|
فوٽ نوٽ
محمد اقبال گاهند هري- سفرنامو ابن بطوطه حصه اول (اردو ترجمو)
رئيس احمد جعفري ”مسلمان سياح ۽ انهن جا سفرناما“
مقالي تان ورتل 1961 ص3
ابن بطوطه طنجير جي شهر ۾ 1304ع ۾ ڄائو هو. سندس نالو محمد بن
عبدالله هو ابن بطوطه سندس خانداني لقب هو. سندس
خاندان اڃا به موراڪو ۾ موجود آهي سفر تان موٽڻ تي
موراڪو جي هڪ شهر جو قاضي مقرر ڪيو ويو. 25 سالن
جو جوان هو جو سفر تي نڪتو ٻيا 25 سال سفر سفر
ڪيائين ۽ وطن واپس موٽيو ته پنجاهه سالن جو پوڙهو
ٿي موٽيو.
مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (1662-1752) هالا پراڻا جو رهاڪو هو. ادبي
تاريخن ۾ سندس مٿي ڄاڻايل مولود گهڻو مشهور آهن.
مون کي ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جي انهيءَ راءِ سان اتفاق ڪونهي.
1972ع جي مقابلي ۾ سن 1981ع، 1972ع ۾ تمام گهڻا
ڇپيا آهن ۽ ويندي 90-91ع تائين کوڙ سارا سفرناما
ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. (عبدالرحمان قريشي، هن مقالي ۾
شامل لسٽ ملاحظ ڪجي.)
مٿئين ٻنهين سفرنامن جو ذڪر جناب ولي رام ولڀ، عمر قاضيءَ جي
سفرنامي ”ديسين وٽ پرديس“ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.
شيام جئسگهاڻي، پيش لفظ ص 7 سفرنامو ”من جا محل- کنڊر“ لکندڙ
لکمي کلاڻي (1972) ص572.
وليرام ولڀ- مهاڳ- ”ديسين وٽ پرديس ۾“ ”عمر قاضي سال.... ص 225
Walking through the streets of
India 1960 (V.Mehta)
Gore away an Indian Journey 1960 (Dam Mooves)
(8) الطاف شيخ، ڪتاب، سنڌي ادب ۾ لکيل سفرنامن جو تنقيدي جائزو،
1982ع ص14.
(9) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پروفيسر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“
ڇاپو ٻيو، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد
(10) ڊاڪٽر الانا غلام علي پروفيسر، مهاڳ، ڳالهيون
تنهن جپان جون الطاف شيخ سال......-14)
(11) مشتاق باگاڻي- ڪتاب ”هو جي پهڻ پٻ جا“ سڪرنڊ
مارئي اڪيڊمي- 1982ع ص 107
(12) سنڌي ادب ۾ لکيل سفرنامن جو تنقيدي جائزو،
الطاف شيخ 1982ع ص 26
(13) -ايضاً-
(14) ايضاً-
(15) مهاڳ نورالهديٰ شاهه ”سانباهو سمونڊ جو
”الطاف شيخ 1928ع
(16) اهو اظهار محض مزاحاً ڪيل آهي نه ڪنهن به دل
آزاري لاءِ معذرت چاهيندي
(17) مشتاق باگراڻي ڪتاب ”هو جي پهڻ ٻپ جا“ سڪرنڊ
مارئي اڪيڊمي، 1982ع ص 107
(18) گرداس واڌواڻي، هفتيوار ڪالم ”جيڪي ڏٺو مون“
ڪراچي روزانه هلال پاڪستان 5 مئي 1982ع
(19) قدرت الله شهاب- پيش لفظ، ”سات سمندر پار“
مصنف اختر ريا الدين 1964ع صفحو آخري
_20) ڊيوي ڊسمل ڪلاسيفڪيشن واليوم 2- ايڊيشن 19،
سال 1989ع صفحو 1443.
سنڌي الفابيٽ ۽ ٻوليءَ تي روشني
استاد لغاري
سنڌي الف- ب جا ٽوٽل 52 اکر آهن: جن جي بيهڪ هن وقت هيٺين ريت
آهي:
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض
ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه عه ي.
انهن ۾ 29 اکر اهڙا آهن جيڪي عربي، فارسي توڙي سنڌي ۾ هڪجهڙا
آهن؛ اُهي هِن ريت آهن:
ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ل م ن و هه عه ي.
باقي 23 اکر بلڪل جدا صورتن ۾ سنڌيءَ جا آهن، جيڪي هِن ريت آهن:
ٻ ڀ ٿ ٽ ٺ پ جهه ڃ ڄ چ ڇ ڌ ڏ ڊ ڍ ڙ ڦ ک گ ڳ گهه ڱ ڻ.
انهن اکرن ۾ ست اکر اهڙا آهن، جن کي سواءِ نج سنڌي ماڻهن جي،
ٻيو ڪير به صحيح اچاري نٿو سگهي، اُهي هِن ريت
آهن:
ٻ ڄ ڃ ڏ ڳ ڱ ڻ.
مزيدار ڳالهه ته هڪڙا ست اکر سنڌيءَ ٻوليءَ جا اهڙا به آهن،
جيڪي ايڏي ساري سنڌي الفابيٽ ۾ شامل ناهن، ۽ انهن
جي جدا شڪل جو ڪوبه وجود ڪونهي، پر اسين ڳالهائڻ
مهل انهن کي اچاريندا آهيون. جيڪي هن ريت آهن:
ٽر ڊر لهه ڙهه مهه نهه ۽ ڻهه.
مثال طور: پيءُ ۽ پٽ- چانهن ۽ کنڊ- مَلهه- وڙُهه- سَنِهي-
سُمهُه- ماڻهو- وغيره.
هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسين ڪجهه اکرن کي ”هه“ هرڻي ملائي
انهن جي جدا صورت ٺاهيندا آهيون، پر ”ک“ کٽ هڪ
اهڙو اکر آهي جنهن کي نه ”هه“ هرڻي ملائيندا
آهيون، ۽ نڪو ڪنهن ٽٻڪي جي اضافي سان ان جي ڌار
حيثيت ظاهر ڪندا آهيون، ۽ ساڳي حالت ٽر ۽ ڊر جي به
آهي، انهن اکرن جو هئڻ سنڌي ٻولي لاءِ نهايت ئي
لازمي آهي.
هن الفابيٽ ۾ هڪڙا اکر اهڙا به آهن جيڪي ٻيڻا ۽ ٽيڻا يا چئوڻا
به آهن، جن جي ٻين ٻولين کي برابر، پر سنڌي ٻولي
کي ضرورت ڪونه هئي. ليڪن اُهي شامل ڪيا ويا آهن، ۽
اسان انهن کي پنهنجي لکڻين ۾ استعمال ڪريون ٿا،
مثال طور!
الف- ع- ء
ت- ط
ث- س- ص
ح- هه
ذ- ز- ض- ظ
ق- ڪ
هنن ۾ سنڌي اکر هي آهن.
الف- ء، (ساڳيو اکر آهي، ليڪن شڪل جدا جدا آهي.)
ت- (ث ۽ س ٻيئي سنڌي اکر آهن) ز- ۽ ڪ
هن الفابيٽ ۾ ڏهه اکر اهڙا آهن جيڪي ”هه“ هرڻي سان ٺهن ٿا يا
انهن کي هڪ ٽٻڪي جي اضافي سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو.
اُهي هن ريت آهن.
ڀ- ٿ- ٺ- جهه- ڇ- ڌ- ڍ- ڦ- ک- ۽ گهه
انهن مان ”ک“ کٽ تي اڳيئي روشني وڌي ويئي آهي.
هڪڙا ٽي اکر نج عربيءَ جا آهن جن جي بلڪل الڳ حيثيت آهي، پر اهي
اسان جي ٻوليءَ تي حاوي ٿي رهيا آهن. مثال طور خ-
غ- ۽ ف.
اِهي اسان جي اکرن ک- گ- ۽ ڦ، جي جاءِ والاري رهيا آهن. حيرت جي
ڳالهه اِها به آهي ته اسان جا، کوڙ سارا سنڌي
پرائمري استاد به انهن کي سمجهي نه سگهيا آهن. ۽
جڏهن ڪو معصوم ٻار پٽي کڻي پڙهڻ ويهي ٿو ته اهو
خاص ڪري انهن اکرن کي پنهنجي پيدائشي (سنڌي) انداز
۾ اچاري ٿو. مثال طور ”خ“ خچر کي ”ک“ کچر چوي ٿو،
”غ“ غاليچو کي ”گ“ گاليچو ۽ ”ف“ فانوس کي ”ڦ“
ڦانوس چوي ٿو. انهن اکرن کي سنڌي ۾ اچاريندي معصوم
ٻار پنهنجو پيدائشي حق استعمال ڪري ٿو پر ٻارن کي
ان جي ڏاڍي ذهني تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي.
جيئن ته اسين هتي سنڌي الفابيٽ ۽ ٻوليءَ تي بحث ڪري رهيا آهيون،
تنهن ڪري اهو ڄاڻڻ به نهايت لازمي آهي ته ماڻهن جا
ٺيٺ سنڌي نالا ڪهڙا آهن؟ ۽ اڄ ڪلهه وري سنڌي قوم
جي نالن ۾ عربي نالن جو رواج پئجي ويو آهي. هيٺ
ڄاڻايل نالن مان ئي، سنڌي ٻولي جي الفابيٽ ۽ ٻولي
جي ڇنڊڇاڻ ٿي ويندي. هيٺ ڪجهه سنڌي ماڻهن جا سنڌي
نالا پيش ڪجن ٿا:
قيمتي نالا:
ماڻڪ- سونو- چاندي- روپو- هيرو- موتي- لالو- جوهر- هزاري-
امولک- پدمون- بولو- نٿويا- ناٿو ڳهڻو ۽ قيمت
وغيره:
ٻوٽن، ميون ۽ وڻن جا نالا:
ڦوٽو- لونگ- گل- ڦلو- سرهو- ڪيوڙو- اڪ- ڪانڊيرو-
ٽوهه- تلسي- پيرون- ٻٻر- ڪنڊو- ڪرڙ- ڦوڳ- ڏاڙهون-
انب- ميوو- ليمون- گلاب- وغيره.
بادشاهي نالا:
راڄا- شاهن- مير- امير- سورهيه- بهادر- شيرو- مانجهي- راوت-
سوڍو- سوڀو- ڦتو- دودو- دولهه- ڏاهر- ڏهراج-
شهزادو- مهراڻ- ڄام- وريام- بهرام- وغيره.
پيار وارا نالا:
منٺار- جاني- سڄڻ- سهڻو- ڀورو- جانب- ڍوليو- دلدار- ننڍو- دادو-
مٺو- پوڙهو- سڀاڳو- پرين- پيارو- راڻو- سچل-
سڪيلڌو- دلبر- سانول- وغيره.
جيتن، پکين ۽ مندن جا نالا:
پوپٽ- ماڪوڙو- ڀنورو- چتون- مِٺو- مورو- سارنگ- سانوڻ- بادل-
مينهون- ملهار- آگو- گوڙو- واسن- گاجي- بهار-
پوهو- ٿڌو- گلڻ- گلزار- گل بهار وغيره.
هيٺ ڪجهه سنڌي ماڻهن جا عربي نالا پيش ڪجن ٿا:
عبدالله- نصرالله- هدايت الله- امان الله- حزب الله- عبدالجبار-
عبدالغفار- عبدالستار- عبدالوهاب- عبدالحڪيم-
عبدالرشيد- محمد بخش- محمد عالم- محمد عمر- محمد
عثمان- محمد علي- علي بخش- حسين بخش- حسن بخش-
امام بخش- غلام الله- غلام محمد- غلام علي- غلام
حسين- غلام فاروق وغيره:
ياد رکو! جيڪڏهن ڪنهن به سنڌي ماڻهو جي نالي ۾- ح- خ- ص- ض- ط-
ظ- ع- غ- ف ۽ ق- مان ڪوبه اکر اچي وڃي ته فورن
سمجهي ڇڏڻ گهرجي، ته اهو نالو ڪنهن مسلمان سنڌي جو
آهي.
جيڪڏهن اهو نالو ڪنهن مسلمان سنڌي جو نه هجي ۽ هندو سنڌي جو هجي
۽ مٿي ڄاڻايل ڏهن اکرن مان ڪوبه اکر ان جي نالي ۾
شامل ٿيل هجي ته سمجهو ته گرامر ۽ ٻولي جي لحاظ
کان اهو نالو غلط لکيل آهي ۽ ان کي ٺيٺ سنڌي ٻولي
۾ درست ڪري لکڻ ۽ پڙهڻ جي ضرورت آهي.
چانڊوڪي، چمپا جي مالها
(شيخ اياز جي شاعريءَ جو ٽيون دور)
اعجاز منگي
ريشم! ايڏو موت مٺو آ؟
ان جا سپنا نيارا آهن؟
هر سپني کان پيارا آهن؟
سمنڊ جيان بي انت ته ناهي!
ڪاري رات ڪنارا آهن؟
جن تي يار ڦرن ڇا اهڙا
چانڊوڪيءَ جا چارا آهن؟
جڳ سارو جهرمر جهرمر
تنهنجي سنگ ستارا آهن؟
تون، مان، ڇانو گلن جي- توکي
سرتي ڪي سانڀارا آهن؟
يا هِن جڳ ۽ هُن جڳ وچ ۾
ويسر جا وسڪارا آهن؟
تو وٽ ننڊ ابد جي آهي،
يا جاڳين ٿي، ڏينهن ڏٺو آ؟
اڄڪلهه اياز جي شاعري، فڪري لحاظ کان ٽين موڙ ۾ داخل ٿيل آهي.
هن نظم ان ٽين موڙ جي زبردست نمائندگي ڪندڙ نظم
آهي، انهيءَ لحاظ کان، فني حساب سان هي نهايت
دلڪش، موهيندڙ ۽ پيارو نظم آهي ۽ فڪري لحاظ کان هن
۾ لوهه جهڙي خاموش گهرائي آهي.
جيتوڻيڪ اسان جي شاعر پنهنجي هزارن صفحن تي ڦهليل شاعريءَ ۾
ڪيترائي سوال اٿاريا آهن، ڪيترائي جواب ڏنا آهن،
پر هن نظم کان اڳ ۽ پوءِ اياز اهڙي طرح لاجواب-
سوال اٿاري نه سگهيو آهي.
مون هن نظم جي چونڊ نهايت سوچي پوءِ ڪئي آهي، ان چونڊ جا بنيادي
سبب آهن، هڪ ته اهو نظم پنهنجي موضوع جي اعتبار
کان، اياز جي سوچ جي آخري ڌارا جي نمائندگي ڪندڙ
نظم آهي ۽ ٻيو ته هي نظم ”ريشم“ کي مخاطب ٿي لکيل
آهي، ريشم جنهن مان اياز پنهنجي پهرين شاعريءَ جي
لاءِ پٽ ڌاڳا کنيا هئا، جتان اياز پنهنجي فني سفر
جي شروعات ڪئي هئي، سو آدجڳاد کي ڳنڍ ڏيندڙ هي نظم
منهنجي نظر ۾ اياز جي اعليٰ ۽ ارفع
(Sublime)
شاعريءَ منجهان آهي.
هي دلڪش سواليه نظم، شاعر جي فڪري ڪتاب جو ٽيون ۽ آخري جلد آهي،
جنهن کي سمجهڻ لاءِ بيحد ضروري آهي ته اياز جي
پهرين ٻن فڪري موڙن جو مطالعو ڪيو وڃي.
ان مطالعي کان پوءِ سمجهي سگهبو، ته ڇا اياز پنهنجي پڇاڙيءَ ۾
هڪ ناڪام شاعر آهي؟ يا هن جي شاعري مسلسل ارتقا جو
اهڃاڻ آهي ۽ اهڙي ريت هن دؤر جو ڇيد به ڪري سگهبو
۽ اياز جي پوئين شاعريءَ تي اٿاريل اعتراضن کي به
سمجهي سگهبو.
اياز جو پهريون مجموعو ”ڀونئر ڀري آڪاس“، ڪنهن به مهاڳ کان
سواءِ ڇپيو هو، ۽ منهنجي نظر ۾ ان مجموعي لاءِ
مهاڳ جي ڪائي ضرورت ڪانه هئي ڇو اياز جو نثري
شاهڪار ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ان جو بهترين مهاڳ
هيو ۽ اهڙو مهاڳ اياز جو ڪوئي به شعري مجموعو حاصل
نه ڪري سگهيو آهي، ڇو ته اياز جي ڪتابن جا اڪثر
مهاڳ يا ته اياز جي شخصيت جي چوگرد چڪر لڳائيندا
نظر ٿا اچن، يا اهي پنهنجي سياسي ۽ سماجي پس منظر
۾ ڀٽڪندا رهن ٿا. جيڪڏهن غور سان مطالعو ڪيو وڃي،
ته اياز جي شاعريءَ تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي؛ ان
ڪري اڄ تائين اياز هڪ متضاد ڳجهارت وانگر رهيو آهي
۽ هن جو متڪتبه فڪر چٽو نه ٿي سگهيو آهي. ان ڪميءَ
کي محسوس ڪندي شاعر پاڻ نثر جو سهارو ورتو آهي ۽
هو پنهنجون مشاهداتي ڊائريون ۽ مطالعاتي يادگيريون
لکي پنهنجي فڪر، سفر جي لاڙن، موڙن ۽ گهٽن گهيرن
کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.
ان ڏس ۾ هن جي ڪامياب ڪوشش ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ آهي، ڇو ته
”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ پڙهڻ کان پوءِ ”ڀونئر ڀري
آڪاس“ کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته شاعر کي
ڪهڙو خيال ڪيئن آيو؟ ڪٿي آيو؟ ڪهڙن واقعن کي هن
منظوم ڪيو آهي؟ ڪهڙن واقعن کي هن ڇڏي ڏنو آهي،
دراصل اياز جو هر مجموعو هڪ الڳ ڪتاب جي گُهر ٿو
ڪري، پر ڪي ڪي شعر هڪ ڪتاب تائين کولي سگهجن ٿا
مثال طور اهوئي شعر ته:
ريشم! ايڏو موت مٺو آ؟
بيماريءَ جي بستري تي ٻڍڙو اياز پنهنجي پهرئين پيار کي ياد ڪندي
ڪيتري نه معصوميت سان پڇي ٿو ته ”اي منهنجي سَرتي،
تو ته جوانيءَ ۾ موت کي قبول ڪيو، تون ٻڌاءِ ته
موت ڇاهي؟ ڇا ان ۾ ڪنهن ”ڇپيل زندگيءَ جو ڪوئي روپ
آهي؟“
دنيا جي عظيم مفڪرن، سائنسدانن، شاعرن ۽ اديبن کي پاسيرو رکي،
رڳو ريشم کان پڇيو وڃي ته ريشم موت ڇاهي؟ رڳو ريشم
کان ڇو؟ ايترو ڳنڀير ۽ پريشان ڪندڙ خطرناڪ سوال
ايتري معصوميت سان فقط ريشم کان ئي پڇي سگهجي ٿو.
ريشم جنهن کي اياز آهستي آهستي کولي رهيو آهي،
نوجوانيءَ جي لڄ ۽ سماج جي حجاب جو پردو هٽائي ٿو
اياز ريشم جي مک تان، پر نهايت آهستي، تمام احتياط
۽ ڌيرج سان ايتري آهستگي ۽ ڌيرج ”فيض“ جي نظم(1)
”منظر“ ۾ به ناهي.
”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ قبرستان جو اهو منظر هاڻي سمجهه ۾ ٿو
اچي، ته اها قبر ڪنهن جي هئي، اسان جي شاعر اهو
ماتم ڪنهن لاءِ ٿي ڪيو، جنهن جي موت تي اياز موٽ
جي خلاف ايترو لکيو، جيترو هڪ وقت لکي سگهجي ٿو،
اهو راز، راز ئي رهيو؛ جيستائين اياز ”ساهيوال جيل
جي ڊائري“ نه ڇپائي ۽ ان جو صحيح تعارف ”ڪراچيءَ
جا ڏينهن راتيون“ ۾ ٿيو، جنهن ۾ اياز هن کي پنهنجو
”پهريون پيار“ لکيو آهي.
۽ اياز جو اهو پهريون پيار ترگنيف جي ناول
‘First Love’
کان وڌيڪ دلچسپ ۽ گهرو آهي؛ جيتوڻيڪ ان پهرئين
پيار جا سمورا پاڇا اياز جي ڦهليل شاعريءَ ۾ منتشر
آهن، ۽ انهن منتشر پاڇن جي صحيح ترتيب اياز کان
سواءِ ڪنهن ٻئي نقاد لاءِ ناممڪن آهي.
مثال طور ڪير ٿي ڄاڻي سگهيو ته اياز جا ”ڀونئر ڀري آڪاس“ ۾ هي
چار سٽا ريشم جي ياد ۾ لکيل آهن ته:
ڪيو گلن سان پيار نه سائين
چئو گلن کي يار نه سائين
گل سدا مرجهائي ويندا
ڪنڊن ۾ ڦاسائي ويندا
يا
چئو چنڊ کي يار نه سائين
ڪيو چنڊ سان پيار نه سائين
هي راز جي ڳالهه ان وقت آشڪار ٿي جڏهن ابراهيم جوئي مرحومه روشن
تي هڪ رسالو مرتب ڪيو هو ۽ ان ۾ اهي ٻئي شعر شامل
هيا؛ ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ ابراهيم جوئي کي ان لڪل پريت
جي خبر هئي، جنهن جو ثبوت ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“
جو اهو خط آهي، جيڪو اياز ابراهيم جوئي کي لکيو
هيو. ۽ ان رسالي ۾ روشن جا اهي شعر به ڏنل هيا جن
جي گهاڙيٽي ۽ ترنم مان سڌي خبر ٿي پئي ته يا ته
روشن، اياز جي شاعريءَ کان تمام گهڻي متاثر هئي،
يا اياز هن جي شعرن جي اصلاح ڪندو هو ۽ انهن نظمن
مان هڪ نظم جون سٽون هي هيون:
کولي نه ٿو ٻڌائين، تون راز زندگيءَ جا
او ساز زندگيءَ جا.
ان کان سواءِ اياز جو هڪ نظم:
شبِ تاريڪ کان تاريڪ تر آ زندگي منهنجي
ڪٿي آن روشني او روشني منهنجي
اها روشني به ساڳي ريشم آهي. جنهن جو اصل نالو روشن هيو. جيڪا
اياز جي رومانوي احساسن جي پهرين همرڪاب عورت هئي
۽ اياز هن جو نالو جڏهن به ورتو آهي ته عزت سان،
احترام سان ۽ احتياط سان، جنهن مان هن جي تعلق جي
نوعيت جي خبر ٿي پوي ته ان تعلق ۾ افلاطوني عشق جو
اهو احساس آهي، جنهن جو ذائقو هڪ ماڻهو زندگيءَ ۾
فقط هڪ دفعو ئي محسوس ڪندو آهي.
گيتا جي الفت جو باب ”وڄون وسڻ آئيون“ جي دؤر جو آهي، جيڪو اياز
جي ٻئي موڙ، ٻئي جنم جو داستان آهي. هڪ آواره شاعر
جو پهريون عشق هن جي جنم ڀومي شڪارپور سان واڳيل
آهي ۽ شاعر خود لکيو آهي ته ”روشن مون لاءِ ڄڻ
شڪارپور هئي. اهي باغ جن ۾ ڪيئي ڪرني جا وڻ هوندا
هئا، جن ۾ تيز خوشبوءِ هوندي هئي، اهي کوهن تي نار
۽ انهن جي ڀر سان توت ۽ شهتوت جي وڻن تي طوطن ۽
هيڙهن جون اڏارون، مينهن جي واڙن ۾ تازي کير جا
گاها ۽ انهن جي هيٺان رکيل ٽامي جون بالٽيون ۽ اهي
رابيل جون ڪنڊيون جي هر شام مان هن لاءِ وٺي ويندو
هوس جڏهن هوءَ مون سان گڏ پڙهندي هئي.“
سو اهڙي طرح شاعر جو هڪ عشق ۽ هن جا بي انتها لڳ لاڳاپا ۽
شڪارپور جي صوفيانه آبهوا ۾ هن جي تربيت ۽ اتان جي
موهيندڙ ڪلچر جا هن جي طبيعت تي اثر، هن جا پهريان
سياسي ۽ سماجي مشاهدا، ان دؤر ۾ شڪارپور ادبي ۽
علمي طور سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ شهر هو ۽ اهڙي ريت
پنهنجي نوجوانيءَ ۾ اياز شڪارپور جي صِف اول جي
پڙهندڙن ۽ لکندڙن منجهان هو.
شڪارپور جي ٻولي، محاورا ۽ ثقافت اياز جي شاعريءَ ۾ جاءِ جاءِ
تي نظر ٿي اچي، شڪارپور جي ٻڍڙن ۽ اياز جي همعصرن
جو چوڻ آهي ته اياز فطرتاً باغي هيو، شيخ خاندان
جي روائتي ڍانچي تي پهريون ڌڪ هڻڻ وارو شخص اياز
هيو.
منهنجو هيڊ ماستر تاج محمد ميمڻ مون کي ٻڌائيندو هيو ته جڏهن
اياز مئٽرڪ پڙهندو هيو ته هن کي اي ٽي شهاڻيءَ جي
پوري انگلش سنڌي ڊڪشنري ياد هوندي هئي ۽ اسان ڏکيا
لفظ ڊڪشنتريءَ ۾ ڏسڻ بجاءِ اياز کان پڇندا هئاسين،
۽ اياز جو نوجوان پٽ ۽ منهنجو بهترين دوست سرمد
چوندو هو ته ”بابا نوجوانيءَ ۾ شيخ برادريءَ جي
چڱن مڙسن جي آڏو سگريٽ پيئندو هو ۽ ڪورٽ مان
نڪرندي هنن جي پويان هلڻ جي بجاءِ يا ته هنن سان
گڏ هلندو هو يا هنن جي اڳيان هلندو هو.“
اياز جي دؤر ۾ شڪارپور سنڌ جو پئرس سمجهي ويندي هئي ۽ سنڌي ادب
جو مهندار رسالو ”سنڌو“ اتان نڪرندو هو جنهن ۾ سڀ
کان ترقي پسند ۽ گهري شاعري فقط اياز جي هوندي
هئي.
جيتوڻيڪ اياز شروع ۾ ڪهاڻيون به لکيون جيڪي ”سفيد وحشي“ جي نالي
۾ ڪتابي شڪل ۾ آيون جي هن انگريز سامراج جي مخالف
تصوّر هيٺ لکيون هيون، پر جلد اياز نثر کي ڇڏي نظم
۾ اظهار ڪرڻ لڳو، شايد هن جي طبيعت جي آوارگي ۽
بغاوت کي شاعريءَ جي رومانوي ۽ جذباتي سر زمين
وڌيڪ موزون لڳي.
هيءَ مٿين اپٽار فقط هڪ جهلڪ آهي جنهن مان اسان جي شاعر جي
پهرئين جنم جو منهن مهانڊو سڃاڻڻ ۾ آساني ٿئي.
جڏهن مون اياز تي ڪوئي تحقيقي ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ هن
جو سمورو ننڍپڻ، شڪارپور جو ماحول ۽ ان دؤر جا سٺا
۽ خراب ماڻهو، ان دؤر ۾ شڪارپور جو تاريخي
آرڪيٽيڪچر، اتان جو منفرد ڪلچر سڀ ڪجهه ڏيڻ جي
ڪوشش ڪندس، جيڪو آغا سليم جي ناول ”اونداهي ڌرتي
روشن هٿ“ ۾ ڪيل شڪارپور جي تصوير ڪشيءَ کان تمام
گهڻو پرڪشش ۽ رومانوي آهي.
هاڻي اياز جي شاعريءَ تي لکڻ منهنجي لاءِ وڌيڪ سولو آهي، اهو
شاعر جيڪو پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ ٽائيم جي ٽڪ ٽڪ
وانگر ٻڌي رهيو آهي ۽ هر شعر ائين لکي رهيو آهي ڄڻ
اهو هن جي زندگيءَ جو آخري شعر هجي، سو ان وقت هن
جي پهرئين مجموعي کي پڙهندي هڪ عجيب ڪيفيت محسوس
ٿي رهي آهي. هن جي پهرئين مجموعي ۾ انب جي ٻور
جهڙي مهڪ آهي، پهرين محبت جي خمار جهڙي غنودگي آهي
هن جي گيتن ۾ هن جي سٽ سٽ ۾ اها تازگي نواڻ ۽ بوءِ
آهي جيڪا بانبڙا پائيندڙ ٻارن جي تن بدن ۾ هوندي
آهي، جيڪا ڪنواري جسم ۾ هوندي آهي، جيڪا ڪچي ميوي
۾ هوندي آهي.
اياز جي اها شاعري الهڙ ڏينهن ۾ مدمست راتين جي شاعري آهي. ان
شاعريءَ جو سمورو حسن ان جي نواڻ ۾ آهي، ائين جيئن
ڪوئي ٻار نئون ڳالهائڻ سکي، ائين جيئن نئون نڪور
جوڀن ڪنهن جي جسم جو ڪڙو کڙڪائي، جيئن ڪا نينگري
پهريون ڀيرو ڇاتيون ڍڪڻ لڳي، اهڙي لڪ ڇپ، اهڙي
سمجهه، اهڙي بي سمجهي، اهڙي بي اختياري ۽ بي چيني
جهڙي جسم جي شروعاتي محبتن ۾ پنهان هوندي آهي.
”ڀونئر ڀري آڪاس“ جي سموري شاعري هڪ بدمست موالي جي ٿيئڙن ڀري
چال جهڙي آهي، هو هر هر پنهنجا پير سنڀالي ڪڏهن
مسجد جي دڪيءَ تي ويهي ٿو، ته ڪڏهن مندر جي ڀت هن
کي سهارو ٿي ڏئي.
شراب اور پلاؤ ڪه ڪڇ نشا اتري
(فيض)
جهڙي ڪيفيت وارو هي رند اياز، اڌ رات جو ڪلال جا ڪڙا ٿو کڙڪائي
۽ در در سين ٿو هڻي.
اصل ۾ هو آواره تصوّرن جو شاعر آهي، آواره
مڪمل طور تي آواره!
ڀونئر ڀري آڪاس
آواره تصورن جو شاعر
(سدا سيلاني آهي ساه اياز جو)
”ڀونئر ڀري آڪاس“ هڪ منظوم آواره گردي آهي. ان مجموعي ۾ اسان جو
شاعر مڪمل طور تي رولاڪ آهي، ڇو ته پنهنجي شروعات
۾ اياز اڻگهڙيو ڪاٺ آهي، ان ڪري هن ۾ مستي آهي،
آواره گردي آهي، بغاوت آهي ۽ هڪ طرفي مستي، هڪ
طرفي آواره گردي نه، هڪ رخي بغاوت نه، پر ڪل رخي
مستي، ڪل رخي آواره گردي ۽ ڪل رخي بغاوت آهي ۽ ڪل
رخو فرار به آهي اياز جي شاعريءَ ۾!
اهو اياز ته وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺل پنڇي آهي، جيڪو پڪڙ ۾ نه اچي.
اهو اياز ته من موجي بادل آهي، وسيو ته وسيو، نه
وسيو ته نه وسيو. ڪير ٿو روڪي سگهي ان آواره اياز
کي، هن جي ته سڀني سان دوستي آهي، سڀني سان ياري
آهي، پن پن سان، گل گل سان، ستارن سان، چانڊوڪين
سان، اونداهين سان ۽ سڀني سان، جنهن پل جنهن سان
آهي، سو پل سمورو ان جو آهي ۽ ايندڙ پل جي ته کيس
به خبر ڪونهي.
اهڙي پياري ۽ البيلي شاعر جو مجموعو هڪ خماريل بيت سان لکي ٿو،
هو کلي ٿو ته:
اڃان اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي،
سندم روح رباب، سڪي پيو ڪنهن سر لاءِ
مان اياز جي هڪ هڪ لفظ کي غور سان جاچيندو آهيان، ڇو ته اياز
لفظن جي اجائي چونڊ ڪندو ئي ناهي، هن جهڙو لفظ
شعار شاعر هن ننڍي کنڊ ۾ ڳولهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، هو
گهربل لفظن لاءِ هر ٻوليءَ جي سرحد ٽپي ويندو آهي[1]
ٻوليءَ پالي کان وٺي بنگلا ڀاشا تائين، هنديءَ کان
وٺي عربيءَ تائين ۽ عربيءَ کان وٺي سنڌ جي
علائقائي ٻولين تائين هو ڀٽڪندو رهيو آهي. ان ڪري
هن جي مٿئين بيت کي ۽ هر نظم جي هر سٽ کي سمجهڻ
لاءِ هڪ هڪ لفظ ۽ بيهڪ جي هڪ هڪ نشانيءَ کي نظر ۾
رکڻ بيحد ضروري آهي:
اها سٽ ته:
اڃا اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي.
ان تي غور ڪرڻ گهرجي، ڇا ٿو چوڻ چاهي اياز؟
ان سٽ ۾ اياز هڪ ڇِتي اُڃ
(DIPSO MANIA) جي دانهن ٿو ڪري، ائين نه ٿو چوي ته هو سڪايل آهي، هن کي مڌ
چڪو به نه مليو آهي، هو ته چوي پيو ”اڃا“، يعني
اڃا هن کي کپي، هن جي اڃ اڃا سائي نه ٿي آهي، ڇو
ته اها ازل جي اڃ آ، اها اڃ هن کي فطرت ڀاڳ ڪري
لکي ڏني آهي، ۽ اڃ آهي شراب جي، هڪ مستيءَ جي اڃ
آهي اياز ۾، هڪ خمار جي تڙپ آهي شاعر جي روح ۾
جيڪا مٽڻي ناهي، ڇو ته ازلي آهي.
ازلي اڃ جو تصور خالصتاً اياز جو تصور آهي، خيام به ڳالهه ٿو
ڪري اڃ جي پر خيام جي اڃ جي هڪ حد آهي، پر اياز جي
اڃ جي ته ڪا حد ئي ناهي. هيءَ ته لطيف واري ڳالهه
ٿي:
لوچان ٿي لاحد ۾، هادي لهان نه حد
هي ته بيدل واري ڳالهه ٿي:
حد حد چليا هر ڪوئي، بيحد چليا نه ڪوءِ
هڪ بيحڊ اڃ جو تصور، شروعات ۾ ئي پياس. عمر خيام ائين نه ٿو چئي
سگهي، عمر خيام ته چوي ٿو ته پيالو ڀريل هجي، وڻ
جي ڇانو هجي، بک جي ٺيڪ لاءِ ماني ڳڀو هجي ۽ مان
مستيءَ ۾ مخمور هجان ۽ جي ان بدمستيءَ ۾ پيالو ٽٽي
پوي ته الله کي چوان ”ته اي منهنجا الله، منهنجو
پيالو ٽوڙي وڌءُ، اي الله معاف ڪجانءِ، پر لڳي ٿو
اڄ تون به الوٽ آهين.“ اها حجت خيام جي خاص سڃاڻ
آهي، خيام ۽ شراب، ادب ۾ لفظ ناهن. اهو ان ڪري ته
خيام وٽ ٻي ڳالهه آهي ئي ڪونه. هو موت، زندگي، گل
۽ ستارن تان ٿيڙ کائي وري اچي پيالي جي ڀر ۾ ٿو
ڪري، جيڪڏهن خيام جي پوري شاعريءَ کي هڪ سٽ ۾ بند
ڪرڻ چاهجي ته ڪري سگهجي ٿي ۽ اها سٽ به خيام کي
اياز کان وٺڻي پوندي، اياز ٿو چوي:
زندگي يا شراب جي نيئن آ؟
جنهن جي مستي روان دوان آهي.
پهرين سٽ ئي خيام لاءِ کوڙ آهي، پوئين سٽ يوناني فلسفي
هيواڪليٽر جي همسري ٿي ڪري، جنهن چيو هو ته ڪائنات
جمود
(STATIC)
واري شي ناهي پر اها روان دوان
(DYNAMIC)
آهي، ڪائنات معنيٰ ڇا؟ ڪائنات جي جامع معنيٰ زندگي
آهي ۽ جي ناهي ته هجڻ گهرجي. اياز جي ان شراب گهرڻ
واري دانهن ۾ فرار جو ڪوئي عنصر ناهي. پر اها شراب
جي ضرورت غالب جهڙي آهي. جيتوڻيڪ اياز جي ڳالهه
وڌيڪ ڳوري ۽ گهري آهي پر اهو قسم آهي غالب جهڙو.
غالب ٿو چوي ته:
مئي سي غرض نشاط هي ڪس روسياه ڪو
اڪ گونه بيخودي مجهي دن رات چاهيئي.
ڇو ته ديوانِ غالب ۽ ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي شعرن جا مهانڊا گهڻو
ڪري هڪ جهڙا آهن، جيڪڏهن تحقيق کان پاسيرو ٿي فقط
مزي ۾ اچي چئجي ته اياز جي ابتدا غالب جي انتها
آهي ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته ان ڪتاب کان پوءِ اياز
جن موضوعن کي کنيو آ، کوليو آ، سمجهيو ۽ سمجهايو
آ، اهي موضوع ته غالب ڏٺا به نه هيا. غالب اردو
شاعريءَ جي تاريخ ۾ منفرد ۽ بلند شاعر ان ڪري آهي
ڇو ته غالب اردوءَ جي روائتي شاعريءَ کان هٽيل آهي
جنهن ۾ محبوب جي بي اعتنائي ۽ بي وفائيءَ جو ماتم
هيو. جيڪڏهن غالب کان پوءِ اقبال آهي ته اقبال جي
”بانگِ درا“ جي ڪجهه نظمن کي ڇڏي باقي هن جي سڄي
شاعري مسلم قوميت جي بغاوت جي خشڪ مشورن
(Suggestions)
سان ڀريل آهي، ان ۾ موضوع ۽ غير جانبدارانه
جانبداريءَ واري اتاهين پرک ۽ پڪڙ ناهي جيڪا اياز
۾ آهي.
پر غالب ۾ اها شعوري انا
(Concious Ego) ناهي جيڪا اياز جي شاعريءَ جو شان آهي، غالب وٽ انا جو نالو ئي
ناهي، هو ته محبوب جي پيرن ۾ ڪتي ٻلي وانگر پيو
آهي. غالب کي جتان کڻجي، اتي غالب ڪريو پيو آ:
پلادي اوڪ سي ساقي جو هم سي نفرت هي
پياله گر نهين ديتا نه دي شراب تو دي
ڪتني شيرين هين تيري لب ڪه رقيب
گاليان کاڪي بي مزه نه هوا
دائم پڙا هوا تيري در پر نهين هون مين
خاڪ ايسي زندگي په ڪِ پٿر نهين هون مين
اياز وٽ محبوب جو تصور ڪائنات جو حسين ترين تصور آهي، ڪائنات ته
حسين ئي ان ڪري آهي، جو محبوب ان ۾ دل وانگر ڌڙڪي
رهيو آهي.
|