|
رابندرناٿ ٽئگور
(عالمي ادب)
سنڌيڪار: بيدل مسرور بدوي
”تڪميل“
(ناوليٽ)
باب پهريون:
ڪرشنا، بي اي (BA)
جو امتحان پاس ڪري، ڪلڪتي کان ٻيڙيءَ رستي پنھنجي
ڳوٺ پئي آيو. ندي گهڻي وڏي ڪانه هئي. برساتن کان
پوءِ گهڻو ڪري سُڪي به ويندي هئي، اڄڪلھه سانوڻيءَ
جي پوياڙيءَ سبب، اُن ۾ ايترو پاڻي ڀرجي ويو هو جو
اهو ڳوٺ جي ويجهين جاين تائين ۽ خاص طور بانس جي
واڙين جي هيٺان گڏ ٿي ويو هو.
ڪيترن ڏينھن تائين تمام گهڻي برسات پوَڻ کان پوءِ
اڄ رڳو ڪڪررڳو آسمان تي پئي ڦيرا ڏنا ۽ سج جو
تِڙڪو به نڪري آيو هو. ٻيڙيءَ تي ويٺي ئي ڪرشنا جي
مَن ۾ جُڙندڙ تصوير کي جيڪڏهن ڏسي سگهان ها، ته
مون کي نظر اچي وڃي ها، ته سندس تصور واري نديءَ
۾، مينھن جي ڪَنن تار پاڻيءَ ۾، سج جي تڙڪي ۾ پيدا
ٿيندڙ ترورا ۽ هوا جون لھرون سندس اندر کي ڪھڙي
تراوت ڏئي رهيا هئا.
ٻيڙي پنھنجي معمول مطابق اچي گهاٽ سان لڳي. نديءَ
جي ڪناري وٽان ئي ڪرشنا جي گهر جي ڇت، وڻن جي وچ
مان ئي نظر پئي آئي. ڪرشنا پنھنجي اچڻ جي خبر گهر
وارن کي ڪانه ڏني هئي، اِن ڪري گهاٽ تي سندس
آڌرڀاءَ لاءِ ڪو به نه آيو هو. مانجهيءَ ٻيڙيءَ
تان سندس صندوق کڻي، لاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته
ڪرشنا کيس روڪي ورتو ۽ پاڻ ئي پنھنجي صندوق کڻي،
خوشيءَ وچان، ٽپ ڏئي ٻيڙيءَ تان لھي آيو.
نديءَ جي ڪناري تي ترڪڻ ٿي وئي هئي، ۽ جيئن ئي
ڪرشنا ٻيڙيءَ تان پير هيٺ لاٿو ته صندوق سوڌو
تِرڪي گپ ۾ ڪِري پيو. گپَ ۾ تِرڪندي ئي، اوچتو
ڪنھن پاسي کان، وڏي ٽھڪ جو ڏاڍو سُريلو آواز
ٻڌائين، جنھن سبب ڀرسان پپل واري وڻ تي ويٺل
جهرڪيون به ڇِرڪي ويون.
ڪرشنا نھايت شرمساريءَ وچان پاڻ سنڀالي، اٿڻ جي
ڪوشش ڪئي ۽ اٿي هيڏي هوڏي نھارڻ لڳو. ڪنھن شخص
ٻيڙيءَ تان سِرون لاهرائي، ڪناري جي ڀرسان، گڏ ڪري
رکايون هيون، جنھن تي ويٺل هڪ الھڙ ڇوڪري، وڏا وڏا
ٽھڪ ڏئي رهي هئي. ڪرشنا کيس سڃاڻي ورتو، هوءَ سندس
پاڙيسري ڇوڪري، ”مرڻا“ هئي. سندس گهر به اتي نديءَ
جي ڀرسان ئي هو .
مرڻا جي حرڪتن جي هرڪو شڪايت ڪندو هو، ڳوٺ جي هر
ماڻھوءَ کي تنگ ڪندي رهندي هئي، اُن جي باوجود
ڪيترا مرد کيس پيار وچان ”چري“ چوَندا هئا، پر گهر
گهرهستڻيون سندس چلولاين ۽ هَٺيلي هجڻ سبب بيزار
هونديون هيس. کيڏندي ڪُڏندي به ڇوڪرن سان هئي، پاڻ
جيڏين ڇوڪرين سان ته صفا نه لڳندي هئس. هوءَ اهڙي
ته کيچلي هئي، جو مردن واري سماج ۾ کيس مرهٽن
وانگر جهيڙاڪر چئي سگهجي ٿو.
پيءُ جي به لاڏلي هئي، اِن ڪري ڪجهه وڌيڪ هٺيلي ۽
ناز نخري واري ٿي پئي هئي. ۽ ماڻس به شڪايت ڪرڻ
وارين ماين کي، ڏوهه سندس پيءُ جو ئي ٻڌائيندي
هئي، جنھن کيس مٿي تي چاڙهيو هو ۽ سندس ناز نخرا
سھَندو هو. جيستائين هو ڳوٺ ۾ رهندو هو ته مرڻا جي
اکين ۾ هڪڙو لڙڪ ڏسڻ به نه چاهيندو هو. اِن خيال
کان ۽ خاص طور تي، مُڙس جي پرديس ۾ رهڻ سبب ماڻس
به سدائين پئي ٺرندي هئس.
مرڻا، رنگ جي سانوري هئي. هُن جا ننڍڙا ننڍڙا
گهنگهريالا وارا ڪلھن تي پيا کيڏندا هئا، سندس شڪل
ڇوڪرن جھڙي هئي، سندس اکين ۾ ٿورو به شرم حياءُ،
نه ئي منھن تي ڪنھن ڊپ ڊاءُ جو آثار هئس، اِن
هوندي به منجهس عشق بازيءَ جو ڪو اهڃاڻ ڪونه هو.
قداور، تندرست ۽ طاقتور هئي، پر عمر ۾ ننڍي هئي يا
وڏي، ان سوال تي، ڪنھن به ڪڏهن نه سوچيو هو، پر جي
ڪنھن سوچيو به هجي ها ته اِن عمر تائين، سندس
شادي نه ڪرائڻ واري معاملي تي سندس مائٽن تي ملامت
ضرور پوي ها. ڪڏهن ڪڏهن يا جڏهن به ڪنھن زميندار
جي ٻيڙي اچي گهاٽ سان لڳندي هئي، ته ڳوٺاڻا ان جي
کونس کيچلائيءَ سبب ٿورو هوشيار رهندا هئا. ۽ خاص
طور عورتون سندس هٿ چراند ڏسي، نڪ تي ڪپڙو رکي يا
منھن ڍڪي ڇڏينديون هيون. پر مرڻا الائي ته ڪنھن جو
اگهاڙو ٻار ڪڇ تي کڻي، گهنگهرايالن وارن کي
لوڏائيندي، اچي گهاٽ تي رسندي هئي. جنهن ديس ۾ نه
ڪو شڪاري هجي، نه ئي ڪنھن جي کڄي وڃڻ جو ڊپ ڊاءُ
هجي، اتي هرڻ جي ٻچي وانگر بي خوف ۽ حيرانيءَ وچان
بيٺي، هيڏانھن هوڏانھن نھاريندي هئي، جنهن کان
پوءِ پنھنجي ساهيڙين ڏي وڃي، اُن آيل شخص جي رنگ
ڍنگ جي باري ۾ نھايت فضول ڳالھيون ڪندي هئي.
موڪلن ۾ گهر اچڻ واري اسان جي ڪرشنا بابوءَ ان
ڇڙواڳ ڇوڪريءَ کي ٻه چار ڀيرا اڳ به ڏٺو هو.
واندڪائي هجڻ يا نه هجڻ جي باوجود به ڪرشنا اُن جي
باري ۾ ڪڏهن به ڪجهه به نه سوچيو هو. ظاهر آهي،
دنيا ۾ ڪيتريون ئي صورتون اکين اڳيان اينديون ٿيون
رهن، پر پوءِ به ڪي صورتون اهڙيون ٿين ٿيون، جيڪي
بنا پڇا ڳاڇا جي دل ۾ گهر ڪري ويھي رهنديون آهن.
اُن جو سبب رڳو حسن ئي نه هوندو آهي پر ڪا ٻي
ڳالھه به هوندي آهي، شايد اُها سِيرتَ ۽ صِفت جي
اوجلتا هوندي آهي، جنھن جي آرپار ڏسي سگهبو آهي.
گهڻين حالتن ۾ انسان جي اصلي فطرت جي خبر ڪانه
پوندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اُن جي صورت ڏسي، اُن جي
فطرت ظاهر ٿي پوندي آهي. هزارين شڪلين مان، انسان
جي نظر اُن اصل صورت تي پوندي آهي، جيڪا اُن ئي پل
۾ دل تي نقش ٿي ويندي آهي.مرڻا جي نيڻن ۾ جهنگل جي
آزاد هرڻ جي شوخي ۽ بيپرواهه انساني فطري رونق نظر
ايندي هئي. اهو ئي سبب هو، جو سندس چنچل چھري کي
هڪ ڀيرو ڏسڻ کان پوءِ وسارڻ مشڪل هو،
پڙهندڙن کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي، ته مرڻا جي
مذاق مذاق ۾ ٽھڪ ڏيڻ يا سندس مٺڙي سُريلي آواز،
ڪرشنا جي دل تي ٿورو گهاءُ ضرور لڳايو هوندو.
بھرحال ڪرشنا پنھنجي صندوق مانجهيءَ کي ڏئي اٿي
بيٺو ۽ وري صندوق مانجهيءَ کان وٺي گهر ڏانھن
روانو ٿي ويو.
گهاٽ تي ته تمام گهڻو ۽ وڻندڙ سامان گڏ ٿيل هو،
نديءَ جو ڪنارو، وڻن جي ڇانوَ، جهرڪين جي چُڻ ڀُڻ،
صبح جي ٿڌيرڙي اُس، ڪرشنا جو ويھن سالن جو سَنُ...
البت سِرن جو ڍير ذڪر ڪرڻ جھڙو نه هو، پر اُن تي
جا ويٺي هئي، جنھن ان جاءِ کي به دلربا بڻائي ڇڏيو
هو. وڏي افسوس جي ڳالھه آهي ته اهڙي سھڻي ماحول ۾
پھريون قدم ڌريندي، ڪرشنا جي تصور ۾ اڀرندڙ سموري
تخليقي شاعريءَ کل جھڙي صورت اختيار ڪري ورتي هئي،
ظاهر آهي!، اِن کان وڏي ستم ظريفي ٻي ڪھڙي ٿي ٿِي
سگهي!
باب ٻيو:
گپَ ۾ ڀريل چادر ۽ صندوق کنيو ڪرشنا سِرن تي ويٺل
اُن ڇوڪريءَ جا ٽھڪ ٻڌندي، وڻن جي پاڇن مان
لنگهندي، پنھنجي گهر وڃي پھتو. اوچتو پُٽ کي گهر
آيل ڏسي، ڪرشنا جي رنڙ ماءُ بھار بھار ٿي وئي. اُن
ئي وقت پاڙي جي ڇوڪري کي ڊوڙائي ڏنڀرو گهرائي
ورتائين. پاڙيسرين کي به سندس اچڻ جي ٻاٻور پئي ته
اُهي به ساڻس ملڻ آيا. ماني کائڻ کان پوءِ ماڻس
ساڻس شاديءَ جي ڳالھه چوري، ڪرشنا به شايد شاديءَ
ڪرڻ لاءِ تيار هو. حالانڪ شاديءَ جو ذڪر ته اڳي به
نڪتو هو، پر ڪرشنا نئين تھذيب مطابق ضد ڪيو هو ته
جيسيتائين هو بي.اي پاس نه ڪندو، شادي به نه ڪندو.
ماڻس به سندس بي.اي پاس ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ پئي
ڏينھن ڳڻيندي هئي. سو هاڻي ته ڪو ٻيو بهانو ڪري نه
ٿي سگهيو.
پوءِ به ماءُ تي رعب رکندي چوڻ لڳو: ”اڳ ۾ ڇوڪري
ته ڳوليو، پوءِ ڪو فيصلو ڪبو!“ ڪرشنا ماءُ کي چيو.
”ڇوڪري ڳولي ورتي آ، بس تون رڳو هائو ڪر!“ ماڻس
چيو.
”پر آئي، مان اول ڇوڪريءَ کي پاڻ ڏسندم، اُن کي
ڏسڻ کان سواءِ شادي نه ڪندم!“
”هاءِ ماءُ گهوري... اهڙي نرالي ڳالھه ته مان اڄ
ٿي ٻڌان ابا!“ پر ٿوري دير کان پوءِ ماڻس راضي ٿي وئي.
رات جو ڪرشنا جڏهن لالٽين وسائي سمھڻ لڳو ته کيس
ننڊ ڪانه ٿي آئي، کٽ تي سُتي سُتي، سانت- رات جي
ٻئي پار کان سندس ڪنن ۾ اُهي سُريلا ٽھڪڙا ٿي
ٻُريا ۽ پنھنجي ترڪي پوڻ وارو منظر سندس اکين
اڳيان ڦِرڻ لڳو ته پنھنجي مُنھن ڀڻڪڻ لڳو:
’ان ڇيڳريءَ کي، کلڻ جي ڪا سزا ضرور ملڻ گهرجي،
هُن اهو ڇو نه ڄاتو ته هاڻي ڪرشنا وڏي تعليم وٺي
آيو آ، ڪلڪتي جھڙي وڏي شھر ۾ رهيو آ، اتفاق سان،
جي گپ ۾ پير ترڪي به پيو ته ڇاٿيو، پر مان اهڙو
تھڙو ڪو وائڙو ڳوٺاڻو ته ناھيان! جنھن تي ايترو
کجڪو ڪجي ۽ وري وڏا وڏا ٽھڪ به ڏجن.‘
ٻئي ڏينھن ڪرشنا پنھنجي ٿيڻ واري زال کي ڏسڻ لاءِ
ويو. اهي ڪي، گهڻو پري ڪونه رهندا هئا، ڀر واري
گهٽيءَ ۾ سندن گهر هو. ڪرشنا پاڻ کي ٺاهي سنواري،
ڌوتيءَ جي جاءِ تي ريشمي پاجامو ۽ مٿان جبو پائي
ورتو. مٿي تي پڳڙي ٻڌائين، ۽ چمڪيلو گهيتلو پائي،
ريشمي ڇَٽي هٿ ۾ جهليائين ۽ صبح جو سوير ئي ساهري
گهر روانو ٿي ويو.
ٿيڻ واري ساهري گهر ۾ پير پائيندي ئي ڪرشنا جو وڏو
آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. دل جي سچائيءَ سان سندس مھماني
ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ گهٻرايل ڇوڪريءَ جي هٿن
پيرن کي رنگ لڳائي، ٻانھن ۾ رنگين ڪنگڻيون پارائي،
وارن ۾ سونهري پٽي لڳائي، سينگاري سنواري، رنگين
۽ سنھي ساڙهيءَ ۾ ويڙهي کيس، ڪرشنا جي آڏو آندو
ويو. هوءَ هڪ ڪنڊ ۾ پنھنجو ڪنڌُ جهڪائي، چُپ چاپ
اچي، ويهي رهي. سندن جهوني ڪم واري، پٺڀرائيءَ
لاءِ سندس پويان اچي ويٺي، ڪنوار جو هڪ ننڍو ڀاءُ
رکال، پنھنجو گهر ۾ ائين ٺھي سنڀري اچڻ واري ڪرشنا
جي پڳڙي، ٻانھن ۾ ٻڌل گهڙي ۽ منھن تي مليل پائوڊر
کي گهڻي غور سان نھاري رهيو هو . ڪرشنا به نيٺ
پنھنجي مُڇ کي مروڙو ڏئي، ڪنوار کان پڇي ورتو:
”تون ڇا پڙهندي هان؟“ اوچتو ڪرشنا جو جملو ٻڌي
ڇوڪري پريشان ٿي وئي، پوءِ ڪنوار جي واتان ڪو جواب
نه نڪتو، ته سندس گهر جي اُن جهونيءَ ڪم واريءَ
سندس پُٺيءَ تي ٺپڪي ڏيندي، همت ٻڌرائي ته هلڪي
لهجي ۾ پر تڪڙ تڪڙ ۾ چئي وئي:
”پاٺ شالا حصو ٻيو، گرامر جو ڪتاب پھريون،
جاگرافي، حساب... ۽ هندستان جي تاريخ.“
ايتري ۾ ٻاهران ڪنھن جي ڊوڙي اچڻ جو آواز آيو ۽
ٻئي پل ڊوڙندي، سھڪندي، پنھنجي وارن کي پويان
جهٽڪا ڏيندي، مرڻا اچي ڪمري ۾ ٺڪاءُ ڪيو. ڪرشنا کي
نظرانداز ڪندي، ڪنوار جي ڀاءُ رکال جو هٿ جهلي اُن
سان کيڏڻ لاءِ کيس گھِلڻ لڳي، رکال اُن وقت پنھنجي
ڪنھن ڪم ۾ مصروف هو ، ان ڪري هن، ڪنھن به صورت ۾
اٿڻ نه ٿي چاهيو، جنھن تي اُن ڪم واري جهونيءَ
نوڪرياڻيءَ مھمانن جي موجودگيءَ سبب دٻيل آواز ۾
مرڻا کي دڙڪو ڏنو، ۽ ڪرشنا تي ظاهر ڪرڻ کانسواءِ
ئي مٿس هٿ اولاريو. ڪرشنا پنھنجي عزت کي بچائڻ جي
چڪر ۾ ته ڪٿي مرڻا ساڻس ڪا حرڪت نه ڪري وجهي، هن
پنھنجي پڳڙيءَ کي اڳتي پوئتي ڪيو ۽ کيس لنوائي،
مٿي ڇت ڏانھن نھارڻ لڳو، ۽ پنھنجي پيٽ تي لڙڪيل
گهڙيءَ جي زنجيريءَ کي، آڱر تي ڦيرائڻ لڳو.
پر پوءِ جڏهن مرڻا ڏٺو ته رکال ساڻس گڏ کيڏڻ لاءِ
تيار ناهي ته هُن کيس زور واري مُڪ وهائي ڪڍي ۽
اُٻهرائيءَ وچان، وڃي ڪنوار جي گهونگهٽ کي سَٽَ
ڏئي لاهي ڇڏيائين ۽ ڊوڙندي ٻاهر هلي وئي. ڪم واري
جهوني نوڪرياڻي ڪاوڙ ۾ صفا باهه ٿي وئي ۽ کيس بدشد
ڳالھائڻ لڳي، پر رکال پنھنجي ڀيڻ جو گهونگهٽ لھي
وڃڻ تي وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳو.هُن پنھنجي پٺيءَ
تي پوندڙ زبري مُڪ جو به برو نه ڀانيو، ڇاڪاڻ ته
سندن وچ ۾ ان قسم جي کيچل مستي هلندي رهندي هئي.
ايتريقدر جو هڪ ڀيري رکال قينچي کڻي مرڻا جي
گهنگهريالن وارن جون ڊگهيون ڊگهيون چڳون ڪٽي ڇڏيون
هيون، جيڪي سندس چيلھه تائين لڙڪنديون هيون. مرڻا
به تِيسي ۾ اچي، رکال کان قينچي کسي، پنھنجا باقي
بچيل وار به ڪٽي ڇڏيا، جيڪي انگورن جي ڇڳن وانگر
پٽ تي اچي پيا هئا، جن کي ڏسي مرڻا کي ٿورو به
افسوس نه ٿيو هو.
ڪنوار ڏسڻ وارو معاملو اُتي ئي رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته
ڪپڙن جي ڪنھن ڳنڍ وانگر ويٺل ڪنوار به اُٿي،
جهونيءَ نوڪرياڻيءَ سان گڏجي پنھنجي ڪمري ۾ هلي
وئي هئي، تڏهن ڪرشنا به پنھنجي تيل مکيل مُڇن کي
تاءُ ڏئي، گهر ڏانھن موٽي وڃڻ لاءِ اٿيو، پر جڏهن
دروزاي وٽ لاٿل گهيتلو نظر نه آيس ته پريشان ٿي
ويو. جهوني نوڪرياڻيءَ اهڙي ڪِني حرڪت ڪندڙ کي
گارين سان گڏ پٽون پاراتا به ڏيڻ شروع ڪيا، پر
جڏهن جوتا نه لڌا ته نيٺ گهر ڌياڻيءَ پنھنجي گهر
مان ڪو پراڻو ڇڳل چمپل ڪرشنا کي پائڻ لاءِ ڏنو،
جيڪو پائي هو گهر موٽڻ لڳو، رستي ۾ گپ جي ڪري،
پنھنجو جبو ۽ پڳڙي سنڀاليندي هلڻ لڳو. پر تلاءَ
وٽان گذرندي هُن وري اهو ئي ٽھڪ ٻڌو، ائين ٿي لڳو
ڄڻ جهنگل جي ڪا ديوي ، وڻن جي پنن مان، ڪرشنا جي
ڇڳل چمپل کي ڏسي پنھنجي کل روڪي نه سگهي هجي.
ڪرشنا گهٻرائجي، وات تي هٿ رکي بيھي رهيو، ۽ اوسي
پاسي نھارڻ لڳو. ايتري ۾ اُن گهاٽي جهنگ مان اُها
عتاب جوڳي مرڻا ڊوڙندي، ڪرشنا جي اڳيان اچي سندس
قيمتي گهيتلو رکي پوئين پير وٺي ڀڄڻ لڳي، پر
ڪرشنا به جهٽُ هڻي سندس ٻانھن کان جهلي ورتس، مرڻا
پاڻ ڇڏائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڇڏائي نه سگهي، پر
ڪرشنا ڪاوڙ وچان جڏهن سندس اکين ۾ نھاريو ته سندس
هٿ ڍلا ٿي ويا، ۽ ڪنھن سيکت ڏيڻ کان سواءِ ئي کيس
ڇڏي ڏنائين، ۽ مرڻا پاڻ ڇڏائي، ساڳيا ٽھڪ ڏيندي
ڊوڙندي هلي وئي.
ڪرشنا جيڪڏهن ڪاوڙ وچان مرڻا کي ٻه چار ٿڦون به
هڻي وٺي ها ته به ڪا حيرانيءَ جا ڳالھه نه هئي،
پر ان اڪيلائيءَ ۾ کيس سزا ڏيڻ کيس سٺو نه لڳو. پر
مرڻا جا ساڳيا ٽھڪ ڄڻ آڪاش مان ٿي لٿا، جنھن تي،
ساري فطرت رقص ڪري رهي هئي. ڪرشنا پنھنجي دل ۾ غصي
کي دٻائي، نھايت آهستگيءَ سان. پاڻ سنڀاليندي گهر
پھتو.
باب ٽيون:
ڪرشنا، سڄو ڏينھن انھن ويچارن ۾ ويڙهيل رهيو، ۽
اِن وچ ۾ ماءُ سان به ملڻ نه ويو. ٻاهر ڪا دعوت
هئي، جتان هو ماني کائي آيو هو. ڪرشنا جھڙو پڙهيل
لکيل ۽ سنجيده نھٺو، پنھنجي وقار کي قائم رکڻ ۽
پنھنجي اندر جي اصل حقيقت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ايترو
بيتاب ڇو پئي ٿيو؟ کيس به سمجهڻ مشڪل پئي لڳو.
سوچي رهيو هو ته: ’جيڪڏهن ڪنھن ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ کيس
معمولي ماڻھو ٿي سمجهيو ته ڇا ٿي پيو! جيڪڏهن اُها
ڇوڪري، ٿوري دير لاءِ مون سان، اڻ وڻندڙ ڀوڳ ڪري
وئي ته به خير آ، ۽ منھنجي موجودگيءَ جو خيال نه
ڪندي، رکال جھڙي هڪ اڻپڙهيل ڇوڪري سان کيڏڻ لاءِ
اتاولي هئي ته ان ۾ منھنجو ڇا ٿي بگڙيو... پر اُن
ڇوڪريءَ تي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي ته
مان ڪنھن ماهوار رسالي ۾ تنقيدي مضمون لکندو
آهيان، ۽ اُن پيتيءَ ۾ ڪاغذن تي لکڻ واري ڪاپي ۽
هارمونيم سکڻ واري ڪتاب سان گڏ، هڪ مڪمل لکيل
مسودو، شايع ٿيڻ لاءِ ائين منتظر آهي، جيئن رات جي
پيٽ مان صبح جي ويلَ، ڦٽڻ لاءِ بيقرار هوندي
آهي...‘
پر دل کي سمجهائڻ ڏاڍو اوکو آهي!
پر پوءِ به اِن چلولي ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي آڏو بي
اي پاس ڪرشنا هار مڃڻ لاءِ تيار نه هو.
شام ڌاري، جڏهن ڪرشنا پنھنجي ماءُ جي ڪمري ۾ ويو
ته ماڻس پڇيس:
”ڏي خبر ڇوڪري ڪيئن هئي، پسند آيئه؟“
ڪرشنا ٿورو سوچي، پوءِ چوڻ لڳو: ”گودي! ڇوڪري مون
ڏٺي آ، انھن مان مون کي هڪڙي وڻي آ.“
اچرج وچان پڇڻ لڳس: اتي ڪھڙيون ٻيون ڇوڪريون
ڏٺئه!“
ڪرشنا ٿورو ٻُڏتر واري لھجي ۾ چيو:
”منھنجي خيال ۾ اُها انھن جي پاڙيواري ڇوڪري هئي!
مرڻا نالو هئس شايد، مون کي اُها پسند آئي آ!“
چوندي، اندر ۾ شرمائيندي پاڻ کي چوَڻ لڳو: ’هيترو
سارو پڙهيل لکيل هجڻ جي باوجود هڪ وائڙي ڇوڪري
پسند ڪيئن ٿو ڪرين.‘
پر جڏهن ماڻس سندس پسند جي سخت مخالفت ڪئي ته بي
اختيار چئي ويٺو: ”مرڻا کان سواءِ مان ڪنھن ٻي
ڇوڪريءَ سان شادي نه ڪندس.“
باقي ڪنوار واري حيثيت ۾ پاڙيواري ڇوڪريءَ کي ڏسڻ
کان پوءِ سوچيندي به کيس شاديءَ جي نالي کان ئي
نفرت پئي ٿي.ان گفتگو کان پوءِ ٽي ڏينھن ته ماءُ
پٽ جي وچ ۾ ڪا ڳالھه ٻولھه ڪانه ٿي. ٽن ڏينھن جي
رسامي کان پوءِ نيٺ ڪرشنا جي سوڀ ٿي، جو ان وچ ۾
سندس ماءُ پنھنجي دل کي ڌيرج ڏنو هو ته ’مرڻا اڃا
ننڍي آهي، ۽ سندس ماءُ کيس ڪا تعليم نه ڏياري آهي
يا سٺي تربيت ڪانه ڪئي آهي، ته شاديءَ کان پوءِ
جڏهن منھنجي هٿن ۾ ايندي ته سندس هلت چلت به ٺيڪ
ٿي ويندي...‘
ائين سوچيندي ڪرشنا جي ماءُ کي آهستي آهستي، پڪ
ٿيڻ لڳي، ته مرڻا به سھڻي ته آهي!پر اوچتو مرڻا جي
ڪٽيل وارن سندس خيالن ۾ خلل وجهي ڇڏيو. پر پوءِ به
هُن کي اُميد هئي ته سندس وارن کي تيل لڳائي، ٻڌي
ڇڏجي ته سندس اهو عيب به ختم ٿي ويندو.
پاڙي وارن ڪرشنا جي اِن پسند کي ڏاڍو سارهايو،
ڇاڪاڻ ته اِن چري ڇوڪريءَ سان ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جو
اُنس هوندو هو، بس! هُن جي انھن چِلوِلاين جي ڪري،
پنھنجي ڪنھن ڇوڪري سان وهانءُ ڪرڻ کان ڪيٻائيندا
هئا.
مرڻا جو پيءُ ايشان مجمدار کي اطلاع ڪيو ويو .
ايشان ڪنھن اسٽيمر جي منشيءَ جي حيثيت ۾، نديءَ جي
ڪناري هڪ ننڍڙي اسٽيشن جي ٽين جي ڇت واري گهر ۾
مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ ۽ ريل جي ٽڪيٽن وڪڻڻ جي ڪم تي
لڳل هو. پنھنجي پياري ڌيءَ مرڻا جي شاديءَ جي خبر
ٻڌي سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا، هُن جي روئڻ ۾
ڪيتري خوشي هئي، ڪيترو درد هو، اُن کي اُن ايشان
ئي پئي ڄاتو.
پنھنجي ڇوڪريءَ جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ايشان
پنھنجي آفيس جي وڏي صاحب ڏانھن موڪل جي گذارش ڪئي،
صاحب سندس موڪل جي اهميت کي سمجهڻ بجاءِ چٺي رد
ڪري ڇڏي. اتفاق سان ايشان گهر ڏانھن خط لکي ڇڏيو
هو ته موڪل ستن ڏينھن کان پوءِ ملڻ جي اميد آهي،
ان ڪري شادي تيستائين ملتوي ڪجو. پر ڪرشنا جي ماءُ
چيو ته:
”هِن مھيني جا ڏينھن ڀلارا آهن، ان ڪري آءٌ دير
ڪرڻ کي سٺو سنوڻ نه ٿي سمجهان.“
پر جڏهن ايشان جون ٻئي درخواستون نامنظور ٿي ويون
ته بيوسيءَ وچان، ڏکويل دل سان، وري به ساڳئي مال
جو وزن ڪرائڻ ۽ ٽڪيٽن وڪڻڻ ۾ جُنبجي ويو.اُن
کانپوءِ مرڻا جي ماءُ ۽ ڳوٺ جي وڏڙين ، مرڻا سان،
سندس آئيندي جي زندگيءَ جي باري ۾ صبح توڙي شام،
اخلاق ۽ مروت واريون نصيحتون ڪرڻ لڳيون، کيل
تماشو، وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀري هلڻ، اجايو
سجايو ٽھڪ ڏيڻ يا ڪنھن تي ٽوڪ ڪرڻ، ڇوڪرن سان ملڻ
يا هٻڇ ڪري کائڻ... انھن سمورين ڳالھين کي ڇڏي
ڏيڻ جون حد کان گهڻيون صلاحون ڏنيون، ۽ شاديءَ کي
هڪ تمام وڏي ذميداريءَ وارو معاملو ڪري سمجهائڻ ۾
چڱيءَ ريت ڪامياب ٿي ويون ، تڏهن پھريون ڀيرو مرڻا
پنھنجي ڏڪندڙ دل جو آواز ٻڌو ۽ سوچيو ته شايد کيس
هڪ مسلسل سزا جو حڪم ڏنو پيو وڃي، جنھن کان پوءِ
شايد کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويندو. ائين سوچي، هوءَ
گڏهه وانگر گوهي ڪري بيھي رهي ۽ هڪدم وات ڦاڙي
چئي ڏنائين:
”مان شادي نه ڪنديس!“
باب چوٿون:
پر هُن کي شادي ڪرڻي پئي. جنھن کان پوءِ سندس
تربيت شروع ٿي وئي . هڪ ئي رات ۾، ڪرشنا جي ماءُ
جي زناني ڪمري ۾ قيد ٿي وئي.
سندس سَسُ کيس سڌارڻ جي ڪم ۾ مشغول وئي. هُن ڪاوڙ
واري شڪل ٺاهي کيس چيو:
”ڏس ڌيءَ! تون هاڻي ننڍڙي ناهين، ان ڪري اسان جي
گهر ۾ بيحيائيءَ واريون حرڪتون نه هلنديون،“
سسڻس جيڪي به نصيحتون ڪيس، اُهي مرڻا جي پلئه ئي
ڪونه پيون. اُن جي ابتڙ، اهو سوچڻ لڳي ته ’جيڪڏهن
هن گهر ۾ سندس اهي حرڪتون نه هلنديون ته کيس ڪنھن
ٻي جاءِ تي وڃي رهڻو پوندو.‘
۽ ٿيو به ائين، جو ٽپھريءَ کان پوءِ هوءَ وري نظر
نه آئي. ڪاڏي وئي! ڪھڙي پاسي وئي!! چئني پاسي
ڳولھا شروع ٿي وئي، آخر سندس بي وفا دوست رکال کين
لِڪَڻ واري جاءِ تان هٿ ڪرائي ڏنن. راڌا ڪانت ٺاڪر
جي ڀڳل رٿ ۾ لڪي ويٺي هئي.
سسُڻس، سندس ماءُ ۽ ڪجهه هڏڏوکي پاڙيوارين، مرڻا
کي جھڙيءَ ريت طعنا تُنڪا ڏنا ۽ کيس ايترو ته بي
مانو ڪيو، جن جو ڪو شمار نه هو.
رات ٿيندي ئي بادل ڀرجي آيا، ۽ مينهن به زوران زور
وسڻ لڳو، ڪرشنا به اُن ساعت، بستري تي ئي، مرڻا جي
ويجهو وڃي سندس ڪن ۾ سُرٻاٽ ڪيو: ”مَرڻا تون مون
سان پيار نه ڪندي آن نه؟“
اڇل ڏئي چوڻ لڳي: ”نه مان، ڪڏهن به توسان پيار نه
ڪندم!“ اندر جو سارو رنج ۽ پنھنجي سمورين سزائن کي
گڏ ڪري، هُن کنوڻ جي گرج جيان، ڪڙڪو ڪري کيس جواب
ڏنو.
”ڇو ڀلا مون تنھنجو ڪو ڏوهه ڪيو آ؟“
”تو مون سان شادي ڇو ڪئي؟“
ڪرشنا سندس جملي جو جواب ڏئي نه سگهيو، پر دل ۾
سوچيائين ته ’ڪجهه به ٿي پوي، هِن ڏنگي ڇوڪريءَ کي
پنھنجي محبت ۾ ضرور جڪڙي وٺندس.‘
ٻئي ڏينھن مرڻا جي رويي ۾ اختلاف جو رنگ ڏسي،
سَسڻس، کيس ڪمري ۾ بند ڪري، ٻاهران ڪڙو چاڙهي
ڇڏيو. شروع ۾ ته هوءَ ڪنھن پَرن ڪٽيل پکيءَ وانگر
پڃري ۾ ڦٿڪڻ لڳي، پر اتان نڪرڻ جي واهه نه ڏسي،
ڪاوڙ وچان بستري جي چادر ۽ وهاڻي کي چڪ پائي،
ڇيھون ڇيھون ڪري ڇڏيائين ۽ اونڌي منھن ليٽي،
پنھنجي پيءُ کي روئي روئي، پُڪارڻ لڳي.
ايتري ۾ ڪرشنا آهستگيءَ سان اندر اچي سندس ڀرسان
ويٺو، ۽ سندس زمين تي ڪريل وارن کي آڱرين سان سندس
پيشانيءَ تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته مرڻا هڪدم
سندس هٿ کي هٽائي ڇڏيو. ڪرشنا سندس ڪن جي ويجهو
وڃي کيس رازداريءَ وچان چيو:
”مرڻا! مان دروازو کولي ڇڏيو آ... پر اچ ته ٻئي
هِن دريءَ منجهان ٽپي، باغ ۾ هلي ويھون.“
مرڻا جا ڳوڙها ڳڙندا پئي رهيا، پنھنجي مٿي کي
ڌوڻي، انڪاري انداز ۾ چوڻ لڳي:
”اون هون! مون کان پري ٿي وڃ!“
”ڪرشنا پاٻوهه وچان سندس کاڌيءَ کي جهلي، سندس
منھن مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو:
”رکال تو سان کيڏڻ لاءِ آيو آ، کيڏندينئنس؟“
چِڙندي چوَڻ لڳي: ”نه! اصل نه!“
دروازي وٽ بيٺل رکال ڏٺو ته معاملو گڙٻڙ آهي ته
پويان پير ڪري، پنھنجي جان بچائڻ لاءِ وٺي ڀڳو.
ڪرشنا تيستائين ماٺ ڪيو ويٺو رهيو، مرڻا رئندي
رئندي، ٿڪجي،آخرڪار سمهي پئي ته ڪرشنا به دٻيل
قدمن سان ڪمري مان نڪري آيو ۽ وري دروازو کليل ئي
ڇڏي آيو.
ٻئي ڏينھن مرڻا کي پنھنجي پيءُ جو خط مليو، جنھن ۾
هُن، پنھنجي جان کان پياري مرڻا جي وهانءَ ۾ شريڪ
نه ٿي سگهڻ جي عذر ۽ افسوس جو ذڪر ڪيو هو، ۽ گهوٽ
۽ ڪنوار لاءِ دل جي اٿاهه گهرائين وچان دعائون
لکيون هيون. تڏهن مرڻا اٿي پنھنجي سس ڏي ڊوڙندي
آئي ۽ کيس پيءُ جو خط ڏيکاري چوَڻ لڳي:
”مان بابا ڏي ويندس.“
اوچتو سندس عجب ۾ وجهندڙ التجا تي سَسڻس جهڻڪ
ڏيندي چيس:
”تنھنجو پيءُ ڪٿي ٿو رهي، اُن جي ته اسان کي به
خبر ڪانھي، مٿان انگل اهو ته مان بابي ڏي ويندس،
ڪھڙي نه ٻاراڻي ڳالھه ٿي ڪرين!“مرڻا کيس ڪو جواب
نه ڏنو، بس جهٽڪو ڏئي اتان اُٿي هلي وئي ۽ ڪمري ۾
اچي، دروازو اندران بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ جيئن نه
ڪو ٽٽل دل وارو شخص الله کي التجائون ڪندو آهي،
تيئن زور زور سان ٻاڏائڻ لڳي.
”او بابا! تون مون کي وٺي وڃ، هتي منھنجو ڪوبه
ناهي، هتي رهي مان مَري وينديمانءِ!“
رات جو گهڻي دير کان پوءِ جڏهن هُن محسوس ڪيو ته
ڪرشنا سمھي پيو هوندو ته ماٺ ميٺ ۾ ڪمري جو دروازو
کولي، گهر کان نڪري وئي. . حالانڪ آسمان تي
گهٽائون ڇانيل هيون، پر ڪٿان ڪٿان چنڊ جي روشنيءَ
کيس چارو ڏسيندي ٿي هلي. پر پنھنجي بابي ڏانھن وڃڻ
لاءِ هُن کي ڪھڙي رستي سان وڃڻو هو، ان بابت ته
کيس ڪابه خبر ڪانه هئي.البت هُن کي اها پڪ هئي ته
جنھن رستي سان ٽپالي ويندو آهي، اُن رستي سان دنيا
جي هر ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچي سگهجي ٿو.
مرڻا ٽپاليءَ واري اُن راهه تي هلڻ لڳي.هلندي
هلندي ٿڪجي پئي ۽ رات به پڄاڻيءَ تي هئي، جو جڏهن
جهنگ ۾ رهندڙ جهرڪيون به باک کي محسوس ڪري چُڻ ڀُڻ
ڪرڻ لڳنديون آهن، پر باک جو پورو اندازو نه سگهڻ
سبب، وڻن جي ٽارين تي ٽھڪڻ ۽ ٽپا ڏيڻ لاءِ ٻڏتر ۾
هونديون آهن.
عين ان وقت مرڻا جي نگاهه رستي جي پڇاڙيءَ تي،
نديءَ جي ڪناري تي، هڪ ڊگهي بازار تي پئجي وئي.
’پر اُن کان پوءِ ڪيڏانھن وڃبو؟‘ هوءَ سوچي ئي پئي
ته ڪنھن جي اچڻ جو سڃاتل آواز سندس ڪنن تي پيو،
هُن منھن ورائي نھاريو ته خطن جي ٿيلھي ڪُلھي تي
لڙڪايو، سھڪندو ٽپالي پئي آيو.مرڻا ڊوڙي سندس
ويجهو وئي، ۽ نھايت عاجزيءَ وچان کيس التجا ڪئي:
”مان پنھنجي بابا ڏانھن ڪوشي گنج ويندس، تون مون
کي پاڻ سان وٺي هل.“
ٽپالي چوڻ لڳو: ”چري! مون کي ڪھڙي خبر ته ڪوشي گنج
ڪٿي آ... مون کي ته خبر ناهي!“
ائين چوندي هو وڌي وڃي ٻيڙيءَ ۾ سُتل مانجهيءَ کي
اٿارڻ لڳو، تڏهن مانجهي اکيون مَھٽي ٻيڙي کولي وڃڻ
لڳو.
سوچڻ لڳي: ’الائي ته ڇو ڪنھن ۾ رحم جو ذرو به
ڪونھي! ڪنھن جي حال معلوم ڪرڻ جي ته ڪنھن کي فرصت
ئي ڪانھي!‘
ڏسندي ڏسندي بازار جا هَٽ کُلڻ لڳا ته ماڻهن جي به
اچ وڃ شروع ٿي وئي. گهاٽ تي اچي، مرڻا هڪڙي
مانجهيءَ کي چيو:
”ڪاڪا مانجهي! مون کي ڪوشي گنج کڻي هلندين؟“
اُن جي جواب ڏيڻ کان اڳ ئي ڀرواري ٻيڙيءَ تي ويٺل
مانجهيءَ کيس، سڃاڻيندي چيو:
”اڙي مرڻا، ڪيڏانھن نڪتي آهين؟“
مرڻا خوشيءَ کان اڇل ڏئي، بيتابيءَ وچان، سندس
ڀرسان وڃي پھتي ۽ کيس چوڻ لڳي:
”ڪاڪا بنمالي! مان پنھنجي بابا ڏي ڪوشي گنج ويندس،
تون مون کي پنھنجي ٻيڙيءَ تي کڻي هلندين؟“
بنمالي سندس ڳوٺ جو مانجهي هو ۽ اِن پنھنجي مَتِ
جي ڇوڪريءَ کان گهڻو واقف هو، کيس چوڻ لڳو:
”ابي ڏي ويندينءَ؟
مرڻا ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي .
”چڱو اچ ڀلا، اچ ته وٺي ٿو هلانءِ ..“
مرڻا به هيج مان ٽپو ڏئي ٻيڙيءَ تي چڙهي ويٺي.
مانجهيءَ ٻيڙيءَ جو رسو کوليو، ته اوچتو گهٽائن
پنھنجون جٽائون کولي ڇڏيون ۽ مينھن به چوي ته اڄ
نه پوان ته ڪڏهن پوان! ڏسندي ڏسندي ڍنڍ جو پاڻي
وڌڻ لڳو، پوءِ به لوڏا کائيندي، ٻيڙي هلندي رهي،
مرڻا پنھنجي بدن ۾ ٿڪُ محسوس ڪرڻ لڳي ته پنھنجو
رئو وڇائي سمهي پئي، ۽ ڍنڍ جي مٿاڇري تي، ڪنھن
پينگهي وانگر هلندڙ ٻيڙي ۾، قدرت جي لاڏپيار سان
پليل ٻار وانگر بکيڙو مچائيندڙ ڇوڪري، گهري ننڊ ۾
الوٽ ٿي وئي. اک کلڻ تي هُن ڏٺو ته هُوءَ پنھنجي
ساهُري گهر جي پلنگ تي ستل آهي، هن کي جاڳندي ڏسي،
نوڪرياڻيءَ بڪ بڪ ڪرڻ شروع ڪئي، جنھن جو آواز ٻڌي
سسڻس به ايندي ئي مٿس گهٽ وڌ ڳالھائڻ شروع ڪيو
مرڻا دوڏا ڦاڙي، سسُ ڏي نھاريندي رهي. پوءِ جڏهن
سندس سٺي تربيت نه ڪري سگهڻ جي حوالي سان پڻس کي
برو ڀلو چوڻ لڳي ته مرڻا به ڪاوڙ وچان اٿي بيٺي،
پر ڪجهه چوڻ بجاءِ ٻئي ڪمري ڏانھن هلي وئي ۽
دروازو اندران ئي بند ڪري ڇڏيائين.
ڪرشنا به شرم لاهي هٿ ۾ ڪيو ۽ ماءُ کي اچي چوَڻ
لڳو:
”نُنھن کي ٻه چار ڏينھن سندس پيءُ وٽ ڇڏي اچڻ ۾
ڪھڙو نقصان ٿي ويندو؟“
ڪرشنا جو جملو ٻڌي ماڻس کيس به دڙڪا ڏيڻ لڳي، ۽
هيترين سيبتين ڇوڪرين جي هوندي هڪ مٿي ڦري ڇوڪريءَ
کي چونڊي چونڊي گهر ۾ آڻڻ تي تمام گهڻي ڪاوڙ ڪئي.
باب پنجون:
اُن ڏينھن ڏاڍو مينھن پيو اُن جي ٻئي ڏينھن ڪرشنا
مرڻا وٽ وڃي کيس آرام سان جاڳائي چيو:
”مرڻا! تون پنھنجي پيءُ ڏي ويندينءَ؟“
مرڻا، هڪدم ڇرڪ ڀري ڪرشنا ڏانھن نھاريو، ۽ سندس هٿ
کي زور سان دٻائيندي چوڻ لڳيس:
”ها! وينديس!“
ڪرشنا کيس هلڪي آواز ۾ چيو: ”ته اچ ته ماٺ ميٺ ۾
پاڻ ٻئي ڀڄي هلون. مان گهاٽ تي ٻيڙيءَ جو بندوبست
ڪري ڇڏيو آ.“
مرڻا نھايت مشڪور نگاهن سان پنھنجي مڙس ڏانھن
نھاريو، جنهن کان پوءِ هُن ڪپڙا بدلائي ٻيا پاتا،
۽ هلڻ لاءِ تيار ٿي وئي. ڪرشنا، ماءُ جي اطمينان
لاءِ هڪ چٺي لکي، رکي ويو، ۽ اِن اونداهين رات جي
سانت ۾ ۽ ڳوٺ جي اُن سنسان رستي تي مرڻا پورو
ڀروسو ڪندي، خوشيءَ وچان سندس هٿ پڪڙي هلڻ لڳي، ته
مرڻا جي اِن نازڪ ڇھاءَ، ڪرشنا جي رڳن ۾ پيار جي
لهڙ ڊوڙائي ڇڏي
رات جو ئي ٻيڙي کولي، مانجهي، ٻنھي کي کڻي روانو
ٿي ويو، مرڻا جي دل ته خوشيءَ کان ڦاٽان ڦاٽان پئي
ڪئي. پر ٿوري دير کانپوءِ کيس ننڊ اچي وئي ۽ واقعي
هوءَ سُمھي پئي. پر ٻئي ڏينھن مرڻا جي مَنَ ۾ ڇا
ته آزادي هئي، ڇا ته خوشي هئي. رستي جي ٻنھي پاسن
تي ڪيتريون ئي بازارون لڳل هيون، ٻنيون هيون،
پريان جهنگ به نظر ٿي آيو، ڪيترائي هوڙها، آيا پئي
ويا پئي، خوشيءَ وچان هر ننڍي وڏي شيءِ لاءِ ڪرشنا
کان ٿي پڇيائين:
”او ... هُن ٻيڙي ۾ ڇاهي؟ اهي ڪٿان آيا هِن؟ هِن
ڳوٺ جو نانءُ ڇاهي؟“
مرڻا کانئس اهڙا سوال ڪري رهي هئي، جن جي متعلق
خود ڪرشنا کي به خبر ڪانه هئي، نه ڪاليج جي ڪتابن
۾ پڙهيو هئائين ۽ نه ئي ڪلڪتي جي شهري تجربي کيس
ڪجهه سمجهايو هو. سوچڻ لڳو:
’دوست ساٿي ته ڏاڍو بڇڙو ڪندا جڏهن خبر پَوندنِ ته
هُن جواب ته هر ڳالھه جو ٿي ڏنو، پر ان جي ڪيترن
جوابن جو حقيقت سان ڪو ٿورو واسطو به نه هو....
مثال طور تِرن سان ڀريل ٻيڙي، تُلسيءَ جي ٻيڙي، يا
پنجن حصن وارو ضلعي شھر راءِ نگر هو، جتي انصاف
واري عدالت کي ڪچھري سڏبو هو...‘
پر اِن قسم جا جواب ڏيندي ، هُن کي ٿورو به غلطيءَ
جو انديشو ڪونه پئي ٿيو. ۽ سندس غلط جواب ٻڌي،
مرڻا مٿس ٿورو به شڪ نه ڪيو رهندو مَن ۾ تسڪين پئي
محسوس ڪيائين.
شام جو ٻيڙي نيٺ اچي ڪوشي گنج پھچي وئي. ٽين جي ڇت
واري هڪ گهر ۾ هڪ لالٽين ٻاري،، ننڍڙي ميز تي،
چمڙي جي پوش وارو رجسٽر رکيو ، اڌ اگهاڙي بدن سان،
ايشان مجمدار اسٽول تي ويٺي ڪجهه لکي رهيو هو.
ايتري ۾ نوان نوان گهوٽ ڪنوار ڪمري ۾ داخل ٿيا ته
هڪدم مرڻا رڙ ڪري ڊوڙي وڃي پيءُ کي چنبڙي:
”بابا...“
ڪمري ۾ اِن کان اڳ، اهڙو ڪو آواز اڳ نه گونجيو هو.
ايشان جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. ڇا ڪري
ڇا نه ڪري، کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو. سندس ناٺي
۽ سندس ڌيءَ کيس ڪنھن راڄڌانيءَ جو ولي عھد ۽ اُن
جي راڻي ٿي ڀاسيا. سِڻيءَ سان ڀريل ٿيلهن جي انبار
۾ انھن جي لائق ڪھڙو تخت ٿي هٿ ڪري سگهيو. اِن
ڳڻتيءَ سبب حيران هو... وري سندن کاڌي جي
پريشانيءَ گهيري ورتس. غريب منشي، پنھنجي لاءِ ته
پنھنجي هٿن سان رٻَ ٺاهي به کائي وٺندو هو، پر اڄ
خوشيءَ جي موقعي تي، ڇا پچائي، ڇا ٺاهي، اِن ئي
سوچ ۾ غلطان ٿي ويو. تڏهن مرڻا چوڻ لڳي:
”اسان اڄ سڀئي گڏجي رڌو پڪو ڪنداسين.“
ڪرشنا سندس صلاح جي گهڻي گرم جوشيءَ سان تائيد
ڪئي.
پر گهر ننڍو هو، کاڌي جي شين جي به گهٽتائي هئي،
پر جيئن ڪنھن ننڍي ٽنگڙي مان، پاڻي پنھنجو پورو
زور ڏئي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تيئن غربت جي اِن
تنگيءَ مان اندر جو سُرور وڏي وِلولي ۽ جوش وارو
نظر ايندو هو.
اهڙيءَ ريت ٽي ڏينھن گذري ويا. سدائين وانگر
روزاني ٻه پيرگهاٽ تي ٻيڙا ۽ آگبوٽ اچي بيهندا
هئا، ماڻهن جا ڳاهٽ هوندا هئا، هڪ مسلسل گوڙ
هوندو هو. شام ٿيڻ کان پوءِ ڪنارا بلڪل خاموش ٿي
ويندا هئا، ته پوءِ گهمڻ ڦرڻ جي آزادي به هوندي
هئي. هي ٽئي ڄڻا گڏجي، کاڏي پيتي جو سامان وٺي
ايندا هئا ۽ گڏجي ئي ڪچو پڪو کاڌو ٺاهي وٺندا
هئا.پوءِ جڏهن سهرو ۽ ناٺي گڏجي ماني کائڻ ويھندا
هئا، ته مرڻا پنھنجي ڪنگڙين جي ڇڻ ڇڻ جي آواز سان،
ديڳڙي مان کاڌو ڪڍي، سندسن اڳيان وڌائي رکندي هئي،
. کاڌي کائڻ کانپوءِ کل خوشيءَ ۾ مرڻا جي رڌ-
پچاءَ تي ٽيڪا ٽپڻي به ٿيندي هئي، جنهن تي مرڻا
کلندي به هئي ته نخري سان منھن ٺاهي، جهيڙڻ جي
ڪوشش به ڪندي هئي.
هڪ ڏينھن ڪرشنا چيو: ”ايترا گهڻا ڏينھن هتي ترسڻ
سٺو نه ٿو لڳي.“
ڪرشنا جو جملو ٻڌي مرڻا جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا،
پوءِ ڳوڙها اگهندي چوڻ لڳي:
”ٿورا ڏينھن اڃا رهي پئون..“
اوچتو ايشان چوڻ لڳو:
”ڪا ضرورت ناهي وڌيڪ رهڻ جي!“
مرڻا ڏاڍو مايوس ٿي پر آخر پيءُ جو حڪم هو، سو کيس
مڃڻو پيو. موڪلاڻيءَ وقت ايشان پنھنجي ڌيءَ کي
سيني سان لائي، سندس مٿي تي پنھنجو شفقت وارو هٿ
ڦيرايو ۽ تسلي ڏيندڙ آواز ۾ کيس دعا ڏني:
”ڌيءَ، پنھنجي گهرکي روشن ڪجان، ۽ گهر جي برڪت
بڻجي رهجان...، الله نه ڪري منھنجي مرڻا مان ڪو
عيب ڪڍي سگهي.“مرڻا روئندي، پيءُ کان موڪلايو، ۽
پنھنجي مڙس ڪرشنا سان گڏجي رواني ٿي وئي ۽ ايشان
مجمدار پنھنجي اداس گهر ۾ موٽي، اچي پنھنجي هر
ڏهاڙي جيان، سامان جو وزن ڪرائڻ ۽ ٽڪيٽن وڪڻڻ ۾
مصروف ٿي ويو.
باب ڇهون:
جڏهن ٻئي ڏوهاري گهر پھتا ته ڪرشنا جي ماءُ منھن
سُڄائي ويٺي رهي ۽ انھن سان ڪو اکر نه ڳالھايائين.
انھن ٻنھي مان ڪنھن هڪ جي باري ۾ به هُن ڪو اشارو
به نه ڪيو، جنھن جو ڪو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ها! بي
زبان فرياد... ۽ خاموش ناراضگيءَ سبب ائين ٿي لڳو،
ڄڻ سمورو گهر ڪنھن ڳوري بار هيٺان دٻجي ويو آهي.
آخرڪار ڪرشنا تنگ ٿي، پنھنجي ماءُ جي ڀر ۾ اچي
ويٺو:
”آئي! ڪاليج کلي ويا آهن، مون کي قانون پڙهڻ لاءِ
وڃڻو پوندو.“
ماڻس، سندس راءِ سان اتفاق ڪرڻ بجاءِ چوڻ لڳي:
”پنھنجي راڻيءَ کي ڪٿي ڇڏي ويندين“
”هوءَ هتي ئي رهندي،“ ڪرشنا چيو.
”نه بابا! هتي رهڻ جي ڪا ضرورت ناهي... توهان هِن
کي پاڻ سان وٺي وڃو.“
ڪرشنا سوچڻ لڳو ته ’اڳ ۾ ماڻس، پيار وچان ”تون“
ڪري ڳالھائيندي هئي،‘ تڏهن ماءُ جي ڳالھه جو جواب
هلڪي نارضگيءَ سان ڏنائين:
”ٺيڪ آ آئي!“
ڪلڪتي وڃڻ جو سامان گڏ ٿيڻ لڳو. جنھن ڏينھن ڪرشنا
کي وڃڻو هو، اُن کان هڪ رات اڳ ۾ هُن ڏٺو ته مرڻا
روئي رهي هئي. ڪرشنا پنھنجي دل تي ڪو ڌڪ محسوس
ڪيو، ملول ٿي مرڻا جي ويجهو اچي، کيس پيار وچان
چوڻ لڳو:
”مون سان گڏ ڪلڪتي هلڻ جي منُ نه ٿو ڪري ڇا؟“
”نه!“ مرڻا ڏکويل لھجي ۾ چيس.
پڇيائينس: تون مون سان پيار نه ڪندي آهين نه؟“
مرڻا کيس ڪو جواب نه ڏنو. حالانڪه اهڙي سوال جو
جواب ڏيڻ آسان به هوندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ذهني
مونجهاري سبب، ننڍي ڇوڪريءَ کان اهڙي سوال جي جواب
جي اُميد به نه ٿي ڪري سگهجي.
”رکال کي پاڻ وٽ سڏائڻ تي تنھنجي دل نه ٿي چئي؟“
مرڻا هڪدم چئي ڏنو: ”چئي ٿي!“اُن ننڍڙي ڇوڪري رکال
سان مرڻا جي انس، پڙهيل ڳڙهيل ڪرشنا جي دل ۾ ڄڻ
ڪنڊو کپائي ڇڏيو، هلڪو ئي سھي پر اندر ۾ حسد پيدا
ٿيندي محسوس ڪيائين.“مان گهڻن ڏينھن تائين گهر نه
ايندس.“
اِن خبر ٻڌڻ کانپوءِ به مرڻا ڪجهه نه ڪُڇيو. ڪرشنا
کيس وري چيو:
”شايد سال لڳي وڃي يا اِن کان به وڌيڪ عرصو...“
مرڻا سندس جملي جو جواب ڏيڻ بدران کيس انگل واري
انداز سان چوڻ لڳي:
”جڏهن به گهر موٽين ته رکال لاءِ ٽن ٺڪائن وارو
راجس چاقو وٺي اچجان.“
ڪرشنا، وهاڻي تان مٿو کڻي وري مرڻا کي مخاطب ڪيو:
”ته مطلب ته تون هتي ئي رهندينءَ؟“
”ها!“ مرڻا چوندي پل لاءِ سوچي چوڻ لڳي: ”مان امان
وٽ وڃي رهنديس.“
ڪرشنا ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو، ”ٺيڪ! تون ڀلي وڃي ماءُ
وٽ رهجان، پر مون کي، موٽي اچڻ لاءِ چٺي ته
لکندينءَ نه، جي نه لکندينءَ ته مان به نه
ايندوسانءِ.“
مرڻا رڳو اچرج واري نگاهه وڌي. ڪرشنا پاٻوهه ڀريل
نيڻ سان ڏانھنس نھاريندي چيو: ”هاڻي ته خوش آهين
نه؟“
مرڻا سندس ان سوال کي فضول سمجهي، سُمهي پئي، پر
ڪرشنا جي ننڊ ڦِٽي وئي هئي، هو وهاڻي کي ٽيڪ
لڳائي، ويٺو رهيو.
گهڻي گهڻي دير کان پوءِ آسمان تي چنڊ کڙيو، جنهن
جي ٿڌيرڙي روشني سندس پلنگ تي اچي پئي، اُن
روشنيءَ ۾ ڪرشنا، مرڻا ڏانھن نھاريو، نھاريندي
نھاريندي سندس دل ۾ خيال آيو ... ’ڄڻ ڪنھن
شھزاديءَ کي چانڊوڪيءَ جي ڇَڙي ڇُھائي بيھوش ڪري
ڇڏيو هجي،‘
دل ۾ چوڻ لڳو: ’جيڪڏهن ڪٿان سون جي ڇڙي هٿ اچي وڃي
ته هِن ننڊاکڙي روح کي جاڳائي، مالا بدلائي سگهجي
ٿي.‘
پنھنجي ئي خيال تي مرڪي پاڻ کي ئي چوڻ لڳو: ’شايد
چانديءَ جي ڇڙي کِل خوشي آهي ۽ سون جي ڇڙي لڙڪ...‘
سوچيندي سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
ٻئي ڏينھن صبح ٿيندي ئي، ڪرشنا کيس اٿاريندي چوڻ
لڳو: ”مرڻا! منھنجي وڃڻ جو وقت ٿي ويو آ...اٿ ته
توکي تنھنجي ماءُ وٽ ڇڏي اچان.“
مرڻا جا ٽھڪ بند ٿي ويا، صبح جي روشنيءَ ۾ ، ويران
رستن سان هُن کي، سندس ماءُ جي گهر ڇڏي، ڪرشنا
موٽي آيو ۽ اچي ماءُ کي چيائين:
”آئي! مون سوچيو هو ته تنھنجي نُنھن کي پاڻ سان
ڪلڪتي وٺي ويندس ته منھنجي پڙهائيءَ ۾ خلل پئجي
ويندو، ڇاڪاڻ ته اتي مون کانسواءِ هُن جو ٻيو ڪو
ڪونه هوندو... تون به کيس گهر ۾ رهائڻ نه ٿي
چاهيو... اِن ڪري مان کيس سندس ماءُ وٽ ڇڏي آيو
آهيان.“
ائين ٻئي ماءُ پٽ هڪٻئي کان الڳ ٿيندي پنھنجي
پنھنجي مانَ ۽ مَرتبي جو شِڪار رهيا.
باب ستون:
مرڻا پنھنجي گهر اچي ته وئي، پر سندس دل ڪنھن به
شيءِ ۾ ڪين ٿي لڳس، ڏٺائين ته اِن گهر جو شروع کان
آخر تائين سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي، اِن صورت ۾ سندس
اِتي گذارو مشڪل ٿي لڳو، پر هوءَ طئي ڪري نه سگهي
ته ڇا ڪري؟ ڪيڏانھن وڃي؟ ۽ ڪنھن سان وڃي ملي؟
مرڻا کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ پوري گهر ۾ ڪو
به موجود نه هجي! ائين ڄڻ ٻنپھرن جو سج کي گرهڻ
لڳي وئي هجي. کيس سمجهه ۾ ڪو نه ٿي آيو ته اڄ صبح
جو ته ڪلڪتي وڃڻ لاءِ سندس دل ڏاڍو پئي چيو ، پر
رات سندس اِها خواهش ڪيڏانھن هلي وئي.شايد کيس
اندازو نه هو ته زندگيءَ جي اٽوٽ حصي جي جدا ٿي
وڃڻ تي، سندس دل ۾ مايوسيءَ جو گهاءُ ٿي پوندو ۽
هوءَ ايڏي بي چين ٿي ويندي! اڳ ۾ ته محبت به سندس
مَن مان نڪري وئي هئي، پر اڄ وڻ جي ڪنھن سُڪل
ٽاريءَ وانگر ٽُٽي، ڇڻي پئي هئي، جنھن کي وڏي
آسانيءَ سان پري اڇلايو ويو هجي.
ڪھاڻين ۾ پڙهيو آهي ته هٿيارن ٺاهڻ وارا ماهر اهڙي
سنھي ڌار واري تلوار ٺاهي سگهن ٿا، جنھن سان
جيڪڏهن ڪنھن ماڻهوءَ جي جسم کي ٻه ٽڪر به ڪري ڇڏجي
ته به اُن کي لکا نه پوندي آهي، پر جڏهن اُن کي
لوڏبو آهي ته سندس جسم جا ٻئي ٽڪر الڳ الڳ ٿي
ويندا آهن. دنيا جي خالق جي تلوار به اهڙي سنھڙي
آهي. اُن ڪڏهن مرڻا جي ٻالڪپڻي ۽ جوانيءَ کي جدا
ڪيو هو... مرڻا اها ڳالھه محسوس ڪري نه سگهي... پر
اڄ کيس دلي صدمو رسيو ته ننڍپڻ، سندس جوانيءَ کان
هڪدم جدا ٿي ويو هو، مرڻا حيرت وچان هيڏانھن
هوڏانھن نھارڻ لڳي.
پيڪن ۾ سندس سمهڻ وارو پنھنجو ڪمرو به، کيس پنھنجو
ڪين ٿي لڳو.هُن کي لڳو ڄڻ هتي ڪو رهندو هو اُهو
ڪٿي، گم ٿي ويو آهي. پوءِ هوءَ گهر جي ٻئي ڪمري
ڏانھن وئي، اتي جي سمھڻ واري جاءِ تي ويھي ڏٺائين،
پر پوءِ ڪنھن به مرڻا کي ٻاهر نڪرندي ڪو نه ڏٺو.
سندس کلڻ يا ٽھڪڻ وري ڪنھن به نه ٻڌو. رکال به کيس
ڏسي ڊڄڻ لڳو هو، راند کيڏڻ جو ته سندس اندر مان
خيال ئي نڪري ويو هو.
هڪ ڏينھن اٿي وڃي ماءُ جي ڀر ۾ ويٺي، ۽ سندس هٿ
جهلي چوڻ لڳي: ”امان، مون کي پنھنجي ساهري گهر ڇڏي
اچ.“
ٻئي پاسي ڪرشنا جي ماءُ جو حال اهڙو هو جو ڪرشنا
کي رخصت ڪندي سندس اداس چھرو ڏسي، اندر کي اڌ
ٿيندي محسوس ڪيو هو. سندس پٽ مجبوريءَ وچان پنھنجي
وَنيءَ کي، پيڪي ڇڏي آيو هو، اهڙو خيال ايندي ئي،
ڪرشنا جي ماءُ جو من گائون مائون ٿيڻ لڳو.
ايتري ۾ هڪ ڏينھن مرڻا پنھنجي مٿي تي رئو رکي، بدن
تي چادر ويڙهي، نھايت ملولائيءَ وچان پنھنجي سَسُ
وٽ آئي، ۽ کيس سلام ڪري، سندس پيرن تي ڪِري پئي.
سَسڻس به آلين اکين سان اٿاري سيني سان لڳايس، هڪ
پل اندر ٻنھي جون دليون جُڙي ويون. نُنھن جي منھن
۾ ڏسي ڪرشنا جي ماءُ حيرت ۾ پئجي وئي، ڇاڪاڻ ته
مرڻا هاڻي اُها نه هئي.
اِن قسم جو ڦيرو هر انسان ۾ اچڻ ٿورو مشڪل به
هوندو آهي، اهڙي غير معمولي تبديليءَ لاءِ به غير
معمولي همت جي ضرورت هوندي آهي.
سَسڻس سوچيو هو ته مرڻا ۾ جيڪي به خاميون آهن، اهي
آهستي آهستي ڪڍرائي ڇڏيندي، پر ڪنھن غيبي استاد
سندس سڌارڻ جو اهڙو طريقو اختيار ڪيو، جو پنھنجي
ليکي سندس رويي ۾ فرق اچي ويو. هاڻي مرڻا پنھنجي
سس جي به پنھنجائپ کي محسوس ڪرڻ لڳي، ۽ سسڻس به
مٿس گهور گهور پئي ٿي.
جيئن شاخ جو وڻ سان واسطو رهي ٿو، ائين هن گهر ۾
اهڙو ڳانڍاپو جُڙي ويو، جيڪو ڪٽجڻ جھڙو نه هو.
مرڻا جي اندر ۾ جيڪا سنجيده، خوشگوار ۽ عورتپڻي جي
وسعت جنم ورتو، جيڪا هُن جي رڳن ۾ ائين سلھاڙجي
وئي، جنهن ڄڻ کيس تڪليف به پئي ڏني. شروع وارن
ڏينھن ۾ جڏهن ڪارو ڪڪر پاڻيءَ سان ڀريل هوندو آهي،
تيئن مرڻا جون اکيون به پنھنجي البيلائين سبب ڀرجي
آيون، پنھنجي دل ۾ چوڻ لڳي:
’منھنجي مَن تي جي پٿر پئجي ويا هئا ته مون کي تو
ڇو نه سڃاتو؟ تو مون کي سزا ڇو نه ڏني؟ تو مون کي،
پنھنجي مرضيءَ مطابق ڇو هلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي؟هيءَ
ڏائڻ جڏهن توسان هلڻ لاءِ راضي نه پئي ٿي ته تون
مون کي زوريءَ ڇو نه وٺي هلين؟ تو ڇو منھنجي ڳالھه
مڃي ورتي؟ ڇو تو منھنجي ڳالھه جو مانُ رکيو؟
منھنجي نافرمانيءَ کي برداشت ڪيو؟‘
هُن کي اهو ڏينھن ياد پئي آيو، جنھن ڏينھن صبح جو
ڪرشنا کي تلاءَ وٽ پڪڙي ورتو هو ۽ مون تي هڪ نگاهه
وجهندي ئي ڇڏي ڏنو هو...
اڄ ان تلاءَ جو ڪنارو، اُهو صبح جو تِڙڪو، رستي جي
اُها اڪيلائي، ۽ ڪرشنا جي اُها موهيندڙ نگاهه،
سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳا... هن انھن سمورين ڳالھين
جي حقيقت کي ڄاڻي ورتو. جنهن ڏينھن ڪرشنا ڪلڪتي ٿي
ويو.
’هاءِ جيڪر، اُن وقت فلاڻو ڪم ڪيان ها، فلاڻي سوال
جو جواب جيڪڏهن هينئن ڏيان ها! فلاڻي وقت جيڪر
هئين ٿي پوي ها!‘
ڪرشنا کي وري اهو غم هو ته مرڻا کي سمجهائڻ لاءِ
کيس گهڻي ساڃاهه نه هئي. اڄ ته مرڻا به ويٺي ويٺي
رڳو پئي ٿي سوچيو.
’الائي ته هُن ڇا سمجهيو هوندو، ڪھڙي راءِ جوڙي
هوندي! ڪرشنا ته شايد کيس هڪ بي عقل، وائڙي ۽ جوان
ضدي ڇوڪري ئي سمجهي ورتو هو، هُن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش
ڇو ڪونه ڪئي، ته عورت پنھنجي دلي لاڙي سان پنھنجي
دل جي اُساٽ لاهي سگهي ٿي.‘
اهي پُور پچائيندي کيس پشيماني به ٿيڻ لڳي، شرم
کان سندس ڳلو ڀرجي آيو، تڏهن پريم جي وهاڻي کي
چميون ڏئي، پنھنجي پيار جو قرض لاهڻ لڳي. ائين
سندس ڏينھن لنگهندا رهيا.
ڪرشنا ته چئي ويو هو ته: ”تون جيسين، چٺي نه
لکندينءَ ... مان گهر موٽي نه ايندس.“
اِن خيال ايندي ئي مرڻا ڪمري جو دروازو اندران بند
ڪري، خط لکڻ ويٺي. ڪرشنا کيس سَتن سِٽن وارو پنو
ڏئي ويو هو، ان کي کڻي هوءَ وري سوچڻ لڳي ته ’ڇا
لکي!‘
پوءِ به سوچي سوچي لکڻ شروع ڪيائين، اکر ننڍا وڏا
به ٿي ويس، ۽ سٽون به ڏنگيون ڦڏيون به پئي ٿيس،
مٿان اڱريون به مَسُ ۾ ڀرجي ويس. پوءِ به دل جهلي،
لکي ورتائين:
”تون ڇو نه ٿو مون کي خط لکين؟... تون ڪيئن آهين؟
۽ ها تون گهر اچ بس!“
هُن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته وڌيڪ ٻيو ڇا لکي!
ڳالھه جا ڪرڻي هئس، اُها ته ڪري ڇڏي هئائين، پر
پوءِ به عام رسم رواج وانگر دل جون ڳالھيون وڌائي
وڌائي لکڻ گهرجن، مرڻا اِن ڳالھه جي ضرورت محسوس
ڪئي ته دير تائين سوچيندي، غور ڪندي آخرڪار ڪجهه
نيون ڳالھيون به خط ۾ وڌائي ورتيون.:
”هاڻ مون کي خط تون لکندين! ۽ تون ڪيئن آهين؟ ۽
گهر اچ! امان ٺيڪ آ، بيشو ۽ پوني به ٺيڪ آهن،
ڪالھه پنھنجي ڳئون کي گابو ڄائو آ...“
خط کي ختم ڪري، پنو لفافي ۾ وڌائين، پوءِ لفافي تي
ڪرشنا جي لکيل ڏس تي، پنھنجي پيار جي نشانيءَ طور
ڪجهه حرفن تي نُڪتا پائي ڇڏيائين. هُن خط ۾ سندس
لکت ٽيڏي ڦڏي هئي، نه جملو درست هو! ته به اُن ۾
سندس پيار جي پالوٽ ٿيل هئي، سوچڻ لڳي: ’لفافي تي
نالي کان سواءِ ڪجهه ٻيو به لکبو آ ڇا؟‘
اِن ڳالھه جي خبر کيس ڪانه هئي، وري اهو به ڊپ هئس
ته سسڻس يا ڪو ٻيو سندس خط ڏسي نه وٺي، هُن پنھنجي
اعتبار واري نوڪرياڻيءَ هٿان لفافو ٽپال ۾ وجهرائي
ڇڏيو... پر اهو خط ڪرشنا تائين نه پھتو.
باب اٺون:
ڪرشنا جي ماءُ ڏٺو ته ڪرشنا کي موڪل به ٿي وئي آ،
پوءِ به گهر نه موٽيو آ...سوچڻ لڳي ته شايد اڃان
تائين ڪاوڙيل آهي، مرڻا کي به اهو انديشو پئي ٿيو
ته ڪرشنا شايد اڃا تائين ناراض آهي ۽ ائين خط کي
ياد ڪري شرمائڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته اهو خط به ته سمجهه
۾ اچڻ جھڙو ڪو نه هو! هُن جيڪو ڪجهه خط ۾ لکيو هو،
اُن ۾ سندس دل جو اظھار به ته چٽو ڪو نه هو! خط
پڙهي ڪرشنا به کيس ٻار ئي سمجهيو هوندو! جنھن ڪري
سندس دل ۾ مرڻا لاءِ ڪا خاص ڇِڪَ پيدا نه ٿي
هوندي. اهڙو خيال ڪندي اندر ۾ آنڌ مانڌ محسوس ڪرڻ
لڳي، هُن ڪيترا ڀيرا ته نوڪرياڻيءَ کان به پڇيو
ته:
”خط ٽپال جي دٻي وڌو به هو يا! ائين ڪٿي ڦٽو ڪري
آئي هئين؟“نوڪرياڻيءَ کيس پورو يقين ڏياريندي چيو:
”جي ها! مون پاڻ پنھنجي هٿن سان ٽپال جي دٻي ۾
وڌو هو، منھنجي خيال ۾ هاڻي ته بابو ڪرشنا کي ملي
به ويو هوندو.“
نيٺ هڪ ڏينھن، سسڻس، مرڻا کي سڏيو:
” ڪنوار! ڪيشو ته گهڻن ڏينھن کان گهر ناهي آيو،
سوچيان ٿي ته هڪ ڏينھن ڪلڪتي پاڻ وڃي ڏسي اچانس،
تون هلندينءَ مون سان؟“
مرڻا ڪنڌ جي اشاري سان، ساڻس ها ڪئي، ۽ خوشيءَ
وچان ڊوڙي پنھنجي ڪمري ۾ وئي ۽ وهاڻو کڻي سيني سان
لائي، مُرڪڻ لڳي،پر اوچتو سندس دل ۾ ڪا ڊپ جي لھر
ڊوڙي آيس ته بستري تي اٿي ويٺي ۽ روئڻ لڳي.
ڪرشنا کي ته اطلاع ڪرڻ بجاءِ، ڪرشنا جي خيريت
معلوم ڪرڻ لاءِ يا پنھنجي دلجاءِ لاءِ، سس ۽ نُنھن
گڏجي ڪلڪتي روانيون ٿي ويون. ڪرشنا جي ماءُ ان رات
ته پنھنجي ڄاٽي جي گهر تي ترسي.
اِن وچ ۾ ڪرشنا به جڏهن مرڻا جي خط جي ملڻ جي نه
ڏٺي ته پاڻ ئي پنھنجي وعدي جي خلاف خط لکڻ ويهي
رهيو، پر ڪو لفظ ڪونه ٿي وڻيس،هُن کي اهڙن لفظ جي
ڳولها هئي ، جنھن مان سندس محبت جو اظھار چٽو ٿي
سگهي، ۽ اُن ۾ سندس ٿورو رنج به ظاهر هجي... پر
اهڙو ڪو لفظ نه ٿي مليس، اُن وقت ته کيس پنھنجي
مادري زبان مان نااميدي ٿيڻ لڳي، ايتري ۾ کيس
پنھنجي ڀيڻويي جو خط مليو، جنھن ۾ لکيل هو ته:
”امان وڏي آئي آهي، تون هڪدم هليو اچ ۽ رات جي
ماني اسان سان کائجانءِ ، باقي سڀ خير آهي.“
ڪرشنا جي ڀيڻويي جي خط پڙهندي، اطمينان ٿيڻ سان گڏ
کيس الڪو ٿي بيٺو ته آئيءَ وارا ڪلڪتي ته آيا آهن،
پر الائي ڪا خراب خبر نه هجي.“
ائين سوچي جلدي تيار ٿي، ڀيڻ جي گهر پھتو، پنھنجي
ماءُ سان ملندي ئي، پڇڻ لڳس:
”آئي! خير ته آهي نه؟“
”ها سڀ خير آ... تون موڪلن ۾ گهر نه آئين، ان ڪري
مان توکي وٺڻ آئي آهيان!“
ڪرشنا چيو: ”اچڻ جي ايتري تڪليف ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت
هئي، قانون پڙهڻو هو.“
ماني کائڻ وقت ڀيڻ به ٽَل ڪري پُڇيس: ”زال کي ڇو
نه وٺي آيو هئين؟“ چوندي چپن ۾ مرڪڻ لڳي، ڄڻ ڪجهه
لڪائيندي هجي.
ڀيڻ جي مرُڪ کي ڄاڻي نه سگهيو، تنھن ڪري اُن کي به
ساڳيو جواب ڏنائين” ”قانون پڙهڻو هو.“
”اهو ته تنھنجو اجايو بھانو آ.“ ڀيڻ کلي چيو هئس،
”ٿي سگهي ٿو اسان جي ڊپ ۾ تو زال کي نه آندو هجي،
واقعي ابا! تون ته صفا خطرناڪ ماڻھو آهين.... “
ائين سندس کل مذاق هليو پئي، پر ڪرشنا گهڻو اداس
هو، ڪا به ڳالھه کيس ڪانه ٿي آئڙي، هن سوچيو پئي
ته؛
’گودي! جيڪڏهن ڪلڪتي آئينءَ، ته مرڻا کي به ساڻ
وٺو اچين ها! چاهي ها ته توسان گڏ آسانيءَ سان
اچي وڃي ها!...“
سوچڻ لڳو: ’آئيءَ پاڻ سان وٺي اچڻ لاءِ کيس ضرور
چيو هوندو، پر شايد مرڻا اچڻ مناسب نه سمجهيو
هوندو.‘
مرڻا ماڻس سان گڏ آئي ته هئي پر اُن جي اچڻ بابت
ماءُ کان پڇڻ ۾ هَتر ٿي ٿيس، ۽ مرڻا کيس ڪٿي نظر
به ڪانه پئي آئي. ائين پئي لڳس، ڄڻ انساني جيون ۽
سموري خلق، رڳو ماءُ جي ادب ۾ ڦاٿل آهي.
رات جي مانيءَ کان پوءِ هوا جا گهوگهٽ شروع ٿي
ويا، ۽ هڪدم برسات پوَڻ لڳي. ته مرڪندڙ منھن سان
ڀيڻس چيس:
”ادا اڄ رات اسان وٽ ئي ٽِڪي پئه....“
”نه ڀيڻ! موٽي وڃڻو پوندو! ڪم گهڻو آ...“
ڀيڻيوي چيس: ”رات جو تنھنجو اهڙو ڪھڙو ڪم آهي، جو
رات هتي رهڻ سان ڪنھن جي اڳيان جواب ڏيڻو پوندئي؟،
پر يار توکي ڳڻتي ڇا جي آهي؟ اسان به ته ڪا ڳالھه
سَلِ!“
دل ته ڪانه ٿي چَيس پر گهڻي زور ڀرڻ تي بھرحال رات
جو ڀيڻ جي گهر ترسي پوڻ تي راضي ٿي ويو.
ڀيڻ چيس: ” ڀاءُ تون گهڻو ٿڪل ٿو لڳين، چڱو دير نه
ڪر، اچ، اچي آرام ڪر!“ وڏي پاٻوهه مان سندس ڪلھن
کي اڳتي ڪندي کيس ڪمري تائين ڇڏي آئي.
ڪرشنا جو خيال به اهو ئي هو ته انھن جي ڳالھين کان
جان ڇڏائي، وڃي اوندهين ڪمري ۾ ڪِري. ڇاڪاڻ ته
هُن کي سندن سوالن جا جواب ڏيڻ کيس ڏکيو پئي لڳو.
سمھڻ واري ڪمري ۾ ايندي هُن ڏٺو ته ڪمرو صفا گهگهه
اونداهيءَ سان ڀريو پيو آهي، ڀيڻ چيس:
”ڀائڙا! ڏيئو ٻاري ڏيانءِ؟“
”نه ان جي ضرورت ناهي، مان سمھڻ وقت ٻرندڙ ڏيئو به
وسائي ڇڏيندو آهيان.“
ڀيڻ جي وڃڻ کانپوءِ ڪرشنا آهستگيءَ سان پنھنجي
پلنگ جي پاسي پھتو، اڃا بستري تائين پھتو مس، ته
اوچتو ڪنگڙين جي ڇڻ ڇڻ سان گڏ ٻن نازڪ هٿن کيس زور
سان جهلي ورتو. اندر مان بي اختيار اٿل کائي آيل
سندس ڳلن تي... مسلسل جاري هئا، ڪرشنا عجب وچان
اٿي بيٺو ، پر جلد ئي محسوس ڪري ورتائين ته:
’ڏاڍن گهڻن ڏينھن کان ڪيل، هڪ اڻ پوري ڪوشش، جيڪا
رڳو کل مذاق ۾ گذري وئي ئي....
اڄ.... نيٺ خوشيءَ جي ڳوڙهن سان سندس اندر جي
احساسن جو پورائو ٿيو
ª
(سنڌي ادبي بورڊ جو نئون ڪتاب)

|