سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2026ع

باب:

صفحو:16 

مخدوم سليم الله صديقي

 

 

 

ٿر ناهي بر

صبح جو 11 وڳي سنڌ جي سدا حيات عالم محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سڏ تي سندس اوطاق تي گڏ ٿياسين، سندس هيءَ ڪوٺ نه صرف قرب وچان هئي، بلڪه وقتائتي به هئي. ٿر جنھن ۾ رڻ جون رڙيون ۽ بر جون بلائون ڪر کنيو انساني حياتيءَ کي پيون للڪارينديون آهن، اتي اڄ سايون ٽاريون پکي پکڻ سان ملي، اُٺي جي واءَ سان پيون لڏن ۽ لمن. اڳئي پئي دل سٽون کاڌيون مٿا ساڻيھه جو سڏ، ڪير پاڻ کي جهلي. هونئن به وسڪاري کان پوءِ ٿر ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو، ٻڌڻ سان نه.

اڳي  هئس ماندي، مٿان ٿيم هوڪار،

جهليو ڪين جهلجان، اکين اڳيان انڌوڪار،

پھچي ننگرپار، سچ سليندس سڀن سين.

---

رَمن ريجهن ڪين، گهومين اندر گهاءُ،

هِتِ هُتِ ڳولين، وجهن ٿا پڙاءَ،

جيءَ جا جڙاءَ، رُلڻ سين ماٺا ٿين.

---

مونجهن موٽن ڪين، چڙهيو وڃن ڪاڪ،

اوندهه ۽ طوفان جا سڏبا سي هيراڪ،

روح ڪن بات، مرڻ جيئڻ ساڳيو.

(سليم)

جلدي ڊاڪٽر صاحب جي گهران عمرڪوٽ لاءِ روانا ٿياسين جتي مانجهاندو جهليل هو. عنايت راهمون سابق ايم.پي.اي، دل جي دسترخوان تي طرحين طرحين جا کڻي ڪمام ڪيا جنھن کي اسان جي هڪ مھربان محترم شوڪت راهمون جيڪو هن سڄي سفر جي لاهن چاڙهن ۾ اسان جو ٻانھن ٻيلي هو، کيس اڳي ئي اطلاع ڏئي ڇڏيو هو. عمرڪوٽ مان اسين شوڪت صاحب جي اباڻن ڪکن لاءِ روانا ٿياسين جيڪي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ مولوي عبدالعظيم ترائي گوڏانگڙي ۾ آهي. سندس والد جنھن جي نالي تي ڳوٺ آهي، پنھنجي وقت جي اهلِ دل ۽ اهلِ سخن سخي مڙس هو. هينئر به سندس وڏي ڀاءُ سگهڙ احمد علي راهمون اسان جي سفر کي سجايو ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ته گاڏيءَ مان لھڻ شرط، ساڻس ڪچھري لاءِ ڪرسي رکي ويھي رهيو. محترم عبدالغفار سومري صاحب به پاڻ ملھايو هو. اسان ته حيدرآباد مان ننڊون پوريون ڪري سفر سنڀاليو هو، پر هن مانجهي مڙس اسلام آباد جي ”مارگله کان ڪارونجهر“ لاءِ عزم ڪيو هو. سو گاڏيءَ مان لھندي ڀرسان رکيل کٽ تي آهلي پيا. مون سمجهيو ٿڪ ٿي ڀڳائون پر نه، متل ڪچھريءَ جو مزو پئي ماڻيائون. اکيون پوري ٻڌڻ جو مزوئي پنھنجو آهي، جو وهي سو لھي.

ننڊ نه ڀانءِ تن، ڏسي اکين اوٽ،

اي اوجاڳي جا گهوٽ، ڪڇن پڇن ڪين.

(سليم)

سگهڙ احمد علي راهمون جا گفتا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي مڻيا سان ڀريل گفتگو  اهو احساس ئي ڪونه ڏياريو ته تيرهينءَ جو چنڊ ايترو ته اڀري آيو هو، جو پوري جوڀن ۽ جوش سان اونڌائيءَ کي پوئتي پئي ڌڪيائين.

ساجهر اُٿي ڀٽن تي وڇايل ساون غاليچن تي نظر ڦيرائڻ سان روح کي جا راحت آئي ٿي، سا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.

سامين ڪيا سانڀاهه، ٿاريلن جا ٿاڪَ،

ساريان تنھن الله، جنھن ساوڪَ ڪئي هاڪَ،

وڇيل هئا غاليچا پکين ڪيا ٿي ناٽ،

اهڙي هئي پرڀات، ڄڻ وقت هجي وحيءَ جو.

---

تَرِ، هيون ترايون، ڀٽن ڦريا ڀاڳ،

ساوڪَ ۽ ساڳَ، سائو ڪيو ديس کي.

(سليم)

هاڻي ته ائين پيو لڳي ته سگهـڙ به گهٽبا پيا وڃن. رڳو مڙهيون وڃي بچيون آهن. وري جيڪي وڃي بچيا آهن، تن کان اهي ضروري روايتون، ڳجهارتون، بيت سکڻ وارن جو انگ ئي ڪونھي. نفسانفسي هتي به پنھنجا نمائندا ڏياري موڪليا آهن، جڏهن ته اڃان پاڻ شھرن جي شائق آهي.

ڪڪر موٽيا ڪين، اُٻن ڪئي ڇانوَ،

رهيا وڃي ناءَ، ڪانگ ٽھوڪيا ڏيھه.

(سليم)

ٻئي ڏينھن صبح جو ننگرپارڪر لاءِ پنھنجا ننگ سنڀالياسين. رستي تي ڊاڪٽر لياقت علي راهمون صاحب جي ساٿ مان گهڻو ڪجهه پرايوسون. وڻ ٽڻ، ٻوٽن ۽ جڳھين جا نالا کيس ائين ياد هئا، جيئن هڪ وطن واسي کي هجڻ کپي.

اسلام ڪوٽ ۾ مکي نھال چند جي اوطاق هڪ وڏي عرصي کان ٿر گهمندڙ لاءِ ”نئون سنئون“ ٿيڻ ۽ مھمان نوازيءَ جون ريتون پوريون ڪرڻ ۾ پاڻ مَلھايو آهي. سندس جاءِ تي هاڻي وشنداس وڪيل پنھنجي وڏن جو نالو قائم رکيو اچي. وٽس منجهند ڌاري اطلاع مطابق پھتاسين. اسين وياسين ته پنھنجي مرضيءَ سان، پر موڪلائڻ مھلَ ايترا ته بي وس هئاسين جو مانجهاندي کان پوءِ به پنھنجي مرضيءَ سان ڇڏيائين. اسلام ڪوٽ تائين ته پڪو رستو ٺھيل آهي، جتان ننگرپارڪر تائين پيچرا پاڻ رهنمائي ڪندا رهن ٿا. وري شل نه ڪو اُٺ پيچري تي هلندي اوهان جي گاڏي آڏو اچي، پوءِ اڳيان اُٺ پويان گاڏي. جڏهن وڃي ڪو هٽڻ جو خيال پويس. تيسين اوهان به سُڪَ ۽ اُٺ به پريشان.

جاڏي ڪنڌ تاڏي پنڌ، پيچري ڪر پچار،

ڪرهي واري ڪار، ٿر گهمائي گهومين کي.

(سليم)

اسلام ڪوٽ جي آسپاس وارو علائقو قدرت جي اڻکٽ خزانن سان مالامال آهي پر ان ڌرتي جي سيني تي الڙ ٻارڙو، گڏهن کي هر ٻڌي ڪاهيندڙ ڇا ڄاڻي ته سندس اگهاڙا پير ڪھڙن خزانن کي لتاڙي رهيا آهن. دنيا جو دستور رهيو آهي ته قدرتي خزانا مقامي ماڻھن لاءِ هميشه ڏچو بڻيا آهن. اهي نصيب وري به انھن کي ئي ٿين ٿا جن جو ان سان واسطو ئي نه هجي.

جنھن ڌرتيءَ مٿي ٿاڪ، مورک مول نه ڄاڻن،

بک ڀرم ۽ ڀل جا سڏبا سي هيراڪ،

ڪو ڄاڻان ڪاڪ، ڪير وسائيندو واٽون.

(سليم)

ٿرپارڪر جي ڀونءِ جتي تقريباً نَوَ هزار ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل 175 ارب ٽن ڪوئلي کانسواءِ چيني مٽي، لوڻ ۽ گرينائيٽ وغيره جهجهي انداز ۾ موجود آهي، ان ڪوئلي ۾ لگنائيٽ قسم جو ڪوئلو گهڻو آهي، جنھن ۾ گندرف ۽ ڇار گهٽ ٿئي ۽ ماحول کي گهٽ متاثر ڪري ٿو.

اهو ڪوئلو مٺي، ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقن تي ڏکڻ اتر ۾ 140 ڪلوميٽر ۽ اولھه اوڀر ۾ 65 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. هن وقت تائين فقط ڪوئلي جي چئن وڏن بلاڪن جو معائنو ڪيو ويو آهي: 1. سينھارو ڪيا، وروائي 2. سينگهارو ٻٽڙا 3. سونل ٻھه ۽ 4. صالح جو تڙ.

ٿر جي ڪوئلي مان نه رڳو صدين تائين بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، بلڪه اهو مقامي ماڻھن ۽ علائقي جي ترقيءَ لاءِ بھترين ذريعو آهي.

ڪوئلي کانسواءِ هن علائقي ۾ لوڻ پڻ گهڻي انداز ۾ موجود آهي. ڏيپلي تعلقي ۾ لوڻ جا ڪيترا ئي ”سن“ موجود آهن. انھن مان ’سارڻ‘ وارو سن ننڍي کنڊ جي وڏي کاڻ ٻڌائي وڃي ٿي. ننگر ۾ موکئي جي آيوڊائيز لوڻ وارو سن پڻ مشھور آهي. سوراچند ۾ هڪ سن مان سائو، ڳاڙهو ۽ پيلو لوڻ به نڪري ٿو.

مطلب ته اڻکٽ قدرت جا خزانا موجود آهن جن جي صحيح ورڇ ۽ استعمال جي ضرورت آهي. ساڳي طرح ٿرجي دستڪارين کي به پنھنجي هڪ سڃاڻپ آهي پر مناسب اجرت نه ملڻ سبب کيس وڏو ڌڪ رسيو آهي ۽ ان ۾ وقت سان گڏ جدت نه اچڻ جو پڻ اهو وڏو سبب آهي. خدا ڪري ٿرُ ترقي ڪري، سڀئي سھولتون اچن، سک، سھنج ۽ سڻائون منھن ڪڍن، پر ترقيءَ جي نالي ۾ شال سندس قدرتي حسن سان مذاق نه ٿئي.

ننگرپارڪر ڏي ويندي رستي تي ڀالوا وٽان لنگهندي، مارئيءَ جو ذڪر نڪتو. ٿرکي اها به فضيلت حاصل آهي جو سنڌ جي نياڻيءَ مارئي جو تعلق هن ئي ڀونءِ سان آهي. هن ڪردار عصمت، حب الوطني ۽ اخلاق جي بلنديءَ جو اهو معيار پيش ڪيو جيڪو تاريخ انسانيءَ ۾ اعليٰ اخلاقيات جو درس ڏيندو رهي ٿو. جتي مارئي هزار ڪمزورين باوجود پنھنجو وطن نه وساريو، اتي بادشاهه وقت هزار طاقتن جي باوجود حدون نه اورانگهيون. آخر ۾ پشيمان ٿيو ۽ آڻ مڃيائين:

صد فخر مٿي مارئي ماٺ،

مايا ڪئي موٽ، ڏسي تو چانٺ،

غيرت ۽ اڻاٺ، ڏاڍي ڪئي ڏاڍ سان.

---

ڌوڙ وڌائين ڌنَ، ماندي ٿي ملير،

اُچاريو اُچاري ماروئڙن اڪير،

ليا پائي ليڙ، باسون باسيائين موٽڻ جون.

---

عمر تو شاباس، هيڻن اڳيان هيڻو،

نفس ۽ شيطان، پڙهي هنئي ڦيڻو،

ڀلي ٿئي ٻيڻو، نانءُ تنھنجو ڏيھه ۾.

---

ڦاسايو تو ڦوڳ، تنھن شيطاني شام،

واٽ وٺين ها واحد جي، بچي تنھن گام،

اڳي هن مام، جڙيو هئين جنت ۾.

---

لا اِلٰھ اِلا انت سبحانک اني کنت من الظالمين،

توبھه ۽ استغفار کي بخشيو رب العالمين،

اشراف مان اشرف ٿئين، واٽ وتئي ڪاملين،

رب راحمين پار ڪيو پشيمان کي.

---

عمر تو آزار ۾، وڌو پنھنجو پاڻ،

جڙيو هئين جنت، تھمت کنيئي ساڻ،

هاڻ تنھنجي آڻ، سوڀ لائي سيني.

---

گناهن جي گهاگهر، ڪلھي کنيئي اجائي،

هلاکُ ٿئين هيڪاندو، هٿ نه آيئي پائي،

ڪفن جي ڪمائي، اکيون ڏسن ڪين.

---

هيتان آئي هُتان وئي، دوکو ۽ دولاب،

مارئي جي روپ ۾ ڏٺئي تو سراب،

ڳچيءَ پئي پاپ، ڳاٽي ڏئي نه ٽيڪَ.

---

جهمريون هنيون جيءَ، ماريو مارئي محبت،

ڦوڳ ڪيس لاچار ڇڏائي جند ڪيئن؟

ڄڻ الوٽ هو ننڊ، سڀڪي ٿيس ائين،

جاڳئي پٺيان ڏينھن، سانڀر پئي سچ جي.

---

اصل هئس هُتي جو، جيءُ لاتم هِت،

نفس ۽ شيطان جي ڳالھين ڪيم چِتِ،

ڦاٿو هئس بند، موٽڻ نه وِتِ،

ڪي ڄاڻان ڪِٿِ، قبر ۽ ڪانڌي.

---

سومري طعام هزار، پوءِ به هٻڇ هينئين،

مِلڻ جا مھانگي، سائي وڻي انسان،

حرص ڪري حيوان، ماڻھو بس نه ٿئي.

---

ڌڌڙ جي دونھين، دُکي ڪڏهن باهه؟

خوشامدين جي چوڻ تي چادر پنھنجي مَ لاهه،

اي لائين اهڙي راهه، جا بڇڙو ڪري بادشاهن کي.

---

وطن جو واس، عطر سين نه ڀيٽ،

آزادي اُتم ٿي، بندياڻي ڄڻ ڪيسُ،

حياتيءَ جو ويسُ، هيڪلائي هاڃو ٿئي.

(سليم)

اسلام ڪوٽ کان ننگر تائين پيچرن تان سفر ڪندا پھتاسين. انھيءَ رستي کي ٺاهڻ جا اڃان پھه پيا پچائجن.

ڏونگر ترايون لنگهي، پياسين ننگر پار،

عضون ڀڳا آر، تان سچيون ڪيوسين سورن جون.

(سليم)

لھڻ سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن فرمايو ته ويھڻ اجايو آهي، هلو ته جيڪي نوان ڊيم برساتي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ ٺاهيا اٿن، تن کي ڏسي اچون. اهي ننڍڙا ڊيم جن مان ڪجهه ناقص هجڻ جي باوجود علائقي جي ماڻھن لاءِ پاڻي گڏ ڪرڻ جو بھترين ذريعو آهن.

ڪوئلي جي کوٽائيءَ دوران زمين هيٺ پاڻيءَ جا ٽي تھه مليا آهن. انھن مان آخري تھه سڀني کان وڏو آهي. ان مان ٽيوب ويلن ذريعي زمين کي سرسبز و شاداب ڪري سگهجي ٿو. اهي ننڍڙا ڊيم ڪارونجهر تان وهي ايندڙ پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن. ڪارونجهر ساروئي سون آهي. منجهس سنگ سليماني ۽ سنگ مرمر وڏي مقدار ۾ موجود آهن. ڪارونجهر کان علاوه ننگر مان ملندڙ چاڪ، رنگ سازي ۽ دوائن ۾ ڪتب اچي ٿو. ڊيڊ ويرو مان چيرولي جنھن مان چيني جا برتن وغيره ٺھن، سو به گهڻي انداز ۾ موجود آهي.

ننگر ۾ چوڏهينءَ جي رات وساريو نه ٿي وسري. سڄي ڪارونجهر تي چانڊوڪيءَ جي ورکا ۽ مورن جا ٽھوڪا ٿڌڙي هوا جي جهوٽن سان گڏ، ڪنھن حسين خواب جي احساس کان گهٽ نه هئا. مصور جي رنگ ڏيڻ جي ڪاريگري کيس سجدو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهي هئي.:

ڪارونجهر پٻ تي پاڻيءَ جا ڇير،

چانڊوڪي چوڏهين جي لاٿي سڀ مير،

ننڊ پڻ راحت، ڪن جاڳڻ جي هير،

جيڪي اُٿيا سوير، سي مزو ماڻن ملير جو.

---

ڪارونجهر ڪھوٽ، ڏونگر ٻاري ڏيو،

مورتوسين هينئون، هنجون ٿي هاريون.

(سليم)

خير جي رات گذري ته صبح صادق سڀ ڪو تيار ٿي اچي چانھه لاءِ ويٺو جتي چانھه جي ئي موضوع تي گرما گرم بحث ٿيو. چانھه جي عادت به عجيب رنگ وٺي ٿي. ڪي ته نيراني چانھه نه پيئن ته ڄڻ صبح شروع ئي نه ٿيو. ڪي ڏينھن ۾ 20، 25 ڪوپ پيو وڃن. حيراني ته اها ٿيندي آهي، ته جون جي مھيني ۾ تنور جي ماني پچائيندڙ، پگهر پيا اگهندا ۽ چانھه جو چسڪو به پيا وٺندا. اهڙي ئي ڪنھن چانهه پياڪ کي ٽاڪ منجهند ڌاري اوچتي نظر پوڻ تي چيم: ”هينئر چانھه؟“ ته وراڻيائين: ”ادا لوهه کي لوهه ڪپيندو آهي. گرميءَ کي گرمي  ماريندي.“ تڏهن چيومانس: ”پوءِ گڏوگڏ هٿ به سيڪيندو وڃ.“

ڪچھريءَ دوران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن ٻڌايو ته جڏهن چانھه نئي مارڪيٽ ۾ آئي هئي ته ڪمپنين ان جي تشھير لاءِ وڏا وڏا بينر هڻي ڇڏيا هئا جنھن تي نمبرن سان چانھه جا فائدا لکيل هوندا هئا. سڀني کان پھرئين نمبر تي لکيل هوندو هو ته: ”چانھه جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته ان جي پيئڻ سان ڪوبه نقصان نه آهي.“ ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته: ”هڪ دفعي حڪيم سعيد صاحب جن چيو ته مون کي ڪو هڪ به چانھه جو فائدو ٻڌايو، ته آءٌ به ان کي پيئڻ شروع ڪيان.“

چانھين جا پياڪ، ڳڻين ڪين ڪوپ،

اونھاري سياري، تنھن ساٿي جا هيراڪ،

شام هجي يا باک، پرت نڀاهين شوق سان.

(سليم)

ٿر ۾ به چانھه، هر مند ۾ واپرائي وڃي ٿي. ٿر جي وهنوار تي موسم جو وڏو اثر ٿئي ٿو. هتان جون ريتون رسمون، ڪِرت ڪاروبار مندن مطابق ادا ٿين ٿا. هِتان جي مندن کي عام طرح پنج نالا ڏنا ويا آهن:

سيارو، ڦوٽھڙو، اونھارو، وسڪارو، سوڪھڙو،

اجهو، لٽو نه اٽو، پيرين اگهاڙو،

دل جي آهه متارو، ماڻھو منھنجي ملير جو.

(سليم)

سياري جا مھينا جيڪي نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري جا ٿين ٿا، تن کي انگريزي نالن بجاءِ ناهري، پوهه ۽ ماگهه سڏين. ٿڌڪار جي هن موسم ۾ گرم ڪپڙا ۽ ڪانڀ ٻڌي مچ جي چوڌاري ويھڻ جو مزو هن موسم ۾ ئي ٿئي. ڪاڄ به هر پاسي نظر اچن. سھرا يا سھوڙا، لاڏيلا،، هلراڻا، ڦوٽاڻن جا آواز هرسون پيا ٻڌبا:

سڀ ڪو سھي نه سيءُ، سمھڻ جاڳڻ وهه،

ليڙون لٽا، اوڇڻ اڌ، ڏک اندر ڳھه،

هي حياتي مھه، مھڻو ٿئي نه ماڻھئان.

(سليم)

سياري کان پوءِ ڦوٽھڙي جي مند منھن ڪڍي جيڪا فيبروري ۽ مارچ، يعني ڦڳڻ ۽ چيٽ ۾ ٿئي. هر شيءِ ڦٽيو پوي. وڻ ٽڻ، گل جوڀن جي مستيءَ ۾ اچن ٿا. هن مند ۾ نمون، ٻيريون، ڪونڀٽ، کٻڙ، سرنھن ۽ ڦوڳ ٻور جهلن ٿا.

نمن جهليا ٻور، ٻيرين ڏنا ٻير،

دلئون ڪڍ وير، آئي مند بھار جي.

(سليم)

بھار کان پوءِ اونھارو جيڪو چيٽ ۽ ويساک، يعني اپريل ۽ مئي ۾ ايندو آهي. ماڻھن جون طبيعتون ئي ٻيون ڪيو ڇڏي. جيئن ٽوڀن ۽ کوهن مان پاڻي سڪيو وڃي، تيئن ماڻھن جي جسمن مان به پگهر ريلا ڪيو وهي. لُڪون ۽ تيز هوائون هن مند جي سڃاڻپ ٿيو پون.

بھار مََ بيٺو ڀانءِ، اونھاري پڻ اِها،

جُتيون جن پير، ڪنڊا تن مََ لڳا،

ساجهر سانبر پيا، سک ملھائن شام.

(سليم)

اونھاري کان پوءِ ورساڙي يا وسڪاري جي مند ٿئي جيڪا انگريزي حساب سان جون، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر آهي. يعني اکاڙ، سانوڻ، بڊو ۽ آسو.

مولا ڪري وسڪار، موٽي مونجهه ماڻھئان،

ٿر بر ترايون، ٽوڀا ڀرجي ٿين تار،

وڏا ۽ ٻار، جهونن سان جهونگارين.

---

ڀٽن ڏي پوشاڪ، سبي سائي سلي،

هرسون هرپل گلن ٿئي هٻڪار،

چڀڙ، ڇانھيان، گِدرا کُنڀيون ڀرن بازار،

مريئڙو، ڪونڍير، پپون، لُلُر ٻگهر ڪن گلزار،

سکيا ٿين لاچار، لائون لھر وٺن.

(سليم)

آڪٽوبر يا ڪَتي جنھن ۾ سوڪھڙو منھن ڪڍندو آهي، هن مند ۾ ٿري چڀڙ، ڪريون، ڪچريون، ڪوڪلا، ٽوهه، سيڻ، مرٽ، کپ، ڀرٽ گڏ ڪري رکندا آهن. ڀرٽ جو ٻجُ ڪيتري عرصي ائين حفاظت سان رکيو ويندو آهي، جيڪو کائڻ جي ڪم ايندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪيترائي ڊگها سلا جيئن”کپَ“ رسيون وٽڻ جي ڪم ايندي آهي، جن سان چؤنرن جي ڇتين جون ڪاٺيون ٻڌبيون آهن ۽ اهي ڏاڍيون پائيدار ۽ مضبوط ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح ڪن سلن سان ٽاٽ ٺاهي جهار هلڪڻ جو ڪم وٺبو آهي.

الله رب العزت ٿر جي ٻوٽين ۾ انيڪ طبي حڪمتون پڻ رکيون آهن. سرحدن تي سختي ٿيڻ کان اڳ هندستان مان ڪيترائي جوڳي وسڪاري کان پوءِ هتي اچي ناياب ٻوٽين جي ڳولا ۾ جبلَ جهاڳيندا هئا.

ٿر۾ جتي مادي ترقيءَ جا وڏا وسيلا موجود آهن، اتي ريتن، رسمن ۽ روايتن جا اڻ کٽ خزانا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنھن تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمةالله عليھ کان وٺي موجوده دور جي محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تائين گهڻو ڪجهه ڪم ٿيو آهي ۽ اميد آهي ته ٿيندو رهندو. اسان

ٿرُ ناهي برُ، ڀليو آهين ڀاءُ،

خزانن جي کاڻ آ، ريءَ پني پڙهه،

جهاڳي تون ڳڙهه، ته سگهڙ ٿين سڀن ۾.

 

ª

رکيل مورائي


 

ادب ۾ هڪ جھڙايون اوس ٿينديون آهن

 

هنديءَ ۾ لکندڙ نامياري ناول نويس ڪمليشور جو ناول ”ڪتني پاڪستان“ جنوري 2000ع ۾ شايع ٿيو هُو ۽ 2004ع تائين ان ناول جا اٺ ڇاپا وڪرو ٿي چڪا هئا، هيءُ ناول دنيا اندر ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي، ساڳئي وقت ڪيترن هنڌن تي ناول جون ڪاپيون ساڙيون پڻ ويون. پر صرف هند ۾ 2000ع جي آخر ڌاري ئي غالباً ڪراچي جي ڊان اخبار ۾ ان ناول تي رويو شايع ٿيو هو! ناول هند جا ڪيترائي ادبي انعام ماڻي ورتا ۽ هند جي ساهتيه اڪيڊميءَ ان جو سنڌي ترجمو پڻ  ڪرائي ورتو جيڪو تازو ئي 2023ع ۾ شايع ٿيو آهي. ترجمو ڊاڪٽر پريم پرڪاش جھڙي ذهين سنڌي اديب ڪيو آهي.

ڪمليشور پرساد سڪسينا پندرهن کن ڪتابن جو ليکڪ آهي ان ڪري ڪنھن وڌيڪ تعارف جو محتاج ادبي دنيا ۾ گهٽ آهي. هو صحافي پڻ آهي، سندس ديھانت چوهتر سالن جي عمر ۾ ستاويھين جنوري ٻه هزار ست ۾ ٿي. 2005ع ۾ کيس هند ادب جي اعليٰ اعزاز ”پدم ڀوسڻ“ سان پڻ نوازيو ويو آهي. ڪمليشور جي هن ناول ادب جي دنيا ۾ جيڪا مڃتا ماڻي آهي، اها خوشي اسان لاءِ ان ڪري به اهم آهي جو دنيا جي ادب ۾ ننڍي کنڊ جي ادب جي شراڪت کي پڌرو ڪري رهي آهي، ٻولين جا سياسي مسئلا الڳ آهن ۽ انھن جا ادبي مسئلا الڳ آهن سياست ماڻھن کي الڳ ڪندي آهي، ادب ماڻھن کي ڳنڍيندو آهي. مان ائين سمجهان ٿو.

هت مسئلو ٻوليءَ جو نه آهي، انساني تاريخ جي الڳ الڳ المين کي کڻي ادب جي جنھن شاخ ۾ هيءُ ڪتاب لکيو ويو آهي، اها شاخ ناول آهي. جيتوڻيڪ انساني تھذيب ۽ تاريخ کي کڻي اردوءَ ۾ قرت العين حيدر جو ناول ”آگ ڪا درياهه“ ۽ عبدالله حسين جو ”اداس نسلين“ گهڻي پذيرائي ماڻيل ناول آهن. اهڙي پذيرائي آغا سليم جو ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۽ سراج ميمڻ جو ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ توڻي علي بابا جو ناول ”موهن جو دڙو“ ڪڏهن به ماڻي نه سگهندا،  ڇاڪاڻ ته اهي ٽيئي ناول سنڌيءَ ۾ آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پهچ ايتري نه آهي.

ٻوليءَ کي وچ ۾ نه آڻجي ته ڪمليشور جو ناول انساني تھذيب ۽ تاريخ جي ڪن اهم واقعن کي ايتري شدت سان ڇهندڙ آهي جو اها شدت پڙهندڙ جيئن جو تيئن محسوس ڪري رهيو آهي، ڪمليشور ”وقت“ جي واتان جيڪو ڪجهه چَورايو آهي، اهو ڪڏهن ڪڏهن ايترو تکو ٿي وڃي ٿو جو ان کي برداشت نه ڪري سگهڻ جي ڪيفيت ۾ ناول کي ساڙي، رت جي داٻ کي گهٽايو وڃي ٿو. ٻئي پاسي اهڙا عمل ناول جي پذيرائي ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ڪري رهيا آهن جيڪو سڀ ليکڪ جي فائدي ۾ وڃي رهيو آهي. ڪنھن به طرح هيءُ ناول پڙهڻ جھڙو ۽ سانڍڻ جھڙو آهي ۽ هاڻ مان ان پهرين خوشيءَ ڏانھن اچان ٿو، جيڪا هن ناول جي نسبت ساڻ مون کي ملي آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي بيمثال ناول نويس آنند کيماڻي جو ڏهون ناول ”رشتن جا  اڻانگا پنڌ“ ٻه 2021ع ۾ ڇپيو آهي. هي ناول آنند کيماڻيءَ جي ٻين ناولن جيان سنڌي ناول کي عالمي ناول ڏانھن کڻي ويندڙ ناول آهي. هن ناول جو موضوع سنڌ جي سنڌي ناول کان گهڻو اڳتي آهي ۽ اهو سنڌ جي اڪثر ناولن ۾ آندل موضوعن جيان مصنوعي نه آهي، هن جي ناول ۾ موضوع جو نجپڻو هر پڙهندڙ محسوس ڪري سگهي ٿو، اها الڳ ڳالھه آهي ته ان کي قبول نه ڪري سگهي جو سنڌ جو سماج آنند کيماڻيءَ جي سماج کان اڌ صدي پُٺ تي آهي. سنڌ جي ناول کي آنند کيماڻيءَ ناول تائين گهڻو تڪڙو هلڻ ”ڊوڙن جي حد تائين“ باوجود پنجاهه سال لڳي ويندا. جن سندس ناول پڙهيا آهن انھن کي مون سان سھمت ٿيڻ ۾ گهڻي ڏکيائي نه ٿيندي.

سنڌيءَ جو هي ذهين ليکڪ موري لڳ هڪ ڳوٺ سنڌوجن ۾ جنم ورتل آهي. ساڻس اڄ جي سائنسي سھولت مان فائدو وٺندي ڪڏهن ڪڏهن ڪچهري ڪري وٺندو آهيان ۽ ڳالھه ٻولھه ۾ اسان ڪڏهن به شخصي نه بڻيا آهيون. اسان جو موضوع اڪثر ادب جي اهڙي شفافيت بابت رهيو آهي، جيڪا سنڌي ادب لڳاتار وڃائي رهيو آهي.

اسان جو نئون لکندڙ سنڌي سماج جي نج پڻي کان گهڻو پري ٿي رهيو آهي، اسان جو ليکڪ ان شخص، جنھن جون اکيون سئو سالن جي ٻرندڙ روشنين کان جهانوريون ٿي ويون آهن ۽ ان شخص جنھن پهرئين رات بلب جي روشني ڏٺي آهي، جي مشاهدي توڻي احساس جي شدت سمجهڻ کان قاصر ٿي ويو آهي. هو ان شدت کي هڪ جھڙو سمجهي ۽ اظھاري رهيو آهي، ٻنھي مشاهدن جي باريڪي سمجهڻ کان هو ناآشنا آهي.

اسان جو ليکڪ ان سنڌيءَ جي يا ملڪي ماڻھوءَ جيڪو امدادي رقم وٺڻ لاءِ نه ٺھرائي سگهندڙ سڃاڻپ ڪارڊ جي پيڙا ۽ گهر ۾ رهجي ويل اي.ٽي.ايم ڪارڊ سبب تڪڙا پئسا نه ڪڍرائي سگهندڙ پئسن کي ڪلاڪ کن جي دير ٿيڻ واري پيڙا کي، الڳ الڳ سڏڪن کي نه سمجهڻ واري غلطيءَ تي فخر محسوس ڪندڙ آهي. هو جاتيءَ ۾ رهندي يا ڳوٺ حاجي مالڪ ڏنو سولنگيءَ ۾ رهندي، جتي ايڪھين صديءَ ۾ به بجلي نه آهي، به پنھنجي ڪھاڻيءَ ۾ موضوع ڪئناڊا جي ”ڪئبري ڪلب“ تخليق ڪري ٿو ۽ محسوس ڪرائي ٿو ته هو عالمي ادب جو حصو بڻجي رهيو آهي، کيس اهو سوچيندي ننڍي ٿيڻ جو احساس اندر اندر ڏکوئي رهيو آهي، هو ائين سمجهڻ جي ويجهو وڃڻ لاءِ بنهه تيار نه آهي، ته جنھن ادب کي مقاميت نه آهي، اهو عالمي ڪيئن ٿيندو؟ عالميت ته ڪن به مقاميتن جو انساني گڏيل ورثو هوندو آهي جنھن ۾ سندس به حصو هوندو آهي، جيڪڏهن اها نج مقاميت آهي ته!

آنند کيماڻيءَ جو ناول توڻي سمورو ادب مان يقين سان چوان ٿو ته ادب جي سنجيده پڙهندڙن لاءِ آهي، روزاني اخبار پڙهي ادب جي تخليقيت تي ڳالھائڻ وارن لاءِ بنھه نه آهي، ساڳيءَ طرح مون ائين به محسوس ڪيو آهي ته اسان جي تخليقڪارن کي سياسي ادب ۽ ادبي سياست بابت پڻ چِٽو هجڻ گهرجي. ائين سياسي فورمن جي ۽ ادبي فورمن جي توڻي سماج سڌارڪ سنسٿائن جي پڻ ڄاڻ هجڻ گهرجي!

منھنجي لاءِ خوشيءَ جو سبب هيءُ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي غير معمولي ناول نويس آنند کيماڻيءَ جو تازو ناول ” رشتن جا اڻانگا پنڌ“ سندس ايڪانوي سالن جي عمر ۾ 2021ع ۾ ڇپيو آهي، ان کان اڳ ساڻس اڻ ڳڻيا ڀيرا فون تي گفتگو ٿيندي رهي هئي، هند ۾ سنڌي اديبن پاران ٿيندڙ جهيڙا جهڳڙا مشھور رهيا آهن جن جهيڙن جي مشھوريءَ ۾ اضافو ڪندڙ ڪتاب آهي ”سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش“ جنھن ڪتاب جھڙو ڪتاب سنڌي ادب ۾ ٻنھي پار ڪو به نه ڇپيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ڪھاڻي نويس ۽ ناول نويس موهن ڪلپنا لکيو هو.

ڪيترن سالن کان پوءِ ان قسم جو هڪ ڪتاب دهليءَ ۾ رهندڙ نھايت ذهين ناول نويس ۽ ڪھاڻي نويس ساڳئي وقت آنند کيماڻيءَ جي علمي، ادبي ۽ شخصي دوست پرم اڀيچنداڻيءَ جو ڇپيو ۽ ان ئي سال پرم اڀيچنداڻي ديھانت ڪيو، مان ٻه ڀيرا جڏهن هند ياترا تي ويس، ته ٻئي ڀيرا ساڻس ملڻ لاءِ ماندو هئس پر دهليءَ جي دوستن ڪيترا ئي سبب ڄاڻايا ۽ مان تاحيات پرم اڀيچنداڻي سان نه ملڻ جو ڏک دل ۾ سانڍي ويھي رهيس. سندس ڪتاب جيڪو ادبي جهيڙن تي مشتمل هو، مون کي مليو. ڪتاب ڪيئن آهي منجهس ڇا آهي، ان تي ڪجهه لکڻ فلحال ملتوي.

ڪنھن ڏينھن فون تي ڪچھري ڪندي آنند کيماڻيءَ پڇيو هو، رکيل! پرم جو ڪتاب ”نظر ۽ نظريو“ پڙهيو اٿئي؟

منھنجي زبان مان نه محسوس ٿيندڙ طريقي سان نڪري ويو هو، ويھه دفعا يا انھن کان وڌيڪ! مقصد ڪتاب جي پسند کي اظھارڻ هو.

جڏهن آنند کيماڻيءَ جي تازي ناول ۾ شامل سندس مھاڳ ۾ صفحي نمبر يارهن تي لکيو آهي ته ”پرم جي سنڌي ادبي مافياگيريءَ تي لکيل ڪتاب ”نظر ۽ نظريو“ ريفر ڪرڻو پوندو جنھن بابت رکيل مورائيءَ مون کي فون تي ٻڌايو، ته هن پرم جو اهو ڪتاب ويهه دفعا پڙهيو آهي“، اهو حوالو نظر مان گذريو ته گهڙي کن لاءِ اندر ۾ لڄي ٿي ويس! اهڙو ڪجهه مون کي نماءُ محسوس ٿيو، جيڪو منھنجي مزاج جي ابتڙ آهي، منھنجو سچ اِهو آهي ته پرم اڀيچنداڻيءَ جو هي ننڍڙو ڪتاب ” نظر ۽ نظريو“ منھنجو وڻندڙ ڪتاب آهي، مون  ويهن ڀيرن کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ پڙهيو آهي ۽ اڄ تائين جڏهن به ڪجهه تنقيدي لکڻ لاءِ سوچيو اٿم، هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ڪتاب اکين اڳيان رکيو اٿم.

ويجھڙ ۾ ڏٺم ته اهو ڪتاب، جنھن اخبار سان جڙيل هئس ان جي مئگزين ۾ ڏهن قسطن ۾ شايع ڪيو هوم ۽ اندر ۾، بيحد گهڻي خوشي محسوس ٿي هئم! ادب ۾ ڪي هڪجھڙايون عجيب نه آهن ۽ نه ئي معجزا آهن.

تازو ڪمليشور جو ناول سنڌي ترجمي جي صورت ۾ پڙهڻ شروع ڪيم ان وقت حيرت جي جهان ۾ گم ٿي ويس جڏهن ان جي اٺين ڇاپي ۾ هڪ نيپالي ڊاڪٽرياڻي جو خط پڙهيم، جيڪو ڪجهه هن طرح هو!

”مان ڊاڪٽر اروڻا اُپريتي نيپال جي رهاڪو آهيان، پيشي جي لحاظ کان ميڊيڪل ڊاڪٽر آهيان. مان هندي پڙهي سگهندي آهيان، ڳالھائي به سگهندي آهيان پر لکي نه سگهندي آهيان، ان ڪري خط انگريزيءَ ۾ لکي رهي آهيان. هيءُ خط مان توهان کي افغانستان مان لکي رهي آهيان، هڪ دوست کي گذارش ڪئي اٿم ته، هو ان کي دهلي مان اوهان کي پوسٽ ڪري ڇڏي، مان اوهان جو ڪتاب ”ڪيترا پاڪستان“ لڳ ڀڳ ٽيھه دفعا پڙهي چُڪي آهيان. هن ڪتاب کي لکڻ لاءِ مان اوهان جي شڪر گذاري ٿي ظاهر ڪريان، ڇو ته هنديءَ ۾ هن قسم جي ڪتاب جو لکيو وڃڻ ڏاڍو مشڪل آهي.“

09 فيبروري 2003 ص XXI

                اهو سڀ پڙهي هڪ خوشيءَ جي ساڳئي وقت فخر جي لھر اندر مان ڊوڙي وئي هئي ته ويچارن ۾ به هڪ جھڙائي جو هجڻ ٿي سگهندو آهي، هت ڪنھن ڪتاب کي ويھن کان ٽيھن دفعن تائين پڙهڻ جي هڪ جھڙائي مون کي خوش ڪري وئي، جيتوڻيڪ نيپالي ڊاڪٽر اروڻا اُپريتي جي آڏو هڪ ناول هو ڪمليشور جو، جنھن جو نالو آهي ” ڪيترا پاڪستان“ ۽ منھنجي آڏو ڪتاب تنقيد بابت هو، جنھن جو نالو هُو ”نظر ۽ نظريو“. منھنجي اطمينان جو سبب اُها خوشي هئي ته آنند کيماڻيءَ صاحب سان ڪتاب ويھه ڀيرا پڙهڻ واري ڳالھه منھنجو نماءُ نه پر اهو لڳاءُ هُو جيڪو منھنجي تنقيد بابت سوچڻ سان واسطو رکي ٿو، ائين ٻيا لکندڙ توڻي پڙهندڙ پڻ دنيا ۾ ڪيترائي موجود هوندا جيڪي،  ڪنھن به ڪتاب کي ڪيترائي ڀيرا وري وري پڙهندا هوندا!

پڪ سان انھن پڙهندڙن جا سچ پنھنجا پنھنجا هوندا پر هڪ سچ سڀني جو ساڳيو آهي ته ادب ۾ ڪي هڪ جھڙايون سڀني جون ساڳيون ۽ فقط اتفاق ئي هونديون آهن، ان ڪري ادب کي ادب سمجهي پڙهڻ گهرجي ۽ اول آخر تخليقي حوالي ۾ ائين سمجهڻ گهرجي ته ڪي به ڪٿي به رهندڙ ٻه يا انھن کان وڌيڪ لکندڙ هڪ جھڙو سوچي به سگهن ٿا ۽ لکي به سگهن ٿا اهو ”اڻ ٿيڻي“ نه آهي. تڪ تور ”ٿيڻ“ جي دائري ۾ هجڻ گهرجي، ادب ۾ ائين ٿيندو رهندو آهي ۽ ٿيندو رهندو. اسان کي صرف هڪ پڙهندڙ جي ناتي ذهن جون اکيون کولي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي، پڙهڻ ۽ ان جو سمجهڻ اول آهي، ان جو نماءُ جيڪڏهن ضروري آهي ته اهو پوءِ اچي ٿو، چوڻ لاءِ فقط ايترو آهي.

 نياز پنهور

 

 

 

مهتاب اڪبر راشدي

 

هي ڪتاب جيڪو منھنجي هٿن ۾ آهي منھنجي خواھش آهي ته اهو اوهان جي به هٿن ۾ هجي ۽ هن ڪتاب ذريعي مون جن جن جھانن جو سير ڪيو آهي، اهو سير اوهان به ڪريو.

ميڊم مھتاب اڪبر راشدي جي سڃاڻپ جا جيڪي به حوالا آهن، سي سڀ معتبر، مستند قابل عزت ۽ قابل تقليد آهن. شايد ڪجهه ماڻھو اهو چوندا به هجن ته ميڊم مھتاب راشدي رڳو عورتن لاءِ هڪ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿي، پر مان سمجھان ٿو ته سندس زندگي جو سڄو پورهيو ، محنت ۽ پاڻ ارپڻ وارو انداز صرف عورتن جي لاءِ ئي نه، پر اسان جي سڄي سماج لاءِ هڪ رول ماڊل ۽ جاڳرتا جو سبب بڻيل آهي. هن تعليم، تربيت، ذهن سازي، ريڊيو، ٽي.وي، اسٽيج ۽ بيوروڪريسي سميت جن جن شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي انھن سڀني ۾ هن پاڻ مڃرايو آهي، هاڻي هن ٻن ٻين شعبن يعني ادب ۽ قانون سازي وارن ميدانن ۾ به پنھنجي سڃاڻپ جا نوان حوالا جوڙڻ جي حوالي سان مصروف عمل آهي، ان سلسلي ۾ هن گذريل ٿوري وقت دوران پنج شاندار ۽ قابل ذڪر ڪتاب ڇپايا آهن،جن سان سندس هڪ عالم، دانشور ۽ سوچ لاءِ مواد ڏيڻ واري سڃاڻپ ڏينھون مضبوط ٿيندي پئي وڃي، ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هن هاڻي اديب جي ميدان ۾ قدم ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، باقي مون سميت سندس ذهانت تي يقين رکندڙن کي يقين آهي ته هوءَ قانون سازي واري دنيا ۾ به ڪجهه نه ڪجهه اهڙو ضرور ڪندي جيڪو نه رڳو سندس لاءِ، سنڌ جي عورتن لاءِ، پر سڄي سنڌ جي ماڻھن لاءِ به قابل فخر ۽ قابل احترام هوندو ۽ جنھن سان هوءَ پنھنجي لاءِ اڳوڻن محبتن وارن جذبن کي اڃان به وڌيڪ سگهارو ڪندي.

هاڻي اچون ٿا ميڊم مھتاب اڪبر راشدي جي ان ڪتاب ڏانھن،جنھن لاءِ منھنجي خواھش آهي ته اھو ڪتاب مون سميت اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ به هجڻ گهرجي. اردو ۾ لکيل هن ڪتاب جو نالو آهي”کچھ نہیں بدلا“ هن ڪتاب ۾ ميڊم مھتاب اڪبر راشدي جا مقالا، مضمون ۽ ڪالم شامل آهن،جيڪي هن مختلف وقتن ۽ مختلف حيثيتن ۾ لکيا آهن.

هن ڪتاب جو نالو به پنھنجي عنوان ۾ ميڊم مھتاب جي دل ۽ دماغ وچ ۾ ڪنھن جهيڙي يا تڪرار جيان لڳي ٿو، مون کي لڳي ٿو ته ميڊم جي دل چوي ٿي ته ڪجهه به ناهي بدليو، پر دماغ ٻڌائي ٿو ته سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي۽ اهو تڪرار رڳو ميڊم جو ئي نه پر سندس جهڙن قدرن (ويليوز) اصولن، تاريخ، ثقافت نيچر، ادب، ٻولي، ماڻھن ۽ منظرن سان محبت ڪندڙ ماڻھن جي دلين ۽ دماغ ۾ به هر وقت جاري آهي. ميڊم ۽ ان جھڙا ٻيا ماڻھو نين شين جي آجيان لاءِ ته هر وقت اڳڀرا آهن، پر هو پنھنجي ماضي جي شاندار ۽ رنگارنگي دنيا سميت، مٿي ذڪر ڪيل الائي ڪيترين دنيائن جي اجڙي وڃڻ تي به نه رڳو ڏکارا آهن، پر الائي ڪيترن هنڌن تي سوڳ ۾ به ورتل نظر اچن ٿا. هن ڪتاب جو ٽائيٽل به اهڙي ئي دردن جي ڪيفيتن جو ڪٿي ڳجهو، ته ڪٿي ظاهري نوحو پڻ آهي. ڪتاب جو مھاڳ لکندڙ ۽ منھنجو محسن ۽ منھنجو بزرگ دوست سائين محمود شام پڻ ان پيڙا کي محسوس ڪري ٿو، پر هڪ وڏي جي حيثيت ۾ مھاڳ جو عنوان ئي لکي ٿو ته ”سب کچھ بدل سکتا ہے“ هو لکي ٿو ته ” سب کچھ بدل گیا ہے- گلیوں کی صبحیں،محلے کی شامیں- بچوں کے کھلونے ،ہمسایوں کی محبتیں - کتاب کا نام ہے کچھ نہیں بدلا“

ميڊم پاڻ به پنھنجي اندر جي اظھار لاءِ ڪشور ناهيد جي لفظن جو سھارو وٺي ٿي ته ”کچھ بھی بدلے پہ کبھی خلق کے دن بھی بدلے،لوگ پوچھیں گے  وگرنہ کہ بھلا کیا بدلا“.

”ڪالھه“ جو ماضي ٿي وڃڻ ۽ ”اڄ“ جو اچڻ ڪا خراب ڳالھه ناهي پر ”ڪالھه“ سان گڏ سڀڪجهه لُڙهي وڃڻ ئي هڪڙو وڏو الميو آهي، جنھن مان اسان جھڙن بزرگ ۽ بزرگ نما نسل جيئن گذري پيو ان جو درد نوجوان ۽ نئين نسل کي شايد ٿيندو ئي نه هوندو. جنھن جو اندازو ميڊم مھتاب جي لکيل تعارفي تحرير ”کچھ دل کی باتیں“ مان لڳائي سگهجي ٿو.

ميڊم مھتاب جا مقالا ڪافي اهم آهن، جن ۾ هوءَ ڪيئي وڏين، بزرگ ۽ روحاني شخصيتن جي فلسفي ۽ فڪر کي ساڻ کڻي، ان تي سولي ٻولي ۽ موجوده حالتن جي پس منظرن ۾ لکي، ڳالھائي ۽ سمجھائي ٿي. هو شاھه عبداللطيف ڀٽائي، لعل قلندر شھباز، پير حسام الدين شاھه راشدي، علامه اقبال ۽ حڪيم سعيد سميت ٻين اهڙين بلند شخصيتن جي فلسفي سان گڏوگڏ، هوءَ دؤر حاضر جي حالتن کي به پنھنجي سوچ سان سلھاڙيندي ڪٿي پريشان نظر اچي ٿي، ڪٿي سببن جي ڳولا ڪري ٿي، ته ڪٿي وري انهن جي حل لاءِ پنھنجا تجزيا، تبصرا ۽ ويچار ونڊينڊي نظر اچي ٿي. کيس ويجهي ماضي جي حالتن تي جيترو درد محسوس ٿئي ٿو، اهو سندس تحريرن مان چڱي ريت پڙهي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

انھن مقالن ۽ مضمونن کان سواءِ سندس هن ئي ڪتاب ۾ 38 کن اهڙا ڪالم به آهن، جيڪي هن 2008ع ۽ 2009ع دوران اردو اخبار ”آج کل“ ۾ لکيا هئا، انھن ڪالمن کي لکئي به لڳ ڀڳ 16 سال ٿي ويا آهن، پر پڙهندڙن کي لڳندو ته حالتون بدليون ناهن، پر اڳ کان خراب ئي ٿيون آهن.

ميڊم مھتاب جو هي ڪتاب هڪ اهڙي تاريخ بنجي رهيو آهي جنھن جي ليکڪ تاريخ جي تبديلين کي ڏٺو گهٽ ۽ ڀوڳيو گهڻو آهي.هن نسل کي اهڙين حالتن جي باوجود بھتري جي اميد آهي.

مان ميڊم جو ڪتاب اسان جھڙن بزرگن ۽ نيم بزرگن سان گڏ نئين نسل کي به پڙهڻ جي گذارش ڪندي ميڊم جو انتساب سڀني آڏو رکان ٿو ۽ منھنجي خيال ۾ اهو انتساب ئي هن سڄي ڪتاب جو تت ٻه آهي

”آنے والی نسلوں کے نام!

جو ھماری کی ھوئی غلطیوں کو اپنی

دانش اور حوصلے سے درست کریں گی“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org