سوچئين تون متان
مون مٿان مقبرو!
چنڊ، تارا، ڪَتيون
سِجَ جون مشعلون
مون مٿان
روز ٻرنديون پيون!
هي خدائي مجاور جيان
روز مون تي ڪندا سوجهرو.
روز مون تي شَفَق پَڙَ پائي زريءَ جا، عقيدت جو اظهار مون سان
ڪندي،
ڏينهن جو روز سورج مُکين سان پئي زندگي جرڪندي،
رات رابيل جا گُل نڇاوَر ڪندي،
ماڪ سان تنهن مٽيءَ کي معطّر ڪندي
آنءُ هوندس جِتي،
تون متان هن گنهگار کي
ڪنهن وڏي پِيرَ سان ڀيٽئين
شاعري ريٽئين
جنهن هزارين بُزرگيون مِٽائي ڇڏيون،
سِجَ هيٺان ڪَڪَر جئن لِڪائي ڇڏيون
سَمنڊ ۾ ريت وانگر ڇُپائي ڇڏيون
مشعلون سَوَ جلائي ڇڏيون
جي نه ڪوئي ٻُجهائي سگهي،
۽ نه طوفان ڪوئي به تِن کي وسائي سگهي.
موت ويجهو اَچي پيو آهي
جو سُڀاڻي ته روئڻو پَوَندءِ!
مان نه هوندس ته ماڪ سان پنهنجو
مُنهن اُٿِي نيٺ ڌوئڻو پَوَندُءِ!
ماڪ جا آسمان مان وَسندي
لُڙڪ هن لوءِ تي وَهائيندي،
۽ املتاس تان جڏهن ڪويل
ڪوڪندي گيت چار ڳائيندي
تون انهيءَ وقت سارَ ۾ منهنجي
ڪنهن ٽُٻيءَ منجهه اوچتو ايندينءَ:
”هو به ڪويل جيان هُيو راڳي!“
پوءِ آڪاس ڏانهن ڳوليندينءَ،
هيکلو گيت ڄڻ ته ڪويل جو
نيرَ سان نيڻَ جئن ڀِڄائيندينءَ:
اِئين لڳندءِ ته آنءُ ڳايان ٿو
(مون جيان ڪيرُ ايئن ڳائيندءِ!)
ڪير ڄاڻي ته ڪيرَ آ ڪويلَ
ڪُوڪندي آهه هوءَ ڪنهنجي لاءِ؟
ڪُجهه ته هن کان وڃائجي ويو آ
ائين بي چين آهه جنهن جي لاءِ!
آنءُ ٽيپوءَ جئن ڪڏهن وڙهندي مران
يا مران مان بستري تي،
فرق ان ۾ ڪونه آهي!
شاعري منهنجي مسلسل جَنگِ آ
زندگيءَ جي سَنگ آ؛
پو به ڄاڻان ٿو ته مان
نيٺ مرڻو آهيان،
موت مون تي ڪنهن ڪڪَر جي ڇانوَ وانگر ٿو هَلي؛
زندگيءَ جي اُسّ ۾
ڏسُ ته گهوڙو گُسّ ۾
ٿو کَڻي ويريءَ مٿان پنهنجا نَرا!
موت مون لئه ڪجهه نه آ،
ننڊ جي جهپڪي جيئن
موت مون لَئه آ اِئين!
هيڊي ماءُ
او منهنجي رَت پوڻي ماءُ
مٺڙي ماءُ،
ڇا تنهنجي مان ڪَڇّ ڀريان
تولئه روئي رَڇّ ڀريان؟
يا ٻيو ڪوئي آهه اُپاءُ؟
هيڻي ماءُ!
ڇا تون مٽيءَ جي برتن جئن
ڀورا ڀورا ٿي گهاريندينءَ،
ڪالهه لڌو ڀنڀور منجهان جو
اُن جئن چِٽُ به ميساريندينءَ؟
پنهنجي پاڻَ وهيڻي ماءُ!
يا تون موکيءَ جو مَٽُ ٿيندينءَ
مون کي سَگهّه صدين جي ڏيندينءَ؟
مون سان ٻيا به متارا اِيندا
تنهنجي لاءِ سهارا اِيندا
تنهنجي لاءِ سهارا اِيندا
ٿيندا جيءَ جٽاءَ
جهيڻي ماءُ!
سَڏُ اجايو وڃڻو ناهي
منهنجي هيڻي ماءُ!
تنهنجا پُٽڙا!
ڪيئي پُٽڙا، زرد گلابن وانگر ڦُٽڙا
جن ۾ تنهنجو آهه هُڳاءُ!
نيٺ پرهه کي پارون آڻي
ٿيندا اُن جو آڌرڀاءُ
منهنجي مٺڙي ماءُ.
دل ڇو لاهي ويٺي آهين
غم درياهه، اُنهيءَ جا گهاٽ ڇَڏي، ڇا لاءِ ڪُنن ۾ پيٺي آهين!
اڄ به ٻڌان ٿو مان ڪُرلاءُ!
ڪونجون نيٺ قطارون ٿي
اينديون لُنءَ لُنءَ لارون ٿِي
آکيرن جي اوٽَ ڇڏينديون
اينديون ڄڻ ته اُلاءُ!
ماءُ!
جهيڻي، هيڻي، پاڻ وهيڻي ماءُ.
نِمّ جي ٻور کان
پيار جي پُور کان
آنءُ ڪئن دور ٿيندس!
چيٽَ ۾ چنڊَ کان
مانگهَه ۾ مَنڊَ کان
آنءُ ڪئن دور ٿيندس!
ڇِمڪڻيون واءُ ۾
جهولنديون واءُ ۾
جهولنديون واءُ ۾
آنءُ ڪئن دور ٿيندس!
نيڻ آلا ڏِسي
يا جُهڙالا ڏِسي
آنءُ ڪئن دور ٿيندس!
ڀونءِ تي بُک ۾
دانهن کان دُک ۾
آنءُ ڪئن دور ٿيندس!
آهه ڌرتي جِتي
جيءُ منهنجو تِتي،
آنءُ ڪئن دور ٿيندس!
آنءُ ڪيئن دور ٿيندس!
وايون
مٿاهون ٿي موت کان....
ڇا تون مون سان روهه جي، چوٽيءَ تي هلندين؟
سوچي پوءِ وَراڻِ تون!
ڇا تون بِيهي چَنڊَ جي پٿر ۾ ڍَلندين؟
سوچي پوءِ وَراڻِ تون!
ڇا تون چاَل اُڇال سان سَرهَه جي چلندين؟
سوچي پوءِ وَراڻِ تون!
مٿاهون ٿي موت کان، قضا ۾ پلندين؟
سوچي پوءِ وراڻِ تون!
اُلا اُلا رنگ....
تون جو من ۾ ٿو جِيئين
مون ۾ مَرين ٿو!
ڇا تون منهنجي ڏاتِ ٿي، مون کي ڏَرين ٿو؟
اُلا اُلا رنگ ٿي، مُون ۾ ٻَرين ٿو!
مون ۾ پنهنجون روشنيون، ڪيڏيون ڪَرين ٿو!
جڏهن افق پار کان، مون ڏي وَرين ٿو!
تون جو مون ۾ ٿو جِيئين،
مون ۾ مرين ٿو!
.... اُڏري پوپٽ جان
ٻاريان پيو شمع کي، ٻنهي پاسي مان،
ڳَري ڳَري ڪيترو.
هِيئَن نه پنهنجي ڪو ڏِٺُئه، اڄ تائين پٺتان!
سورج ۽ سورج مُکيءَ، ڳالهيون ڳُجّهه منجهان!
مون تنهنجو ڳَل ڳَل ڏٺو، اُڏري پوپٽ جان!
ڪيڏا ميگهه ملار ها....
کَهنبن ڪپڙن ڪاڻ، ڳاڙهن چپڙن ڪاڻ،
ڪيڏا ڏينهن وِڃائيئه!
ڪيڏيون آيون پاڻ ئي، ڀُوريون تنهنجي ڀاڻِ!
سارُون جن جون لوڏِيئه، هانوَ هندوري هاڻِ!
ڪيڏا ميگهه ملار ها، مٽيءَ جي مانڊاڻِ!
هاڻي ڇاڻِي عمر جي، ڇاڻيون ويٺو ڇاڻِ!
ڇم ڇم ڪندي شاعري
تون ڪنهنجي اڌ رات جو، وڃين پئي ڪَڍ،
ڇم ڇم ڪندي شاعري؟
جيئَن ڀٽائي وٽ گُلان، اِئين تنهنجي اَڍ!
اڃا پرهه پار کي، نانهِنِ ڏِنا وَڍ؛
ڏورانهين ڏهڪار ۾، توکي ڪهڙا ڏَڍ؟
..... شهر ته سارا شَر
ٿر تنهنجا ٿوهَر،
وسري وسرن ڪينڪي.
توتي سانوڻ مينهڙا، ساوا سارا سَر.
تو بن ڄڻ ته اُٻاڻڪا، هيل ڪراچيءَ گَهر.
تن جا اندر ڪيِنئرا، شهر ته سارا شَر.
ڪوئي نئون ڏيئڙو
تون ٽين دنيا کي،
هاڻي ٻيو ڪو ڏي،
ڪوئي نئون ڏيئڙو.
ڌرتي گُرڙيون رَتّ جون، ساري رات ڪَري!
سارو سپنو ڪُوڙُ هو؟ ڏاهَه نه ڪنهن ڏاهي!
متان ويجهو آڻِئين، ٻيهر ڪنهن ڪوڙهي!
وهندي ندي وقت جي....
هيل نه مَرندس مان،
مون مان لاهِه نه آسرو.
وَهندِي ندِي وقت جي، اَڃا تَرندس مان.
جِئن پاڻيءَ تي ڏيئڙو، اِئين ٻرندس مان.
پر جي وڃان، واعدو، جلدي وَرندس مان.
مان جئن آهيان سنڌڙي
مان جئن آهيان سنڌڙي، تنهنجو مصّورَ،
ٻيو ڪو ٿيندو ڪينڪي.
اَکرن ۾ ويو اُڪرجي، واري تي گَهرُ گَهرُ!
هي ماڻهو، هي مونگهرڙو، هي ٿر جو ٿوهر!
تن جي مٿان چنڊ جو، سانوڻ رات سَفَر!
۽ هي ڪوسو ”ڪَڇَ“ ۾، ريٻاريءَ جو ورَ!
ڳجَهه ڳجهاندر ڳالهڙي
هي ماڻهو جي مُرٽ جا داڻا به ناهن.
هي ڇو ٿا چاهن، سمجهڻ هن سنسار کي؟
اِيئين اُن جي سونهن کي، نه ٿا ساراهن!
هي ڇو ٿا چاهن.....
تارا تارن کان اڳي، ڪاڏي ٿا ڪاهن!؟
هي ڇو ٿا چاهن.....
ڳُجّهه ڳُجهاندر ڳالهڙيون، ازل جون آهن.
هي ڇو ٿا چاهن.....
سمنڊ ٻُري جئن ڪوڏ ۾....
تون جو جهوني ڦٽ جئن، مون ۾ ڪُرين ٿو،
چؤ تون اهڙو ڪير آن؟
سَمنڊُ ٻُري جئن ڪوڏ ۾، مون ۾ ٻُرين ٿو!
چؤ تون اهڙو ڪير آن؟
تون جو ڦولَ ڦلارَ جئن، مون ۾ تُرين ٿو!
چؤ تون اهڙو ڪير آن؟
هَر هَر منهنجي هانوَ ۾، تون جو هُرين ٿو،
چؤَ تون اهڙو ڪير آن؟
جيئن سُرڻا سانت ۾، تِيئين سُرين ٿو،
چؤ تون اهڙو ڪير آن؟
ڪنڌيءَ ويهي ٻارڙا....
ڪنڌيءَ وِيهي ٻارڙا، ڪيڏا رانديڪا،
ٺاهي ڊاهي ٿا ڇَڏِن!
وارِيءَ وِجِهي آڱريون، ليڪَن تي لِيڪا،
ٺاهي ڊاهي ٿا ڇڏِن!
اِن کان سواءِ کيچلا، راند نه ڪَن ٻي ڪا،
ٺاهي ڊاهي ٿا ڇَڏِن!
سڀئي ماڻهو موت وٽ، آهن هٿيڪا،
ٺاهي ڊاهي ٿا ڇَڏِن!
.... رات چوي ٿي ”رُل“
هي جو سانجهيءَ گُل،
ڇانيو آهي نَهَر تي.
اڃا پنڇي هيکلا، رات چوي ٿي ”رُل“!
تنهنجو آکيرو اُتي، هُو جو هَوا هُل!
وَرُ هِي اُڏَڻ ڳالهڙيون، واهيري کي ڀُل!
ڪيترا رابيل پوئي
ڪيستائين انتظارُ،
تون ڪرائيندينءَ اڃا؟
گُل ڦُٽا ٽارين مٿان مون سوچيو ”آيو بهار!“
ڪيستائين انتظار؟
ڪيترا رابيل پوئي مون جهليو تو لاءِ هارُ
ڪيستائين انتظار؟
ٿي اچي ٻيهر سَرءُ، ٿو ناس ٿَي، سارو نِکارُ.
ڪيستائين انتظار؟
ڪيترو ڪينجهر اڪيلو
رات جا تارا چَون ٿا،
تون نه ايندينءَ.
ڪيترا جُگنو هِتي آيا ويا، پوءِ به سڀ چارا چَون ٿا،
تون نه ايندينءَ.
دل ته توسان ايتري هُئي، ڇا چئون! پوءِ به مون پارا چَون ٿا،
تون نه ايندينءَ.
ڪيترو ڪينجهر اڪيلو ٿو لڳي، ڪيترا کارا چَون ٿا،
تون نه ايندينءَ.
پيار کي جهيجهاڙبو آهي اِئين، ڏسُ نه سڀ پيارا چَون ٿا.
تون نه ايندينءَ....
تون نه ايندينءَ....
متان هينئون هارئين!
اَڃا جِئڻو آهه،
متان هِينئون هارِئين!
جيسين ساري ماڳَ کي جهرمر ٿِيڻو آهه.
متان هِينئون هارِئين!
وِهُه جو وَٽيءَ آڇِيو سارو پِيَڻو آهه.
متان هِينئون هارِئين!
توکي ڏوهِي ڏيهَه جو، ليکو ڏِيڻو آهه.
متان هِينئون هارئين!
سامهون نيري سمنڊ جي
اَڄُ ته ڪيڏا کيکڙا، ڪنڌيءَ تي آهن،
سامهون نيري سمنڊ جي!
هيڏي هوڏي ٿا هلن، ڪُڄاڙو ڪاهن؟
سامهون نيري سمنڊ جي!
پک اُڏامي ڏُور ٿا، پنهنجا پَر ساهن،
سامهون نيري سمنڊ جي!
هوڙا ڪُنن ويجهڙا، مانگرڙا ٽاهن،
سامهون نيري سمنڊ جي.
ايندو واءُ بسنت جو....
ڪيڏيون سَرءُ واءُ جون، وَڻنِ ڇيڇاڙُون،
ڪيڏيون سرءُ واءُ جون.
نِوڙن ايئين ڏارَ ٿا، پَٽِجن ٿيون پاڙُون.
وڻن ڇيڇاڙون....
پيلا پَن پکڙي ويا، جيئين لٻاڙُون.
وڻن ڇيڇاڙون....
ايندو واءُ بسنت جو، مُندَ ڪندي ماڙُون.
وڻن ڇيڇاڙون....
ڪَرڪِي ٽپي ڪُونج جان
هيءَ جا جهونِي جَڙ،
وڃي ٿِي پاتار ۾.
اُنِهيءَ اُڀرِيِ اُڀّ ڏي، ڪيا مون سان وَڙ.
ڪَرڪِي ٽَپِي ڪونج جان، ڀٽائيءَ جا بَڙ.
ٿوري وَڻج وِلات جو، هي جا منهنجي هَڙَ!
سانجهي ٿوهر شاخ تي....
ڪونه هئي ڪارائتي،
سانجهي ٿوهَر شاخَ تي!
پوءِ به اُن کي جندڙي، ڏِسي هُئِي جائِتي.
سانجهي ٿوهَر شاخَ تي!
هو جيڪا ڳاڙهاڻ آ، آهي هوندِ هُجائتِي!
سانجهي ٿوهَر شاخَ تي!
ڪَتيءَ[1]
سنجها، تارڙا ڦَر ڦَڙ وَسّ مُندائِتي.
سانجهي ٿوهر شاخ تي!
سوني ڪَنِي سِجّ جي، ڪيڏي نه سيبائتي!
سانجهي ٿوهرَ شاخ تي!
ع. ق. شيخ
هيءَ حياتي
هيءَ حياتي!
ڪنهن پهر،
ڪنهن لحظي،
يا
هڪ پَلَ جو
ناتو ئي سهي
پر،
اهو پلَ، پلَ-!
سمنڊ جي،
لهر بنجي ڦٿڪي،
۽ اٿل کائي مگر
ترسي نه سگهي،
۽ کسڪي وڃي
جيئن
مُٺ مان واري
ها-
اهو پل، جهڙو، ائين اوچتو
هوبهو اهڙو،
جو،
تريءَ تان،
ٿڙڪي،
ڪري فرش تي،
۽ ڇڙوڇڙ
ٿي پوي، پارو!
پر،
ڪي پَل-
ته الائجي،
الا-!
ڪهڙا، ڪهڙا-
گل-
خوشبو جو
گهونگهٽ کولي
ڪوئي پکيئڙو
پهرين پهر،
پرڙا کولي،
آڪاس ۾ اڏري
اونداهين جو
نگريءَ ۾،
ٽم ٽم-
ڪو ٽانڊاڻو نڪري!
۽
باک ڦٽيءَ جو
وهائو تارو
اوڀر مان
جيئن اُڀري-
هائو،
هڪ،
اهڙوئي پل-
جي، ڪري
ساغر ۽ صراحيءَ
کي خالي
ٻن خاموش
نيڻن جي نهار
دل کي هرکائي،
۽ نيٺ، شرمائي
ها،
اهي پل! اَپل ئي سهي يارو،
سچ، سونهن ۽ ساڃهه سان،
جي ساڀيان،
ماڻي سگهجن ته،
ها، حياتيءَ جو هڪ،
اهڙو پل،
اَپل- سائين
سالن
۽ صدين کان
ته،
سرس ۽ سوايو آهي.
بشير مورياڻي
سنڌ نامو
پنهنجي وطن عزيز جي عظمت بيان ڪجي
آغاز سنڌ ديس جي تعريف سان ڪجي
هن ديس جو اوائلي ديسن ۾ هو شمار
ڌرتي جي برپٽن ۾ هيو هيءُ لاله زار
سنڌو جي برڪتن سان هو آباد هيءُ ديس
امن ۽ سڪون جي هنج ۾ هو شاد هيءُ ديس
دنيا مڃيو انهي کي ته ڏاڍي قديم آ
تهذيب سنڌ ديس جي بيشڪ عظيم آ
ان جو نشان سنڌ ۾ نروار آ کڙو
مشهور ان سبب کان ئي موهن جو آ دڙو
عظمت جي لاءِ ان جي مها ڀارت آ گواه
ورتو حصو انهي ۾ به اهڙو جو واه واه
آريا هئا يا ٻيا به جي ڌاريا هئا هتي
يونانين جي ظلم جي ٿي انتها هتي
ايرانين به پنهنجي وسان ڪجهه گهٽايو ڪونه
ٻاهر کان ڪوبه بڻجي هتي دوست آيو ڪونه
ڪنهن دور ۾ هو راءِ گهراڻو به حڪمران
در پرده بت پرست برهمڻ ها ڪامران
جنهن وقت تخت راءِ سهاسي جي هٿ ۾ هو
ان وقت بخت چچ جي کيسي ۾ هو پيو
ڏاهر تي برهمڻ جي گهراڻي جو انت ٿيو
هن پنهنجو تخت بخت بچائڻ جو وس ڪيو
آخر اٺين صدي ۾ پڌاريا هتي عرب
ليڪن چيو وڃي ٿو ته آيا نه بي سبب
ٻڌجي ٿو ڪا زيادتي راجا ڪئي هئي
جنهن جي ڪري ئي فوج هي ڌاري اچي وئي
ڪن جو خيال آ ته حقيقت ائين نه آ
ڌارين انهي کان اڳ ۾ به حملا ڪيا هئا
عربن سان سنڌ ۾ ٿي تصّوف جي ابتدا
ويدانت جا به ان جي مٿان ڪجهه اثر پيا
هوندا ها هڪڙي دور ۾ سردار سومرا
پر پوءِ هڪ ٻئي کان ٿيا ڌار سومرا
ڪمزور سومرن کان سمن ورتو اقتدار
پر نيٺ اهي به جنگ ۾ مغلن جو ٿيا شڪار
ان وقت هو سمن جي تشخّص جو هڪ مثال
درويش سنڌ ديس جو مخدوم هو بلال
ارغون حڪمران اڳيان ڪونه هو جهڪيو
ظالم هٿان هو ڪفر جي تهمت ۾ قتل ٿيو
ارغون ويا ته جاءِ نشين ٿيا سندن امير
ترخان جو هو بخت زماني ۾ بي نظير
قبضي ۾ آئي سنڌ ڪلهوڙن جي جلدئي
ليڪن انهن کان ٽالپرن ترت ئي کسي
سونهري دور هيءُ هو سنڌي زبان لاءِ
الفاظ مون کي ڪونه ملن ٿا بيان لاءِ
ساراهه مان ڪري نه سگهان ٿو لطيف جي
بس مهرباني آءٌ مڃان ٿو لطيف جي
سرتاج سنڌ جو ۽ اسان جي ادب جو آهه
هن کي مُڪائين سنڌ ۾ احسان رب جو آهه
هن کان مٿي ته سنڌ ۾ شاعر نه ٿي سگهيو
شايد ئي هن جو ثاني آ عالم ۾ ڪو ٻيو
ميرن کي اهڙي پنهنجي ئي گهر مان اچي لڳي
ڪم آئي کين رت به نه هوشو شهيد جي
حرفت سان پنهنجي، سنڌ ۾ انگريز آئيا
آيا بنا سبب جي مگر تيز آئيا
سنڌين حقن جي لاءِ جو هلچل شروع ڪئي
تنهن جي سبب ئي سنڌ به بمبئي کان ڌار ٿي
انگريز پوءِ ستت ئي ورهاڱو ڪري ويو
پوءِ ڀاءُ ڀاءُ ساڻ به ڀاڱو ڪري ويو
هڪ اجنبي وطن ۾ وڃي هم وطن رهيا
آزاديءَ وطن ۾ ٻيا هت مگن رهيا
سادن سٻاجهڙن کي هو ايمان ڪيترو
هرهنڌ اوپرن کي مليو مان ڪيترو
پر جلد آئي تلخ حقيقت به سامهون
ظاهر ٿي اوپرن جي عداوت به سامهون.
ابراهيم منشي
پشم جهڙي پدمڻي
(بيت)
پشم جهڙي پدمڻي، جهونو ٿو جهڻڪي
تن تتل تَئِي، ڦلن جيئن ڦٿڪي
الا نه اٽڪي، ڪا بيواهي شل بند ۾....!!
سودي ۾ سهاڳڻي، پوڙهي آ پرڻي،
پيءُ وڪڻي پيسن تي، ڏني هٿن سان هرڻي،
مهيني اڌ مرڻي، ڇوري ڇال ڇڏي وئي.....!!
جسم جنسي جل، کامي کورن وچ ۾،
ڪري بغل باز ۾، ڪُوڪارُون ڪويل،
سارو لوڪ سُتل، هي ٽهڪي ٽانڊن وچ ۾.
ڏس گهاڙيٽو گهَر جو ٿڙڪن ٿيون ٿوڻيون،
پَٿر پاسا پٽ پيا، ڳنڍيل اُت ڳوڻيون،
ڇوڻان چند چوڻيون، پوڙهي جي پساهه ۾....!!
سج، کپ ۽ کج، ڏيکاءُ ڏينهن نه ڏج،
روپ وٺي ٿو رات ۾، محبت ٻوٽو ٻج،
ائين- نينهن نسري نج، جيئن بليون نسرن
بانس جون....!!
پشم جهڙي پدمڻي، تون وَڏَ هڏ وچڙئين ڪيئن،
ڇوري توکي ڇا ٿيو، رات نه ڏسين ڏينهن،
سمنڊ مٿان مينهن، وسائين ٿي ويسري...!!
تانيا ٿيٻو
سانوڻ پنهنجا گيت لکي ٿو
مون هميشه راز دل جا دل ۾ ئي سانڍيا هئا
شاعريءَ ٽي چار کوليا پوءِ ته بس کلندا ويا
مون هميشه ڪي بهانا زندگي گهارڻ جا چاهيا
منهنجي دل ٽي چار ڳولهيا پوءِ ته بس ملندا ويا
موت ڏانهن ويندڙ ڪي رستا مون ته سمجهيو ڪونه ملندا
زندگيءَ ٽي چار ڳولهيا پوءِ ته بس ملندا ويا
مون هميسه ساز دل جا اڻ ڇهيل سانڍيا هئا
پيار تنهنجي تار ڇيڙيا پوءِ ته بس وڄندا ويا.
*
زندگي زندگي تون وڻين ٿي ڪڏهن
۽ ڪڏهن زهر کان ڀي ڪڙي ٿي لڳين
جا نه گذري سگهي سا گهڙي ٿي لڳين
زندگي زندگي تون سٺي ٿي لڳين
۽ ڪڏهن موت توکان مٺو ٿو لڳي
۽ سٺو ٿو لڳي توکي تياڳي ڇڏڻ
زندگي زندگي تون اچين ٿي ڪڏهن
ڪهڙي پل تون هلي ٿي وڃين
مان نه ڄاڻي سگهيس
ڇو رُسي ٿي وڃين
زندگي زندگي تون وڻين ٿي ڪڏهن
۽ ڪڏهن زهر کان ڀي ڪڙي ٿي لڳين.
*
دل چوي هڪ ڳالهه دنيا ٻي چوي
لڙڪ جي لاڙيان زمانو پيءُ چوي
مان جي جيئڻ چاهيان زمانو جيءُ چوي
مان جي بيهڻ چاهيان زمانو بيهڻ نه ڏي
جي هلڻ چاهيان زمانو بيهُه چوي
دل چوي هڪ ڳالهه دنيا ٻي چوي
لڙڪ جي لاڙيان زمانو پيءُ چوي.
*
اڻ سمجهيل ئي رهجي ويندا
ڪٿي اچي ڪو سمجهائيندو
من جا سڀ اسرار سدائين
ڇونه وڃئون ٿا پاڻ ئي سمجهي
رهياسين ائين جي انتظار ۾
پياس هميشه من ۾ رهندي
ڄاڻندي يا ائين رستو ڀلجي
ساجن کي ته نه اچڻو آهي.
ڇو نه پئون ٿا پاڻ ئي ڀلجي
بادل برسي ۽ من ترسي
ائين ته هميشه ٿيندو رهيو آ
دور ڪٿي ڪو پنڇي اڏري
پاڻ کي دل قيدي سمجهيو آ
پيارو بادل يا ڪو پنڇي
ڇونه وڃئون ٿا پاڻ ئي بنجي.
*
دوستي هر دوستي آ خواب جهڙي
چنڊ رات ۾ ڄڻ چنڊ جهڙي
بهار ۾ ڪنهن گلاب جهڙي
دوستي هر دوستي آ خواب جهڙي
چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ جهڙي
۽ رڻ ۾ ڄڻ سراب جهڙي
دوستي هر دوستي آ خواب جهڙي
ڄڻ گذري ويل مُند جهڙي
يا پراڻي شراب جهڙي
دوستي هر دوستي آ خواب جهڙي.
*
ڪڏهن سچل ڪڏهن شاهه کي ويجهي
ڪڏهن سچل ڪڏهن شاهه کي ويجهي
دل منهنجي هيءَ دل منهنجي
دور ڪڏهن ڪڏهن راهه کي ويجهي
دل منهنجي هيءَ دل منهنجي
بادل کي ڪڏهن باهه کي ويجهي
دل منهنجي هيءَ دل منهنجي
صديون پري ڪڏهن ساهه کان ويجهي
دل تنهنجي ها دل تنهنجي.
پنهنجي اندر جي ماڻهوءَ لاءِ
اسان ته بس آئينو آهيون
جنهن ۾ نظر اچئون ٿا ها پر
صاف چٽا ۽ واضح ناهيون
نظر اچئون ٿا ان کان بدليل
جهڙا اسان اصل ۾ آهيون
پنهنجي اندر جي ماڻهوءَ لاءِ
اسان ته بس آئينو آهيون.
*
توکي چاهيندو رهڻ ۽ ٺاهه ٺاهيندو رهڻ
ايترو سؤلو نه آ منهنجا سڄڻ
تنهنجي يادن قهر ڪيو آ زهر ڪو اوتي ڇڏيو آ
سو نِڙيءَ کان هيٺ لاهيندو رهڻ
ايترو سؤلو نه آ منهنجا سڄڻ
*
ساٿ ساري زندگيءَ جو ڪير ٿو گهري
ٻن گهڙين ۾ ڏسجانءَ ڪيئن پياس ٿي مري
پيار جا دلين ۾ سمنڊ ڪير ٿو ڀري
ٻن ڍُڪن ۾ ڏسجانءِ ڪيئن پياس ٿي مري
سؤ يگن لاءِ انتظار ڪير ٿو ڪري
ٻن گهڙين ۾ ڏسجانءِ ڪيئن آس ٿي مري.
*
ٻاهر جيڪا پيري لڳي ٿي
اندر ۾ ته فقيري آهي
منهن تي جيڪا ٽهڪ ڏياري
من جي ڪا دلگيري آهي.
*
حقيقت جو ايڏو اڳيان سمنڊ آهي
۽ طوفان جهڙيون پٺيان خواهشون هن
ڌڪن ٿيون چون ٿيون اڃا هل اڃا هل
ويهي ڪونه رهندس مان ٿڪجي چوان ٿي
پٽڻ ساهه ڏيو بس گهڙي پل گهڙي پل.
*
موت سفر جو انت نه آهي
اڃا ته اڳتي هلڻو آهي
جسم جي رولاڪي پوري ٿي
اڃا ته روح کي رُلڻو آهي
هينئر سان ئي پوريو ڇوٿا
اڃا ته من کي مرڻو آهي.
*
هي طرف آ زندگي پر دل ۾ آ وحشت گهڻي
ڪا گهڙي ناهي وڻي توکان سواءِ منهنجا پرين
توکي مون سان پيار آهي اڄ چئي ڏي سچ کڻي
ڪا گهڙي ناهي وڻي توکان سواءِ منهنجا پرين
ناهه دل ڪو قيد خانو جو ڪيان هان قيد توکي
ياد جو آ بس سهارو سارَ مون سانڍي گهڻي
ڪا گهڙي ناهي وڻي توکان سواءِ منهنجا پرين.
پاڳل هوا کي چئو سپنا نه آڻي رڳو
پاڳل هوا کي چئو سپنا نه آڻي رڳو
مون ساڀيا جي انتظار ۾ جيون ئي گهاري ڇڏيو
پاڳل هوا کي چئو سپنا نه آڻي رڳو
مون جيون کي سپنو سمجهي ننڊ ۾ گذاري ڇڏيو
پاڳل هوا کي چئو سپنا نه آڻي رڳو
مون اميد کي ڳوڙها سمجهي اکڙين مان ڳاڙي ڇڏيو
پاڳل هوا کي چئو سپنا نه آڻي رڳو.
تون ۽ مان تنهائيءَ ۾
تون ۽ مان تنهائيءَ ۾
ياد ڪيون جي هڪ ٻئي کي
سارَ ۾ ڪجهه پل گذري ويندا
گذرن ٿا نه جدائيءَ ۾
اچي ويا آهيون تون ۽ مان
نيڻن جي شايد دوکي ۾
ماڻهن جهڙا ماڻهو آهيون
ڇا تو ۾ آ ڇا مون ۾.
*
هي گيت لکان ٿي ڪنهن جي لاءِ
دل منهنجي اڄ ته ٻڌاءِ کڻي
۽ ڪنهن جي ڪهڙي ڳالهه وڻي
دل منهنجي اڄ ته ٻڌاءِ کڻي
اڄ ترسيو آهين ڪنهنجي لاءِ
اي سانوڻ اڄ ته ٻڌاءِ کڻي
هو گهڙي سوا ۾ وڃ نه هليو
ڪي ڪارا ڪڪر وساءِ کڻي.
*
ٿڌڙي ڳل تي اڄ پل پل
سانوڻ پنهنجا گيت لکي ٿو
پريت پراڻي ريت لکي ٿو
ڪنهن جي هار نه جيت لکي ٿو
سانوڻ پنهنجا گيت لکي ٿو
جيون ڀُل ۾ اڄ پل پل
ساڳيا ساڳيا گيت لکي ٿو
پريت پراڻي ريت لِکي ٿو
ڪنهن جي هار نه جيت لکي ٿو
سانوڻ پنهنجا گيت لکي ٿو.
*
بي رنگ راتين ۾ رنگين سپنا
بس رنگ آهن اهي ئي اسان وٽ
دل هن اڪيليءَ ۾ سوچن جا ڦيرا
بس ساٿ آهن اهي ئي اسان وٽ
پيارن پکيئڙن جون معصوم ٻوليون
بس گيت آهن اهي ئي اسان وٽ.
*
رستا وڏا همتون ڇو ننڍيون
ماڻهون وڏا چاهتون ڇو ننڍيون
سپنا وڏا راتيون ڇو ننڍيون
انڌيارا وڏا باتيون ڇو ننڍيون.
*
حسرت
سمنڊ آسمان ڏانهن
حسرت منجهان ڏسي چيو
سانت ۽ سڪون اهڙو
مون کي به ڇو نه مليو.
*
مان تنهنجي پَرن تي گيت لکان
تون اڏري وڃين مان ڪنهن کان پڇان
او منهنجا پوپٽ جهڙا پرين
مان ڪاڏي وڃان مان ڪاڏي وڃان.
تون جيون ۾ ٿو رنگ ڀرين
چئه مون کي تون ڪيئن ياد ڪرين
او منهنجا پوپٽ جهڙا پرين
تنهنجي سارَ اچي مان ڪيئن ڪيان
تون سندر مکڙين ڏانهن ڊوڙين
منهنجي وارن کان ڇو دور ڀڄين
او منهنجا پوپٽ جهڙا پرين
ٿي پاڇي سان مان پيار ڪيان
منهنجي جيون ۾ جي رنگ کُٽل
سي تنهنجي پَرن تان چورايان
او منهنجا پوپٽ جهڙا پرين
تو سواءِ ٻڌاءِ ته ڪيئن جيان
هي جڳ ته وساري ويٺو آ
هن جيون کي مان ڪاڏي ڪيان
او منهنجا پوپٽ جهڙا پرين
جي توکان ڀي مان وسري وڃان
اچ دور هلئون ان انڊلٺ ڏي
جنهن رنگ ڏنا آهن توکي
او منهنجا پوپٽ جهڙا پرين
مان ڀي ته هلي ڪجهه رنگ کڻان
بي رنگ ڳلن تي رنگ ڇڏي
۽ پنهنجا پيارا انگ ڇڏي
او منهنجا پوپٽ جهڙا پرين
تون دور ڪٿي نه هليو وڃجانءِ
تنهنجو جيون جهوٽو ئي سهي
جي بادل ڏي تون موٽي وڃين
او منهنجا پوپٽ جهڙا پرين
مون کي ڀي ساڻ وٺي هلجانءِ.
چؤسٽا- ٽه سٽا
چنڊ چانڊوڪي ۽ راتوڪي
ڳالهه ته توکي ياد ئي هوندي
توبه مڃي ۽ مون به مڃي هئي
هار ته توکي ياد ئي هوندي
*
ڇايا هئا نه بادل
مينهن ڪئين پيو اڙي دل
هيو ياري جڳ سان جهيڙو
سڏ ڪنهن ڪيو اڙي دل
*
تو ۾ جيڏي آهي ساجن
مون ۾ ايڏي مستي ناهي
ڪڏهن ڪڏهن کڻي لڳندي آهي
منهنجي ايڏي هستي ناهي
*
اڻ ڪيل ڪچهرين جا
لفظ دهرايان پئي
هو جو مون کان دور آهي
تنهن کي پرچايان پئي
*
ڇو ٿو ائين ويڇا وڌائين
مان ننڍي ايڏي نه آهيان
تون وڏو ايڏو نه آهين
*
منهنجي نظرن ۾ زمانو آهي
دل تي ڪي بار وڏا لاهڻ جو
توکي چاهڻ ته بهانو آهي
*
جنهن شعر تي دل مان واهه نڪري
سو شعر ته ٿي ڏيکار ڙي دل
جنهن رات جو سپنا جاڳي پون
سا رات ته ٿي ڏيکار ڙي دل
*
جهڙا، جيءَ ۾ جهيڙا آهن
تنهن جهڙا ٻيا ڪهڙا آهن
عشق نه هوندو اهڙو ٻيو
جو پاڻ سان پاڻ ڪري ٿو ڪو.
*
|