر ظاهر ڪرڻ واري ڪوشش ان کي اڳرائي پسند قوم پرستي طور پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو. ان رجحان جو تجزيو ڪندي، سيد صاحب لکي ٿو: اها خودمطلبي يا ته سامراجي صورت اختيار ڪري ٿي، جھڙي طرح انگلينڊ، پورچوگال، آمريڪا وغيره جي حڪومتن جو طريقو آهي، يا فاشزم جي صورت اختيار ڪري ٿي، جھڙي طرح جرمنيءَ ۾ هٽلر، اٽليءَ ۾ مسولينيءَ، جپان ۾ توجؤ ۽ اسپين ۾ فرئنڪو جي زماني ۾ رويو اختيار ڪيو ويو هو. (سيد، 2013ع، ص 169)

اهڙيءَ ريت برتريءَ وارن رجحان جو پٺتي پيل قومن ۾ پڻ ڪٿي نسلي حوالي سان، ته ڪٿي مذهبي حوالي سان اظھار ٿيندي نظر اچي ٿو. مٿي ذڪر ڪيل نسلي مذهبي، فسطائي رجحان قومي مفادن لاءِ بيحد نقصانڪار آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙي عمل سان ڪن هنگامي ۽ جذباتي بنيادن تي عوام جو توجهه حقيقي مسئلن کان هٽائي، سخت حڪومتون قائم ڪيون وڃن ٿيون. (سيد، 2013ع، ص 169)

خودمطلبيءَ وارن جن ٻن قسمن ۽ درجن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، انھن جي علاج طور سيد صاحب لکي ٿو: جيتري قدر اسان ان مسئلي تي غور ڪيو آهي، ته انھن نقصن مان قومي جسم کي بچائڻ لاءِ هيٺيون تجويزون خيال ۾ آيل اٿئون:

(1) مخلص ۽ سمجهدار ڪارڪنن جو گروپ پيدا ڪيو وڃي، جو ذهن صاف ڪري، سياسي خلفشارن کان پاسي رهي، خاموشيءَ سان مٿي ذڪر ڪيل ڪمن جي سرانجاميءَ لاءِ ڪوشش ڪندو رهي.

(سيد، 2013ع، ص 169-170)

ان سلسلي ۾ سيد صاحب صلاح ڏئي ٿو ته: اسان جي ڪارڪنن جو توجهه، شاگردن، ماسترن، وڪيلن ۽ عام ڳوٺاڻن کي خودمطلبيءَ جي نقصانن سمجهائڻ، ايثار ۽ قربانيءَ جي فائدن، قومي هم جنسيت، هم خيالي ۽ يڪجھتيءَ لاءِ تعليم تربيت طرف هئڻ گهرجي.

(سيد، 2013ع، ص 171)

سيد پنھنجي مٿي ذڪر ڪيل شعور ڏيندڙ ۽ ساڃاهه پيدا ڪرائيندڙ خيالن رستي، هن خطبي ۾ ايثار ۽ قربانيءَ جو سبق ڏيندي، هر طرح جي خودمطلبي، خودغرضي ۽ مفاد پرستيءَ کان پاسو ڪرڻ جو درس ڏئي، واضح ڪيو آهي ته:

اسان جو فرض منصبي قوم جي تعليمي پرچارڪ، اصلاحي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ خدمت ڪرڻ جو رهڻو آهي. (سيد، 2013ع، ص 171)

ڇاڪاڻ ته سيد صاحب هر قسم جي خودغرضي، مفاد پرستي ۽ لالچ کي قومي سجاڳي واري سلسلي ۾ نقصانڪار عمل تصور ڪندو هو. ان ڪري سندس طويل تجربي کانپوءِ اهو يقين محڪم ٿي ويو هو ته:

ڪابه قوم ۽ ملڪ آزادي حاصل ڪرڻ لائق ٿي نه ٿو سگهي، جيستائين ڪه ان جي ٻچي ٻچي ۾ حب الوطني، قوم پرستي، ايثار ۽ قرباني جو جذبو ڀرجي نه ويو آهي. انگريزي ۾ مثال آهي ته: هڪ هنس جي موجودگي ڪري اونھاري جو اچڻ شمار ڪري نه ٿو سگهجي.

جتي لکين ماڻھو خودمطلبيءَ جي مرضن ۾ گرفتار ٿيا پيا آهن، جتي لکين ماڻھو بزدليءَ جي صفت سان ڀريل هجن ۽ جنھن ملڪ ۾ قربانيءَ جي وٿ اڻلڀ هجي، اتي صرف آزاديءَ جي تمنا رکڻ مان ڪجهه هڙ حاصل ٿيڻ جي اميد بيڪار آهي. (سيد، 1974ع، ص 61)

هيج نه هوندو جن، سي ڪيئن وندر وينديون ويھي وچ رهن، سھسين سڌن واريون.

سيد پنھنجي ورڪرن کي ته لالچ ۾ اچڻ ۽ مفاد پرستيءَ وارا ڪم ڪرڻ کان منع ڪندو رهندو هو، پر ان حوالي سان سندن پنھنجي عملي زندگي به سنڌي قوم لاءِ مثالي ڪردار واري آهي. ايتريقدر جو سندس سياسي مخالف به، ڪڏهن سندن ڪردار مٿان آڱر ڪونه کڻي سگهيا.

سيد پنھنجي قوم جي سلسلي ۾ به اهڙي ئي عمل ۽ ڪردار جو خواهشمند هو، ان ڪري بار بار اهڙائي سبق ڏيندو رهيو. ان ڪري موجوده دور جي مفاد پرستيءَ واري وايومنڊول کي نظر ۾ رکندي ڪيترائي ماڻھو سيد کي سياستدان ڪونه سمجهندا هئا. ائين جيئن سندن نياڻي ڊاڪٽر درشھوار سيد جي سياسي سفر بابت تبصرو ڪندي چيو هو:

آءٌ سائين کي سياستدان نه ٿي سمجهان، ڇو ته اهي صفتون سائين ۾ نه آهن، مثلاً ڳالھه ڪري ڦري وڃڻ يعني ڪوڙ هڻڻ ۽ ڌوڪو ڏيڻ، لالچ ۾ اچي روز روز پارٽي مٽائي، دولت طاقت ۽ دٻدٻو حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجا اصول قربان ڪرڻ يا ان کان ڊڄي هار مڃڻ. انھيءَ ڪري آءٌ سائين کي سياستدان نه ٿي سمجهان، پر سماج سڌار ۽ سڄاڻ چئي سگهان ٿي. (آزاد، 1999ع، ص 63)

بزمِ صوفياءِ سنڌ جي هن ڪانفرنس ۾ سيد صاحب جي پرمغز خطبي کانپوءِ تاج صحرائي ۽ غلام محمد لغاري سنڌ جي ثقافت ۽ سماجي قدرن بابت پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. ان کان علاوه نياز همايوني، سيد اسدالله شاهه، عبدالفتاح عبد ۽ مومن مليرائي قومي شاعريءَ سان محفل کي گرمايو. هن پروگرام ۾ قاضي محمد اڪبر، سيد جيندل شاهه، علي احمد قريشي، ارباب نورمحمد پليجو ۽ سيد يارمحمد شاهه پڻ شرڪت ڪئي هئي. ان وقت تائين ڪي قدر ماحول بھتر ٿي چڪو هو، ان ڪري عبرت اخبار جي خبر موجب، محفل ۾ سارو وقت جيئي سنڌ ۽ سنڌ جو سائين جيئي سدائين جھڙا نعراگونجندا رهيا.

راڳ جي محفل ۾ ڀٽائي جي فقيرن ساري رات محفل کي گرمائي وجد واري ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي، هن محفل ۾ هزارن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪئي.

ببليوگرافي:

·       آزاد قاضي، مرتب: جي.ايم.سيد: ڊاڪٽر درِشھوار جي نظر ۾، 1999ع، جي.ايم.سيد لٽريري سوسائٽي ڪراچي.

·       آزاد قاضي، (مرتب) سمونڊ سوجهيائون 2013ع، جي.ايم.سيد فائونڊيشن ڪراچي.

·       ڀٽي، رشيد (مرتب) شيخ اياز: خط مضمون انٽرويو-I‘، 1987ع، نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد

·       جويو، محمد ابراهيم (مترجم) وحشي جيوت جا نشان ڇاپو پھريون 1976ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

·       سيد، جي.ايم، سنڌي ڪلچر 1974ع، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي.

·       سيد، جي.ايم، خطباب سيد 2013ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

·       اخبار روزانه عبرت 24 آڪٽوبر 1969ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org