

مهراڻ
(1)
۽ پوءِ برف پگهرڻ لڳي.
ٽيپو.. ٽيپو ٿي،
ڦُڙو.. ڦُڙو ٿي پگهرڻ لڳي.
۽ پوءِ نئيون، نديون ۽ نالا وهيا.
۽ هاڻي مهراڻ ڇولان ڇول آهي.
مان جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيو هئس،
تڏهن مهراڻ ۾ واري پئي اُڏامي.
اُن ۾ هڪ بوند (لفظ) به نه هئي.
اُن ۾ ڪائي لهر (سٽ) به نٿي لُڇِي.
هڪ پنو به نه هو مهراڻ لاءِ!
۽ پوءِ لفظ لفظ چونڊڻو پيو.
ائين، جيئن ست- رنگا پيرون چونڊبا آهن.
سِٽ سِٽ لسارڻي پئي.
ائين، جيئن پُوڻيءَ مان تند لساربي آهي.
پنو پنو گڏ ڪرڻو پيو.
۽ پوءِ برف پگهرڻ لڳي.
ٽيپو.. ٽيپو ٿي
ڦُڙو ڦُڙو ٿي پگهرڻ لڳي.
۽ هاڻي مهراڻ ڇولان ڇول آهي.
(2)
مهراڻ توهان جي هٿن ۾ آهي. ڪيئن آهي؟ اهو ته توهين ئي ٻڌائي
سگهندا؛ ڇاڪاڻ ته اهو حق صرف پڙهندڙ جو آهي؛ پر
ايترو سو عرض ضرور ڪندس، ته مهراڻ جيڪو 9 مهينا
ليٽ هو، اُن کي ايتري ٿوري عرصي ۾ ۽ ايڏي ڀرپويت
سان آڻڻ ۽ هڪ ئي وقت سنڌي ادب جا ايڏا وڏا نالا،
ايڏا محترم نالا ڪَٺا ڪرڻ ڪنهن ڪرشمي کان گهٽ
ناهي! بلڪل ائين جيئن سنڌي ٻوليءَ جو زندهه رهڻ
ڪنهن ڪرشمي کان گهٽ ناهي! ۽ يقيناً سنڌي ٻوليءَ جي
زندهه رهڻ جي سگهه ۽ سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن
جي پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ئي ائين ممڪن ٿي سگهيو
آهي.
اڄ سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي به خطرا آڏو آهن، اُن جا ڪيترائي ڪارڻ
ٿي سگهن ٿا؛ پر ان جو مکيه ڪارڻ تعليمي ميدان ۾
اسان جو پوئتي پوڻ آهي. استاد پڙهائي نٿو ۽ شاگرد
پڙهي نٿو. اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻجي ويا آهن.
اسان جي انهيءَ وهنوار جو سڌو سنئون اثر پوري سماج
تي پيو آهي. ۽ ان جي انهيءَ نتيجي کي جيڪڏهن هڪڙي
ئي لفظ ۾ بيان ڪجي، ته اهو لفظ آهي: ڄٽپڻو.
انهيءَ ڄٽپڻي مان ڪيترائي ناسور ڦُٽن ٿا؛ جهڙوڪ:
سُستي، لاپرواهي، غير ذميواري، اَسهپ، ڪروڌ، ڌؤنس، ڌانڌلي، بلئڪ
ميلنگ، ڇاڙتائپ، جُوڻيتون، گلا، الزام، بهتان، ڪوڙ
بدوڙ، ذاتيات تي لهي اچڻ، رهزني، جيري خاطر ٻڪري
ڪُهڻ، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ، جنهن وڻ سان
ٻڌڻ اُن کي کائڻ ـــــــــ ايستائين جو هڪ ٻئي جي
رت ۾ هٿ رڱڻ کان به نٿا مُڙون!
اها هڪ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي، جنهن جو تدارڪ جيترو جلد
ٿي سگهي، اوترو سٺو آهي. مان اهو نٿو چوان ته سنڌ
جا عالم، اديب ۽ شاعر- پنهنجي قومي مسئلن کان ڪو
اکيون ٻُوٽي ڇڏين. بلڪل نه؛ پر مان رڳو اهو ٿو
چوان، ته سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت به هڪ
قومي مسئلو آهي. ۽ ان مسئلي کي نبيرڻ جو فرض عالم،
اديب ۽ شاعر جو آهي. هر ليکڪ جو آهي. هر محقق ۽
تخليقڪار جو آهي، ته هو لکي، سرجي، رچي ۽ تخليق
ڪري- ڪو نظم، ڪا ڪهاڻي، ڪو ناول، ڪو ليک...!
لِکڻ جي پيشي سان جيڪو به واڳيل آهي، اُن جي پهرين ۽ آخري
ذميواري اهائي آهي، ته هو نه رڳو پنهنجي ٻاٻاڻي
ٻوليءَ کي قائم ۽ دائم رکي، بلڪ اُن کي اڳتي به
وڌائي- اُن کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان سنواري ۽
سڌاري. پنهنجي دور جي سموري اُگراڻ کي لفظن جي روپ
۾ پني تي پکيڙي- ۽ پنهنجو منصبي فرض پوري ڪرڻ لاءِ
انهيءَ سٽ سرجڻ جي جتن کي جاري رکي، جيڪا اتهاس ۾
کيس اَمر ڪري ڇڏي!
(3)
ڪنهن به ٻوليءَ لاءِ يا اُن جي ادب لاءِ سڀ کان وڏو خطرو خود ان
ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ۽ اُن ادب جا لکندڙ آهن.
جيڪڏهن اُهي پنهنجي ٻوليءَ سان سچا نه آهن، ته
پوءِ اهي ڪنهن سان به سچا نه آهن. ۽ سچ ته اهو آهي
ته اهي پنهنجو پاڻ سان به سچا نه آهن. ذاتي شهرت،
عهدن جي بُک، سفارش، اقربا پروري، پئسي ڏوڪڙ جو
لوڀ، کين اهڙي دڳ لائي ٿو، جنهن جي پُڄاڻي ڌُٻڻ تي
ٿئي ٿي! ۽ هن کان لکڻ- سرجڻ ڇڏائجي ٿو وڃي. سچائي،
ايمانداري هن وٽ محض لفظ ئي بڻجي رهجي ٿا وڃن.
سکڻا لفظ- خالي کوکلا- بنا معنيٰ جي! سندن شاعري،
ڪهاڻيون، ليک... وقت ۽ پني جي زيان کان سواءِ ڪجهه
ڪونهن! نتيجو اسان جي آڏو آهي، ته ڪيترن چڱن ڀلن
ليکڪن کي پنهنجي ٻوليءَ جي ڄاڻ ناهي! سندن صورتخطي
صحيح ناهي! کين مذڪر ۽ مؤنث جو پتو ناهي! حد ته
اها آهي ته وڏين وڏين دعوائن جي باوجود سندن لهجو
ئي سنڌي ناهي! پوءِ اهڙا ”پُڇ ٻڌي مهري ڪيل“ صحيح
ٽئلنٽ جو رستو روڪي بيهي ٿا رهن. اُن کي اڳتي وڌڻ
نٿا ڏين. پوءِ شل نه ڪو صحيح ٽئلنٽ سندن وَر چڙهي،
ان کي وڻ- ويڙهيءَ وانگر ويڙهي اُن جو رت ست چوسي،
اُن جو ڪئريڪٽر ۽ ڪيريئر تباهه ڪريو ڇڏين!
(4)
۽ جڏهن ڪوبه اصول، ڪوبه قاعدو، ڪوبه قانون ۽ ڪوبه سسٽم ئي نٿو
رهي، ته پوءِ نانيءَ ڪُنڙيءَ واري بي اصوليءَ هيٺ
ادارن ۾ به اهڙا ڇَسا، نااهل ۽ بدعنوان ماڻهو داخل
ٿي ٿا وڃن، جيڪي اڏوهيءَ جيان انهن ادارن کي
اندران ئي اندران کوکلو ڪندا رهندا آهن؛ تان جو
هڪڙو وقت اهڙو به ايندو آهي، جو اهي ادارا رَک جو
ڍير بڻجي اچي پَٽ پوندا آهن.
ايترو عقل ته سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي به آهي، ته جڏهن به ڪو ٺڪر
جو ٿانءُ وٺجي، ته ان کي به ٺونگي پوءِ وٺجي- ۽
سنڌ جي عام ماڻهوءَ جو اهو اصول اسان جي پوري
زندگيءَ لاءِ هڪ رهنما اصول جو درجو رکي ٿو؛ پر
جتي ذاتي وڻت- اڻوڻت ئي پرک جو معيار هجي، ته پوءِ
اسين ڪنهن کي ورسائڻ تي سندرو ٻڌي بيهي ٿا رهون ۽
اهڙن ماڻهن کي ادارن ۾ ڀرتي ڪري ٿا وڃون، جيڪي
ادارن تي بوجهه هوندا آهن- ۽ پوءِ اهڙن ”اٽي تي
چٽي“ ماڻهن مان جند ڇڏائڻ ئي ڏُکي ٿيو پوي!
نانيءَ ڪُنڙي واريءَ بي اصوليءَ ۽ بي قاعدگيءَ جو ٻيو اُگرو
نتيجو اهو ٿو نڪري، ته ڄاڻو ۽ سينئر ڪارڪنن جي
مٿان اڻڄاڻ ۽ اڻ سکيا ورتل ماڻهو مڙهيا ويندا آهن.
ائين پنهنجي ڪم جي ڄاڻو، تجربيڪار ۽ سينئر ڪارڪنن
جي حقن تي ڏينهن ڏٺي ڌاڙو هنيو ويندو آهي.
جتي ڄاڻ، محنت، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جي صلي ۾ سکڻي شاباس ته
پري رهي، ماڳهين هرويل اهو کُٽڪو ڪاريهر جيان
ڪَرَکنيو بيٺو هجي، ته مُرڳو روزگار ئي نه کسجي
وڃي، ته پوءِ اُتي چاڪيءَ جي ڏاند جيان اکين تي
کوپا چاڙهي وَهڻو ۽ ڳَهڻو ٿو پوي! ۽ ان سڄي
صورتحال جي نتيجي ۾ نه رڳو پيداوار گهٽجيو وڃي، پر
خود اداري جي نيڪناميءَ تي به خراب اثر پوي ٿو!
اسان جي اڪثر ادارن سان اهوئي حشر ٿيو آهي.
انهيءَ سڄي ڪٿا ۾ اتساهه ڏياريندڙ ڳالهه آهي، ته سنڌي ادبي بورڊ
جي ڪارڪنن جي گهڻائي پنهنجي ڪم جي ڄاڻو، محنتي ۽
اداري جي هڏڏوکي آهي ۽ پنهنجي فرض کان ڀليءَ ڀت
آگاهه آهي.
سنڌي ادبي بورڊ هڪ علمي ۽ ادبي ادارو آهي. سنڌي ادبي بورڊ سان
سنڌ جي انتهائي اهم ۽ محترم هستين جا نالا لاڳاپيل
رهيا آهن. ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ٻوليءَ،
سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت لاءِ لازوال خدمتون سرانجام
ڏنيون آهن. ان جو اعتراف نه رڳو سنڌ ۾ ڪيو ويو
آهي، نه رڳو پنجاب، سرحد، بلوچستان- پوري پاڪستان
۾ ڪيو ويو آهي، بلڪ ٻاهرين ملڪن ۾ به ڪيو ويو آهي.
هتي اهو به عرض ڪندو هلان، ته سنڌي ادبي بورڊ نه ته ڪنهن جو
شخصي ادارو آهي، نه ئي ڪنهن مخصوص ڌُر يا ٽولي جو
آهي؛ بلڪ سنڌي ادبي بورڊ سڀني جو ادارو آهي- ۽ اُن
جي ساک کي بحال ڪرڻ لاءِ اسان کي سڀني جي ساٿ ۽
سهڪار جي ضرورت آهي.
(5)
سنڌ اڄ جنهن عذاب مان لنگهي رهي آهي؛ امن جي ڌرتيءَ تي هيءَ
جيڪا رتوڇاڻ ٿي رهي آهي- ان رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ،
امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ اديب- هڪ سرجڻهار تي ڀاري
ذميواريون عائد ٿين ٿيون. سنڌ جي ماڻهوءَ جي مورال
بلند ڪرڻ، هن کي سندس شناخت واپس ڏيارڻ، پنهنجن/
پراون هٿان سندس چپن تان کسيل مُرڪ موٽائي ڏيڻ
لاءِ سنڌ جو اديب هڪ سونهي جو ڪردار ادا ڪري سگهي
ٿو.
سنڌ جيڪا ڏينهن جو پورهيو ڪندي هئي ۽ رات جو جاڳندي هئي. سنڌ،
جتي اوطاقن ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون؛ دڪانن تي ڏور-
ڳجهارت جا معرڪا ٿيندا هئا؛ اوتارن ۽ درگاهن تي
راڳ رنگ جون محفلون مچنديون هيون؛ ميلا ملاکڙا
ٿيندا هئا؛ چانڊوڪين ۾ ونجهه- وٽي ٿيندي هئي- اڄ
اُهي چاندوڪيون رُسي ويون آهن. مان سنڌ جي سڀني
اديبن- سرجڻهارن کي اپيل ٿوڪريان ته هو هٿرادو
ويڇا وساري، انهن رُٺل چانڊوڪين کي پرچائڻ لاءِ
چنڊ وٽ ميڙ ٿي هلن، ته جيئن ”سڀاڻي“ جو سج، هن
امن- آشتيءَ جي ڌرتيءَ تي وڌيڪ اُجرو ٿي
اُڀري.
ــــ سيد امداد حسيني
اُٺو اوهِيرا ڪَري، عاشق مَٿي اَڄُ،
ڏورِ ڏُڪارِيا! ڀَڄُ، مِينهَنِ مُنهن ڏيکاريا.
لطيفي لات
تان ڪِي ساڻَنِ اوِر، جان آهِينِ اوطاقُنِ ۾،
ڏَهه ڏَهه ڀيرا ڏيِنَهن ۾، پاڻُ مٿانئُنِ گهورِ،
وِيا جي هِنگلورِ، ته ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپڙي.
وڇڙيا ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو
گذريل ويجهڙائيءَ واري عرصي ۾ ساهت ۽ سنگيت کيتر جون ڪيتريون ئي
اهم ۽ سُڄاڻ هستيون اسان کان وڇڙي ويون آهن. ناٽڪ
ڪار ۽ زرعي ماهر ڊاڪٽر يوسف پنهور، سنگيتڪار استاد
نياز حسين، منفرد ڳائڻو ڍول فقير، شاعر ۽ ڳائڻو
فقير حسين بخش خادم- روايتي شاعريءَ ۾ پنهنجو
مخصوص رنگ رکندڙ فيض بخشاپوري، ڪافي- رنگ غزل جو
شاعر ڪريم پلي، چترڪار ۽ ڪهاڻيڪار ع.ق شيخ؛
ڪهاڻيڪار اشرف سيال، سماجي ڪارڪن عادل سخيراڻي،
ڪهاڻيڪار ۽ ”سهڻيءَ“ جو ايڊيٽر طارق اشرف ۽ هند ۾
سنڌيءَ جو اهم ڪهاڻيڪار ۽ شاعر موهن ڪلپنا اسان
کان وڇڙي ويا آهن.
وڇڙيا ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو
اُس چمڪي ته اُجهامي ويا
مينهن وساڙن جهڙا ماڻهو
انهن سڀني سنڌي سنگيت ۽ سنڌي ساهت کي جيڪا اوڄ ڏني، اُن تي کين
جس هجي. اڄ اسان وٽ سندن اکري- پورٽريٽ، آڊيو-
وڊيو رڪارڊنگ.... ناهي، ته اهو اسان جو اڀاڳ آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته انهن جو ڇڏيل مواد هٿ
ڪري محفوظ ڪيو وڃي. ۽ جيڪي حال حيات آهن، انهن کي
سندن زندگيءَ ۾ مڃتا ڏني وڃي. هن جديد دور ۾ سندن
زندگيءَ ۽ ڪم کي محفوظ ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري
سگهجي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ ان ڏس ۾ پنهنجون
ذميواريون ضرور پوريون ڪندو. هن پرچي ۾ اسين
چاهيندي به انهن هستين مان صرف ڪجهه هستين تي مواد
ڏئي سگهيا اهيون. ايندڙ ”مهراڻ“ ۾ اها ڪسر پوري
ڪئي ويندي.
ـــ سيد امداد حسيني
شاعري
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“
دعا/ بد دعا!
خدا ڪري ته مُحبت جو تون مريض ٿيين،
مئي مغَانه منجهان خوب مستفيض ٿيين.
خدا ڪري ته ڪو مستن جو ٿين تون تابعدار،
خدا ڪري ته پو مغه بچّه جو هجين حبدار.
خدا ڪري ٿيين ابروئي جانِ جان جو شهيد،
خدا ڪري ته زماني جي لاءِ هوندين مفيد.
خدا ڪري ته ڪو تيرِ مڙه شڪار ڪرئي،
خدا ڪري ته ڪا الفت گناهگار ڪرئي.
خدا ڪري ته گرفتارَ عشق ٿين هڪدم،
ڪهين حسين جي جدائي ۾ روئي ٿين بيدم.
خدا ڪري ته حسينن جا تون ڏسين جلوا،
هو توکان وسري وڃن ٻوڙ، ڪوفتا، حلوا.
خدا ڪري ته ڏسين تون بهارِ ميخانه،
پيين ڪنهن ساقيَ مهوش هٿان تون پيمانه.
خدا کي ياد ڪندي ناخدا کي ياد ڪرين،
پيار ساڻ دلِ مہ جبين به شاد ڪرين.
گناهه ناز ڪهين جو ڇڏيئي ڦٿڪائي،
ڪهين جو هجر رلائي ڇڏئي ۽ ٿڙڪائي.
ڇڏائي ڪنز قدوري وڃئي محبت ۾،
قضا ڪرڻ لڳين روزا نمازون فرقت ۾.
ڪمند زلفِ سيہ ۾ تون شال قيد ٿيين،
پيالا پرت جي مئي وارا بار بار پيين.
ڪهين جي راهِ محبت ۾ روز رلندو رهين،
هزار درد جدائي جا دل تي سهندو رهين.
گريبان چاڪ هجئي شال ڪنهنجي الفت ۾،
مڪين ڪوچئه جانان جو ٿين محبت ۾.
سداءِ خشڪ عبادت کان ڪا پناه ملئي،
ڪهين جي عشق مجازي ۾ ”وهواه“ ملئي.
ريا و ڪذب کان مولا ڪا شل پناه ڏيئي،
ڏسين حقيقت کي جنهن سان سا نگاه ملئي.
پوئي ڪو ڀانڊو ڀڄي ڪوڙي پارسائي جو،
ڪهين سان عشق ۾ وعدو ڪرين وفائي جو.
دعا هي ”طالب مولا“ جي من قبول ٿئي،
چيائين جيڪي اهو هوبهو حصول ٿئي.
21 جنوري 1991ع
هالا، سنڌ
اياز کان اعجاز تائين
مون جڏهن نئين دور کي لوڪ- ڪلاسيڪل نئون جُڳ
(New Folk- classical Age)
سڏيو هو ۽ ان دور کي اياز کان
انور تائين جو دور چيو هو، تڏهن گهڻن کي ان تي
مٺيان لڳي هئي ۽ منهنجي ان وصاحت کان پوءِ به ته،
اهو دور 1947ع کان ون يونٽ تائين محيط آهي،
هرمامن ان کي ان معنيٰ ۾ کنيو، ته مان انور کان پوءِ آيلن کي
نظرانداز ڪري رهيو آهيان. اڄ مان انهيءَ لوڪ-
ڪلاسيڪل نئين جُڳ کي اياز کان اعجاز تائين جو دور
سڏيان ٿو. دراصل اهو نئون دور لوڪ- ڪلاسيڪل دور جو
تسلسل آهي.
ــــ امداد حسيني
شيخ اياز
غزل
نظم
وايون
(هيءُ ڪلام شيخ اياز جي اڻڇپيل مجموعن ”ڪَتين ڪَر موڙيا - 2“ ۽
”سورج مُکي سانجهه“ تان کنيل آهي)
بلڪل ڀرپور زندگي جيئڻ جو اتساهه ڏياري ٿي. سنڌ جو درد هن جي
شاعري منجهه آهي. سنڌي عوام هن جي شاعريءَ منجهه
آهي. ساڳئي وقت زندگيءَ ۾ جيڪا خوبصورتي آهي، جيڪا
نيچر آهي، جيڪا سونهن ڀريل آهي، اُها به هن جي
شاعريءَ ۾ آهي. سنڌ جا ڳوٺ هن ۾ آهن. سنڌ جي شهرن
جو تيزاب هن ۾ آهي. سنڌ جي ڳوٺن جي مٽيءَ جو هڳاءُ
هن ۾ آهي. ۽ پل پل جيڪي کڙکٻيتا جرڪن ٿا، اُهي هن
جي شاعري منجهه آهن. شيخ اياز جهڙو شاعر صدين ۾
پيدا ٿيندو آهي.
ــــ موهن ڪلپنا
غَزَلَ
جي ناهه ڏِياٽِي، وِڄُ سَهين، ڪا جوت ته ٻاري ٿي سگهجي.
اونداهه ته آ درياهه جيان، ڪا لَهَر اُجاري ٿي سگهجي.
مايوس نه ٿي تاريخ ڪَنان جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو،
هي هَٿّ هٿوڙا اَڄُ به اَٿي ۽ دنيا ڏاري ٿي سگهجي.
ڇا من وَرتي من ڀاوڪ هئي هوءَ ناري ساري ساوڪ هئي،
هي پر ڪرتي دُکدائڪ آ پر پو به سنواري ٿي سگهجي.
ڪنهن وقت بسنت ته اچڻو آ ۽ رنگ هوا ۾ رَچڻو آ،
هاڻي به اچي ٿي جا خوشبو ڪنهن ريت نه ٽاري ٿي سگهجي.
هي جيون توڙي مايا آ، پر جو پَلُ ان جي ڇايا آ،
ٿا اُن ۾ پنهنجا پير وَڌَن ۽ اُسّ اُڀاري ٿي سگهجي.
ٿو اڳتان ماري جل ڇوليون، پر پيار اُنهيءَ کان پَرٻل آ،
جي ونَجهه هَلايو، پار ڪڏهن هِي ناوَ اُتاري ٿي سگهجي.
هي ڏات ڏسي ٿي ڪجهه اڳتي ويهي ته نه رهڻو آ دڳ تي،
ٿي سوچي اڄ ته ”اياز“ ڪٿي ڪنهنجي ته پناري ٿي سگهجي.
هر چؤنرو ڪوئي ڀؤنرو آ....
تون آڌيءَ رات اُٿارين ٿي ۽ منهنجي ننڊ ڦٽائين ٿي.
جي رهجي ويا ها گيت اَڳي، سي مون کان گيت لکائين ٿي.
اَڌ راتِ اچي جاڳائين ٿي ۽ ڇم ڇم ڇيرون پائين ٿي،
ٿا پير پُڄن آڪاش مٿان، هي ڪهڙا ناچ نچائين ٿي؟
مان تنهنجا چنڊ ستارا هان، ڪيڏيءَ نه تجّليءَ وارا هان،
ڪيڏا نه گلن جا کارا هان، سنسار سَڄو مهڪائين ٿي!
سڀ ساز سرندا تُنهنجا ها، آواز ٻُرنَدا منهنجا ها،
هر چَؤنرو ڪوئي ڀؤنرو آ، گونجار ائين ڦهلائين ٿي!
هر ڏات به تون، برسات به تون ۽ ساري ذات صفات به تون،
۽ سانوڻ جي پرڀات به تون، ٿِي مورَ سوين پِرڀائين ٿي.
تون مندر جو در کولين ٿي، پر دير ڏسِي جا بولين ٿي،
ٿي گِهنڊَ هزارين ٻولين ٿي ۽ سَڀ جي نِنڊَ ڦِٽائين ٿي.
سنسان ڊگر، ويران نگر، ڪنهن وقت هيو آباد مگر، ٿي منهنجا پير
ڇِڪين اُن ڏي ۽ منهنجو پَنڌُ پڇائين ٿي.
هر وقت هوا جون هِيرون ٿي، اڌ راتِ سُڳنڌن سيرون ٿي،
رابيلَ ڦُٽائين ٿِي ڪيڏا ۽ هارَ هَزارين پائين ٿي.
مان ڇا آهيان. مان ڇو آهيان، ڇا مان تُنهنجو پاڇو آهيان،
هي جيون ٿِي ڀِٽڪائين ٿي، پو مون مان جِندُ ڇَڏائين ٿي.
هي گيت غزل گهاڙيٽي ۾، ڄڻ تولئه ڳهڻا ٺاهن ٿا،
سنيگار ڪري سانباهن ٿا، ٿي ڪنوارِ لڳين جي پائين ٿي.
مان تنهنجو ئي پڙلاءُ ته هان، مان تنهنجو جهونو گهاءُ ته هان،
تون جنهن کي روز اُکيڙين ٿي ۽ ٻيهر خون وَهائين ٿي.
هي جيونَ ڄڻ ته ڪرڻ ڦُل آ ۽ باک اُفق تي ڪو گُل آ،
هئن روز نئين خوشبو وانگر، ڇو مون مان گيت چڪائين ٿي.
تون سَرد- سياري باک به آن، تون منهنجيءَ لوئيءَ لاک به آن،
تون ڪائي سُک جي ساک به آن، جاڳائي گيت چوائين ٿي.
ڇا هيلَ اُها رابيلَ هئي، جا اَڳُ به سڳنڌون ڏيندي هئي،
هن جيون جي ڦلواڙي ۾ تون پاڻُ وَري وَرجائين ٿي.
هي ڳالهه ازل جي ڳالهه آهي، هي چڻ ته اُهائي مالهه آهي،
اي ڏات ڀَرين ٿي ڪنگِريون، تون ٻيهر کوهُه هلائين ٿي.
مان ڪير؟ اَلا مان ڪير آهيان، ڪنهنجو ته ڀَلائيءَ ڀيرُ آهيان!
آيو ته ”ايازَ“ اويرو هان پر پوءِ به ساٿ نِڀائين ٿي.
سنسار ته ڪوئي پل آهي....
ڪيئن ڏينهن ٿئي ڪيئن رات لهي، مان ڇا ڄاڻا؛ مان ڇا ڄاڻان؟
ڪئن دل ٿي ايڏو درد سهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان؟
هر لهر هئي مضراب جيان ۽ ساري عمر رباب جيان،
آ وقت جئين درياهه وهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان؟
هن رُوح هرڻ جي ڳولا ۾ ڪو پاڻي آهي؟ ڪونه آهي؟
ڪيڏانهن وڃي ڪيڏانهن ڪَهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان؟
سنسار ته ڪوئي پَل آهي ۽ ان جو انت اٽل آهي،
ڪنهن وقت ٺَهي، ڪنهن وقت ڊَهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان!
پل پيار بنان ڄڻ وَئل آهي، هي جيوَن ڄڻ ڪو بئل آهي،
ٿو چَڪّرِ ۾ ڪيڏو نه ڳَهي، مان ڇا ڄاڻان مان ڇا ڄاڻان!
من روز منجهائي ٿو ساهي، ڪنهن وقت ”اياز“ تَري تائين؛
ٿو سِپّ ڏِسي موتِي نه لهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان!
نئين اُڻت جيئن پيار آهي
هوا گُهلي ٿي اَڃا چڳن ۾ اُڏارَ آهي، بهارُ آهي.
اڃا ته جهومي پيو صنوبر، ٽِڙي پيو ديودارُ آهي.
اڃا پياريون اَچن وڃن ٿيون، مَحبتون مُرڪ کي مڃن ٿيون،
اڃا ٿيو ناهه جام خالي، اڃ اکين ۾ خمارُ آهي.
اڃا گُلن شَبنمي پياليون، ڀَري پيون ٿا اڃا جِيون ٿا،
اڇا جواني وئي نه آهي، اڃا ته مَئي ۾ خمارُ آهي.
اڃا مَحّبت مُئي نه آهي، سڳو به آهي سُئي به آهي،
اڃا ته ياري ڪشيده ڪاري. نئين اُڻت جِينءَ پيارُ آهي.
اڃا گهٽائون اَچن وَڃن ٿيون، اڃا ته سانوڻ هلي رهيو آ،
اڃا ته بوندون وسن پيون، دِل اڳي جيان آبشارُ آهي.
اڃا اکين ۾ گُليل آهي، اڃا هوا ۾ پکي چُٽي ٿي،
گناهگارو ائين نه سمجهو، ته هيل پرهيزگارُ آهي.
اسان اوهان جا اڃا به ناتا، جڏهن اکين اوچتو سُڃاتا،
ته دل پئي مئڪدا ڏسي ۽ اڃا اُئين ميگسارُ آهي.
مسين مسين راتڙي ڀني آ، ڪٿي ته رابيل اڄ ٽڙي آ،
اچي پئي سا عجيب خوشبو، ”اياز“ دل بيقرارُ آهي.
سِج جئن پاڻ کي پتوڙين ٿي
روحَ کي ول جيان وڪوڙيو ٿِي!
جيءَ سان جيءُ ائين جوڙيو ٿِي.
چُوڙيون چنڊ جئن ٽُٽيون آهن،
ٻانهن کي ايترو مروڙيو ٿِي.
هاءِ ميهار بنسري تُنهنجي،
ايترا سڏّ! اڄ ته ٻوڙيو ٿِي!
اُڀّ گهنگهورُ ٿي ويو آهي،
سِجّ جئن پاڻ کي پتوڙيو ٿي.
سيءَ ۾ رات ڪاٽجي ويندي،
ڇو صدين لاءِ هِيئن روڙيو ٿي.
اي سُکاني اڃا ته ڪنڌيءَ ڏي
پيار جي ناوَ کي نه موڙيو ٿي؟
هاڻ سوچي لکي رهيو آهيان،
اي ازل! عَهد ڄڻ ته ٽوڙيو ٿي!
وانئِنٽيون واءُ ۾ پيون ڦَڙڪن،
نينَهن! پنهنجو نِشانُ کي کوڙيو ٿي!
پيار کان ڪونه ٿو مڙين اڄ ڀي،
ڪيترو اي ”اياز“ لوڙيو ٿي.
اچي ويا گيت مينهن وانگر
جڏهن به توکي مَٿي ڪري مُنهُن، ڏِنيون ٿڌي ساهه سان مَيارون!
اچي ويا گيت مينَهن وانگر، ڏِيڻ لڳو اُڀّ اوڇنگارُون.
جڏهن به گهر ۾ گِهري اَچيِن ٿو، وَري وَري جئن ڦِري اچين ٿو،
ته مَن اِئِين آهه موَرَ ڪن جئن، سَوين ٽهوڪا، سَوين پُڪارُون.
اڃا ته آڙاهه جئن نه آهين، اڃا ته ڦُڙ ڦُڙ وسي رهيو آن؛
وجهي پيو سِجّ بادلن مان، لِڪي لِڪي ڇو اِئين نهارُون!
اڃا ته آهي تلاش جاري، اڃا ته مون نانهه هانوءُ هاريو،
اڃا ته آواز آڱرين جا، سوين صدائون، سَوين سَتارُون!
ڪڏهن اچين جي نماز وانگر، جهٽي وڃين روح باز وانگر،
ته جيءُ منهنجو پکيءَ جيان ٿِي، ٽَپي هَوا ۾ ڪري قَطارُون.
اڳي به سَنگي اَڳي به ساٿي، پئِي ملاقات آ سدا ٿِي،
پياڪُ ٿِي ٿيڙَ ۾ مليو آن، ڪڏهن ڪيون توڪَلالَ ڪارُون!
جڏهن سفر ۾ ملي وئين تون، ته ٿي ويو آنهه گهورَ مُنهنجي!
ڪٿي مليو آن؟ ڪٿي مليو آن؟ خبر نه آ، ايتريون وِسارُون!
ڏِسين پيو تيزُ تيزُ ڌارُون، رَکين پيو واڳ وسّ تن جي،
نه ناوَ مُنهنجي، نه ناکئو مان، پَري ڪَنارو، نه آنءُ تارُون!
”اياز“ هي آبشار ڇاهي، ڪٿان اچي ٿو، ڪٿي وڃي ٿو؟
اسان ته اُن جون ڏسون پيا ٿا، رڳو، پَرين پارَ کان اُڏارُون!
هي ٺٽي جي هوا....
رات تارن ڀَرِي پيار ۾ او چَرِي
اَچُ مون ڏي وَرِي، تارَ تي تون تَرِي!
تون ڳچيءَ کان پَري، هٿ جَهٽڪي ڪَري،
موٽي وَئينءَ ڏيهه کان ڇو ڏري؟
ڪا ته مُکڙي کِڙي، ڪجهه ته گُل ٿي ويو،
آهه سُرهاڻ ساري اڱڻ ۾ ڀَري!
هي ٺَٽي جي هوا تيزُ تَر ٿِي گُهلي،
ياد مون کي اچين ٿي اڳي جئن وَري.
ڪائناتون هئينءَ، تون بَراتون هئينءَ،
تون ستارا سوين رات جن سان ڀَرِي.
ڪالهه توکي ڏٺو مون ڏياريءَ جيان،
شهر ڏِيئا هيو، روشِني، هر دَرِي!
گُل هيا فڪر جا، يار جي ذڪر جا،
ڇا نه خوشبوءَ ڪَئِي راهه ۾ رَهبري!
اي اياز آسرو، مون اڳي کان گهڻو،
هو پره جِيئن آ، رات ويندي ٽَرِي!
هي ڏات جئين برسات پوي....
هي ڏات جئين برسات پوي، تون ڇا ڄاڻين تون ڇا ڄاڻين؟
ڪئن ڏينهن لهي ڪئن رات پوي، تون ڇا ڄاڻين، تون ڇا ڄاڻين!
اڳ آهه ازل جي ميڙي کان ۽ پوءِ ابد جي ڇيڙي کان،
ٿي وچ تي ذات صفات پوي، تون ڇا ڄاڻين، تون ڇا ڄاڻين!
دنيا ۾ دولت شهرت کان، هر چاهت کان اُن کان به مٿان،
ٿي ماڻهوءَ جي مرجات پوي، تون ڇا ڄاڻين، تون ڇا ڄاڻين!
جنهن وَقت به رمتو راهه وَٺي، تنهن وقت لَڪائينءَ تِرڪڻ تي،
ڪيڏي نه ڀَري برسات پَوي، تون ڇا ڄاڻين، تون ڇا ڄاڻين!
جنهن وقت گُلن تي ماڪ ڏِسين، جنهن وقت ڀِنل افلاڪ ڏسين،
تون سمجهه ته ٿي پِرڀات پوي، تون ڇا ڄاڻين، تون ڇا ڄاڻين!
ڪي ماڻهو ٿا فولاد ٿين ۽ آدم جي اولاد ٿين،
جنهن وقت ”اياز آفاتِ پوي، تون ڇا ڄاڻين، تون ڇا ڄاڻين!
وري سوريءَ سڏيو آهي....
نچي ٿو مور ڇو من ۾ گَهٽا گنهگهؤ آئي آ،
ڪري تون اوڙڪون آئينءَ وري مون دل لڳائي آ.
اچن ٿا دور تان گهنگهرو، وڄين ٿي وِڄ وانگر تون،
ڪَئِي ڪويل ائين ”ڪوڪو“ وري ڪا ياد لائي آ.
سرنهن جي ڇانو ۾ توسان، ملاقاتون ڪيون جي مان،
اهي عُزلت نشيني ٿي ويون، جڳ کان جُدائي آ.
خبر ناهي ته تون ڇاهين؟ ٻه ٽي پرڇائيون آهن!
انڌاري رات آهي ۽ اَڪيلائي، اَگهائي آ.
وَري سوريءَ سڏيو آهي، لَڏيو ڪوئي لَڏو آهي،
اهو ڪنهن جو ڦَڏو آهي؟ گُهري ڪنهن هيءَ خُدائي آ.
هرڻ آيو ترائيءَ تي لَهي ٿو سج ليارن ۾،
نه ڌرتيءَ تي خدا تصوير ٻي اهڙي بڻائي آ.
اُٿو اي ميڪدي وارؤ! رکو هي جام مون پارؤ!
ڏسو هو سِجّ سامهون، ميڪدي تي اُسّ آئي آ.
وڻي ٿي واٽَ هي سارِي، مٿان ڇا ڇا نه آ پياري!
وڃي تو ڏانهن ٿي، اِن ۾ ڀلا ڪهڙي بُرائي آ.
اها صورت ڏٺي آهي، اڳي وانگر مِٺي آ،
ڪٿي آخر؟ ڪٿي آخر؟ اِها ڳولا اجائي آ.
پيو آ سمنڊ هي سارو، جڏهن آيو سندءِ وارو
ٽُٻي موتِي کڻي آئِي وَنين وارِي سَجائي آ!
اُفق تي تون شفق آهين، لهي ٿو سِجّ ساحل تي،
اڃا ڪجهه ترسڻو آهي، اڃا ڪِشتي نه آئي آ.
ڪڏهن ارزان، ڪڏهن لرزان، اَٽو ناهي لَٽو ناهي،
اياز اِن ڳالهه ۾ آخر ڀلا ڪهڙي چڱائي آ؟
نظم
ٻار مون کي ٿا چَوَن:
”سنڌُ توکي ٿي سڏي،
ڌَرتتيءَ کي تون ڇڏي
روجهه وانگر ڳوليون ڪي واٽِڙيون.“
مان چوان ٿو:
”روجَهه کوليءَ کي لَنوايو ڪيئن آ؟
سنڌڙيءَ کي مون گَنوايو ڪيئن آ؟
نظم منهنجا تاابد ڏيندا اوهان کي زندگِي
جا وڃي ٿي اَڄُ کَسِي
پر کَسي سَگهندو اُها ڪوئي اوهان کان ايئن ڪونه!
نظم منهنجا اَنتُ ماري ڪوبه سگهندو جِيئن ڪونه“
ٻار مون کي ٿا چون:
”پر اسان کي کيرٿر جا پارَ ڏس!
پنڌ تُنهنجي جي وَهِي ناهي، اهو ڄاڻون پيا،
تون سفر جا پارَ ڏس!
تو ڏٺو جو آ پهاڙن ۾، اسان کي اُن نگر جا پارَ ڏس!
ڪنهن ترائيءَ، ڪنهن ته تر جا پارَ ڏس!
ڪنهن ته گَهر جا پارَ ڏَس!
آنءُ جو موت تي جيت هان
موت مون لاءِ ڪنهن لاش جان
منهنجي گهوڙن جي سُنبن جي هيٺان ٿو چيٿاڙجي!
مان پيو ٿو وَڌان
سِجُ هاڻي پهاڙن پُٺيان،
رات جي واڙِ ۾، ٿو پيو واڙِجي،
منهنجي گهوڙي جي سُنبن جي هيٺان ٿو چيٿاڙجي؛
پو به ڪو ٿَڪُ ناهي اڃا
پيرَ منهنجا رَڪابن ۾ اڳُ جيئن سوگها لڳن
پنڌ ڏاڍو ڪٺن پو به گهوڙا اَڙيءَ سان اُڏن
ڀالوا، ڀالوا!
ڪيترو تون پري آنهه اي ڀالوا!
چنڊ مون ڏانهن ٿو مارئيءَ جئن ڏسي،
دور تان ديس جي هر خوشيءَ جئن ڏسي.
شاعري منهنجي ته هوندي
آنءُ توسان ڪونه هوندس!
رات ٿيندي
چاندني اُن کي چُميندي،
صبح ٿيندو
سجُ اُن کي ڏَنُ ڏيندو.
روشنيءَ جا ترورا ٿي؛
سمنڊ جون لهرون اُڏامي
اِئن ڪنديون منهنجي سَلامي
ڄڻ ته منهنجي فوج آهن،
موج پٺتان موج آهن!
آنءُ هي سنسار آهيان،
آنءُ توکان ڌار ناهيان
تون ڏسي سگهندين نه مون کي
ساٿِ پنهنجي؛
شاعري منهنجي ته هوندي
ها برابر، آنءُ توسان ڪونه هوندس
شمع پُڇي ٿي
پروانا ڪيڏانهن ويا سڀ؟
ديوانا ڪيڏانهن ويا سڀ؟
تِيرن جان جي پَر ڦَڙڪائي
منهنجي سيرانديءَ ايندا ها،
۽ شعلي ۾ پاڻ جلائي
روشنيون اڳُ کان به وَڌائي
مَچُ مَچائي
نور سَمائي جرڪِي جَرڪِي
سي پروانا
اڄ ديوانا
ڪونه ڏسان ٿِي!
ڇونه ڏسان ٿِي؟
دوستو آزادگي
هاڻ گوليءَ پنڌ تي ملڻي نه آهي،
هاڻ ڪنهن سوڳنڌَ تي ملڻي نه آهي
جو کَڻِي
پاڻ کي آجو ڪَري ويندا اوَهين!
مان چوان ايڏو پَري ويندا اوهين،
رتُ جا درياهَه هوندا،
چؤطرف واهڙ وهي ويندا تڏهن،
لاش جئن آڪاش ۾ تارا ڪڏهن
ايترا اڳ ۾ نظر آيا نه هوندا.
سيرَ ۾ زنجير ٺاهيندا ڪَتين جئن ائن ڪٿي جڪڙيا نه هوندا!
مَوت جي پَنجي اڳي پَڪڙيا نه هوندا!
وَچَ پاڻيءَ ۾ پُڄي
نيٺ سَڀُ ويندا سُڄِي،
ڪيترو اَڪڙيا نه هوندا!
ايترا ڄَرڪا نه هوندا
جي اُهي کائي سگهن؛
موت پنهنجيءَ ۾ مگن،
ڪنهن طرف گهوري نه ڏسندو ڌيان سان،
زندگي اَڀمان سان، لُڙهندي پَئي ڦيرا ڪَري
مانگريون گهيرا ڪري
واتَ ڦاڙينديون وَڏا
ڪونه رهندا ڪي هَڏا
جي ٻيا کائي سگهن؛
ڪير ٿا قيمت ڏين
ايتري؟
آزادگي!
ڀلا ڏونگِرَن تي
ڪڏهن پنڌ پنهنجو پُنو ڇو نه آهي؟
ڪڏهن پارتِن جي وَيو ڪونه آهي،
خبر ناهه ڇاهي؟
پَرانهَن گَهرن تي
ڪڏهن رنگَ ڪونڀٽ ڪَڍن ٿا، کِڙن ٿا!
پکيئڙا مِڙن ٿا؟
ڪڏهن ڀؤنتريون تِيرَ وانگر اُڏامي،
اُٺي جِي ٿَڌَيءَ هِير وانگر اڏامِي
وڃِي ٿَڪُ آڪاس ۾ هو پَٽن ٿيون!
ڪَتيءَ جا ڪڪر ساهه ۾ ڪي جَهٽن ٿيون!
پکيءَ ۽ پَکي ۾ جِتي فرق ناهي!
ڏسون غور سان جي
ٻئي ٿا اُڏامن!
ٻنهي لاءِ لامن
ڪئي لوڏ آهي ڪَتين ۾،
ازل جي بتين ۾،
انڌيرو ٻري ٿو
لڳي جو پيو ڏور ڏيرو ٻري ٿو.
سدائين پريرِي
اَٿي نينهن واري نِهائِين پرَيرِي
هتي خون انسان جو مينهن وانگر،
بُکئي، شينهن وانگر
هِتي ڏينهُن ۽ رات آهن شڪاري،
مصّور سوين ٿيا، نه پر ڪنهن سَنوارِي
شفق خون وانگر
وهي ٿي اگر آسمان ۾،
اهوسِجَ جو خون ساري جهان ۾
چڱو آ، وڻي ٿو،
اِهو رات آڻي، ٻه ٽي پهر آرام ڏي ٿو.
سُتي، لوڪِ ڪو ساز وڄندو رهي ٿو.
هتان روح کَڄندو رهي ٿو
سڄي رات ڪيڏانهن ڀَڄندو رهي ٿو
اُها ننڊ ۾ رات جيڪا گذارِي،
اها رات آ چئن واري،
چڱا ها بُرا ها،
ويا خوب گذري،
ڇُرا ڪَڍّ ها جي ته ڪُوڙا ڇُرا ها!
حقيقت به گهورِي، صداقت به گهورِي
ٻنهي جي اگر کولڻي آهه ڏورِي
فقط خواب کي ڏس!
ڪڏهن دور مهتاب کي ڏس!
جڏهن عڪس اُن جو پئي، آب کي ڏس!
تڏهن هيٺ تالاب کي ڏس!
فقط خواب کي ڏس! |