سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1992ع

مضمون

صفحو :21

ظفر حسن

طارق اشرف: جبل جهڙو اڏول ماڻهو

 

اڄ طارق اشرف تي لکندي پاڻ کي ڪجهه عجيب حالت ۾ محسوس ڪريان ٿو. ڪجهه ڏوهي، ۽ ڪجهه پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪندي محسوس ڪيان ٿو. اها ڳالهه ته روائتي ٿيندي جي آئون چوان ته طارق جي لاڏاڻي کان پوءِ ان تي لکڻ واري ڏک واري حالت مان گذران پيو. ائين ته هر لکندڙ پنهنجي دوست، ساٿيءَ تي لکندي محسوس ڪندو. پر منهنجي حالت ڪجهه الڳ آهي. منهنجي اڄوڪي پڇتاءُ واري ڪيفيت جو پس منظر ڪجهه الڳ آهي. ڳالهه اها آهي ته طارق اشرف مون تي به خاڪو لکڻ ٿي گهريو ۽ انهن ڏينهن ۾ آئون طارق تي ڪاوڙيل هئس، ان ڪري ولي رام کي چيو هئم ته هو طارق کي چئي ته مون تي خاڪو نه لکي ته مهرباني ٿيندي، اهو ان ڪري نه چورايو هئم ته آئون طارق جي بيبياڪيءَ کان گهبرائجي ويو هئس ته هو خاڪي ۾ مون تي ڇوهه ڇنڊيوندو، پر جيئن ته هو مون تي ڪاوڙيل نه هو ان ڪري هن مان خاڪي ذريعي مون تي باهه ڪڍڻ جو ڊپ نه هو. پر هتي آئون اهو به اعتراف ڪري ڇڏيان ته ائون طارق سان ڪاوڙيل هجڻ جي باوجود طارق جي ان گڻ مان واقف هئس ته هو خاڪو لکندي ڪڏهن به غلط بياني نه ڪندو.

پوءِ خبر ناهي ولي رام طارق کي نياپو پهچايو يا نه، پر پوءِ طارق مون تي خاڪو نه لکيو. ۽ آئون سوچيان ٿو جي طارق مون تي خاڪو لکي ها ته آئون به سندس امر لکڻين جو هڪ ڪردار بڻجي تاريخ ۾ ڪنهن بهاني رهجي وڃان ها. طارق مون تي نه لکي ته ڪجهه نه وڃايو البت مون گهڻو ڪجهه وڃايو. ۽ اڄ جيڪو پڇتاءُ پيو محسوس ڪريان ته اڄ وري آئون ئي طارق تي خاڪو لکي رهيو آهيان ۽ آئون طارق کي پنهنجي آڏو جيئرو جاڳندو ڏاڍو معنيٰ ڀريل نظرن سان پاڻ ڏانهن نهاريندي مرڪندي محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ هو مون کي چئي رهيو آهي ”تو مون کي پاڻ تي لکڻ کان جهليو هو نه، پر اڄ توکي ئي مون تي لکڻو پيو پئي.“ واقعي هي قدرت جو مون سان وڏو ليکو هو. دير يا سوير نيٺ ڳالهه وڃي سچن ماڻهن جي ئي بيهندي آهي. پوءِ اها ڳالهه ننڍي هجي يا وڏي.

طارق اشرف جي ڪنٽريبيوشن تي نظر ٿو وجهان، ڪهاڻيون، ڪتاب، ڪتابي سلسلا، خاڪا، ڊائريون، خط، انٽرويو، رسالا، ايڊيٽوريل، تبصرا، پريس، الائي ٻيون به ڪيتريون لکڻيون، پر سڀني کان مٿي، اوچي، اتم سندس امڙ ۽ اسان سڀني جي امڙ، سنڌ کي ڏنل سندس ڀيٽا، جيڪا هن جيل ڪاٽي ڏني اها هئي سنڌ جو شان، ايمان ته سر نه جهڪائبو، معافي نه وٺبي. ڀلي سڄي ڄمار گذري وڃي، ڀلي پويان گهر رلي وڃي، ڀلي پويان امڙ ئي نه مري وڃي، ايڏي وڏي قرباني، ۽ ٻي ڀيٽا نهٺائي جي، ڪڏهين به ڪنهن سان ڪچهريءَ ۾ قيد جو ذڪر نه ڪيائين، ڪا شڪايت نه ڪيائين. ڪو ڏوراپو ڪا ميار ڪنهن کي نه ڏنائين، بس قيد جي باري ۾ جيڪي چوڻو هئس اهو پنهنجي جيل جي ڊائريءَ ۾ چئي تاريخ ڪري ڇڏيائين، پر پوءِ ڪو فخر نه، ڪو هٺ نه، ڪا ڳالهه ئي نه، ڄڻ جيل، ۽ اهو به سڄا سارا 22 مهينا، ويو ئي ڪونه هو.

طارق واقعي هڪ اڏول، جبل جهڙو سينو ساهيندڙ ماڻهو هو، قيد هن قرباني سمجهيو، سچي معنيٰ ۾ ماڻهن ته ٻاويهه ڏينهن جي جيل جي به ”ڪئش ڪرايو“ ۽ طارق جيل جي قربانيءَ جي اجرت وٺڻ پنهنجي قربانيءَ جو آدرشن جو اپمان سمجهيو.

طارق کي آدرشن ۽ اصولن تي مستحڪم بيهڻ وراثت ۾ مليو هو. سندس بهادر امڙ به طارق جيان ئي اڏول هئي، مرندي مري ويئي پر پنهنجن اصولن تي اٽل رهي. آئون طارق جي ٻالپڻ جو دوست هو. اسان اسڪول ۾ گهڻو عرصو نه پر ٻه ٽي سال گڏ پڙهيا هئاسون، ماءُ پيءَ جو هڪڙو ئي اولاد، ٻالپڻ ۾ ئي پيءَ جو جهان ڇڏي وڃڻ، بيوهه ماءُ جو سندرو ٻڌي اڪيلي سر پنهنجو گهر هلائڻ. شروع کان وٺي ئي طارق ۽ ان جي ماءُ تڪليفون ڏٺيون، مصيبتن کي چئلينج سمجهي مقابلو ڪيو ۽ جڏهين ماءُ جا سکيا ڏينهن آيا ته ماءُ نه رهي ۽ جڏهين طارق جا سٺا ڏينهن آيا ته طارق نه رهيو.

ڪڏهين ڪڏهين سوچيان ٿو ته جي طارق جيل نه وڃي ها ته سندس ماءُ ايترو جلد گذاري نه وڃي ها ۽ پاڻ به حياتيءَ جا ڪجهه ٻيا ڏينهن ڏسي ها.

ٻاويهن مهينن جو جيل هڪ ليکڪ لاءِ، هڪ بي ڏوهي لاءِ 22 سالن جي برابر آهي. جيل مان سوير آزاد ٿي وڃي ها بس به ٻول لکي ڏي ها ”مون جيڪي لکيو جيڪي ڇپيو اهو غلط هو. مون کي ان جو افسوس آهي.“ مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته طارق اهو لکي ڏي، مون کان سندس امڙ جي حالت ڏٺي نه ٿي ٿي. بس هڪڙو ئي الڪو هوندو هو ته ڪٿي سندس امڙ پنهنجي پٽ کي ڏسڻ کان سواءِ گذاري نه وڃي، سندس امڙ هڪڙي ننڍڙي ڪوٺڙيءَ ۾ بيمار رهندي، طارق جي قدمن جي آهٽ کي ٻڌڻ جي آسري ۾، پيڙا ڀوڳيندي رهي.

سندس امڙ مون سان ڳالهايو، درجي پٺيان آڏ وٺي: ”ظفر، تون طارق کي سڃاڻين ٿو، مري ويندو معافي ڪڏهن به لکي نه ڏيندو. مون کي جيل مان لکيو اٿس، ”امان، هي ڇا پيا ڪريو. مون کان معافي پيا لکارايو. تنهنجو پٽ آهيان.“

واقعي طارق کي جهڪائڻ جبل کي جهڪائڻ هو. پر رهيو مون کان به نه ٿيو. طارق کان وڌيڪ مون کي سندس امڙ جو خيال ستائيندو رهيو. بيوهه ماءُ هڪڙي ئي اولاد کي الائي ڪهڙي آسري پالي وڏو ڪيو هوندو ماءُ جي ڪائنات ۾ ڪل ملڪيت.

هڪڙي شنوائي تي عدالت ۾ طارق سان ملاقات ڪندي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي مانس. ڪجهه سچ ۽ ڪجهه ڪوڙ ملائيندي. ”طارق پنهنجو نه ته، پنهنجي امڙ جو خيال ڪر، توکان سواءِ تنهنجي امڙ حياتي گهاري نه سگهندي. توکي خبر آهي امان جي طبيعت ٺيڪ نه ٿي رهي.“

طارق چپ، سوچن جي ڌٻڻ ۾ گم ٿيندڙ: ”ڇو امان توکي ڪجهه چيو آهي ڇا.“

مون ڪوڙ ڳالهائيندي چيو ”نه امان مون کي ڪو سڌو سنئون ڪونهي چيو. پر آئون سمجهان ٿو امان توکان سواءِ هاڻي رهي نه سگهندي.“

طارق هاڻي ڌٻڻ ۾ ٻڏندي مٿي اچي ويو ۽ هن ڊگهو ساهه کنيو ”آئون مڃي نه ٿو سگهان ته امان مون کي معافي لاءِ چوندي، يا اهڙو ڪو اشارو به ڏيندي. امان مري ويندي پر مون کي معافي لاءِ نه چوندي.“

۽ آئون طارق آڏو گهڙي ڀر لاءِ پنڊ پهڻ ٿي ويو هئس. مون چوطرف ڪورٽ جي ڊگهين ڊگهين درين ڏانهن نهاريو. ليئا پائيندڙ ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو اسان کي ڏسي رهيا هئا. ۽ آئون پاڻ ڌٻڻ ۾ ٻڏڻ لڳو هئس. ماءُ ۽ پٽ جو هڪڙو ئي جواب. جهڙوڪ پاڻ ۾ اڳيئي سٽل ڪري آيا هجن.، ٽيلي پيٿي جو جيئرو جاڳندو مثال.“

ماءُ چوي ٿي: طارق مري ويندو ڪڏهين به معافي لکي نه ڏيندو.

پٽ چئي ٿو: امان مري ويندي پر مون کي معافي لاءِ نه چوندي.

آئون هارائي ويو هئس. اسين سڀ دوست هارائي ويا هئاسون. جهڙي ماءُ هئي تهڙو هو پٽ. بهادر ماءُ جو بهادر پٽ، اهي هئا سنڌ جا اهڃاڻ، سنڌ جا شان، سنڌ جي انفرادي ڪردار جا اصلي نمائيندا، عيوضي ۽ وارث: پرواهه ناهي حال ۾ موقعي پرست اگهامجي ويا آهن پر تاريخ اصلي ماڻهن کي ڇنڊي ڇاڻي پاڻهي نروار ڪندي، ڪاوا ڪچ تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ گم ٿي ويندا ۽ ماڻڪ سدا لاءِ ٻهڪندا رهندا.

آئون سوچيان ٿو طارق 22 مهينا جيل نه ڪاٽيو، 22 مهينا ته تڏهين خبر پئي جڏهين هو آزاد ٿيو. ان وقت ته طارق کي خبر ڪانه هئي ته هو ڪو آزاد ٿيڻ وارو آهي. جيستائين جيل ۾ هو تيستائين هو اڻ ڄاڻايل مدي تائين شايد مرڻ گهڙي تائين جيل جي سزا ۾ هو اها طارق جي همت هئي، جگر هو، سينو هو جو هو تاقيامت جيل جي سزا ڀوڳي رهيو هو. طارق جي سزا عجيب هئي، ڪو مدو مقرر ڪونه هو. جنب ٽيپ واري کي به آسرو هوندو آهي ته ويهن سالن کان پوءِ مدو ختم ٿيندو پر طارق اڻ ڄاڻايل مدي تائين جي پيڙا هيٺ سزا ڀوڳيندو رهيو. اها ته جنب جنب ٽيپ هئي.

سندس سزا تي هڪ ذميدار ڪاموري عجيب ڳالهه چئي هئي.

”طارق تيستائين ائين جيل ۾ ئي رهندو جيستائين ڀٽو وزيراعظم هوندو.“

جڏهين طارق کي اها ڳالهه ٻڌائي ويئي هئي. طارق ماٺ ٿي ويو هو. ڀٽي جهڙي وزيراعظم کي ڪير لاهيندو پاڪستان جي قابل ترين سياستدان کي. ۽ اسان کي جواز ملي ويو هو ته طارق کي ڪنونس (Convince) ڪري سگهون ته سڄي ڄمار جيل ۾ رهندو ڇا پر اها به پڪ هئي ته طارق تڏهين به ڪڏهين نه مڃيندو.

اها هئي پيپلز پارٽيءَ جي، ڀٽي جي هڪ عاشق سان حالت! مون کان اها ڳالهه ڪڏهين نه وسرندي جڏهن ڀٽي جي خلاف پي-اين-اي (پاڪستان نئشنل الائنس) جي تحريڪ هلي رهي هئي. ۽ اسان طارق سان هڪ شنوائي واري ملاقات ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ۽ طارق چئي رهيو هو ڏاڍو سوچي، گنڀير ٿي:

”ڀٽو به ڪمال ٿو ڪري، پي.اين.اي کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو اٿس..... ريزسٽ (Resist) نه پيو ڪري. لڳي ٿو پاڻ کي مارائيندو.“

۽ اسين حيرت سان طارق جو منهن تڪڻ لڳا هئاسون. هي ان ماڻهوءَ جا لفظ هئا جنهن جي آزادي هڪ ماڻهوءَ جي ”تخت“ تان لهڻ تي ٻڌل هئي. هي ڪهڙو ماڻهو هو جو ”ظالم“ کي ”تخت“ تي براجمان ڏسڻ جي تمنا ڪري رهيو هو.

۽ نيٺ مان ڳالهه جي گنڀيرتا ٿوري گهٽائيندي مرڪندي طارق کان پڇڻ جي ڪوشش ڪري ئي ويٺو هئس ”پر طارق، ڀٽو لهندو ته تون آزاد ٿيندين.“

”منهنجي آزادي ايتري اهم ڪانهي.“

سندس اهي لفظ ٻڌي اسين سڀ ڇرڪي وياسون. هي ماڻهوءَ جا لفظ ڪونه لڳا. ڪنهن اڻ لڀ ماڻهوءَ جا ئي لفظ ٿي ٿي سگهيا. هي لفظ ڪنهن مهان ماڻهوءَ جا ئي ٿي ٿي سگهيا ۽ اسين سندس لفظ ٻڌي سندس آڏو ڄامڙا لڳي رهيا هئاسون. ۽ اڄ آئون سوچي رهيو آهيان جيڪو شخص پنهنجي شخصي آزاديءَ کان لاپرواهه هوندو آهي اهو ئي ظلم کان آزادي وٺي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي سگهندو آهي. باقي سڀ ڪوڙ آهي. شايد!

پيپلز پارٽيءَ جي ڏينهن ۾ ”سهڻي“ تي بندش پوڻ، پريس سيل ٿيڻ، روزگار جا دروازا بند ٿيڻ، اڻ ڄاڻايل مدي تائين جيل ۾ وڃڻ، اهو سڀ هڪ پريم ڪهاڻيءَ جو ڪلائيمڪس يا ائنٽي ڪلائميڪس هو. سڀني کي خبر هئي ته طارق ۽ سندس امڙ ڀٽي ۽ پيپلز پارٽي جا زبردست گهورو هئا.

طارق ته ڀٽي جو عاشق هو. طارق جي گهر تي پيپلز پارٽيءَ وارن جو جهنڊو جهولندو رهندو هو. اليڪشن دوران جهنڊو طارق جي امڙ راتين جو جاڳي نور نچوئي، پنهنجي هٿن سان، ٽڪون ۽ جهالر لڳائي سبيو هو ۽ گهر ۾ به ڀٽي جي تصوير لڳل هوندي هئي.

ضيا جي مارشل لا جي حڪومت طارق کي آزاد ڪيو پر هو ضيا جو زبردست مخالف رهيو ۽ انهيءَ مارشل لائي حڪومت ٽي. وي تان هڪ ائنٽي ڀٽو ۽ ائنٽي پيپلز پارٽي پروپگئنڊا پروگرام ”ظلم ڪي داستان“ شروع ڪيو جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ ۽ ڀٽي جي خلاف وڏا وڏا دانشور ۽ وڪيل ۽ عام ماڻهو به پيا ڳالهائيندا هئا. پر حڪومت جو زور هو ته ان پروگرام سنڌي گهڻي مان گهڻا اچن ۽ ان سلسلي ۾ ٽي. وي جي ٽيم طارق اشرف جي گهر به اچي پهتي پر طارق، ڀٽي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي خلاف هڪ لفظ به ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ سنڌي وزير ڏاڍو زور ڪيس، چي ”تُون قيامت تائين جيل ۾ هجين ها“. پر طارق به وراڻيو: ”ٺيڪ آهي مون تي ڀٽي ظلم ڪيا، پر ضياء الحق تاريخ جو سڀ کان وڏو ظالم آهي.“

طارق ليکڪ ۽ دانشورن جي انهيءَ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن جٿي جي سرواڻي ڪئي جن ڪڏهن به حالتن سان ٺاهه نه ڪيو، قيد ڪاٽيا، پنهنجو پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيائون، ٻارن ٻچن کي رلائي ويا پر جهڪيا ڪڏهن به نه. طارق اهو وڻ هو جيڪو طوفان آڏو مهاڏو اٽڪائي ڪنڌ کڻي هڪ هنڌ بيٺو رهيو ۽ پوءِ ڪري پيا، ڇيهون ڇيهون ٿي ويا پر نميا ڪڏهين به نه.

۽ طارق انهن ٻن ٽن مان هڪ هو (۽ آئون سوچڻ ٿو لڳان اهي ٻه ٽي ڪير آهن) جن پنهنجي قربانيءَ جي قيمت وصول نه ڪئي. نه نوڪري، نه انعام، نه ڪو عهدو، نه ئي ڪا سهوليت ۽ نه ئي ڪو اسلام آباد جو مفت جو هوائي چڪر. ان جي ابتڙ ئي ”سهڻي“ ۾ ڇپيون، دل کولي فائدا وٺندا رهيا، انهن سندس ئي سهڻي ۾ لکندڙ انهن ئي لکڻين جي آڌار تي جي هر دور ۾ ائين ڪيو، ڀٽي جو دور هجي، يا ضيا جو، يا بي نظير جو يا جتوئي جو يا محمد خان جوڻيجو جو يا نوازشريف جو، هر دور ۾ ”ڪو لئبوريٽر“ جو رول ادا ڪندا رهيا ۽ لکڻين ۽ تقريرن ۾ دعويٰ ڪندا رهيا ته انهن جهڙو ڪو سچار ۽ حق پرست ڪو آهيئي ڪونه. نه رڳو پاڻ لکندا ۽ تقريرون ڪرائيندا رهيا بلڪ ٻين کان به پاڻ تي تقريرون ۽ لکڻيون لکائيندا رهيا، ۽ اڃا به ائين بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڪري رهيا آهن.

۽ مون کي ائين ڀاسندو آهي ته طارق اهو هاري هو جنهن ادبي کيتر ۾ پگهر وهائي، روايتن جا اوجاڳا ڪڍي هر کيڙيا، پاڻي ورايو، جهار هڪلي، فصل تيار ڪيو پر جڏهين فصل لڻڻ جو وارو آيو ته زميندار سڄي جو سڄو فصل کڻي ويو ۽ طارق کي هڪ ٽويو به نه مليو.

اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ”سهڻي“ واري ٻئي دور ۾ منهنجو ساڻس سخت اختلاف ٿي پيو. مون کيس نالا وٺي وٺي، سندن رڪارڊ ظاهر ڪري کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جن ماڻهن جي تون ”اميج ميڪنگ“ ڪري رهيو آهين اهي موقعي پرست رهيا آهن ۽ هينئر به آهن ۽ هنن جو ڪهڙي طرح وطن دشمن رول رهيو آهي پر طارق منهنجي ڳالهه نه مڃي ۽ جواب ڏنو ”اهي ڪمرشل لحاظ کان رسالي جو وڪرو وڌائيندڙ نالا آهن ۽ انهن نالن جي ڪري رسالو وڪامي ٿو.

مون کيس سمجهايو ”انهن نالن کي اهم به اسين ٿا ڪريون نه- جو رسالن ۾ انهن کي اهم جاءِ ڏيڻ، انٽرويو وٺڻ، فنڪشن ۾ صدارتون ڪرائڻ، مکيه مهمان بڻائي، ڪجهه به نه مان گهڻو ڪجهه بڻائي ٿا ڇڏيون ۽ پوءِ هو سڄي ڄمار پنهنجو نالو وڪڻندا، پاڻ ان کي ڌنڌو ڪري ڪمائيندا ٿا وتن.“

پر طارق کي آئون قائل نه ڪري سگهيو هئس. ۽ پوءِ مون کيس سندس ئي هڪ ”عمل“ جي، ”اسٽئنڊ“ جي يادگيري ڏياري. مون کيس ٻڌايو ته سنڌي ليکڪ طبقي ۾ هو ئي پهريون شخص هو (ٻيا به هوندا پر انهن جي مون کي ڄاڻ نه آهي) جنهن جدوجهد ۽ سياسي جاڳرتا جو پهريون سبق مون کي سيکاريو هو. اهو بنيادي بلڪ پهريون نقطو هو ”بائيڪاٽ“، تعلق ختم ڪرڻ. ٿيو هيئن جو ضيا شاهي جو دور هو ان دور ۾ هڪ سنڌي ”دانشور“ (منهنجي نظر ۾ هو دانشور نه پر موقعي پرست آهي) هڪ سنڌي ادبي ڪانفرنس سڏائي ۽ ان جي صدارت توڙي ٻين ويهڪن جي صدارت مرڪز جي ٻن ٽن ”ضيائي“ وزيرن کان ڪرائڻ جو پروگرام رٿيو. ڪانفرنس ڇاڪاڻ جو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي باري ۾ هئي ان ڪري آئون سنڌي ٻولي جي پريت ۾ ان ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڏاڍو اتساهه ڏيکاري رهيو هئس ته اهو طارق ئي هو جنهن مون کي ان ڪانفرنس ۾ وڃڻ کان جهليو هو. ۽ چيو هو ته ”اسان کي مارشل لاءِ توڙي غير جهموري توڙي وطن دشمنن جي صدارت وارين ڪنهن به قسم جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ نه کپي.“

پر آئون طارق جي ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هئس. پر پوءِ ڪافي سالن کان پوءِ دنيا ۾ آمريت جي خلاف تحريڪن جي باري ۾ پڙهندي ۽ سياسي جاگرافي پڙهندي مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي هئي ته مون ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي، آمريت جي ناجائز حڪومت کي جائز تسليم ڪيو هو ۽ ان حڪومت جي وزيرن جي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ان حڪومت کي استحڪام ڏيڻ ۾ منهنجو به ڪڌو ڪردار هو.

مون کي رڳو افسوس اهو هو جو طارق مون کي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪڻ جي پويان علمي سمجهاڻي نه ڏني هئي پر آئون اهو ضرور چوندس ته هن سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي هڪ عيوضيءَ جي حيثيت ۾ جيڪو ”عمل“ ڪيو اهو سڄي سنڌ جي ليکڪ، عالم ۽ دانشورن مان سڀ کان پهريون عمل هو. آئون طارق جو اهو عمل اڄ سنڌ جي تاريخ ۾ آڻڻ گهران ٿو. آئون سمجهان ٿو سندس انهيءَ ئي هڪڙي عمل جو فلسفو کيس تاريخ ۾ امر بڻائڻ لاءِ ڪافي آهي. اڄ آئون سوچيان پيو ڪاش طارق جو چيو مڃان ها پر منهنجي ان ڪڌي عمل منهنجو دامن ايترو ته داغدار ڪري ڇڏيو آهي جو پراشچت ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان جو ان عمل جا ڪجهه نشان وري به رهجي ٿا وڃن. ڪاش آئون طارق جي ڳالهه مڃان ها.

پوءِ مون سالن کان پوءِ طارق آڏو پنهنجن گناهن جو اعتراف ڪري ڪجهه آٿت حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي هئي. طارق سدائين انهن اصولن تي اٽل رهيو. طارق وٽ نوڪري به ڪانه هئي. هن شروع ۾ البت ميونسپالٽيءَ ۾ نوڪري ڪئي هئي پر پوءِ سندس گذران ”سهڻي“ رسالي تي ۽ ڪتابن پبلش ڪرائڻ تي رهيو. هو ايم. اي هو چاهي ها ته ڪانه ڪا نوڪري، ڪونه ڪو عهدو وٺي مزي سان ويهي رهي ها. پاڻ چاهي ها ته ڪافي سکيو ٿي وڃي ها. بس پنهنجي اباڻي گهر ۾ جنهن ۾ هڪ ڪمرو جيڪو 10 باءِ 12 فوٽ مس هوندو ان ۾ رهندو رهيو ۽ سندس ٻئي حصي ۾ جيڪو ان کان به ننڍو هو ”سهڻي“ جي آفيس هلائيندو رهيو. طارق ٻيو ڪجهه نه ڪري ها ته ڪو پلاٽ ئي وٺي ها، ڪو فلئٽ ئي ٺهرائي ها يا خريد ڪري ها پر هن سرڪار کان، ڪهڙي به سرڪار کان ڪجهه به نه ورتو. هڪ پئسو به نه. هڪ پئسي جيتري ڪا پراپرٽي به نه. بس پنهنجي ان هڪ ڪمري واري گهر ۾ پاڻ، ماءُ، زال ۽ پٽ سڄي زندگي گذاريندا رهيا. بس آخري سالن ۾ هن ايترو سو ڪيو جو پرائو اهو گهر ڊهرائي هيٺ پريس لڳرايائين ۽ مٿي گهر ٺهرايائين. هن نوڪريءَ جي سلسلي ۾ هڪڙي ڪوشش ضرور ڪئي هئي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيڻ جي، بس کيس اهڙو تجربو ٿيو جو هن وري ڪڏهن ماستريءَ جي نوڪريءَ جو نه سوچيو، ۽ کيس اهو به تجربو ٿي چڪو هو ته هن ايم. اي (سنڌي) به سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪئي هئي.

کيس ٻيا به ڪافي تجربا ٿيا. سي ايڏا ته دل ڏکوئيندڙ هئا جو کيس صبر ڪرڻ تي شابس ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. ليکڪن ۾ به عام ماڻهن وانگر اختلاف ٿيندا ئي آهن، بلڪ گهاٽا ليکڪ دوست به وڙهي پوندا آهن. ليکڪ دوستن ۾ هونئن اختلاف ته نظرياتي هجڻ کپن پر اتفاق سان سنڌي ليکڪ دوستن ۾ اختلاف ذاتي بنيادن تي ٿيندا آهن ۽ طارق کي جيڪو ان ذاتي اختلاف جو تجربو ٿيو اهو نهايت دکدائڪ هو جنهن طارق کي اصل ڌوڏي وڌو.

ٿيو هيئن جو طارق ۽ سندس هڪ ليکڪ دوست جي وچ ۾ ڪو اختلاف ٿي پيو. هن ليکڪ دوست مرڳوئي طارق تي ڪنهن رسالي ۾ الزام هنيو ته ”طارق سنڌي ئي ڪونهي. طارق جي والده هندوستاني آهي.“ ڪجهه اهڙا لفظ هئا جي سندس ليکڪ ”دوست“ ڪنهن ٻئي نالي ۾ چيا هئا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته طارق جي امڙ هندستان جي شايد حيدرآباد دکن واري علائقي جي هئي ۽ 1920ع واري دور ۾ سنڌ ۾ پرڻجي آئي هئي ۽ حيدرآباد ۾ ورهاڱي کان اڳ الهندي ڪچي ۽ صدر ۾ اهڙا علائقا هئا جتي گهرن ۾ اڙدو ڳالهائي ويندي هئي. ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ابراهيم شاهه، محمد اسلم شيخ، عزيز ڪنڌاري، عزيز بروهي، گلباز خان، نور محمد لاکير، ٻيا به گهر هئا جتي اڙدو ڳالهائي ويندي هئي پر انهن جا ٻار ۽ هو پاڻ سڀ سنڌي پڙهيا، سنڌي لکيائون بلڪ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪيائون. خود مرزا قليچ بيگ جي گهر ۾ هندوستاني ڳالهائي ويندي هئي جيئن هن پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي. هاڻي ان آڌار تي طارق اشرف تي الزام هڻڻ ته هو سنڌي ئي ڪونهي، منهنجي ويچار ۾ ڪميڻائپ جو ڇيهه هو.

ان وقت منهنجي به طارق سان ”پرفيڪٽ پرنٽرس“ جي سلسلي ۾ ڪجهه اڻبڻت هئي ۽ مون سمجهيو هو ته جوشيلو طارق ان الزام جو ڀرپور جواب ڏيندو. ۽ مون ڏٺو ته طارق ان الزام جو ڪوبه جواب نه ڏنو. ڪافي سالن کان پوءِ طارق کان ان باري ۾ پڇيو هئم ته ٿڌو ساهه ڀري چيو هئائين ”منهنجو عمل منهنجو جواب آهي ۽ سدائين اهوئي جواب رهندو. آئون ذاتي حملن تي وقت ۽ ”سهڻي“ جا ڪاڳر وڃائڻ لاءِ تيار نه آهيان.“

آئون سمجهان ٿو طارق ۾ چالاڪيءَ ۽ حرفت جو نالو به نه هو. آئون اهو به چوان ٿو ته طارق اشرف به انسان هو، هو غلط ڪم به ڪري سگهيو ٿي ۽ ڪيا به هوندائين پر هن ڪڏهين به ڪنهن سان چالاڪي نه ڪئي هوندي. هو چالاڪي ڪرڻ ۾ بنهه نااهل هو. آئون سمجهان ٿو ته هن هوشياري ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هوندي ته به هو بنهه ناڪام ويو هوندو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو چالاڪ، حرفتي ليکڪن، طارق جي سادگيءَ ۾ دل کولي فائدو ورتو پر جڏهين به طارق تي ڏکيو وقت آيو ته پري پري تائين ڪو نظر نه آيو. اهو ئي ڪارڻ هو جو ”سهڻي“ جي نئين دور ۾ مون کيس خبردار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هن اهڙن ماڻهن جي ماضيءَ جي رويي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. اها به هڪ مهانتا جي نشاني آهي، پر ڪنهن غريب ڪنهن مڊل ڪلاس جي ماڻهوءَ کي ايڏو وڏي دل جو هجڻ پاڻ پنهنجي لاءِ نقصانڪار آهي، مون کيس ايترو چيو ته ”تو جيل جي ڊائري لکي آهي گهٽ ۾ گهٽ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏي جي تنهنجي قيد دوران نه توکي پڇڻ آيا نه تنهنجي گهر آيا ۽ نه تنهنجي امڙ وٽ آيا، ٻي ڪا مدد ڪرڻ ته وڏي ڳالهه آهي.

بس اها ڳالهه هو پنهنجي امڙ کان وراثت ۾ نه وٺي سگهيو هو. هن ۾ يا ته ماڻهوءَ جي سڃاڻ نه هئي يا سڃاڻ هوندي به ان جو الڪو نه هو ته ڪو مون کي ڌوکو ڏيندو يا ٺلهو پڇندو به ڪونه، جيتوڻيڪ سندس امڙ به کيس چوندي رهندي هئي ”طارق ڏاڍو سادو آهي.“ ۽ آئون سندس ”سهڻي“ جي نئين دور کي سانت سانت ۾ ڏسي پرکي رهيو هوس. آئون ان انتظار ۾ هئس، ڀلي وري انهن کي مٿي کڻي ۽ جڏهين اهي ساڳيا ماڻهو کانئس اکيون ڦيريندا ته پوءِ آئون پڇندوسانس. پر افسوس جو طارق جي اوچتي ختم ٿيندڙ حياتيءَ مون کي اهو موقعو نه ڏنو. خبر ناهي سندس انهن دوستن ساڻس ڪهڙا ڀال ڀلايا. آئون طارق کان سندس آخري دور ۾ ڏاڍو پري هئس.

۽ مون طارق کي صاف صاف چيو هو ”تون ڪنهن ڏينهن سمجهي ويندين ته ڪير طارق اشرف جو دوست آهي ۽ ڪير سهڻي جي ايڊيٽري ڪري ايڊيٽر جو دوست آهي.“ پر طارق ايترو ته بي غرض ۽ ڪميٽيڊ ٿي ويو هو جو سدائين اهڙين ڳالهين لاءِ کيس واندڪائي ئي ڪانه هئي.

بس هن لاءِ ”سهڻي“ ئي سڀڪجهه هئي، ۽ آئون سوچيان ٿو جي سنڌي ساهت جي ماڊرن دور مان ”سهڻي“ جي ڪنٽريبيوشن ڪڍي ڇڏجي ته باقي ڇا ٿو بچي. ۽ هن جنهن نموني ”سهڻي“ جي تسلسل کي برقرار رکيو، ان مان سندس عقل ۽ ذهانت جي پروڙ پئي ٿي، جڏهن ”سهڻي“ رسالي تي بندش پئي، ته هن ”سهڻي“ کي ڪتابي سلسلو ڪري ڪڍيو. ڀٽي جي دور ۽ پوءِ ضياءَ جي دور ۾ به ڪنهن رسالي جو ڊڪليئريشن حاصل ڪرڻ ڪنهن خزاني کي هٿ ڪرڻ جي برابر هو. پر طارق پنهنجي عقل سان پبليڪيشن اهڙي نموني ڪڍي جو ”سهڻي“ رسالو ئي لڳندو هو پر هو وري پنهنجي جاءِ تي هڪ الڳ ڪتاب ۽ حڪومت منجهي پئي، پريشان ٿي پئي ته هاڻي ڇا ڪجي. ”ڪتابي سلسلو“ رسالي جي به ڊڪليئريشن نه ملڻ کي باءِ پاس ڪرڻ جو هڪ زبردست قانوني طريقو هو. هونئن به 1960ع واري ڏهاڪي ۾ هو ”پهريون قدم“ ۽ ”ٻيو قدم“ جهڙن نالن سان ڪتاب پر مواد جي لحاظ کان رسالا ڪڍي ان جي آئيڊيا اڳ ۾ ئي پاڻ ڏيئي چڪو هو. طارق ماهوار ڪتابي سلسلو ڪڍي هڪ زبردست سرڪ ورتو هو، جوکم جو ڪم ڪيو هو. جي حڪومت سندس ڪتابي سلسلي کي رسالو ڪورٽ ۾ ثابت ڪري ٿي ويئي ته طارق اشرف سزا کائي ٿي ويو ۽ ڪورٽ ان کي ”رسالو“ ڪري نه ٿي مڃيو ته پوءِ پريس اينڊ پبليڪيشن (p.p.o) هيٺ رسالي ڪڍڻ جي مرڳوئي قانوني حيثيت نه ٿي رهي. ان ڪري حڪومت ”ڪتابي سلسلي“ کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهي ان ڪري ڪتابي سلسلي هيٺ رسالي ڪڍڻ جي آئيڊيا جو جس طارق اشرف کي ملي ٿو. نه رڳو سنڌيءَ ۾ بلڪ پاڪستان ۾ به، انهيءَ رسالي نما ڪتابي سلسلي جو ايجاد ڪندڙ طارق اشرف ئي هو.

طارق ڪهاڻيون لکيون، ناول لکيو، خاڪا لکيا، انٽرويو ورتا، ايتري قدر جو آتم ڪهاڻي ”پيهي منجهه پاڻ“ جي نالي سان به ڪجهه قسطون لکيون، هن جيل جي ڊائري به ٻن جلدن ۾ لکي ۽ سندس هر لکڻي ذري گهٽ ڪتابي شڪل ۾ اچي چڪي آهي پر سندس هڪڙي زبردست تاريخي اهميت جي لحاظ کان منفرد سندس ايڊيٽوريل هئا جي هن ڀٽي جي دور ۾ شايد 1972ع کان 1975ع تائين ”سهڻي“ تي بندش پوڻ تائين لکيا. سندس ايڊيٽوريل جي اسٽائيل، لهجو ۽ لفظ ان طارق کان بلڪل الڳ آهن جي هن ڪهاڻين ۽ خاڪن ۾ استعمال ڪيا آهن.

طارق جي ساهتي لکڻين ۾ به سندس طبيعت جو انداز هو. طارق نه ڏاڍيان ڳالهائيندو هو نه تڪڙو ڳالهائيندو هو ۽ ڳالهائيندي هن کي جذباتي ٿيندي مون ڪڏهن نه ڏٺو. مون هن کي جوش ۾ به ڪڏهن نه ڏٺو. سندس ساهتي لکڻين ۾ سامونڊي دريائي لهرن واري هلڪي هلڪي رواني هئي. ائين جيئن ڪا بي آواز ٻيڙي هوريان هوريان ترندي وڃي، ۽ طارق جو جوشيلو روپ رڳو سندس ايڊيٽوريلن ۾. بس سندس انهن ايڊيٽوريلن جو ڪتاب اچڻ باقي آهن. اهي ايڊيٽوريل سنڌ جي مظلوم ۽ دکدائڪ تاريخ ۾ امن پسندن جي دانهن آهن ته انهن جو حوصلو به آهن ته للڪار به آهن.

سندس آتم ڪهاڻي ”پيهي منجهه پاڻ“ جڏهين هن لکڻ شروع ڪئي هئي ته سندس لکڻي جي اونهائي ۽ حساسيت ڏسي مون کيس هڪدم چيو هو ”طارق تون هڪ عظيم ناول کي آتم ڪهاڻيءَ ۾ زيان پيو ڪرين“ اسان غريبن ۽ مڊل ڪلاس وارن جون ڪهڙيون آتم ڪهاڻيون، اسان وٽ ته ناول ئي ناول آهن ۽ ڪو شاهوڪار اسان سان ناول جي معاملي ۾ پڄي نه ٿو سگهي. ”شايد طارق کي اها ڳالهه دل سان لڳي هئي ۽ هو سوچي رهيو هو ته هو آتم ڪهاڻي روڪي ناول ۾ تبديل ڪري ڇڏي. پر خبر ناهي هن اهو فيصلو حتمي ڪيو هو يا نه.

آخري ڏينهن ۾ طارق جي سٺن ڏينهن جي اچڻ جي تنوار لڳڻ شروع ٿي هئي. بلڪل ائين جيئن هو جيل مان آزاد ٿي آيو هو. ته به سٺن ڏينهن جي باک ڦٽڻ لڳي هئي. جڏهين هو جيل مان آزاد ٿي آيو هو ته امڙ چيو هو ”الله منهنجو عرض اگهائي وڏو احسان ڪيو آهي. مون الله کان بس هڪڙي گهر ڪئي هئي ته جيسين طارق آزاد ٿي اچي تيسين مون کي پاڻ وٽ نه سڏائجانءُ هاڻي طارق گهر اچي ويو آهي، هاڻي مون کي موت جي پرواهه ناهي.“

۽ اڃا هاڻي ته امڙ جا سٺا ڏينهن ورڻ لڳا هئا ۽ طارق سندرو ٻڌي پنهنجي لکڻ ۽ ڇپائڻ جي ڪم کي لڳي ويو هو ته امڙ چپ چپ اوچتو ئي اوچتو جهان ڇڏي ويئي. ۽ اڏول طارق اهو ڏک به سينو ساهي برداشت ڪيو. ۽ آئون سوچيندو آهيان آخر ائين ڇو ٿيندو آهي جڏهين غريبن مظلومن جا چڱا ڏينهن  ورڻ لڳندا آهن ته انهن کي ماڻڻ کان پهرين ئي ڇو هو جهان ڇڏي هليا ويندا آهن. ۽ هاڻي ته طارق جا ڏينهن به ڪاڙهو ڇڏي ٿڌيرڙا ٿي رهيا هئا. هو ڏکين ڏينهن ۾ سکين ڏينهن جي وچ تائين اچي پهتو هو بس اڳيان خوشيون ئي خوشيون هيون ۽ حياتيءَ جي ڊگهي ۽ ڏکئي سفر کان پوءِ آرام ڪرڻ جو وقت اچي رهيو هو ته اهو ئي ٿيو، ڏک پويان رهجي ويا ۽ سک اڳيان، ۽ پاڻ وچ واٽ تي ئي رهجي ويو ۽ هو به امڙ وانگر چپ چاپ نهايت سانتيڪي نموني سان سرگوشين سان جهان ڇڏي هليو ويو.

واقعي آخر وقت تائين طارق کي ڪو جهڪائي نه سگهيو. ڪجهه ظالم نيست ۽ نابود ٿي ويا ۽ ڪجهه ظالم بربادي جي ڌٻڻ ۾ هيٺ مٿي ٿي رهيا هئا. ۽ مون کي طارق جي ٻالپڻ جو هڪ ننڍڙو واقعو ٿو ياد اچي.

آئون ۽ طارق ڏهن ٻارهن سالن جي ڄمار کان اسڪول کان گهر اچي رهيا هئاسون ۽ ٽريننگ ڪاليج فار مين ۽ زناني ٽريننگ ڪاليج جي وچ ۾ عيسائين جي ديول ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ ڪچي چن هاڻي ڀت لڳل هوندي هئي ۽ ان تي عيسائي مشنرين جا قول لکيل هوندا هئا ۽ اسين روز موٽندي کيسي مان سڪو ڪڍي انهن قولن ۾ ڪن لفظن جا نقطا ۽ ڪي لفظن جا لفظ کرڙي ڊاهي ڇڏيندا هئاسون. هڪڙي ڏينهن انهن عيسائين مان ڪنهن ماڻهوءَ اچي رڙ ڪئي، اسين نيٺ ڏوهه ڪندي جهلجي پيا هئاسون. طارق ته هڪدم ڊوڙي ڀڄي ويو هو پر آئون پويان بيهي رهيو هوس. هن شخص اچي مون کي ٻانهن کان جهليو ۽ مون هٿ ٻڌي ان کان معافي ورتي هئي ۽ هن مون کي پوءِ ڇڏي ڏنو. آئون جڏهين اڳيان پهتس ته طارق بيهي لقاءُ ڏسي رهيو هو.

طارق هڪدم مون کي چيو ”ڪمال آهي تو هن کان معافي ورتي.“

چيومانس ”ها- اسان غلط ڪم پئي ڪيو.“

”نه اسان غلط ڪم نه پئي ڪيو ۽ توکي ڪڏهين معافي نه وٺڻ گهرجي ها.“

”توکي جهلي ها ته تون به معافي وٺينس ها.“

”مون کي جهلي ها، ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏي ها ته معافي نه وٺانس ها“

آئون سمجهان ٿو طارق ڄمندئي ڄام هو. هن ۾ اڏولپڻو رت ۾ سمايل هو. اهڙن ماڻهن کي موت به نه جهڪائي سگهندو آهي. اهڙا ماڻهو ظاهر ۾ بيشڪ مري ويندا آهن پر سندن آدرش ۽ عمل نه ڪڏهين مري سگهيا آهن نه مرندا. جيڪي جهڪيا اهي تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ گم ٿي ويا، ۽ جي ڪر کڻي بيٺا اهي امر ٿي ويا.

طارق پاڻ دريا نه هو جو وڏي اٿل پٿل آڻي، زمينن جون زمينون سيراب ڪري، پر درياءَ ۾ جيڪو پاڻي اچي ٿو اهو ننڍين ننڍين نين ۽ نالين سان ئي اچي ٿو. انهن نين کان سواءِ ته دريا دريا بڻجي نه سگهندو ۽ مون کي پڪ آهي ته دريا ۾ جيڪو پاڻي ڄام شوري جي پل تان گجگوڙ ڪندو وهي رهيو آهي ان ۾ طارق ۽ ان جي امڙ جو پگهر، ڳوڙها ۽ رت شامل آهي.

 

مسافَرِ نئون ماءِ، وِرُه وَهاُيِم وَترو

اچِي ٿِيّمَ اوچتي، تَنِ سَاَنگَينِ سِين ساڃاءِ

آيَل! جهلُ مَ پاءِ، هِنيُون هَوتَ هڻي وئا.

(شاهه)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com