|
لطاف انصاري
سڪندر اعظم جي ڪاھه ۽ سنڌ جو سياسي منظرنامو
سڪندر اعظم، ايران جي ھخامنشي سلطنت ۽ سندس
بادشاهه دارا کي شڪست ڏيڻ بعد،
موجوده افغانستان جي ڪجهه
علائقن کي زير ڪندو،
327 قبل مسيح جي اپريل مھيني کانپوءِ ھندوڪش پار
ڪري، ھندستان جو رخ ڪيو. جھلم نديءَ
جي ڪناري راجا پورس کي ھارائڻ بعد چناب، راوي ۽
بياس ندين جي دوآٻي وارن علائقن جي ماڻھن ۽ ڏکڻ
پنجاب جي ويڙھاڪو باشندن کي شڪست ڏيندو تقريباً ٻن
سالن جي عرصي بعد سنڌ ۽ پنجاب جي سرحدي علائقي ۾
داخل ٿيو ھو. سڪندر سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان
اڳيئي سنڌ کي درياھن جي سنگم (يعني سنڌو درياهه ۽
چناب ندي جنھن ۾ پنجاب جون ٻيون نديون اچي شامل
ٿينديو ھيون) کان وٺي ويندي سمنڊ تائين پنھنجي
سلطنت جي ماتحت ھڪ ئي صوبي جي حيثيت ڏئي ڇڏي ھئي ۽
ھن پنھنجي طرفان پيٿان ولد اگينور کي ان جو
وائيسراءِ
به مقرر ڪري ڇڏيو ھو. ان علائقي ۾ سڪندر ھڪ وڏو
شھر پڻ تعمير ڪرايو جنھن جو نالو ھن اسڪندريا
رکيو. ان شھر کي ڪن محققن موجوده ڪوٽ مٺڻ جي
ويجھڙائي واري علائقي ۾ ظاھر ڪيو آھي.
سڪندر اعظم جي سنڌ تي ڪاھه جي حوالي سان جيڪي ٿورا
گهڻا
تاريخي حوالا موجود آھن سي سڀ يوناني يا رومي
مورخن جي ماخذن تي مشتمل آھن،
ڇاڪاڻ ته اسان وٽ مقامي يا متبادل ماخذ موجود
ناھن. ان سلسلي ۾ ٽي مکيه مورخ ملن ٿا جن ڪافي
تفصيلي معلومات پھچائي آھي،
يعني ايرِيَن
(Arrian)
،
ڪرٽِيَس
(Curtius)
۽ ڊيوڊورس
(Diodorus) ليمبرڪ جي ڏنل ان وقت جي سنڌ جي
نقشي ۽ ڪن مختصر تفصيلن جي مطابق سنڌ ان وقت
تقريباً پنج مختلف پرڳڻن يا صوبن تي مشتمل نظر اچي
ٿي جن جا نالا يوناني ٻولي ۽ لھجي ۾ لکيا ويا آھن.
پھريون، ميوسيڪانَس (Musikanus)
،
سنڌونديءَ
جي ھيٺانھين علائقي جي حڪمرانن ۾ سڀني کان وڌيڪ
اھميت رکندڙ حاڪم ھو. ھن جا اتر سنڌ وارا علائقا،
جن ۾ موجوده بھاولپور ۽ رحيم يار خان سميت سکر،
خيرپور ۽ نوابشاهه
پڻ شامل نظر اچن ٿا، سي سڄي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ
ساوا ۽ آسودا ھئا. ٻيون، پاتل(Patala)
،
جيڪا ميوسيڪانَس جي علائقن جي پاسي ۾ ڏکڻ طرف پاڙيسري
سرزمين ھئي، جا بظاھر خود مختيار ھئي. يوناني مورخ
ڪرٽيس سندس حاڪم جو نالو موئيرس( Moeres)
ٻڌايو آھي. ليمبرڪ جي خيالي نقشي مطابق ائين لڳي ٿو ته سانگهڙ کان ھيٺ ٿر ۽ لاڙ جا ڪجهه علائقا ۽
درياهه جي ڇوڙ واري سرزمين ھن پرڳڻي اندر شامل
ھئا. ٽيون، آڪسيڪانَس
(Oxykanus) جو علائقو ھو جنھن کي يوناني مورخ ايرين
ميوسيڪانَس جي ھڪ گورنر جي حيثيت ۾ ظاھر ڪيو آھي.
ھن پرڳڻي ۾ سنڌو درياھه جي ھُن ڀر اترئين حصي جا
لڳ ڀڳ سڀ علائقا شامل نظر اچن ٿا. چوٿون، سامبس(Sambos)
،
جنھن جو پرڳڻو اولھه سنڌ جي ڏکڻ وارن علائقن تي مشتمل
ھو، جن ۾ سيوھڻ، دادو ۽ کيرٿر جا جابلو علائقا نظر
اچن ٿا. پنجون، آربيتي، جيڪو سنڌ جي انتھائي ڏکڻ
مغربي ڇيڙي واري علائقي تي ھڪ بلڪل آزاد قبيلي جي
قبضي ھيٺ ھو. ھن پرڳڻي اندر محال ڪوھستان، ٺٽي ۽
ڪراچي جا علائقا شامل نظر
اچن ٿا.
ميوسيڪانَس جي علائقي ۽ سنڌ جي سرحدن تائين پھچندي
سڪندر اعظم کي اھا توقع ھئي،
ته ھو پاڻ يا سندس ڪو ايلچي اتي اچي سندس اڳيان
پيش پوندو پر ھن حاڪم ڪا به اھڙي علامت ظاھر نه
ڪئي،
تنھنڪري ھو نھايت تيز رفتاريءَ
سان سنڌو درياھه جي رستي ھن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ
وڃي مٿس ڪڙڪيو. ميوسيڪانَس سڪندر جي حملي کي روڪڻ
لاءِ عين وقت تي پھچي ويو ۽ پاڻ سان قيمتي سوکڙيون
پاکڙيون اچي پيش ڪيائين. ھن سان گڏ ھن جا سڀ ساٿي
فوجي ۽ صلاحڪار پڻ سندس ڇانوڻيءَ ۾ موجود ھئا. ھو سڪندر وٽ حاضر ٿيو ۽ پنھنجي غلطي تسليم ڪري پوريءَ
طرح آڻ مڃيائين. اھڙي طرح سڪندر جي مھرباني ۽ ڪرم
نوازي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنھن کيس ماتحت
حڪمران جي حيثيت ۾ پڪو ڪيو. اھو به معلوم ٿئي ٿو
ته سڪندر ميوسيڪانَس جي گاديءَ
واري شھر کي ساراھيو ۽ ان جي قلعي کي وڌيڪ مضبوط
ڪرڻ جو حڪم ڏنو. يوناني فوج جو ھڪ دستو پڻ ان شھر
جي قلعي ۾ مورچو سنڀالي ويھي رھيو. محققن جي
اڪثريت ھن شھر کي الور يا اروڙ جي قديم ماڳ تي
تصور ڪيو آھي.
ليمبرڪ جي جائزي مطابق سڪندر اڳيئي سنڌ ۾
ميوسيڪانَس جي ملڪي طاقت جي خلاف توازن برقرار رکڻ
خاطر سامبس کي اولھه سنڌ جي ٽڪرين ۾ رھندڙ جابلو
قبيلن جو وائيسراءِ
مقرر ڪيو ھو. جيتوڻيڪ سامبس جي لاءِ ايرين ٻڌايو
آھي،
ته ھن جي ميوسيڪانَس سان لڙائي ھلندڙ ھئي،
پر ممڪن آھي ته ھو فقط ھڪ ماتحت سردار ھو، جنھن
پنھنجي وڏي حاڪم جي خلاف بغاوت ڪئي ھجي. ھو شايد
سڪندر جي آڏو پنھنجي فرمانبرداريءَ يا حمايت جو اظھار ڪرڻ لاءِ ان وقت ئي وڃي
پيش ٿيو ھو،
جڏھن ميوسيڪانَس اڃان سڪندر کان ڪناراڪشي ڪري رھيو
ھو، پر سامبس کي ھاڻي انھيءَ ڳالھه تي سخت چڙ
لڳي جو سندس انھيءَ رقيب ۽ دشمن کي معافي ڏئي ھن
تي ايڏي وڏي نوازش ڪئي وئي ھئي ۽ ان چڙ ۾ ھو فرار
ٿي ويو.
ميوسيڪانَس کي زير ڪرڻ بعد سڪندر اولھه سنڌ جي
مٿانھَن علائقن جي حاڪم آڪسيڪانَس سان مقابلي ڪرڻ
خاطر پيشقدمي ڪئي،
ڇو جو ميوسيڪانَس جي شڪست جي بعد به ھن آڻ نه مڃي
ھئي ۽ سڪندر اڳيان پيش نه ٿيو ھو. يوناني مورخن
مان ٽن مورخن يعني ڪرٽيس، ڊيوڊورس ۽ اسٽرابو(Strabo) ھن سربراھه جو نالو پورٽيڪانَس
(Portikanus) لکيو آھي ۽ سندس انجام بابت
يوناني تاريخ نويسن ٻه مختلف بيان ڏنا آھن. ايرين
ٻڌائي ٿو ته سڪندر پھرين ئي يلغار ۾ ھن جي ٻن وڏن
شھرن تي حملو ڪري قبضو ڪيو جن مان ھڪ شھر ۾ اھو
سردار پاڻ به قيدي بڻايو ويو،
پر مورخ ان سردار جي گرفتاريءَ کانپوءِ سندس انجام جي متعلق ڪا به ڳالھه
ڪونه ٿو ٻڌائي. ڪرٽيس جي مطابق پورٽيڪانَس پنھنجي
فوج جي ھڪ وڏي تعداد سان گڏ ھڪ مضبوط قلعي اندر
دشمن جي حملي کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو.
سڪندر ٽن ڏينھن جي گھيري کان پوءِ ان شھر تي قبضو
ڪري ورتو. انھيءَ ويل جڏھن قلعي جي ٻاھرين مورچن
تي قبضو ٿي ويو تڏھن پورٽيڪانَس پنھنجي ڪوٽ جي
اندرين پناھه گاھ ۾ ھليو ويو ۽ اتان کان ھن پنھنجا
ايلچي ٻاھر موڪليا،
ته جيئن ھو فاتح سان صلح جون ڳالھيون ھلائن ۽ ھن
جا شرط معلوم ڪن پر حملي آورن جي پيشقدمي ايڏي
زوردار ھئي،
جو جيستائين اھي ايلچي سڪندر تائين پڄن تنھن کان
اڳ ئي قلعي جا ٻه برج خوفناڪ آواز سان ڊھي اچي پٽ
تي ڪريا ۽ سڪندر جي فوج شاھي ڪوٽ تائين ڌوڪيندي
وئي ۽ اندرئين ڪوٽ تي قبضو ڪري پورٽيڪانَس کي قتل
ڪري ڇڏيائون جيڪو پڇاڙيءَ تائين پنھنجي ساٿين سان گڏ ان جو مقابلو
ڪندو رھيو ھو.
ان کان پوءِ سڪندر اڳتي ڌوڪيندو فرار ٿيل سردار
سامبس جي سرحدن طرف رخ رکيو. رستي تي شھرن پٺيان
شھر بنا ڪنھن مقابلي جي کيس پيش پوندا ويا. جڏھن
سڪندر سامبس جي دارالحڪومت سندِيمَن
(Sindimana)
جي دروازن وٽ اچي پھتو ته
دروازا کوليا ويا ۽ سردار جي ڪٽنب جا ڀاتي پنھنجن
ھٿن ۾ سندس خزانا کڻي اچي ٻاھر بيٺا. ھنن اھا
وضاحت پيش ڪئي ته سامبس مخالفت يا بغاوت جي خيال
کان فرار ناھي ٿيو،
پر ھن خوف ۾ اچي اھو ڪم ڪيو آھي ڇو ته ھن کي جڏھن
خبر پئي، ته سندس دشمن ميوسيڪانَس سرخرو ٿي ويو آھي،
تڏھن ان ۾ ھن کي پنھنجي لاءِ نھايت ئي خراب انجام
محسوس ٿيو. اھا ڳالھه واجبي ۽ معقول به ھئي پر ان
وچ ۾ ڇا ٿيو جو سامبس جي علائقي ۾ برھمڻن جو ھڪ
شھر ظاھر ظھور حملي آور سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار
ٿي بيھي رھيو. سڪندر ان شھر تي ھڪ ڀرپور حملو ڪيو
۽ ان جي سڀني برھمڻن کي قتل ڪرائي ڇڏيو جيڪي سندس
خلاف ان بغاوت ۾ شامل ھئا. سندِيمَن يا سِندومَن
جي باري ۾ محققن جي اڪثريت ان راءِ جي آھي ته اھو موجوده سيوھڻ شھر ئي ھوندو.
ان ساڳئي وقت ميوسيڪانس جي طرفان پڻ اھڙي قسم جي
بغاوت جو علم بلند ڪيو ويو جنھن جي پٺيان به
برھمڻن جو ھٿ ھو. لئمبرڪ
لکي ٿو ته اھو سمجھڻ آسان ناھي،
ته انھيءَ سردار بھرحال ذاتي ناموري ۽ عزت حاصل
ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪھڙي شيءِ جي حاصل ڪرڻ جي اميد ٿي رکي.
سڪندر پنھنجي مقرر ڪيل وائيسراءِ
پيٿان کي ڪافي لشڪر ڏئي ميوسيڪانَس سان مقابلي
لاءِ موڪليو ۽ پاڻ پنھنجو باقي لشڪر ساڻ وٺي،
ھن جي بادشاھي جي پسگردائي وارن انھن شھرن ڏي ڪاھي
ويو جيڪي اضافي طور ميوسيڪانَس جي قبضي ھيٺ ڏنا
ويا ھئا ۽ اھي غالباً آڪسيڪانَس جي راڄ جا علائقا
ھئا. انھن شھرن تي ھڪ ٻئي پٺيان قبضو ڪيو ويو.
انھن مان ڪجهه شھرن جي قلعن کي انتظامي نگاھه کان
اھم سمجھندي مضبوط ڪيو ويو ۽ انھن ۾ فوج رھائي وئي،
جڏھن ته باقي ٻين کي ڊاھي پٽ ڪيو ويو ۽ ان جي
رھاڪو ماڻھن کي غلام بنايو ويو.
جيستائين سڪندر انھن بغاوتن کي ختم ڪري واپس
پنھنجي مکيه ڇانوڻي ۾ پھتو تيستائين پيٿان به
ميوسيڪانَس جي بغاوت کي ختم ڪري کيس قيد ڪري چڪو
ھو. سڪندر حڪم جاري ڪيو ته ميوسيڪانَس کي وٺي نيئي
سندس ملڪ ۾ ڦاھي تي چاڙھيو وڃي ۽ ساڻس گڏ جن
برھمڻن کيس بغاوت لاءِ ڀڙڪايو ھو،
تن سڀني کي پڻ لٽڪايو وڃي. لئمبرڪ
جي ان ڳالھه ۾ ڪافي وزن آھي ته برھمڻن جي ايڏي
اوچي ذات تي ايڏي سختي ڏسندي عام ماڻھن جي دلين ۾
وڏو ڏھڪاءُ
پيدا ٿيو ھوندو ۽ ان کانپوءِ جيستائين سڪندر
پنھنجي سر موجود رھيو،
تيستائين ھن جي اختيار ۽ اقتدار جي خلاف ڪنھن به
طرح جي مخالفت يا مزاحمت ڪانه ڪئي وئي.
انھيءَ وقت تي سنڌ جي ڏاکڻين علائقن ۽ پاتل جو
حاڪم به اچي سڪندر جي اڳيان پيش ٿيو ۽ پنھنجي
رياست جون سڀ جاگيرون سندس حوالي ڪيون. ان کي اھا
خاطري ڏئي واپس موڪليو ويو ته ھو پنھنجا علائقا
جيئن جو تيئن پاڻ وٽ رکي ٿي سگھيو، پر کيس اھو به حڪم مليو ته ھو پنھنجي گاديءَ
جي ھنڌ پاتل ۾ ئي موجود رھي ۽ سڪندر جي فوج جي
واپسيءَ تي سندس آجيان جون جوڳيون تياريون ڪري.
اھڙي طرح پاتل جي طرف پيشقدمي شروع ٿي. سڪندر
درياھه جي رستي روانو ٿيو ۽ باقي فوجون ٻن حصن ۾
درياھه جي ٻنھي ڪنارن سان گڏوگڏ روانيون ٿيون.
ان منزل تي اھا خبر پھتي ته پاتل جي حاڪم پنھنجي
رعيت کي سڄو شھر خالي ڪري اتان نڪري وڃڻ تي آماده
ڪيو آھي. سڪندر اھو ٻڌي درياھه جي رستي پنھنجي سفر
کي تيز ڪيو. جڏھن ھو پاتل پھتو ته ھن سڄي ملڪ ۽ ان
جي آسپاس جي علائقن کي بلڪل ويران ۽ ڀڙڀانگ حالت ۾
ڏٺو. زمين کي ھر ڏيندڙ ھاري به زمينون ڇڏي ڀڄي
نڪتا ھئا. سڪندر ھلڪيون فوجي ٽوليون انھن جي پٺيان
ڊوڙايون ۽ کين يقين ڏياريو ويو ته ھو بغير ڪنھن ڊپ
ڊاءُ
جي واپس اچي پنھنجا علائقا وسائي سگھن ٿا. اھڙي
طرح انھن مان ڪيئي واپس آيا ۽ پنھنجا ماڳ وسائي
ويٺا،
پر لڳي ٿو ته سندن حاڪم موئيرس نه موٽيو ۽ پنھنجي
سلامتيءَ جي لاءِ جبلن ڏانھن ڀڄي ويو. ھن کي اھو
خوف ھو،
ته متان سندس رعايا مان ڪو گروھه سڪندر سان مھاڏو
ڪري ۽ کيس ان جو ذميدار سمجھيو وڃي. انھيءَ ڪري ھو
سامبس وارو طريقو اختيار ڪري گم ٿي ويو. اڳتي جي
صورتحال کي ڏسندي اھو محسوس ٿئي ٿو ته سندس انديشو
ايڏو غلط به نه ھو، ڇو جو ھڪ واقعو اھڙو ٿيو جو مقامي وحشين
جي ڪن ٽولن پاتل جي ويجھو خشڪ علائقن ۾ کوھه کوٽڻ
لاءِ سڪندر جي موڪليل ماڻھن تي حملو ڪيو ۽ ڪجھه
يوناني ماري به وڌا ھئا جن سان سخت مقابلو ٿيو ۽
بعد ۾ اھي ريگستاني علائقن ڏي ڀڄي ويا ھئا.
پاتل جي ويجھو ڪيٽيءَ
جو سرو ھو جتان درياھه ٻن وڏين شاخن ۾ ورھائجي ٿي
ويو ۽ سندس ٻئي ٻانھون سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪنديون ھيون
۽ ايرين اسان کي اھو به ٻڌايو آھي ته انھن ٻنھي
شاخن کي سمنڊ تائين به
’سنڌو‘
ئي سڏيو ويندو ھو. ھتي اھو ياد رکڻ گھرجي ته سڪندر
سان گڏ موجود يوناني مورخ ميگسٿينيز
(Megasthenes) به ھندستان جي باري ۾ لکيل سندس
ڪتاب ۾ اسانجي درياھه جو نالو ھماليه جي جبلن کان
سمنڊ تائين
’سنڌو‘(Sindhus
or Sindhos) ئي ڄاڻايو آھي. اھو به ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته ميگسٿينيز ئي
ايرين جو بنيادي ماخذ ھو. ان ڪري اسين پوري يقين
سان چئي سگھون ٿا ته سڪندر اعظم کان به آڳاٽي
زماني کان ھن درياھه جو نالو سنڌو رھيو آھي.
پاتل واري ڪيٽيءَ
وٽ سڪندر پنھنجي فوج لاءِ بندر ۽ ٻيڙن جي بيھڻ
لاءِ گودي ٺھرائي ته جيئن سندس بحري ٻيڙي لاءِ اھو
ھڪ اڏي جو ڪم ڏئي. پاتل ۾ ترسي سڪندر پنھنجي فوجن
جي واپسيءَ
جي سفر جي رٿابندي ڪئي ۽ ان لاءِ ھن درياھه جي
ٻنھي شاخن تي پاڻ وڃي سفر ڪيو،
ته جيئن سندس بحري ٻيڙي جي رستي جو انتخاب ۽ ان
جون تياريون ڪري سگھجن. پاتل جي محل وقوع جي باري
۾ مختلف رايا معلوم ٿين ٿا. محقق ان شھر کي برھمڻ
آباد، حيدرآباد ۽ ٺٽي جي ماڳن تي ڏيکارين ٿا مگر
اڪثريت جي راءِ
حيدرآباد يا اڳوڻي نيرون ڪوٽ سان متفق آھي.
اھڙيءَ
طرح سندس لشڪر ٻن حصن ۾ سفر ڪيو. ھڪڙو بحري ٻيڙي
سان درياھه جي کاٻي شاخ مان گذرندو سمنڊ جي ذريعي
روانو ٿيو. درياهه جي ان شاخ جي باري ۾ محققن جي
اھا راءِ
آھي ته اھا گھڻي قدر موجوده ڦليلي واھه
۽ گوڻي ڍوري جي رستي ڪوري کاريءَ
وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ھوندي. سڪندر پاڻ خشڪيءَ
جي رستي
لشڪر
سان گڏ سنڌ ۽ مڪران، بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ سان سفر ڪندو ايران کان ٿيندو خليج فارس
ڏانھن نڪري ويو. سڪندر پاتل کان سيپٽمبر
مھيني جي آخر ڌاري سفر شروع ڪيو ۽ آربيتيءَ واري آزاد قبيلي جي ملڪ منجھان بنا ڪنھن
مخالفت يا مقابلي جي لنگھي اڳتي وڌيو. ان قبيلي جو
سنڌ جي مغربي ڪوھستان تي قبضو ھو،
پر ھنن ڪنھن قسم جي مزاحمت مناسب نه سمجھي بلڪه
ھو ڀڄي وڃي ڪنھن رڻ ۾ لڪا ھئا.
يوناني ۽ رومي مورخن جي ڏنل ناڪافي ۽ ھڪ طرفن
تفصيلن کي مٿي بيان ڪرڻ بعد مناسب لڳي ٿو ته ھاڻ
سڪندر اعظم جي ڪاھه واري وقت سنڌ جي سياسي صورتحال
جو جائزو وٺجي. جيئن اڳ ئي بيان ٿي چڪو ته اسان وٽ
مقامي يا متبادل تاريخي ماخذ موجود ناھن جو اسين
ڪا بامقصد ڀيٽ ڪري،
حقيقي صورتحال جو اندازو لڳائي سگھون. ان جي
برخلاف اسين مجبور آھيون ته جيڪي ڪجھه سڪندر اعظم
جي مورخن اسان جي اڳيان بيان ڪيو آھي، ان تي ئي اڪتفا ڪندي ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ
ڪيون.
ان ڳالھه سان ڪو اختلاف ناھي ته انھن مورخن سڪندر
اعظم ۽ سندس
سپاهه جي سوڀ ۽ ڪاميابيءَ
کي وڏي وڌاءُ
سان پيش ڪيو ھوندو ۽ توقع جي مطابق ھندستاني ڌرين
جي ڪردار کي گھٽايو ھوندو. اھو به صاف ظاھر نظر
اچي ٿو ته مورخن صرف ڪن لڙائين يا جھڙپن جي مختصر
احوال ۽ چند ماڻھن يا ماڳن جي نالن کان سواءِ
ڪا اھم معلومات فراھم ناھي ڪئي ۽ انھن نالن کي به
ھنن يوناني ٻولي ۽ لھجي ۾ لکي ان کي وڌيڪ الجھائي
ڇڏيو آھي ۽ اسان لاءِ ڪو مددگار مواد پيش ناھي
ڪيو. ان جي باوجود اسان کي اھو اعتراف ڪرڻ گھرجي
ته موھن جي دڙي جي دور کان وٺي سڪندر مقدوني جي
مھم تائين،
سنڌ جي تاريخ جو تفصيل ۽ ان جي سياسي ۽ سماجي
حالتن بابت اسان جي ڄاڻ، بس
نه جي برابر رھي آھي. سڪندر جي آمد کان
تقريباً
200 سال اڳ ھخامنشي بادشاھه
دارا 518 قبل مسيح ڌاري سنڌو ماٿريءَ
کي سندس عظيم سلطنت ۾ شامل ڪيو ھو.
جيڪڏهن
ان ڪاھه بابت مليل معلومات کي سڪندر جي ڪاھه واري
ڄاڻ سان ڀيٽ ڪجي ته اسان کي ڪجهه قدر وڌيڪ ڄاڻ
ڏيندي محسوس ٿئي ٿي تنھنڪري يوناني مورخن جو ڏنل
احوال سنڌ متعلق قلمبند تاريخ جو سڀ کان پھريون
مرحلو يا پڙاءُ سمجھڻ گھرجي.
ائين لڳي ٿو ته سڪندر جي زماني تائين ھي علائقو
شايد ايراني سلطنت جي اثر رسوخ ھيٺ نه رھيو ھو
ڇاڪاڻ ته سڪندر جي مورخن ايراني عملدارن يا انھن
جي سرگرمين ۽ عمل دخل جي موجودگي بابت ڪا ڳالھه نه
ڪئي آھي ۽ لڳي ٿو ته ھنن علائقن ۾ مقامي طور تي
آزاد حڪومتون وجود ۾ اچي چڪيون ھيون. سنڌ جي حوالي
سان پھرين ئي نظر ۾ ٻه ڳالھيون سڀ کان اھم نظر اچن
ٿيون. پھرين ڳالھه ته ميوسيڪانَس جي سنڌ يونانين
کي تمام خوشحال، سکي ستابي ۽ شاھوڪار نظر آئي ھئي.
ٻي ڳالھه ته سنڌ انتظامي طور تي چئن پنجن حصن ۾
ورھايل ھجڻ سان گڏوگڏ،
سياسي طور تي بدنظمي ۽ نفاق جو شڪار پڻ ھئي. سڪندر
طرفان سنڌو ۽ چناب درياھن جي سنگم جي جاءِ
کان وٺي سمنڊ تائين جي علائقي کي ھڪ ئي صوبو قرار
ڏيڻ جو فيصلو ان ڳالھه ڏي اشارو ڪري ٿو ته ان کان
اڳ واري زماني ۾ به ڪجهه عرصي لاءِ سنڌ انھن ئي
علائقن جي وحدت جي بنياد تي موجود رھي ھوندي. گھٽ
۾ گھٽ ايراني سلطنت جي زماني ۾ شايد ائين ئي رھيو
ھوندو ۽ سڪندر ٿوري گھڻي تبديليءَ
سان انھيءَ ايراني طرز تي ئي انتظامي بندوبست ڪيو
ھوندو. اھو ان ڪري به ممڪن لڳي ٿو جو سڪندر اھو
فيصلو سنڌ کي فتح ڪرڻ کان اڳي ئي ڪري پيٿان کي ان
صوبي جي نگھداري ڏئي چڪو ھو. ان ڪري اسين اھو قياس
ڪري سگھون ٿا ته سڪندر مقامي تاريخي ۽ جغرافيائي
حالتن جو ادراڪ ڪندي اھڙو فيصلو ڪيو ھوندو.
جيڪا ڳالھه
وڌيڪ
ڌيان طلب لڳي ٿي،
سا اھا حقيقت آھي ته سنڌ جي مختلف پرڳڻن اندر
موجود حاڪمن جي وچ ۾ ڪو قومي اتفاق موجود ڪونه ھو.
سامبس جي باري ۾ اسان کي اھو ٻڌايو ويو آھي ته
ميوسيڪانَس سان سندس اڻبڻت ھئي ۽ ڪو جھيڙو اڳ کان
ئي ھلندڙ ھو ۽ ھو ميوسيڪانَس کان به شايد اڳي ئي
سڪندر جي سامھون پيش ٿي چڪو ھو،
جنھن مان اھو شڪ ٿئي ٿو ته ھو شايد سنڌ جي حڪومت
حاصل ڪرڻ يا پنھنجي محدود اقتدار کي مضبوط ڪرڻ جي
اميد رکيو ويٺو ھو. آڪسيڪانس جي باري ۾ ٻڌايو ويو
آھي ته ھو درياھه جي ساڄي ڪپ وارن اتر سنڌ جي
علائقن مٿان ميوسيڪانس جي گورنر جي حيثيت ۾ مقرر
ٿيل ھو،
پر ميوسيڪانس جي پيش پوڻ کان پوءِ به ھن
سڪندر سان مھاڏو اٽڪائڻ جو فيصلو ڪيو جنھن جو مطلب
اھو ٿو نظر اچي ته ھو به شايد ميوسيڪانس جي پاليسي
سان سھمت نه ھو ۽ پنھنجي آزاد رياست جي قائم ڪرڻ
لاءِ بغاوت تي آماده ھو. ٽئين پاسي پاتل يا سنڌ جي
لاڙ واري پاسي ۽ درياهه جي ڇوڙ واري علائقي ۾ به
ھڪ خودمختار حڪومت جي ڳالھه ڪئي وئي آھي. مورخ
ڊيوڊورس ٻڌائي ٿو ته انھيءَ رياست جي جوڙجڪ يونان
جي اسپارٽا جھڙي ھئي. انھن وٽ جنگ جي حالت ۾ قيادت
ٻن جدا جدا گھراڻن جي موروثي بادشاھن وٽ ھوندي
ھئي. البت سردارن جي ھڪ جماعت سڄي رياست تي اعليٰ
ترين اختياريءَ
سان حڪومت ھلائيندي ھئي. بھرحال مورخ صرف ھڪ
موئيرس جو
ذڪر ڪيو
آھي. ساڳي طرح ڏکڻ مغربي حدن ۾ به آربيتي قبيلي جي
آزاد حيثيت ڏيکاري وئي آھي.
اسين
اھو وثوق سان چئي سگھون ٿا ته سنڌ ۾ ان وقت ڪا
مرڪزي قوت موجود ڪونه ھئي،
جا سڀني پرڳڻن کي گڏ رکي سگھي ھا يا جنھن گڏ رکڻ
چاھيو ھو. جيئن اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آھي ته سڪندر کي
پنجاب لنگھي سنڌ جي سرحدن تائين پھچڻ ۾ سال ڏيڍ
لڳي ويو ھو ۽ اھو تصور نٿو ڪري سگھجي ته ميوسيڪانس
کي ان جي سڌ نه ھجي. ھڪ وڏو لشڪر ۽ عظيم بادشاھه
جيڪو ايران جي دارا جي سلطنت جو خاتمو ڪري چڪو ھجي
۽ راجا پورس ۽ پنجاب جي علائقن ۾ سخت جنگيون وڙھي
رھيو ھجي،
ان کان سنڌ جو حاڪم ڪيئن غافل رھي سگھي ٿو. اسين
ان کي فقط ناعاقبت انديشي ئي چئي سگھون ٿا،
جو ميوسيڪانس ان خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪي به
ضروري اپاءُ وٺندي نظر نٿو اچي. ٿيڻ ته ائين گھرجي ھا
ته سڪندر سان جنگ يا صلح ٻنھي صورتن ۾ ميوسيڪانس
کي پنھنجي پاڙيسري پرڳڻن جي حاڪمن سان صلاح مشوري
جي ذريعي ڪنھن گڏيل محاذ جو بندوبست ڪرڻ گھرجي ھا،
جيئن علاقائي امن، سلامتي ۽ معاشي مفادن جو تحفظ
ڪري سگھجي ھا. مگر افسوس آھي،
جو ڪنھن به قسم جي دفاعي رٿابندي نظر نٿي اچي.
آخري وقت تي جڏھن دشمن در تي پھچي چڪو ھو،
ميوسيڪانس سڪندر اڳيان پيش ٿئي ٿو ۽ سندس خوشقسمتي
ھئي،
جو سڪندر ساڻس صلح سان پيش آيو ۽ کيس يوناني سلطنت
اندر پنھنجو نمائندو مقرر ڪيائين.
پر اڳتي ھلي برھمڻن جي اثر ھيٺ ھن بغاوت
ڪئي،
جنھن سان ھن پنھنجو انت به آندو ۽ پنھنجا ماڻھو به
مارايا. ان کي ناعاقبت انديشي نه چئجي ته ٻيو ڇا
چئجي.
جيڪڏهن
مزاحمت ڪرڻي ئي ھئي ته ان لاءِ ھن وٽ وڏو وقت ھو ۽
سڪندر جي پھچڻ کان اڳ ئي پنھنجي پاڙيسرين سان گڏجي
ھڪ گڏيل مضبوط محاذ بڻائي ٿي سگھيو. برھمڻن جي
ڪردار متعلق بھرحال اسين اڳتي ذڪر ڪنداسين.
ساڳئي نموني آڪسيڪانس ۽ سامبس جون جنگيون به اسان
کي ڇڙوڇڙ ۽ الڳ ٿلڳ انداز ۾ ٿيندي نظر اچن ٿيون،
جن ۾ ڪنھن دانشمند ۽ مضبوط قيادت جو فقدان نظر اچي
ٿو. آڪسيڪانس جي قلعي واري گھيري ۾ به حاڪم پاڻ
قلعي جي اندر واري محفوظ مقام تي ويٺي نظر اچي ٿو
۽ جنھن وقت سڪندر جون فوجون قلعي جي ٻاھرين مورچن
تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون،
ته ھو پنھنجا ايلچي موڪلي صلح جو پيغام موڪلڻ جي
ڪوشش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سندس موت وڙھندي ٿيو ھو،
پر ميدان ۾ لشڪر جي اڳواڻي ڪندي نظر نه
ٿو اچي.
سامبس به پھرين ته سڪندر اڳيان پيش ٿيندي نظر اچي
ٿو،
پر
ميوسيڪانس سان سندس صلح بعد بغاوت جو علم بلند ڪري
ٿو ۽ ان لاءِ به اڳواڻي ڪندي نظر نه
ٿو اچي،
بلڪه
فرار ٿيندي نظر اچي ٿو. سندس علائقن ۾ به برھمڻ ۽
ٻيون ڌريون سڪندر سان مھاڏو ڪندي نظر اچن ٿيون،
پر
حاڪم جي طرفان ڪنھن مرڪزي ڪردار جو فقدان
نظر اچي ٿو. انھن ڇڙوڇڙ ۽ ڪمزور بغاوتن جو نتيجو
وڏي جاني ۽ مالي نقصان جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.
ڪرٽيس ۽ ڊيوڊورس
ٻنھي اسان کي ٻڌايو آھي ته سامبس جي علائقن ۾
ٿيندڙ جنگين ۾ لڳ ڀڳ،
اسي ھزار ماڻھو ماريا ويا ھئا ۽ بيشمار جنگي قيدين
جي صورت ۾ وڪرو ٿيا ھئا. جيتوڻيڪ اسين سمجھون ٿا
ته اھو انگ يقينا وڌائي ٻڌايو ويو ھوندو ۽ جاني
نقصان ان کان گھڻو گھٽ ھوندو،
ڇو جو ڪرٽيس سامبس جي علائقي جي ھڪ قلعي ۾ ٿيندڙ
ويڙھه ۾ ٽن ھزارن جي لشڪر مان ڇھه
سو مارجي ويل ۽ ھزار کن قيدي ڪيل ڏيکاري ٿو.
جڏھن ته انھن علائقن ۾ ڪي ٻه چار لڙائيون ئي ٿيون
ھيون. بھرحال سنڌ اندر انھن ڇڙوڇڙ ۽ ڪمزور جھڙپن ۾
ناڪامي جو ھڪ سبب گروھي مفاداتي سوچ ۽ ڪمزور قيادت
نظر اچي ٿي.
ھاڻ مناسب لڳي ٿو ته اسين برھمڻن جي بغاوت ۽
مزاحمت جو جائزو وٺون. اسين اڳ ۾ بيان ڪري چڪا
آھيون ته ايرين جي مطابق سامبس،
ميوسيڪانس جي پيشيءَ
کان اڳ سڪندر سان ملي چڪو ھو جنھن کيس جابلو
علائقن جو گورنر پڻ مقرر ڪيو ھو. جڏھن سڪندر جو
ميوسيڪانس سان صلح ٿي ويو،
ته سامبس کي اھا ڳالھه ناگوار گذري ۽ ھن بغاوت جو
قصد ڪيو.
جڏهن ته ڪرٽيس اسان کي ٻڌائي ٿو ته سامبس،
سڪندر سان صلح ڪري چڪو ھو،
پر
سندس شھر جي ماڻھن آڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو.
بلڪه
کيس شھر نيڪالي ڏئي ڇڏي ۽ شھر ۾ داخلي جا دروازا
ئي بند ڪري ڇڏيا. ان شھر ۽ ان جي پسگردائي وارن
علائقن ۾ برھمڻن جي بغاوت ٿي جنھن کي سڪندر سختيءَ سان ختم ڪيو ۽ اھي ئي علائقا ھئا جن لاءِ
چيو وڃي ٿو،
ته اسي ھزار ماڻھن کي قتل ڪيو ويو. ھو. ان ڪري
اسان کي لڳي ٿو ته سامبس ڪا خاص مزاحمت ڪونه
ڏيکاري ھئي ۽ جڏھن سندس ماڻھن بغاوت جو علم بلند
ڪيو ۽ سڪندر سان جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ھن سردار
فرار ٿي وڃڻ ئي مناسب سمجھيو. ھن صورتحال مان اھو
به اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اوچي ذات جي برھمڻن جو
سياست تي تمام گهڻو اثر رسوخ ھو،
جڏھن ته حڪمران سندن
ڳيجهو نظر اچن ٿا.
ساڳي طرح جون حالتون ميوسيڪانس جي پرڳڻي جون به
معلوم ٿين ٿيون. جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آھي ته
سڪندر اعظم جڏھن سامبس جي ملڪ جي برھمڻن جي بغاوت
کي ڪچلي واندو ٿيو،
ته کيس اطلاع مليو ته ميوسيڪانس جي ملڪ ۾ به
برھمڻن جي بغاوت شروع ٿي وئي ھئي ۽ ان لاءِ ھنن
ميوسيڪانس کي ورغلائي ڇڏيو ھو ۽ کيس بغاوت تي
آماده ڪيو ھو. سڪندر پيٿان کي لشڪر سان ان بغاوت
کي ڪچلڻ جو حڪم ڪيو ۽ جنھن وقت ھو موٽي پنھنجي
ڇانوڻي تي پھتو،
ته پيٿان ان بغاوت کي ختم ڪري چڪو ھو ۽ ميوسيڪانس
سندس قيد ۾ ھو. سڪندر کيس حڪم ڏنو ته ميوسيڪانس کي،
سندس ملڪ ۾ ڦاسي ڏني وڃي. اھڙي طرح جيڪي برھمڻ قيد
ٿي چڪا ھئا،
انھن کي به ڦاسي ڏني وئي. اسان کي اھو به شڪ ٿئي
ٿو ته شايد آڪسيڪانس يا پورٽيڪانس جي ملڪ ۾ به
دراصل برھمڻن ئي مزاحمت ڪئي ھوندي، ڇاڪاڻ ته ان حاڪم لاءِ ٻڌايو ويو ھو ته ھو
ميوسيڪانس جو مقرر ڪيل گورنر ھو. ان ڪري اسان کي
ان جو واضح امڪان نظر اچي ٿو ته ٽنھي علائقن ۾
بغاوت،
بنيادي طور تي طبقاتي قسم جي ھئي.
جنھن ۾ مٿئين طبقي جي برھمڻن جو وڏو انگ شامل ھو، جن حڪمرانن جي ڪنھن به صلح جوئي کان صاف
انڪار ڪري مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو. اسان کي
برھمڻن جو حاڪم طبقن جي مٿان فيصله ڪن اثر رسوخ
نظر اچي ٿو جن ناقص ۽ بي سوچي سمجھي انداز ۾ سڪندر
اڳيان مزاحمت ڪئي ۽ ان ۾ ملڪ جو وڏو جاني ۽ مالي
نقصان ڪيو. ائين به محسوس ٿئي ٿو ته سڪندر جنھن
سختيءَ
سان برھمڻن جي بغاوت جو خاتمو آندو ان جو ئي نتيجو
ھو جو پاتل ۽ لاڙ جون حڪومتون صلح ڪرڻ تي مجبور
ٿيون ۽ ماڻھو پنھنجون جاگيرون، زمينون ۽ شھر ڇڏي
ڀڄي ويا ھئا.
آخر ۾ سڪندر اعظم جي سنڌ تي ڪاھه ۽ ان وقت جي سنڌ
جي سياسي ۽ سماجي صورتحال متعلق مٿي ڏنل تاريخي
تفصيل ۽ جائزي جو خلاصو ھيٺ ڏجي ٿو:
1. سڪندر اعظم جي حملي وقت ھندستان جي فتح
ڪيل علائقن ۾ سنڌ سڀن کان وڌيڪ خوشحال ۽ شاھوڪار
رياست ھئي.
2. سنڌ جي اندر قومي وحدت جو ڪو وجود نه ھو.
سنڌ مختلف ٽڪرن ۾ ورھايل ھئي جنھن ڪري ڪا مرڪزي
قيادت موجود نه ھئي ۽ سنڌ بدنظمي ۽ نفاق جو شڪار
ھئي.
3. رياستي معاملن ۽ حلقن اندر ھندو مذھب جي
اوچي ذات جي برھمڻن ۽ مٿئين طبقي جو زياده اثر
رسوخ ھو، جڏھن ته حڪمران طبقو سندن اشاري تي ھلندڙ
ھو.
4.
حڪمران ۽ مٿين طبقن اندر گروھي مفاداتي سوچ حاوي ھئي ۽ سياسي
قوتون ھڪٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ مشغول ھيون. اندروني
خلفشار ۽ ڪمزور قيادت جي باعث سنڌ،
سڪندر جي خلاف ڪو گڏيل محاذ پيدا نه ڪري سگھي ۽
ناقص رٿابنديءَ جي ڪري ڪا قابل قدر مزاحمت نه ڏيکاري سگهي، بلڪه ان بدنظميءَ
جي سبب سنڌ کي جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
5. ان حقيقت جو ادراڪ ڪرڻ گھرجي ته مٿي
ڄاڻايل عنصر سنڌ جي تاريخ جي تقريباً ھر دور ۾
ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ضرور موجود رھيا آھن،
جيڪي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جي راھه
۾ وڏي رڪاوٽ رھيا آھن ۽ رھندا پيا اچن.
مددي ڪتاب:
1)
McCrindle, J. W, The Invasion of India by
Alexander the Great, Westminister, Archibald
Constable and Company, 1896.
2)
Lambrick, H. T, Sindh before the Muslim
Conquest, Sindhi Adabi Board, Hyderabad, Sind,
Pakistan, 1973.
3)
McCrindle, J. W, Ancient India as described by
Megasthenes and Arrian, London, 1877.

قاضي مقصود احمد

”تذڪرهء
حضرت ابو نجيب عبدالقاهر السھرورديرح“
تي
تبصرو
ڪتاب ”تذڪرهء حضرت ابو نجيب عبدالقاهر السھروردي“
اصل ۾ اردوءَ ۾ لکيل آهي، جنھن جو مصنف مولانا
شاهه حسين ميان صاحب قادري چشتي ڦلواري آهي. 168
صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو اردو ڇاپو طالب الموليٰ
اڪيڊمي هالا پاران 2024ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته 136 صفحن
تي مشتمل ڊاڪٽر اسرار احمد علوي جو ڪيل هن ڪتاب جو
سنڌي ترجمو پڻ طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا پاران
جنوري 2025ع ۾ شايع ٿيل آهي. ٻئي ڪتاب سامهون رکي
ان ۾ موجود اهم ڳالھيون چونڊي هتي پڙهندڙن آڏو پيش
ڪجن ٿيو، پر اقتباس لاءِ ڄاڻايل صفحا اردو ترجمي
تان ئي کنيل آهن.
هن تبصري جو مقصد سنڌ ۾ سڀ کان پھرين پھتل تصوف جي
سلسلي ”سھرورديه“ جي بانيءَ جي تعارف سان گڏ ان
سلسلي جي اهميت، پکيڙ ۽ بانيءَ سان نسبي تعلق
رکندڙ سنڌي گهراڻي بابت مختصر طور تي پڙهندڙن کي
واقف ڪرڻ آهي.
حضرت ابو نجيبرح
جو تعارفي خاڪو: پاڻ سھروردي سلسلي جا باني آهن ۽
ڪنھن به تعارف جا محتاج نه آهن. هتي رڳو ڪتاب مان
ڪجهه نقطا سندن شخصيت کي سمجهڻ لاءِ کنيا ويا آهن.
سندن ولادت جي باري ۾ حافظ عبدالڪريم سمناني جي
کانئن ٻڌل روايت سان ٻڌايو ويو آهي، پاڻ فرمايائين
ته ”تحقيقي طور تي ته نه ٿو چئي سگهجي پر لڳ ڀڳ
490هه ۾ منھنجي پيدائش ٿي آهي. (صفحو 11) سندن
ولادت عراق عجم جي علائقي سھرورد ۾ ٿي، جيڪو بغداد
کان ٿورو پري هڪڙو ننڍڙو شھر آهي.(صفحو 11) سندن
نسب ٻارهين پيڙهيءَ ۾ حضرت ابوبڪر صديقرضه
سان ملي ٿو. جيڪو هن ريت آهي:
عبدالقاهر بن عبدالله بن محمد بن عبدالله المعروف
بعمويه بن سعد بن الحسين بن القاسم بن النضر بن
القاسم بن النضر بن عبدالرحمان بن القاسم بن محمد
بن ابي بڪر الصديق رضي الله عنھم اجمعين. (صفحو 9)
هن نسب نامي مطابق سندن شجرو محمد بن ابي بڪررضه
سان ملي ٿو. هيءُ سلسلو مصنف جي تحقيق مطابق صحيح
روايتن تي آڌاريل آهي. اڳتي ڪجهه اهڙين روايتن جو
به ذڪر ڪيل آهي، جن ۾ نالن جي مماثلت ڪارڻ شجري ۾
فرق آيل آهي. (صفحو 10)
سندن خاندان بعد ۾ سھرورد کان بغداد لڏي آيو. اتي
سلجوقي حڪمران الپ ارسلان جي وزيراعظم نظام الملڪ
اڀرندي حصي ۾ دجله جي ڪناري تي ذوالحج 457هه ۾
مدرسه نظاميه جو بنياد وڌو هو. 504هه ۾ ان جي
تجديد ٿي. هن مدرسي جي هٿ هيٺ ڪيتريون ئي جاگيرون
۽ وقف ملڪيتون هيون. شيخ ابو نجيب پڻ هن مدرسي جي
ممتاز عالمن ۾ شمار رهيا ۽ کين مجلس افتاع
(دارالفتاويٰ) جو صدر مقرر ڪيو ويو ۽ کين مفتي
العراقين جو لقب ڏنو ويو. (صفحي 13 کان 15 تائين).
پاڻ ڪيترن ئي بزرگن ۽ مشائخن کان فيض پرايائون.
بغداد ۾ سندن پھريون مرشد حماد بن مسلم الدباس قدس
سره هو (صفحو 20)، جيڪو حضرت غوث الثقلين محبوب
سبحاني قطب رباني سيد شيخ عبدالقادر جيلاني رحمت
الله جو به سڀ کان پھريون مرشد آهي. (صفحو 19)
سندن اصل پير و شيخ و مرشد سندن چاچو حضرت خواجه
وجيھه الدين ابو حفص عمر قدس سره العزيز آهي، جنھن
ننڍپڻ کان ئي کين پنھنجي تربيت هيٺ رکيو. (صفحو
25)
سندن ٻه مشھور سلسلا هن ريت آهن: حضرت حماد الدباسرح،
ان جو مرشد حضرت ابوالڪلام شيخ منصوررح
بطائحي، جنھن جا مختلف مرشد آهن. سڀ کان پھرين
پنھنجي والد شيخ يحيٰ النجاري کان پنھنجي آبائي
سلسلي جو خرقو حاصل ڪيائون، جيڪو ٽن واسطن سان
حضرت شيخ الصوفي ابوبڪر واسطي ذريعي سيد الطائفه
جنيدرح
سان ملي ٿو. (صفحو 22) سندن ٻيو مرشد، شيخ حضرت
امام ابوالفتوح شيخ احمد غزالي قدس سره جن آهن،
جيڪي حجـﺒ الاسلام امام ابوحامد محمد
بن محمد غزالي جا سڳا ڀاءَ ۽ وڏا عالم هئا. (23)
پاڻ، شيخ احمد غزالي جي رهنمائيءَ ۾ طريقت جا
سلسلو طئه ڪيائون ۽ ان سلسلي ۾ سخت رياضتون ۽
مجاهدا ڪيائون. (صفحو 16) سندن ٻه ئي سلسلا معروف
آهن. هڪڙو حضرت شيخ احمد غزاليرح
وارو ۽ ٻيو حضرت شيخ وجيه الدينرح
وارو. (صفحو 27)
کين ٻيو ڀيرو محرم 545هه ۾ مدرسه نظاميه جو
پرنسپال مقرر ڪيو ويو. (صفحو 31) دارالفتاويٰ جو
صدر هئڻ جي ڏينھن ۾ 547هه جو واقعو آهي، ته بغداد
جو مشھور ڪاتب شيخ يعقوب جيڪو نظاميه جي بورڊنگ
هائوس ۾ ٻين فقيھن ۽ شاگردن سان گڏ رهندو هو،
گذاري ويو. جيئن ته سندس ڪو شرعي وارث نه هو، ان
ڪري سلطنت ۽ خلافت پاران جيڪو متولي الترڪات مقرر
هو، اهو مدرسي ۾ آيو ۽ ان جي ڇڏيل مال کي پنھنجي
قبضي ۾ وٺي، جنھن ڪمري ۾ فوتي رهندو هو، ان کي
تالو لڳائي ڇڏيائين. فقيھن ۽ لاڳاپيل استادن ان جي
مزاحمت ڪئي، جنھن تي ڳالھه وڌي وئي. ڳالھه
ايستائين وڃي پھتي جو حاجب،
مدرسي جي ٻن فقيھن کي قيد ڪري ورتو. تنھن تي
نظاميه جي سمورن فقيھن ۽ شاگردن ملي ڪري احتجاج
ڪيو ۽ مدرسي جا در بند ڪري ڇڏيا. شيخ ابو نجيب پاڻ
درٻار خلافت ۾ وقت جي خليفي وٽ پھچي نھايت نوڙت
سان معذرت ڪندي معافي نامو لکرائي موٽي آيو. واقعي
جي ٻن سالن کان پوءِ پاڻ مدرسي جي خدمتن کان
استعفيٰ ڏنائين. (صفحو 32، 33)
هن ڪتاب ۾ سندن انيڪ شاگردن مان ڪجهه شاگردن جا
نالا ڄاڻايا ويا آهن، جن ۾ امام فخرالدين واسطي،
قاضي ابوالفتوح تڪريني، علامه ڪمال الدين ابو
البرڪات ابن الانباري، شيخ ابو ذڪريا تڪريني،
علامه ابن الغبيري، حافظ ڪبير ابن عساڪر، علامه
حافظ قاسم ابن عساڪر، ابوالبرڪات محدث، ابو احمد
ابن سڪينا محدث، حافظ عبدالڪريم سمعاني وغيره شامل
آهن. (صفحو
33،34)
حضرت شيخ ابوالنجيب رح شافعي مذهب (فقه) جا
پيروڪار هئا. (صفحو 61) شيخ ابو النجيب سھروردي ۽
غوث الثقلين شيخ عبدالقادر جيلانيرح
جو مرشد ساڳيو شيخ حضرت شيخ المشائخ حماد الدباس
قدس سره هو. حضرت ابوالنجيب ۽ غوث الاعظم هڪٻئي جي
نھايت گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. (صفحو47 ، 48)
سندن وفات 563هه ۾ ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن وقت جي ۽
کانئن پوءِ پيدا ٿيل وڏن وڏن بزرگن جا سندن شخصيت،
علمي مقام ۽ طريقت جي سلسلي جي حوالي سان اقتباس
نقل ڪيل آهن ۽ ڪتاب مان حاصل ڪيل مٿي لکيل نقطا به
ڪتاب مان اختصار سان چونڊيا ويا آهن، جن کي تفصيلي
حوالن سان ڪتاب ۾ ڏسي سگهجي ٿو. سندن هڪ ئي ڪتاب
مشھور و معروف آهي، جنھن جو نالو ”آدابِ مريدين“
آهي. (نوٽ: ان ڪتاب
”آداب مريدين جو سنڌي ترجمو پڻ طالب الموليٰ
اڪيڊمي پاران جنوري 2025ع“ ۾ شايع ڪيو ويو آهي،
جنھن جو ترجمو به ڊاڪٽر اسرار احمد علوي صاحب ڪيو
آهي. )
سھروردي سلسلي جي اوسر بابت ڄاڻ: سھروردي سلسلو،
جيڪو سندن پيدائش جي شھر سان منسوب آهي، ڪتاب مان
اها خبر ڪانه ٿي پئي ته ان تي اهو نالو پاڻ
رکيائون يا سندن مريدن اها شناخت اختيار ڪئي. اهو
سلسلو کانئن پوءِ خاص طور تي سندن ٻن خليفن جي
نسبت سان هليو. جن مان هڪڙو سندن ڀائيٽيو حضرت شيخ
شھاب الدين ابو حفص عمر سھرورديرح،
جنھن سلسلي جي نالي ”سھرورديه“ کي قائم رکيو ۽ ٻيو
سندن شاگرد خليفو شيخ نجم الدين ڪبريٰ، جنھن جي
نسبت سان هن سلسلي جي شاخ ”ڪبروي سھروردي“ جاري
ٿيل آهي.
هن ڪتاب جي مصنف ”مرآة الاسرار“ جي حوالي سان لکيو
آهي ته ”حضرت شيخ جا خليفا هونئن ته ڪيترائي بزرگ
هئا، پر سندن سلسلو خاص طور تي حضرت شيخ الشيوخ
شھاب الدين سھروردي ۽ شيخ المشائخ خواجه نجم الدين
ڪبريٰ جي ذريعي تمام گهڻو پکڙيو. شيخ الشيوخ جو
سلسلو ته سھرورديه سڏيو ويو، پر حضرت شيخ ڪبريٰ جو
طريقو ڪبرويه ۽ پوءِ ”فردوسيه“ جي نالي سان مشھور
ٿيو. (صفحو 62) هتي پنھنجي پاران رڳو ايتري وضاحت
ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته ”فردوسيه“،
ڪبروي سلسلي جي فقط هڪ شاخ آهي، جنھن تي اهو نالو
هند جي هڪ بزرگ جي نسبت سان پيو آهي. باقي ڪبروي
طريقو اڄ به رائج آهي.
سنڌ ۽ هند ۾ سڀ کان پھرين پھتل سلسلن جو ذڪر: ميسر
معلومات جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته خاص طور تي
موجوده سنڌ جي خطي ۾ سڀ کان پھرين پھتل صوفي سلسلو
”سھروردي“ آهي. جڏهن ته هند ۾ سڀ کان اڳ چشتي
سلسلو پھتو هو، ان بعد سھروردي سلسلو پھتو.
هن ڪتاب ۾ حضرت شيخ الشيوخ شھاب الحق و الشرع
والدين عمر السھرورديرح
جي سلسلي جي بزرگن جا نالا ڏنا ويا آهن، جن ۾ سنڌ
۽ هند جي بزرگن جا نالا به ڏسي سگهجن ٿا. ”حضرت
شيخ الاسلام غوث الانام بھاءُ الدين زڪريا ملتاني،
حضرت شيخ نجيب الدين علي بزعش الشيرازي، حضرت شيخ
ابوالمحامد ظھيرالدين زنجاني، حضرت شيخ شمس الدين
صفي شيرازي، حضرت شيخ محمد يمني، حضرت قاضي
حميدالدين ناگوري، حضرت شيخ الاسلام سيد نورالدين
مبارڪ غزنوي، حضرت شيخ جلال تبريزي، حضرت شيخ
ضياءُ الدين رومي، حضرت شيخ مصلح الدين سيدي
شيرازي، حضرت نجم الدين صغرا، حضرت شرف الحق
والدين محمد شاه تستري مريدان و خلفاءُ حضرت شيخ
الشيوخ عصر حضرت شيخ صدرالدين عارف بن بھاءُ الدين
زڪريا، حضرت سيد جلال ڪبير بخاري جد بزرگوار مخدوم
جھانيان، مولانا احمد دمشقي و حضرت مولانا
فخرالدين عراقي، حضرت امير حسيني سادات، حضرت
خواجه حسن افغان، و شيخ جمال اوچي خنده رو وغيرهم
(مريد ۽ خليفا حضرت بھاءُ الدين زڪريا ملتاني جا).
شيخ صلاح الدين درويش سيستاني قريشي، حضرت شيخ رڪن
الدين ابوالفتح بن شيخ صدرالدين بن شيخ از خلفاءِ
صدر الدين عارف شيخ ڪبير بھاءُ الدين زڪريا ملتاني
۽ حضرت سيد السادات مخدوم جھانيان سيد جلال الدين
بخاري ۽ حضرت شيخ حاجي صدرالدين چراغ هند (شيخ رڪن
الدين ابوالفتح جا مريد ۽ خليفا)، حضرت شيخ
صدرالدين سيد راڄو قتال بخاري، ۽ شيخ سراج سوخته ۽
مخدوم اخي جمشيد راجگيري ۽ مير سيد علم الدين
پلائين ۽ حضرت شيخ قيام الدين لکنوي، ۽ مخدوم شيخ
سارنگ ۽ حضرت مخدوم شيخ مينا چشتي سھروردي لکنوي ۽
حضرت سيد اجمل ڀرائچي، (مخدوم جھانيان جا خليفا) ۽
برهان الدين قطب عالم سيد عبدالله ابن سيد ناصر
الدين محمود بن حضرت مخدوم جھانيان (جانشين آباءِ
خود) ۽ مولانا سماءِ الدين دهلوي (مريد قطب عالم)
۽ مولانا شيخ جمالي سھروردي (مريد مولانا سماءِ
الدين)، حضرت شيخ عبدالرحمان بن شيخ نجيب الدين
علي بن بزعش الشيرازي ۽ قدوه ارباب عرفان حضرت
سعيد الدين فرغاني ۽ حضرت شيخ نصرالدين عبدالصمد
نطيري (اجله خلفاءِ شيخ نجيب الدين شيرازي) ۽ شيخ
عزالدين محمود ڪاسي ۽ ملا ڪمال الدين عبدالرزاق
ڪاشي ۽ شيخ نجم الدين اصفھاني (خلفاءِ شيخ
عبدالصمد نطزي خليفه شيخ نجيب الدين شيرازي ۽ شيخ
زين الدين ابوبڪر خيافي (بواسطه مريد و خليفه شيخ
نجيب الدين) شيخ احمد نھروانگ ۽ شيخ شاهي موئي تاب
(قاضي حميد الدين ناگوريءَ جا خليفا) ۽ مير سيد
امير ماه ڀڙائچي (بيڪ واسطه مريد و خليفه شيخ
الشيوخ) وغيرهم. (صفحو 62، 63)
سھروردي سلسلي مان نڪتل ٻيا سلسلا: هن ڪتاب ۾
سھروردي سلسلي جا هيٺيان سلسلا ڄاڻايا ويا آهن.
خلوتيه: جيڪو محمد خلوتي جي نالي سان قائم آهي.
اهو بزرگ شيخ ابراهيم زاهد گيلاني جو مريد ۽ خليفو
هو. (صفحو 74)
صفويه: جيڪو حضرت صفي الدين اردبيلي جي نالي سان
قائم آهي. اهو بزرگ به شيخ ابراهيم زاهد گيلاني جو
مريد ۽ خليفو هو. (صفحو 74)
شھابيه سھرورديه: ڇھين صدي هجريءَ جي آخر ۾ شھاب
الدين جگجوت، جيڪو سھروردي سلسلي جو بزرگ هو، بھار
جي علائقي ۾ اچي رهيو. سندس نالي سان هيءُ سلسلو
هليو. (صفحو 76)
عيد روسيه سھرورديه: جنھن جو باني حضرت عيد روس
قدس سره هو. (صفحو 74) عربيءَ ۾ عيد روس، شينھن کي
چوندا آهن. هن سلسلي جو باني شيخ عبدالله بن ابي
بڪر (بن حبيب بن حسين بن احمد) عيد روسيه اڪبر به
سڏيو ويندو آهي، جيڪو يمن جي علائقي جي سادات مان
ٿي گذريو آهي. هن نسل جا بزرگ هندستان ۾ به رهن
ٿا.
نوربخشيه ڪبرويه: هن سلسلي جي سند ۾ شيخ نجيب
الدينرح
کان مٿي حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جو نالو به اچي
ٿو. مصنف جو چوڻ آهي ته اهو سلسلو مٿي قادريه
نجيبيه به آهي.(صفحو 91)
رشيديه: هي سلسلو حضرت ديوان شاهه عبدالرشيد
جونپوري (وفات 1083هه) جي نالي سان منسوب آهي.
(صفحو 81)
سھرورديه قادريه: مصنف لکي ٿو ته يارهين يا ٻارهين
صدي هجري ۾ لڳ ڀڳ سڄي بھار صوبي ۾ قادري سلسلي جي
بزرگن جي استقامت جو رواج پئجي ويو، پر گهڻي قدر
انھيءَ قادري سلسلي جو ڦھلاءُ ٿيو، جيڪو حضرت شيخ
شيوخ العالم شھاب الدين سھروردي و شيخ الڪل في
الکل حضرت ضياءُ الدين ابو نجيب سھروردي جي فيض جي
دامن سان لاڳاپيل هو. ان ڪري خود حضرت ديوان
عبدالرشيد صاحب
رحمت الله عليه جو سلسلو سھرورديه قادريه هو. ان
کان سواءِ ٻين به گهڻن بزرگن جو قادري سلسلو، جيڪو
رشيديه سلسلي کان اڳ هتي موجود هئا، اهي سھرورديت
سان گڏ هئا. (صفحو 84)
فردوسيه ڪبرويه سھرورديه: هيءُ سلسلو بھار جي
علائقي جي بزرگ حضرت مخدوم جھان شيخ شرف الحق
والدين احمد بن يحيٰ منيري جي اولاد مان مخدوم شاه
دولت فردوسي منيري جي نسبت سان قائم آهي. (صفحو
79، 84). اهو بزرگ مريد
هو جمال الدين حافظ منجهن جلال ناصحي جو ۽ اهو
مريد هو شيخ عبدالغفار بن قاسم عرف سيد حسن دلوي
جو ۽ اهو مريد هو شيخ يوسف علاءُ بخاري جو ۽ اهو
مريد هو حضرت صدرالدين راجو قتال بخاري جو ۽ اهو
مريد هو مخدوم جھانيان سيد جلال الدين بخاري جو ۽
اهو مريد هو حضرت شيخ معمر شرف الحق والدين حاجع
محمود شاهه بن الحسين التستري جو ۽ اهو مريد هو
حضرت شيخ الشيوخ ضياءُ الدين ابو النجيب سھروردي
جو ۽ اهو مريد هو سيد ابو محمد عبدالقادر جيلانيرح
جو. (صفحا 78، 79 84، 85) هن شجري ۾ مخدوم جھانيان
جلال الدين سرخ بخاري کان مٿئين سلسلي ۾ حضرت شيخ
عمار ياسر جو نالو ڏنو ويو آهي. جنھن جي باري ۾
ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته پاڻ اندلس جو رهاڪو هو. حضرت
ضياءُ الدين ابو النجيب سھروردي جي وڏن خليفن ۾
شامل هو. حضرت عمار ياسر، شيخ نجم الدين ڪبريٰرح
جو مشھور شيخ ۽ مرشد هو.
ڊاڪٽر عابد مظھر، ”شاهه لطيف جي دور ۾ تصوف جا
سلسلا“،
جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنھن ۾ سڀني معروف
سلسلن ۽ ان سان لاڳاپيل سنڌ جي بزرگن جو احوال به
ڏنو آهي. هن ۾ مٿين سلسلن مان ڪن سلسلن سان گڏ
موليه (مولويه) روميه سھرورديه (مولانا روميءَ جو
جاري ڪيل سلسلو، جيڪو هڪ نسبت سان ڪبروي سھروردي
ڄاڻايل آهي ۽ ٻيءَ نسبت سان قطب الدين ابھري جي
واسطي سان حضرت ابو نجيب سھروردي تائين پھچايل
آهي)، جلاليه ۽ بخاريه سھرورديه (جيڪو مخدوم
جھانيان جي نسبت سان مخدوم بھاءُ الدين ذڪريارح
کان ٿيندو حضرت ابو نجيبرح
تائين پھچي ٿو)، شطاريه سھرورديه (جيڪو شيخ
عبدالله شطاري جي نالي سان مشھور آهي)، ابراهيم
سوقيه سھرورديه (جيڪو مصري بزرگ ابراهيم سوقي جي
نالي سان منسوب آهي)، رسول شاهيه سھرورديه (جيڪو
مخدوم جھانيانرح
جي خليفي رسول شاهه جي نالي سان منسوب آهي) ۽ سدا
سھاڳيه (جيڪو سيد موسيٰ شاهه احمد آبادي جي نالي
سان منسوب آهي) نالي ٻين سلسلن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.
اهو ڪتاب ثقافت کاتي سنڌ پاران 2012ع ۾ شايع ٿيل
آهي ۽ هن موضوع سان دلچسپي رکندڙن کي ضرور نظر مان
ڪڍڻ گهرجي. هيءُ ضمني احوال ڊاڪٽر عابد مظھر جي
مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب جي 171 کان 180 صفحن تان کنيل
آهي.
”شيخ“ لفظ جي اصطلاحي وضاحت ۽ سلسلي ۾ ايندڙ اضافي
نالا:
جيئن تي حضرت نجم الدين ڪبريٰ سڌيءَ طرح حضرت
ضياءُ الدين ابو نجيب جو مريد هو، ان ڪري هن سند ۾
حضرت عمار ياسر جو نالو هڪ لحاظ کان تحقيق طلب
آهي. مصنف هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”صوفي
محققن
وٽ شيخ ٽن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙو شيخِ خرقه، ٻيو
شيخ ذڪر، ٽيون شيخ صحبت ۽ شيخ صحبت ئي انھن مان
اتم ۽ اڪمل آهي ۽ اهو ئي حقيقي شيخ آهي“. (صفحو
146)
هن
جي وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي مصنف لکي ٿو ته ”ساڳيءَ
طرح حضرت نجم الدين ڪبريٰ سڌيءَ طرح حضرت شيخ
ابوالنجيب جو خليفو هو ۽ فردوسيه طريقي جي شجري ۾
سندن نالو سڌيءَ طرح حضرت شيخ سھروردي سان جڙيل
آهي، پر جيئن ته سندن تعليم ۽ تربيت،
صحبت ۽ خرقه پوشي حضرت شيخ الاماجد و الاڪابر حضرت
عمار ياسر خليفه اجل و اڪمل شيخ ابوالنجيب سھروردي
کان به ٿيل آهي، ان ڪري اڪثر سلسلن ۾ حضرت عمار جو
واسطو به موجود آهي. جيئن نوربخشيه ڪبرويه سلسلي
جي شجري ۾ حضرت شيخ ابوالنجيب کان پوءِ حضرت شيخ
عمار ياسر جو نالو به آيل آهي، جنھن کان پوءِ حضرت
نجم الدين ڪبريٰ جو نالو به ڏنل آهي“. (صفحو 90)
شيخ ابو نجيبرح کي شيخ عبدالقادر
جيلانيرح جو مريد ڪوٺڻ ۽ قادري سھروردي
سلسلو:
مصنف، سنڌ ۾ آيل حضرت ابونجيبرح
جي نالي جي بنياد تي ديوان شاهه عبدالرشيد جي
قادري سلسلي ۽ سيد فضل الله گوشائين! بھاري قدس
سره العزيز
جي قادري سلسلي کي به قادري سھروردي ڪوٺيو آهي.
(صفحو 84، 85) وري ٻيءَ جڳھه تي تاج العارفين پير
مجيب قدس الله
تعاليٰ جو اصل طريقو به قادري طريقو آهي، جنھن ۾
سندن پير خواجه عمادالدين قلندر ڦلوارويرح
جي بيعت ڪئي هئائين، اهو به سھروردي قادري آهي ۽
حضرت شيخ الشيوخ شھاب الدين سھرورديرح
جي واسطي سان پھتل آهي. (صفحو 87)
اڳتي مثال لاءِ ڏنل شجرو هن ريت آهي ”اهڙيءَ طرح
(پير مجيب قدس سره جو) طريقت جو شجرو هن ريت آهي
ته حضرت غوث الثقلين کان پوءِ حضرت شيخ شھاب الدين
سھروردي، ان کان پوءِ حضرت سيد نورالدين مبارڪ
غزنوي رح، پوءِ حضرت سيد نظام الدين مبارڪ، پوءِ
حضرت نجم الدين غوث الدهر، پوءِ حضرت قطب الدين
بينادل، پوءِ ان جو فرزند حضرت شيخ محمد قطب
جونپوري، پوءِ حضرت شيخ عبدالسلام، پوءِ حضرت شيخ
عبدالقدوس جونپوري، پوءِ حضرت شاه مجا قلندر، پوءِ
حضرت عبدالرسول راجگيري، پوءِ حضرت سيد فاضل
ساڌوري، پوءِ حضرت خواجه عماد الدين قلندر، پوءِ
حضرت تاج العارفين شاه محمد مجيب الله قادري (رحمت
الله تعاليٰ و رضوانه عليھم). اهو سلسلو جيتوڻيڪ
قادري آهي ۽ حضرت شيخ الشيوخ جي پنھنجي مرشد ۽ شيخ
حضرت غوث الاعظم تائين پھتل آهي، پر جيئن ته سندن
اصل پير ۽ شيخ طريقت سندن عم بزرگوار (چاچو) حضرت
خواجه ضياءُ الدين ابو النجيب سھرورديرح
هو، ان ڪري جڏهن اهو سلسلو سندن واسطي سان آهي ته
حضرت شيخ ڪبير شيخ ابو النجيب جو تعلق ۽ نسبت ۽
فيض کان
به ڪنھن به طرح ڌار نه آهي. ان ڪري اڪثر طريقت جي
سلسلن ۾ حضرت شيخ الشيوخ ۽ حضرت غوث الثقلين جي وچ
۾ خود حضرت شيخ ضياءُ الدين ابوالنجيب سھروردي جو
نالو به ڏنل آهي. (صفحو 87، 88، نوٽ: هيءُ حوالو
”مراد المريدين“ نالي ڪتاب تان کنيل آهي) اڳتي
لکيل آهي ته ”اهو طريقو قادريه نجيبيه ٿيو ۽ ضياءُ
الدين ابوالنجيب، قادري سلسلي جي پيرن مان ڳڻبو ۽
اها ڪا اچرج جوڳي ڳالھه ڪانھي، ڇو ته حضرت
ابوالنجيب جو هڪڙو خرقه قادريه اهو به آهي ۽ پاڻ
حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جي خليفن مان آهن.
(صفحو 88)
ان بيان جي باوجود حضرت ابو نجيبرح
جي قادري سلسلي ۾ ارادت تحقيق طلب آهي. تنھنڪري
مذڪوره سلسلي ۾ جيڪڏهن حضرت شيخ عبدالقادر گيلانيرح
جو حضرت شيخ ابونجيب عبدالقاهر جي مرشد طور نالو
ڏنل به آهي ته منھنجي خيال ۾ ان کي تبرڪ طور ڏنل
نالو سمجهڻ گهرجي.
هن ڪتاب ۾ شيخ ابو نجيب عبدالقاهررح
جون ڪرامتون به بيان ڪيل آهن. ان کان علاوه شيخ
نجم الدين ڪبريٰ ۽ شيخ شھاب الدين ابوالحفصرح،
روزبهان بقلي، عمار ياسررح،
شيخ عبدالله مطررح، شيخ ابوالمظفر
عبدالصمدرح، شيخ ڪمال الدين ابوالبرڪات
ابن الانباري جو مختصر تعارف پڻ پيش ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ سھروردي سلسلي بابت بابت وڌيڪ معلومات:
جيئن ته مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته روايتن جي آڌار تي
تصوف جي سلسلن مان سڀ کان پھرين سھروردي سلسلو سنڌ
۾ پھتل آهي. پر هن ڪتاب ۾ هند جي علائقن يا آڳاٽي سنڌ جي سھروردي
سلسلي جي بزرگن جو ذڪر ڪيل آهي. ان لحاظ کان ڪتاب
مڪمل آهي. اضافي معلومات مطابق ٻڌائبو هلجي، ته
سنڌ ۾ سھروردي سلسلو جو پھريون معلوم بزرگ حضرت
مخدوم نوح بکريرح
آهي، جيڪو صديقي نسب مان حضرت شيخ شھاب الدين ابو
الحفص سھروردي جو مريد ۽ خليفو هو، جيڪو سنڌ جي
تاريخي شھر بکر جو رهائشي هو. حضرت بھاءُ الدين
ذڪريا ملتانيرح، جڏهن شيخ شھاب الدين سھروردي جو مريد
ٿيو ته موٽڻ مھل شيخ شھاب الدين ابو حفص سھرورديرح
کين شيخ نوح بکريرح
سان ملڻ جو حڪم ڏنو، پر اتي پھچي کين خبر پئي ته
شيخ نوح بکريرح وفات ڪري چڪو آهي. ٻيو بزرگ سيد محمد مڪي
بن سيد محمد شجاع سھروردي هو، جيڪو حضرت شيخ شھاب
الدين ابو حفص عمر سھرورديرح
جو ڏهٽو هو ۽ مڪي کان خوارزم ۽ پوءِ اتان لڏي اچي
بکر ۾ رهيو هو.
اهي ٻئي سھروردي سلسلي جا بزرگ هئا.
مخدوم بلاول جي ڪبروي سلسلي بابت واڌو معلومات:
سنڌ ۾ ڪبروي سھروردي سلسلو مخدوم بلاولرح
کان شروع ٿيل لڳي ٿو. مخدوم بلاولرح
جي سلسلي جي باري ۾ ڪتاب خاموش آهن. مون پنھنجي
لاشعوري مطالعي واري دور ۾ ورتل ذاتي نوٽس تحت
1989ع ۾ ڪنھن ڪتاب مان پڙهيل سندس مرشد ۽ ان جي
مرشد طور شيخ دوست علي همداني ۽ سيد علي همداني جو
نالو لکي ڇڏيو هو، جيڪو هن وقت حوالي کان سواءِ
هتي ڏجي ٿو، جنھن مطابق پاڻ شيخ دوست علي همداني
جو مريد هو. اهو سلسلو هن ريت آهي: شيخ دوست علي
همداني، او مريد سيد شمس الدين علي همداني(متوفي
786هه) او مريد شيخ شمس الدين مزدقاني(متوفي766هه)
او مريد ابوالمڪارم علاؤالدين سمناني (متوفي 22
رجب 736هه) او مريد نورالدين عبدالرحمان
اسفرائني(متوفي 14 جمادالاول 695 هه) او مريد جمال
الدين احمد جوزقاني(متوفي669هه) او مريد رضي الدين
علي لالا غزنوي (متوفي 3ربيع الاول 642هه) او مريد
شيخ مجدالدين بغدادي (متوفي 617هه) او مريد
شيخ
نجم الدين ڪبريٰ
خوارزمي (ولادت 540هه تاتارين جي جنگ ۾ 1
جمادالاول 616هه ۾ شھيد ٿيو.) او مريد عمار ياسر،
او مريد ابوالنجيب سھروردي، او مريد شيخ احمد
غزاليرح،
او مريد ابوبڪر نساج ، او مريد ابوالقاسم گرگاني،
او مريد خواجه ابوالعثمان مغربي، او مريد ابو علي
ڪاتب، او مريد شيخ علي رودباريرح، او مريد سيدالطائفه حضرت جنيد بغداديرح.
سلسلي جي بزرگن جو مختصر
تعارف هن ريت آهي:
شيخ ابوالحسن نوري ابو حمزه بغدادي ابن الجلاءِ،
شيخ جنيد بغداديءَ جو خليفو هو. بعد ۾ بغداد مان
مصر هليو ويو. اتي ئي 322هه بمطابق 934ع ۾ وفات
ڪيائين. سندن شاگرد ۽ خليفو ابو علي ڪاتب
(رودباري) هو. جنھن جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته مون
ان جيترو، ٻئي ڪنھن ۾ حقيقت ۽ شريعت جو علم گڏ نه
ڏٺو آهي.
احمد بن محمد بن القاسم بن منصور المعروف شيخ ابو
علي رودباري، شيخ ابوالحسن نوري ابو حمزو بغدادي
ابن الجلاءِ جي صبحت ۾ رهيو ۽ خلافت جو خرقو
اوڍيائين.
حضرت ابو عثمان سعيد بن سلام المغربي (وفات
373هه)، جيڪو ابو علي رودباري جو شاگرد هو. مصر جي
وڏن مفڪرن ۽ صوفي بزرگن مان هو. 130 سالن جي عمر ۾
وفات ڪيائين.
ابوالقاسم علي گرگاني (ولادت 380هه مطابق 990ع
وفات 450هه مطابق 1058ع) ايران جي شھر گرگان ۾
پيدا ٿيو. ابو العثمان مغربيءَ کان علم پرايائين.
شيخ ابوالحسن خرقاني ۽ ٻين ٽن واسطن سان جنيد
بغدادي سان باطني طريقي سان جڙيل آهي.
ابوبڪر طوسي نساج: هيءُ گمنان رهندڙ بزرگ هو. پر
امام ابو حامد محمد غزالي ۽ سندس ڀاءُ پير طريقت
احمد غزالي سندس شاگرد ۽ مريد هئا.
مجدالدين ابوالفتح احمد بن محمد غزالي، امام غزالي
جو ننڍو ڀاءُ شافعي فقه سان تعلق رکندڙ ۽ طريقت جو
وڏو امام هو. پاڻ طوس ۾ 22 صدي عيسويءَ ۾ پيدا ٿيو
۽ سندن وفات 1126ع ۾ قزوين ۾ ٿي. شيخ ابو نجيب
عبدالقاهر طريقت ۾ سندن مريد هو.
احمد بن عمر بن محمد الخوافي الخيوقي الخوارزمي
المعروف شيخ نجم الدين احمد ڪبريٰ (ولادت540هه
مطابق 1145ع وفات 10 جمادي الاول 618هه مطابق 2
جولاءِ 1221ع) پاڻ خيوا شھر ۾ پيدا ٿيو. ڪن روايتن
مطابق عمار ياسر سندن مرشد هو ۽ ڪن روايتن مطابق
سڌيءَ طرح شيخ ابو نجيب سھرورديءَ کان فيض حاصل
ڪيو هئائين. اهو مسئلو هن ڪتاب ۾ مصنف جي سمجهاڻين
سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڪبرويه سھرورديه
سلسلو سندس نالي سان شروع ٿيو. سندس مشھور شاگردن
۾ بھاءُ الدين ذڪريا ملتاني، سيف الدين باخرزي ۽
سعد الدين حموي شامل آهن. شھادت کان پوءِ ڪھنه گنج
۾ سندن تدفين ٿي، جيڪو ترڪمانستان جي صوبي داشوغوز
۾ آهي.
ابو سعيد ابوالفتح شيخ مجدالدين بغدادي (ولادت
554هه مطابق 1159ع وفات 23 ربيع الآخر 607هه يا ڪن
جي چوڻ مطابق 610هه ۾ شھيد ٿيو) بن شرف بن مويد بن
ابي الفتح بغدادي. شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي هٿ تي
بيعت ڪري خلافت جو خرقو اوڍيائين. نيشاپور ۾ شيخ
نجم الدين ڪبريٰ جي مزار ۾ آرامي آهي.
رضي الدين علي لاله غزنوي بن سعيد بن عبدالجليل،
جيڪو حڪيم سنائي جو سوٽ هو. حج لاءِ خراسان آيو.
شيخ نجم الدين ڪبريٰ خوارزم ۾ هو ته اتي ملڻ ويس،
پر ان سان ملاقات کان اڳ مجدالدين جو مريد ٿيو.
شيخ جمال الدين احمد جوزقاني رحمت الله عليھ (وفات
20 ربيع الاول 669هه)، پاڻ شيخ رضي الدين علي لاله
غزنوي جو مريد هو.
نورالدين عبدالرحمان اسفرائني (7 اپريل 1242ع کان
1317ع ڌاري) ڪبروي سلسلي سان لاڳاپيل ايراني بزرگ
هو. سندس مرشد شيخ احمد ذاڪر جرجاني هو. سندن
مشھور خليفو علاءُ الدين سمناني هو. وڏو عرصو
بغداد ۾ رهيو ۽ اتي ئي مدفن اٿس.
رڪن الدين علاءُ الدين سمناني (1261ع کان 6 مارچ
1336ع) ستين صدي هجريءَ جو هڪ صوفي بزرگ ۽ شاعر
هو، جيڪو ايران جي شھر سمنان ۾ پيدا ٿيو. پاڻ
نورالدين عبدالرحمان اسفرائني جي صحبت ۾ رهيو ۽
خلافت جو خرقو اوڍيائين. محمود مزدوقاني سندس مريد
۽ خليفو هو. سيد علي همداني ۽ اشرفيه سلسلي جو
باني مخدوم اشرف جھانگير سمناني به سندن فيض يافتن
مان هئا.
شمس الدين محمود مزدقاني ايران سان تعلق رکندڙ هڪ
صوفي بزرگ هو. هن علاءُ الدين سمناني کان طريقت جو
علم حاصل ڪيو. سندس مشھور خليفو سيد علي همداني
هو.
شمس الدين سيد علي همداني (714هه کان 786هه) بن
شھاب الدين حسن همداني، همدان ۾ پيدا ٿيو.
پاڻ ڪبروي سھروردي طريقي ۾ محمود مزدقاني جو مريد
هو. 700 ڄڻن سان گڏ ڪشمير ۾ آيو. جن ۾ بزرگ به هئا
ته مختلف پيشن سان جڙيل ماڻهو به هئا. سندس مريد
همدانيه جي نسبت سان سڃاتا وڃن ٿا. مدفن ڪولاب
(تاجڪستان) ۾ اٿس.
دوست علي همداني: هن بزرگ جو احوال نه ملي سگهيو
آهي. جيڪڏهن مخدوم بلاول جو سلسلو اهو ئي ثابت ٿئي
ٿو ته 786هه ۾ وفات ڪيل شمس الدين علي همداني ۽
856هه ۾ پيدا ٿيل مخدوم بلاول جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ
هڪ شيخ جو واسطو هئڻ لازمي آهي، جيڪو دوست علي
همداني ٿي سگهي ٿو.
مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته مخدوم بلاول سان جڙيل پويان
ٻه نالا لاشعوري مطالعي جي دور ۾ محفوظ ڪيل آهن.
ان ڪري هن سلسلي جي صحت جي ڪا به دعويٰ ڪانھي، رڳو
ان کي تحقيق لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. باقي اها ڳالهه
مڃيل آهي ته مخدوم بلاولرح جو سلسلو
ڪبروي سھروردي هو.
مخدوم بلاول بن مخدوم حسن بن ادريس سمون (ولادت
856هه مطابق1451ع) جي شھادت ارغونن جي دور ۾ ٿي.
سندن شھادت جي مشھور تاريخ پھرين محرم 929هه مطابق
26 نومبر 1522ع تي ٿي.
سندن خليفن مان ست خليفا مشھور رهيا آهن. سيد حيدر
سنائي (سن، ضلعو دادو)، مخدوم ساهڙ لنجار المعروف
بلالي بادشاه، مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم مٺو
(مزار مڪلي، ٺٽو)، مخدوم حسن عرف بلالي (مقبرو
ڀاڻوٺ لڳ هالا)، مخدوم سعد عرف ساند، (نزد سڪرنڊ،
جيڪو کنيارين وارين ميئن صاحبان جو جد هو)، مخدوم
هڱورو، مزار تعلقو مورو). ان کان علاوه شيخ ٽيھر
به مخدوم بلاول جي خليفن ۾ شامل آهي.
مخدوم بلاول کان پوءِ صديقي خانوادي جي عظيم بزرگ
حضرت مخدوم نوح عليھ الرحمت جو نالو سنڌ ۾ سھروردي
سلسلي کي منظم ڪرڻ ۽ پکيڙڻ ۾ نمايان آهي.
حضرت غوث الحق مخدوم نوحرح جو سھروردي
سلسلو: حضرت غوث الحق مخدوم نوحرح،
سھروردي سلسلو، اويسي نسبت سان سڌيءَ طرح حاصل ڪيو
هو. ان ڪري هن سلسلي جو نالو سھروردي اويسي سروري
آهي، جيڪو سھروردي سلسلي جي هڪ الڳ شاخ آهي
۽ مخدوم نوحرح جي فرزندن ۽ وڏن خليفن
جي ذريعي سندن حياتيءَ ۾ ئي نه رڳو موجوده
پاڪستان؛ بلڪه هندستان جي علائقي ۾ به پکڙجي
چڪو هو ۽ ان دور ۾ ئي نو لکي گودڙيءَ طور مشھور به
ٿي چڪو هو.
مخدوم
بلاول پنھنجي شھادت ۽ خود مخدوم نوح رح جي ولادت
کان اڳ سيد حيدر سنائيرح کي سندن لاءِ
هڪ امانت ڏني هئي، جيڪا انھن کين پھچائي. اها
دراصل حضرت مخدوم نوحرح جي ولادت ۽
بزرگيءَ جي بشارت هئي.اهو معاملو چٽو ٿيل آهي ته
مخدوم بلاول شھيد جي خليفو مخدوم ساهڙ لنجاررح
بعد ۾ حضرت مخدوم نوحرح جي مريدن جي
سلسلي ۾ داخل ٿيو. اهڙيءَ طرح بلالي سلسلي جو
ڳانڍاپو سروري سلسلي سان به ٿيو؛ پر مخدوم بلاول
جا سڀ وڏا خليفا مخدوم نوحرح جي مدفن
جي ويجهي علائقي ۾ دفن هئڻ ڪري بلاولي سلسلي جي
مخدوم نوحرح سان ڳانڍاپي تي وڌيڪ
سنجيده تحقيق ڪرڻ لاءِ ڌيان ڇڪرائي رهيا آهن.
هيءُ ذڪر سڌيءَ طرح سھروردي سلسلي سان جڙيل سلسلن
۽ انھن سان لاڳاپيل بزرگن جو آهي. ياد رهي ته
بزرگن جو هڪ کان وڌيڪ سلسلن سان جڙيل رهڻ عام
مشاهدي ۾ اچي ٿو. نقشبندي سلسلي جي بزرگ ۽ وحدت
الشھود جي نظرئي جي باني حضرت امام رباني شيخ
احمد
مجدد الف ثانيرح جو تعلق به قادري،
چشتي، مداري، قلندري سلسلن سان گڏ سھروردي توڻي
ڪبروي سھروردي سلسلن سان به هو. اهي سلسلا سنڌ ۾
رهندڙ سندن اولاد توڻي خليفن جي معرفت
به سنڌ ۾ پھتل آهن. ان لحاظ کان هيءُ به هڪ وڏو ڪم
ٿئي ٿو ته ثانوي سلسلي طور مختلف بزرگن جو سھروردي
۽ ان سان جڙيل ٻين سلسلن جو رڪارڊ مرتب ڪيو وڃي.


امام راشدي

شاعر ۽ نقاد ذوالفقار راشدي
سنڌ جي ”راشدي خاندان“ جون علمي ادبي، سياسي ۽
ديني خدمتون عالمِ آشڪار آهن. سنڌ ته ڇا پر سڄي
برِ صغير ۾ راشدي خاندان جو فيض جاري ۽ ساري رهيو
آهي، هن خاندان جو جدِ امجد حضرت پير سيد محمد
راشدي روضي ڌڻيرحآهي. جنھن جي نالي
پٺيان هي خاندان، ”راشدي“ سڏجي ٿو. جيڪو ويھين
پيڙهيءَ ۾ سيد علي مڪي سان ملي ٿو، جيڪو ”محمد بن
قاسم جي، معزوليءَ بعد سنڌ اندر جيڪا بدامنيءَ جي
بلا ٻيھر پيدا ٿئي ٿي. تنھن کي نھوڙي نوائڻ لاءِ
درٻار خلافت، سيد علي مڪيءَ کي سامره جي سپاهين جو
ڪٽڪ ساڻ ڏئي، سنڌ ڏانھن موڪليو ان مقدس جماعت ٻيھر
اچي خدا ۽ رسول جي اطاعت جي هتي پيڙهه پڪي ڪئي.
راشدي خاندان انھيءَ سيد جي سوکڙي آهي. هو صاحب
پندرهين پيڙهيءَ ۾ سيد الشھداءِ حضرت امام حسين
سان ملي ٿو. خاندان راشديه جو مورث اعلى حضرت پير
سائين محمد بقارح 20 پيڙهيءَ ۾ سيد علي
مرحوم سان شرف انتساب حاصل ڪري ٿو. (ڳالھيون ڳوٺ
وڻن جون، ص 599)
هن خاندان ۾ شاعر، اديب، تاريخدان، اسڪالر، آرٽسٽ،
سياستڪار، وطن پرست ۽ بزرگ پيدا ٿيا آهن. جن سنڌ
جو نانءُ اوچو ڪيو آهي. انھيءَ خاندان جو چشم و
چراغ، سنڌي ٻوليءَ جو منفرد ۽ ناميارو شاعر
ذوالفقار راشدي به آهي.
ذوالفقار راشدي 10 مارچ 1938ع تي سيد محمد امام
شاهه جي گهر ۾ شاهه جو ڳوٺ عرف پير جو ڳوٺ لڳ نئون
ديرو ۾ ڄائو. هي ڳوٺ پنج ڇھه صديون پراڻو آهي،
جنھن ۾ راشدي خاندان اڍائي صدين کان مقيم آهي. هِت
راشدي خاندان جي جدِ امجد حضرت پير محمد راشدي
روضي ڌڻيرح جن جي ڀاءُ حضرت پير محمد
مرتضى علي شاههرح (وفات 1235هه) ٻارهين
صدي هجريءَ ڌاري اچي سڪونت اختيار ڪئي. کين ”پکي
وارو شاهه“ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ انھيءَ
مناسبت سان هن ڳوٺ کي ”شاهه جو ڳوٺ“ سڏيو ويندو
آهي. پير سائين مرتضى شاهه جن جو اولاد اڄ به
لاڙڪاڻو وڳڻ، لالو رائنڪ، گهٽھڙ، شريفاڻي، بُڪيجا،
ٻٽ سرائي (ميھڙ) خيرپور ناٿن شاهه ۽ ٻين شھرن ۽
ڳوٺن ۾ مقيم آهي.
هتي حضرت پير سيد مرتضى شاههرح جن
تاريخي ۽ يادگار مسجد تعمير ڪرائي هئي، جيڪا سندن
فرزندن جي نگرانيءَ هيٺ سن 1228 هجريءَ ۾ تيار ٿي
۽ اٽڪل اڍائي صديون برقرار رهڻ بعد 2022ع وارين
برساتن ۾ شھيد ٿي وئي. هتان جي راشدي پيرن وٽ علم،
ادب ۽ طب جو وڏو خزانو هو ۽ هتان جا حڪيم هندستان
۽ آفريڪا تائين مشھور هئا. علم، ادب ۽ طب جي حوالي
سان هن ڳوٺ کي ”ننڍڙو يونان“ به سڏيو ويندو هو.
ذوالفقار راشدي به اهڙي ئي علم، ادب ۽ حڪمت واري
گهر ۾ ڄمندي ئي ڪتابن جي دنيا ۾ اکيون کوليون پاڻ
پنھنجي خاندان جو ستون پڳدار هو. هن خاندان جو
پھريون پڳدار حضرت پير سيد مرتضى علي شاههرح،
ٻيو پڳدار پير سيد محمد عطا شاههرح،
ٽيون پير سيد محمد ارشد شاههرح چوٿون
پير سيد حبيب الله شاهه رح، پنجون پير
سيد عبدالحئي شاههرح، ڇھون پير سيد
محمد امام شاههرح ۽ ستون پڳدار پير سيد
ذوالفقار علي شاهه راشدي بڻيو.
ذوالفقار راشدي پنھنجي والد سيد محمد امام شاهه جي
وفات (فيبروري 1977ع) کانپوءِ گاديءَ جو ڌڻي بڻيو
۽ اندازن ڏهه سال گادينشين رهيو ۽ زندگيءَ جون 48
بھارون ماڻي آگسٽ 1986ع تي وفات ڪري ويو.
ذوالفقار راشدي ڄمندي ئي ڪتابن جي دنيا ۾ اکيون
کوليون ۽ جنھن ماحول ۾ پرورش ورتائين، اهو مذهبي ۽
علم ادب وارو هو، جنھن سنڌي، فارسي ۽ انگريزيءَ جي
اعلى تعليم حاصل ڪئي ۽ اهڙي تعليمي ماحول ۾ هن جو
علم، ادب ۽ شاعريءَ ڏانھن رجحان وڌيو. اهڙو اظھار
خود راشدي صاحب هيئن ڪري ٿو.
.... شايد منھنجي طبيعت شاعريءَ لاءِ موزون هئي.
ڪجهه وايو منڊل جو اثر به هوندو هو، جو منھنجي
گهراڻي جو ماحول پيراڻين معنائن ۾ علمي هو. مولوي
شفيع محمد ”هاتف“ مولوي قادر بخش چولياڻي ۽ ٻيا
ڪيترا عالم ۽ شاعر ڏاڏا سائين مرحوم جن جا مريد
هئا ۽ علمي ماڻھن جي هر وقت آمد رفت هئي. اتفاق
سان مون کي شروع ۾ جيڪي استاد مليا، اهي به شاعر
هئا.
سنڌيءَ جو استاد عبدالحڪيم ”اداسي“
انگريزيءَ جو استاد حافظ ضياءَالحق اسلم شاعر هئا
۽ فارسي پڙهائڻ وارو مولوي محمد قاسم عيني طاهري،
پڻ فارسي ۽ براهوي زبانن ۾ شاعري ڪندو هو. اهو
صاحب هڪ ڪتاب ”براهوي گپ گال“ (براهوي بول چال يا
ڳالھه جو مصنف به آهي. مان سمجهان ٿو ته شاعر ٿيڻ
لاءِ نرم ۽ درد ڀري دل جو هئڻ به پھريون ۽ لازمي
شرط آهي.
ننڍي لاڪر دل ايتري ته نرم هئم جو ليلان چنيسر،
مومل راڻو، سورٽ راءِ ڏياج ۽ سسئي پنھون جا قصا
ٻڌي روئي پوندو هئس.“ (ڪسوٽي، ص 150.149)
ذوالفقار راشدي کي مطالعي جو شوق، داستانن پڙهڻ
سان ٿيو ۽ تقريبن يارهن سالن جي عمر ۾ 1949ع کان
شعر لکڻ شروع ڪيائين. سندس پھريون شعر ڏهن سالن جي
عمر ۾ سن 1952ع ۾ دادوءَ مان نڪرندڙ رسالي ”اسان
جي منزل“ ۾ ڇپيو.
جنھن جو هڪڙو بند هي آهي ته:
ناهي منھنجي داستان ۾ وڃي رهندو يادگار،
ناهي هي شعر دل جو آهي درد، ذوالفقار.
راشدي صاحب ويھن سالن جي عمر ۾ افسانا لکڻ شروع
ڪيا. سندس پھريون افسانو ”مھراڻ رسالي جي 1949ع
واري 4 نمبر شماري ۾ ”خوابن جو مسافر“ جي نالي سان
ظاهر ٿيو. ان کان پوءِ ”مھراڻ“ جو ئي نمبر 2/
1962ع واري پرچي ۾ سندس افسانو
”ٿرڊ ڪلاس“ جي عنوان سان ڇپيو ۽ هڪ بلوچي لوڪ
ڪھاڻي ”شھزادي سامريءَ جي ڳالھه“ مھراڻ نمبر 4/1968ع
۾ ڇپي. جڏهن ته مھراڻ نمبر 1/1959ع
۾ ذوالفقار راشديءَ جو پھريون نظم ”راتين جا قيدي“
جي عنوان سان ڇپيو، جنھن جا پھريان شعر هن طرح
آهن:
مزارون مائرن جي گود ٿي وئي،
هزارين ڀينرون ڀائن کان وڇڙيون.
خزائن ۾ گلن جو ڪھڙو ماتم،
هتي دفنائجي ويون پاڪ مکڙيون،
هي قبرستان آ سارو گلستان!
اهڙي طرح راشدي صاحب جو ماهناهه ”نئين زندگي“
اپريل 1957ع جي پرچي ۾ پھريون غزل شايع ٿيو. اهو
غزل هي آهي:
توبھه، هي انتطار اسان کان نه ٿو پڄي،
لٽجي وڃي قرقر، اسان کان نٿو پڄي.
مٺڙن جا ڏنگ دل ۽ جگر تي جهلي هزار،
ناگن تي اعتبار اسان کان نه ٿو پڄي.
گلڙن جو انتطار ۾ اکڙيون کليون رکون،
تا موسم بھار اسان کان نه ٿو پڄي.
ساٿي، اها ته ٿيندي خوشامد جي انتھا،
چئون سرءُ کي بھار اسان کان نه ٿو پڄي.
ڪنھن چلڪڻي ۽ شوخ چيو، ڊڄڻا ذوالفقار،
توسان ڪريون پيار! اسان کان نه ٿو پڄي.
اهڙي ريت ”نئين زندگي“ جي آڪٽوبر 1963ع جي شماري ۾
راشدي صاحب جو جيڪو پھريون نثري مواد شايع ٿيو.
اهو هڪ تحقيقي نوعيت جو مقالو ”بلوچي شاعري ۽ لوڪ
ادب“ هو. ”نئين زندگي“ اپريل 1965ع جي پرچي ۾
راشدي صاحب جي هڪ لوڪ ڪھاڻي، شھزادو محبت خان ۽
سامري“ شايع ٿي.
ذوالفقار راشدي 13 سالن جي عمر ۾ سن 53-1954ع ۾
ڪجهه وقت لاءِ لاڙڪاڻي مان هڪ هفتيوار اخبار
”هاري“ ايڊٽ ڪئي ۽ 1960ع ۾ لاڙڪاڻي مان ئي هڪ
رسالو هفتيوار ”مذهب انسانيت“ جاري ڪيائين، جيڪو
اڳتي هلي بند ڪرڻو پيس. راشدي صاحب جا هيل تائين
ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن ۾ هڪ شعري مجموعو ”سوچ
کي لوڇ“ 1982ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو سندس تنقيدي ۽ تحقيقي
مضمونن جو ڳٽڪو ”ڪسوٽي“ 1986ع ۾ نروار ٿيو، پر
افسوس جو راشدي صاحب اهو ڪتاب پاڻ ڏسي نه سگهيو.
سندس وفات کانپوءِ ترت اهو ڪتاب منظرِ عام تي آيو،
البت راشدي جي غزلن جو هڪ ٻيو مجموعو ”خوابنامو“
جي عنوان سان پريس ۾ ئي رهجي ويو. سندس ڪھاڻين جو
مجموعو ”خوابن جو مسافر“ ترتيب ڏنل هو جيڪو اڻڇپيل
آهي. شاعريءَ کان علاوه ذوالفقار راشديءَ جو ٻيو
پھلو افسانا، تحقيق ۽ تنقيد پڻ آهي. هن ڪجهه
افسانا به لکيا ۽ سندس افسانن جو ڪتاب ”خوابنامو“
شايع نه ٿي سگهيو. پاڻ چند تحقيقي مقالا پڻ
لکيائين، پر سندس ذهني لاڙو شاعري ۽ تنقيد ڏانھن
هو. هو سنڌ جي اعلى نقادن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. ان
دور ۾ ڪيل سندس تنقيدي مضمونن کي زبردست پذيرائي
پڻ ملي ۽ انھن تي سٺا بحث به ٿيندا رهيا خاص ڪري،
نورالھدى شاهه تي ڪيل تنقيد جو پڙاڏو سڄي سنڌ ۾
گونجيو. راشدي صاحب جا اهڙا تنقيدي مضمون سندس
ڪتاب ”ڪسوٽي“ ۾ ڇپيل آهن. ياد رهي ذوالفقار راشدي
جا ٻئي ڪتاب ”سوچ کي لوڇ“ ۽ ”ڪسوٽي“ هِن وقت اڻلڀ
آهن ۽ پبلشر شايع ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن.
ذوالفقار راشدي حقيقت ۾ هڪ وڏو زميندار گهراڻي جو
فرد هوندي به هميشه هارين جي حقن جي ڳالھه ڪندو
رهيو. جنھڪري هاري ناري طبقي ۾ گهڻي مقبوليت حاصل
رهيس. ان جو ٻيو اهم سبب اهو به آهي، جو راشدي
صاحب سنڌ جي ان عظيم هستي کان تمام گهڻو متاثر هو،
جنھن کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي سان ياد
ڪيو ٿو وڃي. راشدي صاحب، جتوئي صاحب کي هڪ مڪمل
سياستدان، مھر ڀريو ۽ آئيڊل انسان ۽ خلوص سادگي
ڄاڻ ۽ شرافت جو سمبل
(Symbol)
سمجهي ٿو.
ذوالفقار راشدي هڪ نظرياتي ۽ پنھنجي خيال جو ماڻھو
هو، پر اها ڳالھه ضرور آهي ته هن جا دوست به سندس
نظريي جا هامي رهيا آهن. تنھن هوندي به راشدي صاحب
پنھنجي وڏڙن جي روايتن جي قدرشناسي ڪئي ۽ پنھنجي
گاديءَ جو مان مٿانھون رکيو.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ٻڌائيندو هو ته ذوالفقار
راشدي ڏوڪري جي طرف مريدن وٽ آيل هو. مون کي خبر
پئي ته مان وٽس ويس. ڏٺم ته ذوالفقار راشدي هڪ کٽ
تي ويٺو هو ۽ ذات مريد هيٺ ويٺا هئا. مون سان سٺي
نموني مليو، ڏٺم ته راشدي مريدن کي جهاڙ ۽ ڦيڻا
پيو رکي ۽ پاڻي دم ڪري پيو ڏئي، اهو حال ڏسي مون
کانئس انگريزيءَ ۾ پڇيو، ته راشدي صاحب! توهان
جهاڙ، ڦيڻا ۽ سڳا پڙهي سندن درد دور ڪيو ٿا، پر
جڏهن خود مٿي ۾ سور پئي ٿو ته ٽيبليٽ کائو ٿا؟“
راشدي صاحب کلي ويٺو، چيائين بس ويچارن جو صدقو ۽
يقين آهي.
ذوالفقار راشدي سنڌ توڙي هند ۾ اديب دوستن جو وسيع
حلقو رکندڙ هو. پاڻ وڏي مطالعي وارو ماڻھو هو.
سنڌي ادب ۾ هن جي سڃاڻپ هڪ نرالي شاعر ۽ اعلى نقاد
واري رهي آهي. پاڻ نه صرف سنڌي ادب تي، پر بلوچي
ادب تي به وڏو ڪم ڪيو اٿس. جنھن جو خاص سبب
بلوچستان اندر سندس ڪيترائي مريد آهن. ائين چوڻ ۾
ڪوبه وڌاءُ ناهي ته راشدي صاحب بلوچستان ۾ وڏو اثر
رسوخ رکندڙ هو ۽ سڄي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نھايت عزت ۽
احترام سان ڏٺو ويندو هو.
ذوالفقار راشدي وقت جي گهرج کي ڄاڻيندڙ شاعر هو.
سندس شاعريءَ ۾ جدت پسندي ۽ حقيقت پسندي سمايل
آهي. هو سنڌي ٻوليءَ جو واحد شاعر آهي جنھن جي
شاعريءَ سڀني شاعرن کي متاثر ڪيو آهي. تنوير عباسي
جھڙي دانشور جو چوڻ آهي ته:
”ٻوليءَ جي صحت، فن جي پختگي، ندرت، رواني،
موسيقيت ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ جون خاص
خوبيون آهن. سھڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف چيو
ته:
”نِج سنڌي غزل مون کي ذوالفقار راشديءَ جو ئي
محسوس ٿيو.“ سنڌي ادب جو وڏو ۽ معتبر نانءُ محمد
ابراهيم جويو چوي ٿو ته: اسان جو شاعر ذوالفقار به
آهي ۽ راشدي به، هن جي شعر ۾ هميشه مون تلوار جي
ان تيزدار کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڏٺو به آهي،
جا پلصراط آهي، جھنم جي آڙاهه مٿان اڏيل جنھن تان
وکِ وکِ ڏئي، جنت جي انساني زندگيءَ ڏانھن وڃبو
آهي.
ذوالفقار راشدي پنھنجي ڪمال خوبيءَ سان شاعريءَ جي
تقريباً سڀني صنفن تي لکيو آهي، پرهو بنيادي طور
تي غزل گو شاعر آهي. تاج بلوچ جھڙي چوڻي ته:
”انصاف جي ڳالھه آهي ته جڏهن غزل ذوالفقار راشدي
وٽ ڏسون ٿا ته ڏاڍو معصوم آهي. سنڌ ۾ جن ٿورن
شاعرن غزل سان انصاف ڪيو آهي، راشديءَ جو نالو به
انھن ۾ شامل آهي“
ذوالفقار راشدي جديد دور جي جڳ مشھور نقاد
ٽي.ايس.ايليٽ کان تمام گهڻو متاثر هو. سنڌ ۾ ٻه
اهل قلم حضرات ٽي ايس ايليٽ جي فڪر کان بيحد متاثر
۽ پوئلڳ رهيا آهن، هڪڙو ذوالفقار راشدي ۽ ٻيو
ڊاڪٽر بدر اڄڻ.
ذوالفقار راشدي نظرياتي ماڻھو هوندي، ادب جي دنيا
۾ تمام گهڻو زيرِ بحث رهيو. سندس نظريو هو ته ”سوچ
ويچار ۽ اظھار جي آزاديءَ سان ايترو عشق اٿم جو
انھن جذبن کي ساهه کان سرس سمجهان ٿو. ايڏي شاعر
هوندي به راشدي ڪڏهن به غرور يا تڪبر کان ڪم نه
ورتو. سندس ئي چوڻي آهي ته:
”مان پاڻ کي تاريخي نالن سان ڳنڍيل ڀيٽن جي هام به
نه ٿو هڻان، گوتم، عيسى سقراط، افلاطون، ارسطو،
منصور حلاج، سرمد، ڀٽائي ۽ سرمست نه ٿو سڏائي
سگهان. مان انھن عظيم هستين سان ڪلھي هڻڻ جي
گستاخي ته ڪري نه ٿو سگهان، پر انھن جو سکڻو پوئلڳ
سڏائيندي، شاعراڻي تعلي کان ڪم به وٺي نه ٿو
ڄاڻان، جو اهڙي دعوى به رڳو هڪ ڊاڙيا ڍونگ ئي
ٿيندو.“ (سوچ کي لوڇ ص
(11-12)
هو ته انھيءَ نظريي جو حامي ۽ پرچارڪ آهي، ته هن
دنيا ۾ جيڪا خوبصورت شيءِ خدا خلقي آهي، ان جو
ڀرپور مزو ماڻڻ گهرجي. هن جي شاعريءَ ۾ اهڙيون
ڳالھيون هر هنڌ ملن ٿيون:
جرڪڻيون، او چلڪڻيون، او مرڪڻيون!
مون اوهان لئه دل جو در کولي ڇڏيو،
يا ته جرڪايوم جيءَ جي درسني،
يا ته ڪاريءَ رات ۾ رولي ڇڏيو.
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
جگر ڪباب، اکيون اشڪبار، گذري وڃ،
ڪٿي سڪون ڪٿي آ قرار، گذري وڃ!
چون ٿا يار کي گهوري ڏسڻ گناهه آهي،
نگاهه هيٺ ڪري ذوالفقار گذري وڃ!
ذوالفقار راشدي جي شاعري حيرت ۾ وجهندڙ ۽ سوچڻ تي
مجبور ڪندڙ آهي.
محبوب رڳو ٿوري رعايت نه ڪندين تون،
سچ پچ جي خطا ٿي پئي ته شڪايت نه ڪندين تون.
هي رمز، هي مرڪڻ، هي نگاهون، هي نوازش،
هي پيار نه آهي ڇا، وضاحت نه ڪندين تون.
مان بارِ گاهه حسن ۾ سوال به ۽ خالي،
سرڪار، ڪا دلچسپ سخاوت نه ڪندين تون.
بي لوث ۽ ڀرپور محبت ٿو گهران مان،
ڇا مون تي، پرين اهڙي عنايت نه ڪندين تون.
مون حُسنِ خداداد کي مقبول ڪيو آ،
چئو روزِ جزا منھنجي وڪالت نه ڪندين تون؟
ڪنهن زاهد شبِ خيز جي ٿئي عمر سجائي،
هڪ رات رهي تنھن سان عبادت نه ڪندين تون.
ذوالفقار راشدي محبت ڪندڙ شاعر آهي. هن جي محبت
وڏو مفھوم رکي ٿي.
ڪئي سين هن سان محبت ته ذوالفقار وري،
اسان جو نانءُ به لکجي ويو گنھگارن ۾.
يا وري هيئن به چوي ٿو
اوهان جي نانو! تي الزام آهيون،
محبت ٿا ڪريون بدنام آهيون
اسان کان ڀوء نه ڪر، گستاخ ناهيو.
راشدي صاحب محبت ۾ ته اهي ڳالھيون برداشت ڪري ٿو،
پر اڳتي به صاف چوي ٿو:
بس اهي ڳالھيون نه پڇ مون کي اهي ڳالھيون نه ڏس،
روڪ ديدون بازيگر، مون ڏي نه ڏس مون ڏي نه ڏس.
محبت واري اهڙي ڪيفيات مان گذرندي به هو محبوب کي
ستائي ٿو، چوي ٿو:
نگاهه يار جي سا منھن نگاهه ته کڻ،
اڙي سائين، اهو هڪ گناهه ته کڻ.
اسين به آهيون ازل کان ٻه ڀٽڪيل روح،
گهڙي ته ويھه هتي، ساٿي ساهه کڻ.
محبوب کان پري ۽ محبت واري الزام جو ردعمل، محبوب
کي ڏوراپو ڏيندي هيئن به چئي ٿو:
تو کي ته منھنجي نانو! کان نفرت به ٿي وئي،
منھنجون ته تنھنجي ياد ۾ راتيون لنگهي ويون.
تو گيت هڪڙو ڳايو، اسان داد لک ڏنا،
هڪ ٻولي جي داد ۾ راتيون لنگهي ويون.
ذوالفقار راشدي سنڌ جو شاعر هو ۽ کيس سنڌ سان محبت
هئي، پر اسان شاهه جي ڳوٺاين جي وڏي فخر لائق
ڳالھه هئي ته راشدي صاحب اسان جي ڳوٺ جو رهواسي
هو. ڳوٺاڻا کيس الڻ شاهه جي نالي سان به ياد ڪندا
هئا. هو اسان جو محبوب شاعر هو.
جناب محمد زمان طالب المولى 1986ع ۾ راشدي صاحب جي
وفات کان پندرنھن ڏهاڙا اڳ مون کي هڪ خط ۾ لکيو هو
ته، ”اوهان جي ڳوٺ جي خوش قسمتي آهي جو سيد
ذوالفقار راشدي صاحب جھڙو شاعر اوهان جي ڳوٺ ۾ رهي
ٿو.“
ذوالفقار راشدي اڄ به زنده آهي، سدائين زنده
رهندو، ڇو ته شاعر، اديب ڪڏهن به ناهن مرندا، بلڪه
هو پنھنجي تخليق وسيلي هميشه زنده رهندا آهن.
سوچيان ٿو مري جي ويندس، مون لئه روئيندو ڪير،
منھنجا پنھنجا اڳي مري پوري باقي سڀ ڪو غير.
منھنجي بُٺيءَ تي ڪوئي ڏيئو ٻاري يا نه ٻاري.
مئي پڄاڻان ڪھڙي ڳڻتي سانجهي آڪ سوير.
راشدي صاحب جي بُٺيءَ تي اڄ به ڏيئا ٻرن ٿا، اڄ به
خوشبوئن جي هڳاءَ ۾ ابدي آرامي آهي.


سيد محمد اشرف راشدي

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ ۽
محي الدين ’اعجاز‘
شاهه راشدي
جن جي شاعري ۾ فڪري مماثلت
سنڌ ڌرتي، دنيا جي عظيم ڌرتي آهي جنھن کي خدا
تبارڪ وتعاليٰ پنھنجي بيشمار نعمتن ۽ رحمتن سان نوازيو آهي، منجھس روحاني
هستين توڙي مادي شين جي ڪابه کوٽ نه آهي. سنڌ جو
وچولو ڀاڱو طبعي طرح جيئن زرخيز ۽ سائو آهي تيئن
فڪري ۽ روحاني طرح مالامال رهيو آهي. هتي هر دور ۾
اهڙا شاعر، ڏاها ۽ الله جا بزرگ پيدا ٿيندا رهيا
آهن، جن پنھنجي جاڳرتا جي جوت سان جڳ جرڪايو، منڌل
۽ گمراه ماڻھن جو من مھڪايو،
علم، دانش ۽ فھم سان سندن اونداهي اندر کي پاڪيزگيءَ
جي ڪرڻن سان روشني عطا ڪري سنئين
دڳ لاتو ۽ پنھنجي اساسي ورثي جي نه فقط سنڀال ڪئي،
بلڪه
ان ۾ موجوده دور پٽاندر سٺو واڌارو پڻ ڪيو. اهڙن
روشن ستارن ۽ ڪامل
هستين
۾ مخدوم
محمد زمان
طالب الموليٰٰ
۽
محي الدين المعروف
اعجاز شاهه راشدي پڻ اچي وڃن ٿا.
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰٰ“ صاحب
جن
هالا ۾ 1919ع
۾
پيدا ٿيا ۽ 1993ع
۾
وصال ڪيائون. سندن تعلق سنڌ جي عظيم خاندان مخدوم
نوح سرور جن سان آهي. هن خاندان ۾ ڪيترائي الله
وارا بزرگ
عالم ۽
شاعر پيدا ٿيندا رهيا آهن. مخدوم
محمد زمان
طالب الموليٰ پڻ انھي ڪڙيءَ
جو تسلسل آهن. سندن شخصيت غير معمولي، همه جھت، همه گير،
ڪامل ڪردار جي مالڪ رهي آهي ۽ سندن شاعري سادي سپڪ،
پر پرسوز رهي آهي، سندن ڪردار يگانو ۽ سخنور رهيو
آهي. پاڻ حليم، صابر، سخي ۽ فقيري طبيعت رکندڙ
هئا. وٽن انسان شناسي ۽ انسان دوستي جو رجحان
نمايا نظر اچي ٿو. جنھن جي هر پھلوءَ
تي پرچار ڪرڻ لاءِ وقت درڪار
آهي.
سندن شاعري،
شخصيت ۽ ڪردار جو فڪري اولڙو پسائي ٿي ۽ سندس
مشاهدن جي گواهه
پڻ آهي. پاڻ حقيقت، محبت، حسن ۽ عشق جي دنيا جا واسي هئا. سندس شاعريءَ ۾ جابجا اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا. خاص طرح سان پاڻ هر صنف
۾ جدت پيدا ڪئي اٿن، پر موجوده دور جي ڪافيءَ ۾ عوامي رنگ ڍنگ سان موضوع جي گوناگونيت پڻ ڀري
اٿن. سندن عوامي رنگ ڪافيءَ ۾ دلي ڇھاءُ
محسوس ٿئي ٿو.
پاڻ ڪيترين ئي عروضي توڙي ڇند جي صنفن
تي لکيو اٿن پر ڪافي ۽ بيت ۾ پاڻ موکيو اٿن. سندن
ڪافيون ۽ غزل هر دور ۾ سنڌ جي مقبول گلوڪارن جي
آواز جي زينت بڻجندا رهيا آهن. سندن ڪلام ريڊيو،
ٽي وي توڙي صوفي بزرگن جي درگاهن ۽ آستانن تي
يڪسان ڳائجندو
رهيو
آهي.
مخدوم
محمد زمان
طالب الموليٰٰ
جن
نه صرف سٺا شاعر هئا، پر پاڻ بھترين انشاپرداز به هئا.
سندن نثر پڻ پڙهڻ وٽان آهي. سندن قلم جي نوڪ مان
ڪيترائي ڪارائتا ۽ املھه
ڪتاب سنڌي ادب جي جهوليءَ کي نصيب ٿيا، گڏوگڏ پاڻ
شاعرن ۽ اديبن کي هڪ ادبي دڳ مھيا
ڪري ڏيندا هئا،
جتي هو پنھنجي ڏات کي پيش ڪري،
سنڌي ادب کي جلا بخشيندا هئا. پاڻ دل کولي غريب
اديبن جي سھائتا ڪندا هئا. سندن عظمت
۽
اعليٰ شخصيت
بي مثال
آهي.
سيد محي الدين شاهه
راشدي 1929ع ڌاري ڳوٺ پير جھندو
۾ پير سيد احسان الله شاهه راشدي جي گهر ۾ تولد
ٿيا ۽ 1998ع ڌاري وفات ڪيائون.
سندن شاعريءَ ۾ تخلص ”اعجاز“
جڏهن ته سندن والد محترم کين بھلول جي نالي سان پڻ ڪوٺيندا هئا. پاڻ 1975ع کان پنھنجي وصال
تائين سعيدآباد شھر ۾ ئي رهائش پذير هئا.
اعجاز سائين پنھنجي حياتي سادگي، صبر ۽ شڪر سان
گذاري، جيئن ته سندن سڀاءُ فقيري ڏانھن
مائل هو پر وٽن ظاهري ڍنگ نه هو.
سندن شاعري اوائلي دور ۾ فقط درگاهن ۽ آستانن
تائين محدود هئي.
پر سندن شعري مجموعي ”سخن اعجاز“ جيڪو 2003ع ڌاري
ڇپيو، جنھن جي شايع ٿيڻ بعد سندن ڪلام ريڊيو،
ٽي.وي
تي پڻ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ خوب ملي ٿو. سندن شاعري
سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ اردو هندي گاڏڙ ٻولين ۾ ملي
ٿي، پاڻ
شاعريءَ جي
ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿن جن ۾ بيت،
وائي، ڪافي، غزل، ٽيھه
اکري، گيت، حمد، نعت، قصيدا، مرثيا ۽ ڏوهيڙا شامل
آهن. سندن شاعري فڪري توڙي فني لحاظ کان پڪي پختي
۽ ادبي خوبين سان مالامال آهي.
مخدوم
محمد زمان طالب
الموليٰ ۽ اعجاز راشدي جن جا وڏن کان خانداني ناتا هئا، مخدوم
محمد زمان
طالب الموليٰٰ جن جا اعجاز سائين جن جي وڏي ڀاءُ پير سائين محب الله شاهه راشدي جن سان
گهاٽا لاڳاپا
هئا. هڪٻئي سان سندن سڀاءُ عزت، احترام ۽ محبت
ڀريو هوندو هو. ساڳي طرح مخدوم
محمد زمان
طالب الموليٰٰ
سائين
۽
پير
اعجاز
شاهه
راشدي پڻ خاندان جي لحاظ کان به هڪٻئي کي ويجھا
هئا ته وري شعر سخن جي حوالي سان پڻ قريب هئا.
هڪٻئي جي شعر کي ٻُڌندا، سمجھندا ۽ پسند ڪندا هئا.
سندن شعر جي تقابلي اڀياس مان پتو پئي ٿو ته: وٽن
فڪري هم آهنگي به آهي ته سندن شعر ۾ ڪٿي وٽن تناسب
آهي ته ڪٿي تضاد، ڪٿي سوال آهي ته ڪٿي جواب. مخدوم
محمد زمان
طالب الموليٰ
جن، اعجاز سائين کان عمر ۾ ڏهه سال وڏا هئا، پر سندن شاعريءَ جو دور لڳ
ڀڳ ساڳيو آهي. فقيرمرحوم شاهن ابڙيجي (ساڪن الياس
ابڙيجو، سعيدآباد) کان سندن ملاقات ۽ روح رهاڻ جي
هڪ روايت ملي ٿي ته: ”هڪ لڱا اعجاز سائين جن جي پنھنجن فقيرن سميت، مخدوم صاحب جن
وٽ
سندن آستاني ”پکا
شريف“
تي
ملاقات ٿي جنھن ۾ راڳ جي محفل پڻ ٿي.“
پاڻ ڪڏهن ڪڏهن طرحي مشاعري
۾
پڻ طبع آزمائي ڪرڻ لاءِ بھرو
وٺندا هئا. ڪنھن به موسيقي جي محفل ۾ جڏهن به
مخدوم
صاحب جن جو شعر پڙهيو ويندو هو ته اعجاز سائين کين واهه واهه جي داد سان ساراهيندا هئا، ڇاڪاڻ جو گهڻا
راڳي فقير ٻنھي
ٻھڳڻ شاعرن جي محفل ۾ عقيدت ۽ محبت سان
هميشه حاضري ڀريندا رهندا هئا،
۽ راڳ جون محفلون مچائيندا هئا.
جنھن سان کين هڪٻئي جي شاعري ٻڌڻ جو وجهه
خوب ميسر ٿيندو هو، خاص طرح سان ڦوٽو خان زرداري،
علي محمد پڃارو ۽ ٻيا انيڪ فنڪار وٽن ايندا رهندا
هئا.
هتي سندن شاعريءَ جي ٻن ڪلاسيڪي صنفن بيت ۽ ڪافيءَ
۾ فڪري هم آهنگي ۽ انفراديت جو مختصر اڀياس پيش
ڪجي ٿو:
سندن تقابلي اڀياس مان ڪجهه
نموني طور بيت پيش ڪجن ٿا ڪٿي مڪمل بيت ڏنا ويا
آهن ۽ ڪٿي ڪٿي بيتن جو موافق سٽون چونڊ ڪيون ويون
آهن. جن ۾ وٽن توحيد، تقويٰ ۽ خود آگاهي جھڙن
نُڪتن
۾ هڪجھڙائي
نظر اچي ٿي.
هيٺين بيت ۾ مخدوم صاحب خدا جي وحدانيت جو بيان
ڪيو آهي ته هن ڪائنات کان پھرين
۽ پوءِ الله پاڪ جي ذات ئي آهي، اهو ئي هڪ معبود
آهي جنھن جو ڪوبه هن دنيا ۾ شراڪتدار نه آهي.
مخدوم
محمد زمان
طالب الموليٰٰ:
تڏهن به
هڪ الله هو، جڏهن ڪجھه
نه هو،
جڏهن هوندو ڪينڪي، تڏهن به سوئي سو،
وحــدهُ لاشـــريڪ
لھُ،
ثاني سندس نه ڪو،
اهـــوئــــــــي
اُهـــو، هادي
آهي
هــــيڪڙو.
(ڇپر ۾ ڇڙيون،
ص
01)
جڏهن ته
اعجاز راشدي به ساڳيو حمد هن طرح بيان ٿو ڪري ته
دنيا جھان کان پھرين
۽ پوءِ اهو ئي حقيقي مالڪ هو ۽ هوندو، ان لاءِ
هيڪڙائي جي واٽ وٺي هن کي هردم سڪ ۽ ڇڪ سان ياد
ڪرڻ گهرجي.
هتي ٻنهي بيتن ۾ فني هيئت پڻ ملندڙ آهي ته وحدت
الوجود جو فلسفو پڻ ساڳيو ئي
آهي، پر
منفرد لفظن ۾ نظر اچي ٿو.
هو پنھنجي مالڪ کي پاڻ کان پري نه ٿا سمجھن، دل جي
ديدن، ڌيان ۽ گيان سان کين هر جاءِ پرين جا پرتوا
نظر اچن ٿا. انسان کي پري وڃي جهرجھنگ ۽ جبل ڏورڻ جو احتياج نه آهي، ڇاڪاڻ دلبر ته دل ۾ وسي ٿو،
جي دل جو ورق صاف آهي ۽ اکيون پاڪيزه پاڻي سان
اوجر آهن ته مشڪل نه آهي پرين پسڻ.
ڪيترا به ڏيئا ڇونه ٻرن پر اُجھاميو ٿا پون، جڏهن سڄڻ جو دل اندر سھائو
۽ روشني پيدا ٿي،
ته سڀ اونداهي ختم ٿي. حضور پُرنور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن جي آمد،
هن اونداهي دنيا ۾ علم ۽ آگهي جي روشنيءَ جو اچڻ آهي. سندن ئي نور جي روشني سان اونداهين دلين ۾ سوجھرو پيدا ٿئي ٿو.
مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ:
عشق لفظ جي معنيٰ
آهي بي انتھا
محبت، جنھن جو ڪو ڇيھه
ڇيڙو نه هجي، ۽ عاشق جي معنيٰ آهي بي انتھا محبت ڪرڻ وارو. عشق جيسين محسوس نه ٿئي ته هڪ لفظ ئي آهي،
پر جڏهن عشق جي ڪيفيت وارد ٿئي ته پوءِ اهو عشق
حقيقي آهي. عشق جو مطلب محبوب تان جان نثار ڪرڻ،
انتھا
کان وڌيڪ پيار ڪرڻ آهي، محبوب جي سڏ تي هر وقت ۽
هر حال ۾ لبيڪ چوڻ ئي اصل عشق آهي. عشق جي حقيقت
بابت مثنوي رومي ۾ اچي ٿو ته:
”جيڪي به اسين ڏسي وائسي رهيا
آهيون،
تن سڀني شين کان عشق نرالي شيءِ آهي. ماهيت جي
لحاظ کان عشق تمام مخفي شيءِ آهي ۽ اثر جي لحاظ
کان بلڪل پڌري شيءِ آهي، نبي ۽ ولي به ان عشق جي
ڪنھن هڪ درجي تي پهچڻ لاءِ واجھائيندا ويا.
بادشاهن جا تخت عشق جي اڳيان خاڪ جي برابر آهن.
عشق بادشاهن ۽ غلامن جي وچ مان فرق کي ساڙي خاڪ ڪريو
ڇڏي. جڏهن ڪو عاشق، عشق جي رازن کي کولڻ جي ڪوشش
ڪري ٿو، تڏهن خلقت ۾ ٿرٿلو پئجي وڃي ٿو. انسان ٿي
ڪري پنھنجي اندر جي عشق کي لڪائي سگهي سا مشڪل
ڳالھه
آهي.“ (شاهواڻي، 2003: 30)
هيٺين بيتن ۾ عشق جي حقيقت لاءِ ٻنھي
وٽ ملندڙ ساڳيو عنوان،
پرخيال ۽ فڪر منفرد ۽ عليحده نظر اچي ٿو.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
فرمائين ٿا ته عشق ڪرڻ جي سڌ ته هر ڪوئي ڪري ٿو پر عشق ڪري
ڄاڻڻ،
هر ڪنھن جي وس جي ڳالهه
نه آهي، عشق ۾ ڪو ڪو ماڻھو رچي ريٽو ٿئي ٿو، جيڪو
صبر سان ڪنڌ قربان ڪري ٿو، اهڙي عاشق جو محبت ۾
مرڻ ائين
آهي،
ڄڻ هميشه لاءِ امر ٿي وڃڻ آهي.
هيٺئين بيت ۾ وٽن ڪتي جي خصلتن بابت ساڳيو رايو
ملي ٿو، پر ڪھڻي ۽ لفظن
جي جڙاوت الڳ آهي. مخدوم صاحب هڪ وفادار جانور جون
خصلتون بيان ڪرڻ فرمائين ٿا ته ڪُتي
کي غلط معنيٰ ۾ ڪُتو نه چئو، هن وٽ وڏي ڄاڻ سڃاڻ ۽ وفا جي کاڻ آهي. هي ڌڻيءَ جو فرمانبردار به آهي ته نھٺو
نماڻو به جي ڇتو ٿي پوي ته به ڌڻيءَ کي سڃاڻڻ جي
شناس هن وٽ رهي ٿي.
ماڻھوءَ جو محافظ ۽ معاون ثابت ٿئي ٿو بنسبت هڪ
نادان ماڻھوءَ جي.
ساڳي ريت پير
اعجاز پڻ هن وفادار جانور
لاءِ فرمائين پيا ته:
اي سالڪ! ڪتي جي عمل ۽ فعل مان هدايت حاصل ڪر،
ڪُتو ڏس ته پنھنجي مالڪ وٽ ڪيئن نه سڄي رات جاڳي
چوڪي ڏئي رياضت ٿو ڪري، ڌڻي جيڪو رکو سکو مانيءَ
جو ٽڪر ڏيس ته انھيءَ
تي
راضي ٿيو هڪيو ويٺو آهي، جي ڌڻي ماريس ۽ لوڌيس ته
به هڪڙي گهڙي به سندس در تان نه ٿو ڪاوڙجي وڃي، هو
فقيرن وانگر پٽ تي سمھي ڪري ٿو ۽ پنھنجي مھربان جي
ڪنھن سان ڪا غلا غيبت يا دانھن ڪوُڪ نه ٿو ڪري.مٿيين بيتن جي اڀياس مان معلوم ٿيو ته
مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ ۽ اعجاز شاهه راشدي وٽ بيت جي فني
پختگي ۽ فڪري معيار اعليٰ آهي منجھن فڪري هڪجھڙائي،
مماثلت، موافقت، نرالپ ۽ انفراديت نظر اچي ٿي، ته
ٻولي جي سادگي، نج پڻون ۽ خوبيون ملن ٿيون ته
شاعريءَ جون خاصيتون پڻ ججھيون ڏسڻ ۾ اچن
ٿيون،
جن تي هڪ الڳ مقالي لکڻ جي ضرورت آهي، هتي هاڻ
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي اهم ۽ مقبول صنف ڪافيءَ جا چند
مثال پيش ڪجن ٿا جن ۾ پڻ سندن فڪري همه آهنگي قابل
فخر آهي،جيئن مخدوم صاحب ۽ اعجاز سائين،
فقر ۽ فقيريءَ جي عنوان تي ساڳئي قافيي تي هڪ ڪافي
رچي آهي، جنھن ۾ سندن تخيل جو تناسب ملي ٿو.
ٻنھي
فقير صفت شاعرن اميري، پيري، ۽ مخدومي کي ننديو
آهي ۽ فقيريءَ جو فھم، راھه
۽ رستو پاتو آهي، ڪافين ۾ فقيري صفت ساده زندگي جا
اهڃاڻ به پيش ڪيل ملن ٿا، هنن پنھنجو ذاتي مشاهدو
۽ حال اوريو آهي، چوندا آهن:
”جيڪو
ڪُني ۾ هوندو اهو پاٽ ۾ پوندو.“
تنھنڪري چئي سگهجي ٿو ته هي ڪافيون سندن زندگيءَ
جو آئينو آهن. |