|
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي وينجن آوازن جو صوتي اڀياس
(A
phonemic study of Arabic
consonants in Sindhi Language)
·
اڀياس جو پس منظر
اسان جيڪا ٻولي ڳالھائيندا آهيون، اها اصل ۾ آوازن
جي تنظيم هوندي آهي. هڪڙا آواز اهڙا آهن، جيڪي
ڳالھائڻ جي عضون ذريعي روڪ سان ادا ٿيندا آهن، جن
کي وينجن (consonant)
ڪوٺيو ويندو آهي، ٻيا وري گلي مان بنا روڪ جي،
سوڙهي يا ويڪري لنگهه سان ادا ٿيندا آهن، تن کي
سُر (vowel)
ڪوٺبو آهي. اهي ٻئي قسم، آواز (phone)
سڏبا آهن. اهي سڀ جو سڀ آواز، لفظن ۾ معنوي فرق
به پيدا ڪندا آهن. جنھن صورت ۾ ڪو آواز معنوي فرق
پيدا ڪري ته ان کي صوتيو (phoneme)
ڪوٺيو ويندو آهي. ڪي آواز اهڙا به هوندا آهن، جيڪي
لفظن ۾ معنوي فرق پيدا نه ڪندا آهن، ان کي عيوضي
آواز/
allophone
ڪوٺيو ويندو آهي.
علم لسان ۾ آواز ۽ صوتيي جو فرق معنوي بنياد تي
رکيو ويندو آهي، پروفيسر علي نواز جتوئيءَ ان ڏِس
۾ ڄاڻايو آهي:
”صوتيو
اهو آواز يا آوازن جو گروهه آهي، جو ٻوليءَ جي
لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. انھيءَ ڪري بلوم
فيلڊ (Bloomfield)
صوتيي کي معنوي فرق پيدا ڪندڙ آوازي نوعيت جو ايڪو
سڏي ٿو. ان
ڳالھه مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ صوتيي جا ٻه- ٽي
آواز ٿي سگهن ٿا؛ ان هڪ صوتيي سان لاڳاپيل سڀني
آوازن کي لسانيات ۾ عيوضي آواز (Allophones
) يا بدل آواز (Variants
) سڏبو آهي.“
(جتوئي،
1996:
69-
70)
جتوئي صاحب جي وضاحت مان اندازو ٿئي ٿو ته هڪ آواز
يا آوازن جو گروهه جيڪو لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ڪري
ته ان کي صوتيو ڪوٺبو. جيئن ته
’ٽر-
ڊر- ڍر‘
(مٽِي- مٽرِي، کنڊ- کنڊرُ ۽ واڍِ- واڍرِ) ۽
’ڙهه-
لھه‘
(سَڙُ- سَڙهُه ۽ ڪَلَ- ڪَلھَه) صوتيي جي حيثيت رکن
ٿا، ان لاءِ انھن مرڪب آوازن/ آوازي گروهن کي
صوتيو ڪوٺبو.
هن حوالي سان پروفيسر علي نواز جتوئيءَ
’مھه،
نھه ۽ ڻھه‘
کي وسرڳن ۾ شمار ڪري، ان جي صوتيتي ڇيد ۾ چند لفظ
ڏنا آهن، جيڪي اصولي طور صوتيي (phoneme)
جي زمري ۾ نه ٿا اچن. صاحب موصوف ڄاڻائي ٿو:
”ماڻي
۽ ماڻهين مان /ڻ/ ۽ /ڻهه/ صوتيا ملن ٿا، سُمي ۽
سُمهي مان /م/ ۽ /مهه/ صوتيا ملن ٿا، سَنا ۽ سَنها
مان /ن/ ۽ /نهه/ صوتيا ملن ٿا.“
(جتوئي،
1996:
71-
72)
دراصل، سنڌي ٻوليءَ نسبت، اهي صوتيا نه ٿا بيھن،
لفظن کي زوريءَ ڇڪي پورو ڪيو ويو آهي، مثالن ۾
’ماڻي
۽ ماڻهين‘
وارو مثال وڌيڪ وضاحت ڏيئي پيو ته اهي مثال صوتيي
جا ناهن، بلڪہ عيوضي آواز آهن.
صوتيي ۽ عيوضي آواز جي دائري بابت ڪافي منجهيل
وضاحتون سامھون اينديون آهن، هن حوالي سان ڊاڪٽر
شازيه پتافيءَ جي ٿيسز:
’شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس‘
۾ اهڙن اصطلاحن جي غير معياري ۽ هٿرادو وضاحت ڏنل
آهي. هوءَ لکي ٿي:
”صوتيو
(Phoneme)
به آواز جو ئي ايڪو (Unit)
آهي، جنھن سان معنوي فرق اچي ٿو. مطلب ته جيڪڏهن
ٻن لفظن ۾ آواز ساڳيو آهي ۽ معنى ۾ فرق آهي ته
انھن کي ٻه صوتيا چيو ويندو. جيڪڏهن آواز مختلف
هجن ۽ معنى ۾ ڪا تبديلي نه اچي ته ان کي هڪڙو
صوتيو چيو ويندو آهي، مثلاً:
سِڙهه سنوان، لاڄُو نوان، اولا سندن عاج،
ساٿي سفر هلئا، ڀري جُنگ جھاج،
حاصل ڪرِيين حاج، واحد! وڻجارن جي.
(شاه- سُر سريراڳ)
ويٺو تُن تُنينس، مَکِ ڏيھاڻي مڪڙي،
سنباهي سيدُ چي، مٿي نيڍُوءِ نينس،
وٽائي وڏاندَرَا، لاڄو لڳائينس،
آخر اُهرائِينس، ته جوکو ٿيي نه جھاز کي.
(شاه- سُر سريراڳ)
مٿين ٻنھي سٽن ۾
’جھاج‘
۽
’جھاز‘
۾
’ج‘
۽
’ز‘
ٻه مختلف آواز آهن، پر ان سان ٻنھي لفظن جي معنى ۾
ڪو فرق نه آيو آهي، ان ڪري انھن کي هڪڙو صوتيو
چئبو.
’ج‘
۽
’ز‘
ٻه مختلف آواز آهن، پر هنن لفظن ۾ هڪ صوتيي جو ڪم
ڏين ٿا.“
(شازيه،
2017:
42-
43)
صوتيو بيشڪ اهڙو آواز آهي، جيڪو ڪنھن لفظ ۾ معنوي
فرق رکندو آهي. ليڪن هتي ٻٽي ڳالھه ڪيل آهي:
’آواز
ساڳيو ۽ معنى ۾ فرق‘
۽
’آواز
مختلف ۽ معنى ۾ فرق نه اچي‘
ته ٻنھي صورتن ۾
صوتيو (Phoneme)
ڪوٺبو. يعني وضاحت ۾ اهڙي گڙ ٻڙ ڪيل آهي، جو اسان
جو شاگرد بجاءِ سمجهڻ جي، وتندو اهڙن اصطلاحن کان
لنوائيندو!
آخري وضاحت جيڪا مثالن سان سمجهائي وئي آهي سا
آهي:
’جھاج‘
۽
’جھاز‘
۾
’ج‘
۽
’ز‘
جي! جنھن لاءِ چيو ويو آهي:
”ٻه
مختلف آواز آهن، پر ان سان ٻنھي لفظن جي معنى ۾ ڪو
فرق نه آيو آهي، ان ڪري انھن کي هڪڙو صوتيو چئبو.“
اها وضاحت ڪُلي طور رد ٿيڻ جوڳي آهي، جو
’اهي
بيشڪ مختلف آواز آهن ۽ معنى ۾ فرق نه آيو آهي‘،
ته پوءِ
’صوتيو،
يعني معنوي فرق پيدا ڪندڙ‘
ڪيئن ٿيو؟
اصل ۾ لسانيات پٽاندر اهڙا ٻه مختلف آواز، جيڪي
ڪنھن لفظ ۾ معنوي فرق پيدا نه ڪن ته اهڙن آوازن کي
عيوضي آواز (Allophone)
چئبو آهي. اها وضاحت لسانيات ۾ عام آهي. هتي وري
به واضح ڪندو هلجي ته
’اهڙا
سُر (vowels)
يا وينجن(consonants)
آواز، جيڪي ڪنھن لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ڪن ته ان کي
’صوتيو
(phoneme)
چئبو، جيئن: ڇوٽي سُر جي فرق سان،
’مِٺِي/
مَٺِي/ مُٺِي‘؛
وينجن آوازن جي فرق سان،
’بارُ/
ٻارُ/ پارُ/ ڏارُ‘
وغيره. ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪنھن لفظ ۾ سُر يا وينجن
جي فرق سان ڪو معنوي فرق پيدا نه ٿئي ته ان کي
عيوضي آواز (allophone)
چئبو، جيئن: ڇوٽي سُر سان
’جِن/
تِن‘،
’جَن/
تَن‘،
وينجن جي فرق سان،
’مَڇَي/
مَشي/ مَچي‘
وغيره.
پروفيسر جتوئي لکي ٿو:
”عيوضي
آواز ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪ آزاد بدل (free
variants)
جھڙوڪ منگتو ۽ منڱتو ۾ [گ] ۽ [ڱ] آواز، آزاد بدل
آهن. ٻيا شرطي ٿيندا آهن جن لاءِ ماحول جو شرط
لازمي آهي، جيئن ته انگريزي زبان ۾ /پ/، /ٽ/ ۽ /ڪ/
صوتين جا آواز، سر صوتين کان اڳ ۾ وسرڳ يعني [ڦ]،
[ٺ] ۽ [گ] ٿي پوندا نه ته [پ]، [ٽ] ۽ [ڪ] وهندا.
اهڙن شرطي عيوضي آوازن کي پورائي واري ورڇ (complementary
distribution)
سڏبو آهي. اهڙا عيوضي آواز ساڳئي ماحول ۾ هڪٻئي
سان تبديل ٿي نه سگهندا آهن.“
(جتوئي،
1996:
70)
سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان
’منگتو
۽ مڱتو‘
۾
’نگ
۽ ڱ‘
ته آزاد بدل ٿي سگهن ٿا، پر
’منگتو ۽ منڱتو‘
۾
’گ
۽ ڱ‘
واري ڳالھه ٺھڪندڙ ناهي. ڇاڪاڻ ته
’منگتو‘
جي ٻي صورت
’مڱتو‘
ٿيندي، نه ڪي
’منڱتو‘
ان خيال کان آزاد بدل آواز وارو مثال مناسب ناهي.
جتوئي صاحب صوتين جي صوتيتي ڇيد (phonemic
analysis)
واري نڪتي ۾ لکي ٿو:
”اڳيئي
ٻڌايو ويو آهي ته ٻوليءَ ۾ جيترا آوازن جا نمونا
هوندا آهن، اوترا هروڀرو صوتيا نه هوندا آهن.
اوترا به ٿي سگهن ٿا ۽ انھن کان گهٽ به مگر وڌ ٿي
نه ٿا سگهن، ڇو ته هڪ ئي آواز جا هڪ کان وڌيڪ
صوتيا ٿي نه ٿا سگهن. ان جي ابتڙ هڪ صوتيي جا هڪ
کان وڌيڪ آواز ٿي سگهن ٿا. تنھنڪري لازمي آهي ته
ڪنھن زبان ۾ جيترا آواز هوندا، اوترا صوتيا ٿيندا
يا انھن کان گهٽ، عربي زبان ۾ جيترا آواز آهن
اوترا ئي صوتيا آهن. عربي زبان ۾ /ث/، /ص/ ۽ /س/
ٽي مختلف صوتيا آهن ۽ انھن جا ٽي آواز آهن. سنڌي
زبان ۾ ث، ص ۽ س هڪ آواز جا ٽي مختلف صوتيا آهن ۽
انھن جا ٽي آواز آهن. سنڌي زبان ۾ ث، ص ۽ س هڪ
آواز جون ٽي مختلف تحريري صورتون آهن. انھن جو
صوتيو به ساڳيو آهي ۽ هڪ آهي. اهڙي طرح سان سنڌي ۾
ذ، ز، ض ۽ ظ جو آواز ۽ صوتيو ساڳيو آهي، ت ۽ ط جو
به ساڳيو آهي، هه ۽ ح جو به ساڳيو آهي، ا ۽ ع جو
به ساڳيو آهي، ڪ ۽ ق جو به ساڳيو آهي.“
(جتوئي،
1996:
70)
پروفيسر جتوئي اڳتي لکي ٿو:
”ڪنھن
ٻوليءَ جا ڪھڙا آواز صوتيا ٿين ٿا ۽ ڪھڙا نٿا ٿين
۽ رڳو عيوضي آواز رهن ٿا، تنھن لاءِ لفظن جي آوازن
کي ڇيد ڪري انھن کي معنوي فرق معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻ
۾ بدلائڻو پوندو آهي. اهڙي قسم جي ڇيد کي صوتيتي
ڇيد سڏبو آهي. انھيءَ جو آسان طريقو اهو آهي ته
لفظن جا اهڙا جوڙا ڳولي لھجن، جن ۾ فقط هڪ آواز
تبديل ٿئي ۽ ساڳئي هنڌ تي تبديل ٿئي، پوءِ جي لفظن
۾ معنى ۾ ڦير ٿي پوي ته اهي ٻه صوتيا سڏبا، مثلاً
سنڌيءَ ۾:
بار ۽ ٻار مان /ب/ ۽ /ٻ/ صوتيا ملن ٿا.
پَلو ۽ ڀَلو مان /پ/ ۽ / ڀ/ صوتيا ملن ٿا......
مٿين مثالن مان هيٺيان وينجن صوتيا مليا:
/ب، ٻ، ڀ، ت، ٺ، ٽ، ٿ، ف، ڦ، گ، ڳ، ڱ، ک، ي، د، ڌ،
ڏ، ڊ، ڍ، ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ، ر، ز، ڙ، م، مهه، ن،
نهه، ل، س، ش، ڻ، هه، جهه، گهه، ڙهه، لهه، و، ڪ ۽
ڻهه/.
نوٽ: سريلي ۽ لاڙي سنڌيءَ ۾
’ر‘
وارا
’ٽ‘
۽
’ڊ‘
صوتيا ڪونه ٿين.“
(جتوئي،
1996:
71-
72)
صوتيي ۽ بدل آواز کي واضح سمجهڻ بعد، هتي جيڪو اهم
نڪتو بيان ڪجي ٿو، سو آهي: مخصوص عربي آوازن جو
سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتيو نه هجڻ! پروفيسر جتوئي لکي
ٿو:
”سنڌي
زبان ۾ ث، ص ۽ س هڪ آواز جون ٽي مختلف تحريري
صورتون آهن. انھن جو صوتيو به ساڳيو آهي ۽ هڪ
آهي...“
(جتوئي،
1996:
70)
جتوئي صاحب جيڪا خاص ڳالھه ڪرڻ ٿو گهري، ته موجوده
صورت ۾ سنڌي پٽيءَ ۾ موجود عربي آواز، سنڌي ماڻھو
اچاري ڪونه ٿو سگهي، ان سبب انھن عربي آوازن جا
اهڙا اچار ڪري ٿو، جيڪي هو سنڌي ٻوليءَ ۾ اچاري
سگهي ٿو. مثال طور: ث ۽ ص جو اهڙو ئي آواز اچاري
ٿو، جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود
’س‘
جو آواز! ان خيال کان جڏهن اهي عربي آواز درست
اچاري نه ٿو سگهي، ان صورت ۾ اهي الڳ سان صوتيا نه
سڏبا، بلڪه هڪ ئي صوتيو تصور ڪيو ويندو. يعني
پروفيسر جتوئيءَ جي چواڻي ته
’انھن
جو صوتيو به
ساڳيو آهي ۽ هڪ آهي.‘
۽ اها به ڳالھه ڪئي اٿس ته
’هڪ
آواز جون مختلف تحريري صورتون آهن.‘
اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌي ماڻھو،
’ث
۽ ص‘
جو آواز
’س‘
وانگر ئي اچاريندا آهن؛
’ذ،
ض ۽ ظ‘
جو آواز
’ز‘
وانگر ئي ڪڍندا آهن؛
’ط‘
جو آواز
’ت‘
وانگر ادا ڪندا آهن؛
’ح‘
جو آواز
’هه‘
وانگر ئي بيھاريندا آهن؛
’ع‘
جو آواز
’ا‘
يا
’همزي‘
وانگر ئي اچاريندا آهن؛
’ق‘
جو آواز بلڪل
’ڪ‘
وانگر ئي بيھاريندا آهن؛
’خ‘
جو ساڳيو
’ک‘
آواز ئي ادا ڪندا آهن. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي
ته ڇا پنھنجي ٻوليءَ جي آوازن وانگر عربي آواز ادا
ڪرڻ کان پوءِ اهي سنڌي ٻوليءَ ۾ الڳ سان صوتيا نه
سڏجن؟
پروفيسر جتوئي آوازن جو صوتيتي ڇيد ڄاڻائڻ بعد
جيڪي سنڌي ٻوليءَ جا وينجن صوتيا ڄاڻايا آهن، سي
هي آهن:
”/ب،
ٻ، ڀ، ت، ٺ، ٽ، ٿ، ف، ڦ، گ، ڳ، ڱ، ک، ي، د، ڌ، ڏ،
ڊ، ڍ، ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ، ر، ز، ڙ، م، مهه، ن، نهه،
ل، س، ش، ڻ، هه، جهه، گهه، ڙهه، لهه، و، ڪ ۽ ڻهه/.“
پروفيسر جتوئيءَ جي ان نتيجي بعد وري به اهم ساڳيو
سوال اڀري ٿو.
·
اڀياس جا سوال
·
ڇا عربي آواز، سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتين جي حيثيت نه ٿا
رکن؟
·
جيڪڏهن صوتيا نه آهن ته پوءِ سنڌي آئيويٽا ۾ انھن
جو شمار ڇو ٿو ڪيو وڃي؟
·
ڪمپيوٽنگ انجيئرنگ ۾ عربي وينجن آوازن سبب پيدا
ٿيندڙ مسئلن کي ڪيئن منھن ڏيئي سگهجي ٿو؟
مٿين سوالن آهر ڏسجي ته اهي عربي آواز سنڌي
آئيويٽا ۾ معنوي فرق سبب ئي رکيا ويا آهن. ڀيرومل
آڏواڻي لکي ٿو:
”جيڪڏهن
عربي اکرن جون صورتون ڦيرائبيون ۽ مسلمانن جا
نالا، جھڙوڪ
’محفوظ
علي‘
بدران
’مھفوز
الي‘
لکبو، ته ڪوبه مسلمان اها ڳالھه قبول نه ڪندو، ته
هڪ بامعنى ۽ درست نالو ڦيرائي هڪ بلڪل بي معنى ۽
غلط صورت وارو نالو ڪم آڻجي.“
(ڀيرومل،
2022:
188-
189)
اهي بحث به اهڙا آهن، جيڪي معنوي فرق جي بنياد تي
ڪيل آهن.
جڏهن مختلف ٻولين جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا
آهن، ته اهي پنھنجي اصلي حالت مٽائي، پوءِ داخل
ٿيا آهن. جيئن: اسڪولُ ج اسڪولَ، گلاسُ ج گلاسَ،
پھراڻ (پيرهن)، اَلَفُ ج اَلَفَ، ڪسرتَ ج
ڪسرتُون، قصرُ ج قَصَرَ وغيره. يعني اصل لفظ جي
آخر ۾ ڪھڙو به سُر يا اعراب هجي، پر ان لفظ کي
اسان پنھنجي ٻوليءَ جي مزاج مطابق بيھاري پوءِ ڪم
آڻيون ٿا. ان کان علاوه لفظن جي صورتخطي مٽائي به
قبول ڪئي ويئي آهي، جيئن: ڪَسَرَ (ڪثر- گهڻائي/
اُٽل)، کَفتُ (خفت)، بئش (بحث)، مسالو (مصالحه)،
افراتفري (افراط و تفريط)، مسِيت/ مھت (مَسجد)،
تعويذ (تائٿ)، جُثو (جسو) وغيره.
هاڻي جيڪڏهن عربي لفظ، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جو جز
بڻجي ويا آهن، تن ۾ لکت جو خيال ان ڪارڻ به رکيو
ويندو آهي، ته جيئن معنوي فرق برقرار رهي، مثال
طور: ڪثرتَ (گهڻائي)، ڪسرتَ (ورزش)، ساڳئي نموني
نذر (صدقو- نياز- سوکڙي)، نظر (اکين جي روشني-
ڏيک- ويچار) وغيره. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ٻين
ٻولين جي لفظن ۽ پنھنجي ٻوليءَ جي لفظن جي آوازن ۽
صورتخطيءَ ۾ به هڪجھڙائپ هوندي آهي، پر معنوي فرق
برقرار رهندو آهي، جيئن:
’خدا
ترس‘
(ترسيدن = ڊڄڻ- لھرائڻ) جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾
’ترس‘
معنى
’ڪھل-
ڪھڪاءُ- رحم‘
وغيره. اهڙي هڪجھڙائيءَ سبب اسان جا لغت جا ماهر
به هڪ جي ٻِي هڻي ويندا آهن، اهڙي تڪڙ اسان جي
فاضل دوست آفتاب ابڙي کان به ٿي آهي.
(آفتاب،
1992:
138)
ان بعد ويجهر ۾ ان جو ٻيون ڇاپو به ڇپايو ويو
آهي، پر هن لفظ سان ساڳي ڪار!
دراصل، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي ٻولين جا لفظ پنھنجائپ
جو روپ وٺي چڪا آهن، خاص طور عربي، فارسي، هندي ۽
انگريزي. ان لحاظ کان جيڪي به لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾
ضم ٿي ويا آهن، انھن کي سنڌي ٻوليءَ جو ڀاڱو
سمجهيو وڃي ٿو. اهو ان لحاظ کان ته سنڌي ٻوليءَ
جيڪي به لفظ پنھنجا ڪيا آهن، انھن جي اعراب يا
اچار پنھنجا بيھاريا آهن؛ پوءِ ڪي لفظ پنھنجن
آوازن سان ورتا آهن، ته ڪي لفظ وري اصل ٻوليءَ جي
صورتخطيءَ موجب ورتا آهن. نه رڳو ڳالھائجن ٿا،
بلڪه لکت ۾ به آڻجن ٿا.
اهڙين مختلف ٻولين جا لفظ ڏسي ڪري، اسان جي پراڻن
ڪاتبن يا عالمن انھن ٻولين جا اکر به پنھنجي
آئيويٽا ۾ رکندا آيا آهن. جيئن عربي ٻوليءَ جو
اسان جي ٻوليءَ تي اثر رهيو آهي، ان لاءِ ان جا
مخصوص آواز به اسان جي آئيويٽا ۾ موجود آهن. ساڳئي
هنڌ فارسي لفظ به اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا ويا
آهن، ان لاءِ عربي ٻوليءَ کان هٽي ڪري، ان جا آواز
به اکرن جي صورت ۾ رکيا آهن، جيڪي اسان جي ٻوليءَ
جي آوازن سان ٺھڪندڙ به آهن، سواءِ
’ﮋ‘
جي!
هاڻي جڏهن اهي لفظ اسان جي ٻوليءَ جو جز بڻجي چڪا
آهن ۽ تحريري صورت ۾ اسان جي صورتخطي ۾ شامل آهن،
ان صورت ۾ اهڙا لفظ جيڪي اسان جي صورتخطيءَ ۾
موجود آهن، تن کي صوتيتي ڇيد (phonemic
analysis)
واري اک سان ڏسڻ ۾ ڪوبه حرج ڪونھي.
اسان سنڌي ماڻھو، جيڪڏهن ڌاري ٻوليءَ جي لفظن جي
صورتخطي، پنھنجي سنڌي آوازن نسبت لکون، ته پوءِ
پروفيسر جتوئيءَ واري ڄاڻايل صوتيتي ڇيد واري
ڳالھه ڪرڻ بلڪل ٺيڪ آهي. جي نه ته، پوءِ اهڙن
ڌارين آوازن کي سنڌي ٻولي به صوتيو تسليم ڪندي.
ٻوليون لفظ کڻنديون آهن، ۽ ان جي صورتخطيءَ سان
ڪابه کڻاند نه ڪنديون آهن، انگريزي اهڙن لفظن سان
ڀري پئي آهي، جيئن:
night- knight, school, psychology etc.
پروفيسر جتوئيءَ جو خيال آهي ته
’سنڌي
آوازن جھڙا جيڪي عربي آواز ورتا وڃن ٿا، تن ۾ صرف
تحريري صورت جو فرق آهي، باقي آوازَ ساڳيا آهن، ان
ڪارڻ
’صوتيو‘
به ساڳيو سمجهيو ويندو.‘
ان مان اهو به خيال اڀري ٿو ته جتوئي صاحب، آواز
جي نسبت،
’ز‘
جھڙن
’ذ،
ظ، ض‘
آوازن کي
’عيوضي/
بدل آواز‘
سمجهي ٿو. حقيقت ۾ عيوضي يا بدل آواز ان کي چئبو،
جنھن ۾ معنوي فرق پيدا ڪرڻ جي سگهه نه هجي. هتي
جيڪڏهن هڪ ٻيو ننڍڙو مثال کڻجي ته سنڌي ٻوليءَ جي
ڪن اپلھجن ۾
’ڇ
۽ ش‘
هڪٻئي جا عيوضي آواز آهن، مثال طور:
’مڇي‘
کي
’مشي‘
چيو ويندو، جڏهن ته
’شينھن‘
کي
’ڇينھُن‘
ڪوٺبو آهي. منھنجي ناقص اڀياس موجب، خاص طور سنڌي
ٻوليءَ جو اهڙو ڪوبه لفظ سامھون نه آيو آهي، جنھن
موجب
’ش
۽ ڇ‘
واضح طور صوتيا (Phonemes)
ٿي بيھن. ان موقعي ته اهو سوال اڀري ٿو:
’سنڌي
ٻوليءَ
’ش‘
۽
’ڇ‘
هڪٻئي جا عيوضي آواز آهن، ته جيڪڏهن انھن مان هڪ
کي ڪڍي ڇڏجي ته ڇا مناسب ٿيندو؟
منھنجي خيال ۾ ڪوبه استاد يا عالم ان حق ۾ نه
هوندو، ته ڪو انھن ٻنھي اکرن مان ڪو اکر يا آواز
ڪڍي ڇڏجي! ڇاڪاڻ ته هيءُ هڪ علمي معاملو آهي،
جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جا نج لفظ ان مد ۾ نه ٿا ملن
ته ٻين ٻولين واري سنڌي ٻوليءَ ۾ ضم ٿيل لفظ ته
آهن، مثال طور:
’ڇرڪ
(سنڌي- ٽاهُه- ڀؤ- اڌمو) يا شرڪ (عربي- حصا ڪرڻ-
ڀائيوار ڪرڻ- شريڪ ڪرڻ).
هاڻي بيشڪ سنڌي ٻوليءَ جي ڪنھن اپلھجي وارو
ماڻھُو،
’ڇرڪ‘
کي
’شرڪ‘
چئي، پر لکڻ ۾ احتياط ڪندي، ضرور
’ڇرڪ‘
لکندو. ان صورت ۾ جيڪڏهن
’ڇ‘
کي ڪڍي ڇڏجي يا
’ش‘
ڪڍي ڇڏجي ته به معاملو گڙ ٻڙ ٿي ويندو. ان لاءِ
ضرروي آهي ته اهڙا عيوضي آواز به ٻوليءَ ۾ رکڻ
لازمي سمجهيا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪافي لفظن ۾ ان
جو استعمال ٿئي ٿو. موجوده صورت ۾
’ڇ‘
۽
’ش‘
سنڌي ٻوليءَ جا صوتيا (phoneme)
تصور ڪيا ويندا آهن؛ ڇاڪاڻ ته انھن آوازن کان هٽي
ڪري جڏهن ٻين لفظن ۾ ڏسجي ٿو ته اتي اهي آواز
صوتيي جي صورت ۾ سامھون اچن ٿا. پروفيسر جتوئيءَ
جا ڏنل مثال ڄاڻائجن ٿا:
”ڪاشِ
۽ ڪاڻِ مان /ش/ ۽ /ڻ/ صوتيا ملن ٿا. چِلڪو ۽ ڇِلڪو
مان /چ/ ۽ /ڇ/ صوتيا ملن ٿا.“
(جتوئي،
1996:
71)
’ف‘
جو معاملو وري نرالو آهي، سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبه
بنيادي لفظ
’ف‘
سان ڪونھي. جيڪڏهن سنڌي لفظ ملندا به ته اهي
’ڦ‘
سان هوندا آهن، پوءِ ان جو استعمال کڻي
’ف‘
سان ٻڌايو ويندو آهي، جيئن: فٽو (نار جو هڪ پاٽيو،
جنھن سان پاڻي اُپاڙي ناليءَ ۾ وجهجي)
مزي جي ڳالھه ته
’ش
۽ ف‘
جو جيڪو ذڪر ڪيو، ته ان بابت به اهو نڪتو سامھون
ٿو اچي ته اهي آواز/ اکر، سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي
منڍ ۾ نه ٿا اچن. عام طور علم لغت جي حوالي سان
(گهڻن وينجنن:
’ڃ،
ڻ، ڱ‘
۽
’ڙ‘
کان سواءِ) ڪافي اهڙا اکر آهن، جيڪي سنڌي لفظن جي
شروع ۾ نه ٿا اچن.
اهڙن آوازن/ اکرن لاءِ ماهرن ڪي اشارا رکيا آهن.
جنھن ۾ [ڇ] جو آواز ڪن اُپ- لھجن ۾ [ش] ۽ [چ]
آواز سان اچارجي ٿو. ان معاملي ۾ اها ڳالھه به
مسلَّم آهي ته [ڇ] ۽ [ش] جي بدلائڻ سان
سنڌي ٻوليءَ
جي لفظن ۾ ڪٿي به ڪو معنوي تضاد نه ٿو ٿئي،
جنھنڪري انهن آوازن کي عيوضي آواز (allophone)
ڪوٺڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. اهڙي قسم جي جاچ وڌائڻ بعد
اهو به معلوم ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪنھن به لفظ ۾
اڳيان
’ش‘
جو آواز/ اکر ڪم نه ٿو اچي. (بلوچ،
1999:
447)
ان حالت ۾ سوال اهو ٿو کڙو ٿئي ته پوءِ
’ڇ‘
۽
’ش‘
عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ الڳ الڳ آواز/ اکر طور ڇو ٿو
پڙهايو وڃي؟
·
سنڌي لفظن جي منڍ ۾
’ش،
ف ۽ ي‘
نه اچڻ بابت
مٿئين سوال جو جواب اهو ئي آهي ته ڪافي ٻولين جا
لفظ اسان جي ٻوليءَ ۾ ضم ٿي پنھنجائپ جو روپ وٺي
چڪا آهن، جھڙوڪ: ڇِرڪ ۽ شِرڪ.
’ڇرڪ‘
سنڌي لفظ آهي، جڏهن ته
’شرڪ‘
عربي لفظ آهي؛ پر جيئن ته اهي ٻئي مختلف لفظ
ٻوليءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن، تنھن ڪري ان کي
آئيويٽا ۾ جاءِ ڏيڻي ٿي پئي. اهو ته هڪ علمي بحث
آهي، جنھن هيٺ ٻيا به آواز توري سگهجن ٿا.
اهڙن مشترڪ اکرن جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
ڄاڻائي ٿو:
”ساهتي
پرڳڻي جي علمي مرڪزن مان درٻيلي جي عالم نظام
الدين بن عبدالرزاق، فارسي صَرف بابت
’شمع
انجمن‘
نالي هڪ تفصيلي ڪتاب (سن
1112هه
بمطابق
1710ع
۾) لکيو، ان جو
’انيس
انجمن‘
جي عنوان سان اختصار ڪيائين. هن اختصار جي پھرئين
باب ۾ زمانن، فعل جي گردانن ۽ مصدرن جو بيان آهي.
باب ٻئي ۾ فارسي اسمن جو سنڌيءَ ۾ الف- بي وار
ترجمو ڏنل آهي: پر جيئن ته مصنف جو مکيه مقصد
’سنڌي
لفظ‘
آهن، انهيءَ ڪري
’الف-
بي وار‘
وارو اصول به
’سنڌي
لفظن‘
سان لڳايو اٿس ۽ نه فارسي لفظن سان، يعني ته
’الف‘
جي باب هيٺ، معنى طور، اهي سنڌي لفظ آندا اٿس،
جيڪي الف سان شروع ٿين ٿا. مثال:
|
فارسي لفظ |
سنڌي لفظ
’الف‘
سان |
فارسي لفظ |
سنڌي لفظ
’الف‘
سان |
|
افسانه |
آکاڻي |
دَلمل |
آڀون |
|
روده |
آنڊرو |
آبخور |
آنھه |
|
انب |
آمُون |
دوغ |
آکر |
|
شڪنبہ |
اوجهري |
سرماڪ |
اک ٻوٽ (راند) |
|
بُڪاءُ |
اوڇنگار |
آونگ |
اُڄٺ (ڇڪو) |
|
غنُودن |
اوجهرائڻ |
افلت |
اڻ- طھريو |
|
دَرز |
اوٽِي |
قي |
اٿلڻ |
هن سٽاءَ مان ظاهر آهي ته مصنف’سنڌي-
فارسي لغات‘
ئي لکي رهيو هو. ان جي وضاحت هن باب جي آخر ۾ سندس
لکيل هيٺين عبارت مان ٿئي ٿي جو
’ي‘
وارا لفظ آندا ئي ڪونه اٿس:
’ياي
در (اول) لفظ سندي نمي آيد و هر حرف ڪه در اول
سندي نمي آيد بمڪان خود ياد ڪرده ايم.‘
يعني:
’ي‘
(ڪنھن به) سنڌي لفظ جي شروع ۾ ڪانه ٿي اچي؛ انهيءَ
ڪري اهڙا حرف جيڪي سنڌي لفظن جي شروع ۾ نه ٿا اچن
سي پنھنجي جاءِ تي آندا اٿم.‘
سنڌي لغت جي مطالعي جي لحاظ سان، مصنف جو هيءُ
بيان نھايت اهم آهي ته ڪوبه نج سنڌي لفظ
’ي‘
سان شروع نه ٿو ٿئي. اهڙيءَ طرح
’ش‘
هيٺ پڻ لفظ ڪونه آندا اٿس ۽ ڄاڻايو اٿس:
’ڪي
حرف اهڙا آهن جيڪي سنڌي لفظ جي شروع ۾ نه ٿا اچن ۽
اهي هي آهن: ث، ح، خ، ذ، ز، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ،
ف، ق، ي‘
ان مان ڪن ٿورن سنڌي لغت جي انهيءَ انوکائيءَ کي،
جنھن ڏانھن مصنف ڌيان ڇڪايو آهي، محسوس ڪيو هوندو
ته ڪوبه نج سنڌي لفظ
’ش، ف يا ي‘
سان شروع نه ٿو ٿئي.“
(بلوچ،
1999:
447)
ڊاڪٽر بلوچ جي ان راءِ کي جاچڻ لاءِ ته
’ڪوبه
نج سنڌي لفظ
’ش،
ف يا ي‘
سان شروع نه ٿو ٿئي‘،
چند لفظ خيال خاطر آڏو رکجن ٿا:
’ش‘
سان شروع ٿيندڙ لفظ:
سنسڪرت/ سنڌي: شاستر/ شاستر- سينھه/ شينھن- سيوا/
شيوا- شوش/ شوڪارڻ وغيره
عربي: شرڪ- شرم- شروع- شھيد- شوق- شعاع- شيخ-
تشبيھه وغيره.
فارسي: شادي- شاه- شڪرو- شھتير- شير- شان- شاباس-
شاخ- شاداب- شمار- وغيره.
ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ وزن رکي ٿي ته
’ش‘
سان ڪوبه نج سنڌي لفظ شروع نه ٿو ٿئي. اصل ۾
سنڌيءَ ۾
’ش‘
سان لفظ ڪم ايندڙ جو بنياد گهڻي قدر سنسڪرت مان
ملي ٿو. ان کان علاوه اها ڳالھه ياد رهي ته
ديوناگري آئيويٽا ۾ جتي
’ز‘
جو آواز ئي ڪونھي، اتي
’ش‘
جي آواز جا ٻه اکر آهن. ان ليکي تحت اهو ته چئي
سگهبو ته سنسڪرت ۾
’ش‘
سان لفظ ٿي سگهن ٿا، پر نج سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪونھن-
هڪ وڌيڪ تحقيق طلب ڳالھه آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان اها ڳالھه به نوٽ ڪئي
وئي آهي ته نج سنڌي ٻوليءَ ۾
’ش‘
۽
’ڇ‘
سان ڪي به اهڙا لفظ ناهن جيڪي بدل حرف سان ڪي
مونجهارا ڪندا هجن. البت، مختلف لفظن ۾ انھن جو
استعمال ٿئي ٿو، ان بنياد تي اهي صوتيا سڏجن ٿا.
ان بنياد تي ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ کي ڪنھن حد تي
وزنائتو چئي سگهجي ٿو، ليڪن پوءِ به تحقيق طلب
آهي.
’ف‘
سان شروع ٿيندڙ لفظ:
سنسڪرت/ سنڌي: سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ اهڙا لفظ
ڪونھن.
عربي: فصل، فساد، فرد، فراق، فدا، فرصت، فطرت،
فقير، فلڪ، فن وغيره.
فارسي: فسانو/ افسانو، فرياد، فرمان، فرلانگ،
فراموش، فالتو، فھرست وغيره.
هن اکر سان ڪوبه نج سنڌي لفظ شروع نه ٿو ٿئي.
’ي‘
سان شروع ٿيندڙ لفظ:
سنسڪرت/ سنڌي: يجر ويد وغيره
عربي: ياقوت، يقين، يتيم، يوم وغيره.
فارسي: يزدان، ياسمين، يار، يادگيري، يڪراءِ،
يگانو وغيره.
هن اکر سان به ڪوبه نج سنڌي لفظ شروع نه ٿو ٿئي،
البت سنسڪرت ۾ ڪي لفظ آهن.
·
صوتيي آهر، سنڌي ٻوليءَ ۾ مستعمل عربي سنڌي لفظن
جي جاچ
مٿي
’ڇ‘
۽
’ش‘
کي جاچي ڏٺو ويو. جيڪي صوتين جي معيار تي به پورا
نه ٿا لھن، تنھن هوندي به صوتيا سڏجن ٿا. ايئن ئي
عربي آوازن کي به ڏسي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي
عربي آواز بدلائي سنڌي آواز به رکيا ويا آهن، جيئن
’ڪثر‘
بدران
’ڪَسَرَ‘
يعني اُٽلَ. ان کان علاوه ڪافي اهڙا لفظ آهن، جن
جي سنڌي استعمال ۾ تحريري صورت جو خيال رکيو ويندو
آهي. اهو خيال معنوي فرق جي بنياد تي ئي ڪيو ويندو
آهي، جيئن:
·
الف ۽ ع: اَمبر (آسمان/ اُڀ)- عَنبر (هڪ خوشبوءِ
واري وکر جو نالو)، اَلَم (ڏک- درد- رنج)- عَلَم
(جهنڊو- انگاس)، عَھد (عالم ارواح وارو وچن)- اَحد
(اهڙو هڪ اسم، جنھن جا حصا ممڪن نه هجن)، آسي-
عاصي، لعل (جواهر)- لال (ڳاڙهو)‘
(هتي الف ۽ ع جي وچ ۾ صوتيي جي جاچ ڪئي ويئي. بيشڪ
سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ناهن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم
آندا ويندا آهن. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال نه
ٿيندا هجن، ان صورت ۾ انھن کي صوتيو تسليم نه ڪبو،
پر جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم اچن ٿا ته لازمي طور انھن
کي الڳ الڳ صوتيو (phoneme)
ڪوٺبو).
·
ث، ص ۽ س: ثمر (ميوو- ڦَل- نتيجو)- سمر (مسافريءَ
جو سامان- توشو- راهه خرچ- ذخيرو- ٻٻر جو وڻ)-
صمر (پاڻيءَ جو وهڪرو- پاڻيءَ جي بوءِ)، سَدا
(هروقت)- صدا (پڪار)، صُورت (شڪل/ حالت)- سُورت
(شھر جو نالو)، ثواب (چڱو ڪم)- صواب (سڌو سنئون
رستو)، صَفر (عربي مھينو)- سَفر (مسافري)
(سنڌي ٻوليءَ ۾’صمر‘
جو استعمال ته آهي ڪونه، باقي
’ثمر‘
۽
’سمر‘
ڪم آندو وڃي ٿو، ان لاءِ انھن کي سنڌي ٻوليءَ ۾
صوتيو ڪوٺڻ ۾ ڪو حرج ڪونھي).
·
ذ، ز، ض ۽ ظ: نذر (صدقو- نياز- سوکڙي)- نزر (بي
فيض ماڻھُو)- نضر (تازو)- نظر (اکين جي روشني-
ڏيک- ويچار)
(هنن لفظن مان سنڌي ٻوليءَ ۾
’نذر‘
۽
’نظر‘
جو معنوي فرق جي بنياد تي گهڻو استعمال آهي، ان
لاءِ اهڙن آوازن کي، خاص طور جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾
ڪم اچن ٿا، صوتيو ئي سمجهڻو پوندو.)
·
ت ۽ ط: هن ۾ لچڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته
’توتو‘
کي اسان
’طوطو‘
ڪري لکندا آهيون. گهٽ لفظ اهڙا هوندا، جن ۾
تبديليءَ سان معنوي فرق سامھون ايندو هجي. اهو به
ڏٺو ويو آهي ته جتي اصولي طور
’ت‘
جو استعمال ٿيل هوندو آهي، ته عربي ماڻھو ان کي
’ط‘
۾ تبديل ڪري اچاريندا آهن، جيئن:
’افتعال‘
جي وزن تي
’اصتلاح‘،
جنھن کي عربي اچار نسبت،
’اصطلاح‘
ڪري اچاريو ۽ لکيو ويندو آهي. اهڙا آواز بيشڪ بدل
آواز (allophone)
سڏي سگهجن ٿا.
·
هه ۽ ح: هار (مالھا- ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳھُه)- حار
(گرم)
(سنڌي لفظ ۽ عربي لفظن ۾ اهي آواز ڪم اچن ٿا،
جيڪڏهن عربي لفظن کي بدل آواز سمجهبو ته پوءِ
تحريري صورت ۾ مسئلو ٿيندو. ان لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾
اهي ٻئي الڳ الڳ صوتيا سڏبا).
·
ڪ ۽ ق: چاڪُ (زخم- چير- ڦٽ)، چاق (چڱو ڀلو)، ڪلم
(ڳالھائڻ- گفتگو ڪرڻ)، قلم (ڪٽڻ- لکڻ جو اوزار)،
’سڪر
= پيار، چُمي‘
۽
’سَقر
(جھنم/ تڪليف)، قمر- ڪمر، قد (ڊيگهه)- ڪَد (هوڏ/
وڏائي)- ڪُل (سڀ) ۽ قُل (آيتون/ فاتحه)
(معنوي فرق جي بنياد تي اهي الڳ الڳ صوتيا سڏڻ
گهرجن)
ڪمپيوٽنگ انجيئرنگ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌي
ٻوليءَ ۾ عربي وينجن آواز وڏو مسئلو ڪن ٿا، ان
بنياد تي ته هڪ وينجن آواز جا مختلف اکر ٿين ٿا،
جنھن سبب مشين ريڊنگ يا ٽيگنگ (tagging)
۾ وڏا مسئلا ٿين ٿا. حقيقت ۾ ته اهڙا مسئلا سنڌي
لفظن جي
’زيرن
زبرن‘
۽ گرامر جي اٺن لفظن سان به ٿين ٿا. اصل ۾ آٽو
الگروٿم (auto
algorithm)
ذريعي، جملي جي بيھڪ (rearrangement)
سان لفظ جي ساخت بيھندي ۽ جملي جي بيھڪ سان ئي لفظ
معنى ڏيئي سگهي ٿو. ان لاءِ اسان کي ٽيگنگ پراسيس
کي سڌارڻو پوندو.
·
حاصل مطلب/ نتيجو
صوتيي ۽ بدل آواز بابت وضاحتن ۾ مونجهارا ڏسڻ ۾
آيا آهن. پروفيسر جتوئي، علم لسان جو برک عالم
رهيو، ان جون وضاحتون صاف ۽ سڌيون رهيون آهن.
البت، ڪٿي ڪٿي سندس راءِ سان اختلاف رکي سگهجي ٿو.
هتي عربي آوازن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتين هجڻ يا نه
هجڻ جو اختلاف سامھون آيو آهي. ياد رهي ته اهڙو
آواز جيڪو ڪن لفظن جي جوڙن ۾ مٽا سٽا سان معنوي
فرق پيدا ڪري، ته ان کي صوتيو (phoneme)
ڪوٺيو ويندو آهي.
·
پروفيسر جتوئيءَ جو خيال آهي ته
’سنڌي
آوازن جھڙا جيڪي عربي آواز ورتا وڃن ٿا، تن ۾ صرف
تحريري صورت جو فرق آهي، باقي آوازَ ساڳيا آهن، ان
ڪارڻ
’صوتيو‘
به ساڳيو سمجهيو ويندو.‘
هتي اها ڳالھه سامھون ٿي اچي ته عربي آوازن وارا
لفظ به سنڌي ٻوليءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن، ان لحاظ
کان جيڪي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا وڃن ٿا، تن جي
آوازن کي صوتيي جي پيراميٽر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
·
توڻي جو عربي آواز اسان سنڌي ماڻھو اچاري نه ٿا
سگهون، پر صورتخطيءَ ۾ ان جو خيال رکيو ويندو آهي،
ان لاءِ ته انھن سان لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ٿئي
ٿو، جيئن:
·
اَمبر (آسمان/ اُڀ)- عَنبر (هڪ خوشبوءِ واري وکر
جو نالو)
·
سدا (هروقت)- صدا (پڪار)
·
نذر (صدقو- نياز- سوکڙي)- نظر (اکين جي روشني-
ڏيک- ويچار)
·
هار (مالھا- ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳھُه)- حار (گرم)
·
چاڪُ (زخم- چير- ڦٽ)، چاق (چڱو ڀلو)
·
البت،
’ت‘
۽
’ط‘
۾ لچڪ اچي ٿي، جيئن
’توتو‘-
’طوطو‘.
ان لحاظ کان اهي آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ عيوضي آواز (allophone)
طور بيھي ٿو. عربي ٻوليءَ ۾
’ت‘
کي
’ط‘
۾ بدلائڻ واري ڪارِ آهي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾
’ط‘
يا
’د‘
کي
’ت‘
۾ بدلائڻ واري ڪارِ آهي. اهڙي حالت ۾ بيشڪ
’ط‘
يا
’د‘
جو بدل آواز
’ت‘
ظاهر ٿئي ٿو.
·
جنھن صورت ۾ عربي وينجن آواز سنڌي ٻوليءَ جي
آئيويٽا جو حصو آهن ۽ صورتخطيءَ ۾ معنوي فرق جي
بنياد تي ڪم آندا ويندا آهن، ان لحاظ کان اهي به
سنڌي ٻوليءَ نسبت صوتيا (phonemes)
سڏبا.
·
موجوده صورت ۾ سنڌي صورتخطيءَ مان عربي آوازن جو
اخراج ممڪن ڪونھي.
·
سنڌي ٻوليءَ لاءِ مشين ريڊنگ يا ٽيگنگ واري عمل
لاءِ تمام گهڻي ڊيٽا ۽ لفظن جي ٽيبل بيھاري
ڪمپيوٽنگ واري مرحلي ۾ ڏيڻي پوندي. اهڙو مختلف
اکرن کان ساڳئي آواز وٺڻ واري ڪار انگريزيءَ ۾ ته
تمام گهڻي آهي، جيئن:
’ڪ‘
جو آواز مختلف اکرن کان وٺن ٿا، جيئن:
k , c, ck, qu, ch, cc, cch, kk, lk, kh, cqu, cu,
gh, g, q
، مثال:
key,
cat,
back,
bouquet,
chemistry,
mecca, Pinocchio, dekko,
walk,
khan,
lacquer, biscuit,
lough,
sgraffito,
qat
·
انگريزي ٻوليءَ وارا اهڙي معاملي کي ريسرچ جي
بنياد تي کڻن ٿا، جڏهن ته اسان وٽ ريسرچ جو ڪلچر
گهٽ ۽ ڊولپنگ ڪلچر گهڻو ٿي ويو آهي. ان لاءِ
ريسرچ جي بنياد تي ڪم ڪندڙن جي پوئواري ڪرڻ گهرجي.
·
اسان کي گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ کي مشيني ٻولي بڻائڻ
لاءِ ٽيگنگ سسٽم کي مضبوط بڻايون ۽ مختلف لفظن جي
آوازن لاءِ عربي يا مختلف ٻولين جي ٽيگنگ سسٽم کي
ڏسون ۽ لفظي ڊيٽا ۽ آوازن جي ٽيبل ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ
محنت ڪريون.
·
حوالا/ ذريعا
·
ابڙو- آفتاب
(1992ع)
سنڌي جونيئر اسڪول ڊڪشنري- ڪراچي: سنڌي ڪتاب گهر.
·
آڏواڻي، ڀيرومل، مھرچند
(2022ع)
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو.
·
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر
(1999ع)
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ- پاڪستان اسٽڊي سينٽر
ڄامشورو.
·
جتوئي، علي نواز، پروفيسر
[1968ع]
1996ع.
علم لسان ۽ سنڌي زبان- ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي.
·
شازيه سفير، ڊاڪٽر
(2017ع)
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي
اڀياس. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو. |