سحر امداد
رپورٽ

Sindhica
پاران ڇپايل طارق اشرف جي ڪهاڻين جي مجموعي ”بند
اکين ۾ ڪجهه يادون ڪجهه سپنا“ جي مهورت جي تقريب
30 جون 1992ع تي سنڌالاجيءَ جي آڊيٽوريم ۾ ”سنڌ
ڪلچرل ڪائونسل“ جي پاران ٿي. تقريب جو احوال لکڻ
کان اڳ ۾ مان ڪجهه پنهنجن فنڪشنز جي باري ۾
ڳالهائڻ چاهيندس. اسان سنڌين وٽ وقت جي بيقدري،
رٿابنديءَ جي ڪمي ۽ بي مقصديت کي جي پرکڻو هجي ته
اسان جي مختلف سماجي ۽ ثقافتي ۽ ادبي فنڪشنز مان
ڪنهن کي به ماڊل طور کڻي توهان ان جو بلڪل ٺيڪ
اندازو لڳائي سگهو ٿا، ۽ اسان پنهنجن ئي فنڪشنز ۾
انهن ٽن سببن جي ڪري وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو. جيئن ته مان
ان مهورتي گڏجاڻيءَ جي رپورٽ پئي لکان تنهن ڪري
مان جو به ڳالهائيندس سو ان حوالي سان ئي
ڳالهائيندس.

مثال طور:
رٿابنديءَ جي ڪمي: ان فنڪشن جي ڪارڊ ۾ صدارت، مهمان خصوصي،
اعزازي مهمان خاص ۽ ڳالهائيندڙن سوڌو تقريباً 25
نالا ڏنل هئا. يعني سئو جو چوٿون حصو- مان جيڪڏهن
اهو ڪارڊ فنڪشن ۾ اچڻ کان اڳ کولي ڏسي وٺان ها- ته
يقينن مان محض ڳالهائيندڙن جي هيڏي لانڍ ڏسي ئي
فنڪشن ۾ اچڻ کان تائب ٿيان ها. جڏهن ته فنڪشن ۾
انهن ڏنل نالن جي هيڏي ڊگهي لسٽ منجهان فقط ٽي
ماڻهو آيا. ٻيا ڇو نه آيا؟ يا هيڏن ٻين جا نالا
لسٽ ۾ (هروڀرو) جو ڏنا ويا. يا جن جا نالا ان لسٽ
۾ هئائي ڪونه انهن کي اوچتو ئي ڳالهائڻ لاءِ ڇو
چيو ويو؟ يا مٿي اسٽيج تي ٻين خاص الخاصن جي بدران
ويهڻ لاءِ ڪهڙي اخلاقي اصول طور چيو ويو اهو هڪ
الڳ ۽ ڊگهو بحث آهي.
وقت جي بي قدري: جڏهن رٿابندي ئي غلط ٿي ته پوءِ وقت ته ضايع
ٿيندو ئي ٿيندو. پو ته ٻه اڍائي ڪلاڪ ته پهرين
انهن مهمانن جو انتظار ڪيو. جن جا نالا ڪارڊ ۾
ڄاڻايل آهن. ايڏي ڊگهي انتظار کان پوءِ جي هو نه
آيا (جيئن هن ۾ نه آيا) ته
audience،
بجلي وارا، وڊيو وارا، فوٽو گرافر سڀيئي وڃان وڃان
ڪرڻ لڳندا؛ سندن ”صبر جو پيمانو لبريز“ ٿيڻ لڳندو
۽ منتظم پاڻ به اچي بيزار ٿيندا تڏهن مجبوراً
فنڪشن شروع ٿيندو. پوءِ هال مان ويٺلن منجهان جيڪو
نظر چڙهيو تنهن کي ڳالهائڻ لاءِ آماده ڪبو- پوءِ
چاهي هو ان تي ڳالهائي سگهي يا نه- بعضي ته ائين
به ڪم نه هلندو- ته ائين ئي جنهن تي نظر ٽِڪي ان
کي کڻي سڏيندا. ۽ پوءِ اهو اوچتو ۽ اچانڪ ڳچيءَ ۾
پيل ڦاهي کان جان ڇڏائڻ لاءِ ڳالهائيندڙ الاءِ
ڪٿان کان شروع ڪندو ۽ الاءِ ڪٿي وڃي ختم ڪندو. ۽
ويل ۾ ويچارا ٻڌندڙ هوندا آهن. جيڪي دراصل ڪجهه
ٻڌندا ئي ناهن. ۽ ائين 4 وڳي وارا فنڪشن 7 وڳي
شروع ٿيندا آهن.

بي مقصديت: جڏهن پهريون ٻه شيون پنهنجي صحيح تناظر ۾ انجام پذير
نه ٿيون ٿين ته ٽين شيءِ مقصديت ته ڪنهن صورت ۾
رهي ئي نه. سڀ ڪجهه اُٿندي ئي بي مقصديت جو شڪار
ٿي ويو ائين اهي هڪڙا بي معنيٰ فنڪشن بنجي ويندا
آهن- جن ۾ فط ذاتي غرض ۽ شهرت، مٽن مائٽن ۽ دوستن
کي اسٽيج تي آڻڻ جا بهانا ۽ ذاتي انا جي تسڪين کان
سواءِ ٻيو ڪوبه وسيع تر قومي مفاد ۽ مقصد حاصل نٿو
ٿئي.
سو اهو فنڪشن به ٻين انيڪ فنڪشنن کان ڪنهن طور به مختلف نه هو.
فنڪشن ستين بجي شروع ٿيو ان خوشخبريءَ سان ته
فنڪشن شروع ڪيون پيا بنا ڪنهن جي صدارت جي- ڇو ته
صدر اڃا پنڌ ۾ آهي. باقي مهمان خصوصي آهن امداد
حسيني ۽ تاجل بيوس- اعزازي مهمان خاص سلطانه وقاصي
آهي. عبدالقادر جوڻيجو. نور احمد ميمڻ، عبدالستار
ڀٽي ميزبان جي حيثيت ۾ مٿي اچي ويهن. نصير مرزا
پروگرام جي ڪاروائي هلائي. ۽ پوءِ مهمانن کي ته
بيج ۽ اجرڪ پاتائون پر پاڻ به پاتئون (پنهنجن جي
ئي هٿان). مهورتي گڏجاڻيءَ جو پهريون مقرر انب
گوپانگ هو. هن چيو ته ”جن ماڻهن جا عمل عوام کي
جيئڻ جي سگهه بخشين ٿا. اهي ماڻهو ڪڏهن به نٿا
مرن. طارق سنڌي ٻوليءَ جو ڪل وقتي ڪارڪن هو. هو
ڪڏهن به مري نٿو سگهي. هو زنده رهي سگهي ٿو جي
اسان هن جي سهڻيءَ کي زنده رکي سگهون.“ سيد زوار
نقوي پنهنجي تقرير جي شروعات ئي ان سان ڪئي ته
اسين سڀ جيڪي اسٽيج تي ويٺل آهيون يا ڳالهايون پيا
سي ان پروگرام جي شيڊول ۾ شامل نه هئاسين جيڪا
تنظيم جي دوستن جي ڪوتاهي آهي. هن طارق لاءِ چيو
ته: ”طارق وقت ۽ حالتن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنهنجي
تحرير سان ڪمٽيڊ رهيو، وڏي ليکڪ ٿيڻ کان وڏو ماڻهو
ٿيڻ بهتر آهي. پر طارق اشرف وڏي ليکڪ هئڻ سان گڏ
وڏو ماڻهو به هو.“
صادق بڙديءَ طارق اشرف کي سياسي اڳواڻ ۽ سياسي مدبر ڪوٺيو، ۽
طارق اشرف جي سهڻيءَ کي هن: ”سنڌ جو فڪري مورچو
سڏيو.“

منصور قادر جوڻيجو جي تقرير آڊينس جي بيزاري ۽ لاتعلقي کي ختم
ڪري انهن کي فنڪشن جو هڪ متحرڪ حصو بڻايو: جيتوڻيڪ
منصور قادر جي تقرير جي شروعات سياستدان جي
اسٽيٽمنٽ جيان هئي. پر ٽيمپو ماڻڻ کان پوءِ هن سٺو
ڳالهايو ۽ آڊيئنس کان ٽهڪن ۽ تاڙين جي صورت ۾
ايپريسيئيشن ورتائين. هن چيو: ”هڪڙا ماڻهو تاريخ
هوندا آهن. هڪڙا تحريڪ هوندا آهن. پر طارق اشرف
تاريخ به هو ته تحريڪ به. طارق اشرف جيڪو ڪجهه
لکيو ان سان سچو رهيو... ۽ ان ڪري ئي هن ٻاويهه
مهينا جيل ڪاٽيو، اڄ اديبن جي حالت اها آهي جو
هيڏا سنڌي بي ڪفن مرن ٿا ته اديبن جو ڪو بيانڙو به
نٿو ڇپجي. پر جيڪڏهن ڪنهن اديب جي موٽر سائيڪل
چورائجي ٿي وڃي ته ان جي ورائڻ لاءِ ڏيڍ سو اديبن
جي صحيح سان بيان ٿو ڇپجي. هن غلام نبي سومري جي
ڳالهه ڪئي جيڪو تڏهن ميٽرڪ ۾ پڙهندو هو جنهن جي
ڪهاڻي ”محبت، ماڊل گرل ۽ چترڪار“ طارق اشرف سهڻيءَ
جي سهيوڳي ادب ۾ ڇپي هئي. ان نوٽ سان ته ”ههڙي
ڪهاڻي موهن ڪلپنا ئي لکي سگهي ٿو.“ اڄ اسين
ڳولهيون ٿا ته غلام نبي سومرو ڪٿي آهي. جڏهن ته هڪ
سٽا، ٻه سٽا ۽ ٽيڙو لکندڙ ته ٽيٽيهه هزار آهن.
سنڌي ادبي سنگت جا عهديدار آهن پنج سو، پر ان ۾
اديب ٻه سيڪڙو به ڪونه لڀندا. اسان وٽ ادارا ناهن.
فرد آهن. ادارا شخصيتن جا محتاج نه هوندا آهن.
ادارا ٺاهيو. پنهنجا ادارا ٺاهيو- سرڪار تي ڀاڙڻ
ڇڏي ڏيو. سنڌي ادبي سنگت، نيو فيلڊس ۽ سنڌيڪا....
کان به وڏو ادارو قائم ڪري، ته پوءِ ڪنهن تحريڪ جي
ضرورت نه پوندي“
تاج جويو چيو: جڏهن قومون پنهنجا اقتصادي ۽ سياسي مورچا وڃائي
ويهنديون آهن. تڏهن فقط ادبي ۽ ثقافتي مورچو ئي
سندن آجپي جي ضمانت بڻجندو آهي. ۽ طارق اشرف ان
ادبي مورچي جو هڪ بهادر سپاهي هو. اهو موت جيڪو
ڪنهن مقصد جي راهه ۾ ٿئي اهو عظيم موت آهي ۽ ان
لاءِ ڀٽائي چيو آهي:
”وڏا طالع تن جا،
جي مارڳ منجهه مرن.“
طارق وٽ ذات پسندي نه هئي. هن پنهنجي پيڙائن کي پنهنجي قوم ۽
پنهنجي ماڻهن جي پيڙائن کان مٿانهون نه سمجهيو.
طارق پنجاهه ڪتاب ڇپايا. طارق جي سهڻي سنڌي ادب جو
اهڃاڻ بڻجي چڪي آهي. ان جو ست ۽ ڪردار اسان کي
قائم رکڻو آهي.
انعام شيخ چيو: طارق اشرف سنڌ جي نثر نويسن ۾ منفرد ماڻهو آهي.
جنهن جي طبيعت ۾ حجاب آميز نفاست هئي. اهي ماڻهو
جيڪي پراون ڪلهن تي بندقون هلائن ٿا، اهي ماڻهو جن
۾ اوريجنلٽي ناهي اهي ماڻهو جن جي اندر ۾
depth
ناهي اهي ماڻهو سوسائٽيءَ کي
lead
نٿا ڪري سگهن. طارق جهڙا ماڻهو جيڪي وڏا ماڻهو
هوندا آهن پنهنجي طبيعتن ۾ قلندر هوندا آهن اهي ئي
سوسائٽي کي
lead
ڪندا آهن. ۽ اهي ماڻهو جڏهن هڻي هڻي ٿڪجي پوندا
آهن تڏهن چوندا آهن:
جيت جيت ڪي عمر گنوايئه،
هڻ تون هار فريدا.
۽ طارق ائين هارايو.
سنڌي سماج ۾ ٺڳ ٽائيپ ماڻهن جي، ٽيلنٽ ليس ماڻهن جي جهاجهه ٿي
ويئي آهي جڏهن ته جيئن ماڻهن جي کوٽ. محض ٻين جي
good books
۾ اچڻ لاءِ پاڻ پتوڙجي ٿو. ههڙي سماج ۾ تبديلي
ڪيئن ايندي؟ ۽ وڏا ماڻهو ڪيئن پيدا ٿيندا؟ ڪنهن کي
ڪريڊٽ ڏيڻ اسان سنڌين لاءِ وڏو مسئلو هوندو آهي.
عبدالقادر جوڻيجو چيو: مون کي ڳالهائڻ نه ايندو آهي. لکي
ڳالهائي سگهندو آهيان. دوستن چيو ”ڪجهه نه ڪجهه
ڳالهائي.“ چيم: ڇا ڳالهايان؟ اهو ئي ته وڏو ماڻهو
هو، سٺو ماڻهو هو، بهادر ماڻهو هو... بس! سو ته
سڀني ڳالهايو. اسان وٽ منافقت ڏاڍي آهي. جيئري
هوندي ڀل گهٽ وڌ ڳالهايو هجي، پرپٺ گِلا جو
زيپٽ... پر ههڙي محفل شل نه ملي پوءِ ساراهن جا
واهڙ واهي ڇڏيندا. اهي ئي روايتي ڳالهيون وڏو
ماڻهو... سٺو ايڊيٽر... بس ڳالهه ئي ختم... ٻيو
آئون ڇا ڳالهايان؟ تڏهن دوست تجويز ڏني ته طارق
ڪهاڻيڪار هو سندس ڪهاڻيءَ تي ڳالهايو. تجويز معقول
هئي. ڪهاڻيءَ تي هڪڙو آرٽيڪل لکيل هو. پر اهو گم
ٿي ويو. الاءِ ڇو جڏهن جهيڙو ٿيندو آهي ته منهنجا
جوتا گم ٿي ويندا آهن، جڏهن ڪنهن اردو سيريل جي
ريهرسل هلندي آهي ته دل گم ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن ڪي
ههڙا موقعا هوندا آهن ته منهنجا پنا گم ٿي ويندا
اهن. سو بهرحال طارق اشرف جون جيڪي خوبيون هتي
ٻڌايون ويون- آئون انهن کان هٽي ڪري هڪڙي خوبي
ٻڌايان ٿو: اُها هيءَ ته طارق اشرف اخبارن جي
پيداوار ڪونه هو. اخبارن اڄڪلهه ايترا اديب پيدا
ڪري ڇڏيا آهن جو جيڪڏهن اخبارون هڪڙو مهينو اسان
تي رحم کائين ۽ اديبن جا بيان ڇاپڻ ڇڏي ڏين ته
ڪافي ڇنڊڇاڻ ٿي ويندي. نه ته اسان وٽ هن مهل
چاليهه هزار شاعر موجود آهن سنڌ ۾ الاءِ ڇو نٿو
اديب ۽ صحافي ۾ فرق ڪيو وڃي. جيڪڏهن ادب ۽ سياست
ساڳي ڳالهه آهن ته پوءِ ادب کي سياست چئو. سياست
کي ادب. پوءِ ٻه لفظ ايجاد ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي
ته منهنجي رڳو اها گذارش آهي! ته اديب جا چار ڪم
ٿيندا آهن. (اديبائن لاءِ ڪونه ٿو چوان) اديب مردن
لاءِ: هڪڙو: پڙهڻ؛ ٻيو: لکڻ؛ ٽيون: آواره گردي
ڪرڻ؛ ۽ چوٿون: عشق ڪرڻ. پر هاڻ اسان وٽ وري پنجون
ڪم ٿيو آهي: بيان جاري ڪرڻ. ۽ صرف بيان جاري ڪرڻ
باقي چاريئي شيون غائب. هڪڙا اخبارن اديب پيدا ڪري
ڏنا- ٻيا جيڪي اڳ ۾ اديب آهن سي به اخبارن جو شڪار
ٿي ويا. جيئن چوندا آهن ته جڏهن ڳائڻو کرندو آهي
ته قوالي ڳائيندو آهي. جڏهن اديب کرندو آهي ته
ڪالم لکندو آهي... اهي سڀ عارضي لکڻيون اهن. ان جي
جاءِ تي ڪتاب لکو.
اڇا... اسان وٽ
Historian
(تاريخ دان) سو به اديب آهي؛ جيڪو صحافي آهي سو به
اديب آهي؛ جيڪو سياستدان آهي سو به اديب آهي،
جيالاجسٽ
(Geologist)
به اديب آهي ته پوءِ آخر ائين ٿيندو جو ميڊيڪل
ڊاڪٽر به پاڻ کي اديب سڏرائيندا.... بهرحال ڳالهه
وري به طارق اشرف جي ته هن پاڻ محنت ڪري باقاعدي
پنهنجو رسالو ڪڍيو. ايڊيٽر به هو ۽ صحيح معنا ۾
رائٽر به هو. اسان جيڪڏهن هن کي رائٽر جي حيثيت ۾
ئي ياد ڪيون ته اها اسان لاءِ وڏي ڳالهه ٿيندي.
سلطانه وقاصي چيو ته: مان اسڪول جي زماني ۾ سهڻي پڙهيم ۽ طارق
اشرف جدوجهد ڪئي ۽ سهڻي رسالي کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻ ۾
آيا ۽ هن اپيل ڪئي ته سهڻي کي مالي مدد جي ضرورت
آهي. سندس والده وٽ ملياسين ۽ طارق کي ڏٺوسين
ملياسين ۽ کيس پنهنجي پاران چندو ڏنوسين. هو سنهڙو
۽ وڏن وارن وارو هيو. مان پنهنجي زندگيءَ جون
بهترين شيون لکي موڪليندي هيس پر اُهي واپس
اينديون هيون ته: اوهان جي شاعري ڇپجڻ جي قابل نه
آهي. ”سهڻي“ شروع ۾ صرف ادبي رسالو هيو، پوءِ
حالتون انسان کي موڙ مٽائڻ تي مجبور ڪن ٿيون. هن
ايڊيٽوريل سياست ڀريل لکيا. پوءِ سهڻي بند ٿي وئي
۽ يارهن سالن کان پوءِ جڏهن سهڻي آئي ته ٻئي رنگ ۽
روپ ۾ آئي. مان هر وقت ان علائقي يعني جيڪب لائين
۾ رهندي هيس جتي هروقت گوليون هلنديون هيون. هو
منهنجو واحد دوست آهي، جو هر وقت فون ڪري مون کي
تسلي ڏيندو هيو. طارق اشرف ڪتابن جي شڪل ۾ اسان وٽ
موجود آهي ۽ هو هر نسل ساڻ گڏ جيئرو هوندو.
تاجل بيوس پنهنجي تقرير ۾ چيو: گذريل پنجن سالن کان يعني 87 کان
وٺي مان ۽ طارق هڪٻئي کي ويجها ٿياسين. هڪٻئي جي
خوبين خامين کي پرکيوسين. هندستان وياسين ته گڏ
وياسين. موٽياسين ته گڏ موٽياسين. هڪڙي ڀيري
منهنجي آفيس ۾ ويٺو هو ته چيومانس ته: تو وٽ ايڏو
اَٿاهه پيار آ، اُڪنڊ آهي، اُڪير آهي. جو تون مان
پڳ مٽ يار آهيون، چيائين تون منهنجو پڳ مٽ يار نٿو
ٿي سگهين ڇو ته تون مون کان ننڍو آهين. جڏهن سن ۽
تاريخون ڀيٽيوسين ته مان وڏو نڪري پيس. تنهن تي
وري مون چيو ته: ”هاڻ تون منهنجو پڳ مٽ يار نٿو ٿي
سگهين، جو تون مون کان ننڍو آهين.“
طارق اشرف جو موت هڪ تحريڪ جي پڄاڻي آهي. اسان جي قلمي واقفيت
ان زماني کان ئي هئي جڏهن کان حيدرآباد مان ”روح
رهاڻ“ ۽ ”سهڻي“ نڪرڻ شروع ٿي هئي. پنجاهه جي پيٽي
۾ طارق کي پنهنجن دوستن سان گهڻيون شڪايتون رهيون
هيون. اياز انٽرويو نه ڏنو.... بشير مليو
ڪونه..... طارق جو اندر هڪ کورو هو جنهن ۾ ڪاٺين
جي ٻارڻ بدران هو دوستن وٽان پڙ پيل ڏک سور جلائي
مون وٽ پهچندو هو، لاڏاڻي کان هڪ ڏينهن اڳ ۾
منهنجي آفيس مان اٿڻ وقت چيو هئائين ته: عظيم فن
فنڪار جي رت ست ۾ سمايل هوندو آهي. عظيم فن ڌرتيءَ
جي ڪُک مان ڪنم وٺندو آهي. جنهن ڌرتيءَ مان فنڪار
جو خمير کنيل هوندو آهي. طارق اشرف آزاد فضا ۾
آزاديءَ سان ساهه کڻندڙ هو. اڄ هو اسان وٽ ناهي پر
پوءِ به سندس ادب، سندس نظريا، سُرخاب جا پَر پائي
حدن ۽ سرحدن کي ٽوڙي دنيا جي گولي تي اُڏامندا
رهندا.
تاجل بيوس جي تقرير کان پوءِ ڪتاب جي مهورت سلطانه وقاصي ڪئي.
سنڌ ڪلچرل ڪائونسل پاران طارق اشرف ايوارڊ پڻ ڏنا
ويا. جيڪي ٽي وي پلي ”هٿين گل مينديءَ“ جي خالق
حفيظ ڪنڀر کي ۽ تانيا ٿيٻو کي بحيثيت ڪهاڻيڪار ڏنا
ويا. جنهن کان پوءِ نصير مرزا هن تقريب جي آخري
مقرر لاءِ اناؤنسمينٽ ڪئي ته: اڄ اسان جي محفل جو
خاص مهمان به امداد حسيني آهي ته صدارت به هن جي
آهي. امداد طارق لاءِ لکيو ته: ”طارق اشرف جي
ڪردار تي اسان کي فخر آهي.“ اسان کي فخر آهي ته
امداد اسان مان آهي.
امداد حسيني چيو: سائين منهنجا! بنيادي طور تي ٻه ڳالهيون اسان
کي طيءِ ڪري ڇڏڻ کپن اُهي اِهي ته وقت جي پابندي
ٻيو ته جن کي به ڳالهائڻو آهي انهن کي اڳواٽ
ٻڌائجي ۽ اهي لکت ۾ کڻي اچن. ڇو ته اسان جڏهن هيئن
ڳالهايون ٿا ته پوءِ اسان کي ڪڏهن يونان کان شروع
ڪرڻو ٿو پوي ته ڪڏهن بزم صوفيائي سنڌ کان. پر مان
پنهنجي ڳالهه موهن ڪلپنا کان شروع ڪندس. اهو هڪ
ٻيو وڏو حادثو جيڪو سنڌي ادب کي سهڻو پيو آهي.
موهن ڪلپنا جهڙي ماڻهوءَ کي خود اسان جي ماڻهن
پاڳل چيو؛ گڏهه چيو؛ پاجي چيو. اهي خود موهن جا
لفظ آهن.
انعام شيخ هتي هڪڙي ڳالهه ڪئي ته طارق اديب پيدا ڪيا. سائين
اديب پيدا ڪري ڪونه سگهبا آهن. منهنجا ڇهه ٻار آهن
مان انهن مان ڪنهن کي به اديب نٿو ڪري سگهان.
ٽئلينٽ توهان پيدا نٿا ڪري سگهو. ٽئلينٽ کي توهان
فقط اڳتي وڌائي سگهو ٿا.
اسان ائين چئي سگهون ٿا ته طارق ٽئلينٽ کي اڳتي وڌايو. طارق
چوندو هو ته کيس شاعريءَ جي خبر ناهي. ۽ هن جڏهن
مون کي سٿا ڏنا شاعريءَ جا- جيڪي هن وٽ ٽن سالن
کان پيا هئا- جنهن ۾ سلطانه وقاصيءَ جا نظم هئا-
شبنم موتيءَ جا نظم هئا- ج. ع. منگِهاڻيءَ جو نظم
هو ”ڪراچي“. جيئن تاجل، اياز جي انٽرويو نه ڏيڻ جي
ڳالهه ڪئي ته هو انٽريو ڏي يا نه ڏي. توهان ايترو
ته حق مڃو رائٽر جو. ان ڳالهه جو طارق کي ڏک پهتو
هوندو اها ٻي ڳالهه آهي.
طارق سان منهنجا ڪيترائي اختلاف هئا ۽ اهو سڀ مون
Written
۾ ڏنو. اختلافن هئڻ جي باوجود اسين هن کي سلام ان
ڪري ٿا ڪريون ته هن سنڌ جي حقن تي سودي بازي نه
ڪئي. اديب جو پنهنجو رول آهي، جيڪو سياست ۽
سياستدان کان مٿانهون آهي. |