سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2026ع

باب:

صفحو:15 

پروفيسر قاسم حيدر

 

 

شاهه لطيف جي ڪلام جو روحاني پس منظر

 

منھنجي هي ڪوشش لطيف سائين جي اصل روحاني پيغام کي عوام تائين پھچائڻ آهي. مثلاً سُر ڪلياڻ جي داستان پھرين ۾ لطيف سائين توحيد، رسالت ۽ آخرت جي حوالي سان ڪامياب انسان جو ذڪر ڪيو آهي. مون ڪوشش ڪئي آهي ته عوام آڏو توحيد، رسالت ۽ آخرت جي حوالي سان ڪامياب انسانن جي باري ۾، قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ لطيف سائين جيڪو فرمايو آهي، سو پيش ڪري سگھان، ته جيئن لطيف جي پيغام کي سمجھڻ ۾ مدد ملي. لطيف سائين جي ڪلام جي اُپٽار ڪندڙ ظاهري معنى سمجھڻ وارا رڳو ظاهري عاشقن جي قصن ۽ ڪھاڻين ۾ ڦاٿا پيا آهن، اصل ۾ لطيف جو ڪلام رڳو  ائين نه آهي. لطيف کي سمجھڻ لاءِ قرآن، حديث ۽ الله جي نيڪ بندن جي اقوال ۽ احوال کي پڙهڻو ۽ سمجھڻو پوندو.

اَوَلِ اَللهُ عَلِيمُ، اَعلى عالَمَ جو ڌَڻِي،
قَادرُ پَنھِنجِيءَ قُدرَتَ سِين قائِمُ آهِ قَدِيمُ،
والِي، واحِدُ وَحدَهُ رازِقُ رَبُ رَحيمُ،
سو ساراه سچو ڌڻي، چئي حمدُ حڪيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جي.

حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليھ جي سُر ڪلياڻ (داستان پھريون) جي پھرين شاھڪار بيت جي ابتدا الله رب العزت جي صفاتي نالن الاول سان ٿي آهي.

الاول: جي معنى سڀ کان پھريائين. الله تعالى سڀ کان پھريائين آهي. اهڙو سڀ کان پھريائين جنھن کان اڳ جو ڪاٿو يا تعين ڪري نه سگھجي. منڍ ۾، شروعات، ابتدائي، اڳ ۾ قرآن مجيد ۾ اصل ۽ آخر الله رب العزت جي ذات کي چيو ويو آهي. اهي ٻئي نالا هڪ ئي وقت گڏ بيان ڪيا ويا آهن. مراد اها آهي ته اها ئي ذات باري تعالى جي سڀ کان پھرين آهي، ان کان اڳ ڪجهه ناهي ۽ اهائي آخر آهي ۽ ان کانپوءِ ڪجهه نه آهي. اها حقيقت تڪويتي پھلو کان به مسلمه آهي ته تشريح جي اعتبار کان به محبت، اطاعت ۽ تقرب هر لحاظ کان الله تعالى ئي اول آهي ۽ ان کان اڳ ڪوئي نه آهي ۽ اهو ئي آخر آهي ان کانپوءِ ڪوئي ناهي.

        هر هڪ جي ابتدا ان کان ئي ٿئي ٿي، جيڪو الاول آهي ۽ جيڪي ڪجهه باقي آهي، سو فاني آهي ۽ انھن مان هر هڪ جي فنا کانپوءِ اهائي ذات باقي آهي، رهندي جيڪا الآخر آهي. معرفت جي منزلن ۾ سڀني علمن ۽ معارف جي انتها هن جي هستي آهي يعني هر هڪ شيءِ کي سڃاڻڻ جو سلسلو آخرڪار الله تعالى جي معرفت تائين وڃي پھچي ٿو ۽ سڀني علمن جو اصل مقصد باري تعالى آهي. يا هينئن چئجي، ته هر علم نامڪمل آهي ۽ هر معرفت ناقص آهي، هر فڪر معنى نه ٿو رکي ۽ هر نظريو باطل آهي، جيڪڏهن اهو الله تعالى جي سڃاڻپ تائين نه وٺي وڃي. عرب دنيا جي هڪ عظيم شاعر لبيدرضه جي هڪ مشھور شعر جو مفھوم آهي ته آگاھه رهو ته هر شيءِ جيڪا الله تعالى جي خيال کان خالي آهي، سا باطل آهي ۽ دنيا جي هر نعمت آخرڪار زوال جو منھن ڏسندي.الله تعالى جي ئي ذات هر شيءِ جو مبدا آهي ۽ اهائي ذات مرجع آهي. خلق جي ايجاد ۾ به اهوئي اول آهي ۽ خلق جي هدايت ۾ به اهو ئي آخر آهي. الله تعالى ذات ۾ به اصل آهي ۽ صفات ۾ به آخر آهي.

        هي مشھور دُعا جيڪا حضور اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم پنھنجي اُمتين کي سيکاري ان ۾ انھن اسماءَ جو ذڪر ڪجهه هينئن ٿيو آهي.”اي الله تون ئي اصل آهين، توکان پھرين ڪير ناهي، تون ئي آخر آهين توکان پوءِ ڪير ناهي“. هن بيت ۾ الله تعالى جي پنھنجي ذات ۽ صفات ۾ مطلق (Absolute) هئڻ جو ڀرپور اظھار ٿئي ٿو. ته ان مان توحيد ذات جي باري ۾ چار ڳالھيون معلوم ٿين ٿيون. قرآن چوي ٿو:

مفھوم: ”اهو ئي اول به آهي ته آخر به پڌرو آهي ته لڪل به“. (سورة الحشر ۽ سورة الحديد). الاول جو مطلب آهي ته الله کان اڳ ڪو به ناهي، اهو ئي پھريون آهي. الآخر جو مطلب آهي ته ان کان پوءِ به ڪو ناهي. ڪنھن مخلوق لاءِ به ذاتي بقا ناهي. ذاتي بقا رڳو الله تعالى جي ذات آهي. قرآن فرمائي ٿو: ”هر شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي سواءِ الله جي ذات جي“. (سورة القصص: 88) ”هن زمين تي جو ڪجهه به موجود آهي، اهو فنا ٿيڻ وارو آهي رڳو رب ذوالجلال و اڪرام جي ذات ئي باقي رهندي“. (سورة الرحمٰن: 27)

الله: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پھرين بيت جو ٻيو لفظ الله آهي.الله، رب پاڪ جو ذاتي نالو آهي، هيءُ عربي ٻولي جو اهڙو لفظ آهي جنھن جو ترجمو اڃان تائين عالم نه ڪري سگھيا آهن.

          الله تعالى جي اسم ذات ته الله آهي جنھن جون لامحدود صفتون آهن. باقي 99 نالا صفاتي آهن. ٻڌايو ويو آهي ته الله جيڪو اسان جو معبود آهي، مقصود آهي ۽ محبوب آهي، اميدن ۽ آرزوئن جو مرڪز آهي، اسان جي سڀني اطاعتن، عبادتن  ۽ دعائن جو محور آهي. ان جون هي صفتون آهن. اگر اسين ان جي ذات جو احاطو نه ٿا ڪري سگھون، ته ان کي انھن صفتن جي مدد سان سڃاڻيون. جيڪڏهن اسين غور ڪنداسين ته اسان کي انھن صفتن جو ظھور ٿيندو نظر اچي ويندو. هن ڪائنات جو پورو نظام انھن الاهي صفتن جو مظھر آهي. جيڪڏهن اسان هر طرف غور ڪري ڏسنداسون، ته اسان کي هر طرف الله تعالى جون نشانيون نظر اينديون. سڄي ڪائنات ۾ هر پاسي الله تعالى جي صفتن جو ظھور ٿيندو نظر ايندو. سڀني نبين جي پٺيان اسم الاهي نظر ايندي. لفظ الله هڪ منفرد ۽ يڪتا لفظ آهي. جنھن جو ڪو مترادف ڪنھن به زبان ۾ ڪونھي. جيئن هو ذات يڪتا آهي، ان جو ڪو مثل ڪونھي، نه هن جو ڪو همسر ۽ شريڪ آهي، تيئن هي نالو به صرف رب العزت جي هستيءَ لاءِ ئي  مخصوص آهي. سندس نالي ۾ به ڪو ان جو شريڪ ناهي. هن نالي جي ڪنھن به مذهب ۾ نظير نه ٿي ملي.

        لفظ الله ڪنھن ٻئي لفظ سان مشتق ناهي، نه ان جو جمع ٿي سگھي ٿو. هي نالو تذڪير ۽ تانيث کان به ماوراءِ آهي. ڪجهه قومن وٽ اهو بحث ٿيو آهي ته God اگر مذڪر آهي ته ان جو مونث Godess ڇو نه هجي؟ ان جو حل اهو ڪڍيو ويو آهي ته God بجاءِ Deity چيو وڃي جيڪو تذڪير ۽ تانيث کان عاري آهي. پر لفظ الله ته مذڪر آهي ۽ نه ئي مونث ۽ نه ئي ان جو جمع ٿي سگھي ٿو. لفظ الله ان ذات وحده لاشريڪ جي سڀني لامحدود صفتن جو جامع آهي ۽ الڳ چوڻ سان ان جون سموريون صفتون ان ۾ اچي وڃن ٿيون. هن اعلى ذات جو ادب ان ڳالھه جي گھُر ڪري ٿو ته ان کي الله سبحان و تعالى يا گھٽ ۾ گھٽ الله تعالى چيو وڃي. جڏهن اسان دعا گھرندا آهيون ته لفظ الله ۾ مشدد جو اضافو ڪريون ٿا ۽ اللھم چئي ان جي بارگاهه ۾ پنھنجو عرض پيش ڪريون ٿا. هي ميم حرف ندا ”يا“ جو قائم مقام آهي. اهڙي طرح اللھم جو مطلب آهي يا لله.

لاالٰہ الاالله اهو پاڪ ڪلمو آهي جنھن سان واضح طرح توحيد جي عقيدي جو اعلان ٿئي ٿو. هن جملي جا ٻه جُز آهن. پھرين جُز انڪار جو ۽ ٻيو اقرار جو آهي. پھرين اسين الله تعالى کان سواءِ هر ان ذات جو انڪار ڪريون ٿا، جيڪا معبوديت جي ڪنھن به صفت جي دعوى ڪري ٿي. انھيءَ انڪار ذريعي اسان انھن سمورن ڪوڙن خدائن ۽ ڪوڙن معبودن جو چٽي طرح سان انڪار ڪريون ٿا، جيڪي ڀلي انسانن جا ٺاهيل بُت ڇو نه هجن يا ڪنھن ذهن جا اڪريل افسانا ڇو نه هجن. سڀني جي انڪار کانپوءِ ئي حقيقي توحيد جو اقرار ٿي سگھي ٿو. انھيءَ کان علاوه هڪ پھلو انھيءَ انڪار جو هيءُ به آهي ته ايمان وارا جڏهن لااِلٰہ الاالله جو ورد ڪن ٿا، ته هو پنھنجي سچي دل، روح، ذهن ۽ دماغ کي غير الله، شيطان ۽ نفس جي سمورين ناپاڪائين کان پاڪ ڪري صرف هڪ الله تعالى کي پُڪارين ٿا.

العليم: هي لفظ علم جي مادي مان مبالغي جو صيغو آهي جنھن جو مطلب آهي، ته سڀني شين ۽ سڀني ڪمن جو مڪمل علم، سڀني حقيقتن جي هر طرح جو علم، لڪل ۽ ظاهر، زمين ۽ آسمانن جو علم، حاضر ۽ ناظر، گذريل ۽ ايندڙ زماني جو مڪمل علم صرف الله تعالى وٽ آهي. انھيءَ جو مطلب اهو آهي ته عليم جو مطلق علم ڪامل آهي. باقي هر ڪنھن جو علم گھٽ آهي مخلوق ۾ وري سڀني کان وڌيڪ علم رسول اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي عطا ڪيل آهي. ان ڪري اسين چوندا آهيون ته سڀني علمن جو بنياد، علم رکندڙ ۽ خير رکندڙ جي ذات الله تعالى آهي.

        الله تعالى جو فرمان آهي ته: اَلاَ اِلٰہ الخَلَقُ وَلاَمر (الاعراف 7: 54) مفھوم: يعني مخلوق به الله تعالى جي آهي ۽ امر به ان جوئي آهي. انسان کي جيڪو علم ڏنو ويو آهي ان جو مقصد اهو آهي ته الله تعالى جي معرفت ۽ سڃاڻپ حاصل ٿئي. ڪجهه گمراھه ۽ غافل انسان الله تعالى جي ڏنل علم ۽ صلاحيتن کي صحيح استعمال نه ڪندا آهن ۽ پنھنجي علم کي صرف دنيا جي فائدن لاءِ استعمال ڪندا آهن، آخرت يعني پنھنجي زندگي جي اصل مقصد کي وساري ڇڏيندا آهن. اهي گمراھ ۽ نادان انسان آخرت ۾ ان جا ضرور خراب نتيجا ڏسندا.عليم معنى ڄاڻندڙ، وڏي ڄاڻ وارو، وڏي علم وارو، داناءُ، بيحد آگاهي وارو، ڏاهو، مهارت وارو .

اعلى (العظيم): الله تعالى جي ذات پنھنجي علم، قدرت، عزت، مرتبه ۽ بادشاهت ۾ سڀني شين کان بلند ۽ مٿانھين آهي. ان ڪري اعلى، عظيم ۽ عظمت جي صفت صرف الله تعالى کي ئي سونهي ٿي. انسان جو ٿورو عقل ۽ گھٽ سمجهه، الله جي عظمت کي سڃاڻڻ جو حق ادا نه ٿي ڪري سگھي. عرش کان زمين تائين جيڪي به مخلوقات آهن، الله جي عظمت اڳيان ڪابه حيثيت نه ٿيون رکن. جڏهن ايمان وارو ڪو نيڪ مرد الله جي معرفت سڃاڻپ حاصل ڪندو آهي ته سڃاڻپ جي انھيءَ حد کي حقيقي وحدانيت چئبو آهي. اهو ٻانهو پاڻ کي الله جي عظمت اڳيان نهايت حقير سمجھندو آهي. اعلى ۽ اَلعظيمُ اها هستي آهي جيڪا نه رڳو پنھنجي ذات ۾ عظيم آهي، پر صفات ۾ به عظيم آهي. جيڪڏهن پوري ڪائنات ۾ رهڻ وارا الله جي عظمت جا انڪاري ٿي پون، پوءِ به الله تعالى جي عظمت ۾ گھٽتائي نه ايندي. اهڙي طرح جيڪڏهن سڀ ان جي عظمت جا اقراري ٿي پون، ته الله تعالى جي عظمت ۾ وڌاءُ نه ٿا ڪري سگھن. جڏهن ڪو انسان الله جي اعلى هجڻ ۽ عظمت جو اقرار ڪندو آهي، ته حقيقت ۾ هو پنھنجي سڃاڻپ کي پورو ڪري ٿو.

        جيڪڏهن ڪو انسان الله جي اعلى هجڻ ۽ عظمت جو انڪار ڪري ٿو ته هو پنھنجي غلفت، غلطي ۽ ڪوتاهي جي گواهي ڏئي ٿو. اقرار خدا: الله جي عظمت جو اقرار، انڪار خدا: الله جي عظمت جو انڪار ذريعي ئي سامھون ايندو آهي.

عالم جو ڌڻي: عالم جي معنى آهي جھان، دنيا، سنسار، مخلوق، ڪائنات، وقت، دور، سمورو جڳ، سمورو لوڪ، زمين ۽ ست آسمان، دنيا ۽ آخرت. قرآن مجيد ۾ ڌڻي (مالڪ)،  ملڪ جي مادي مان ڪيترائي اسم نڪتا آهن مثال: ملڪ، مالڪ يا ڌڻي، مالڪ الملڪ، مالڪ، الملڪ القدوس. اهي ٻئي نالا سورت حشر ۾ گڏ آيا آهن. ملڪ ۽ مالڪ الملڪ ٻئي نوانوي اسماءَ الحسنى ۾ شامل آهن. ڪنھن شيءِ ۾ قدرت ۽ اختيار سان استعمال ڪرڻ کي مِلڪ، ملڪيت چوندا آهن. جيڪا هن صفت مان مراد آهي اها مَلِڪ آهي. اَلَمَلِڪَ يعني ڌڻي، اها هستي آهي، جيڪا ڪامل قدرت ۽ سلطنت حقيقي  جي مالڪ يا ڌڻي آهي. ڪائنات ۾ مڪمل اختيار صرف الله تعالى جي ذات وٽ آهي. ان ڪري ڪائنات ۾ حقيقي سلطنت ۽ بادشاهي صرف ڌڻي الله تعالى جي آهي. بندن کي مختلف شين جي استعمال جو جيڪو اختيار ڏنو ويو آهي، اهو صرف حقيقي ڌڻي الله تعالى طرفان عطا ڪيل آهي. ان ڪري اهو حق ڌڻيءَ جي مرضي، مطابق ئي استعمال ڪري سگھجي ٿو. انسان ۽ سموري مخلوق جو ڌڻي صرف الله تعالى آهي. انسانن تي حقيقي حڪومت ۽ بادشاهت الله تعالى جي آهي ۽ هجڻ به گھرجي. جيڪڏهن ڪو فرد يا گروھه انسانن کي الله تعالى بجاءِ پنھنجي فرمانبرداريءَ ۾ رکڻ چاهي ٿو اهو الله تعالى جو باغي آهي ۽ اهو تمام وڏي جھالت ۽ گمراهيءَ ۾ مبتلا آهي. قرآن مجيد  واضح طور اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته:

”الله تعالى جو اختيار آهي پھرين به ۽ بعد ۾ به (الروم 3:4) زمين ۽ آسمانن جي سلطنت جو اهوئي ڌڻي آهي. (الحديد 57: 2) ”هر شيءِ تي اقتدار الله جو ئي آهي“. (المومنون 33: 88)

انھن کان علاوه به ڪيتريون ئي آيتون انھيءَ حقيقت کي واضح ڪن ٿيون ۽ اسان کي اها ڳالھه ياد ڪرائين ٿيون ته ظاهري طور هڪ وقتي، محدود ۽ عارضي اختيار حاصل ٿيڻ جو اهو مطلب ناهي ته انسان خود پنھنجي ذات جو، پنھنجي يا ٻين جي وسيلن ۽ ارادن جو مالڪ بڻجي وڃي بلڪه هن کي پنھنجو پاڻ تي ۽ ٻين تي جيڪو اختيار ڏنو ويو آهي، اهو صرف الله تعالى جي مرضي مطابق استعمال ڪري.

مَلِڪَ ۽ مالڪ ۾ اهو فرق آهي ته مِلِڪَ ۾ مبالغي جو مفھوم  موجود آهي ۽ هي لفظ الڳ به ڳالھايو ويندو آهي جڏهن ته مالڪ يعني ڌڻي ۾ مبالغي جو مفھوم ناهي ۽ هي لفظ ڪنھن اضافي سان استعمال ڪري سگھجي ٿو. جيئن مالڪ الملڪ، مالڪ يوم الدين. انھيءَ کان علاوه مَلِڪَ لفظ ۾ ڪئين حڪومتون رکڻ جو مفھوم به شامل آهي يعني الله تعالى ڪائنات ۾ هر شيءِ جو ڌڻي آهي. ڪائنات ۾ الله تعالى جون پيدا ڪيل ايتريون ته شيون آهن جو انھن جو ڪاٿو لڳائڻ ناممڪن آهي. قرآن مجيد ۾ هڪ آيت ۾ مالڪ الملڪ جي وڌيڪ تشريح هي ڪئي وئي آهي ته مالڪ الملڪ اها هستي آهي جيڪا عطا ڪرڻ ۽ منع ڪرڻ جي قدرت رکي ٿي. يعني الله تعالى اهو ڌڻي آهي جيڪو جنھن کي چاهي جيترو ڏئي ۽ جنھن کي چاهي نه ڏي. الله تعالى اهڙو ڌڻي آهي جيڪو جنھن کي چاهي عزت ڏي ۽ جنھن کي چاهي ذلت ڏئي. ڌڻي پاڪ کي موت ۽ زندگي، صحت ۽ بيماري جو به اختيار آهي. جنھن کي چاهي وڌيڪ رزق ڏئي ۽ جنھن کي چاهي ٿورو ڏئي. ڌڻي جي بادشاهي ۽ ملڪيت ۾ ڪير ذرو برابر به حصو نٿو رکي. ڌڻي جي معنى آهي، مالڪ، اپائڻھار، سنڀالنيدڙ، پوئيواري ڪندڙن ڌڻ سوار، خدا، خالق.

القادر: قادر جي معنى آهي طاقت، قوت زور، وس، اختيار، ڪاريگري، ڪائنات ۽ عالم رکڻ وارو. ”چؤ: خدايا! ملڪ جا مالڪ! تون جنھن کي گھرين حڪومت ڏين ۽ جنھن کان گھرين کسي وٺين. جنھن کي گھرين عزت بخشين ۽ جنھن کي گھرين ذليل ڪرين. ڀلائي تنھنجي اختيار ۾ آهي، بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين. رات کي ڏينھن ۾ آڻين ٿو ۽ ڏينھن کي رات ۾، جاندار مان بي جان ڪڍين ٿو ۽ بي جان مان جان کي. جنھن کي گھرين ٿو، بي حساب رزق ڏين ٿو. مومن، ايمان وارن کي ڇڏي ڪافرن کي پنھنجو ساٿي ۽ دوست هرگز نه بنائين. جيڪو ائين ڪندو ان جو الله سان ڪو به تعلق ناهي. ها هي معاف آهي ته توهان انھن جي ظلم کان بچڻ لاءِ ظاهري طرح اهڙو نمونو اختيار ڪريو. پر الله توهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو ۽ توهان کي انھيءَ ڏانھن ئي موٽي وڃڻو آهي. اي نبي! ماڻھن کي خبردار ڪر ته توهان جي دلين ۾ جيڪي ڪجهه آهي ان کي توهان ڀلي لڪايو يا ظاهر ڪريو، الله بھرحال ان کي ڄاڻي ٿو. زمين ۽ آسمانن جي ڪا شيءِ ان جي علم کان ٻاهر نه آهي ۽ ان جو اقتدار هر شيءِ تي حاوي آهي. اهو ڏينھن اچڻ وارو آهي جڏهن هر نفس پنھنجي عمل جو ڦل آڏو  ڏسندو. (آل عمران: آيت 26 کان 30).

تشريح: جڏهن انسان هڪ طرف ڪافرن ۽ بي ايمانن جا ڪرتوت ڏسي ٿو ۽ وري هي به ڏسي ٿو ته هو دنيا ۾ ڪيئن وڌي ۽ ويجھي رهيا آهن. ٻئي طرف ايمان وارن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڏسي ٿو ۽ وري انھن کي فقر ۽ فاقي، تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا ڏسي ٿو، جيئن نبي صلي الله عليھ وآلھ وسلم ۽ سندس اصحابي سڳوارا سن 3 هجري ۽ ان جي لڳ ڀڳ واري زماني ۾ هئا، ته قدرتي طرح سندن دل ۾ هڪ عجيب حسرت ڀريل سوال پيدا پئي ٿيو. الله تعالى هتي ان سوال جو جواب ڏنو آهي ۽ اهڙي سهڻي نموني ۾ ڏنو آهي جو ان کان وڌيڪ سهڻي جواب جو تصور نٿو ڪري سگھجي.

قدرت: الله تعالى اها ذات آهي جيڪا هر ايجاد تي مڪمل قدرت رکي ٿي ۽ اها به قدرت رکي ٿي ته جنھن کي جڏهن ختم به ڪري سگھي ٿي. القادر مان مراد اها هستي آهي جيڪا هر شيءِ جو مڪمل اندازو رکي ٿي ۽ ان مطابق ڪائنات جي نظام جي تدبير  ڪري ٿي. القادر ڪامل قدرت کي ظاهر ڪري ٿي. قدرت الله تعالى جي بنيادي صفتن مان هڪ آهي. ظاهر آهي ته حقيقي معبود هئڻ جو منصب ان ذات کي حاصل ٿي سگھي ٿو، جيڪا قادر حقيقي هجي. القادر اهو آهي جيڪو هر شيءِ تي ڪامل قدرت رکندو هجي. اسان جو پورو وجود الله جي قدرت جو ثبوت آهي ۽ هي سڄي ڪائنات انھيءَ قدرت جو ظھور آهي. هن ڪائنات ۾ جو ڪجهه موجود آهي، سو الله تعالى جي قدرت جي ڪري آهي. ۽ جيڪو ڪجهه اسان کي نظر نه ٿو اچي، سو به ان جي قدرت جي ڪري آهي. انھيءَ ماده قدرت مان الله تعالى جي هڪ صفت القدير به قرآن مجيد ۾ آئي آهي.

رزق جي حوالي سان  قرآن مجيد ۾ آيو آهي ته: ”الله تعالى پنھنجن بندن مان جنھن جو رزق چاهي وڌائي ڇڏي ۽ جن جو چاهي گھٽائي ڇڏي“. (القصص 28: 82) ”اگر الله تعالى پنھنجي بندن لاءِ رزق وڌائي ڇڏي ته اهي زمين ۾ سرڪشي ڪرڻ لڳن“. (الشورى 42: 28) ان مان اهو به اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته الله تعالى رزق سميت هر شيءِ جي قدرت رکي ٿو ۽  انسان جي زندگي ۾ پيش ايندڙ پريشانيون به حڪمت عملي کان خالي نه هونديون آهن. الله تعالى جي محبت ۾ معرفت جي طالبن کي گھرجي ته الله جي قبض ۽ بسط واري قدرت کي پنھنجي لاءِ بهتر سمجھن ڇو ته الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي. قادر جي معنى آهي قدرت وارو، اختيار وارو، وس وارو، طاقت رکندڙ، زور وارو حاڪم.

قائم آهي قديم: الله تعالى جي ذات خود قائم آهي ۽ ٻين کي قائم هئڻ جي صفت عطا ڪري ٿي. قائم لفظ قيام مان نڪتو آهي، يعني باري تعالى جي ذات هميشه کان قائم ۽ دائم آهي ۽ هميشه قائم ۽ دائم رهندي، هن جو قائم ۽ دائم هئڻ جو  ٻين تي منحصر ناهي. ڪائنات جي ذري ذري جو قيام ۽ دوام الله تعالى جي حڪم سان آهي. ڪو به ان تي ايمان نه رکي تڏهن به ان جي صفت تي ڪو به اثر نه ٿيندو ۽ سڄي دنيا جا سمورا انسان مسلمان ٿي اسلام جي دائري ۾ اچي وڃن پوءِ به الله تعالى جي قائم ۽ دائم واري صفت ۾ اضافو نه ٿا ڪري سگھن. ان ڪري قائم هئڻ جي طاقت صرف الله تعالى جو اختيار آهي. قرآن مجيد ۾ مختلف جاين تي الحي القيوم جون صفتون گڏ آيون آهن:

”الله اها هميشه زنده رهڻ واري هستي جيڪا پوري ڪائنات کي سنڀالي رهي آهي.“ (البقره 255) ”ماڻھن جون گردنون انھيءَ حئي ۽ قيوم آڏو جھڪي وينديون. (طـٰھٰ 2: 111)

        رسول اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم امت کي جيڪي دعائون سيکاريون آهن ان مان هڪ دعا آهي جنھن ۾ انھن ٻنهي اسمن کي پڪاري دعا گھرڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي. ”اي حي اي قيوم، آئون تنھنجي رحمت جو سھارو جھليان ٿو“. هي دعا پريشاني جو بھترين علاج آهي. ان ڪري سچي دل سان حي و قيوم پڪاريو وڃي. اهڙي دعا ڪڏهن به رد نٿي ٿئي. ننڊ نه اچڻ جي علاج لاءِ به اها دعا گھري وڃي ٿي. ارشاد باري تعالى آهي: (النور 24: 35)    النور جيڪا الله تعالى جي صفت آهي  جنھن کي قرآن مجيد ۾ نور السموات والارض چيو ويو آهي اها نور مطلق ۽ نور ڪامل قائم بالذات آهي.

        الله تعالى جي صفاتي نالي قديم جي معنى آهي اڳين زماني جو، پراڻو، ازل کان، اصل کان شروعات کان به اڳ، يعني جڏهن سڀ ڪجهه نه هو، پر الله تعالى هو. سڀ ڪجهه نه هوندو تڏهن به الله تعالى هوندو. سڀ ڪنھن کي الله تعالى پيدا ڪيو ۽ سڀ ڪنھن کي هڪ ڏينھن الله تعالى ختم ڪري ڇڏيندو.

والي: والي مان مراد مالڪ، ڌڻي، حاڪم، بادشاھ، دوست، نگھبان، حمايتي، سنڀاليندڙ، آقا، محافظ، نگھبان، مولا آهي. والي خدا جو صفاتي نالو آهي. قرآن مجيد ۾ اچي ٿو ته:  ”الله تعالى اهل ايمان جو ولي آهي.“ (البقرة 2: 25) الله تعالى اهل ايمان جو دوست آهي ۽ انھن کي ويجھا آهن. اهل ايمان به الله تعالى جا دوست آهن ۽ الله تعالى جي ويجھو آهن. جيڪي الله تعالى جا دوست ٿي وڃن ٿا ته الله تعالى انھن جو والي ٿي وڃي ٿو. آگاھه ٿي وڃي ته انھيءَ ۾ ڪو شڪ ۽ شبو نه آهي ته الله تعالى جا ولي اُهي آهن جو انھن کي پوءِ نه خوف هوندو آهي ۽ نه حزن. خوف جو تعلق مستقبل سان ۽ حزن جو تعلق ماضي سان. الله تعالى جن جو والي هجي تن جون زندگيون اهڙيون ته پاڪيزه ٿي وڃن ٿيون، جو نه ته انھن کي ماضيءَ جي خطائن ۽ نه مستقبل جي ناڪامين يا حسرتن جي پرواھه يا ڪو غم هوندو آهي. انھن کي الله تعالى جي والي هجڻ جو پورو ڀروسو هوندو آهي. اهڙن نيڪ بندن لاءِ قرآن مجيد ۾ جيڪا بشارت آئي آهي اها هيءَ آهي ته: ”اسان دنيا ۾ به توهان جا ولي آهيون ۽ آخرت ۾ به“. (حم السجده 41: 31) ظاهر آهي ته الله تعالى جن جو دوست ٿي وڃي انھن تي خوف ۽ غم حاوي نه ٿو ٿي سگھي. اگر وقتي طور تي مٿن ڪا پريشاني اچي وڃي ته الله وارا پريشان نه ٿا ٿين. هميشه الله تعالى جي بهتريءَ جي اميد رکن ٿا ۽ هر حال ۾ الله تعالى جي رضا تي راضي رهن ٿا. اهي دنيا جي ڪنھن معمولي مسئلي، پريشاني يا غم تي پريشان نه ٿا ٿين پنھنجي مالڪ ۽ واليءَ جي رضا تي راضي رهن ٿا. جيڪڏهن انھيءَ يقين سان زندگي گذاري وڃي ته نه لهر نه لوڏو. قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي ته: ”بيشڪ جيڪي ماڻھو ايمان وارا آهن ۽ پنھنجي رب تي توڪل رکن ٿا انھن تي شيطان جو ڪو وس نه ٿو هلي.“ (النحل 14:99)

واحد: واحد جي معنى آهي هڪ، اڪيلو، تنها، ڳڻڻ ۾ پھريون انگ، هن جهڙو ڪو ٻيو نه هجي. الواحد ۽ الاحد جي ماده و، ح، د، مان ئي توحيد جو لفظ نڪتو آهي. جيڪو باب تفصيل جو مصدر آهي. توحيد جو مطلب آهي، الله تعالى کي هڪ مڃڻ، ان جي وحدهُ لاشريڪ هئڻ جو زبان سان اقرار ڪرڻ ۽ ان جي دل سان تصديق ڪرڻ، انھيءَ اقرار جو اعلان هنن سادن مگر نهايت جامع لفظن ۾ ڪيو ويندو آهي. لاَ اِلھ اِلا الله (الله تعالى کانسواءِ ڪو به معبود ناهي). انھن لفظن کان علاوه اهو مقصد ۽ مفھوم مخلتف حديثن ۾ به سيکاريو ويو آهي. قرآن ۽ حديثن ۾ انسان کي جيڪا وڏي ۽ بنيادي تعليم ڏني وئي آهي، اها دراصل توحيد جي تعليم ئي آهي ۽ باقي حڪم انھيءَ توحيد جي تشريح ۽ مفھوم آهن. هڪ حديث ۾ توحيد لاءِ هيٺين لفظن جي تعليم ڏني وئي آهي.

”الله تعالى کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي.“

        توحيد جو اقرار ائين ناهي جو انسان ان جو هڪ ڀيرو اقرار ڪري پوءِ بي فڪر ٿي ويھي رهي، بلڪه توحيد جو اقرار دل، دماغ، فڪر، ذڪر ۽ عملي طرح بار بار ڪرڻو هوندو آهي. ان کانپوءِ انسان جي زندگيءَ تي ان جو بھترين اثر ٿئي ٿو. اهڙي زندگي پوءِ پاڪيزه ۽ نوراني بنجي ويندي آهي ۽ ڏسڻ واري لاءِ رهنمائي جو سبب بڻجي ٿي.

”قُل هُو الله احد“ ”چئو الله آهي اڪيلو“ توحيد جي حقيقت سمجھڻ لاءِ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعالى عنھ فرمايو ته: ”الجز عن درڪ الاداڪ ادراڪ“ يعني:  انھيءَ حقيقت جي ادراڪ کان عاجز هئڻ جو اعتراف ئي اهو ادراڪ آهي جيڪو انسان جي وس ۾ آهي“.

مگر مسلمان ايمان ۽ احسان جي رستي تي اخلاص ۽ محبت سان معمور ٿي هلندا رهن ۽ پنھنجي غيب جي ايمان کي خوف ۽ اميد جي حالتن جي وچ ۾ قائم رکن ۽ الله تعالى جي حساب کان ڊڄندا رهن ۽ الله تعالى کان ۽ الله تعالى جي قدرت ۽ قوت خيال ۾ رکي، ان جي ناراضگيءَ کان بچندا رهن ۽ گڏوگڏ الله تعالى کان معافي وٺندي، ان جي رحمت جا اميدوار رهن ۽ ان جي بندگي اختيار ڪري ان جي دل ۾ محبت قائم رکن ۽ هر معاملي ۾ الله تي ڀروسو توڪل ڪن ۽ پنھنجا سمورا معاملا الله تعالى جي حوالي ڪن ته پوءِ آهستي آهستي الله تعالى جي اهڙي معرفت حاصل ٿي ويندي. جو انھن جي دل توحيد جي گواهي ڏيڻ لڳندي ۽ پوءِ کين ان لاءِ عقلي دليل جي ضرورت نه پوندي ۽ سندن ايمان، پڪو ٿي ويندو. واضح رهي ته انسان جو عقل، دل جي تابع هوندو آهي. جڏهن دل الله تعالى جي وحدانيت جو اقرار ڪرڻ لڳندي ته پوءِ انسان الله تعالى جي حڪمن ۽ رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي خوبخود اتباع ڪندو رهندو.

۽ اوهان جو معبود هڪ ئي  معبود آهي (البقرة 2: 163) ”چئو ته هو الله هڪ ئي يڪتا آهي“ (الاخلاص 12: 1)

وحدهُ: نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن فرض نمازن کان پوءِ هي ڪلما پڙهندا هئا: ”ڪو اِلٰہُ نه آهي سواءِ هڪ الله جي ۽ ان جو ڪو شريڪ ڪونھي“. وَحَدَهُ معنى الله هڪ آهي، وحدانيت جو اقرار آهي تڪرار سان الله هڪ آهي چيو وڃي ٿو. جمع ۽ عيدن جي نمازن ۾ جڏهن خطبو پڙهيو ويندو آهي ۽ جڏهن عالم سڳورا لفظ وَحَدَهُ تي پھچندا آهن، ته ان کي تڪرار سان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پڙهندا آهن. يعني بلڪل زور ڏئي ڪنھن شيءِ جو اقرار ڪبو آهي، ائين وَحَدَهُ لفظ چئي الله هو، الله هڪ آهي، الله هڪ آهي چئبو.

مثال: والي، واحد، وَحَدَهُ، سڄي ڪائنات جو بادشاھ، مالڪ هڪ ۽ صرف هڪ الله آهي. وَحَدَهُ جي حوالي سان قرآن مجيد ۾ آيو آهي ته، ترجمو: ”انھن جواب ڏنو ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته اسان رڳو الله جي ئي عبادت ڪريون ۽ انھن کي ڇڏي ڏيون، جن جي عبادت اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا رهيا آهن؟ چڱو تون آڻ اهو عذاب، جنھن جي تون اسان کي ڌمڪي ٿو ڏين، جيڪڏهن تون سچو آهين“. (الاعراف، 7: 7)

الله جي وحدانيت جي حوالي سان قرآن مجيد جي هڪ آيت جو ترجمو آهي ته: ”۽ سندن دلين تي اهڙو پردو وجھندا آهيون جو اهي ڪجهه به نه سمجھندا آهن ۽ سندن ڪنن ۾ (حق جي آواز ٻڌڻ کان) ٻوڙو ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ جڏهن تون قرآن ۾ پنھنجي رب جو ذڪر ڪرين ٿو ته اُهي نفرت سان منھن ڦيرائي ويندا آهن.“ (سوره بني اسرائيل، 17: 46)

”جڏهن اڪيلي! الله جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته آخرت تي ايمان نه رکندڙن جي دلين ۾ درد ٿو ٿئي ۽ جڏهن ان کانسواءِ ٻين جو ذڪر ٿئي ٿو ته پوءِ اهي اُمالڪ خوشي وچان ٽڙڻ لڳن ٿا“. (سوره الزمر 39:46)

        الله تعالى جي وحدانيت بابت قرآن مجيد جي هڪ ٻي آيت ۾ هينئن بيان ڪيو ويو آهي: ” اها حالت جنھن ۾ اوهان ڦاٿل آهيو ان ڪري آهي، جو جڏهن اڪيلي الله ڏانھن سڏيو ويندو هو ته توهان مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا هئا ۽ جڏهن ان سان ٻين کي ملايو ويندو هو ته توهان مڃي وٺندا هئا. هاڻ فيصلو الله جي هٿ ۾ آهي جيڪو مٿانهون ۽ وڏو آهي.“ (المومن 4: 12)

”جڏهن انھن اسان جو عذاب ڏٺو ته چوڻ لڳا اسان الله وَحَدَهُ لاشرڪ کي مڃي ورتو ۽ اسان انڪار ٿا ڪريون انھن سڀني معبودن جو، جن کي اسان شريڪ بڻائيندا هئاسون“. (سوره المومن 4: 84)

وَحَدَهُ جي معنى آهي الله هڪ آهي، وحدانيت جو اقرار.

رازق: هي لفظ رزق مان نڪتو آهي ۽  وڏو ۽ وسيع مفھوم رکي ٿو. الرازق اها هستي آهي جيڪا تمام گھڻو ۽ بار بار رزق ڏئي ٿي ۽ هر قسم جو رزق عطا ڪري ٿي. انھيءَ ۾ جسماني رزق به شامل آهي. جنھن سان جسم جي تربيت ٿئي ٿي. ان ۾ روحاني رزق به شامل آهي جنھن سان روح ۽ ضمير کي غذا ملي ٿي. الرزاق اها ذات آهي جيڪا هر هڪ کي ان جي ضرورت مطابق وافر رزق عطا ڪري ٿي. جسم جي سڀني عضون کي انھن جي ضرورتن مطابق رزق مهيا ڪري ٿي ۽ دل ۽ دماغ کي ان جي ضرورت ۽ صلاحيتن مطابق رزق مهيا ڪري. اهڙي ريت انسان کان علاوه ڪائنات ۾ موجود هر مخلوق کي ان جي ضرورتن مطابق رزق مھيا ڪري ٿي. رزاق معنى رزق ڏيندڙ، روزي ڏيندڙ ۽ پالڻھار.

”الله ته پاڻ ئي رزاق آهي، وڏي قوت وارو ۽ زبردست.“
( سوره الذاريات 51:511)

رب العالمين: رب جو لفظ عربي زبان ۾ ٽن معنائن لاءِ ڳالھايو ويندو آهي.(1) مالڪ ۽ آقا(2) مربي، پالڻ وارو، خبر لهندڙ ۽ نگھبان(3)، حاڪم، مدبر، منتظم، الله تعالى انھن سڀني معنائن ۾ رب آهي. (تفھيم القرآن سوره فاتحه) الله تعالى سموري ڪائنات جو رب آهي، سمورا عالم رب جي انتظام هيٺ ۽ قبضي اندر آهن. ستن آسمانن، ستن زمينن ۽ انھن اندر جو ڪجهه آهي، رب جو عرش، رب جي ڪرسي، سڀني جو حاڪم منتظم، نگھبان، پالڻ وارو، فرمانروا، الله تعالى آهي. رب العالمين يعني سمورن عالمن جو رب. رب ان کي چئبو آهي جيڪو هر ڪنھن جي مدد کانسواءِ سڀ ڪجهه ڪري سگھي ۽ سڀئي رب جي مدد کانسواءِ ڪجهه نه ڪري سگھن.

منھنجو جيئڻ مرڻ سڀ ڪجهه الله رب العزت لاءِ آهي. (سوره انعام: 144)

        يعني ڪائنات جي سڀني شين جو رب ته الله تعالى آهي پوءِ منھنجو رب، ان کان سواءِ  ڪو ٻيو ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟ اها ڳالھه ڪيئن ٿي معقول ٿي سگھي ته سڄي ڪائنات ته الله تعالى جي نظام جي اطاعت ڪري رهي هجي ۽ ڪائنات جي هڪ جزي هئڻ جي حيثيت ۾ منھنجو پنھنجو وجود پڻ ان نظام مطابق هلي رهيو هجي، پر آئون پنھنجي شعوري ۽ اختياري زندگي لاءِ ڪو ٻيو رب تلاش ڪريان؟ ڇا آئون اڪيلو ساري ڪائنات جي ابتڙ هڪ ٻئي دڳ تي هلڻ شروع ڪري ڏيان؟ رب جي معنيٰ آهي ته الله تعالى سڄي ڪائنات جو مالڪ، ڌڻي، پالڻھار، پروردگار، حاجت روا، انعام ڏيندڙ، تڳائيندڙ ۽ بچائيندڙ آهي.

الرحيم: الرحيم جي معنى آهي سدائين ٻاجھارو، نهايت مھربان، رحم ڪندڙ.

        الرحمٰن الرحيم هي ٻئي لفظ رحم مان مشتق آهن. الله تعالى جي خاص ابدي ۽ ازلي صفت رحمت آهي. الله تعالى قرآن مجيد جي شروع ۾ ئي انھن ٻن صفتن جو تعارف ڪرايو آهي. ”بسم الله الرحمٰن الرحيم“. انھن لفظن سان قرآن مجيد جي شروعات  ٿئي ٿي. انھن لفظن کي قرآن مجيد جي هر سورت جي شروع ۾ ياد ڪرايو ويندو آهي. پوءِ سورت شروع ٿيندي آهي. اهي لفظ قرآن پڙهڻ ۽ ٻڌڻ واري جو استقبال ڪندا آهن.

          رحمت جنھن مان اهي ٻئي صفتون مشتق ٿيون آهن، اها هستي آهي جيڪا هر خير پھچائڻ واري آهي. ان ڪري هر اهم ڪم ڪرڻ کان پھرين اسان کي بسم الله الرحمن الرحيم پڙهڻ گھرجي، اها صفت الله تعالى لاءِ ازل کان ابد تائين مخصوص آهي. الله تعالى جو ارشاد آهي: ”هن پنھنجي لاءِ رحمت کي لازمي ڪري ڇڏيو آهي“. (الانعام 4:12)

”رحمت هر شيءِ تي حاوي آهي“.  (الاعراف 7: 156)

سو ساراھه سچو ڌڻي چئي حمد: ”جڏهن الله جي مدد ۽ سوڀ اچي ۽ (اي نبي!) تون ڏسين ته ماڻھو ٽولن جا ٽولا الله جي دين ۾ داخل ٿي رهيا آهن ته تون پنھنجي رب جي ساراھ سان گڏ ان جي پاڪائي بيان ڪر ۽ ان کان بخشش جي دعا گھر. بيشڪ هو توبھه قبول ڪرڻ وارو آهي.“ (سورة النصر: 3)

تشريح: فتح مان مراد ڪنھن هڪ لڙائيءَ جي فتح نه آهي، بلڪه اها فيصله ڪن فتح آهي، جو ان کان بعد ۾ اسلام سان ٽڪر کائڻ لاءِ ڪا قوت باقي نه رهي ۽   سڀني کي چڱيءَ طرح معلوم ٿي ويو ته هاڻي هي دين غالب ٿي رهڻو آهي. ڪن مفسرن ان مان مراد مڪي جي فتح ورتي آهي، پر مڪي جي فتح 8 هجري ۾ ٿي آهي ۽ هيءَ سورة 10 هجريءَ جي به آخر ۾ نازل ٿي آهي، جيئن حضرت عبدالله بن عمر ۽ حضرت سراءِ بنت بنھان جي انھن روايتن مان معلوم ٿئي ٿي، ان کان سواءِ عبدالله بن عباسرحه جو قول به هن تفسير جو مخالف آهي. هو چوي ٿو ته هيءَ سورت قرآن مجيد جي سڀ کان آخري سورة آهي. جيڪڏهن فتح مان مراد مڪي واري فتح آهي ته سورة توبھه فتح مڪه کان پوءِ نازل ٿي آهي پوءِ اِذَا جَآءَ کي آخري سورة ڪيئن چئي سگھجي ٿو. انھيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته فتح مڪه انھيءَ لحاظ سان فيصلا ڪن فتح هئي ته، انھيءَ فتح عرب جي مشرڪن جون همتون پست ڪري ڇڏيون هيون. پر ان کان پوءِ به هنن ۾ اڃا ڪجهه دم خم  باقي هو. طائف ۽ حنين جا معرڪا ان کان پوءِ پيش آيا آهن ۽ عرب تي اسلام جي مڪمل غلبي ۾ تقريبن ٻه سال صرف ٿيا. يعني اهو زمانو ختم ٿي ويو جو هڪ هڪ ۽ ٻه ٻه ماڻھو ٿي ڪري اسلام ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ اهو وقت اچي ويو جو سموري جو سمورو قبيلو ۽ وڏن وڏن علائقن جا ماڻھو ڪنھن لڙائي جھڳڙن کان سواءِ پاڻ مرادو مسلمان ٿي ويا. هيءَ حالت 9 هجريءَ جي شروع ۾ ڏٺي وئي. انھيءَ ڪري ان سال کي وفود جو سال چيو ويندو آهي. عرب جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وفدن جا وفد رسول الله صلي الله وآلھ عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيڻ لڳا ۽ اسلام قبول ڪري سندن هٿن مبارڪن تي بيعت ڪرڻ لڳا. تان جو 10 هجريءَ ۾، حجة الوداع جي وقت پورو عربستان، اسلام جي پاڇي هيٺ اچي چڪو هو ۽ ملڪ ۾ ڪو مشرڪ باقي نه بچيو هو.

حڪيم: ”الله پاڻ هن ڳالھه جي شاهدي ڏني آهي ته ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي.(14) ۽ (اهائي شاهدي) ملائڪن ۽ سڀني علم وارن به ڏني آهي.(15) هو انصاف تي قائم آهي. ان زبردست حڪيم کان سواءِ حقيقت ۾ ڪوبه خدا نه آهي.“  (سورة آل عمران: 18)

          تشريح (14) يعني الله تعالى جيڪو ڪائنات جي سڀني حقيقتن کي سڌو سنئون ڄاڻي ٿو ۽ سموري موجودات کي، سواءِ ڪنھن روڪ جي ڏسي رهيو آهي. جنھن جي نگاھ کان زمين ۽ آسمان جي ڪا به شيءِ لڪل نه آهي. هيءَ ان جي شاهدي آهي ۽ انھيءَ کان وڌيڪ معتبر ۽ اکين ڏٺي شھادت ٻئي ڪنھن جي ٿي سگھي ٿي؟ ڇاڪاڻ ته پوري عالم ۾ ان جي پنھنجي ذات کان سواءِ ڪا ٻي اهڙي هستي نه آهي، جيڪا الله جي صفتن سان ساراهيل هجي. خدائي طاقتن جي مالڪ ۽ حڪيم هجي ۽ خدائي حقن جي حقدار هجي.

تشريح: (15) الله تعالى کان پوءِ وڌيڪ معتبر شھادت ملائڪن جي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ڪائنات جي سلطنت جا ڪارندا آهن ۽ سڌو سنئون پنھنجي ذاتي علم پٽاندڙ شھادت ڏئي رهيا آهن ته هن سلطنت ۾ الله کان سواءِ ٻئي ڪنھن جو حڪم نه ٿو هلي ۽ ان کان سواءِ ٻي ڪابه اهڙي هستي نه آهي، جنھن ڏانھن هو زمين ۽ آسمانن جا انتظامي معاملا کڻي ويندا هجن. ان کان پوءِ مخلوق اندر جن ماڻھن کي به حقيقت جو ٿورو يا گھڻو علم حاصل آهي، اهي سڀ شروع کان وٺي اڄ تائين اتفاق راءِ سان اها شاهدي ڏيندا رهيا آهن، ته هڪ ئي الله هن پوري ڪائنات جو مالڪ ۽ هلائيندڙ آهي.

”چڱيءَ طرح سمجھي ڇڏ ته الله نھايت ئي اقتدار وارو ۽ حڪيم آهي.“، ”الله سڀني تي مڪمل اقتدار رکڻ وارو، حڪيم ۽ داناءُ آهي.“ (سورة البقرة: 240).

الڪريم: عرب دنيا جا ماڻھو هر صفت مدح کي ڪرم جي لفظ سان تعبير ڪندا آهن، جيڪو انھيءَ لفظ جو ماده آهي. الڪريم جي صفت مان مراد هي آهي، ته سڀئي صفتون الله تعالى جي ذات ۾ ڪمال جي درجي جي حساب سان جمع آهن. الله تعالى جي هستي اها هستي آهي جيڪا هر ڪمال جي درجي کان به اعلى آهي ۽ هر نقص کان پاڪ آهي. الڪريم جي معنى مخزن جي به آهي، يعني الله تعالى جي ذات واحد يڪتا آهي جيڪا عزت واري آهي ۽ اهائي عزت ڏيڻ واري آهي. الڪريم جي مفھوم ۾ وڏو نفعو هجڻ يا ملڻ به شامل آهي. الله جي ذات ئي مڪمل ماليات ۽ خيرات جو سرچشمو آهي. ان جو فضل ۽ ڪرم لامحدود ۽ مسلسل آهي جيڪو ڪڏهن ختم نه ٿو ٿئي ۽ ڪڏهن ان ۾ وقفو نه ٿو ٿئي. ان جي بي حد ۽ بي شمار ڪرم جو ثبوت اهو آهي ته الله تعالى جي ذات اهڙي ڪريم ذات آهي، جيڪا بنا ڪنھن گھرڻ جي، خيرات ۽ احسانن جي برسات اسان تي ڪندي رهندي آهي. الڪريم جي معنى اها به آهي ته الله تعالى اها ذات آهي جيڪا مڪمل قدرت ۽ لامحدود قوت جي باوجود معاف ڪندي رهي ٿي. الله تعالى هر واعدو وفا ڪري ٿو، هو پنھنجن بندن کي اميدن کان وڌيڪ عطا ڪندو رهي ٿو. الڪريم الله تعالى جي انھي جمالي صفتن مان آهي جيڪا سڀني کي پنھنجي اندر ۾ پيدا ڪرڻ گھرجي. اهوئي سبب آهي جو الله تعالى انسانن کي به ڪريمي صفت عطا ڪري ٿو. نبي اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم، انسانن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪريمي صفت جو مالڪ آهي. نبي سڳورا ۽ الله جا نيڪ بنده ڪريمي صفت جا مالڪ آهن.

جوڙئون جوڙ جهان جي:

”۽ سڀ ڪنھن شيءِ  جا اسان جوڙا ٺاهيا آهن.(46) ته من اوهين ان مان سبق وٺو.(47) پوءِ ڊوڙو الله ڏانھن، مان توهان لاءِ ان جي پاران پڌرو خبردار ڪندڙ آهيان.” (سورة الذاريات: 50).

تشريح:(46) يعني دنيا جون سڀ شيون تزويج (جوڙن) جي اصول تي ٺاهيون ويون آهن. اهو سمورو دنيا جو ڪارخانو هن قاعدي تي هلي رهيو آهي، ته هڪڙين شين جو ٻين شين سان جوڙ ٿئي ٿو ۽ انھن جو جوڙ ٿيڻ سان قسمين قسمين جون ترڪيبون وجود ۾ اچن ٿيون. هتي ڪا شيءِ به اهڙي منفرد (اڪيلي) ناهي، جو ٻي ڪا شيءِ ان جو جوڙ نه هجي، بلڪه سڀ ڪا شيءِ پنھنجي جوڙي سان گڏجي ڪري ئي نتيجو ڏئي ٿي.

(47) مطلب هي آهي ته سموري ڪائنات جو تزويج (جوڙ) جي اصل ٺاهڻ ۽ دنيا جي سمورين شين جو زوج (جوڙو جوڙو) هئڻ هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا آخرت جي وجود تي پڌري شاهدي ڏئي رهي آهي. جيڪڏهن توهان غور ڪريو ته ان مان خود توهان جو پنھنجو عقل اهو نتيجو ڪڍي سگھي ٿو، ته جڏهن دنيا جي هر شيءِ جو هڪ جوڙو آهي ۽ ڪا شيءِ پنھنجي جوڙي سان ملڻ کان سواءِ نتيجي واري نه ٿي ٿئي، ته دنيا جي اها زندگي ڪيئن بي جوڙ ٿي سگھي ٿي؟ ان جو جوڙو لازماً آخرت آهي، اهو نه هجي ته اها بلڪل بي نتيجي ٿي ويندي.

الاسمآءُ الحُسنى: ”الله تعالى سٺن نالن جو حقدار آهي، ان کي ڀلن نالن سان ئي سڏيو ۽ انھن ماڻھن کي ڇڏيو، جيڪي سندس نالن رکڻ ۾ صحيح رستي کان هٽي وڃن ٿا جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن، ان جو ضرور نتيجو ڀوڳيندا“
(الاعراف 7: 18)

تشريح: انسان پنھنجي ٻوليءَ ۾ شين جا جيڪي نالا رکندو آهي، سي حقيقت ۾ انھيءَ بنياد تي هوندا آهن، ته سندن ذهن ۾ انھن شين لاءِ هڪ تصور هوندو آهي تصور ۽ خيال جي ڪچائي، نالي جي ڪچائيءَ مان ظاهر ٿيندي آهي ۽ نالي جي ڪچائي ٻڌائيندي آهي ته هن جي تصور ۾ ڪچائي آهي. پوءِ شين سان انسان جو لاڳاپو ۽ معاملو به ضرور انھيءَ تصور جي بنياد تي هوندو آهي، جيڪو هو پنھنجي ذهن ۾ ان متعلق رکي ٿو. تصور جي خرابي تعلق جي خرابيءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ تصور جي صحت ۽ چڱائي ۾ ظاهر ٿي رهي آهي. اها حقيقت جيئن دنيا جي سڀني شين جي معاملي ۾ صحيح آهي. ساڳي طرح الله تعالى جي معاملي ۾ به صحيح آهي. الله تعالى جا نالا (ذاتي هجن يا صفاتي) تجويز ڪرڻ ۾ انسان جيڪا به غلطي ڪري ٿو اها حقيقت ۾ الله تعالى جي ذات ۽ صفات متعلق سندس عقيدي جي غلطي جو نتيجو آهي. پوءِ رب لاءِ انسان پنھنجي تصور ۽ اعتقاد ۾ جيتريون ۽ جھڙيون غلطيون ڪري ٿو، اوتريون ۽ اهڙيون غلطيون سندس زندگي ۾ اخلاقي روش جي ٺاهڻ ۾ به ظاهر ٿينديون، ڇاڪاڻ ته انسان جي اخلاقي روش جي صورت پوري جي پوري انھيءَ تصور تي ٻڌل آهي جيڪو هُن الله تعالى جي باري ۾، الله تعالى سان پنھنجي ۽ ڪائنات جي تعلق جي باري ۾ قائم ڪيو هوندو تنھنڪري ئي فرمايو ويو ته رب سائين جي نالي رکڻ ۾ غلطي کان بچو. رب سائين لاءِ سٺا نالا ئي موزون آهن ۽ انھن چڱن نالن سان ئي کيس ياد ڪرڻ گھرجي. سندس نالن رکڻ ۾ الحاد جي پڄاڻي سخت بُري آهي. سندس نالن مان مُراد اهي نالا آهن. جن مان الله تعالى جي عظمت ۽ برتري، سندس تقدس ۽ پاڪيزگي ۽ ان جي صفات ڪمال جو اظھار ٿيندو هجي. الحادجي معنى آهي وچان هٽي وڃڻ، سڌي ڏس کان ڦري وڃڻ، تير جڏهن سڌي نشاني تي لڳڻ بدران ڪنھن ٻئي طرف وڃي لڳندو آهي ته عربي ۾ چوندا آهن ”تير نشان کان الحاد ڪيو“. الله تعالى لاءِ اهڙا نالا استعمال ڪيا وڃن، جيڪي سندس شان ۽ مرتبي کان ڪريل نه هجن، جيڪي سندس ادب کان ابتڙ نه هجن، جن نالن، جي ڪري عيب ۽ ڪمزوريون ان ڏانھن منسوب نه  ٿينديون هجن يا جن سان سندس پاڪ ۽ بلند، اعلى ۽ اقدس ذات ڏانھن ڪنھن غلط عقيدي جو نه اظھار ٿيندو هجي. اهو به الحاد آهي ته مخلوق مان ڪنھن جو اهڙو نالو رکيو وڃي، جيڪو صرف الله تعالى لاءِ ئي موزون هجي. وري جو فرمايو ويو ته الله تعالى جي نالي رکڻ ۾ جيڪي ماڻھو الحاد ڪن ٿا، ان کي ڇڏيو ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن هي ماڻھو سولي طريقي سان سمجھائڻ سان به نٿا سمجھن ته پوءِ غلط بحث ۾ توکي منجھي پوڻ جي ضرورت ناهي. پنھنجي گمراهيءَ جو نتيجو هو پاڻ ڏسندا.

”اي نبي اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم انھن کي چئو الله تعالى چئي پڪاريو يا رحمٰن چئي پڪاريو جنھن نالي سان به پڪاريو ان لاءِ سڀ نالا سٺا آهن.“

(بني اسرائيل 110)

تشريح:  هي جواب آهي مشرڪن جي ان اعتراض جو ته خالق لاءِ الله تعالى جو نالو ته اسان ٻڌو هو، پر هن هي ”رحمان“ جو نالو ڪٿان آندو؟ انھن وٽ جيئن ته الله تعالى لاءِ هن نالي جو رواج نه هو، تنھنڪري اهي ان تي منھن ۾ گھنج وجھندا هئا.

”اهو الله آهي، ان کان سواءِ ڪو خدا ناهي، ان جا چڱا نالا آهن“ (طحى20 : 8)

تشريح: الله تعالى بهترين صفتن جو مالڪ آهي دنيا جي ڪنھن ٻي مذهب جي ڪتاب ۾ الله رب العزت جي صفاتي نالن جو اهڙو تصور يا تفصيل موجود ناهي. اهڙو هئڻ عقلي طرح سان محال آهي. جن مذهبن ۾ خالق ۽ مالڪ جو تصور ئي مجهول ۽ مظاهر پرستي تي ٻڌل هجي يا وري هن ذات واحد جي تقسيم جو عقيدو موجود هجي ته پوءِ اتي اسماءالحسنى جو تذڪرو ڪيئن ممڪن آهي؟ 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org