سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1992ع

مضمون

صفحو :7

جلا وطن موهن ڪلپنا

شوڪت حسين شورو

 

”هڪ هئي سنڌ ۽ هڪ هو موهن ڪلپنا،

ٻنهي هڪ ٻئي سان ڏاڍي محبت ڪئي،

پر ملي نه سگهيا!“

ـــــــــــــ

موهن ڪلپنا مون کان سترهن سال وڏو هو. پر جڏهن آئون پهريون ڀيرو هن سان بمبئي ۾ مليس ته لڳو اسين ٻئي هڪ جيڏا هئاسين، ڄڻ وڇڙيل دوست سالن کان پوءِ مليا هئاسين. الاجي ڪيترو وقت گذريو اسين هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي بيٺا هئاسين. ڄڻ سالن جي سڪ پوري ڪرڻ ٿي چاهيسين جيڪا ان هڪڙي ڀاڪر ۾ پوري ٿيڻ جي ڪانه هئي. موهن مون کي لکيو هو، ”شوڪت، تون انڊيا اچ. گوڏو گوڏي سان ملائي روح رهاڻيون ڪنداسين.“ سچ ته ٿيو به ائين. آئون جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس اتي مون سان گڏ ٻيا ماڻهو به هئا. موهن جون ۽ منهنجون ڳالهيون کُٽڻ جون ڪونه هيون. گهڻي دير کان پوءِ اسان کي احساس ٿيو ته ٻيا اسان جي ڳالهين مان بور ٿيڻ لڳا هئا. اهي ته رڳو گهمڻ لاءِ آيا هئا. ان ڏينهن هري موٽواڻي به ڪٿي مشغول هو نه ته مهمانن کي گهمائڻ جي ڊيوٽي هن جي هئي. انهن ويچارن صبح کان وٺي ادب ۽ اديبن بابت ڳالهيون پئي ٻڌيون جن سان انهن کي ڪا دلچسپي ڪانه هئي. شام اچي ٿي هئي. موهن مون کي چيو ته هل پاڻ ٻاهر هلون. اسين سمنڊ جي ڪناري گيٽ وي آف انڊيا وٽ اچي ويٺاسين.

موهن ڪلپنا کي مون سڄو پڙهيو هو. هن جي مشهور ڪهاڻين جو مکيه ڪردار هڪ تنها، بيروزگار ۽ دُکي شخص هو جنهن جا کيسا هميشه خالي هوندا هئا، جيڪو پنهنجي محبوبه کي آئسڪريم به کارائي نٿي سگهيو. مون کي لڳندو هو اهو شخص موهن ڪلپنا پاڻ آهي.

مون موهن کان پڇيو ته اهي سمورا ڪردار سندس پاڇا ته ڪونه آهن؟ هن مڃيو ته انهن ڪردارن م سندس شخص جي جهلڪ موجود هئي.

”هاڻ ڪيئن آهي تنهنجي زندگي؟“ مون هن کان پڇيو. ”مون زندگيءَ کان جيڪي چاهيو سمجهان ٿو ان کان مون کي گهڻو مليو آهي. منهنجو پنهنجو ننڍڙو پر سهڻو گهر آهي. گهر م پيار ڪندڙ زال آهي ۽ اتي منهنجي دادلي ڌيءَ گيتا آهي. روزگار به آهي، آئون خوش آهيان. خوشي فقط ڪارن ۽ بنگلن ۾ ڪانهي.“

موهن ڪلپنا هاڻ خوش آهي. اهو منهنجي من تان هڪ وڏو بار لهي ويو. رات ٿي ته موهن چيو هل ته ڪجهه پيئون. ”ڳالهائي ڳالهائي منهنجو گلو خشڪ ٿي ويو آهي. تون رڳو سوال پڇندو ۽ ٻڌندو رهيو آهين،“ موهن کلي چيو.

”اصل ۾ مون کي ڳالهائڻ ڪونه ايندو آهي. باقي آئون ٻڌندڙ سٺو آهيان.“ مون چيو.

”برابر، تون منهنجي ايتري بڪ ٻڌي بور ڪونه ٿيو.“

موهن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو. مون موهن جي ٽهڪن جي ڳالهه ٻڌي هئي. پر پنهنجن ڪنن سان هن جو شاندار ٽهڪ پهريون ڀيرو ٻڌم. ائون جيترو وقت اِتي هئس ۽ جتي به موهن گڏ هوندو هو هن جا وڏا وڏا شاندار ٽهڪ به ساڻ ساڻ هوندا هئا.

اهي ٽهڪ موهن ڪلپنا جو جياپو هئا جن جي سهاري هو وڏن وڏن ڏکن ۽ ٽرئجڊين مان لنگهي پار پيو هو. سندس چواڻي: ”هڪ نهايت ڊگهو رستو طيءِ ڪيو آهي مون. هونءَ ڪو رستو ٿيندو ته نه آهي زندگيءَ ۾. پيچرا، پهاڙ، ميدان تي ڪريل گل. پير رکجن ته اڪثر ڪنڊا لڳن. واديون لهندو وڃجي. ڪرندو وڃجي. ڪرڻ ۾ موج آهي. ڪنهن سان ڪوڙ. ڪنهن سان دوکو. ڪڏهن اجايو اڀمان. پر مون اڪثر مٿي چڙهڻ چاهيو آهي. مٿي ۽ مٿي. ان کان به مٿي، ان ڪري مون ڌرم شاسترن جي به اوٽ ورتي آهي. ڏسان ته اتي ئي بيٺو آهيان. ياترا فقط من جي ڪئي اٿم. آدرشن جا پهاڙ. عمل جون کاهيون. ڪڏهن عمل جون باهيون، جيل به ڪاٽيا اٿم ته گولين جي سامهون سينو به ساهيو اٿم، ادبي محفلن ۾ سر ڪٽيا اٿم ۽ ڪٽايا اٿم. زندگيءَ جي پينگهن ۾ وڪڙ بڻجي لطف ماڻهو اٿم ۽ غلط گلاسن جو زهر پيتو اٿم. پنهنجو رت به پياريو اٿم، حاصل مطلب اهوئي ته جتي هوس، اتي آهيان، منهنجون بئنڪ بئلنس فقط ڪي يادون آهن. ڪجهه به ته نه آهيان مان.... عمر جي اڌ صديءَ ۾ فقط خوابن جي لاشن کي اکين ۾ چڀندو ڏٺو اٿم.“

آتم ڪٿا جو اهو ٽڪرو ڄڻ موهن ڪلپنا جي سڄي زندگيءَ جو تت آهي.

موهن ڪلپنا جي نوجواني بيروزگاري ۽ تڪليفن ۾ گذري پر ان هوندي به هن تي وڄ جا پاڻي چڙهيل هئا. ادب جي ميدان ۾ نهايت سرگرم، جوشيلو ۽ جذباتي نوجوان هو. هن جتي نظرياتي سطح تي ترقي پسند اديبن اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي وارن سان ٽڪر کاڌو اتي قدامت پسند اديبن ليکراج  عزيز ۽ رام پنجواڻي سان به جهيڙا جوٽيا. پر جتي سنڌي ٻوليءَ جي جياپي ۽ عربي- سنڌي لپيءَ جو سوال هو اتي موهن هر تحريڪ ۾ سڀني سان گڏ رهيو.

انڊيا ۾ سنڌي ادب کي جيئاري رکڻ ۾ هري موٽواڻيءَ جي رسالي ڪونج وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هريءَ جڏهن ڪونج ڪڍڻ شروع ڪئي ته ان جو پهريون ايڊيٽر موهن ڪلپنا کي ڪيو هئائين. موهن، هريءَ جي گهڻي عزت ڪندو هو. چوندو هو جيڪي ماڻهو هري موٽواڻي کي سادو ٿا سمجهن سي بيوقوف آهن. هري محنتي ۽ خلوص سان ڀريل انسان آهي. موهن ان ڳالهه کان گهڻو متاثر هو ته سنڌ مان جيڪو به ماڻهو آيو ٿي تنهن لاءِ هري هر وقت حاضر هو.

موهن کي سنڌ جي ڪن ڪهاڻيڪارن علي بابا، ماڻڪ ۽ مشتاق شوري سان پرپٺ جي محبت هئي. چوندو هو ته انهن جا حال به مون جهڙا آهن مون کي خبر ڪانه هئي ته موهن ڪلپنا سٺي ايڪٽنگ به ڪري ڄاڻي. بمبئي ۾ اسان جي آخري رات هئي. رات جو ٻين وڳي اسان کي سينگاپور وڃڻو هو. هوٽل ۾ موهن، گنو سامتاڻي، لعل پشپ ۽ هري موٽواڻي موڪلائڻ آيا هئا. شيام جئسنگهاڻيءَ اچڻ لاءِ چيو هو پر هن کي ڪو ضروري ڪم ٿي پيو هو، ان ڪري هن هوٽل ۾ فون ڪئي، رسيور موهن کنيو ۽ هن آواز بدلائي شيام کي ٻڌايو ته ”شوڪت ٻاهر نڪري ويو آهي. آئون مشتاق شورو ٿو ڳالهايان.“ تڏهن مشتاق آمريڪا ۾ رهندو هو. شيام حيران ته مشتاق انڊيا ۾ ڪڏهن آيو. موهن چيس ته ”آئون اڄ پهتو آهيان ۽ مون سان گڏ منهنجي آمريڪن زال به آهي.“ ۽ پوءِ ڄڻ زال کي مخاطب ڪرڻ لاءِ رسيور کي ٿورو پري ڪري هن انگريزيءَ ۾ زال کي سڏيو ته منهنجي دوست شيام سان اچي ڳالهائي. کن رکي شيام کي ٻڌايائين ته منهنجي وائيف هينئر ٿورو بزي آهي پوءِ ڳالهائيندي. موهن اڌ ڪلاڪ تائين مشتاق بنجي شيام سان ڳالهائيندو رهيو. آمريڪا جا حال احوال هڪ ٻئي جي ڪهاڻين تي رايا. اسين سڀ ٻڌندا رهياسين. نيٺ گني هن کي چيو ته يار هاڻ گهڻو ٿيو، ڇڏينس. موهن کان اوچتو ٽهڪ نڪري ويو. تڏهن وڃي شيام کي خبر پئي. هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته موهن کيس بيوقوف بنايو هو. شيام ڪيترا مهينا موهن سان ڪاوڙيل رهيو.

ان رات سڀ هليا ويا. موهن ڪلپنا ۽ هري موٽواڻي رات جو هڪ لڳي اسان کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ هليا. هريءَ جو گهر بمبئي ۾ آهي هن لاءِ واپس وڃڻ ايڏو مسئلو ڪونه هو. پر موهن بمبئي کان چاليهه ميل پري الهاس نگر ۾ رهندو هو، ان وقت الهاس نگر لاءِ ڪابه سواري ملڻ مشڪل هئي، اسان جي منع ڪرڻ جي باوجود موهن اسان سان گڏ ايئرپورٽ تي هليو ۽ موڪلائڻ وقت هن جي اکين ۾ گهري اداسي هئي.

ان کان اڳ موهن ڪلپنا الهاس نگر ۾ پنهنجي گهر ۾ منهنجي دعوت ڪئي هئي. ڏينهن جو ته گهڻا دوست هئا. هري موٽواڻي، لعل پشپ، هيرو شيوڪاڻي، ايم، ڪمل، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي، جئوير. شام جو هري ڪنهن ضروري ڪم سبب بمبئي هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي اسان کي موهن ڪلپنا ۽ ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيءَ جي فيمليءَ سان گڏ ماٿيران هل اسٽيشن تي وڃڻو هو. ان ڪري لعل پشپ بمبئي موٽي ويو ڇو ته ماٿيران هلڻ لاءِ هن کي پنهنجي زال کي وٺي اچڻو هو.

رات ٿي ته موهن چيو، ”مون پيئڻ گهٽائي ڇڏيو آهي. پر اڄ توسان گڏ پيئندس.“ هيرو شيوڪاڻي به ان محفل ۾ شريڪ هو. گهڻيون ڳالهيون ٿيون. سنڌ ۽ هند جي سنڌي ادب ۽ اديبن جون ڳالهيون طارق اشرف، علي بابا، ماڻڪ، مدد علي سنڌي، مشتاق شورو، امداد حسيني، سحر امداد، نوالهديٰ شاهه، پر گهڻو ذڪر شيخ اياز جو هو. موهن ان ڳالهه تي ناراض هو ته شيخ اياز وائيس چانسلري ڇو قبول ڪئي هئي. موضوع ادب تان هٽي سياست تي آيو. موهن ٻڌايو ته سنڌ مان ڪڏهن ڪڏهن اهڙا نوجوان ساڻس ملڻ ايندا آهن جيڪي عجيب ڳالهيون ٻڌائيندا آهن. هڪڙي اهڙي نوجوان کيس چيو ته ”جڏهن آئون واپس سنڌ موٽي ويندس ته ٿورن ڏينهن ۾ اوهين اها خبر ٻڌندا ته جنرل ضياء الحق کي گولي هڻي ماريو ويو اها گولي آئون هڻندس،“ موهن کلي چيو ته ان نوجوان کي وئي ڇهه مهينا ٿي ويا آهن پر جنرل ضياءُ اڃا زندهه آهي. مون موهن کي چيو ته اوهان کي هر ماڻهوءَ تي اعتبار نه ڪرڻ کپي. ٿي سگهي ٿو انٽيليجنس جا ماڻهو به اوهان وٽ ايندا هجن، هيري شيوڪاڻي مڃيو ته ائين بلڪل ٿي سگهي ٿو، پر موهن جو دليل اهو هو ته سنڌ مان جيڪو به ماڻهو اچي ٿو ان مان سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو اچي ٿي. ”موهن ڪلپنا ان سان نه ملي ۽ نه ڳالهائي اهو ٿي نٿو سگهي.“

موهن ڪلپنا جو سنڌ سان ايڏو جذباتي لڳاءُ هو جو سنڌ کي پنهنجي ماءُ به سمجهندو هو ته محبوبه به. هن پاڻ کي هميشہ جلاوطن ڪري ڀانيو هو ارڙهن سالن جي عمر ۾ سنڌ مان جلاوطن ٿي انڊيا هليو ويو هو. سنڌ ڌرتيءَ تي موٽي اچڻ هن جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي آرزو هئي. پر الاجي ڇو هن کي پڪ هئي ته هو پنهنجو حياتيءَ ۾ وري سنڌ ڌرتيءَ تي موٽي ڪونه ويندو. هن شيخ سليم چشتيءَ جي درگاهه ۾ گوڏا کوڙي دعا گهري هئي: ”اي درويش، تنهنجي مٽي به پوڄا لائق آهي. ان مٽيءَ کي به وڏي طاقت هوندي. منهنجي ٽن جو ڪٽنب ٺيڪ آهي. هڪ آرزو آهي منهنجي، مرڻ کان اڳ پنهنجو ملڪ ڏسان. اهو ڏيکار. ان بعد تنهنجي درگاهه ۾ اچي ڪرندس ۽ تنهنجي چانئٺ جو هڪ هڪ ڏاڪو چمندس.“

پر موهن ڪلپنا جي اها دعا قبول ڪانه پئي. هن پنهنجي آتم ڪٿا ”بک عشق ادب“ ۾ گوبند مالهيءَ جي ڳالهه لکي آهي. گوبند مالهيءَ چيو ته هو سنڌ واپس موٽڻ کان اڳ ڪڏهن نه مرندو. (عجيب ڳالهه آهي ته ٻه ٽي سال اڳ سچل انٽرنيشنل سيمينار جي موقعي تي گوبند مالهي سنڌ ۾ آيو هو). موهن ڪلپنا پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي، ”مون کي اهڙي ڪابه خوش خيالي نه آهي. مان ائين جلا وطنيءَ ۾ ئي ڳري سڙي ختم ٿي ويندس ۽ پوءِ شايد ڪي ماڻهو ڳالهه ڪندا: هڪ هئي سنڌ ۽ هڪ هو موهن ڪلپنا. ٻنهي هڪ ٻئي سان ڏاڍي محبت ڪئي پر ملي نه سگهيا.“ موهن ڪلپنا اها ڳالهه 21 جون 1982ع ۾ لکي هئي. ٺيڪ 10 سالن کان پوءِ ان ئي مهيني ۾ موهن ڪلپنا جلاوطنيءَ جي زندگيءَ ۾ گذاري ويو.

هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هڪ وصعيت لکي هئي؛ ”جيڪڏهن منهنجا اديب دوست هند ۾، سنڌ ۾ ائين ڪري سگهن ته مهرباني. مرڻ بعد منهنجي رک کي سنڌوءَ يا گنگا ۾ ڦٽو نه ڪيو وڃي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪٿي به ڪنهن ٽين جي دٻي ۾ وجهي زمين ۾ پوريو وڃي.“ خبر ناهي موهن ڪلپنا جي اها وصيعت ڪنهن کي ياد هئي يا نه شايد موهن ڪلپنا جي جسم جي رک به هن وانگر جلاوطن ٿي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com