|
اعلي
نواز آريسر

لاڙ جي مٽيءَ جو خمير
دنيا انھن ماڻھن کي ياد رکندي آهي، جيڪي ماڻھو
پنھنجي ڪردار ۾ اڏول هوندا آهن، جيڪي ماڻھو پنھنجي
مٽيءَ سان وفادار هجن، جيڪي ماڻھو پنھنجي ڌرتيءَ
جا ڌاڃ ڌڻي هُجن. اهڙا ماڻھو ئي تاريخ بدلائيندا
آهن، اهڙا ماڻھو ئي پڙاڏو سو ئي سڏ جا پرچارڪ
هوندا آهن. سائين غلام حسين رنگريز اهڙن ماڻھن مان
هڪ هو، جيڪو سنڌوءَ ڪناري لکيل ويدن کان سنڌ جي
تاريخ جا ورق ورائيندو هو، هُو چوندو هو ته
يونانين جي نظر ۾ ڀلي کڻي هيرو ڊوٽس
تاريخ جو ابو مڃيو ويو هجي، پر حقيقت اها آهي ته
تاريخ جا اڏيندڙ اسين آهيون، دنيا جڏهن اڃا تاريخ
واري دور ۾ داخل ڪونه ٿي هُئي، ان کان گهڻو اڳي
سنڌ ڪتابن جي دنيا ۾ محفوظ ٿي چُڪي هئي ۽ رگويد ۾
سنڌ جو ٽيھه ڀيرا ذڪر آيو آهي. لاڙ جي مٽيءَ جي
خمير مان ڳوهيل هي نفيس انسان مثنوي روميءَ کان
شروع ٿي خليفي جي ڪيڏاري تي ساهي پٽندو هو، جيڪو
لطيف جي وائي کان سانوڻ فقير جي بيتن سان پڄاڻي
ڪندو هو. جنھن کي شيڪسپيئر جي هيملٽ تي ڳالھائڻ
ايندو هو ته ڪاليداس جي مھاڀارت مان به سنڌو تھذيب
جا حوالا کڻي اسان جي سامهون رکندو هو. هن کي
ٽالسٽاءِ جي خودڪشي تي ان ڪري به حيرت ڪونه ٿيندي
هُئي، جو ساحر پريمي جھڙي خوش باش ماڻھوءَ جي
خودڪشي کيس ڪو معقول جواب نه ڏئي سگهي هئي، ان بعد
هن ان موضوع کي پڙهڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. هن کي انقلابي
ڪردار وڻندا هئا، ان ڪري هو لطيف جو سُر يمن ڪلياڻ
۽ خليفي جو ڪيڏارو وڌيڪ پڙهندو هو، نه ته سندس
مطالعي هيٺ ته سڄي دنيا جو ادب هو. هو هيمنگوي جي
’پوڙهو ۽ سمنڊ‘ کي وڌيڪ ويجهو رهيو هو ۽ اوريانا
فلاسيءَ جو ’اي مئن‘ هن جي پوڙهن ھڏن ۾ ساھه وجهي
ڇڏيندو هو.هُو سن جي سائينءَ کان ان ڪري متاثر ٿيو
هو، جڏهن سيد کيس لطيف جي ان بيت:
”سُڃو
جي ساڻيھه ته به ونھيان وِترو،
گهوريو سو پرڏيھه توڙي ڦُلن ڇانئيو.“
جو درست مفھوم سمجهايو هو، ان بعد هُو ڄڻ ته سيد
جو عاشق ٿي ويو هو.
سائين
رنگريز سان منھنجي پھرين ملاقات ڪجهه ان طرح ٿي
هُئي: ڌرتيءَ جي عشق ۾ ٽٻٽار، اکين ۾ جُوالا مُکي،
چپن تي هلڪي لرزش، ڳالھائڻ ۾ انتھائي نهٺو، اسٽيج
تي ائين ويٺو هو ڄڻ ڪو دراوڙ ديس جو ديوتا اونھي
سوچ ۾ گُم هجي، تقريرون هلنديون رهيون، آئون هن
ماڻھوءَ کي غور سان ڏسي رهيو هئس ۽ سندس هر ادا
منھنجي لاءِ دلڪش پئي بڻجندي وئي. اوچتو ئي سندس
نالي جي انائونسمنٽ ٿي ۽ هُو پنھنجي انھيءَ ئي
منفرد انداز سان اسٽيج تي آيو ۽ نھايت ئي پنھنجائپ
سان سڀني سان مخاطب ٿيو. ۽ منھنجي چپن مان
پاڻمرادو اهي لفظ نڪتا ته بيشڪ! پنھنجن سان ائين
ئي مخاطب ٿبو آهي. ڌيمي گفتگو ڄڻ ته، نيڻن ۾ خمار
ڏيندي هُجي، اوچتو ئي سندس آواز ڳورو ٿي ويو ۽ ٻه
ڳوڙها سندس قميص کي آلو ڪندا کيسي کان سندس دل ۾
جذب ٿي ويا، هن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کي اسٽيج
تي ويٺلن مان فقط عبدالواحد آريسر ئي سمجهي سگهيو
پئي ۽ هن جي آواز جي ڳوراڻ ۾ لڪل درد کي مون سمجهڻ
جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ منھنجي لاءِ هي ماڻھو اڃا وڌيڪ
تجسس پيدا ڪري اسٽيج تان لھي وڃي خاموشيءَ سان
پنھنجي ڪُرسيءَ تي ويھي رهيو.
پروگرام جي پڄاڻيءَ تي آئون اڳتي وڌي وڃي مليس ۽
پنھنجو نالو ٻڌايم ته ڇڪي سيني سان لاتائين ۽
پاٻوهه مان چيائين ته، ’قومي تحريڪ جا شھيد‘ ڪتاب
سٺو لکيو آهي، پر هڪ ڀيرو ڪچھري ڪرين ها ته کوڙ
سارو مواد ڏيان ها، پر يار تون اسان کي ملھه ماري
وئين، تو ’بلو پنھور‘ تي شاندار لکيو آهي. بابا
ائين لکندو رهو، جڏهن به ڪا صلاح ڪرڻي هجي ته فون
ڪري وٺجان.
اها هئي سائين رنگريز سان منھنجي پھرين ملاقات، ان
بعد ڪيتريون ئي ڪچھريون ٿيون، ڪيترائي قصا نڪتا،
ڪيترائي داستان سندس زباني ٻڌا ۽ پوءِ عوامي آواز
۾ سندس يادگيريون پڙهيم ته هي ماڻھو منھنجي
تصوراتي خاڪي کان به مٿانھون محسوس ٿيو. سندس
مطالعو توڙي مشاهدو وسيع هو، پاڻ دنيا جو ڪيترو ئي
ادب پڙهيو هئائين جنھن ڪري هو سنڌ جي ڀيٽ دنيا سان
ڪندو ھو، سنڌ جي جاگرافي تي کيس عبور حاصل هو.
مون ڪيترائي ڀيرا سوچيو ته مٿس هڪ ڀرپور خاڪو لکان
۽ ان ۾ سندس زندگيءَ سان لاڳاپيل هر خوشيءَ جي ونڊ
ڪريان ۽ سندس هر غم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيان پر مون
جڏهن به قلم کنيو، ته سندس صدمن جو پلڙو ڀاري
محسوس ڪيم ۽ قلم رکي ويھي رهيس. هن ماڻھوءَ جي
زندگي ڏکن جو هڪ نه کُٽندڙ سمنڊ هئي، جنھن ۾ خوشين
جو درياهه سدائين سُڪل ئي رهيو، پوءِ به هي ماڻھو
اڏول رهيو، ٽُٽو ڪونه ۽ نه وري هن وچينءَ تي روزو
ڀڳو. هن کي پنھنجن جي وڇوڙن ته نھوڙيو ئي هو، پر
هن کي سن جي سائينءَ جي وڇوڙي مڪمل جهوري ڇڏيو هو،
جيڪو درد اسان سندس تحريرن مان محسوس ڪري سگهون ٿا.
رنگريز سٺو شاعر هو يا بھترين نقاد، پاڻ سٺو مترجم
هو يا لاجواب مقرر، هو جيڪو به هو پر مون جڏهن به
سندس نثر کي پڙهيو آهي، ته پنھنجي پاڻ کي لڙهندو
محسوس ڪيو آهي. تشبيھن جو بيتاج بادشاھه، هن جي
لکڻيءَ ۾ سنڌ سدائين سندس استعارو رهي ۽ هن آڪاش
جي بُلنديءَ تان لفظ کڻي ڌرتيءَ جا ڪيئي نظارا
پينٽ ڪيا. هن پنھنجي آرٽسٽ اکين ۽ سنگتراش هٿن سان
اهڙي سنڌ اڏي اسان جي سامھون پيش ڪئي آهي، جنھن جا
خواب اڄ به اسان جي اکين جي ماڻڪين ۾ پلجي رهيا
آهن.
هيءُ واحد ماڻھو آهي، جنھن ڪڏهن ڪنھن عھدي جي لالچ
ڪونه ڪئي، هن سدائين ڪارڪن ٿي پنھنجو ڪم ڪيو. پر
پوءِ به سندس الڳ حيثيت هُئي. موجوده دور جي ڪيترن
ئي ليڊرن کي مون وٽس ڀيرا ڀڃندي ڏٺو، هُو جڏهن به
ڪنھن اهم مسئلي ۾ مُنجهي پوندا هئا ته بٺوري جو
رُخ ڪندا هئا ۽ واپسيءَ تي انھن جا چهرا ٻھڪندي
نظر ايندا هُئا، ڇاڪاڻ جو سائين رنگريز انھن کي
ائين سمجهائيندو هو، جيئن پرائمريءَ جو استاد ٻارن
کي ڪڪ پٽي سمجهائيندو هُجي.
رسول حمزه توف جي ’ميرا داغستان‘ جھڙي وطن جا خواب
سرجيندڙ رنگريز صاحب ٻين ڪيترين ئي خوبين سان مالا
مال هجڻ جي باوجود منجهس جيڪا اهم خوبي هئي، اُها
هئي غير تڪراري هجڻ. هو سڄي زندگي ڪڏهن ڪنھن تڪرار
جو حصو نه بڻيو، سنڌي ادبي سنگت ۾ سندس سيڪريٽري
شپ وارو دور شاهڪار ليکيو وڃي ٿو. غلام حسين
رنگريز سنڌي ادب ۽ سنڌ جو مخلص هو.
عرين انصاري

ڪتاب اڌوري ڪٿا جو فني ۽ فڪري تجزيو
شبنم گل جو ڪتاب ”اڌوري ڪٿا“ سنڌي ادب ۾ نفسياتي
افسانن جي حوالي سان هڪ اهم پيش رفت آهي، جنھن ۾
ادبي لطافت، فڪري گهراين ۽ انساني نفسيات جي
پيچيده رخن کي فنڪاراڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
هي ڪتاب فقط نفيس افسانن جو مجموعو ناهي، پر هڪ
اهڙو آئينو
آهي، جنھن ذريعي سنڌي سماج جي اندر موجود نفسياتي
اُلجهنون، خاموش صدما، لاشعوري خوف، سماجي ڀڃ ڊاهه
۽ وجودي ڏار پڙھندڙ آڏو ظاھر ٿين ٿا.
شبنم گل جي افسانوي تخليق جو مرڪز ”نفسيات“
آهي، پر اها نفسيات رڳو ڪلينڪي تشخيصي حوالن سان
لاڳاپيل ناهي. اها روزمره جي زندگي، انساني رشتن،
سماجي اونھاين، خوابن، يادگيرين ۽ لاشعوري خوفن ۾
لڪل نفسيات آهي، جيڪا ڪيترن ئي افسانن جھڙوڪ:
واسو، بي غيرت، صدمو، ورثو، تضاد، ڪروڌڻ، بي بي
سانئڻ، بي وفائي وغيره ۾ ڪڏهن توهم پرستي، ڪڏهن
ڇھين حس، ڪڏهن
OCD،
۽ ڪڏهن نرگسيت جي علامتن سان عيان ٿئي ٿي.
ڪتاب ۾ ”واسو“ جھڙي ڪھاڻي، جتي زهرا جي جنات واري
ڪيفيت سان مذهب، پير پرستي، جهل، عورت جي ڪيفيت ۽
رشتيداريءَ جو بوجهه ملي ٿو، اتي ئي ”بي غيرت“
جھڙي ڪھاڻيءَ ۾
OCD،
ڌڪار، عزت جي خواهش، ۽ ذهني علاج ۾ محبت جي ضرورت
کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ”صوفي“ ڪھاڻي هڪ اهڙي ذاتي
تضاد کي وائکو ڪري ٿي، جتي انسان پنھنجي باطن ۾
نفرت رکندي به صوفي بنجڻ چاهي ٿو.
شبنم گل جو اسلوب تشبيھن، علامتن، منظرن، ۽ گهري
منظرنگاريءَ تي ٻڌل آهي. ”ورثو“ جھڙي ڪھاڻيءَ ۾
شاهه صدر جي مزار جو ماحول، ڀؤنرُ، چنڊ جي رات، بي
چين
ڇوڪري ۽ ساڻس جڙيل روحاني سچايون، وڻندڙ منظرن سان
پڙهندڙ کي وجود جي اندر لھندي محسوس ٿين ٿيون. هي
سمورو انداز يورپي نفسياتي ادب جي ان طرز سان لڳ
ڀڳ ميل کائي ٿو، جتي فنڪار وجود جي پيڙا کي منظرن،
خوابن، ۽ ماحول جي علامتن سان ڳنڍيندو آهي.

يورپ جي نفسياتي ادب، خاص طور سيگمنڊ فرائيڊ جي
اثر هيٺ لکيل افسانن ۾، خوابن جي تعبير، جنسيت،
رشتن جي پيچيدگي، لاشعور جي حرڪتن، ۽ اندروني
ڪشمڪش کي وڏي اهميت ڏني وئي. فرينز ڪافڪا،
ويرجينيا وولف، دوستويوفسڪي، آندريه بريتون ۽ صوفي
شيرر جهڙن ليکڪن جا افسانا يا ناول ذهني تضاد،
سماجي لاتعلقي، ۽ داخلي مونجهارن جو عڪاس رهيا
آهن.
دوستويوفسڪي جي
“Notes from Underground”
يا ڪافڪا جي
“Metamorphosis”
۾ جيتري حد تائين فرد جي بيچيني، ٻين کان ڪٽيل
هجڻ، ۽ وجودي بحران کي بيان ڪيو ويو آهي، اهڙي ئي
پريشاني شبنم گل جي افسانن ”صدمو“، ”نئون دور“،
”بي بي سانئڻ“، ”مايوسي“ ۾ سماجي نفسيات جي حوالي
سان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سندس عورت ڪردار بي زبانيءَ جي
اذيتن ۾ ڦاٿل آهن، جيڪي ڪنھن واضح فرياد جي بجاءِ
رويي، خاموشي، يا داخلي صدمن سان پنھنجو اظھار ڪن
ٿيون. ”اڌوري ڪٿا“ ۾ ظاھر ٿين ٿا. شخصيتون جيئن
ريشم، مھرالنساءِ، زهرا يا وحيده، ڏسندڙن لاءِ
”مريض“ آهن، پر پڙهندڙ لاءِ انھن جي پويان هڪ بي
آواز جنگ جاري آهي جيڪا مغربي نفسياتي ادب جو خاص
جزو رهي آهي.
ويرجينيا وولف جي "Mrs.
Dalloway"
۾ ڪردار جي ذهني مونجهاري کي، روزمره جي معمولي
واقعن ذريعي بيان ڪيو ويو آهي، اتي ئي شبنم گل
افسانن ۾ اهڙا لمحا آڻي ٿي، جتي عام ماڻھو جي
خاموشي، جملن کان سواءِ لاشعوري سگنلن ۾ بدلجي وڃي
ٿي. خاص طور ڪھاڻي ”ورثو“ ۾ ريشم جي غشي، سندس
اکيون، ۽ ڀؤنرُ جي علامتي موجودگي، هڪ اهڙو سائڪو
ڊرامو بڻجي ٿو، جيڪو فلاسافي، جبلتن ۽ روحانيت جي
انتھا تي بيٺل آهي جيئن يونگ پنھنجي "Collective
Unconscious"
۾ بيان ڪري ٿو.
يورپ جي نفسياتي ادب ۾ جنسيت اڪثر ڪري انڊر ڪرنٽ
طور رهي آهي. شبنم گل جي افسانن ۾ به جنسيت (مثلاً
”بي وفائي““ ”بي غيرت“، ”صدمو“، ”فقير سائين“)
واضح تشريح سان نه، پر نفسياتي حوالن سان موجود
آهي. سندس مرد ڪردار عورت سان جذباتي لاتعلقي،
جسماني بيحسي، يا بي وفائيءَ جي روپ ۾ سامھون اچن
ٿا.
اڌوري ڪٿا رڳو هڪ ادبي ڪٿا نه پر هڪ نفسياتي سروپ
آهي. ان ۾ سنڌي سماج جي ٽٽل عورت، ٽٽل مرد، غافل
خاندان، ۽ سماجي تباهيءَ جا سڀ نشان موجود آهن.
شبنم گل، سنڌي ادب ۾ ان ميدان ۾ اڳتي نڪري ٿي، جتي
ڪيترا اڃا رڳو جماليات تائين محدود رهيا آهن. سندس
افسانا نفسيات جي پُراسرار واديءَ مان گذري سماج
جي حقيقي تصوير سامھون آڻين ٿا.
يورپ جا نفسياتي افسانا جديد نفسياتي مفروضن، شھوت
پرستي، فريڊين تخمينن، يا ڊپريشن جي مونجهاري مان
جنم وٺن ٿا، جڏهن ته شبنم گل جو رويو پنھنجي زمين،
پنھنجي عورت، پنھنجي سماج ۽ پنھنجن پيڙايل ذهنن
سان آهي. ان لحاظ سان هوءَ مقامي ته آهي، پر سندس
اظھار عالمي آهي. هڪ اهڙي ليکڪا جيڪا ”اڌوري ڪٿا“
جيان مڪمل سچ لکي رهي آهي، پر ان سچ جي اظھار لاءِ
ڌيان، محبت ۽ داخلي خاموشيءَ جي ضرورت آهي.
اها اڌوري ڪٿا نه، هڪ مڪمل سچ جي ڳولا آهي.
شبنم گل جي ڪھاڻين جو مطالعو ڪري ائين محسوس ٿئي
ٿو ته هوءَ رڳو موضوعن جي چونڊ تائين محدود ناهي،
بلڪه فني حوالن سان پڻ مسلسل تجربي، وسعت ۽
جمالياتي رخ
جو سفر طئي ڪري رهي آهي. سندس فن ”فني اُڏام“ جي
ان تصور سان جڙيل آهي، جيڪو تخليق کي محض قصي کان
ڪلا تائين، ۽ بيان کان بصيرت تائين وٺي وڃي ٿو.
1. فڪر کان فن تائين جي اڏام :
شبنم گل جي فن جو بنياد سندس نفسياتي، سماجي ۽
وجودي شعور تي بيٺل آهي، پر هن شعور کي فقط خيالن
جي سطح تي پيش ڪرڻ بدران، هوءَ ان کي فنڪاراڻي
انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سندس ڪھاڻين ۾
زندگيءَ جي سادن واقعن کي اهڙي انداز سان پيش ڪيو
وڃي ٿو، جو اهي غير معمولي بڻجي وڃن ٿا ”واسو“،
”بي غيرت“، ”ورثو“ ۽ ”صدمو“ جھڙيون ڪھاڻيون ان جو
ثبوت آهن.
2. فني اڏام جو بنياد: نفسيات ۽ رمزيت :
شبنم گل جي فني اڏام ۾ نفسيات بنيادي محرڪ جي
حيثيت رکي ٿي، پر هي نفسيات رڳو نظرياتي حوالن
تائين محدود ناهي. هوءَ ڪھاڻين ۾ رمزي ڪردار،
خواب، فوبيا، وهم، شعور جي باريڪين، ۽ لاشعوري
رستن کي ڳنڍي اهڙي فني تعمير ڪري ٿي، جيڪا ڪھاڻي
کي هڪ ئي وقت سائنس، روحانيت، فلسفي ۽ شاعراڻي
علامت جي وچ ۾ پيش ڪري ٿي. مثلاًً ”ورثو“ جي
ڀؤنرُ، صرف هڪ حشر نه پر محبت، پشيماني، ۽
منتقليءَ جو استعارو بڻجي ٿو.
3. ساڄي دماغ کان کاٻي دماغ تائين :
ڪلا جي وڏي خوبي اها هوندي آهي ته اها انسان جي
تجزياتي (ساڄي) ذهن بدران تخليقي، جذباتي، غير
معمولي (کاٻي) ذهن سان ڳالھائي. شبنم گل جي فني
اڏام ساڄي دماغ جي منطق مان نڪري کاٻي دماغ جي
محسوساتي فضا ۾ اچي ٿي. هن جي افسانن جا اختتام
يقينن منطقي نه آهن، پر اڻ ٻڌل جذبن جو نچوڙ آهن،
جيڪي قاري کي رڳو پڙهائين نه ٿا، پر محسوس ڪرائين
ٿا.
4. زبان، تصوير ۽ داخلي موسيقي :
فني اڏام ۾ ٻولي جو ڪردار انتھائي اهم هوندو آهي.
شبنم گل جي ٻولي عام نثر واري نه آهي. هوءَ منظرن
کي ”لکندي“ ناهي، بلڪه ”تصوير ڪشي“ طور بيان ڪري
ٿي. سندس جملا ڄڻ موسيقيءَ جا سر آهن، لفظن ۾
روشني، خوشبو، ڇانو ۽ چُپ سمايل آهي. ڪھاڻي
”ڪروڌڻ“ ۾ مھرالنساءِ جي واتان نڪرندڙ لفظ ”شل ڪا
باهه لڳيئي“ وقت جي لھرن سان گڏ زندگيءَ جي مڙني
اڻ سڌين لعنتن کي جسماني باهه ۾ تبديل ڪري ٿو.
ائين فني اُڏام علامت مان حقيقت، ۽ حقيقت مان
ماورائي احساسن تائين پهچي ٿي.
5. روايتن کان پري، پر زمين سان ڳنڍيل :
شبنم گل جون ڪھاڻيون نه روايتي ڍانچي ۾ بند آهن،
نه ئي علامتي تصور تائين محدود آهن، هوءَ فن جي
اڏام ضرور ڪري ٿي، پر اهڙي نه جو پڙهندڙ اُهو
ڳولھيندو رهي ته ڪھاڻي ڪٿي وئي! هن جي اڏام پَر
ضرور ڦھلائي ٿي، پر رُخ سنڌي سماج، انساني روح،
عورت جي چُپ، مرد جي ڇيهه ۽ ٻارن جي اڪيلائي ۾ نظر
اچي ٿو. اها اڏام ”تخليق“ جي معراج آهي، جيڪا وقت
کان ٻاهر ٿي به وقت کي بدلائي سگهي ٿي.
6. فني اڏام ۽ ساهه ڀرڻ جو عمل :
ڪھاڻيڪار جي فني اڏام جو هڪ وڏو معيار اهو آهي ته
هوءَ ڪھاڻيءَ کي زنده بڻائي. شبنم گل جي ڪھاڻين جا
ڪردار ”مئل لفظ“ نه آهن، بلڪه جيئرا، چُپ،
مونجهاري سان ڀريل،
انساني وجود آهن. انھن ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا ساھه آهن،
ڇُھاءَ جي تڪڙ آهي، محبت جي پياس آهي، ۽ وڇوڙي جي
بيھوشي آهي. ائين لڳي ٿو ڄڻ هر ڪردار جو سينو ساهه
سان ڀريل آهي.
شبنم گل جي ڪھاڻين جي فني اڏام هڪ اهڙي منزل تي
پھتل آهي، جتان هوءَ سنڌي ادب کي نفسياتي، علامتي،
فڪري ۽ فني هر لحاظ سان نئين اُڏام ڏئي ٿي. هن جو
فن اڻ ڏٺل پيڙايل لمحن کي آواز ڏئي ٿو، خاموش دردن
کي لفظ ڏئي ٿو، ۽ سنڌي ڪھاڻيءَ کي عالمي نفسياتي
ادب جي ڪھاڻيءَ جي قطار ۾ آڻي بيھاري ٿو. سندس فني
اڏام اها اڏام آهي، جتي تخليق، فڪر، احساس ۽ جمال
پاڻ ۾ ڳنڍجي سگهن ٿا
۽ فقط ائين ئي اصل ڪھاڻيڪار سڃاتووڃي ٿو.

شاعري

1927ع – 1997ع)
غزل جي تشريح:
عام طرح ائين سمجهيو ويندو آهي ته غزل جي معنيٰ
آهي عورتن سان عشق ۽ محبت جون ڳالھيون ڪرڻ.
ڪيتريون لغتون پڻ ان خيال جي تائيد ڪن ٿيون.
عربي لغت جو امام مجدالدين محمد فيروز آبادي
پنھنجي جڳ مشھور لغت ”القاموس المحيط“ ۾ فرمائي
ٿو، ”مغازلھ النساد محادثنھن ولاسم الغزل محرڪھ“
مطلب ته مغازلھ جي معنيٰ آهي عورتن سان ڳالھيون
ڪرڻ. هن مان اسم غزل ٽنھين حرفن جي حرڪت سان آهي.
غياث اللغات جو مؤلف لکي ٿو، ”غزل بفتحتين بازي
کردن (يا محبوب) و حڪايت کردن از جواني و حديث
صحبت و عشق زنان“.
فرهنگ آنند راج ۾ آيو آهي ”غزل به فتحتين حديث
زنان و حديث عشق ايشان کردن و سخن در وصف زنان به
عشق ايشان گفته آيد. در عرف شعرا چند بيت مقرري که
پيش قدما زياده از دوازده نيست و متاخران منحصر
دران نه دانند.“
خواجه الطاف حسين حالي غزل جي تشريح هنن لفظن ۾
ڪئي آهي: ”غزل جي معنيٰ لغت ۾، عشق بازي ڪرڻ ۽
عورتن سان مخاطب ٿيڻ آهي. عربي ۾ چوندا آهن ”زيد
اغزل من عمرو“ يعني زيد عشق جا مضمون عمرو کان
وڌيڪ بيان ڪري ٿو يا زيد، عمرو کان وڌيڪ عشقبار
آهي.“
ڊاڪٽر يوسف حسين خان صدر شعبھ تاريخ جامعھ عثمانيه
(حيدرآباد دکن) پنھنجي ڪتاب ”اردو غزل“ ۾ غزل جي
تشريح ٿورن مگر جامع لفظن ۾ هينئن ٿو ڪري، ”غزل
محبوب سان ۽ محبت جي گفتگو آهي.“
ڊاڪٽر عبادت بريلوي ”غزل ۽ مطالعه غزل“ ۾ غزل بابت
چوي ٿو: ”غزل جي صنف جو بنيادي موضوع عشق جي
معاملن جي مختلف ڪيفيتن جي ترجماني آهي. خود غزل
يا تغزل جي لغوي معنيٰ خاص عورتن سان يا عورتن
بابت ڳالھيون ڪرڻ بيان ڪئي ويندي آهي ۽ اها ڳالھه
گهڻي قدر درست آهي. مگر غزل جي اها تشريح مڪمل ۽
همه گير نه آهي، انھيءَ ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت
آهي.“
علامه شبلي نعماني ”شعرالعجم“ ۾ ايران جي عشقيه
شاعريءَ تي بحث ڪندي غزل بابت فرمائي ٿو، ”قصيدي ۾
ممدوح جي تعريف ٿيندي آهي، غزل ۾ معشوق جي.... ۽
غزل ۾ محبوب جي حسن ۽ جمال، ناز و ادا ۽ جور و جفا
جو بيان ٿيندو آهي.“
علامھ آءِ.آءِ قاضي لنڊن مان شاعريءَ بابت شايع
ٿيندڙ مخزن
“Poetry Review”
۾
“Oriental forms of Poetry”
جي عنوان هيٺ پنھنجي لکيل مضمون
The Gazal
۾ غزل جي سمجهاڻي هيٺين لفظن ۾ ڏئي ٿو:
“The word ‘Ghazal’ is of Arabic origin, and
means, as ‘Taghazalu’ talking of love,
especially to the fair. But there is another
word very nearly, pronounced the same way, viz;
‘Ghazala’ which means to spin or to twist
(spinning or twisting a yarn). There is no doubt
in my ‘Ghazala’ spinning as a yarn or twisting a
rope has suggested the idea of thelatter use of
the word. There is another word, “Ghizal”, known
to Europe as Gazalle, to which some people
attribute its origin. But if it is not derived
from it (as it is most probably noy). The leaps
of a Gazele have much in common with the poetic
flights of the “Ghazal” writer.
”غزل“ لفظ عربيءَ مان نڪتل آهي ۽ ”تغزل“ جي معنيٰ
آهي عشق جون ڳالھيون ڪرڻ، خاص طرح سھڻن سان. پر
هڪڙو ٻيو لفظ آهي جنھن ۾ تلفظ به تقريباً ساڳيو
ڪيو ويندو آهي جيڪو آهي ”غزالا“ جنھن جي معنيٰ آهي
ڪتڻ يا وٽڻ (ڌاڳي کي ڪتڻ يا وٽڻ). مون کي پڪ آهي
ته ”تغزل“ جو لفظ اصل ۾ انھيءَ ”غزالا“ لفظ مان
ورتو ويو آهي. ڌاڳي ڪتڻ يا نوڙي وٽڻ واري معنيٰ ان
پوءِ اختيار ڪئي آهي. هڪ ٻيو لفظ ”غزال“ آهي، جنھن
جو اُچار يورپ وارا ”غزيل“ ڪندا آهن. ڪن ماڻھن جو
خيال آهي ته ”غزل“ ان لفظ مان نڪتو آهي، پر جيڪڏهن
ان مان نڪتو آهي (يقيناً ان امن نه نڪتو آهي) تنھن
هوندي به هرڻي (غزاله)، جي اڇانگ ۽ غزل گو شاعر جي
خيالن جي پرواز ڪافي مناسبت آهي.
اياز حسين قادري
ڪتاب ”سنڌي غزل جي اوسر“ 1983ع،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو،
ص 4-6 تان کنيل
مخدوم
سعيدالزمان ”عاطف“

غزل
جنهن ۾ تون ناهين صنم ان ڪاروان سان منهنجو ڇا،
جو هجي تنهنجو مخالف ان جهان سان منهنجو ڇا.
جنهن مان توکي رنج ملي ان بوستان سان منهنجو ڇا،
جيڪو گهر تو لءِ نه آ تنهن آشيان سان منهنجو ڇا.
منهنجي دل جي تون ئي ڌڙڪن ساهه توسان ئي سندم،
ڇو رکان دنيا جي خواهش مهربان سان منهنجو ڇا.
تون سندم دل ۾، اکين ۾ ٿو رهين اي نازور،
منهنجي دل آهي چمن پو گلستان سان منهنجو ڇا.
مون محبت آهي ڪئي ساري جهان کي سڀ خبر،
پو ڀلا ڪيئن ٿا چون آه و فغان سان منهنجو ڇا.
آهيان عاشق ته پو ڇا لءِ ٿي فڪر زندگي،
مان چمان رستا سڄڻ ڪهڪشان سان منهنجو ڇا.
تنهنجو منهنجو پيار آ ڄڻ ليڪ پٿر تي لڳل،
هي حقيقت آهي ٻي ڪنهن داستان سان منهنجو ڇا.
زندگي ’عاطف‘ جي گذري پئي سڄڻ جي پيار ۾،
بس مران هن وٽ پو عمر جاودان سان منهنجو ڇا.
ڊاڪٽر نواز علي شوق

غزل
مون سان مارُن مٺن جي ڳالهه ڪر،
پنهنجي پياري وطن جي ڳالهه ڪر.
محل ماڙين سان ڇا وڃي پنهنجو؟
ٿر جي چؤنرن، ڇَنن جي ڳالهه ڪر.
مان سُڃاڻان نه سرؤ سُوسن کي،
مون سان ڪرڙ نه ڪنڊن جي ڳالهه ڪر.
ڪر نه ساراهه ٻين جي ميوَن جي،
پنهنجي پيرُن، پَڪن جي ڳالهه ڪر.
ڇڏ پچر پير ۽ وڏيري جي،
يار! سانگين سچن جي ڳالهه ڪر.
ڪر نه فرهاد، قيس جا قصّا،
سنڌ جي عاشقن جي ڳالهه ڪر.
ديس جو درد جن جي دل ۾ آ،
بس انهن شاعرن جي ڳالهه ڪر.
جيڪي سودو ٿا ڪن سدا سچ جو،
اهڙي سوداگرن جي ڳالهه ڪر.
سارو ساڻيهه آهه سُورن ۾،
ان جي دردن دُکن جي ڳالهه ڪر.
چؤ ته ”سنڌڙي عظيم آ“ سهڻا،
مون سان اهڙي لکن جي ڳالهه ڪر.
سنڌ جا شهر سڀ ڀلا بيشڪ،
پر ڀلو آ ته ”سَن“ جي ڳالهه ڪر.
سرفراز راڄڙ

وائي
هُو جي ڪالهه ويا،
جاني منهنجي جيءَ جا.
رُلان پئي لَڪن ۾،
تو ڪي سڏ سُئا،
جاني منهنجي جيءَ جا.
لکئي منهنجي هاءِ ڙي،
ڪهڙي پار نيا،
جاني منهنجي جيءَ جا.
مون کي ساڙيو سڪ هتي،
هو ڇڏي ڪيئن ويا،
جاني منهنجي جيءَ جا.
”فراز“ وساريان ڪيئن انهن کي،
جن سان هيڏا سنڱ ٿيا.
زيب سنڌي

منھنجا نظم تنھنجو پيڇو ڪندا آهن
تنهنجي ياد ڪَر موڙيندي آهي ته
منهنجي سوچَ
هڪ نئون نظم اُڻندي آهي
تنهنجي ياد جو درد وڌندو آهي ته
مان تنهنجي يادن جي
سمنڊ ۾ ٻڏي ويندو آهيان
جڏهن يادن جي اونهي سمنڊ منجهان
سطح تي تي پهچندو آهيان
۽ نظم کي پنهنجي دل تان
ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ چاهيندو آهيان ته
لفظَ سامونڊي ٻگهن جيان
گهڻو پري اڏامي ويندا آهن
۽ نظم وسري ويندو آهي
ان مهل مون کي محسوس ٿيندو آهي ته
منهنجا نظم
تنهنجو پيڇو ڪندا آهن!
ادل سومرو

بيدل جو يڪتارو
سچل جي ڪوزي مان پيئندس،
آھي روح اڃارو منهنجو،
نذراني جي پيتي تنهنجي،
بيدل جو يڪتارو منهنجو.
وسيلن ۾ پتي
گئس کان محروم پنهنجا ڳوٺڙا،
تيل تي ٻرندڙ بتي پنهنجي نه ٿي،
ڪيتري خوشحال سهڻي سنڌ آ،
ڇو وسيلن ۾ پتي پنهنجي نه ٿي.
بي رحم اکيون
گھر کان ھو آفيس ويندي راھه جا،
سڀ ڪنڊا اڪري وڃن ٿيون عورتون،
بي رحم ڪيئي اکيون تن جي پٺيان،
خوف مان گذري وڃن ٿيون عورتون.
مائرن جا ڊپ
جن وڻن وٽ بم ڌماڪو ھو ٿيو،
تن وڻن ڏي پو پکي ناھن ويا،
مائرن جا ڊپ ٿيلهن ۾ کڻي،
ٻارڙا اسڪول ڏي آھن ويا.
عشق منھنجو
ماء منهنجو نانءُ دودو ھو رکيو،
ذات منهنجي ۽ قبيلو سنڌ آ،
ساھ ۾ درياھه ڇوليون ٿو هڻي،
عشق منهنجو ۽ وسيلو سنڌ آ.
زندگيءَ جي اتم گھڙي
جا گذاري تو آھي محبوب سان،
زندگيءَ جي ھر گھڙيءَ کان آ مٿي،
پاڻ ارپي دان ٿو ڏيڻو پوي،
عشق ھر ڪنهن سوکڙيءَ آ مٿي.

آدمشماري
سمنڊ ۽ سنڌوندي لکجو ضرور،
درد منهنجي ديس جا داخل ڪجو،
ٻيو ته ڪجھه ناھي ڪيو پر سنڌ جي،
عاشقن ۾ نانءُ ئي شامل ڪجو.
سنڌ جون اکيون
ھئ. ته آھي زندگيءَ جو مامرو،
سنڌ جون ھر ھر اکيون آليون نه ڪر،
گھاو تازا ٿيو وڃن ٿا اوچتو،
تون اجايون ڊيم جون ڳالهيون نه ڪر.
شيخ اياز جو جنم ڏينهن
ڏينهن تنهنجي جنم جو آھي اياز،
ساڌٻيلي جي پتڻ تي ڏيئڙا،
رقص ۾ آھي سموري شاعري،
ڏات جي آھن اڱڻ تي ڏيئڙا.
شاعري
سونهن لفظن ۾ وڃي ٿي پوئجي،
پوپٽن جو ماڳ آھي شاعري،
پيار جا پنڇي اچي ان کي ٻڌن،
سو ھوا جو راڳ آھي شاعري.
فرمان
تون سڃاڻپ ٿو کسڻ منهنجي گھرين،
دل نٿي دھمان ھي تنهنجا مڃي،
تون چوين ٿو ماءُ جي ٻولي نه پڙھه،
ڪير ٿو فرمان ھي تنهنجا مڃي.
ڪتاب
تون ڪتابن کي رڳو کولي ته پڙھه،
سڀ انڌيرا ترورا ويندئي ھٽي،
شاھ کي پڙھندين يا بلهي شاھ کي،
دل جا سارا وسوا ويندئي ھٽي.
***
وسيم سومرو

غزل
بدن کي بدن سان ٻُڙن جيئن جڙين ها،
دلين جي جهانن جي دنيا گھڙين ها.
نه ماڻهن جي پاڇن کي ڏوهي ڪرين ها،
اگر پير چورن جا جاڳي ڪڙين ها.
ٻڌو مون ته آئين هوا جيئن هليو وئين،
گهڙي کن ته منهنجي اڱڻ تي لڙين ها.
اگر سار آئي ته مرڪي سڏين ها،
نه اِن پر اُڪيرن ۾ ويهي سڙين ها.
اميدن جا ڌاڳا ٻَڌي، ٿِي ميارون،
نه ڳالهيون ڪرين ها نه ڳوڙها ڳڙين ها.
بکيا ڪي ٻچا ياد پنهنجا ڪري تون،
نه اُکريءَ تي آيل پکيئڙا تڙين ها.
جڏهن تو ڏٺو صاف هئي، هيءَ نه دنيا،
رڳو پيار سان پاڻُ پنهنجو ڇڙين ها.
”وسيم“ آڳ هي جي جبل ٿي ويو هو،
سسيءَ وانگيان ڪجهه ته روئي رڙين ها.
عابد انڙ

نثري نظم
ويٺي ويٺي
ويٺي ويٺي
منهنجيون اکيون
ڀرجي اينديون آهن!
مان سوچڻ لڳندو آهيان
ته اِن جو سبب ڇا ھوندو!
پوءِ تون ياد
اچي ويندي آهين
مان به سمجهي ويندو آهيان!
نثري نظم
تنهنجي بي وفائي
تنهنجي بي وفائيءَ جو
منهنجي دل تي
منهنجي اکين تي
۽ مون تي
وڏو اثر ٿيو ھو!
دل ٽِڙڪي پئي ھئي
اکيون لڙڪَ ھارينديون ھيون
۽ مون
اڪيلو رھڻ سِکي ورتو ھو!
رخسانه پريت

غزل
سوچ جو ٻيو جهان پئي ڳوليان،
مان اٺون آسمان پئي ڳوليان.
ھِن ۾ اسرار ڪئي پسڻ کان پو،
چنڊ ۾ نئون نشان پئي ڳوليان.
پهرين ھِن بک جو ٿو حل گھرجي،
بعد مانيءَ جي، مانُ پئي ڳوليان.
گھر سڄو ئي جو سئو گزن تي ھو،
ڪيڏي ڳهلي ھان لانُ پئي ڳوليان.
ڪجهه ته رنگين ٿئي ٻسو جيون،
رنگ گھري جو ٿانُ پئي ڳوليان.
گرھ سڻڀي جي ھئا سڀئي پويان،
مان اتي اڻڀو نانُ پئي ڳوليان!
ڪاٿي سوچن کي ھِن سنڌا ٿيندا،
ٽپي سرحد، مڪانُ پئي ڳوليان.
ڳالهه ڦيري سڀن پئي ڪئي ساڳي،
ڪو جدا، نئون بيان پئي ڳوليان.
روبينه ابڙو

غزل
جُهڙ تي اکيُون وِڇائي، درياھُه بيٺو ڳائي،
لهرُون سڀئي نَچائي، درياھهُ بيٺو ڳائي.
نغمو نئون نِڪورو، ڌُن دردَ جي پُراڻي،
ھَر وِيرَ کي وَڄائي، درياھُه بيٺو ڳائي.
وَڻ وَڻ مٿان پَکين جي چُنري پئي اُڏامي،
پايَل هَوا جي پائي، درياھُه بيٺو ڳائي.
پاڻيءَ مٿان وَڄي ٿو، هِي چَنڊَ جو پيانو،
پئِي راتِ گُنگُنائي، درياھُه بيٺو ڳائي.
ڇولين سان عِشقَ جو هِي، انداز آ انوکو،
لانئون ڪنڌيءَ سان لائي، درياھُه بيٺو ڳائي.
هڪ واٽَ سَنئين سِڌي ۽ ٻي واٽَ اَڻ سِڌي آ،
واٽُون ٻئي وِڃائي، درياھُه بيٺو ڳائي.
ساحل مٿان ٻُري ٿو، سَنگيتُ ڇوڙُ بڻجي،
سُرُ سَمنڊَ سان مِلائي، درياھُه بيٺو ڳائي.
جُهومر جيان ٿو جَرڪي، پوڙهي پَهاڙ پويان،
سِجَ ۾ اکيُون کُپائي، درياھُه بيٺو ڳائي.
جُهومي ٿو ساڌ ٻيلو، آ رَقصَ ۾ بَتيلو،
ساڌُو ٿو مُسڪرائي، درياھُه بيٺو ڳائي.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل


پِيا رُساما ڪيو، پِيا جدائي ڪيو،
ڀَل پيا مُشتاقَ سان بيوفائي ڪيو.
گُهگه اونداهه ۾ ڏيئا ٻاريو نٿا،
راه ۾ ڪا نٿا روشنائي ڪيو؟
ٻارڙن پي سِتارن کي ويٺي ڳڻيو،
تن جي خوابن جي پيا ٿا تباهي ڪيو!
ڪنهن کي بارود جي بُوءِ وڻندي ڀلا؟
ڇو ٿا گولين جي نئين رونمائي ڪيو؟
عشق ٻيهر ڪرڻ جو مزو وٺڻ ڏيو،
عاشقن سان ڪا ننڍڙي چڱائي ڪيو.
دل جي ويران رڻ تي، نئين سِر نچي،
پنهنجي ”مُشتاقَ“ سان دلربائي ڪيو.
|
شميم سومرو
|
 |
وائي
منهنجي روح منجھان،
نڪري سگھندين ڪو نه تون.
منهنجي دل دماغ مان،
سچ ٿي آئون چوان،
نڪري سگھندين ڪو نه تون.
منهنجي شعرن جي اندر،
آھين دوست اڃان،
نڪري سگھندين ڪو نه تون.
جيسين ساھه ”شميم“ آ،
رھندين ساھن سان،
نڪري سگھندين ڪو نه تون.
غزل
تنهنجي ٿي تڙپائي ياد،
منهنجو من ٿي گھائي ياد.
آڌيءَ رات جو روز اچي،
سور پئي جاڳائي ياد.
ڪنهن دم باغ بهار ٿي،
من کي ٿي مهڪائي ياد.
يادن جي آ آجيان،
ڪيئن ڪوئي ٺڪرائي ياد.
وائي غزل ”شميم“ کان،
ڪيئن ٿي ڏس لکرائي ياد.
|
احسان دانش
|
 |
وائي
سانجھيءَ ويل پکي
اُڏرن ٿا آڪاس تي.
پريمي پنکن کانسوا،
رمتو روح رکي.
اُڏرن ٿا آڪاس تي.
جوڀن رُت ۾ جھومندا،
جذبا ڪيئن سکي.
اُڏرن ٿا آڪاس تي.
ڪيڏا هلڪا آدمي،
ٿوري مڌُ چکي.
اُڏرن ٿا آڪاس تي.
منهنجا خواب سڀئي،
تارن ساڻ ٻَکي.
اُڏرن ٿا آڪاس تي.
غزل
خوشي جا خاڪ ۾ ملندئي،
ڪٿي افلاڪ ۾ ملندئي.
فقيري ٿو اگر چاهين،
ته دامن چاڪ ۾ ملندئي.
سڄو ڳجهه ڪائناتن جو،
ڦڙي هڪ ماڪ ۾ ملندئي.
وکر ناهي ڳھيلا جو،
محبت واڪ ۾ ملندئي.
ڏسين اڌ رات جو سورج،
ته چنڊ جي ڦاڪ ۾ ملندئي.
چڙهئي جي ڪيف ٿو راڻا،
ته مومل ڪاڪ ۾ ملندئي.
مون ته سوچيو نه هو (آزاد نظم)
مون ته سوچيو نه هو
منهنجي مک تي
خوشيءَ باک ڦٽندي وري
ايڏي عرصي پڄاڻان
اداسيءَ جي ايڏي
ڊگهي ٻاٽ ٽٽندي وري
مون ته سوچيو نه هو
حسرتون حيرتن جي جزيرن تي
ائين جوان ٿينديون وري
خواب نيڻن جي آکيرڙڻ ۾
اڏينديون وري
مون ته سوچيو نه هو
درد جي اُسَ مان
پير ننگا کڻي
پُر خطر پيچرن کان پري
پنڌ ايڏو ڪري
پار پڄندس ڪڏهن
مون ته سوچيو نه هو
جسم جي هيءَ چيڪي مٽي مان کڻي
۽ ازل جي لتن مان ڪڍي
هن بدن جون بلائون تڙي
مرڪندس جيئندس مان وري
مون ته سوچيو نه هو
رڃ ئي رڃ هئي
اڻ ڪٿي اڃ هئي
ڪو ڪڪر ڪونه هو
ڪو ڇپر ڪونه هو
نيڻ ٻوٽيا اجهاڻا ڏيا آس جا
نيڻ کوليا ته سَرَ تان
پکي ٿي اڏيا
مون ته سوچيو نه هو
ڇا فنا ڇا بقا
لمحو لمحو ڪٿا
جسم آ ماس ڀي
جسم پاڇو به آ
ڪجهه ته آ
ڪجهه نه آ
فلسفو زندگيءَ جو ڪوئي
سمجائي ڇا
هڪ گهڙيءَ ۾ صدي
۽ صدي پَلُ آ
مون ته سوچيو نه هو
مون ته سوچيو نه هو
|
امر ساهڙ
|
 |
غزل
محبت جي مُتلاشي آھي،
سوچَ اُھا سُڳداسي آھي.
ننڊ-رِسيسَ ۾ روز ملي ٿي،
ھُن جي ياد ڪلاسي آھي.
منهنجي محبت مُلحد آ پر،
تنهنجي در جي داسي آھي.
ٽنڊا قيصر! توکي پَر تو،
يارُ اسان جو آسي آھي.
ڀٽَ ڌڻيءَ جي بيتن سان ئي،
سنڌ سموري واسي آھي.
عشق اُنهي جو سَئوٽ سَڳو آ،
محبت جنهن جي ماسي آھي.
خُوب وڻي ٿي واھه وا ليڪن،
ڇا ھيءَ سُخن شناسي آھي؟
نيهنَ ڪئي ناچاڪ جَواني،
پر تو ڪونه تپاسي آھي.
او آزاديءَ جا انڪاري!
تنهنجي سوچ اڻاسي آھي.
ھُن جي محبت سمنڊَ جيان ئي،
نيري، گهري، ناسي آھي.
تو مَروانَ شڪاريءَ ماري،
ھرڻي ڪيئن پياسي آھي؟
مينهنُ اچي ۽ مورُ نَچي ڪو،
باسَ اِھا ٿرَ باسي آھي.
تنهنجي محل- ننگر کان منهنجي،
خيما بستي خاصي آھي.
روپوش رھي ٿو سنڌ! سَندءِ،
ڀاڳ به ڄڻ بَنواسي آھي.
دردِ دل جي ڀرپور ڪئي،
لڙيل لُڙڪ عڪاسي آھي.
ڪو ته پيارا! غم اٿئي جو،
اکڙين منجهه اداسي آھي؟.
ووٽَ گُھرين ٿو اُن کان جيڪو،
رستن تي رھواسي آھي؟.
سنڌ جو بخت بچائڻ خاطر،
پاڻ قبولي ڦاسي آھي.
اڄڪلهه پئسن بدلي پيار ڏسي،
عشق ڏني اوٻاسي آھي.
ساھڙ ڌاران ھر سُهڻيءَ لئه،
ھر ڪا رات اُماسي آھي!
|
ڪوثر سوز هالائي
|
 |
غزل
انڌيري ۾ ٽانڊاڻو مشڪل ٿو ملي،
شهر ۾ گهر غريباڻو مشڪل ٿو ملي.
چوپڙ واري راند رچائي وئي ليڪن،
لڊاڻي ۾ پر راڻو مشڪل ٿو ملي.
گوندر منجهه گڏيل ڪي گيت ٻڌايا ويا،
سنڌڙيءَ جهڙو اولاڻو مشڪل ٿو ملي.
وڻ وڍائي گاھه پيا پوکين چريا،
گدرو ڇانهين هنداڻو مشڪل ٿو ملي.
ماديءَ پرستيءَ تي آ سارو لوڪ لٿل،
لهجو هت ڪو مرداڻو مشڪل ٿو ملي.
روايتن جي هاڻ بدلجي رت وئي،
واقفڪار ۽ سڃاڻو مشڪل ٿو ملي.
|
رحيمداد جوڳي
|
|
 |
وائي
اجرڪ جي ڦلڙين مان
۽ زخمي دلڙين مان
درد آ ڦٽي پيو!
مان روئان ٿو دلبر !
ڏس منهنجي اکڙين مان
درد آ ڦٽي پيو!
نيرا پيلا اڇڙا
ڦول - ولڙين مان
درد آ ڦٽي پيو!
ڇوري ٿي لڙڪ پئي
رلين جي اڳڙين مان
درد آ ڦٽي پيو!
جمن! ٿو ڳائي راڻو
ماڪ ڀنل مکڙين مان
درد آ ڦٽي پيو!
جوڳي شام لڙي ٿي
ڳوٺ ۽ ڳلڙين مان
درد آ ڦٽي پيو!
سورج شاخون ڪڍيون
ڳئن جي ٽلڙين مان
درد آ ڦٽي پيو!
|
ملهار سنڌي
|
 |
غزل
تنهنجي زلفن جا ونگ مارن ٿا،
ڄڻ ته نانگن جا ڏنگ مارن ٿا.
تنهنجي نيڻن ۾ ڄڻ ته خنجر ھن،
شوخ لهجا ۽ ڍنگ مارن ٿا.
روز مٽجن ٿا سج اڀرڻ سان،
سونهن وارن جا رنگ مارن ٿا.
جاء تن کي نه قبر ۾ ملندي،
جيڪي ڌرتيءَ تي ننگ مارن ٿا.
ڪير ”ملهار“ چئي حَسينن کي،
روز عاشق ملنگ مارن ٿا.
|
اظهر آزاد مغل
|
 |
غزل
وڍيو آ اسان کي اوهان جي وڇوڙي،
وري درد دل کي ويا هن وڪوڙي.
ملڻ جي ڪيو ڪا مٺا مهرباني،
جدائيءَ ڇڏي جانِ جاني جهنجهوڙي.
رڳن ۾ نه ساڳيو رهيو رَت ڦُڙو آ،
ڇڏيو ساھه سورن سراپا نپوڙي.
مُڪاسين گلابن جا تحفا اوهان ڏي،
ڇڏيا سي هٿن سان اوهان ئي مروڙي.
عجب مامَ اوکي محبتّ سندي آ،
اِهو پيار ڪو ڪو ٿو پرکي پروڙي.
ڪري عشق ”اظهر“ گهڻو ڪجهه سِکيو آ،
وَيا نور نيڻن سندو غم نچوڙي.
|
امر پيرزادو
|
 |
نثري نظم
ڪو ڪمرو منهنجو هجي
گهر جي ڪا ڪنڊ
ڪو ڪمرو
اهڙو هجي
جيڪو
منهنجو هجي
جتي ڪڏھن وڃي
ساهه پٽيان
جتي مان
ڪنهن رشتي جي ناتي سان
سڃاتي نه وڃان
جتي منهنجي وجود
جي ٽيبل ڪرسي هجي
جتي اهو ڪتاب رکيل هجي
جيڪو منهنجي اندر کلندو آھي
اهو بسترو جيڪو
منهنجي خوابن جي
ٽٽڻ جو سبب پڇي
چادر جا اهي گهنج هجن
جيڪي تنهنجي يادن
جي گواهي هوندا آھن
اها سرخي هجي
جيڪا تنهنجي چپن لاء
ھڻندي آھيان
جتي ڪو اداسي جو گيت
ٻڌي روئي سگهان
جتي خوشي ۾ جهومي سگهان
جتي دل گهرئي دوست سان
ڳالهائي سگهان
سينگار ڪيان
جتي ڪو خيال
منهنجي چهري تي
مرڪون آڻي
اکين ۾ ادسي اوتي
پر ڪو ڏسي نه سگهي
جتي منهنجي سوچ جو ڏيئو ٻري
جتي تصور
جي دنيا
خوابن جي ڪينواس تي
چٽي ڇڏيان
جتي منهنجا راز
منهنجا دوست هجن
جتي نصيحتن جو در نه کڙڪي
جتي دنيا جي دز نه هجي
دل جو دستور هلي
روايتن جي گهٽ نه هجي
ڪا اهڙي دري هجي
جتان
ويهي
چنڊ ڏسان
ساهن ۾
ھوا جي مهڪ سان
ان کي محسوس ڪيان...
جنهن سان پيار ڪيان......
جنهن سان پيار ڪيان...
نثري نظم
تون ايڏو
مصروف ڇو آن؟
ڇا تنهنجي
ادبي دنيا
منهنجي اکين کان
وڌيڪ حسين آ !!
|
طارق امام جوڻيجو
|
 |
غزل
هي ته دونهون آھي منهجي جگر جو،
سلسلو آ يار تنهنجي ذڪر جو.
ديپ ڪوئي ٿو جلي يا دل هتي،
لرزي ٿو پيمانو پنهنجي فڪر جو.
مان زليخان جيان پريشان شهر ۾،
تون به يوسف ٿي گهمين ٿو مصر جو.
وار چاندي سان بدن جهونو ڏسو،
پن ڇڻي ڇڻڪي ڪري پيو پپر جو.
هر گهٽي جو رخ آھي ڀوتار ڏي،
ٻول ٻولي ٿو شڪاري تتر جو.
نيٺ گذري هي گهڙي ويندي ڏکي،
ڇا ڪيان ”طارق“ ڀلا مان حجر جو.
|
مرتضيٰ ڦل
|
 |
غزل
قدم ناز مان هوءَ کڻي ٿي پئي،
بهارن کي ڪيڏو وڻي ٿي پئي.
وسي ماڪ گلڙن تي مون کي لڳو،
صدين کان جواني ڇڻي ٿي پئي.
ڀلا ننڊ هن کان رٺل آهي ڇو،
ستارا اکين سان ڳڻي ٿي پئي.
بدن آڱرين سان ٻري آ ويو،
وري تند تن ۾ تڻي ٿي پئي.
فقط ”مرتضيٰ“ آهي منهنجو پرين،
اها هام هر هر هڻي ٿي پئي.
|
فيض سومرو
|
 |
غزل
موت کان مهلت ملي پر زندگي ماري وڌو،
درد ڳاري جان پر ڪنھن خوشي ماري وڌو.
ھوءَ شرميلي نويلي پوپري ۽ پدمڙي،
پر مٺي جي سونهن سان گڏ سادگي ماري وڌو.
دشمنن جي چالبازي ڇا بگاڙي ھا سگھي،
ھاءَ پر پنهنجي پرين جي دشمني ماري وڌو.
دوستن ۾ ساھه ھو ويساھه ھو اعتبار ھو،
پر ڪجي ڇا دوستن جي دوستي ماري وڌو.
شعر منهنجا ھن پڙھي لکيو ھيو مئسيج ۾،
”سچ پڇين جي ”فيض“ تنهنجي شاعري ماري وڌو.“.
ª
|
گل محمد ”گل"
سومرو
|
 |
غزل
روح ٿي رانديون ڪيون دلدار جي تصوير سان،
سونهن سان سينگار سان زلفن سندي زنجير سان.
ٻول ٻولڻ سان سڄڻ سبيل زخم ٿي کوليو،
ڪات سان تلوار سان سنهڙن چپن جي چير سان.
جيئن موتي هار ۾ پويم اِئين دل پيار ۾،
سئي سڳي سان آر سان تکين اکين جي تير سان.
رت رُنو آڪاش هي منظر ڏسي مهراڻ جو،
لڙڪ سان اُڇنگار سان هڪڙي نينگر جي نير سان.
پاڻ ٿو پهچي سڄڻ سنسار منجهه سرهاڻ آ،
واءُ سان طوفان سان ٿڌڙي ڏکڻ جي هير سان.
ڀيٽ ڪنهن سان ٿا ڪيو هن عشق جي انداز جي،
موت سان سولي سان يا منصور جي تڪبير سان.
چنڊ ته دلبر پاڻ آ پوءِ روز ”گل“ جي عيد ٿي،
ويس سان پوشاڪ سان ميرن لٽن جي لِير سان.
غزل
ابتدا کان انتها ڏي ڪيئن هلي ٿي هوءَ ڏسو،
پيار جي ڄڻ لام تي ڪويل لُڏي ٿي هوءَ ڏسو.
آ مٺو پاڻي منع هُن کي يا ڪائي ڪال آ،
روز کاري کوهه تان پاڻي ڀَري ٿي هوءَ ڏسو.
پاس ڪهڙي ٿو ڪيان آهي مِڙئي ڪجهه دادلي،
ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه دفعا پرچي رُسي ٿي هوءَ ڏسو.
ڇو نه چريو مان ٿيان چريائپ جي بس ڳالهه آ،
مُسڪرائي ٿورڙو پوءِ اک هڻي ٿي هوءَ ڏسو.
موت کان بلڪل مٿاهون عشق آ انسان جو،
تار مان تارو جيان سهڻي تري ٿي هوءَ ڏسو.
گهر ڪري ويئي ملاوت هر شيءِ ۽ تُخم ۾،
صاف سئو فيصد اڃا ريشم ملي ٿي هوءَ ڏسو.
اوچتي ان عڪس تي يا روبرو تنهن رُوپ تي،
گيت هڪڙو ”گل“ لکيو باقي لِکي ٿي هوءَ ڏسو.
|
سميع ”ساجد“ جوڻيجو
|
 |
غزل
نينهن جو ناتو پرين مون سان پڪو پختو ڪجان،
دوستي ۾ تون مون سان دلبر نه ڪي دوکو ڪجان.
تون سراپا آن حَسين جهڙي حَسين سنڌ جي زمين،
سينڌِ سِرَ تي تون ڪڍي ۽ سُونهن سنڌ نقشو ڪجان.
وقت جي اوکو اچي ھن سنڌ جيجل ماءُ تي،
.ساھُ سِرُ پنهنجو ڪڏھن ڀي ڪين ڪي مٺڙو ڪجان.
پوکجان تون گلَ دڳن تي ميڙجان سارا ڪنڊا،
صاف پنهنجو يار ھردم تون پيو رستو ڪجان.
ٻولَ مٺڙا ٻولِ سڀَ سان ڪين ٿي ڪنهن سان تکو،
سخت لهجي کي ڇڏي پنهنجو نرمُ گُفتو ڪجان.
لڄَ رکجان پيار جي ۽ بيوفائي نا ڪجان،
پيار کي دنيا اندر تون ڪين ڪي رونشو ڪجان.
تون کڻي اچجان قدمَ ۽ مان به ڊوڙيندو ايندس،
پائي ڀاڪر مون کي دلبر پيار ۾ سوگهو ڪجان.
گلُ گلابي موتيو رابيل ۽ مگرو کڻي،
پيار ۾ ”ساجدَ“ پرين کي پيش گلدستو ڪجان
 |