|
تحقيق

1934ع –
1994ع)
علم تحقيق- لفظ تحقيق عربي زبان جي لحاظ کان
حقق: جاچ ڪرڻ، ڪنھن شيءِ کي ثابت ڪرڻ، لازمي ڪرڻ،
مڃڻ- تصديق ڪرڻ.
اَحق: حق چوڻ، ڪنھن شيءِ کي ضروري يا واجب ڪرڻ، حق
جو غالب اچڻ- ڪنھن شيءِ کي يقيني ڪڻ.
تحقيق: ثابت ٿيڻ، يقين ڪرڻ.
تصديق ڪرڻ، ڪنھن شيءِ کي لازمي ڪرڻ.
حق: (ج حقوق) سچائي، راستي، يقين.
انصاف، پڪ، خاطري، ثابت ٿيل حق، مال جو، مِلڪ جو
فيصل شده معاملو، موت، سچو،
(الله
تعاليٰ جي نالن مان هڪ نالو آهي).
اَلحق عليک: تون غلط آهين. (الحق علينا)
اَلحق معک: تون صحيح آهين. (الحق معنا)
تحقيق: ثابت ٿيڻ، يقين ڪرڻ، تصديق ڪرڻ، ڪنھن شيءِ
کي لازمي ڪرڻ.
تحقيق: ثابت ڪرڻ، يقيني بنائڻ (تصديق کان پوءِ)
ڪنھن شيءِ کي لازمي بنائڻ جو عمل.
ٻين لفظن ۾ تحقيق جي معنيٰ آهي ڪنھن اَمر کي ايترو
يقيني بنائڻ جو اُها ڪنھن به شڪ کان مٿي هجي ۽
انھيءَ طرح لازمي بنجي وڃي جو ان تي يقين ڪرڻو ئي
پوي.
(1) تحقيق عربي لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ آهي اهڙو
طريقو يا مطالعو اختيار ڪرڻ جنھن سان ڪنھن باري ۾
ڪنھن سوال جي حقيقت يا سچ تائين پھچي سگهجي يا
ڪنھن شيءِ جو اصل معلوم ڪري سگهجي يا ڪنھن شيءِ جي
باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهجي.
علم تحقيق:
”جھڙيءَ ريت سچ جو نعم البدل ڪوبه نه آهي تھڙيءَ
ريت تحقيق جي ڪم جو نعم البدل به ڪو ڪونھي.“ ان
ڪري ايترن سارن علمن ۽ فنن جي مطالعي تي موجود
مواد جي هوندي به تحقيق جي باري ۾ مواد جي ضرورت
موجود آهي ۽ هميشه رهندي. انگريزي لفظ ريسرچ
(Research)
جيڪو تحقيق جي لاءِ ڪم آندو ويندو آهي ان جي معنيٰ
به اهڙي ئي آهي
Research: Investigation under taken in order to
discover new facts, get additional information
عام طور ريسرچ جي معنيٰ آهي ”تلاش ڪري وري تلاش
ڪرڻ“ ۽ انھيءَ طرح هن تلاش جو مقصد لفظ جي مفھوم
جي خيال کان اهو ئي ٿئي ٿو؛ يعني ”سچ جي تلاش ڪرڻ
کان پوءِ ان جي ويجهو وڃڻ ۽ سچ کي سمجهي سگهڻ“ يا
پاڻ اهڙو تجزيو اختيار ڪرڻ جنھن سان اڳواٽ معلوم
ڪيل حقيقتن جي باري ۾ يقين حاصل ٿئي.
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

اسلام ۽ مغرب جا دانشور
انساني تاريخ ۾ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي شخصيت
هر پھلوءَ کان بي مثال آهي. دين اسلام جا پيرو ته
ان ڳالھه کي عقيدي طور مڃين ٿا، پر ڪيترا غير
مسلمان مفڪر ۽ دانشور به آخر ان نتيجي جا قائل ٿيا
آهن، جنھن جو نھايت ڊگهو پس منظر آهي. يورپ وارن
وٽ اسلام کي سمجهڻ جو شروعاتي عمل صليبي جنگين
يعني يارهين کان تيرهين صدي عيسوي دوران ٿئي ٿو.
جيئن ته اسلام کي سمجهڻ جي شروعات ئي سخت مخالفانه
ماحول ۾ ٿي، ان ڪري ڪيترين صدين بلڪه اڄ ڏينھن
تائين اسلام بابت عام طور صحيح تصور قائم ٿي نه
سگهيو آهي. جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان گڏ ان ۾ قابل ذڪر
مثبت اضافو به ٿيندو رهيو آهي. ليڪن اها به حقيقت
آهي ته اسلام خلاف رد عمل جي ڪري ان کي سنجيدگيءَ
سان سمجهڻ جو آغاز به ٿيو، جنھن ڪري اڳتي هلي مغرب
وارن کي اسلام جي علمي ۽ سائنسي روايت مان بي
پناهه فائدو ٿيو. اهو سال
1143ع
هو، جڏهن فرينچ پادري پيٽر مقدس (Peter
the Venerable)
اندلس يعني مسلم اسپين جي شھر طليطله (Toledo)
جيڪو
1085ع
۾ مسلمانن جي قبضي کان نڪري عيسائين وٽ هو ۽ جتي
عربي ڄاڻندڙ عيسائي عالم موجود هئا، ان ارادي سان
پھتو هو ته جيئن قرآن جو يورپ جي ان وقت جي علمي
زبان لاطينيءَ ۾ ترجمو ڪرائي سگهي. پيٽر جي
نگرانيءَ ۾ اهو ترجمو رابرٽ آف ڪيٽان ڪيو. در
حقيقت اهو ترجمو قرآن جي مفھوم تي مبني هو، ڇو ته
اصل مقصد قرآن کي سمجهي ان جو رد ڏيڻ هو. پيٽر پاڻ
ان جو مقدمو لکيو ۽ اهو نتيجو قائم ڪيو ته اسلام
عيسائيت جي بگڙيل شڪل آهي ۽ ان ڪري ناقابل يقين
آهي ۽ مسلمان اڻ سڌريل ۽ بي دين (Heathen)
آهن. هن پنھنجي دليلن کي زور وٺائڻ خاطر ٽين/نائين
صديءَ ۾ اسلام خلاف عيسائي عرب مصنف الڪنديءَ جو
رسالو به لاطيني ترجمي سان گڏ ان سان شامل ڪري
ڇڏيو.(1)
هڪ طرف اسلام خلاف ان قسم جو مذهبي محاذ تيار ٿي
رهيو هو ته ٻئي طرف انگلينڊ جو اڊيلارڊ آف باٿ (1152-
1080ع)
جڏهن فرانس، اٽلي، صقليه ۽ اسپين جي علمي سفر تان
واپس آيو ته هو اسلام جي علمي ميراث کان تمام گهڻو
متاثر ٿيو. هن پھريون دفعو اقليدس جي جاميٽريءَ کي
عربيءَ مان لاطينيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو ڪتاب پوءِ
صدين تائين يورپ ۾ درسي ڪتاب طور رائج هو. هن
1126ع
۾ خوارزميءَ جي زيج کي، خوارزميءَ جي جدول (Khorzmian
Tables)
نالي سان پڻ ترجمو ڪيو. هو مسلمانن جي عقليت کان
ايڏو متاثر هو، جو سندس الفاظ آهن.
“I learnt from my masters, the Arabs to follow
the light of reason, while you are led by the
bridle of authority, for what other word than
‘bridle’ can I use to describe authority.”
(2)
”مان
پنھنجي عرب استادن کان عقل تي هلڻ سکيو آهيان،
جڏهن ته اوهين فقط حڪم جا غلام آهيو. مان ان
محڪوميءَ لاءِ
’رسي‘
(bridle)
کان وڌيڪ ٻيو
ڪھڙو لفظ استعمال ڪريان.“
مسلمانن جي انھيءَ فڪري آزاديءَ واري ماحول کان
فرانس جو پيٽرابيلارڊ (1142-1078ع)
به متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو هو. حالانڪه
هو پيٽر مقدس جو دوست هو. هن ئي چيو هو ته مون کي
مسلمانن جي ڪنھن ملڪ ۾ وڃڻ ڏيو، جيڪي حضرت عيسى جا
دشمن آهن، پر مون کي اتي زندگي گذارڻ جو پورو حق
حاصل هوندو.(3)
هن هڪ ڪتاب
’هڪ
فلسفيءَ جو يھودي ۽ عيسائيءَ سان مڪالمو‘
لکيو، جنھن ۾ فلسفيءَ مان سندس مراد مسلمان آهي.
(4)
صليبي جنگين (Crusades)
جي باري ۾ ايترو ٻڌائڻ مناسب آهي ته پھرين صليبي
جنگ جو اعلان پوپ اربن ٻئي
1089ع
۾ ڪيو هو، پر هڪ صديءَ جي گذرڻ کان اڳ سلطان صلاح
الدين ايوبي
1187ع
۾ ٽين صليبي جنگ جي نتيجي ۾ بيت المقدس کي وري فتح
ڪري ورتو هو. صليبي جنگين جي ڪري مغرب جي ڪن
دانشورن کي اسلام جي مرڪز بغداد اچڻ جو موقعو
مليو، جن ۾ منٽي ڪروس (Monte
Croce)
جھڙو عالم شامل هو، جيڪو ڪجهه وقت بغداد ۾ قيد به
رهيو. هن
1291ع
۾ قرآن ۽ عربن خلاف هڪ جامع ڪتاب لکيو، جيڪو اڳتي
هلي مارٽن ليوٿر جي مطالعي هيٺ آيو، جنھن مان هن
ڀرپور استفادو ڪندي، عيسائيت خلاف تحريڪ احتجاج
يعني پروٽيسٽنزم جو بنياد رکيو. گويا ان ريت ليوٿر
اسلام جي نظريات کان هڪ مخالف جي طور چڱيءَ طرح
باخبر ٿيو. بلڪه ليوٿر ان ڪتاب کان ايڏو متاثر
ٿيو، جو ان کي جرمن زبان ۾ ترجمو ڪيو هئائين.
(5)
هتي پس منظر طور اهو بيان ڪرڻ به ضروري آهي، ته
مسلمانن اٺين صديءَ جي وچ ڌاري اسپين کي فتح ڪيو ۽
هڪ صدي اندر اٽليءَ جي علائقي صقليه (Sicily)
کي پڻ فتح ڪري، اتي حڪومت قائم ڪئي ۽ ايندڙ وڏي
عرصي تائين اتي اسلامي علوم و فنون (Sciences)
وڏي ترقي ڪئي. ليڪن يارهين صديءَ جي ختم ٿيڻ کان
اڳ صقليه تي نارمن راجر ثاني حڪمران بنجي ويو،
جيڪو مسلمانن جي علمي ميراث جو وڏو قدردان ثابت
ٿيو. هن
1138ع
۾ الادريسيءَ جھڙي جاگرافيدان کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ
گهرايو، جنھن جو تعلق آفريڪا جي ملڪ تيونس سان هو.
ادريسيءَ
1158ع
۾ پھريون دفعو دنيا جو نقشو ٺاهي کيس پيش ڪيو. ان
کان اڳ هن پاڻ يورپ جو ڳچ حصو گهمي ڏٺو هو ۽ ان
موضوع تي عربيءَ ۾ ڪتاب
’نُزهت
المشتاق في اختراق الآفاق‘
نالي سان تيار ڪري راجر ثانيءَ ڏانھن منسوب
ڪيائين، جنھن ڪري اهو
’ڪتاب
الراجوري‘
جي نالي سان مشھور ٿيو. (6)
راجر ثانيءَ جي موت بعد سندس پوٽو فريڊرڪ ثاني
جانشين ٿيو، جيڪو (1250-1220ع)
۾ رومي شھنشاه (Holy
Roman Emperor)
ٿيو. هو پنھنجي ليکي وڏو عالم فاضل شخص هو، جيڪو
هڪ وقت ڇھه ٻوليون ڄاڻندو هو، جن ۾ يوناني، لاطيني
۽ عربي وغيره شامل هيون. هو عربي ڳالھائي سگهندو
هو ۽ چون ٿا ته سندس حرم ۾ عربي عورتون به شامل
هيون. هو مسلمانن سان دوستيءَ جو قائل هو. انھيءَ
ڪري جڏهن فلسطين ۾ آيو ته هن مسلمانن سان دوستيءَ
جو معاهدو ڪري، پاڻ کي فلسطين جو حڪمران تسليم
ڪرايو. سندس انھيءَ روشن خيال طبيعت سبب وقت جي
پوپ گريگوري نائين کيس عيسائيت کان خارج ڪرڻ جي
فتوى ڏني هئي. برٽرانڊرسل جي لکڻ موجب هو تيرهين
صدي نه بلڪه
سورهين صديءَ جو مصلح ۽ سڌارڪ هو، جيڪو پنھنجي وقت
کان اڳ پيدا ٿيو هو.(7)
تيرهين صديءَ ۾ اٽليءَ جي اندر عيسائيت جو وڏو
علمبردار ٿامس اڪئيناس (1274-1226ع)
پيدا ٿيو، جنھن فريڊرڪ ثانيءَ جي دور ۾ قائم ڪيل
نيپلس يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. هو يوناني
فلسفيءَ افلاطون جي مقابلي ۾ ارسطوءَ جو پوئلڳ
ثابت ٿيو ۽ چيائين ته عرب توڻي عيسائي عالم، جيڪي
مسلمان فلسفي ابن رشد جا پوئلڳ هئا، سي ارسطوءَ کي
نه سمجهي سگهيا آهن. دراصل هو ابن رشد تي ان ڪري
تنقيد ڪري رهيو هو، ڇو ته تيرهين صديءَ ۾ پيرس ۽
آڪسفورڊ جھڙن علمي مرڪزن ۾ ارسطوءَ جي حوالي سان
ابن رشد جو فڪر ڇانئجي چڪو هو. هن سلسلي ۾
برٽرانڊرسل جي راءِ نھايت محققانه ۽ مزيدار آهي،
جيڪو چوي ٿو ته خود اڪيئناس جو شرح دراصل ابن رشد
جي نقالي آهي.(8)
هن
1261ع
۾ (Summa
Contra Gentiles)
لکيو، جنھن ۾ هن خدا جي وجود لاءِ ارسطوءَ وارا
دليل دهرايا ۽ مسلمانن کي
Gentile
يعني جاهل، ملحد ۽ بي دين
سڏيائين. اڪئيناس جي اهڙن خيالن کي ڪليسا جي حمايت
حاصل ٿيڻ لڳي ۽ پيرس ۽ ٻين هنڌن تي ابن رشد جي
مداحن تي گهڻي سختي شروع ٿي وئي. اهو ان سختيءَ جو
نتيجو هو، جو هڪ صديءَ کان پوءِ
1366ع
۾ اٽليءَ جي شھر فلورينس جي مشھور ڪليسا سانتا
ماريا نوويلا ۾ هڪ عاليشان پينٽنگ ۾ ٿامس اڪئيناس
سان گڏ ابن رشد کي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي ۽ ان
تصوير جو عنوان آهي
’ٿامس
اڪئيناس جي فتح‘
جنھن مان ابن رشد جي فڪر ۽ فلسفي جي غير معمولي
اهميت جو چڱيءَ طرح اندازو ٿئي ٿو.(9)
تيرهين صدي عيسوي سياسي طور اسلامي دنيا لاءِ سخت
مشڪل دور ثابت ٿيو. سال
1249ع
۾ ستين صليبي (Crusade)
جنگ ٿي گذري، جنھن ۾ مسلمانن توڻي عيسائين لاءِ ڪو
خاص نتيجو نه نڪتو. ليڪن
656/1258ع
۾ هلاڪو خان بغداد تي وحشتناڪ حملو ڪري، عباسي
خليفي مسعتصم بالله کي غاليچي ۾ ويڙهائي قتل ڪري
ڇڏيو، جنھن سان پنج سو سالن کان قائم عباسي خلافت
جو اندوهناڪ خاتمو ٿيو. ان کان اڳ منگول روس ۽
يورپ جي ڪيترن ملڪن تي ڪامياب حملا ڪري چڪا هئا.
اهو زمانو هو جڏهن پوپ چوٿين ۽ لوئي نائين پادري
وليم آف روبرڪ کي ايلچيءَ طور منگولن جي اڳواڻ
منگو خان ڏي موڪليو هو، ته جيئن هو کيس عيسائي
مذهب ڏانھن مائل ڪري سگهي.(10)
اهو تاريخي واقعو آهي ته منگو خان جي سامھون هڪ
نسطوري عيسائي، هڪ مسلمان، ٻڌمت جو هڪ عالم ۽ وليم
روبرڪ مناظري خاطر پيش ٿيا ۽ هڪٻئي کان سوال جواب
ڪيائون. بھرحال ڪنھن کي به ڪاميابي نصيب نه ٿي
هئي. اها به حقيقت آهي ته ان کانپوءِ غازان خان
پوپ اٺين ڏانھن اهڙي سفارت موڪلي هئي ته جيئن
مسلمانن خلاف متحده محاذ قائم ڪري سگهجي. ليڪن هو
1291ع
۾ مصر جي مملوڪ سلطان کان شڪست کائي ويو ۽ تنھن
کانپوءِ ڪجهه سالن اندر يعني
1295ع
۾ غازان خان اسلام قبول ڪري ورتو هو. (11)
تيرهين صديءَ جي حوالي سان گهٽ ۾ گهٽ ٻن
اهم عيسائي دانشورن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. پھرين
وڏي شخصيت آڪسفورڊ جو پروفيسر راجر بيڪن (1294-
1214ع)
هو. هو نظرياتي طور صليبي جنگين جو مخالف هو. هن
جو زور عقلي ۽ علمي دليلن تي هو. هو گهڻين ڳالھين
۾ فرانسيسڪن فرقي وارن سان هم خيال هو، پر هن جو
جڏهن ساڻن اختلاف ٿيو ته کيس ٻن سالن لاءِ قيد ڪري
ڇڏيائون. حالانڪه ان کان اڳ هن پوپ ڪليمنٽ چوٿين
جي چوڻ تي
Opus Maius
نالي ڪتاب تصنيف ڪيو هو، جنھن ۾ هن پنھنجي خيالن
کي چڱيءَ طرح بيان ڪيو هو.(12)
دراصل بيڪن سائنسي مزاج رکندڙ ۽ رياضيدان هو ۽ ان
وقت جي علم نجوم (Astrology)
۾ گهڻو يقين هو. هو دنيا ۾ ڇھن مذهبن جي وجود کي
تسليم ڪري ٿو، جن ۾ عيسائيت کانسواءِ يھوديت ۽
مسلمانن جي مذهب کي خاص اهميت ڏئي ٿو. ستين فرقي
کي هو دجالي (Antichrist)
سمجهي ٿو. هو مذهبي اختلافن کي گهڻي حد تائين فطري
سمجهي انھن کي رد نٿو ڪري. هو پنھنجي تحريرن ۾
فارابي، ابن سينا ۽ ابن رشد جا نالا کڻي ٿو. تاهم
انھن سڀني ۾ هو علم نجوم جي ماهر ابو معشر کان
وڌيڪ متاثر نظر اچي ٿو، جو سندس پيشين گوئي تي
پورو يقين رکي ٿو، جنھن مطابق هن اسلام جي ڪُل عمر
693
سال ٻڌائي هئي. ان ڪري بيڪن چوي ٿو ته اسلام جي
مخالفت اجائي آهي ۽ هينئر
665هه/1267ع
آهي. باقي چند سالن کان پوءِ اسلام جو پاڻھي خاتمو
ٿي ويندو. دراصل بيڪن، جيڪو هونئن سائنسي نقطئه
نظر رکندڙ هو، انھيءَ ويساهه وارو ان ڪري ٿيو هو،
جو سندس زندگيءَ ۾ منگولن اسلامي دنيا تي وڌ ۾ وڌ
حملا ڪيا هئا ۽ آخر
656هه/1258ع
۾ بغداد کي تباهه ۽ عباسي خلافت جو خاتمو ڪيو هو.
(13)
راجن بيڪن، ارسطوءَ کي سڀ کان وڏو ۽ حقيقي فلاسافر
سمجهي ٿو ۽ ان کانپوءِ هو ابن سينا جي عظمت جو
اعتراف ڪري ٿو. ليڪن ابن رشد جي عقل فعال واري
نظريي کان به چڱيءَ طرح واقف هو، جو کيس ٿامس
اڪئيناس تي ترجيح ڏئي ٿو. هن
1271ع ۾ فلسفي تي هڪ
جامع ڪتاب لکيو، جنھن ۾ هن ڪليسا جي ڪيترين ڳالھين
تي نقطه چيني ڪئي، جنھن ڪري 1278ع
۾ هن جي سڀني ڪتابن تي بندش وڌي وئي ۽ کيس چوڏهن
سال قيد و بند جي سزا ڏني وئي. هو 1292ع
۾ آزاد ٿيو، پر ان کان پوءِ جلد ئي مري ويو. راجر
بيڪن لکيو هو ته جيئن خدا هڪڙو آهي، ان ڪري هن جي
طرفان الھام يا پيغام به هڪڙو آهي. مطلب هو پنھنجي
متقدمين جي مقابلي ۾ اسلام جي ايڏو خلاف يا
دشمنيءَ تي آماده نه هو، جيترا هو هئا. (1
تيرهين صديءَ جو ٻيو وڏو مبلغ ريمنڊ لُل (Raymond
Lull)
آهي (1315-1232ع)
جيڪو اسپين جو باشندو هو. هو فرانسسڪن مشنري هو ۽
عربي ٻوليءَ جي سکڻ کي خاص اهميت ڏيندو هو. هن
اڍائي سو کان وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا لکيا ۽ کيس پنھنجي
دليل بازيءَ تي وڏو ناز هو. هو پنھنجي ڪتابن ۾
يھودين ۽ مسلمانن کي عيسائي بنائڻ جا ڪيترا دليل
ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ هو صليبي جنگين جي زماني ۾ پيدا
ٿيو هو، پر سندس چوڻ هو ته مخالفن کي جنگين ذريعي
نه، پر عقلي ۽ علمي دليلن سان قائل ڪري سگهجي ٿو.
انھيءَ ارادي سان هن مغرب جي ڪيترن عرب ملڪن جو
سير سفر ڪيو هو. هڪ ڪتاب ۾ هو فرضي طور هڪ يھودي،
مسلمان ۽ عيسائي عالم کي گڏ ڏيکاري ٿو، جن وٽ هڪ
عام سادو سودو شخص ويٺل آهي. ٽئي عالم واري وٽيءَ
سان ان شخص کي پنھنجي مذهب بابت وعظ ڪن ٿا. ليڪن
لُل اهڙيءَ طرح جيڪي دليل ڏئي ٿو، سي عيسائيت جي
پُڙ کي ڳورو ثابت ڪن ٿا. هن جي نظر ۾ غازان جي
اسلام قبول نه ڪرڻ جو سبب عيسائي مبلغن جي نااهلي
هئي، جيڪي کيس قائل نه ڪري سگهيا.
لُل قرآن جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو هو، جو هڪ طرف
هو قرآن جي سورة اخلاص (جنھن موجب خدا نه ڪنھن کي
ڄڻيو آ هي ۽ نه ڪنھن مان ڄائو آهي.) بابت پنھنجي
ڄاڻ ظاهر ڪري ٿوته ٻئي طرف وري قرآن ۾ جو حضرت
عيسى کي
’روح‘
۽
’ڪلمه‘
چيو ويو آهي ته انھن کي ملائي جُلائي عيسائيت جو
عقيده تثليث ثابت ڪري ٿو. (15)
تيرهين صديءَ ۾ ئي اٽليءَ جي شھر فلورينس ۾ ڊانٽي
(1321-1265ع)
جھڙو وڏو شاعر پيدا ٿيو، جنھن پنھنجو طويل نظم
’خدائي
مذاق‘
(Divine
Comedy)
1314ع
۾ تصنيف ڪيو، جنھن ۾ هن پيغمبر اسلام جي خلاف گهڻي
هرزه سرائي ڪئي. حالانڪه جيئن سڀئي ادبي نقاد
تسليم ڪن ٿا ته سندس انھيءَ ڪتاب جو مرڪزي خيال
معراج آسمانيءَ تان ورتل آهي ۽ ان کان سواءِ هو
اسپين جي وڏي مسلمان صوفي ابن عربيءَ کان به
مستفيد ٿيو هو.(16)
انھيءَ نظم ۾ هو خيالي آسماني سفر اختيار ڪري ٿو،
جنھن ۾ هو مسلمان فلسفين ۽ اسلام جي هيروز جھڙوڪ:
فارابي، ابن سينا، غزالي، ابن رشد ۽ سلطان صلاح
الدين ايوبيءَ کي اعراف يعني بھشت جي هيٺين درجي ۾
ڏيکاري ٿو. ڊانٽيءَ جي انھيءَ تعصب جو سبب سندس
قوم پرستيءَ جو سخت رجحان ٿي سگهي ٿو، ڇو ته جيئن
مٿي بيان ٿي چڪو ته اٽلي ٻارهين صديءَ تائين منتشر
رياستن جو مجموعو هو، جنھن جي هڪ حصي صقليه يا
سسليءَ ۾ مسلمانن جي حڪمراني هئي.
رومي شھنشاه فريڊرڪ ثاني
”جيڪو
پاڻ صقليه يعني اٽليءَ جو هو“
عربي تھذيب ۽ ڪلچر جو دلداده هو، جنھن کي پوپ اڳئي
عيسائيت مان خارج ڪري چڪو هو. هڪ حساس شاعر جي
حيثيت ۾ ڊانٽي کي اها به خبر هوندي ته نائين صديءَ
جي وچ ڌاري روم کي به عربن جي وڌندڙ طاقت کان خطرو
پيدا ٿي چڪو هو، جو پوپ اٺون (872-
882ع)
ٻن سالن تائين عربن کي خراج ادا ڪندو رهيو. اهي سڀ
ڳالھيون ڊانٽي جي متعصب عيسائي ذهن لاءِ ناقابل
برداشت هيون، جنھن ڪري ان نظم ۾ هن خاص طور رسول
خدا ﷺ جي شخصيت کي نشانو بنايو، حالانڪه هو اسلام
جي علمي روايت کان چڱيءَ طرح واقف لڳي ٿو. انھيءَ
نظم جي هڪ بند ۾ ابن رشد جي ارسطوءَ جي تشريح بابت
هينئن چوي ٿو:
“Averrhoes who made the commentary.”(17)
يعني ابن رشد جنھن تشريح لکي هئي.
جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو ته اها ابن رشد جي ارسطوءَ
جي تشريح ئي هئي، جنھن ڪري يورپ وارا ارسطوءَ کي
سمجهڻ جي لائق ٿيا هئا، جنھن جو رد اڪئيناس پيش
ڪيو هو.
يورپ ۾ هڪ طرف ڊانٽي جھڙا متعصب ذهن پيدا ٿي چڪا
هئا، ته انھيءَ ساڳي عرصي ۾ آڪسفورڊ ۾ جان وائڪلف
(John
Wycliffe)
(1384-
1320ع)
جھڙو روشن خيال پروفيسر موجود هو. هو اسلام کي
ايترو ويجهو پھتو هو، جو سندس الفاظ هئا
“We Western Mohammedns”
(18)
يعني
’اسان
مغربي محمدي آهيون.‘
هن ئي پوپ کي دجال (Antichrist)
ڪوٺيو هو. اسان جي خيال ۾ وائڪلف جا اهي الفاظ
اسلام بابت ڄاڻ جو وڏو ثبوت آهن ۽ سندس انھيءَ ڄاڻ
جو وڏو ذريعو قرآن شريف جو اهو لاطيني ترجمو ئي ٿي
سگهي ٿو، جيڪو تيرهين صديءَ کان يورپ جي وڏن علمي
مرڪزن جھڙوڪ آڪسفورڊ وغيره ۾ پڪ سان موجود هو. اهو
وائڪلف ئي هو، جنھن پھريون دفعو بائيبل لاطينيءَ
مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جنھن ڪري پڻ ڪليسا
وارا مٿس ڪاوڙيا هئا. هن ڪليسا جي اصلاح جي پڻ
ڳالھه ڪئي هئي، جنھن ڪري پوپ گريگوري يارهين کيس
عيسائيت مان خارج ڪرڻ جي فتوى جاري ڪئي هئي ۽
1377ع
۾ کيس قيد ڪيو ويو. آخر ۾ مرڻ بعد سندس لاش کي ڪڍي
باهه ۾ ساڙي سندس رک کي سزا طور
1428ع
۾ سوئفٽ نديءَ ۾ اڇلايو ويو. هن جي موت کانپوءِ
سندس پوئلڳن (Lollards)
تي پڻ هر قسم جي سختي ڪئي وئي. انھيءَ پس منظر ۾
وائڪلف کي ئي دراصل مذهبي احتجاجي تحريڪ جو باني
چيو ويو آهي.(19)
چوڏهين صديءَ ۾ اسلامي علوم بابت غير معمولي
دلچسپيءَ جو اهو اثر نڪتو، جو انگريزي ٻوليءَ جي
پھرين وڏي شاعر چاسر (موت
1400ع)
اصطرلاب (Astrolab)
بابت هڪ عربي ڪتاب جي لاطيني ترجمي تان پنھنجو
ڪتاب تيار ڪيو. ان کانپوءِ جڏهن هن پنھنجو مشھور
نظم ڪئنٽربري جون آکاڻيون (Canterbury
Tales)
لکيو، ته هڪ بند ۾ عيسائي مفڪرن ۽ دانشورن سان گڏ
رازي، ابن سينا، ابن رشد، ابن مساويه ۽ علي ابن
عباس جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. (20)
پندرهين صديءَ جي وچ ڌاري عثماني ترڪن هٿان سال
1453ع
۾ بازنطيني عيسائيت جي مرڪز قسطنطنيه جي فتح ٿيڻ
سان يورپي دانشورن ۽ مذهبي پيشوائن ۾ وڌيڪ ويچار ۽
ڳڻتي پيدا ٿي وئي. ليڪن عثماني سلطنت جي حڪمرانن
جي دورانديش ۽ غير متعصب مذهبي پاليسيءَ يورپ ۾
پوپ کي عيسائي ملڪن جي متحد اڳواڻ طور ڪردار ادا
ڪرڻ کان محروم ڪري ڇڏيو. انھيءَ ساڳي صديءَ جي ختم
ٿيڻ کان اڳ
1492ع
۾ اسپين اندر ٻن صدين کان مقامي عيسائي اڳواڻن جي
هلندڙ جدوجهد ازابيلا ۽ فرڊينند ٻئي جي شاديءَ بعد
مسلمانن جي حڪمرانيءَ جو سج غروب ٿي ويو.
اسپين ۾ مسلمانن جي اٺ سئو سالن جي حڪمرانيءَ جا
يورپ تي تمام گهڻا اثر پيا ۽ مغرب جي اڪثر دانشورن
انھن مثبت اثرات تي ڪيترا ڪتاب لکيا آهن. واٽ جي
لکڻ موجب مقامي باشندن تي ان جو ايترو اثر پيو، جو
اهي مذهب بدلائڻ کانسواءِ پاڻ کي (Mozarabs)
يعني عرب پسند سڏائيندا هئا. اهو اسپين ئي هو جتان
يورپ وارا رازي، ابن سينا، ابن رشد ابن طفيل وغيره
جھڙن علم طب جي ماهرن ۽ سائنسدانن ۽ فيلسوفن جي
ڪتابن جي لاطيني ترجمن ذريعي واقف ٿيا. ابن سينا
جو طب بابت مشھور ڪتاب
’القانون‘
۽ ٻيا رسالا
1180ع
لاطيني ۾ ترجمو ٿي چڪا هئا. القانون جو پھريون
ترجمو
1472ع
۾ پريس ۾ ڇپجي شايع ٿيو. پندرهين صديءَ جي اختتام
تائين ابن سينا جي انھيءَ ڪتاب جا سورهن ايڊيشن
شايع ٿي چڪا هئا، بلڪه
1593ع
۾ عربي
’متن‘
لاطيني ترجمي سان گڏ روم مان شايع ٿيو هو.(21)
منٽگمري واٽ جي تحقيق موجب
1650ع
تائين دنيا جو وڌ ۾ وڌ پڙهيو ويندڙ ڪتاب
’القانون
في الطب‘
هو. (22)
سورهين صديءَ اندر يورپ ۾ تحريڪ مذهبي اصلاح (Reformation)
۽ پروٽيسٽنزم جي نظريات کي عروج حاصل ٿيو، جنھن کي
روشن خيالي (Enlightenment)
جي ابتدا چئي سگهجي ٿو. ان تحريڪ جو مُک ڪردار
جيئن اسان شروع ۾ ٻڌايو ته جرمنيءَ جو باشندو
ليوٿر هو، جنھن جي نظريات ۾ اهو انقلاب تڏهن آيو،
جڏهن هن مونٽي ڪروس جو عربن خلاف
1291ع
۾ لکيل ڪتاب ترجمو ڪيو. ان کان پوءِ اهو ليوٿر ئي
هو، جنھن قرآن جي پھرين لاطيني ترجمي جي ڇپائڻ جي
تحريڪ هلائي، جنھن جي تمام گهڻي مخالفت ڪئي وئي.
ليوٿر جو استدلال هو ته اسان قرآن جي مخالفت قرآن
کي سمجهڻ کانسواءِ نه ٿا ڪري سگهون. آخر اهو ليوٿر
جو اصرار هو، جو
1143ع
۾ لاطيني زبان ۾ ٿيل اهو ترجمو چار سئو سالن کان
پوءِ
1543
۾ ڇپجي يورپ ۾ شايع ٿيو. (23)
ليوٿر مونٽي ڪروس جي ان ڪتاب کان ايڏو متاثر ٿيو،
جو
1510ع
۾ جڏهن روم کان موٽي آيو ته
1517ع
۾
95
نُڪتن تي مشتمل دستور العمل
Charter
ٺاهي، وٽنبرگ ڪليسا جي دروازي تي ٽنگي آيو. سندس
خاص نُڪتو اهو هو ته انسان جي نجات جو دارومدار
ايمان ۽ عمل تي آهي ۽ اهو پادرين طرفان ڏنل نجات
نامن (Indulgences)
تي ناهي. ليوٿر پاڻ اهو پمفليٽ ڇپرائي ورهائي به
ڇڏيو.
ليوٿر جي ان احتجاجي نقطئه نظر (Protest)
جا ٻه متوقع نتيجا سامھون آيا. پھريون ته ٺيٺ يعني
ڪئٿولڪ فرقي جي عالمن کيس سخت تنقيد جو نشانو
بنايو ۽ آخر کيس عيسائيت مان خارج قرار ڏنو. ٻيو
پيرون (Peron)
نالي پادري ليوٿر کي وڌيڪ خوار ڪرڻ خاطر
’ليوٿر
جو قرآن‘
(Luther’s
Quran)
(24)
نالي ڪتاب لکي پڌرو ڪيو، جنھن ۾ هن مٿس اهو الزام
لڳايو ته هو محمڊنزم کي عيسائيت تي غالب ڪرڻ گهري
ٿو. بلڪه اهو به ثابت ڪيائين ته ليوٿر جي پنجانوي
نُڪتن مان چاليھه نُڪتا سڀ جو سڀ قرآن مان ورتل
هئا. ڪئٿولڪ ۽پروٽسٽنٽ درميان اها چپقلش ان حد
تائين وڃي پھتي، جو هو هڪٻئي کي ترڪ
Turk
يعني مسلمان هئڻ جا طعنا ڏيندا هئا، ڇو ته هو لڪي
لڪي قرآن مان معلومات حاصل ڪندا هئا، پر ان کي
هڪٻئي تي ظاهر ٿيڻ نه ڏيندا هئا.
سورهين صديءَ تائين يورپ وارا ان ريت مسلمانن جي
علوم ۽ فنون کان مستفيد ٿي رهيا هئا، جو سڀ کان
وڌيڪ ڪتاب ان صديءَ ۾ شايع ٿيا. پر هو قرآن ۽
پيغمبر اسلام جي باري ۾ حقيقت پسندانه رويي اختيار
ڪرڻ کان گهڻو دور هئا. ان جو شروعاتي ۽ وڏو سبب
مذهبي تعصب ئي هو، جنھن جو آغاز ٻارهين صديءَ ۾
قرآن جي پھرين لاطيني ترجمي ۽ ان جي مقدمي سان ٿيو
هو، جيڪو پيٽر مقدس جو ڪارنامو هو. تيرهين ۽
چوڏهين صديءَ ۾ ٿامس اڪئيناس ۽ ڊانٽي انھيءَ
مخالفت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. چوڏهين صديءَ ۾ جڏهن
آڪسفورڊ ۾ وائڪلف جھڙو روشن ضمير ۽ حقيقت پسند
مفڪر پيدا ٿيو، ته هن کي برداشت نه ڪيو ويو. انھن
حالتن هوندي سورهين صديءَ ۾ يعني
1587ع ۾ پيرس ۾
پھرين عريبڪ چيئر قائم ٿي ۽ ان کانپوءِ
1613ع ۾ لائڊن ۾
قائم ڪئي وئي، جتي 1609ع
تائين هڪ هزار عربي مخطوطا گڏ ٿي چڪا هئا.
يورپ جو اهو علمي پس منظر هو، جو سورهين صديءَ ۾
انگريزي ٻوليءَ جو عظيم شاعر شيڪسپيئر (1616-
1564ع) پيدا
ٿيو، جيڪو پنھنجي ڊرامن سبب لافاني حيثيت رکي ٿو.
هو پنھنجي هڪ تاريخي ڊرامي هينري ڇھون ڀاڱو
پھريون، ايڪٽ پھريون ۽ منظر ٻيو ۾ هڪ ڪردار جي
واتان اهو سوال ڪرائي ٿو.
“Was Mahomet inspired with a dove?”
يعني:
”ڇا
محمد
[ﷺ]
(نغوذ
بالله) کي ڪبوتر الھام ڪندو هو؟“
دراصل ڪبوتر کان غيبي ڳالھيون ٻڌڻ واري آکاڻي
خودسينٽ لوقا جي انجيل (Chapter-3,
Verse-22) ۾ آيل آهي
ته حضرت عيسى عه ڏانھن مقدس روح ڪبوتر
جي شڪل ۾ ايندو هو. (26)
مطلب يورپ وارن وٽ وحيءَ جو اهڙو ئي تصور هو.
اهوئي سبب هو جو انھيءَ زماني ۾ يورپ جا اهي عالم
جيڪي عربيءَ ۾ قرآن کان واقف هئا، انھيءَ ڳالھه کي
مڃڻ لاءِ تيار نه هئا. انھن ۾ سر فھرست آڪسفورڊ جو
پروفيسر ڊاڪٽر ايڊورڊ پوڪڪ (1691-
1604ع) آهي.
ظاهر آهي ته هو شيڪسپيئر جي زماني کي وڌ ۾ وڌ
ويجهو آهي. هن ئي عربن جي تاريخ جي باري ۾ گهڻي حد
تائين مستند جامع ڪتاب 1650ع
۾ لکيو هو، جنھن ڪري کيس پھريون مستشرق تسليم ڪيو
ويو آهي. هن ئي ان ڳالھه جي ترديد ڪئي هئي ته
ڪبوتر واري افساني جي ڪا حقيقت ڪونه هئي، ڇو ته
ڪنھن به عربي ماخذ ۾ اهڙو ڪو ذڪر نه هو. پوڪڪ لاءِ
وڌيڪ ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته 1630ع
۾ هو ڪجهه سال حلب ۾ ۽ 1637ع
۾ ٽي سال استنبول ۾ رهيو هو. هو عربي چڱيءَ طرح
ڄاڻندو هو. هو الفارابي، ابن سينا، زمخشري،
شھرستاني، بيضاوي ۽ ابن تيميه وغيره جي لکتن کان
پڻ واقف هو. هو عربي مخطوطات جو به دلداده هو
۽عربي پڙهڻ تي زور ڏيندو هو.
شيڪسپيئر جو همعصر فرانسس بيڪن (1626-1561ع)
انگريزي ادب ۾ پنھنجي مقالن (Bacon’s
Essays) ڪري گهڻو
مشھور آهي. سندس ٻارهين مقالي جو عنوان آهي
’جُراٴت‘
(Of Boldness)
جنھن ۾ هو پيغبر اسلام جو چار دفعا نالو کڻي ٿو.
ليڪن جبل جي هلي اچڻ واري روايت کي نقل ڪندي ان کي
ڦيرائي پنھنجو مقصد ڪڍي ٿو. پر ان مان ايترو ضرور
واضح ٿئي ٿو ته انگلنڊ جا دانشور سورهين صديءَ ۾
نبي ڪريم ﷺ جي شخصيت کان ايتريقدر واقف هئا، جو
حديثن وارو مواد به ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ سندن نظر
مان گذريو هو.(29)
سترهين صديءَ
۾ پوڪڪ کان بعد هن جو لائق شاگرد هينري اسٽب (Henry
Stubb)
(1676-
1631ع)
پيدا ٿيو. هو پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو، پر کيس
تاريخ سان وڏي دلچسپي هئي. هو تاريخي لحاظ سان
اسلام کي حضرت موسيٰعه ۽ حضرت عيسى
عه جي دين جي آخري لازمي ڪڙي سمجهي ٿو. جيئن
ته هو آڪسفورڊ جي بوڊلئن لائبريري ۾ ڪم ڪري چڪو
هو، تنھن ڪري هن پوڪڪ کان گهڻو ڪجهه پرايو هو.
انھيءَ مخصوص پس منظر ۾ هن پنھنجو ڪتاب
’محمڊنزم
جو اڀرڻ ۽ ترقي‘
Rise and Progress of Muhammadnism
لکيو، جنھن ۾ هن اسلام جي هر لحاظ کان عقلي دليلن
سان سمجهاڻي ڏني.(30)
اسٽب پيغمبر اسلام جي حياتيءَ جو احوال نھايت
محققانه انداز ۾ ڏئي ٿو، بلڪه پاڻ کان اڳين عيسائي
پادرين پاران لڳايل الزامن جا مدلل جواب ڏئي ٿو.
آخري باب ۾ اسلام جي جنگين کي انصاف تي مبني قرار
ڏئي ٿو ۽ اسلامي تعليمات موجب وياج ۽ جوا کي حرام
ٺھرائڻ صحيح سمجهي ٿو.(31)
هو پيغمبر اسلام کي دنيا جي تاريخ جو عظيم
قانوندان سمجهي ٿو، جنھن جو هر حڪم ۽ عمل عقلي طور
مناسب ۽ برمحل هو. سندس الفاظ آهن، اسلام تلوار جي
زور سان نه ڦھليو آهي. هڪ باب جو عنوان آهي،
’عيسائي
مصنفن جي من گهڙت قصن ۽ ڪھاڻين جو رد‘
، جنھن ۾ هو لکي ٿو ته هن غير معمولي انسان ڪنھن
به جنگ ۾ فتح جو اعزاز پاڻ ڏانھن منسوب نه ڪيو،
بلڪه ان کي هميشه خدا جي مدد ۽ نصرت قرار ڏنائين.(32)
انھيءَ باب ۾ هن پھريون دفعو نبي ڪريم ﷺ جي نالي
جي صحيح معنى ٻڌائي ۽ چيائين ته ڪيئن عيسائي ليکڪن
ان نالي کي بگاڙي پيش ڪيو آهي.(33)
اسٽب قرآن جو ڀرپور مطالعو ڪيو هو، بلڪه غزالي ۽
بيضاوي کان به واقف لڳي ٿو ۽ قرآن کي ئي معجزو
سمجهي ٿو،(34)
جو عيسائي پادرين هن باري ۾ جيڪي اعتراض ڪيا آهن،
انھن جا نھايت مدلل جواب ڏئي ٿو، جيڪي قرآن جي
گھري مطالعي کانسواءِ ناممڪن هئا. هن کان اڳ اسان
ٻڌايو ته بيڪن پنھنجي هڪ مقالي ۾ جبل جي هلي اچڻ
يا جبل ڏانھن وڃڻ واري روايت جو غير سنجيده انداز
۾ ذڪر ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ اسٽب چوي ٿو، ته عيسائي
مصنفن واتان ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي ڦلھڙي ڳالھه ٿي
سگهي ٿي. هو ساڳيءَ ريت عيسائي مصنفن جي جھالت کي
وائکو ڪري ٿو، جيڪي
’الله
اڪبر‘
۾
’اڪبر‘
مان مراد هڪ تارو سمجهن ٿا ۽ حجر اسود کي وري ان
تاري سان ملائن ٿا. اسٽب مسلمانن لاءِ چوي ٿو:
“Certainly
no people are more remote
from idolatry than the Saracens, and whatever
name you give to their follies.”
يعني:
”مسلمانن
کان وڌيڪ ٻي ڪا به قوم بت پرستيءَ کان ايتري بيزار
ڪونھي، باقي ٻيو جيڪي توهان کي وڻي سو ڀلي چئو!“
(35)
اسٽب جي زماني ۾ سال
1647ع
۾ مصر ۾ فرانس جي سفير آنڊري ڊيو ريئر (Andre
Du Ryer)
طرفان قرآن جو پھريون فرينچ ترجمو شايع ٿيو، جنھن
تان ٻن سالن بعد
1649ع
۾ پھريون انگريزي ترجمو اليگزنڊر راس ڪيو. اسٽب
ٻنھي ترجمن کي بلڪل ناقص، بلڪه بدنيتيءَ تي مبني
قرار ڏئي ٿو ۽ ڏيکاريو آهي ته هنن ڪيئن ترجمي کي
بگاڙيو آهي. (36)
سترهين صديءَ جي آخر ۾ اٽليءَ جي باشندي ۽
ڪئٿولڪ پادري مراچي
Marracci
(1700-
1612ع)
ڪيترن سالن جي محنت بعد قرآن جو لاطينيءَ ۾ نئون
مڪمل ترجمو عربي متن سميت
1698ع
۾ شايع ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. (37)
مراچي زندگيءَ جو شروعاتي حصو روم جي پوپ جي زير
سايه گذاريو هو، جتي هڪ عيسائي عرب کان کيس عربي
پڙهڻ جو موقعو مليو هو. هو
1656ع
۾ عربي پاڙهڻ لڳو. ان وقت کان وٺي هن قرآن جي مڪمل
ترجمي ۽ ان جي رد لکڻ جو پڪو پھه ڪيو، جنھن لاءِ
هن عربيءَ ۾ لکيل ڪيترن تفسيرن ۽ ٻين ڪتابن جو
مطالعو ڪيو. مراچيءَ جو عزم هو ته اهو لاطيني
ترجمو، عربي متن سان گڏ ڇاپيو وڃي، جنھن مان هن جو
مقصد پنھنجي ترجمي جي اهميت تي زور ڏيڻ هو، پر روم
جي پوپ يعني ڪئٿولڪ عيسائي فرقي جي اڳواڻ
1684ع
۾ عربي متن سان قرآن جي اشاعت جي اجازت کان انڪار
ڪري ڇڏيو. پنجن سالن جي جدوجھد بعد مراچيءَ کي روم
کان ٻاهر هڪ ننڍي شھر پاڊوئا (Padua)
۾ قرآن ڇپائڻ جي اجازت ملي. هن قرآن جي هر سورة جي
لاطيني ترجمي بعد جلي حرفن ۾ ان جو رد پڻ مھيا
ڪيو.(38)
هن پنجن تفسيرن مان خاص طور استفادو ڪيو. ان
کانسواءِ هن صحيح بخاري ۽ ابن تيميه جي عيسائين جي
تثليث جي عقيدي خلاف لکيل مواد کي به نظر مان ڪڍيو
هو. تفسيرن ۾ ثعالبي، زمخشري، بيضاوي، جلالين ۽
ابن ابي زمانين جو تفسير شامل هئا. تفسير جلالين ۽
بيضاوي عثماني سلطنت يعني ترڪيءَ ۾ گهڻو مقبول
هئا، جنھن ڪري مراچيءَ لاءِ انھن جو حصول آسان هو.
قرآن جي ڇپائي جي سلسلي ۾ مراچيءَ جي لاءِ وڏو
مسئلو عربي ٽائپ جو هو، جنھن جو ذمو سندس پراڻي
دوست باربريگو کنيو. حالانڪه اها به حقيقت آهي ته
عربي ٽائيپ ۾ قرآن هڪ صدي کان به وڌيڪ اڳ ۾ يعني
1537ع
۾ اٽليءَ جي واپاري مرڪز وينس ۾ ڇاپيو ويو هو، ته
جيئن اهو ترڪيءَ موڪلي سگهجي.(39)
اهڙيءَ طرح عربي ٽائپ ۾ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ڇپجي
شايع ٿي چڪا هئا، جن ۾ خاص طور قابل ذڪر ابن سينا
جو طب (Medicine)
بابت القانون ۽ سندس ٻيا چار عربي رسالا آهن، جيڪي
1593ع
۾ روم مان شايع ٿيا هئا. قرآن جو مڪمل عربي متن
جرمنيءَ جي شھر همبرگ مان پڻ
1649ع
۾ شايع ٿيو هو. (40)
مراچيءَ جي لاطيني ترجمي کي يورپ ۾ گهڻي پذيرائي
ملي، جو جلدي ان جا ٻين زبانن ۾ ترجما ٿي ويا،
جرمن زبان ۾ ان جو ترجمو
1703ع
۾ شايع ٿيو. مراچيءَ جي مقدمي (Prodromus)
کي اڃا وڌيڪ مقبوليت ملي بلڪه ان جو عربيءَ ۾ به
ترجمو ڪرايو ويو.
جيئن ته مراچي جو واسطو ڪئٿولڪ فرقي سان هو ۽ اهو
ڪارنامو هن سر انجام ڏنو هو، تنھن ڪري پروٽيسٽنٽ
فرقي وارن کي پڻ قرآن جي ترجمي ۽ ان کي پنھنجي
نقطئه نظر کان سمجهڻ جي ضرورت محسوس ٿي. اهو
ڪارنامو لنڊن جي اسڪالر جارج سيل (Sale)
(1736-1697ع)
ڪري ڏيکاريو، جو سندس انگريزي ترجمو
1737ع
۾ منظر عام تي آيو (41).
سيل پنھنجي مھاڳ ۾ مثبت انداز ۾ لکيو ته موجوده
دور جي مھذب قومن جي قانون کي سمجهڻ علم ۽ عقل ۾
اضافي جو باعث آهي. اها ڳالھه بحث جو موضوع رهي
آهي ته سيل عربيءَ جو ڪيترو ماهر هو، ڇو ته هو
آڪسفورڊ يا ڪئمبرج ۾ ڪونه پڙهيو هو.(42)
ليڪن اها حقيقت آهي ته هن مراچيءَ جي ترجمي، تشريح
۽ تنقيد مان گهڻو ڪجهه پرايو هو. تاهم هن ان ڳالھه
جو اعتراف ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، ڇو ته هن جو واسطو
بھرحال پروٽيسٽنٽ فرقي سان هو. تحقيق مان اهو ثابت
ٿيو آهي، ته سيل پنھنجي قرآن فھميءَ جو بنياد
تفسير زمخشري ۽ تفسير بيضاويءَ تي رکيو، جيڪي ان
زماني ۾ عثماني سلطنت ۾ نھايت مقبول تفسير هئا.
سيل ٻيو وڏو ڪم اهو ڪيو، جو قرآن جي ان ترجمي جو
نھايت تفصيلي مقدمو (Preliminary
Discourse)
لکيائين، جيڪو
145
صفحن تي ڦھليل آهي ۽ جنھن ۾ پيغمبر اسلام جي سوانح
کانسواءِ قرآن جي جمع ٿيڻ جي تاريخ تي به روشني
وڌائين. ان سان گڏ اهو بحث ڪيائين، ته مسلمان قرآن
کي ڇو ۽ ڪيئن خدا جو ڪلام سمجهن ٿا. مسلمانن جي
عقيدن ۽ فرقن تي به ڪافي ڪجهه لکيائين. قرآن جي
قانوني احڪامن تي به سٺو بحث ڪيائين. مجموعي طور
اسلام ۽ قرآن جي باري ۾ يورپ جي عيسائي عالمن،
جيڪو غير
محتاط رويو اختيار ڪيو هو، ان جي گهڻي حد تائين
ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو.
سيل جي ترجمي کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڏي ڪاميابي ملي.
فرينچ دانشور والٽيئر (1778-1694ع)
جيڪو پاڻ ڪئٿولڪ هو، ان ترجمي جي وڏي تعريف ڪئي ۽
لکيائين ته هن جھڙو قرآن جو شاندار مقدمو ٻيو ڪو
به نه لکي سگهيو آهي.(43)
سيل جو اهو ترجمو ئي هو، جيڪو آمريڪا جو ٽئين صدر
ٿامس جيفرسن (1826-1743ع)
جڏهن هو قانون جو شاگرد هو ته
1765ع
۾ پڙهيو هئائين. (44)
جيفرسن جو اهو قرآن ڪانگريس لائبريري واشنگٽن ۾
محفوظ آهي ۽ ڪانگريس لائبريري جي ڇت تي دنيا جي
ٻين قانوندانن سان گڏ نبي ڪريم ﷺ جو نالو اڪريل
آهي. تازن انگن اکرن موجب سيل جو ترجمو هن وقت
تائين
160
دفعا شايع ٿي چڪو آهي ۽ ان لحاظ کان ڪنھن غير مسلم
جو مقبول ترين ترجمو آهي.(45)
ارڙهين صديءَ ۾ ئي سندس انگريزي ترجمي تان ڊچ،
جرمن، فرينچ ۽ روسي ترجما شايع ٿيا.
ارڙهين صديءَ
جي وڏن دانشورن ۾ والٽيئر (1778-1694ع)
۽ روسو (1778-1712ع)
خاص طور قابل ذڪر آهن. انھن سڀني ۾ والٽيئر اسلام
بابت گهڻي ۾ گهڻو لکيو، جنھن ۾ موافقت ۽ مخالفت
ٻئي شامل آهن. هن پھريائين
1741ع
۾ پيغمبر اسلام بابت فرينچ ۾ هڪ ڊرامو لکيو، جنھن
۾ هن ڪيتريون غلط ۽ فرضي ڳالھيون لکي ڇڏيون. ليڪن
ان کانپوءِ هڪ ٻيو ڪتاب، جنھن جو موضوع تاريخ هو،
ان ۾ پيغمبر اسلام بابت گهڻي عقلمنديءَ جو مظاهرو
ڪيائين، جو کين دنيا جو وڏي ۾ وڏو قانوندان ۽ فاتح
قرار ڏنائين. اهو والٽيئر هو، جنھن هڪ دفعي ائين
به چيو هو:
“There was nothing new in the Law of Muhammad,
except that he was the Prophet of God.”(46)
يعني:
”جيتوڻيڪ
محمد
[ﷺ]
جي قانون ۾ ڪا نئين
ڳالھه ڪونھي، پر اها حقيقت آهي ته هو خدا جو
پيغمبر آهي.“
والٽيئر جو چوڻ هو ته اسلام ۾ خدا جي وحدانيت ۽
اسلام جي سادگي بلڪل انساني سوچ ۽ فڪر مطابق آهن.
هو اسلام جي غلبي جو سبب تبليغ ۽ اسلام جي فاتحن
جي ڪردار کي سمجهي ٿو. هن اسلام جي مثبت تاريخي
ڪردار کي چڱيءَ طرح سمجهيو هو، جنھن ڪري سندس
الفاظ هئا،
“The Greatest and most sudden revolution that we
have known on earth.”(47)
”اسان
جي ڄاڻ مطابق اسلام ئي هن ڌرتيءَ تي هڪ
نھايت اتفاقي ۽ عظيم انقلاب جي حيثيت رکي ٿو.“
هو يورپ مٿان اسلام جي اثرات ۽ احسانن جو شمار هنن
لفظن ۾ ڪري ٿو،
“Already from the second century of Hegira, the
Arabs became the instructors of
Europe
in the Sciences and the arts even though their
law would appear to be the enemy of the arts.”
(48)
يعني:
”عرب
ٻي صدي هجري (اٺين صدي
عيسوي)
کان وٺي يورپ ۾ علوم ۽ فنون جا استاد بنجي چڪا
هئا، جيتوڻيڪ هنن جو قانون فن جو مخالف هو.“
انھن خيالن جي ڪري والٽيئر مخالفن جي سخت تنقيد جو
شڪار به ٿيو هو، جنھن جو وري هن پاڻ واضح دليلن
سان دفاع به ڪيو هو.
روسو کي فرينچ انقلاب (1789-1799ع)
جو نقيب چيو ويو آهي. هن والٽيئر جي ڪتابن مان
گهڻو ڪجهه پرايو هو. سندس شھرت جو وڏو سبب سماجي
معاهدو (Social
Contract)
جي تصنيف آهي، جيڪو هن
1762ع
۾ لکيو.(49)
هو انساني مساوات ۽ آزاديءَ جو قائل هو. هن عوامي
راءِ (General
Will)
ذريعي قانون جو تصور ڏنو. هو فرد ۽ جماعت جي باهمي
حقن ۽ فرضن جي ڳالھه ڪري ٿو ۽ ان لحاظ کان رياست ۽
معاشري جو بنياد معاهدي کي ٻڌائي ٿو. اوائلي
اسلامي رياست ۾ کيس معاهدي جي اها صورت نظر اچي
ٿي، جنھن ڏانھن انھيءَ تصنيف جي آخر ۾ واضح اشارو
ڪري ٿو. روسو جي زندگيءَ جي باري ۾ ايترو ٻڌائڻ
ضروري آهي ته هن جو پيءُ گهڙي ساز هو، جنھن گهڻو
وقت عثماني سلطنت جي گادي جي هنڌ استنبول ۾ گذاريو
هو. هن جا ٻيا مائٽ عرب ملڪن ۽ ايران وغيره ۾
سفارتي ملازمت سان وابسته هئا.(50)
ارڙهين صديءَ
کي بجا طور يورپ ۾ روشن خيالي (Enlightenment)
۽ عقليت (Age
of Reason)
جي صدي قرار ڏنو ويو آهي، جنھن جي پس منظر ۾ اسلام
۽ قرآن جي مٿي بيان ڪيل ڪردار کي نظر انداز نه ٿو
ڪري سگهجي. ان ڪري يورپي دانشورن ۾ اڄ تائين اهو
بحث جاري آهي، ته ڇا اسلام کان سواءِ جاڳرتا (Renaissance)
تحريڪ اصلاح (Reformation)
۽ روشن خيالي جو اچڻ ممڪن هو. هڪڙا ان خيال جا آهن
ته ان جو محرڪ يوناني فڪر ۽ فلسفي ڏانھن رجوع ڪرڻ
هو. ٻيا ان خيال جا آهن ته اهو محرڪ اسلام ۽ قرآن
جي ذريعي ممڪن ٿيو.(51)
اها ارڙهين صدي هئي، جنھن ۾ انگلينڊ جي اندر گبن (1794-1737ع)
جھڙو مورخ پيدا ٿيو، جيڪو پڻ آڪسفورڊ جي پيداوار
هو. هو پنھنجي جڳ مشھور تاريخ
’رومي
سلطنت جو زوال‘
The Decline and the Fall of Roman Empire
۾ قرآن ۽ پيغمبر اسلام بابت گهڻي حد تائين غير
جانبدارانه خيالات جو اظھار ڪري ٿو. هن جا الفاظ
آهن،
“The
creed of Muhammad is free from suspicion or
ambiguity and the Koran is a glorious testimony
to the unity of God.”
(52)
ترجمو: محمد
[ﷺ]
جو مذهب شڪ ۽ مونجهارن کان بالاتر آهي ۽ قرآن خدا
جي وحدانيت (توحيد) جي شاندار شاهدي پيش ڪري ٿو.
هتي انھيءَ ۾ شڪ نه ٿو ڪري سگهجي ته گبن، جيڪو
آڪسفورڊ ۾ پڙهيو هو، ايڊورڊ پوڪڪ ۽ هينري اسٽب،
جيڪي خود آڪسفورڊ جا فاضل هئا، انھن جي خيالات ۽
افڪار کان اڻواقف رهجي ويو هجي. اهڙيءَ طرح اهو
ڪئمبرج جو پروفيسر سائمن اوڪلي هو، جنھن
1708ع
۾ پنھنجي تصنيف
’مسلمانن
جي تاريخ‘
(History
of Saracen)
۾ اسلامي تھذيب کي عيسائي تھذيب کان ترقي يافته
قرار ڏنو، جنھن مان پڻ گبن گهڻو مستفيد ٿيو هو.(53)
ساڳي ارڙهين صديءَ ۾ جرمن شاعر ۽ دانشور گوئٽي (1832-1749ع)
پيدا ٿيو، جيڪو قرآن ۽ پيغمبر اسلام جو وڏو مداح
ثابت ٿيو. گوئٽي جو قرآن سان ابتدائي عشق جو سبب
اهو ورق هو، جنھن تي سورة
’ناس‘
لکيل هئي جيڪو جرمن سپاهين کي اسپين جي هڪ مُھم ۾
هٿ آيو هو. معلوم ٿئي ٿو ته ان کان پوءِ هن قرآن
بابت پوري معلومات حاصل ڪئي، جو آخر چيائين،
ڇا قرآن واقعي ابدي پيغام آهي؟
ڀلا مان ڪير ٿيندو آهيان انھيءَ سوال اٿارڻ وارو؟
ڇا قرآن مخلوق آهي؟
مون کي ان بابت ڪو علم ناهي.
ڇا قرآن سڀني الھامي ڪتابن جو سردار آهي؟
هر سچي مسلمان وانگر منھنجو به اهوئي عقيدو آهي.(54)
گوئٽي جي زماني تائين جرمنيءَ ۾ اسلام ۽ خاص طور
فارسي شاعريءَ کي سمجهڻ جي مضبوط روايت موجود هئي.
فان هيمر جو
’ديوان
حافظ‘
جو ترجمو ادبي حلقن ۾ گهڻو مقبول هو ۽ گوئٽي ان
کان متاثر ٿيڻ بغير نه رهي سگهيو، جنھن ڪري هن
اڳتي هلي ان جي جواب طور پنھنجو ديوان مشرقي مغربي
(Der
Westoestliche Divan)
تصنيف ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ان دوران هو پيغمبر اسلام
جي شخصيت کان ايڏو متاثر ٿيو، جو
1774ع
۾ پاڻ سڳورن لاءِ خراج عقيدت طور هڪ نظم لکيائين.
حالانڪه کانئس اڳ ۾ فرانس جو دانشور ليکڪ والٽيئر
به اهڙي قسم جو نظم لکيو هو. گوئٽي جو اهو نظم
مختصر پر نھايت مؤثر انداز ۾ لکيو ويو آهي، جنھن ۾
نبي ڪريم ﷺ کي هڪ وڏي وهندڙ آبشار يا نديءَ سان
تشبيھه ڏني وئي آهي. علامه اقبال، جيڪو جرمن ادب ۽
فلسفي کان واقف هو، گوئٽي جي ان نظم کان ايڏو
متاثر ٿيو، جو سندس ديوان جي جواب ۾
’پيام
مشرق‘
فارسيءَ ۾ قلمبند ڪيائين، جنھن ۾ گوئٽي جي ان نظم
کي
’جوئي
آب‘
جي عنوان تحت فارسيءَ ۾ پيش ڪيائين.(55)
اصل جرمن نظم ۾ محمد ﷺ جو نالو ٽي دفعا آيل آهي ۽
هڪ دفعو
’الله‘
جو اسم آيل آهي.
اڻويهين صديءَ ۾ اسڪاٽلنڊ جو مشھور اديب ۽ دانشور
ٿامس ڪارلائيل (1881-1795ع)
گوئٽي کان گهڻو متاثر هو، جنھن جو اظھار سندس خط و
ڪتابت مان ٿئي ٿو. ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ (1789-1799ع)
فرينچ انقلاب يورپ کي هڪ نئين صورتحال ڏانھن متوجه
ڪيو هو ۽ ڪارلائيل ان موضوع تي پورو ڪتاب لکيو هو.
سال
1840ع
۾ هن تاريخي تناظر ۾
’پيغمبر
اسلام کي خدا جي رسول جي حيثيت‘
۾ پيش ڪيو هو.(56)
ان وقت هن جي ذهن ۾ مغربي دانشورن جا پيغمبر اسلام
خلاف هر قسم جا دليل موجود هئا، پر هن انھن جي
تاريخي رد ڏيڻ بجاءِ وجداني ۽ واقعاتي انداز کي
اختيار ڪيو. ڪارلائل جارج سيل جي انگريزي ترجمي کي
پڙهيو هو، جيئن پاڻ انھيءَ ليڪچر ۾ اعتراف ڪري ٿو
۽ ٻين کي به پڙهڻ جي صلاح ڏئي ٿو.(57)
اسلام جي باري ۾ هو گوئٽي جي ان راءِ کي گهڻو پسند
ڪري ٿو، جنھن چيو هو ته جيڪڏهن اسلام خدا جي حڪمن
آڏو سر تسليم خم ڪرڻ آهي، ته پوءِ اسين سڀ مسلمان
آهيون. گهڻن مغربي مفڪرن جي راءِ جي برخلاف
ڪارلائيل تسليم ڪري ٿو، ته پيغمبر اسلام اُمّي هو
۽ هن کي سڀ ڪجهه قدرت يعني خدا جي طرفان مليو هو.
هڪ هنڌ چوي ٿو،
“That Muhammad’s whole soul, set in flame with
this grand Truth vouchsafed him, should feel as
if it were important and the only important
thing, was very natural. The
Providence
had unspeakably honoured him by revealing it,
saving him from death and darkness; that he
therefore was bound to make known the same to
all creatures; this is what was meant by
‘Muhammad is the Prophet of God’. This too is
not without its true meaning.”(58)
”انھن
حالتن ۾ جڏهن محمد
ﷺ
جي روح مٿان ان اعلى سچائيءَ جو پرتوو پيو ته هن
فطري طور ان جي اهميت کي تسليم ڪيو ۽ اهو واقعي هڪ
قدرتي امر هو. اها قدرت جي هن مٿان ناقابل بيان
فياضي هئي، جنھن
جو کيس احساس ٿيو ۽
جنھن
کيس اونداهي ۽ اوجھڙ
کان محفوظ رکيو. بيشڪ اها ايڏي وڏي حقيقت هئي،
جنھن
جو اظھار هن کي پوري دنيا جي آڏو ڪرڻو پئجي ويو.
هن جو
انھيءَ
قول محمد
[ﷺ]
الله جو نبي آهي. يعني محمد رسول الله آهي، مان
اهائي مراد آهي ۽ ان جي اها ئي اصلي معنى آهي.“
(59)
اها عجيب ڳالھه آهي ته اڻويھين صديءَ جي پھرين اڌ
۾ برطانيه جو وڏو دانشور ڪارلائيل، محمد ﷺ کي دنيا
جي تاريخ جو بي مثال هيرو ۽ پيغمبر ثابت ڪري رهيو
هو، ته انھيءَ ساڳي صديءَ جي پوئين اڌ ۾ هندستان ۾
برطانوي تسلط دوران وليم ميور (1905-1819ع)
جيڪو هندستان ۾ سول سروس ۾ هو، پيغمبر اسلام جي
حياتيءَ بابت نھايت معاندانه ڪتاب چئن جلدن ۾ لکي
1861ع
۾ شايع ڪرايو. هن جي دعويٰ هئي ته اها سوانح
بنيادي عربي ماخذن کي سامھون رکي لکي وئي آهي،
ليڪن هو ان ۾ گهڻيون غلط ۽ بي بنياد ڳالھيون ڪري
ويو، جيڪي سراسر الزام هئا.
ميور جو اهو ڪتاب جڏهن سر سيد احمد خان جي نظر مان
گذريو، ته هن محسوس ڪيو ته ان ۾ حقيقتن کي ڪيئن
بدلائي، پنھنجا نتيجا ڪڍيا ويا آهن ۽ نوجوان ذهن
جيڪي ان کي انگريزيءَ ۾ پڙهندا، ته انھن جا ذهن
ڪيترا زهر آلود ٿي ويندا. انھيءَ پس منظر ۾ سال
1869ع
۾ سرسيد انگلنڊ جي سفر لاءِ چندو گڏ ڪري پاڻ روانو
ٿيو. اهو ان ڪري ته جن انگريزي ۽ ڪجهه ٻين ڪتابن
جا حوالا ڏنل هئا، هتي موجود نه هئا. لنڊن ۾ رهڻ
دوران هن ٻارهن تحقيقي مقالن ۾ اهو جواب لکي تيار
ڪيو، جنھن کي اتي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري
1870ع
۾ شايع ڪرايائين ۽ ان جو نالو
’سوانح
محمد ﷺ
‘
رکيائين. (60)
اهو زمانو هو جڏهن ڪارلائل اڃان جيئرو هو، جو سر
سيد ساڻس ملاقات ڪئي هئي.(61)
اتي کيس معلوم ٿيو ته جيتوڻيڪ ڪيترن مغربي دانشورن
اسلام جي پيغمبر جي خلاف لکيو آهي، پر ڪيترن
موافقت ۽ حمايت ۾ به لکيو آهي، جن ۾ گبن، گاڊزي
هگسي ۽ جان ڊيونپورٽ شامل هئا. انھن انگريزن کان
علاوه ٻيا جرمن ۽ فرينچ مفڪر ۽ دانشور به هئا، جن
۾ گوئٽي، نولدڪي ۽ ڊوزي وغيره اچي وڃن ٿا. سر سيد،
ميور جي ڪتاب جو نھايت مدلل جواب لکيو، جنھن ۾ هن
ٻڌايو ته ڪيئن مستند تاريخي واقعن جي بجاءِ غير
مستند روايتن جي بنياد تي ميور توڻي سندس متقدمين
ڪيترا نه غلط نتيجا قائم ڪيا هئا. سر سيد اهو واضح
ڪيو ته ميور حديث ۽ سيرت جي ڪن واقعن کي سمجهڻ ۾
ڪيڏي فاش غلطي ڪئي آهي. انھن الزامن جي رد لاءِ سر
سيد، گبن، ڪارلائل، ڊيونپورٽ ۽ جارج سيل جي قرآن
جي مقدمي ۽ ترجمن مان ڪيترا برمحل حوالا ڏئي ٿو.
هو ٻڌائي ٿو ته مغرب وارن جو اسلام خلاف ڪيڏو نه
متعصب رويو رهيو آهي، جو ليوٿر جھڙي مذهبي مصلح
لاءِ به آخر ۾ اهو مشھور ڪيائون، ته هو عيسائيت
مٿان محمڊنزم کي غالب ڪرڻ گهري ٿو. ڪئٿولڪ فرقي
سان تعلق رکندڙ مراچيءَ سترهين صديءَ جي آخر ۾ ان
ڪري چيو هو ته ليوٿرنزم ۽ محمڊنزم ۾ ڪو فرق نه هو.
اسٽب، گبن ۽ ڪارلائل کان پوءِ ٻيو انگريز دانشور
جيڪو اسلام کي سمجهڻ ۾ حقيقت پسند ثابت ٿيو، اهو
جان ڊيونپورٽ آهي، جنھن جو جو ڪتاب
’محمد
ﷺ ۽ قرآن جو دفاع‘
(An
Apology for Muhammad and the Quran)
1869ع
۾ شايع ٿيو هو. هن کي هندستان بابت به ڄاڻ هئي، جو
ان سلسلي ۾ به هڪ ڪتاب لکيائين. ڊيونپورٽ جي ڪتاب
جا چار باب آهن. پھرين باب ۾ نبي ڪريم ﷺ جي سوانح
حيات آهي ۽ هڪ ٻئي باب جو عنوان ئي آهي
’محمد
ﷺ خلاف الزام ۽ انھن جو جواب‘
آخري باب جو عنوان آهي
’قرآن
جون حسناڪيون‘.
هن ڪتاب جو عربي، فارسي ۽ اردو ۾ ترجمو ٿي چڪو
آهي. ڊيونپورٽ، ڪارلائل جا اڪثر حوالا ڏئي ٿو،
بلڪه ڪتاب جي ٽائيٽل تي ڪارلائل جو هي قول نقل ڪري
ٿو.
”مان
انھن ماڻهن جي خود فريبيءَ جي باري ۾ ڇا ٿو چئي
سگهان، جيڪي اڃان تائين محمد ﷺ جي خلاف ڳالھائي
رهيا آهن ۽ سمجهن ٿا ته قرآن سندس هٿ جو ڪارنامو
آهي.“
(62)
ڊيونپورٽ پيغمبر اسلام جي سيرت کان ايڏو متاثر هو،
جو قصيده برده جا ڪجهه بند انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري
شامل ڪري ٿو. (63)
قرآن جي باري ۾ هو چوي ٿو، ته قرآن ئي اهو معجزو
آهي، جيڪو پيغمبر اسلام دليل طور پيش ڪندا هئا. هڪ
هنڌ لکي ٿو ته اها ڪيڏي نه کل جھڙي ڳالھه آهي جو
ڪي چون ٿا ته پيغمبر اسلام کي ان لاءِ هڪ عيسائي ۽
يھودي مدد ڪندا هئا. ڊيونپورٽ هندستان جي حالتن
کان واقف هو، ان ڪري هڪ هنڌ لکي ٿو ته محمڊنزم سان
ناانصافي جيتري انگريز مصنفن ڪئي آهي، ان جو ڪو
مثال نه ٿو ملي (64)
هو چوي ٿو ته توهان چوڏهين صدي عيسويءَ جي مغل
حڪمرانن کي اڻويھين صدي عيسويءَ جي برطانوي
حڪمرانن سان ڇو ٿا ڀيٽيو. بلڪه هو محمود غزنويءَ
جي سياسي معامله فھمي ۽ علم پروريءَ جي تعريف ڪري
ٿو ۽ چوي ٿو ته ڇا توهان يورپ جي همعصر بادشاهن جي
هن سان ڀيٽ ڪري سگهو ٿا. ان کانپوءِ هو انگلنڊ جي
نام نھاد عيسائي ۽ روشن خيال بادشاهن جي قھري
ڪارواين جي خاص واقعن جي تاريخي فھرست پيش ڪري ٿو.
هو پڇي ٿو ته مغرب وارا عورتن کي سرعام قتلام ڪرڻ
بابت ڇا ٿا چئي سگهن. ڇا انگلنڊ وارن مذهبي تعصب
جي بنياد تي اهو پڌرنامو جاري نه ڪيو هو، جنھن جي
ڪري خالص عقيدي (Puritans)
وارن کي آمريڪا ڏانھن هجرت ڪرڻي پئي هئي. ڇا
انگلنڊ جي تاريخ ۾
1471ع
کان عورتن جي ڏانئڻين بنجڻ ۽ ان باري ۾ سترهين
صديءَ جي شروع ۾ قانونسازي نه ڪئي وئي هئي، جنھن
ڪري نون هزارن کان وڌيڪ عورتن کي ڏانئڻيون قرار
ڏئي قتل ڪيو ويو هو. اهو انگلنڊ جو بادشاهه جيمس
هو، جنھن ڏانئڻين بابت هڪ مڪمل ڪتاب لکيو هو، جنھن
جي بادشاهيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيو هو، جنھن کي
بيوقوفن ۾ سڀ کان سياڻو (The
Wiset Fool)
بادشاهه تسليم ڪيو ويو آهي.
ڊيونپورٽ پنھنجي ڪتاب ۾ هم وطن انگريزن جي هندستان
۾ طرز حڪمرانيءَ کي به سخت تنقيد جو نشانو بنايو
آهي. هو بنگال ۽ اوڌ ۾ هنن جي ڪارستانين کي چڱيءَ
طرح وائکو ڪري ٿو. مسلمان حڪمرانن جي تاريخي ڪردار
بابت ڳالھائيندي چوي ٿو ته، انصاف جي نظر سان ڏسبو
ته اهي پنھنجي عيسائي حڪمرانن جي مقابلي ۾ مذهبي
عدم مداخلت تي ڪاربند رهيا. بلڪه اتي هو تاريخي
جملو چوي ٿو ته جيڪڏهن مسلمانن جي بجاءِ عيسائي
حڪمران ايشيا جي ملڪن جا مالڪ ٿين ها ته اهي
مسلمانن کي ائين برداشت نه ڪن ها، جيئن مسلمان
حڪمرانن ڪيو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
“More pure than the system of Zoroaster, the
more liberal than the Law of Moses, the religion
of Muhammad might seem less inconsistent with
reason than the creed of mystery and
superstition which in the seventh century
disgraced the simplicity of the Gospel.
(66)
”اهو
(اسلام) ئي آهي، جيڪو زردشت جي (مذهبي) نظام کان
وڌيڪ پاڪيزه ۽ (پيغمبر) موسى جي قانون کان گهڻو
روادار آهي. محمد
ﷺ
جو مذهب ٻين مذهبن جي مقابلي ۾ عقلي لحاظ کان
ايترو اختلاف نه
ٿو رکي، جنھن
جو مظاهرو ان پراسرار توهم پرستيءَ مان ٿئي ٿو.
جنھن سان ستين صديءَ ۾ انجيل جي سادگي داغدار نظر
اچي ٿي.
هو چوي ٿو ته اها به جبل جيڏي غلطي آهي، جيئن ڪي
سمجهن ٿا ته اسلام تلوار جي زور سان ڦھليو آهي. هن
جو دليل آهي ته اسلام فديي جي تصور کي مضبوط ڪري
انسانن جي قتل عام کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان
ڪري اهو مشرقي دنيا ۾ واقعي هڪ رحمت ثابت ٿيو آهي،
جنھن جي تائيد ٻين ڪيترن سماجي اصولن مان ٿئي ٿي.
آخر ۾ هو اهو نتيجو قائم ڪري ٿو، ته مغرب وارن کي
مسلمانن جو احسانمند ٿيڻ گهرجي، جو سندن اونداهي
دور (Dark
Ages)
مان نڪرڻ جو سبب اها روشني هئي، جيڪا اسلام جي ڪري
اسپين ۽ اٽليءَ جي شھرن مان نڪري کين منور ڪري رهي
هئي.
اڻويهين صديءَ
جي وچ ڌاري بلڪه
1849ع
۾ هڪ امريڪي سفارتڪار واشنگٽن ارونگ، پيغمبر اسلام
جي سوانح شايع ڪئي. هو گهڻا سال اسپين جي گاديءَ
واري شھر ميڊرڊ ۾ رهيو هو. هن کي انھيءَ سوانح لکڻ
جو خيال تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن هن کي ميڊرڊ جي
لائبريريءَ ۾ عرب مؤرخ ابوالفدا جي مختصر تاريخ
البشر جو ترجمو نظر آيو هو. ارونگ جي ڪتاب جو نئون
ڇاپو
1911ع
۾ منظر عام تي آيو هو، جنھن جو پيش لفظ پروفيسر
اِي.ورنن آرنولڊ لکيو هو، جهن ۾ هو اعتراف ڪري ٿو
ته:
“In these respects, and not only in these, he
stands out as the forerunner of modern
Protestanism and Puritanism, the prototype of
Huss, Luther and Cromwell.”
(67)
”
نه رڳو اهي
پھلو
بلڪه
انھن
کان علاوه هو [محمد
ﷺ]
جديد پروٽيسٽنزم ۽ پيوريٽنزم جو پيش رو آهي. بلڪه
هو ئي هس، ليوٿر ۽ ڪرامويل
جھڙن لاءِ مثالي نمونو هو.“
اڻويهين صديءَ جي هڪ ٻئي انگريز اسڪالر اسٽينلي
لين پول (1931-1854ع)
جو هتي ان ڪري ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته هن مسلمانن
جي تاريخ بابت محققانه ڪتاب لکيا ۽ قرآن کي سمجهڻ
جي به وڏي ڪوشش ڪئي. هن هڪ ننڍو ڪتاب
’قرآن
۽ حديث جو انتخاب‘
1882
۾ لکيو، جنھن ۾ قرآن جي ڪجهه سورتن کانسواءِ چند
حديثن جو ترجمو پڻ پيش ڪيو. پيش لفظ ۾ لکيائين ته
سندس مقصد محمد ﷺ بابت عاميانه قسم جي غلط ڳالھين
جو ازالو ڪرڻ آهي، جن جو هن ڪتاب پڙهڻ سان خاتمو
ٿي ويندو.(68)
پيش لفظ ۾ هن جارج سيل ۽ ڪارلائل جي قرآن بابت ڪن
غلط فھمين ڏانھن به ڌيان ڇڪايو آهي.
لين پول قرآن جي باري ۾ لفظ
’وحي‘
بابت مسلمانن جي عام عقيدي کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو،
جو هڪ هنڌ اهڙي وضاحت پيش ڪري ٿو، ڇو ته عام طور
مغربي مفڪرن کي وڏي ۾ وڏي غلط فھمي اها لاحق ٿي
آهي، جو هو قرآن کي خدا جي طرفان موڪليل پيغام نه
ٿا قرار ڏين. هو واضح ڪري ٿو ته اسلامي عقيدي
مطابق سڀ پيغمبر حضرت آدمعه کان وٺي
حضرت عيسىعه تائين اهڙي قسم جي خاص
پيغام سان نوازيا ويا هئا ۽ محمد ﷺ جو وحي يا
الھام به ان ساڳئي قسم جو ۽ آخري (خاتم النبيين)
هو، جيڪو اڳين سڀني جي تصديق ڪندڙ هو.(69)
هڪ غيرجانبدار مؤرخ جي حيثيت ۾ هو پيغمبر اسلام جي
مديني ۾ يھودين سان جيڪو اختلاف ٿيو ۽ جنھن جي
نتيجي ۾ پھريائين کين ملڪ بدر ڪيو ويو ۽ ٻئي دفعي
جڏهن هنن پيغمبر اسلام جي جان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، ته
ڪيترن يھودين کي قتل ڪيو ويو هو. ان واقعي بابت
پنھنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ان جي شروعات مديني
جي يھودين ڪئي، جن پھريائين سمجهيو ته هو مھاجر ٿي
آيل شخص کي پنھنجي مرضيءَ مطابق هلائي سگهندا. پر
جڏهن هنن ڏٺو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي ته هنن وعده
خلافيون ڪيون ۽ اندروني طور مخالفن يعني مڪي جي
قريشن سان ملي سازشون ڪرڻ لڳا.
قرآن جي باري ۾ تاريخي طور مغربي دانشور ڪيترن
قسمن جا اعتراض ڪندا رهيا آهن. مثلاً قرآن جي جمع
ٿيڻ ۽ ان جي موجوده ڪتابي صورت ۾ مرتب ٿيڻ کي، هو
اڪثر شڪ جي نگاهه سان ڏسندا رهيا آهن، پر هن سلسلي
۾ لين پول جي راءِ اڏول آهي، جڏهن هو چوي ٿو:
The only point to be here insisted on is that
its genuineness is above suspicion.
(70)
”هتي
صرف ان نڪتي تي زور ڏيڻو آهي ته قرآن
پنھنجي اصلي صورت ۾ جيئن جو تيئن موجود آهي ۽ اها
حقيقت هر قسم جي شڪ شبھي کان بالاتر آهي.“
حديثن کي هو برمھل گفتگو (Table-Talk)
جو نالو ڏئي ٿو ۽ انھن جي قانوني ماخذ يعني فقھ (Law)
طور اهميت کي تسليم ڪري ٿو.
ويهين صديءَ جو نھايت اهم مؤرخ ۽ دانشور منٽگمري
واٽ (2006-1909ع)
آهي. هن جو تعلق اسڪاٽلنڊ سان هو. هن پيغمبر اسلام
جي سيرت ٻن حصن ۾ لکي ۽ هڪ ٻئي ڪتاب ۾ اسلامي
تھذيب کي تاريخي تناظر ۾ پيش ڪيو ۽ ان جو نالو
’اسلام
جي عظمت رفته‘
(The
Majesty that was Islam)
رکيو جيڪو
1974ع
۾ شايع ٿيو.(71)
ان کان ٻه سال اڳ هن فرانس ۾ ليڪچر ڏنا، جيڪي
’وچين
دور جي يورپ تي اسلام جو اثر‘
(The
Influence of Islam on Medieval Europe)
جي نالي سان پڌرا ٿيا. هو شروعات ان ريت ڪري ٿو،
ته واقعي ماضيءَ ۾ يورپ ۾ اسلام بابت غلط تاثر
قائم ڪيو ويو آهي، پر گذريل صديءَ کان ان ۾ واضح
فرق آيو آهي. واٽ، اسلام بابت ڪيترا انڪشاف ۽
اعتراف ڪيا آهن، جيڪي کانئس اڳ ڪنھن ڪونه ڪيا هئا.
هو واضح طور ٻڌائي ٿو ته اسلامي تھذيب ڪيئن يورپ
کي متاثر ڪيو آهي، ان جي باوجود ته يورپ وارا هر
مرحلي تي ان جي مخالفت ڪندا رهيا آهن. هن سلسلي ۾
هو ٿامس اڪئيناس جو مثال پيش ڪري ٿو، جنھن اسلام ۽
قرآن جي سڀ کان پھرين وڌ ۾ وڌ مخالفت ڪئي، ليڪن
ساڳئي وقت ارسطوءَ جي فڪر کان ابن سينا ۽ ابن رشد
وغيره ذريعي مستفيد ٿيندو رهيو ۽ ارسطوءَ جي منطق
۽ ڪلام کي استعمال ڪندي عيسائيت جو دفاع ڪندو
رهيو.(72)
هتي سوال آهي ته آخر هو عيسائيت جو ڪنھن کان دفاع
ڪري رهيو هو؟
واٽ لکي ٿو ته اسپين مان ئي رياضي ۽ هئيت جو علم
يورپ تائين پھتو. ٻڙي (Zero)
يعني صفر جنھن لاءِ يورپ وارا اٽليءَ جي ليونارڊو
کي ان جو اعزاز ڏين ٿا. جنھن
1202ع
۾ پنھنجي هڪ تحرير ۾ ان تي روشني وڌي هئي. دراصل
کيس ان جو علم سندس پيءَ کان حاصل ٿيو هو، جيڪو
ڪجهه وقت الجيريا ۾ مسلمان تاجرن سان ڪم ڪري چڪو
هو. هن ئي پنھنجي پُٽ ليونارڊو کي هڪ عرب استاد
کان رياضي سکڻ تي آماده ڪيو هو. واٽ جا وڌيڪ الفاظ
هن ريت آهن (73)
“When one keeps hold of all the facets of the
medieval confrontation of Christianity and
Islam, it is clear that the influence of Islam
on Western Christendom is greater than is
usually realized. Not merely did Islam share
with Western Europe many material products and
technological discoveries; not merely did it
stimulate Europe intellectually in the fields of
Science and philosophy; but it
provoked Europe into forming a new image
of itself. Because Europe
was reacting against Islam it belittled
the influence of Saracens and exaggerated its
dependence on its Greek and Roman heritage. So
today an important task for us Western
Europeans, as we move into the era of one world,
is to correct this emphasis and to acknowledge
fully our debt to the Arab and Islamic World.”

جڏهن
انھيءَ وچ واري زماني ۾ عيسائيت ۽ اسلام درميان
محاذ آرائيءَ جي سڀني
پھلوئن جو جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿوته اسلام
جو مغربي عيسائيت تي ان کان تمام گهڻو اثر آهي،
جيڪو عام طور گهڻو گهٽ پيش ڪيو وڃي ٿو. اسلام نه
رڳو مغربي يورپ وارن کي مادي شين ۽ فني کوجنائن ۾
ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو موقعو ڏنو، ۽ نه رڳو سائنس ۽
فلسفي جي ميدان ۾ يورپ وارن کي تحرڪ مھيا ڪيو،
بلڪه اصل ۾ ان جي ڪري يورپ کي
پنھنجي نئين سڃاڻپ جو ڪارڻ ملي ويو. پر ڇاڪاڻ ته
يورپ تاريخي طور اسلام جي مخالفت تي ڪمربسته رهيو
آهي، ان ڪري يورپ وارن مسلمانن جي اهڙن اثرات کي
بلڪل گهٽائي معمولي حيثيت ۾ پيش ڪيو ۽ سندن مقابلي
۾ يوناني ۽ رومي
تھذيب جي ورثي کي گهڻو وڌائي پيش ڪيو.
انھيءَ پسمنظر ۾ اڄ اسان مغربي يورپ وارن جو اهو
اهم فريضو آهي ته جڏهن اسان هڪڙي دنيا جي دور ۾
داخل ٿيڻ وارا آهيون ته
انھيءَ غلطيءَ جي اصلاح ڪريون ۽ اسان تي عرب ۽
اسلامي دنيا جو جيترو قرض يا لهڻو آهي، ان کي
کُليل
دل سان تسليم ڪريون.“
آخر ۾ ويهين صديءَ جي ٽن نامور مغربي شخصيتن ڏانھن
اشارو ڪرڻ لازمي آهي ۽ اهي آهن اي.جي.آربري،
اينمري شمل ۽ ڪيرن آرمسٽرانگ. آربري جي تحقيق جو
موضوع اسلامي تصوف آهي ۽ هو پنجاهه کان وڌيڪ ڪتابن
جو مصنف آهي، پر انھن سڀني ۾ هو قرآن مجيد جي
انگريزي ترجمي سبب، جيڪو آڪسفورڊ پريس طرفان ڇپيل
آهي، خاص سڃاڻپ رکي ٿو.(74)
شِمل صاحبه جو موضوع به خاص طور تصوف ۽صوفي شاعر
آهن، جن ۾ رومي، شاهه لطيف ۽ اقبال شامل آهن. پر
سندس ڪتاب
’محمد
ﷺ خدا جو رسول آهي‘
(75)
(And
Muhammad is His Messenger)
خصوصي عقيدت جو مثال آهي. ڪيرن جو موضوع مختلف
مذهبن جي تاريخ آهي. پيغمبر اسلام جي باري ۾ سندس
مختصر ڪتاب
’محمد
[ﷺ] اسان جي دور جو پيغمبر‘
(Muhammad
Prophet for our Time)
ان ڪري اهميت جو حامل آهي، جو ان ۾ پاڻ سڳورن جي
’رحمت‘
واري پھلوءَ کي خاص طور اجاگر ڪيو ويو آهي.
حوالا:
·
The Republic of Arabic Letters, Alexander
Bevilacqua, 45
·
Saracens, John V. Tolan, 160
·
Europe and the Mystique of Islam, Maxime
Rodinson, 134-135
·
Ibid, 17
·
An Introduction to Islam, Gerhard Endress, 7 and
Saracens, 275
·
Islamic Civilization in Thirty Lives, Chase F.
Robinson, 155
·
History of Western Philosophy - Bertrand
Russell, 436
·
Ibid, 213
·
Islamic Civilization in Thirty Lives, 242
·
Saracens, 230
·
Ibid, 245
·
History of Western Philosophy, 455
·
Saracens, 228
·
Ibid, 227
·
Ibid, 272
·
Islam and the Divine Comedy, Migul Asin.
Translated by Harold Sunderland, 251, 254 & 262
·
Dante: the Divine Comedy, Dorothy, 95
·
The Influence of Islam on Medieval Europe,
Montgomery Watt, 84
·
History of Western Philosophy, 475.
·
Europe and the Mystique of Islam, 31
·
Glimpses of Islam, 44. Photo
·
Influence of Islam on Medieval Europe, 67
·
The Republic of Arabic Letters, 46.
·
Rise and Progress of Mohametanism. Henry Stubbs,
227
·
William Shakespeare The Complete Works, London,
593
·
Holy Bible. Placed By The Gideons, 908.
·
The Republic of Arabic Letters, 89
·
Ibid, 78
·
Bacon's Essays. F.G. Selby, 27
·
The Republic of Arabic Letters, 102
·
Rise and Progress of Mohametanism. Henry Stubbs,
177 & 188
·
Ibid, 132
·
Ibid, 143
·
Ibid, 160
·
Ibid, 155
·
Ibid, 237 & Oriental Essays, Arberry, 15
·
The Republic of Arabic Letters, 54,63
·
Ibid, 65,73
·
The Republic of Arabic Letters, 48
·
Dictionary of Islam. Thomas Patrick Hughes, 522
·
The KORAN: With A Preliminary Discourse by
George Sale. London & New York, 1737
·
The KORAN By George Sale With An Introduction
Sir Edward Denison Ross, IX
·
The Republic of Arabic Letters, 86
·
Ibid, 249
·
Ibid, 72
·
The Republic of Arabic Letters, 181
·
Ibid, 180
·
Ibid, 182
·
Ibid, 91
·
Europe and the Mystique of Islam, 50.
·
The Making of Humanity - Robert Briffault, 202 &
220
·
The Decline and Fall of Roman Empire, 5; 262.
·
Europe and the Rise of Islam, 48
·
Der Westoestliche Divan. Urdu Translation, 48
·
Payam-e-Mashriq, Kuliat Farsi 218
·
On Heroes and Hero Worship. Sartor Resartus, 271
·
Ibid, 299
·
Ibid, 292
·
Ibid, 295 & Sufi La Kufi. Introduction, 28.
·
Life of Muhammad, Syed Ahmed Khan, xiii
·
Sir Syed Ahmed Khan, Khaliq Ahmed Nizami, 418.
·
An Apology For Muhammad And The Quran Title Page
·
Ibid, 56-59
·
Ibid, 117
·
Ibid, 112
·
Ibid, 86
·
Life of Mahomet. Washington Irving, xiii
·
Selections From The Quran & Hadith, Lane Poole
·
Ibid, 25
·
Ibid, 33
·
The Majesty That was Islam, Montgomery Watt.
·
Influence Of Islam On Medieval Europe, 64
·
Ibid, 84
·
The Koran OUP First Published, 1955
·
And Muhammad is His Messenger, 1984
·
Muhammad: Prophet For our Time, 2006 |