سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2026ع

باب:

صفحو:4 

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

 

آسيليءَ جو دڙو

 

سنڌ ساڻيھه آڳاٽي تھذيب جي لحاظ کان گهڻو اڳڀرو ۽ دنيا جي مکيه عظيم تھذيبن ۾ شمار ٿئي ٿي. اڄ جيڪي ملڪ اسين ترقيءَ جي منزل تي ڏسون ۽ ٻڌون ٿا، اهي اڃا وڏا جهنگ ۽ ويران علائقا هئا يا اهي اڃا ظاهر ئي ڪونه ٿيا هئا، جيڪڏهن ٿيا هئا ته اُتي انساني آبادي جيڪا موجود هئي، سا اڃا تھذيبي ارتقا جي اوائلي دور ۾ هئي. ائين چئجي ته تھذيبي لحاظ کان بانبڙا ڏئي رهيا هئا، تڏهن به سنڌ ملڪ جا ماڻھو شانائتي ۽ مھذب نموني سان زندگي گذاريندا هئا. سنڌ جي شھرن ۽ وسندين ۾ رهندڙ انسان پڪين سِرن سان جوڙيل صاف ۽ هوادار گهرن ۾ رهندا هئا. جتي صاف پاڻيءَ جا کوهه، وهنجڻ سھنجڻ ۽ ترڻ لاءِ تلاءَ، راندين جا ميدان، اوطاقون ۽ درسگاهه، رڌڻا، وهنجڻ خانه، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو بھترين نظام وغيره تمام سٺي نموني جو موجود هو. هتي جا ماڻھو هزارين سال اڳ ۾ به اهڙي اعليٰ معيار جي زندگي گذاريندا هئا، جھڙي طرح اڄ جا جديد ۽ ترقي يافته هئڻ جا دعويدار ملڪ به نه ٿا گذارين. تھذيب انسان جي مھذب پڻي جي اهڙي منزل جو نالو آهي، جتي هر ايجاد ۽ جوڙ انسان جي سُک ۽ ڀلائيءَ لاءِ ئي هجي. سنڌ ملڪ جي تھذيب هتي جي ماڻھوءَ جي مھذبپڻي جي گواهه آهي. مھين جو دڙو، آمري دڙو، ڪاهو جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي، رني ڪوٽ، ڪلان ڪوٽ، مجيراءِ ۽ ٻيا آثار سنڌ جي ان عظمت جا گواهه آهن. رڳو اهي ئي دڙا وغيره به ناهن، جن جي کوٽائي ٿي آهي يا جن تي ٿيل تحقيق اسان تائين پھتي آهي. سنڌ ۾ اڄ به ڪيترائي اهڙا آثار آهن،  جن جي اڃا کوٽائي نه ٿي آهي. جن تي اڃان ڪابه تحقيق وغيره نه ٿي آهي ۽ جيڪي اسان کان مسلسل تباهه ۽ برباد ٿي رهيا آهن. اهڙن قديم آثارن ۾ اونگر، ٿرڙو، جهاڙيون/ جاڙيون ٽڪريون، روهڙي واريون ٽڪريون، ڪافرڪوٽ، هالاٺ، الھه ٻنو، اگهاماڻو، ساريجي، وٽيجي، چليا، رڙي، مجيراءِ، جنت واريون بٺيون (ٽڪريون)، مول، سِرن وارو (تعلقو فيض گنج)، بٺيارو، حسن باغبان، جهول ماڙي ۽ ٻيا سوين ماڳ، مڪان ۽ دڙا شامل آهن. تاريخ کان آڳاٽي دور جي ماڳن کي ڇڏي، تاريخ جي ڳڻپ واري دور جا يا عيسوي سن جي شروعات کان پوءِ وارا به ڪيترا اهڙا دڙا آهن، انھن قديم دڙن ۾ آسيليءَ جو دڙو به هڪ قديم دڙو/ماڳ آهي.

دڙي جو ظاهرٿيڻ:

آسيليءَ جي دڙي بابت ڪجهه سڄاڻ مقامي ماڻھن وٽ روايتن جي آڌار تي ڄاڻ موجود رهي آهي، پر ان جو ڪنھن ڪتاب وغيره ۾ ڪو خاص ذڪر نه ٿو ملي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته آڳاٽن تاريخي ڪتابن ۾ هن دڙي جو ذڪر ڪنھن ٻي يا ٿوري بدل نالي سان آيل هجي. البته هن علائقي تي جاکوڙ ڪندڙ شيخ محمد سومار پنھنجي ڪتاب ۾ بدين ضلعي جي ڏنل قديم آثارن جي لسٽ ۾ آسيليءَ جو دڙو به ڄاڻايو آهي(1) پر هو به اُن جو ڪو خاص احوال ڏئي نه سگهيو آهي. مون جڏهن آسپاس جي علائقن جي ماڻھن کان معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن به رڳو ڪي مختصر روايتون ئي مليون. هتي جي رهاڪن پاران فقط ايترو چيو وڃي ٿو ته اڳ ۾ جڏهن برساتون وسنديون هيون، يا ڪي تيز هوائون لڳنديون هيون، تڏهن ڪن هنڌن تي ٽامي جا ڳريل سڪا، پڪين سرن ۽ ٺڪر جي ٿانوَن وغيره جا ٽڪرا ظاهر ٿيندا رهندا هئا. پر چڱي نموني سان آثار تڏهن ظاهر ٿيا، جڏهن ڳوٺاڻن مسجد اڏائڻ لاءِ 25 ڊسمبر 1999ع تي هڪ هنڌ تي کوٽائي شروع ڪئي.(2) تڏهن اُتان مٽيءَ جون پڪيون سِرون ظاهر ٿيون. اُتي جڏهن پڪين سِرن ۽ ديوار جا ڪجهه نشان ڏسڻ ۾ آيا، تڏهن هن ڳوٺ جي سڄاڻ شخص محمد صالح جت ڳوٺاڻن کي گهڻي احتياط سان کوٽائي ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو. ائين پوءِ سندس ئي اڳواڻيءَ ۾ نفاست سان کوٽائي ٿيڻ لڳي.(3) ڪجهه ڏينھن کان پوءِ آهستي آهستي هڪ جڳهه جي ڀت ظاهر ٿيڻ لڳي وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ سان ٻي ڀت ظاهر ٿي، پوءِ ٽين ڀٽ ظاهر ٿي ۽ ائين چار ئي ڀتيون ظاهر ٿي پيون. محمد صالح جي چوڻ موجب اها کوٽائي لڳاتار چار مھينا هلندي رهي. کوٽائي ڪندي ڪندي نيٺ سٺي اڏاوت رکندڙ هڪ مڪمل مسجد حجري سميت ظاهر ٿي پئي. اهڙيءَ ريت ڪجهه وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ سان وضوءَ جي جڳهه ۽ غسل خانو به وغيره ظاهر ٿيا(4). هن وقت دڙي مان کوٽي ڪڍيل انھيءَ مسجد جون ديوارون، فرش وغيره جيڪي ظاهر ٿيا سي سڀ سالم آهن. هيئن چئجي ته هن وقت هڪ مڪمل مسجد/ جڳھه ظاهر ٿي بيٺي آهي. البت ڇت جو گهڻو حصو ڊٺل آهي. جنھن تي ڳوٺاڻن ڇانوَ لاءِ ڪکَ رکي ڇڏيا آهن. دڙي مان ڪڍيل انھيءَ قديم مسجد ۾ اڄڪلھه روزانو پنج وقت نماز ٿئي ٿي ۽ هن ئي مسجد ۾ جمعي نماز به پڙهائي وڃي ٿي. پڪين سِرن سان سھڻي نموني ٺھيل انھيءَ مسجد ۾ اسان چار ڪلاڪ گذاريا. ٽي فوٽ ٿلھين ديوارن واري هن مسجد جي ڊيگهه 30 فوٽ 6 انچ ۽ ويڪر 12 فوٽ 6 انچ آهي. مسجد جو آڳر 40×50 آهي. آڳر جي ڇيڙي وٽ (يعني اوڀارئين پاسي) وضو خانو ۽ هڪ غسل خانو ٺھيل آهي. مسجد جي آڳر سان لڳولڳ اوڀر اُتر طرف ڊٺل ديوارن جا ڪجهه اهڙا آثار به ڏسجن ٿا، جيڪي ڪنھن رهائشي ڪمري جا ٿي سگهن ٿا. باقي سڄو سارو دڙو وارياسي مٽيءَ ۾ پوريل آهي. جڏهن به هن دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ۽ تحقيق ٿي تڏهن ضرور ڪي نيون حقيقتون ظاهر ٿينديون. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهه لطيف جي شاعريءَ جا عاشق محمد صالح جت، محمد بخش جت ۽ ٻيا ڳوٺاڻا هن دڙي جي تمام سٺي نموني سان رکوالي ڪن ٿا نه ته ملڪيت ملڻ جي ڪوڙي آسري تي زماني جا لالچي ماڻھو هتي اچي کوٽائي ڪري، آثار ئي تباهه ڪري ڇڏين ها، يا هي بچيل حصو به زميندار کيڙي اُڊيڙي تباهه ڪري ڇڏين ها.

بيھڪ:

آسيليءَ جو دڙو ضلعي بدين جي تعلقي گولاڙچيءَ تپي ڪنڊياريءَ جي ديھه جهاٻيرو ۾، 24.671510 ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68.626660 ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي، جتي هاڻي ڳوٺ سونھارو خان جت آهي. بلڪه ڳوٺ سونھارو خان جت انھيءَ دڙي جي مٿان اڏيل آهي. هن دڙي جو ذڪر شيخ محمد سومار پنھنجي مقالي بدين ضلعي ۾ پراڻن دريائن جا وهڪرا ۾ ڪيو آهي ۽ هڪ ٻئي مقاليبدين ضلعي جا قديم آثار جي سِري سان دڙن جي هڪ لسٽ ڏني آهي، جنھن ۾ آسيليءَ (ديھه، جهاٻيري، تپو، ڪنڊياري، تعلقي گولاڙچيءَ) جو نالو درج ڪيو آهي. شيخ محمد سومار آسيليءَ جي دڙي بابت لکيو آهي: پٽيھل ڍوري جي ساڄي ڪناري تي سوڍن جو مرڪزي شھر هو. هن اڳتي لکيو آهي: آسيليءَ جي دڙي کان ڏکڻ پٽيھل جو وهڪرو وهندو هو.(5) مطلب ته هي دڙو سنڌوءَ جي آڳاٽي وهڪري تي موجود هو.

وڃڻ لاءِ رستو:

آسيليءَ جي دڙي تي وڃڻ لاءِ گولاڙچيءَ کان بدين ويندڙ مُک رستي تي، چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ ننڍڙو اسٽاپ دٻي شاخ جي موري (پُل) وٽان مُڙڻو پوندو آهي. انھيءَ دٻي شاخ سان اُتر طرف ويندڙ هڪ ڪچو رستو آهي، اهو رستو وٺي ٽي ڪلوميٽر اڳتي وڃبو ته هڪ ڳوٺ فضل محمد ڏاهري ايندو. انھيءَ کان پوءِ اٽڪل ٻه ڪلوميٽر رستو ته بنھه ڪچو آهي، جنھن تي جيپ ته وڃي سگهي ٿي پر ڪار وغيره جو وڃڻ بنھه ڏکيو آهي. اهو رستو ڦرندو، واريءَ جي هڪ ڀِٽ تائين پـھچندو، اها ڀِٽ ئي آسيليءَ جو دڙو آهي.

نالو:

آسيليءَ جي نالي بابت به مختلف روايتون ملن ٿيون، جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون:

(الف) سومرن جي شروعاتي دور ۾ هاسو سوڍي نالي هڪ فوجي جرنيل هوندو هو. هي شھر اُن آباد ڪيو. پھريائين هن شھر جو نالو هاسو هو، پر پوءِ اڳتي هلي آسو ۾ تبديل ٿيو. هاسو مان هاسيلي ۽ پوءِ آسيلي نالو پيو.

(ب) عربن جي حڪومت جي آخري ڏينھن ۾ هن علائقي ۾ آسو نالي هڪ وڏو واپاري رهندو هو. ان هتي پٽيھل درياهه جي پتڻ تي هڪ ڳوٺ ٻڌو، جيڪو آهستي آهستي وڏو شھر بڻجي ويو. هتي وڏو واپار ٿيڻ لڳو. هتان سمنڊ تائين ٻيڙا هلندا هئا. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ اڃا به وڏو شھر ٿي ويو. نيٺ مغلن جي بادشاهيءَ واري زماني ۾ ڪنھن سبب  جي ڪري تباهه ٿي ويو.

(ت) شيخ محمد سومار جي لکت موجب سومرن جي دور جو آسو سوڍو هو، جنھن جي نسبت سان شھر جو آسيلي نالو پيو. (6) منھنجي خيال ۾ انھيءَ شخص جو اصل نالو آسو ئي آهي، جنھن جي پٺيان هن شھر تي آسو جو شھر يا اڳتي هلي آسيلي پئجي ويو ۽ پوءِ ان نالي سان ئي مشھور ٿيو.

دؤر:

هن دڙي بابت جيڪي روايتون ملن ٿيون انھن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته آسيليءَ جي دڙي جي بنياد پوڻ جو زمانو سومرا دور آهي. اهو به چئي سگهجي ٿو ته آسيليءَ وارو ماڳ سومرا دور جو هڪ وڏو شھر رهيو آهي جيڪو سما دور بلڪه ان کان پوءِ به گهڻي زماني تائين آباد رهيو آهي. ملندڙ آڳاٽين روايتن موجب به هي شھر عرب دور جي آخر ۽ سومرا دور جي شروع ۾ اڏيو، جيڪو مغل دور تائين قائم رهيو. قديم آثارن جي ڪن ڄاڻن موجب هن دڙي مان ملندڙ آثار ٻارهين کان سورهين صديءَ جا آهن. ڪن حقيقتن ۽ روايتن جي بنياد تي اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن شھر جو اوج سما دور ۾ رهيو آهي. جاچ ڪرڻ سان ڏسجي ٿو ته سنڌوءَ جي هڪ وهڪري جي ڪنڌيءَ تي هي هڪ ننڍڙو پر نھايت سھڻي بيھڪ وارو شھر رهيو آهي. آسيليءَ جي دڙي مان جيڪي آثار مليا آهن انھن مان به ثابت ٿئي ٿو ته هي دڙو سومرن جي دور کان مغلن جي دور تائين موجود رهيو آهي، وقت گذرڻ سان درياهه جي هن وهڪري جي ڦيرگهير سبب آهستي آهستي تباهه ٿي ويو. آثارن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هن ماڳ جي پسگردائيءَ ۾ ٻيون به ڪي وسنديون موجود رهيون آهن، جن جا آثار اڄ به ملن ٿا.

دڙي جي صورتحال:

آسيليءَ جو دڙو زرعي زمينن جي گهيري ۾ اٽڪل 12 ايڪڙن تي پکڙيل آهي، جنھن مان خاص ڪري لڳ ڀڳ ڇھن ايڪڙن تي اڇي واريءَ تي مشتمل مٿاهين ڀٽ آهي. آسپاس زمين ۾ ٽڙيل پکڙيل سرن، ٺڪراٺي وغيره کي ڏسي معلوم ٿئي ٿو ته دڙي جي ايراضي هاڻوڪن آثارن واري علائقي کان وڌيڪ پکڙيل هئي، پر اها آهستي آهستي کيڙي پوکيءَ (زرعي زمين) جي ور چڙهي ويئي. هي دڙو اڄڪلھه هڪ ڀٽ (ڀڙي) جي شڪل ۾ موجود آهي. اڄ به تمام ٿوري مٽي اُٿلائڻ سان ئي جڳهين جون پڪيون سِرون، ڀڳل ٽُٽل ٿانوَ وغيره نڪري ظاهر ٿي پون ٿا. اولھه ڏکڻ کان پڪين سِرن سان جڙيل ڊگهي ديوار جا نشان به نظر اچن ٿا. واريءَ ۾ ڍڪيل هن دڙي تي هاڻي ڄاريون، ٻُٻر، ڪنڊا، ڪرڙ ۽ ٻيا وڻ بيٺل آهن. دڙي جي گهڻي حصي تي جتن جو ڳوٺ سونھارو خان جت آهي. تنھنڪري وچ واري چوٽيءَ کي جانچي نه ٿو سگهجي. هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته هي ڳوٺاڻا اهڙا هاڃيڪار به ناهن جيڪي دڙي جي کوٽائي ڪري، ڪو ڇيھو رسائين يا هِتان سِرون ڪڍي پنھنجي گهرن ۾ ڪتب آڻين. شاهه لطيف جي شاعريءَ سان عشق ڪندڙ هي ڳوٺاڻا ڄڻ ته هن ماڳ جا رکوالا آهن. هيءَ به حقيقت آهي ته هتي ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ چوپائي مال جا وٿاڻ به آهن، تنھنڪري مال جي پيرن جي کُرن لڳڻ سان ڪن ڪن هنڌن تي سِرون ۽ ٺِڪراٺو ٻاهر نڪتل نظر اچي ٿو.

شھر جو ڦٽڻ:

آسيليءَ جي ڦٽڻ بابت به لڳ ڀڳ اهي ئي روايتون ملن ٿيون، جيڪي سنڌ جي هر پراڻي شھر جي ڦٽڻ بابت ملن ٿيون. يعني ڪنھن بزرگ جي بددعا جي ڪري هي شھر تباهه ٿي ويو. توڙي جو انھن روايتن ۾ ڪا صداقت نه ٿي ملي، پر پوءِ به شيخ محمد سومار جي ڏنل روايت هتي ڏجي ٿي. هن لکيو آهي: مرزو خاصخيلي آسو سوڍي کان وڏيون انعامون پنھنجي ڏاهپ سبب حاصل ڪيون هيون. مرزو خاصخيلي جنھن جي نالي پٺيان مرزانپور سڏجي ٿو. اهو مرزو ڪٿ ڪري کوڙيءَ جو وزن هڪ ساعت ۾ لھي ڏيندو هو. آسي سوڍي سندس قدر به انھيءَ ڪري ڪيو هو. ورنه آسو سوڍو عربن جي راڄ ختم ٿيڻ شرط رياست جو والي ٿيو هو. سو هن مسلمانن کي ختم ڪرائڻ لاءِ اهو قانون ڪڍيو هو ته ڇھين ڇھين مھيني، هو هڪ مسلمان جي رت سان ڏندڻ ڪندو هو. انھيءَ جو اهو قھر، محمود غزنويءَ حملو ڪري ختم ڪيو. چون ٿا ته اهو آسيلي شھر درس محمد مبارڪ فقيري جي پٽڻ سبب محمود غزنويءَ ويران ڪيو.(7).

حقيقت ۾ هيءَ روايت بلڪل غلط آهي، ڇو ته هڪ ته گهڻي معلومات هٿ ڪرڻ باوجود اسان کي هن وقت انھيءَ پٽ مان اهڙي ڪابه روايت ملي نه سگهي آهي، ٻيو ته دورن جو، فرق به چٽو نظر اچي ٿو، ٽيون ته، محمود غزنوي هن خطي تائين آيو ئي ڪونه هو، سندس اچڻ جو ڪنھن به تاريخي ڪتاب ۾ هتي اچڻ جو ذڪر نه ٿو ملي. منھنجي خيال ۾ هن شھر جي ڦٽڻ جو سبب سنڌوءَ جي وهڪري جي تبديلي آهي. سنڌوءَ جو هي وهڪرو جنھن تي هي شھر آباد هو جڏهن اُهو وهڪرو هتان وهڻ بند ٿي يا هٽي پري ٿي ويو ۽ هتي پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي تڏهن آهستي آهستي هي شھر تباهه ٿي ويو.

دڙي مان مليل سامان:

آسيليءَ جي دڙي مان هڪ مڪمل سھڻي ۽ مضبوط اڏاوت واري مسجد ظاهر ٿي آهي، مسجد سان گڏ وضو ڪرڻ جو هنڌ، هڪ وهنجڻ جي جاءِ ۽ هڪ رهائشي ڪمري جا بنيا به چٽا مليا آهن. ان کان سواءِ هن ڀٽ جي ڪجهه ڀاڱي تي سِرون نظر اچن ٿيون، جن جي ماپ 3×2 آهي. ڪٿي ڪٿي ٿانوَن جا ٽڪرا به نظر اچن ٿا. اسان جڏهن دڙي کان ڪافي وٿيرڪو زرعي زمينن ۾ وڃي ڏٺو، ته اُتي به ڪيتروئي ٺڪراٺو نظر آيو. انھيءَ مان معلوم ٿئي ٿو، ته هن دڙي جي ايراضي بچيل دڙي کان وڌيڪ علائقي تائين پکڙيل هئي، جيڪا پوءِ کيڙيءَ جي ور چڙهي ويئي آهي.

هتي جي محبتي ۽ سڄاڻ شخص محمد صالح جت وٽ هتان مليل ڪجهه سڪا به موجود آهن. انھن مان هڪ سڪي جي هڪ پاسي تي 830 سن لکيل آهي، ان سڪي جو ٻيو پاسو ڊٺل آهي. مليل ٻئي سڪي جي هڪ اڌ تي محمد لکيل آهي، جڏهن ته اڌ ڊٺل آهي ۽ ٻيو پاسو صاف نه هئڻ ڪري پڙهڻ ۾ نه ٿو اچي. ٽين سڪي جي هڪ پاسي تي 881 لکيل آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي جا اکر پڙهي نه ٿا سگهجن. محمد صالح جت جو چوڻ آهي ته هن دڙي تان مليل ڪجهه اهڙا سڪا وغيره به وٽس موجود هئا، جن جا ٻئي پاسا چٽا هئا ۽ انھن جو تعلق سومرا دور سان آهي، پر اُهي سڪا وٽانئس ڪو محقق دوست کڻي ويو آهي جيڪي هن اڃا تائين واپس ناهن ڪيا.(7)

 ڪجهه سال اڳ ۾ مانوارو محقق، عالم ۽ استاد ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب به هي دڙو گهمڻ آيو هو. ڳوٺ جي چڱي مڙس محمد صالح جت جو چوڻ آهي ته هنن ڪجهه سڪا وغيره، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن کي ڏيکاريا هئا.

ڳوٺاڻن ڪجهه سالم ڏيئا، لوٽا ۽ ٻارن جا رانديڪا به ڏيکاريا، جيڪي هن دڙي منجهان مليا آهن. چيڪي مٽيءَ مان نفاست سان چڪ تي ٺھيل انھن ٿانوَن جي چڪاس کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو، ته اهي سومرا ۽ سما دور جي آثارن مان مليل ٿانوَن جھڙا آهن ۽ ڪي مغل دور جا به ڏسجن ٿا. چيڪي مٽيءَ مان چَڪَ تي جڙيل ٿانوَ ڏاڍي نفاست سان جڙيل آهن. ٿانوَن تي هلڪي ڪاري رنگ جا چِٽ ۽ مختلف ولين، گلن ۽ ڀاڄين جا نقش وڏي ڪاريگريءَ سان چِٽيل آهن. پليٽن تي ڪڻڪ ۽ سارين جي سنگن جا نشان اندرئين پاسي ڪنارن تي چٽيل آهن. ڪن ٿانوَن جي ٻاهرين پاسن تي ڪاري رنگ جا گول ۽ ڪن تي ولين جا چٽ چٽيل ڏسجن ٿا ته ڪن ٿانوَن جا ٻاهريان پاسا ڊهي چڪا آهن.

سميٽ

سنڌ ساڻيھه جو تاريخي ماڳ آسيليءَ جو دڙو، گولاڙچي شھر جي اوڀر- اُتر ۾ اٽڪل 11هن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي زرعي زمينن ۾ گهيريل هڪ وارياسي ڀٽ تي 24.6715100 ويڪرائي 68.6266600 ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هن وقت هن ڀٽ تي ڳوٺ سونھارو خان جت آهي. هي شھر سنڌوءَ جي وهڪري پٽيھل جي ڪناري آباد هو. مختلف شاهدين مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ماڳ جو بنياد عربن جي آخري ۽ سومرن جي شروعاتي دور ۾ پيو. هي شھر سمن ۽ مغلن جي حڪومتي دور ۾ به موجود رهيو ۽ هڪ واپاري مرڪز وارو شھر هو.

ڀٽ واري سڄي ايراضيءَ ۾ ٺڪراٺو پکڙيل آهي، ڳريل حالت ۾ سڪا به ملن ٿا. ڪٿي ڪٿي پٿر جا ٽڪرا به پيل آهن. ڳوٺاڻن پاران ڪيل کوٽائيءَ جي نتيجي ۾ آڳاٽي دور جي ڳاڙهين پڪين سِرن سان اڏيل مسجد به ظاهر ٿي آهي. جنھن جون ڀتيون ڇھه فوٽ ٿلھيون/ موڪريون آهن. ڇِت ختم ٿي چڪي آهي پر اولھه ڪنڊن وارا ڀاڱا اڃا موجود آهن. مسجد جو فرش سڄو سالم ۽ سٺي حالت ۾  موجود آهي. هن دڙي مان آثارن جو ظاهر ٿيڻ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۾ هڪ سھڻو واڌارو آهي.

گذارشون

1. سنڌ جا سڀئي آڳاٽا دڙا، ماڳ، مڪان رڳو مٽيءَ جا ڍير نه آهن، پر اهي سنڌ جي تھذيب جا گواهه آهن. تنھن ڪري اسان کي گهرجي ته قديم دڙن ۽ آثارن جو هر لحاظ کان بچاءُ ڪريون. لالچ ۽ لوڀ جي ڪري قديم آثارن تي قبضا ڪري سنڌو تھذيب سان ڌارين وانگر دشمني نه ڪريون. ڌارين مان انگريزن ته اسان جي ماڳن جو نه رڳو تحفظ ڪيو، پر انھن اعليٰ معيار جي تحقيق ڪري اسان کي دنيا ۾ روشناس به ڪرايو.

2. سُونھاري خان جت جھڙي سنڌ دوست ڳوٺاڻن مان اسان کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ جيڪي قديم دڙا ۽ آثار پنھنجي پنھنجي ڳوٺ ۾ يا ڳوٺ جي ويجهو موجود آهن. انھن جو ته پاڻ تحفظ ڪريون جيڪو اسان جو قومي فرض آهي.

مسجد جي ڏاکڻي ديوار جو ڀاڱو

 

مسجد جي ديوار

مسجد جي ڇت جو هڪ ڀاڱو

مسجد اندر محمد صالح جت دڙي ۽ مسجد ظاهر ٿيڻ بابت احوال ٻڌائيندي ساڻس گڏ محمد بخش جت به ويٺل آهي

حوالا:

1. شيخ محمد سومار بدين ضلعي جو مطالعو لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1982ع، ص 110.

2. محمد صالح جت، عمر 55 ورهيه، بتاريخ 10 مئي 2006ع.

3. محمد صالح جت، عمر 55 ورهيه، بتاريخ 10 مئي 2006ع.

4. محمد صالح جت، عمر 55 ورهيه، بتاريخ 10 مئي 2006ع.

5. شيخ محمد سومار بدين ضلعي جو مطالعو، ص 93.

6. ساڳيو حوالو، ص 93

7. ساڳيو حوالو، ص 94

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org