مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ
فقير حسين بخش ”خادم“ سروري

رئيس سيّد حبيب الله شاهه مرحوم آراضي جو رهاڪو ۽ تعلقه سيوهڻ
جو باشندو هو. رئيس حبيب الله شاهه لڪياري سادات
جو وڏو هو. ان جي انتقال بعد پس ماندن ۾ سندس صرف
هڪ نياڻي غير شادي شده باقي رهي. رئيس حبيب الله
شاهه هڪ هزار ايڪڙ زمين کان وڌيڪ زميندار به هو ۽
اها زمين سندس نياڻي جي قبضي ۾ رهي.
رئيس حبيب الله شاهه حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور هالائي جو
بيحد عقيدت مند مريد به هو ۽ بي بي صاحبه به مريد
۽ عظيم عقيدت رکندڙ هئي. بي بي صاحبه هڪ ڀيري حسين
بخش جيڪو سندن ئي ماڻهو هو، ان کي ڪنهن ڪم سان
هالا ۾ منهنجي والد صاحب قبله مرشدنا مخدوم غلام
محمّد عرف گل سائِن ڏي موڪليو. انهن جي شفقت ۽
محبّت ڏسي حسين بخش هالا ۾ ئي هميشه لاءِ رهي پيو.
هو جڏهن هالا ۾ آيو هو ته ڏاڙهي مڇون به نه هيس.
مرشدنا والد صاحب قبله جن جي انتقال بعد حسين بخش
کي مون پنهنجي زمينداري ۾ ڪمدار طور رکيو ۽ هو
ڪيترائي سال زمينداري جو ڪم ڪار ڪندو رهيو.
حسين بخش ڪافي گو شاعر هو. کيس مون جڏهن پنهنجي حاضري لاءِ آندو
تڏهن ان کي خادم تخلص ڏنم ۽ موزون شاعري ڪرڻ لاءِ
چيو ان بعد هن غزل لکڻ شروع ڪيو ۽ آئون سندس اصلاح
ڪندو هوس. اهو سلسلو آخر تائين هلندو رهيو. حسين
بخش پڇاڙي عمر ڌاري فقيري به اختيار ڪئي ۽ فقير
حسين بخش سڏجڻ لڳو. سندس والد جو نالو پير بخش هو
۽ ذات ڀنگر. هن کي هڪ ڀيرو وري به زمينداري ڪم ۾
رکيم مگر سال کن اندر سخت بيمار ٿي پيو ۽ نوڪري
ڏيڻ جي قابل نه رهيو. پوءِ ڳوٺ رهڻ جي اجازت
ورتائين ۽ ڳوٺ ويو.
نواب فقير محمّد خان لغاري تاجپوري جو ميلو 4 رمضان تي هر سال
لڳندو آهي ۽ محمّد فقير کٽياڻ جي هميشه، (هر مهيني
جي) ملهائي ويندي آهي.
فقير حسين بخش به هميشه وانگر 4 رمضان جي تاجپور ۾ آيو ۽ اتان،
محمّد فقير تي دستور موجب رات جو فقير حسين بخش ۽
ٻين فقيرن به ڳايو وڄايو. پوءِ وڃي سڀ آرامي ٿيا.
صبح جو فقير حسين بخش ڪونه اٿيو. ڏسن ته امانت ڌڻي
کي پهچي چڪي آهي.
فقير حسين بخش جي ولادت 15 جنوري 1930ع ۾ ٿي ۽ وفات 12 مارچ
1992ع تي ٿي.
انالله و انا اليہ راجعون.
اڄ نه اوطاقن ۾، سا بابوئنَ باسَ
وئا ويراڳي نڪري، وِلا ڪري واسَ
جِنِ جِي اندرَ ۾ اُداسَ، سي لاهوتي لڏي وئا.
(شاهه)
استاد نياز حسين- هڪ گُني ماڻهو
امداد حسيني

استاد نياز حسين جي نالي سان سنڌي سنگيت جو هڪ شاندار باب
لاڳاپيل آهي. هن پنهنجي سڄي زندگي پاڻ ارپڻ واري
جذبي سان سنڌي سنگيت جي سڌاري ۽ واڌاري جي مقصد
ماڻڻ ۾ گذاري ڇڏي.
مون استاد کي ريڊيو حيدرآباد تي پهرين هڪ وايولنسٽ جي حيثيت سان
ڏٺو. پوءِ استاد باجي (هارمونيم) تي ليڊ ڪندو هو.
مون اڄ تائين اهڙو باجو وڄائيندي ڪنهن کي ناهي
ڏٺو. استاد سوين هزارين ڌُنون جوڙيون، سنواريون ۽
سڌاريون، پر اهو ٻڌي ڏک ٿيو، ته ايتري ڄاڻ ۽ خدمتن
جي صلي ۾ کيس آخر تائين ڪمپوزر به نه ڪيو ويو! ان
ڪري نه ٿيو، جو اهائي هتي جي ريت آهي! مون کي فخر
آهي ته استاد منهنجي ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب
ڏنيون. ”سانولڙي سانجهي آئي“ پاڻ پنهنجي آواز ۾
ڳائيندو هو ته روح کي راحت اچي ويندي هئي. ريڊيو
حيدرآباد جي اسٽوڊيو
B-2
۾ آمريڪي گٽارسٽ جي اچڻ تي، استاد جو پيش ڪيل
آئٽم، جنهن ۾ هن چئني صوبن جي نمايان ڌنن کي پيش
ڪيو هو، هڪ يادگار ائٽم هو.
سنڌي ڊپارٽمنٽ، سنڌ يونيورسٽي جي ادبي ڪانفرنس (88ع) جي راڳ
رهاڻ به استاد نياز حسين جو هڪ يادگار فنڪشن هو.
نياز ۽ نئڙت ۾ ئي وڏائي آهي، اُهو گُڻ استاد نياز
حسين کان ئي مون سکيو:
ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي.
جياريسِ سنڀارَ ڪوهُ ڪَريندَمِ گڏِجي
وير و تارِ وُجوِدَ ۾، پرينِ جي پچارَ
سي ڪيئن سڄڻ ڌارَ، جي هنيڙَي ۾ حَل ٿيا.
(شاهه)
محمد رحيم ميمڻ
لئبريرين
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو
|