سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2026ع

باب:

صفحو:13 

سنڌيڪار: ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي

 

 

 

هارُ

ڪھاڻيڪار جو تعارف:

]هينري ريني البرٽ گاءِ ڊي موپاسان فرانس جو وڏي ۾ وڏو ڪھاڻيڪار مڃيو وڃي ٿو. سندس ولادت 5 آگسٽ 1850ع تي ڊائپيءَ ڀرسان هڪ ننڍڙي شھر چائٽيوڊي هائرو ميسنل ۾ ٿي، سندس تعلق فرانس جي نارمن گهراڻي سان هو. سندس والدين جا لاڳاپا اڪثر ڪري ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه جهيڙ جو شڪار رهيا ۽ نيٺ سندن وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي. طلاق وقت موپاسان جي عمر رڳو يارهن سال هئي، هن ماءُ جي طرفداري ڪئي ۽ پوءِ سموري ڄمار هڪ فرمانبردار پٽ طور ماءُ سان گذاريائين. باقي پنھنجي پيءُ سان سندس هڪ رسمي ڳانڍاپو رهيو ۽ هُو ڪجهه ڏوڪڙ

پئسا پيءُ کان وٺي پنھنجو خرچ پکو هلائيندو هو.

آزاد خيال گهراڻي سان تعلق هئڻ جي باوجود به موپاسان جي ابتدائي تعليم چرچ ۾ ٿي. ان کانپوءِ وري وڌيڪ تعليم لاءِ کيس هڪ خانقاهه ۾ موڪليو ويو. کيس خانقاهي زندگيءَ کان بيزاري ٿي پئي. تنھنڪري هن اُتي اهڙيون حالتون پيدا ڪيون جو 1868ع ۾ کيس اُتان ڪڍيو ويو.

موپاسان جي ماءُ مسز لاري جو ننڍو ڀاءُ الفرڊ پوٽون هاڪاري اديب ۽ ”مادام بواري“ جي ليکڪ فلابير جو گهاٽو دوست هو. تنھنڪري مسز لاري 1867ع ۾ پنھنجي پٽ موپاسان کي فلابيروٽ موڪليو ته هو کيس علم ۽ ادب جي واٽ وٺرائي. اهڙيءَ طرح فلابير جي نگھبانيءَ ۾ موپاسان کي قلم جي جادوگريءَ ۽ قلم جي حڪمرانيءَ جو عرفان ٿيو. ان کان پوءِ هن به ڪھاڻيون لکيون ۽ ڪنھن فرضي نالي سان هڪ غيرمعروف رسالي ۾ شايع ڪرايون. انھي ٻنھي ڪھاڻين مان هڪ ڪھاڻي ”چرٻيءَ جو گولو“ (بال آف فيٽ) ايڏي ته مشھور  ٿي، جو فرانس جي هر اخبار ۽ هر رسالي ۾ ان تي تبصرا ٿيڻ لڳا. نيٺ هڪ ڏينھن هڪ اخبار وارو ڳولا ڪندي ان اڻڄاتل ڪھاڻيڪار وٽ پھتو. معلوم ٿيو ته اهو موپاسان هو.

موپاسان رڳو ڏهه سال (1880ع کان 1890ع تائين) لکيو. ڏهن سالن ۾ هن 300 ڪھاڻيون، 6 ناول، 3 سفرناما ۽ شاعريءَ جو هڪ ڪتاب لکيو، سندس ناول ”بيل ايمي“ کي بي انتھا شھرت ملي ۽ ان جي وڪري مان کيس ججها ڏوڪڙ مليا.

عمر جي ويھين سال کيس سُڌ پئجي چڪي هئي، ته هو مھلڪ بيماريءَ ۾ ورتل آهي. هي پنھنجي علاج تي ڪو ڌيان نه ڏنو. نتيجي ۾ کيس چريائپ جا دورا پوڻ لڳا. 2 جنوري 1892ع جي رات هن پنھنجو ڳلو ڪاٽيو، ڊاڪٽرن جي وقتائتي پھچڻ تي سندس جان بچي وئي، ان کانپوءِ هو ڏاڍو اداس ۽ وکريل رهڻ لڳو ۽ لکڻ پڙهڻ سان به دلچسپي گهٽجي وئي. ان واقعي جي ڏيڍ سال کن کانپوءِ پنھنجي ٽيتاليھين سالگره کان مھينو اڳ موپاسان کان پنھنجو وجود برداشت نه ٿي سگهيو. موت ئي ان چرئي ڪھاڻيڪار جي آخري پناهگاهه هئي. هن پنھنجو انت آندو، اها 6 جولاءِ 1893ع جي ڳالھه آهي.

موپاسان هن وقت سڄي دنيا ۾ هڪ مڃيل ڪھاڻيڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ سندس لکڻيون ترجمو ٿي چڪيون آهن. هو دنيا ۾ گهڻو پڙهيو ويندڙ افساني نگارن مان هڪ آهي.

موپاسان جي ڪھاڻي “The Necklace” دنيا جي افسانوي ادب ۾ ڪلاسڪ جو درجو رکي ٿي. اها ڪھاڻي 1884ع ۾ پھريون ڀيرو شايع ٿي هئي، ان جو سنڌي ترجمو ”هارُ“ جي نالي سان پيش ڪجي ٿو. – سنڌيڪار[

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

هوءَ ٺاهوڪي ۽ مَن موهڻي ڇوڪري هئي. ويچاري غريب گهراڻي ۾ ڄائي هئي، تنھنڪري ٺٺ ٺانگر ته ڏٺا ئي ڪونه هئائين. جوان ٿي ته والدين کي سندس شاديءَ جي ڳڻتيءَ اچي ورايو. ڪنھن وڏ گهراڻي ۾ ته پرڻجي ڪونه پئي سگهي، جو سندس والدين وٽ ڌن دولت ۽ ڏاج ڏيوڻ ته هئا ئي ڪونه. نيٺ هڪ ڏينھن سندس شادي تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪندڙ هڪ معمولي درجي جي ڪلارڪ سان ڪرائي وئي. هوءَ شاديءَ کانپوءِ به سادا سودا ڪپڙا پائيندي هئي. سندس مڙس وٽ ايترا پئسا ڏوڪڙ ڪونه هئا، جو کيس مھانگا ڪپڙا وٺي ڏئي سگهي ها. وٽس سھڻا ۽ نفيس فراڪ ۽ زيور به ڪونه هئا. هوءَ انھن شين جي خواهش به گهٽ رکندي هئي ۽ سوچيندي هئي ته، ”غربت، جيڪڏهن قسمت ۾ لکيل آهي ته پوءِ اهڙين شين جي سَڌَ ڪرڻ ئي بيڪار آهي.“

هن جي اسڪول جي ڏينھن جي هڪ ساهيڙي هئي، جيڪا دولتمند هئي، هوءَ پنھنجي گهر اچڻ لاءِ کيس چوندي رهندي هئي، پر هر ڀيري ڪونه ڪو بھانو ڪري لنوائي ڇڏيندي هئي. هڪ شام جو سندس مڙس گهر موٽيو ته سندس هٿ ۾ هڪ خوبصورت لفافو هو. هو ڏاڍو خوش پئي نظر آيو، ”هي وٺ...! تنھنجي لاءِ آهي.“

هن تڙتڪڙ ۾ لفافو کوليو، لفافي مان هڪ ڪارڊ نڪتو، جنھن تي لکيل هو، ”تعليم جي وزير ۽ سندس مانواري گهرواريءَ 18 جنوريءَ تي ايجوڪيشن آفيس جي مکيه هال ۾ رات جي مانيءَ جي دعوت ڪئي آهي. اوهان کي به ان دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ عرض ڪجي ٿو.“

سندس مڙس کي پَڪ هئي ته ان دعوت جو ڪارڊ وصول ڪري سندس گهرواري ڏاڍو خوش ٿيندي، پر ان جي ابتڙ هن ڪارڊ ٽيبل تي اڇلايو ۽ چيائين، ”منھنجو ڇا وڃي ان دعوت سان....؟“ اسان غريب ماڻھو.....“

”پر ڇو...؟“ سندس مڙس ڳالھايو، ”مان ته سوچيو هو ته تون ڏاڍو خوش ٿيندينءَ، جو تون ڪڏهن به ڪنھن وڏيءَ دعوت ۾ ڪونه وئي آهين ۽ سچ پچ ته تنھنجي لاءِ هي زبردست موقعو آهي. هر ماڻھوءَ ان دعوت ۾ وڃڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. رڳو ٿورڙن ۽ چونڊ ماڻھن کي ان دعوت ۾ سڏيو ويو آهي. ڪلارڪن ۾ ته رڳو مان ئي آهيان، تون هلندينءَ ته دعوت ۾ توکي هَڙئي آفيسر نظر ايندا.“

هن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ڏک وچان مڙس کي ڏسندي چيو، ”پر ان دعوت ۾ پائڻ لاءِ مون وٽ ڪپڙا ئي ڪونھن.“

هو چند گهڙيون خاموش رهيو ۽ پوءِ چيائين، ”اها ڊريس جيڪا تون ٿئيٽر تي پائي هلندي آهين، سا ته زبردست آهي، دعوت ۾ به کڻي اهائي پائي هلجانءِ.... توکي خبر....“ هُو اوچتو ماٺ ٿي ويو. هن ڏٺو ته سندس گهر واريءَ جي اکين مان ڳوڙها وَهي رهيا هئا. ڳوڙهن جي ڪري سندس ڳل آلا ٿي چڪا هئا.

”تون ڇو پئي روئين....؟ ڇا مسئلو آهي...؟“ مڙس کانئس پڇيو.

هن پنھنجي جذبن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آڱرين سان پنھنجي آلن ڳلن کي خشڪ ڪري جهيڻي آواز ۾ چيائين، ”نه.... نه.... ڪوبه مسئلو ڪونھي. اها ڊريس دعوت ۾ پائي هلڻ جھڙي ٿوروئي آهي. بھتر آهي ته اهو دعوتنامو پنھنجي آفيس جي ڪنھن اُن دوست کي ڏئي ڇڏ، جنھن جي زال کي مون کان وڌيڪ سٺا ڪپڙا هجن.“

هُو  اداس ٿي ويو ۽ چيائين، ”ماٽلڊا! ڀلا هڪ سٺو فِراڪ ڪيتري ۾ ملي ويندو؟ مان چاهيان ٿو ته تون هڪ اهڙو فِراڪ وٺ، جيڪو آئنده به دعوتن ۾ پائي سگهين.“

هوءَ سوچڻ لڳي، کيس پنھنجي مڙس تي رحم به ٿي آيو پوءِ ڪجهه سوچي مڙس کي چيائين، ”مون کي پڪ ته ناهي، پر هڪ سٺو فِراڪ چار سؤ فرانڪ ۾ ملي ويندو.“

اهو ٻڌي هن ويچاري جو مُنھن هيڊو پيلو ٿي ويو. وٽس چار سؤ فرانڪ ته هئا، پر هن اهي شڪار جي بندوق لاءِ بچائي رکيا هئا. ايندڙ آچر تي هن پنھنجي دوستن سان چنڊولن جي شڪار تي وڃڻ پئي چاهيو. پر هاڻي ته سندس گهرواريءَ پاران فِراڪ جي مطالبي کيس ئي شڪار ڪري ڇڏيو هو، پر هن چيو، ”ٺيڪ آهي .... مان توکي چار سؤ فرانڪ ڏيان ٿو، پر فِراڪ ٺاهوڪو وٺجانءِ....“

دعوت جو ڏينھن به مٿان اچي بيٺو هو، پر ماٽلڊا پريشان ۽ غيرمطمئن پئي نظر آئي. ”ڇا ڳالھه آهي؟“ هڪ شام جو کانئس مڙس پڇيو، ”تون گذريل ٽن ڏينھن کان خاموش ۽ اُداس پئي نظر اچين....!“

ماٽلڊا وراڻيو، ”مان ان ڪري اداس آهيان جو مون کي پائڻ لاءِ زيور ئي ڪونھن. چڱو آهي ته مان ان دعوت ۾ هَلان ئي نه...!“

”پر تون ڪجهه تازا گل پائي هلي سگهين ٿي. اڄڪلھه عورتون ڪنن ۾ گل پائي نظر اچن ٿيون. معنيٰ ته اهو فيشن ٿي ويو آهي. تون به گل پائي هلندينءَ ته ڪھڙي اربعا خطا ٿي پوندي. ڏهن فرانڪن ۾ توکي ٽي چار تازا گلاب ملي ويندا.“

پر هوءَ راضي ٿي نه سگهي ۽ چيائين، ”اها بي عزتيءَ جي ڳالھه ٿيندي جو مان ڪنن ۾ گلاب پائي دعوت ۾ هلان. سڀ امير عورتون ته زيور پائي اينديون. مان گلاب پائي هلنديس ته اهي عورتون مون تي ٺٺوليون ڪنديون.“

”ها! مون وٽ هڪ تجويز آهي.“ هن جي مڙس چيو، ”تنھنجي ساهيڙي آهي نه  مسز فراسٽيئر....ان کان زيور اوڌارا وٺي دعوت تي پائي هَل.“

ماٽلڊا جون اکيون خوشيءَ وچان چمڪڻ لڳيون، ”واهه، زبردست! مان ته اهو سوچيو ئي ڪونه هو. مسز فراسٽيئر ته زيورن جي شوقين عورت آهي. وٽس جام زيور آهن.“ ٻئي ڏينھن هوءَ پنھنجي ساهيڙيءَ وٽ وئي ۽ پنھنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايائينس.

مسز فراسٽيئر الماڙيءَ طرف وڌي ۽ زيورن جو هڪ وڏي باڪس ڪڍي ماٽلڊا جي اڳيان کولي رکيائين، ”هاڻي جيڪي زيور وڻنئي، سي کڻ.“ ماٽلڊا کي هڪ هار وڻيو ۽ اهو آئيني اڳيان بيھي پنھنجي ڳچيءَ ۾ پاتائين. هار ٺاهوڪو ٿي لڳو، هن هار لاهي رکيو ۽ پڇيائين ته، ”ڇا تو وٽ ٻيا به زيور آهن؟“

”ها! کوڙ زيور.... مان هڪ ٻيو باڪس به کڻي ٿي اچان. توکي جيڪو وڻئي، سو کڻ.“ ٿوريءَ دير کانپوءِ مسز فراسٽيئر هڪ ڪارو باڪس آڻي سندس اڳيان رکيو. ان باڪس ۾ هيري جو هڪ هار پيو هو. ماٽلڊا جي دل ڌڙڪڻ لڳي. هن دل ۾ سوچيو ته، ”ڪاش! اهو هار مون وٽ هجي ها.“

هن ڏڪندڙ هٿن سان باڪس مان اهو هار ڪڍيو ۽ آئيني اڳيان بيھي ان کي پنھنجي ڳچيءَ ۾ سورڻ پورڻ لڳي، پوءِ چيائين، ”ڇا هي هار مون کي اڌارو ڏيندينءَ؟ مون کي ٻيو ڪجهه به نه کپي.“

”ها.... ڇو نه! ڀلي کڻي وڃ....“ مسز فراسٽيئر اُڪير وچان چيو.

ماٽلڊا پنھنجي ڳچيءَ مان هار لاٿو. مسز فراسٽيئر اهو هار باڪس ۾ بند ڪري ماٽلڊا جي حوالي ڪيو.

دعوت جي رات اچي وئي ۽  ماٽلڊا پنھنجي مڙس سميت ايجوڪيشن آفيس پھچي وئي. هوءَ پنھنجي موهيندڙ مسڪراهٽ، سھڻي فِراڪ ۽ ٺاهوڪي هارَ جي ڪري هال ۾ ويٺل سڀني عورتن ۾ سھڻي ٿي لڳي. هوءَ خوشيءَ وچان جهومي رهي هئي. گهڻا ماڻھو حيرت وچان کيس گهورڻ لڳا. ڪي ته وري سندس ويجهو اچي ساڻس پنھنجو تعارف ۽ سندس تعارف وٺڻ لڳا. ٻيا ته ٺھيو، پر وزير صاحب به سندس خوبصورتيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو.

خوشيءَ وچان اڄ رات ماٽلڊا اڃا پير ڌرتيءَ تي ڪونه ٿي ٽِڪيا. هوءَ بي خودي مان ڊانس ڪري رهي هئي. اڌ رات تائين هوءَ ڊانس ڪندي رهي. سڀ ماڻھو وڃي چڪا هئا، سواءِ چند مردن ۽ زالن جي، جن کي به ننڊ ٿي آئي. هن جو مڙس به ننڊاکڙو ٿي لڳو. تنھنڪري هنن گهر جي واپسيءَ جو ارادو ڪيو.

”تون ترس! مان ٻاهران ٽيڪسي ٿو وٺي اچان، تون ٻاهر هلندينءَ ته سيءُ ٿيندئي.“

پر هن پنھنجي مڙس جي ڪونه ٻُڌي ۽ ساڻس گڏ ڏاڪڻين تان لھندي روڊ تي نڪري آئي. روڊ تي ڪابه ٽيڪسي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آئي. تنھنڪري هنن پنڌ هلڻ جو سوچيو. ٿوروئي اڳتي هليا ته کين هڪ کٽارا ٽيڪسي ملي وئي. اهي ان ٽيڪسيءَ ۾ سوار ٿي پنھنجي گهر پھتا، سندس مڙس کي صبح جو ڏهين وڳي آفيس پھچڻو هو، ان ڪري هو ڪپڙا بدلائي سمھڻ لڳو. ماٽلڊا اوچتو رڙ ڪئي. سندس ڳچيءَ ۾ هار ڪونه هو.

”ڇا ٿيو ماٽلڊا؟“ مڙس کانئس پڇيو.

هنن ڏڪندي ٻڌايو، ”م...م... مون کان مسز فراسٽيئر جو هار وڃائجي چڪو آهي.“

هن رڙ ڪري پڇيو، ”ڇا هار وڃائجي ويو...؟“

پوءِ ٻنھي زال مڙسن، فِراڪ کي ڇنڊي ڦوڪي ڏٺو. فِراڪ جا کيسا به جانچيا، پر سڀ ڪجهه اجايو ويو.

”توکي پَڪ آهي ته اهو هار ايجوڪيشن آفيس جي مکيه هال مان نڪرڻ مھل تنھنجي ڳچيءَ ۾ پيل هو؟“

”ها بلڪل.... اهو منھنجي ڳچيءَ ۾ پيل هو، مون کي ياد آهي چڱيءَ طرح.“

”پر جيڪڏهن اهو هار روڊ تي ڪِري ها ته ان جو کڙڪو ٿئي ها. ٿي سگهي ٿو ته اهو ٽيڪسيءَ ۾ ئي ڪِريو هجي.“

”مان پاڻ اهو سوچيان ٿي.“

”پر ڇا توکي ٽيڪسيءَ جو نمبر ياد آهي؟“

”جي نه!“

ٻنھي زال مڙس هڪٻئي کي گهوري ڏٺو، ”ٺيڪ آهي.... مان ٻاهر وڃي ٿو ڏسان. متان به روڊ تي ڪِريو هجي.“ ائين چئي هُو گهران نڪري ويو. ماٽلڊا جي ننڊ اُڏامي وئي. هوءَ ڪجهه سوچي به نه ٿي سگهي. ڳورن قدمن سان پاڻ گهليندي ڪرسيءَ تي اچي ويٺي. شام جو ستين بجي سندس مڙس گهر موٽي آيو. کيس هار ڪونه لڌو هو. هن پوليس وٽ رپورٽ به لکرائي ۽ اخبار ۾ هارَ جي گم ٿي وڃڻ ۽ ان جي لڀجڻ جي صورت ۾ انعام ڏيڻ جو اشتھار پڻ ڇپرايائين. سڀني آفيسن مان به پڇاڳاڇا ڪرايائين. مطلب ته هُو هر ان جاءِ تي ويو، جتي هار جي لڀجڻ جي اميد هئي.

ماٽلڊا روزانو مڙس جي اچڻ جو شدت سان انتظار ڪندي هئي. مسٽر لائسل جڏهن شام جو گهر واپس موٽندو هو ته سندس چھرو اُداس ۽ هيڊو پيلو لڳو پيو هوندو هو. هن ڏاڍا حيلا هلايا، پر ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪتو. ماٽلڊا کي چيائين ته، ”تون پنھنجي ساهيڙيءَ کي هڪ خط لک ته هارَ جي هڪ ڪَڙي ڀڄي پئي آهي. اها ٺھرائڻ لاءِ هار سوناري وٽ رکي آئي آهيان. جيئن ئي ٺھيو ته توکي واپس ڏئي ويندس. ائين ڪرڻ سان اسان کي ڪجهه وقت ملي ويندو ۽ ممڪن آهي ته ان وچ ۾ هار لڀي پوي.“

ماٽلڊا اهڙو خط لکي پنھنجي ساهيڙيءَ کي موڪلي ڇڏيو. هڪ هفتو گذريو، پر هار جي ڪابه خبر چار ڪونه پئي. هڪ شام جو مسٽر لانسل ڏکارو ٿيندي چيو، ”هاڻي هار مشڪل ئي لڀي. بھتر آهي ته اهڙوئي هار مسز فراسٽيئر لاءِ خريد ڪجي.“

ٻئي ڏينھن ٻئي زال مڙس هارَ جو دٻو کڻي سوناري وٽ آيا. سوناري دٻي کي ڏٺو ۽ چيائين، ”هُن هارُ مون کان خريد نه ڪيو هو. رڳو دٻوئي خريد ڪيو هئائين.“

هُو اتان مايوس ٿي موٽيا. اهي هڪ سوناري کان ٻئي سوناري تائين چڪر ڪاٽيندا رهيا ته متان وڃايل هارَ جھڙو ٻيو هار ڪٿان ملي وڃي.

نيٺ هڪ دڪان تان هيري جوهار ملي ويو، جيڪو هُوبھو وڃايل هار جھڙو هو. ان جي قيمت چاليھه هزار فرانڪ هئي. سونارو ڇٽيھن هزارن فرانڪن ۾ کين اهو هار وڪڻڻ تي راضي ٿيو. هنن سوناري کي چيو، ”مھرباني ڪري اوهان اهو هار لڪائي رکو. اسان ٻن ٽن ڏينھن ۾ پئسن ڏوڪڙن جو بندوبست ڪري توهان کان وٺي وينداسين.“

مسٽر لانسل وٽ پنھنجي پيءُ جا بچايل ارڙهن هزار فرانڪ موجود هئا. هن کي باقي ارڙهن هزار فرانڪ جو انتظام ڪرڻو هو، هن پَٽَ سَٽَ ڪئي. ڪنھن کان پنج هزار فرانڪ ورتائين ته ڪنھن کان چار هزار فرانڪ ورتائين. قرض ڏيندڙن کي چيائين ته هو پابنديءَ سان وياج سُوڌو قرض لاهيندو رهندو. اهڙيءَ طرح ڇٽيھه هزار فرانڪ کڻي هُو سوناري وٽ آيو ۽  هار خريد ڪري گهر آندائين.

انھيءَ ئي گهڙيءَ ماٽلڊ اهو هار کڻي مسز فراسٽيئر وٽ هلي آئي. مسز فراسٽيئر ڪي قدر ڪاوڙ واري لھجي ۾ چيو، ”تون هار موٽائي ڏيڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي، توکي اهو ڪونه ٿي سُجهيو ته متان مون کي به ان هار جي ضرورت پوي ها.“

ماٽلڊا خاموش رهي، پوءِ مسز فراسٽيئر کانئس دٻو وٺي بنا ڏسڻ جي الماريءَ ۾ رکي ڇڏيو. ماٽلڊا دل ۾ سوچيو ته، ”جيڪڏهن مسز فراسٽيئر هار ڏسي ورتو ته پوءِ ڇا سوچيندي. پَڪ سان هوءَ مون کي چور ئي سمجهندي.“

ماٽلڊا گهر اچي وئي ۽ سخت غربت ۽ ڏکيائين ۾ گذارڻ جو ارادو ڪري ورتائين. بچت ڪري کيس اهو قرض لاهڻو هو. نوڪرياڻيءَ کي به فارغ ڪري ڇڏيائين ۽ ڪنھن پر ان علائقي ۾ هڪ سادو سودو فليٽ ڪرائي تي وٺي مڙس سان رهڻ لڳي. هوءَ سڄو ڏينھن گهر جو ڪم ڪار ڪندي رهندي هئي. ٿانوَ ۽ لَٽا ڪپڙا ڌوئي سندس گلابي آڱريون هيڊيون ٿي چڪيون هيون.

سندس سڄو ڏينھن مصروف گذرندو هو. روزانو صبح جو مڙس کي تيار ڪري آفيس موڪلڻ کانپوءِ هيٺ لھي پاڻي ڀَري ايندي هئي. هوءَ هاڻي هڪ گهريلو عورت ٿي چڪي هئي ۽ روزانو ٿيلھو کڻي سودو سامان وٺڻ ويندي هئي. پئسا بچائڻ خاطر هوءَ هڪ هڪ دڪان جا چڪر پئي ڪاٽيندي هئي.

اهڙيءَ طرح ڪجهه پئسا بچائي هر مھيني ڪجهه قرض ادا ڪيو ويندو هو. سندس مڙس شام جو هڪ واپاريءَ وٽ اڪائونٽنٽ جي نوڪري به ڪرڻ لڳو هو ۽ پوءِ گهر اچي دير دير تائين حساب ڪتاب کي لڳو پيو هوندو هو. اها صورتحال پورا ڏهه سال هَلي. نيٺ هنن قرض لاٿو ۽ سُک جو ساهه کنيو.

ماٽلڊا هاڻي هڪ پوڙهي عورت ٿي چڪي هئي، هوءَ هاڻي هڪ غريب شخص جي زال هئي. سندس بدن به ڏُٻرو ٿي چڪو هو. سندس وار به وکريل ئي رهندا هئا. ڪپڙا به ميرا پاتل هوندا هئس. سندس هٿ هيڊا پئي نظر ايندا هئا. سندس آواز به جهيڻو ٿي ويو هو. گهر جو ڪم ڪار لاهڻ کانپوءِ هوءَ دريءَ وٽ اچي ويھندي هئي ۽ ان وقت کي پاراتا پئي ڏيندي هئي، جڏهن هن پنھنجي مڙس سان هار پائڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو هو. هوءَ اڪثر سوچيندي هئي ته، ”منھنجي هار پائڻ جي خواهش جو ڪيڏو نه بُرو نتيجو نڪتو هو. ڪاش! مان اها خواهش نه ڪيان ها. ننڍيون ننڍيون خواهشون ڪيئن نه انسان کي تباهه ٿيون ڪري ڇڏين.“

هڪ آچر تي هوءَ پنھنجي ذهن کي سڪون ڏيڻ خاطر گرجا گهر هلي وئي. اوچتو سندس نظر هڪ عورت ۽ سندس ٻار تي پئي. هن مسز فراسٽيئر کي سڃاڻي ورتو. مسز فراسٽيئر اڃان تائين به سھڻي، نوجوان ۽ موهيندڙ ٿي لڳي. ماٽلڊا سوچيو، ”ڇا مون کي هن سان ڳالھائڻ گهرجي؟ ها.... ڇو نه! هاڻي ته قرض به لھي چڪو آهي. مون سان جيڪو وَهيو واپريو آهي، سو مسز فراسٽيئر کي ضرور ٻڌائڻ کپي.“ اهو سوچيندي هوءَ تڪڙي تڪڙي مسز فراسٽيئر جي ويجهو اچي وئي.

”گڊ مارننگ مسز فراسٽيئر!“

مسز فراسٽيئر، ماٽلڊا کي ڪونه سڃاڻي سگهي. کيس حيرت ٿي ته اها عورت ساڻس ڪيئن نه محبت واري لھجي ۾ ڳالھائي رهي هئي. ماٽلڊا پڇيو، ”تون مون کي ڪونه ٿي سڃاڻين نه!“

”نه.... بلڪل به نه!“

”مان ماٽلڊا لانسل آهيان.“ هن ٻڌايو.

مسز فراسٽيئر کان رڙ نڪري وئي، ”او.... منھنجي پياري سھيلي ماٽلڊا! تون ڪيڏو نه بدلجي وئي آهين، پر ٻڌاءِ ته سَھي! تون ايترا سال هئينءَ ڪٿي؟“

”مان ڏاڍو ڏکيو وقت ڏٺو آهي، تڪليفون ختم ئي ڪونه پئي ٿيون. اهو صرف منھنجي ڪري ئي ٿيو آهي.“

”منھنجي ڪري...!؟ ڇا مطلب؟“

”توکي ياد هوندو ته مان توکان هارُ اُڌارو ورتو هو.“

”ها.... بلڪل ياد آهي!“

”پر اهو هار مون کان وڃائجي ويو هو.“

”مان سمجهيو ڪونه.... پر تو ته اهو مون کي واپس ڪيو هو.“

”مان جيڪو هار توکي واپس ڪيو هو، سو تو وارو نه هو، پر تو واري جھڙو ئي ٻيو هار هو. مان سڄا سارا ڏهه سال ان هار جو قرض ڀريندي رهيس. اسان جھڙن ماڻھن لاءِ، جن کي ٽَڪو به ڪونھي، ايڏو وڏو قرض لاهڻ ڏاڍو ڪَٺن هو. هاڻي اهو قرض لھي چڪو آهي ۽ مان ڏاڍي سڪون ۾ آهيان.“

اهو ٻڌي مسز فراسٽيئر پنڊپھڻ ٿي وئي ۽ پوءِ اکيون ڦاڙي چيائين، ”پر اهو هار ته صفا مون جھڙي هارَ جھڙو هو.“

”ها.... بلڪل....!“ ماٽلڊا چيو.

مسز فراسٽيئر مسڪرائي ڏنو. سندس مسڪراهٽ مان فخر، خوشي ۽ اطمينان ٿي بَکيو. هن ماٽلڊا کي گهوري ڏٺو ۽ چيائين، ”او.... منھنجي پياري ماٽلڊا! مان جيڪو هار توکي ڏنو هو، سو ته نقلي هو ۽ مان رڳو پنج سؤ فرانڪن ۾ ورتو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org