سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1992ع

مضمون

صفحو :18

گل جي ڪهاڻي- گل جي زباني!-1

ايس- گل

منهنجي ڪجهه دوستن ۽ ڪرم فرمائن مون کي صلاح ڏني، بلڪ زور ڀريئون ته، جيڪو عرصو مون فلم انڊسٽري ۽ موسيقيءَ جي فن جي خدمت ڪندي گذاريو آهي، اهو لکان. آئون سوچيندو رهيس ته آخر لکان ته ڇا لکان؟ نه ته مون ڪي ڪارناما انجام ڏنا آهن، نه وري فلمي اداڪار جي حيثيت سان چمڪي سگهيس، نه ميوزڪ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان مشهور ٿيس. ها پر اها تسڪين ضرور محسوس ڪندو آهيان ته هن فن جي دل جي خلوص، نيڪ نيتيءَ ۽ صحيح لڳن سان 42 هن سالن کان خدمت ڪندو پئي آيو آهيان. باقي جيڪي ڏينهن نصيبن ۾ آهن ۽ جيستائين سِسيءَ ۾ ساهه آهي، هن فن جي خدمت ڪندو رهندس.

منهنجي عزيز امداد حسيني ۽ منهنجي محسن نصرالله رحمان صاحب جي چوڻ تي گذريل يادن کي تازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ۽ مختصر عرض ڪريان ته ان عرصي ۾ مايوسيون به پلئه پيون، اهي ائين ته:

ويئي ڙي ويئي الا ياراني يارن مان

۽ تسڪين ائين ملي ته:

اهو سٺو ٿيو چهرا ته بي نقاب ٿيا

فلم انڊسٽريءَ ۾ داخل ٿيڻ تائين به منهنجي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو، ته هي منهنجو ڀيانڪ چهرو ڪڏهن پرده سيمين تي بوجهه به ثابت ٿي سگهي ٿو! مون کي شوق هو ته موسيقيءَ جو، مون کي عشق هو ته ان فن سان، جنهن جي ڏور جهلي آئون فلم انڊسٽريءَ تائين پهچي ويس.

فلم انڊسٽريءَ ۾ منهنجي داخلا هند جي ورهاڱي کان ٽي چار سال اڳ ٿي. ان وقت فلم انڊسٽري گهڻي ڀاڱي هندن جي اثر هيٺ هئي. اسٽوڊيو مالڪن کان وٺي، ڊسٽريبيوٽر، ڊئريڪٽر ۽ سمورا ٽيڪنيشنز جيترا به هئا تن ۾ گهڻائي هندن جي هئي. ان زماني ۾ مون جهڙو ڳوٺاڻو جنهن هندي/ اڙدوءَ جو قاعدو به نه پڙهيو هجي. گهڻي ڀاڱي اڙدو ٻوليءَ کان اڻڄاڻ هجي، سو ادب ۽ فن جي دنيا ۾ پير ڌري. اها منهنجي حماقت هئي يا شوق! ان فن جي خدمت جو جذبو هو يا آرٽ جي دنيا ۾ وڃڻ جو جنون! بهرحال اهو اندازو ته اوهين ئي ڪري سگهو ٿا. مون ته ان بحر فن ۾ ٽٻي هنئي ۽ پوءِ ماڻڪ ميڙيم يا پهڻيون، سا خبر خدا کي جيئن مون پهرين ذڪر ڪيو آهي، ته ان زماني ۾ فلم انڊسٽريءَ جي هر شعبي ۾ هندو ڇانيل هئا، ته آئون سمجهندو هئس ته آئون هڪ سنڌي ڳوٺاڻو مسلمان، نه ته منهنجي مادري ٻولي اڙدو هئي، نه پنجابيءَ جي ئي مون کي ڪا ڄاڻ هئي. سڄو وقت مايوسين ۽ ٻڏتر ۾ گذرندو هو، پر اهي ماڻهو ذات پات ۽ فرقيواريت کان بي نياز هئا، فن جي اهميت هئي ۽ فنڪار جو قدر. جڏهن مون کي سٺن ۽ وڏن وڏن ڊائريڪٽرن سان ڪم ڪرڻ جو وجهه مليو ۽ منهنجو نالو فلمي رسالن ۽ پوسٽرن تي اهميت رکڻ لڳو، ته منهنجي ڪيفيت هن شعر وانگر هئي:

وه اس قدر مجهي مايوسيون ڪي بعد ملي،

يقين هي نهين آتا ڪه پاس بيٺي هين.

منهنجو تعلق سنڌ جي مٽياري سادات گهراڻي سان آهي، مون کي اهو شرف حاصل آهي، ته مون هڪ اهڙي سيد گهراڻي ۾ جنم ورتو، جنهن سان مشهور صوفي بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہ رحمة الله جو به تعلق آهي.

آئون گهر ۾ پنهنجي سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کان ننڍو هوس، سڀ مون سان ڏاڍو پيار ڪندا هئا ۽ سندن لاڏ ۽ پيار جي ڪري ڏنگو به ڏاڍو هُئس، شرارتون ڏاڍيون ڪندو هئس ۽ سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀني کان سانورڙو به هُئس، ان ڪري سڀ مون کي ڪارو ڪارو ڪري سڏيندا هئا ۽ پيار مان مون کي ”گل“ چئي سڏيندا هئا، جڏهن ته منهنجي ڀيٽ ڪنهن به گل سان نه آهي ها آئون پاڻ کي اهو گل ضرور سمجهان ٿو جنهن جي پنکڙيءَ سان هيري جو جگر ڪٽجي سگهجي ٿو. پر شرط اهو آهي ته سامهون وارو صحيح معنيٰ ۾ هيرو هجي.

اسان جي گهر ۾ ابي ڏاڏي کان وٺي پيڙهائيتا گهرو نوڪر هوندا هئا، اهي مختلف قومن ۽ ڪمن سان لاڳاپيل هئا، ۽ منهنجي خدمت لاءِ جيڪو نوڪر (خدمتگار) چونڊيو ويو، اهو (گل) مڱڻهار هو، جنهن جو تعلق موسيقيءَ ۽ ليءِ سان هوندو آهي.

منهنجي تعليم جو آغاز اسان جي پاڙي جي هڪ مسجد کان ٿيو، جتي آئون قرآن جو درس وٺڻ ويندو هئس، منهنجي اچڻ ۽ وڃڻ جي سهوليت لاءِ بنگلي جي هڪ ڪمري مان دري ٺاهي وئي هئي ۽ ان ئي ڪمري جي ڀر واري هال ۾ موسيقيءَ جون محفلون مچنديون هيون، جتي سُر ٻُرندا هئا، منهنجو وڏو ڀاءُ سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ مرحوم موسيقيءَ جو وڏو دلدادو هو، هن وڏا وڏا نامور گويا پاڻ وٽ رکيا، جيڪي مهينن جا مهينا وٽس رهندا هئا، آئون جڏهن به مسجد مان موٽندو هئس، ته مون کي انهيءَ هال مان لنگهڻو پوندو هو ۽ ائين سُر ۽ سنگيت کان متاثر ٿيندو هُئس ۽ آئون اتي ئي ويهي رهندو هئس، منهنجا هڪجيڏا ته وڃي اٽي ڏڪر ۽ بلور شلور کيڏندا هئا، پر ائون اتي ئي ڄميو رهندو هئس، انيڪ ڀيرا ياد ڏيارڻ سان به آئون ماني کائڻ لاءِ نه ويندو هئس. موسيقيءَ کي مون پنهنجي روح جي غذا بڻائي ڇڏيو ۽ جن گوين کي ٻڌڻ يا انهن جي محفلن ۾ ويهڻ جو اتفاق ٿيم، تن ۾ مرحوم عاشق علي خان، بيبو خان، اميد علي خان، خانصاحب بڙي غلام علي خان، برڪت علي خان ۽ ڪئين نامور سُريلا گويا هئا ۽ اهي گويا به مون سان ائين پيار ڪندا هئا، جو بار بار گستاخي ڪري ڪو سوال پڇي وٺندو هئس، ۽ هو ڏاڍي پاٻوهه مان مون کي سمجهائيندا هئا ته ليءَ ڇا ٿيندي آهي. آروهي، امروهي ڇا ٿيندي آهي! هن ۾ هي سر لڳندا آهن – موسيقي جي شروعاتي تعليم به منهنجي اتي ئي ٿي آئون ننڍي ڄمار ۾ ئي نغارا ايڏي ته پختگي سان وڄائيندو هئس جو وڏا وڏا ته ليءِ ڪار ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا، ته هي ٻار ڪيئن ٿو نغارا وڄائي، آئون سمجهان ٿو، ته ان ۾ دخل ان مڱڻهار فيملي جو آهي، جنهن سان آئون وابسته هئس.

تعليم جي ڏس ۾ مون کي حيدرآباد وڃڻو پيو، اتي ٽرئننگ ڪاليج فارمين ۾ اسان جو ميوزڪ ٽيچر هو ماسٽر پي. ڪي. خان، هن جڏهن مون کي ٻڌو ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڏاڍي پيار سان مون کي مختلف طرزون ڳارائيندو رهيو ۽ انهيءَ زماني ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿيٽر ڪمپنيون اينديون هيون، ته آئون ادا سائين مرحوم سان ٿيٽر ڏسڻ هليو ويندو هئس. اسٽيج تي ڇا ٿيندو آهي؟ ان کان آئون بي خبر هوندو هُئس. ٿيندو ائين هو جو ٿيٽر جون بندشي طرزون ڪيئن ٿيون وڄن، ٺيڪا ڪيئن ٿا لڳن، انهن کي ڄاڻڻ لاءِ منهنجو سڄو ڌيان، هارمونيم ۽ طبلي ڏانهن هوندو هو ۽ ڏاڍي حسرت سان سوچيندو هئس، ته مان به ڪڏهن ان قابل ٿي سگهان! ائين هارمونيم وڄايان ۽ ڌنون ڪمپوز ڪريان. اهو هڪ خواب هو، جنهن کي پوءِ تعبير مليو. ان جو آئون پوءِ ذڪر ڪندس.

بهرحال منهنجو شوق جنون جي حد تائين وڌي چڪو هو، ڪراچي بندر روڊ تي جتي اڄڪلهه ڪيپري سئنيما آهي، اتي هڪ بنگلي ۾ ملٽريءَ جي هڪ رٽائرڊ ڪرنل پرائيويٽ اسڪول کولي رکيو هو ۽ اتي ئي سندس پرائيويٽ بورڊنگ هائوس به هو، جتي سنڌ جي معزز ۽ زميندار گهراڻن جا ٻار رهندا هئا. مون کي به اتي ئي داخلا ملي وئي. مون کان پهرين جيڪي سينئر ڇوڪرا اتي رهندا هئا، تن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر آغا صدرالدين، تحريڪ استقلال پارٽي جو اڳوڻو پريزيڊنٽ ۽ سينيٽر احمد ميان سومرو، ڀٽو خاندان جي سردار واحد بخش خان جو پٽ پير بخش خان (پيءَ جي وفات کان پوءِ ڀٽو فيملي جو پاڻ ئي سردار هو) واحد بخش خان جي ننڍي ڀاءُ نبي بخش خان جو صاحبزادو غلام مصطفيٰ خان، احمد ميان سومرو جو سوٽ حيدر بخش سومرو، سنڌ جي گرهوڙ شريف جي سيد احمد شاهه جو صاحبزادو سيد عبدالله شاهه ۽ سردار نور محمد گولا جو صاحبزادو. هتي آئون ذڪر ڪندس ته سردار نور محمد گولا راڳ ۽ راڳداريءَ جو ايڏو ته ڄاڻو ۽ سريلو هو، جو جڏهن ادا سائينءَ سان ملڻ ايندو هو ۽ جهونگاريندو هو، ته سُر جو تاثير اثرانداز ٿيندو هو. آخر ۾ آئون مرحوم مير علي نواز خان جو ذڪر ڪندس جيڪو پاڪستان جي گهرو وزير ۽ سنڌ جي روينيو منسٽر غلام علي خان ٽالپر جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ سنڌ جي اڳوڻي سينيئر منسٽر مير اعجاز علي خان ٽالپر جو چاچو هو. هوپاڻ به ڪنهن زماني ۾ وزير رهي چڪو هو، منهنجو ڏاڍو گهاٽو يار هو. ننڍو قد، سنهڙو سيپڪڙو، جسم ڏاڍو اسمارٽ ۽ ڪرنل صاحب جو ته ڏاڍو فيورٽ هو ۽ اسان تي چغليون هڻي وڃي کيس ٻڌائيندو هو ۽ اسان کي موچڙا هڻائيندو هو، گهڻو ڪري اسان سڀني کي واري واري سان موچڙا هڻائيندو هو.

جڏهن اسين وڏا ٿياسين تڏهن چرچو ڪندي سڄي سنگت کي چغليون هڻي موچڙن هڻائڻ جو ذڪر ڪندو هو ۽ چوندو هو ته منهنجو هي ڪم نه ڪندا، ته آئون ڪرنل صاحب کي چئي موچڙا هڻائيندوسانو! ۽ اسين ڏاڍو کلندا هئاسين، پر ڪنهن کي خبر هئي ته ننڍي عمر ۾ ئي هِن فاني دنيا مان پاڻ رخصت ٿي ويندو! ۽ اُتي هُن دنيا ۾ مسٽر روزو آڏو اسان جون چغلين کائڻ لاءِ هليو ويندو، اُتي پاڻ ڪهڙيون چغليون کاڌيون هوندئين اها خبر ته اتي وڃي پوندي.

ڪجهه عرصي کان پوءِ مون کي ڪراچيءَ جي سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخلا ملي وئي ۽ آئون ڪرنل روزو جو اسڪول ۽ بورڊنگ ڇڏي بندر روڊ تي هڪ فليٽ مسواڙ تي وٺي رهڻ لڳس، اوسي پاسي سڀ هندو رهندا هئا، جن ۾ ڪي سنڌي، مدراسي، ته ڪي گجراتي هئا، منهنجي مٿان واري فليٽ ۾ جڳ مشهور قانون دان اي.ڪي بروهي رهندو هو، انهن ڏينهن ۾ سندس شادي به اتي ئي ٿي ۽ بيگم صاحبه سان گڏ پاڻ اتي ئي رهندو هو. ٽن مهينن کان پوءِ پاڻ ٻئي ڪنهن هنڌ شفٽ ڪري ويو. منهنجي فليٽ جي سامهون هڪڙو زبردست ڪٽر هندو رهندو هو، جنهن جو تعلق يو. پي پرڳڻي جي جهانسي شهر سان هو. ويشنو به اهڙو جو بصر کي به هٿ نه لڳائيندو هو. انهن مان هڪ ته بابو ورما پرشاد ڪياماڙيءَ ۾ فورمين هو، ٻيو چترو شرما جيڪو پنهنجو سنهو ٿلهو ڪاروبار ڪندو هو. سندس هڪڙي ڌيءَ هئي پاروتي، جيڪا ميٽرڪ جو امتحان ڏئي چڪي هئي يا ڏيڻ واري هئي ۽ ٻه ننڍا ننڍا ڀائر پريم ۽ ڪاڪا ۽ هڪ ننڍي ڀيڻ شيدا رهندا هئا. جڏهن کين سُڌ پئي ته سندن سامهون واري فليٽ ۾ هڪ مسلمان مسواڙ تي اچي رهيو آهي، ته هنن هن پاسي کلندڙ سموريون دريون ۽ بالڪنين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ رڳو بندر روڊ واري پاسي ڏانهن کلندڙ دريون ئي کليون رهيون. جيستائين آئون مسٽر روزو وٽ هئس، تيستائين ته ڳائڻ وڄائڻ کان پري هئس، هتي اچي مون پهريون ڪم ته اهو ڪيو جو هڪ هارمونيم خريد ڪيم ۽ ڪتابن جي دڪان ڏانهن پوءِ منهن ڪيم، پوءِ ڪڏهن آئون باجي کي ڏسندو رهيس ۽ ڪڏهن آرسيءَ ۾ پنهنجي چهري کي! انهيءَ وچ ۾ مسٽر شرما جي گهران هڪ ڦٽيچر باجي ۽ ڪجهه ڇوڪرن ڇوڪرين جا ڊيڄاريندڙ آواز ٻڌڻ ۾ آيا.

دراصل هنن وٽ هڪ ميوزڪ ٽيچر جنهن جو نالو پنڊت جگديش هو، جيڪو هنن کي راڳ سيکارڻ لاءِ ايندو هو ۽ آئون سمجهڻ لڳس ته مون کي ڊيڄارڻ لاءِ ايندو هو. پنڊت صاحب کي سڃاڻڻ کان پوءِ مون پنهنجو هارمونيم کوليو ۽ استادن کان ٻڌل راڳ ڇيڙيم ۽ ساڳئي وقت پنهنجي آواز ملائڻ جي به ڪوشش ڪيم. پهريون ڀيرو هن پاسي واري دري کلي ۽ پاروتي جو چهرو نظر آيو، مون سمجهيو ٿي ته پنڊت جي هليو ويو آهي، پر هو اڃا هڪيو حاضر هو. ائين قهر وارين نظرن سن مون کي ڏسڻ لڳو ته مون يڪدم دري بند ڪري ڇڏي ۽ وري جڏهن کوليم ته وري بند ٿي چڪي هئي. انهيءَ دري جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو چڪر پوءِ ته ايتري حد تائين وڌي ويو، جو آئون اڄ تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان، ته اها دري کليل ئي کليل آهي يا ڪڏهوڪو ئي بند به ٿي چڪي!

پڙهائيءَ سان گڏوگڏ راڳ جي ڪجهه شوقين ماڻهن سان ملاقاتون ۽ ڪجهه پرائيويٽ ڪلبن ۾ به وڃڻ جو وجهه مليو، اتي هڪ پنڊت جي جو ڪلب به هو ۽ جتي ساڻس ملاقات به ٿي، ان کان پوءِ ساڻس ملڻ جلڻ به وڌندو ويو. هڪ ٻيو ڪلب به هو، جنهن جو نالو آرمونيڪا ڪلب هو، جيڪو رام باغ جنهن کي هينئر اسين آرام باغ سڏيون ٿا، اتي الفنسٽن اسٽريٽ ۾ ايسرداس ڪمپنيءَ جي ٽيلر ماسٽر، جيڪو ڳائڻ وڄائڻ سان گڏ اسٽيج جو شوق به رکندو هو، سان ملاقات ٿي، جيڪو پوءِ منهنجي عزيز ترين دوستن مان ليکجڻ لڳو. ڪيترن ميوزڪ ڪنسرٽس ۾ اسٽيج تي اسان کي گڏ وڃڻ جا وجهه مليا. ايستائين جو مون کي اسٽيج تي اداڪار جي حيثيت ۾ وڃڻ جو وجهه به سندس ڪري ئي مليو. اهو هو اڄڪلهه جي هندستان جو مشهور ڪئريڪٽر ايڪٽر اي- ڪي هنگل، جنهن جو پورو نالو اوتار ڪرشن هنگل آهي.

پنڊت جي جو هڪ قصو مون کي ياد اچي رهيو آهي. سندس ڪلب ۾ ماڻهو ستار سکڻ به ايندا هئا، وايولين سکڻ به ايندا هئا. ائين مختلف ساز سکڻ لاءِ ماڻهو ايندا هئا ۽ وٽس مختلف ساز موجود هوندا هئا. هڪڙي ڏينهن سندس هڪ ساز هو ”دلربا“ اهو چوري ٿي ويو، تنهن ڪري هو مون وٽ آيو. آئون ڪلب جي علائقي جي گارڊن ۾ منهنجي ڀاءُ جي دوست عامر خان صاحب جيڪو انچارج هو، ان وٽ کيس وٺي ويس. هو به منهنجي لاءِ وڏي ڀاءُ وانگر هو. مون کان پڇيائين: ”شاهه صاحب ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“ مون کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن منشيءَ کي گهرايو ۽ کيس چيو ته وڃي رپورٽ داخل ڪرائي. مون کيس چيو ته آئون به گڏيو وڃان.چيائين ته ها ڀلي!

پنڊت جي فرمايو ته ”صاحب منهنجو ”دلربا“ چوري ٿي ويو آهي!“ ته منشي قلم ڪن تي رکي چيو ته ”توهان کي ڪنهن تي شڪ آهي؟“ هو چوڻ لڳو ته: ”مون وٽ ڪيترائي شاگرد ايندا آهن!“ منشي چوڻ لڳو ته: ”ڪنهن سان سندس شڪي حالت ۾ اٿڻ ويهڻ، کلڻ ڳالهائڻ....“ مون کان کل نڪري وئي ۽ چيم ته: ”سائين منهنجا، اها دلربا کلڻ کيڏڻ واري نه آهي. بلڪ وڄائڻ واري دلربا آهي.“

 

 

منهنجو سرهه ۽ گڍَ جو پهريون شڪار

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

کير ٿر جبل ۾ جتي سرهه ۽ گڍ جو شڪار ڪبو آهي، اهو هالان ٿاڻي بولا خان ڪبو آهي ۽ اتان ”ڪرچات مرڪان“ پهچڻ واسطي جيپ ۾ سج ذري گهٽ لهڻ وارو هوندو هو ته اتي پهچبو هو، اها ڳالهه اڄ کان اٽڪل 35 سال کن اڳ جي آهي، ان وقت سنڌو سنئون روڊ نه بلڪ جبل جي هيٺ مٿائن وارو رهڙ (رستو) هوندو هو. ”ڪرچات“ آئوٽ پوسٽ پوليس جي هوندي هئي، جتي ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ انگريزن جي ٺهرايل پٿر جي پڪي جاءِ چند ڪمرن جي هوندي هئي، اتي هڪ جمعدار ۽ ٻه ٽي پوليس وارا رهندا هئا. ڪرپات ۾ اسين يا ٻيا شڪاري انهيءَ ٿاڻي ۾ رهندا هئاسون ۽ هڪ ٽرڪ به سيڌي سامان ۽ فروٽ سميت گڏ هوندي هئي. ڪرچاٽ ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي اجازت هوندي هئي ۽ حڪومت جي قانون موجب هڪ سرهه جنهن جا سڱ 32 انچن کان وڏا هجن ته هڪ داڻي شڪار (مارڻ) ڪرڻ جي اجازت هئي ۽ اتي ئي ڏهه روپيه جمعدار وٽ جمع ڪرائڻ سان پرمٽ ملندي هئي. اٽڪل نون يا ڏهن ڏينهن بعد موٽبو هو.

اتي اٽڪل چند پڳي (پير کڻندڙ) موجود هوندا هئا ۽ باقي ويهارو کن ٻيا ڳوٺ مان ونگاريا (جٿي وارا) هوندا هئا يعني جانور ورائيندڙ اهي به ساڻ گڏ کڻي فجر ڌاري يا ڪلاڪ ٻه اڳ جبل جي مقرر ٿيل هنڌ ڏي هليا ويندا هئا ۽ وڃي صبح کان اڳ وڏو گهيرو وجهي ويهي رهندا هئا، شڪارين يا شڪاري کي سندن ڪيل صلاح و مشوره موجب مقرر هنڌن تي چند ميلن تي جيپن ۾ سوار ٿي جبل جي پاڙ ۾ لهي شڪاري پيدل جبل تي چڙهي کڏڻي يا کڏڻن ۾ هلي ويهندا هئا، ڪڏهن گهٽ ڪڏهن وڌ چڙهائي ڪرڻي پوندي هئي ۽ چيف پڳي جنهن جو واحد ڏنو نالو هو سو شڪارين سان گڏ هلندو هو ۽ کڏڻي ۾ شڪاري سان گڏ ويهندو هو، تان ته هو ٻڌائي ته اهو سرهه وڏو آهي ان تي رائيفل هلائجي.

هرهڪ پڳي جو روز ٻه روپيه مقرر هوندو هو. ڏينهن ٻه جبل جي اوڀر طرف ڪوشش ڪئي وئي مگر شڪار ڪونه لڳو ۽ چيف پڳي جي صلاح سان کير ٿر جي اولهه طرف ”آرب جي کوهر“ تي منزل انداز ٿياسون، کوهر يعني کوه. اهو کوهر پٿر سان پڪو ٻڌل هو، آرب نالي ڪنهن شخص آڳاٽو اهو کوهر ٺهرايو هو.

سنڌ جي وڏن جبلن جو اوڀر اڀو ۽ ڏکيو مگر اولهه لهوارو، اوڀر کان سُکيو هوندو آهي. ڪرچات کان جيپن ۾ چند ميل ڏکڻ طرف هلي کير ٿر جي شروع ٿيڻ واري حصي تي پهچبو هو ۽ اتان پيدل گهمي اولهه طرف اٺن تي سوار ٿي آرب جي کوهر تي رسبو هو ۽ اها رات آرام ڪري ٻي ڏينهن 8 وڳي نيرن کائڻ بعد اٺن تي سوار ٿي ٽن چئن ميلن تي لهي پيدل جبل تي چڙهائي ڪري آيا 11 وڳي ڌاري ويهندو، ساهه کڻندو ۽ پاڻي پيئندو (جيڪو ساندارن ۾ گڏ هوندو هو) هلي کڏڻي يا کڏڻن ۾ ويهبو هو. جبل وارا کڏڻي کي ”کڏ“ چوندا آهن. پوءِ چيف پڳي سڪل ٿوهر کي باهه ڏيندو ته ان جو دونهون سڌو مٿي وڏي گولائي ۾ آسمان ڏي چڙهندو ته ماڻهو سمجهندا ته هاڻي شڪاري کڏڻن ۾ ويهي رهيا آهن ۽ هو جانورن کي هڪلڻ شروع ڪندا ته ڪلاڪ ٻن اندر جانور (سرهه) هڪ هنڌ يا ڪٿي به وڃي گڏبا ۽ ڌڻ جي صورت ۾ اتر کان ڏکڻ کڏڻن ڏي روانا ٿيندا. اڳ ۾ ماديون (جن کي جبلي ارئي چوندا آهن) هلنديون آهن ۽ نر (جن کي جبلي ”ٿير“ چوندا آهن) اهي پٺيان هوندا آهن، ڇو ته دستور قدرت جو آهي ته نر هميشہ مادي جي پٺيان ايندا يا ايندو آهي. جناورن (سرهن) جا ڪي وڏا ته ڪي ننڍا ڌڻ به ٿيندا آهن وڏي ڌڻ ۾ اٽڪل ٻه سو کن يا وڌيڪ جانور هوندا، جبلي جانورن يا جبلي جانور کي ”مِرو“ به چون، جڏهن مرو کڏ وٽ رائيفل جي مار ۾ ايندا ته چيف پڳي ٻڌائيندو ۽ چوندو فلان نمبر ٿير تي رائيفل جو فائر ڪيو، پوءِ شڪاري جي قسمت ڌڪ لڳي يا نه لڳي. لڳو ته واهه واه گٿو ته مايوسي ٿيندي.

مون جڏهن کير ٿر ۾ شڪار لاءِ وڃڻ شروع ڪيو ته ان کان گهڻو اڳ پير احمد شاهه جيلاني مرحوم راڻي پور وارو کير ٿر هر سال ويندو هو ۽ ٻيو ڪوبه شڪاري ڪونه ويندو هو. تنهن ڪري چيف پڳي واحد ڏنو گويا پير احمد شاهه جيلاني جوئي شڪاري هو. آئون ته ان لاءِ نئون هئس تنهنڪري پيسن جي لالچ سبب ۽ قانون موجب مون سان هليو ته سهي پر اندر ۾ پرايو هو، پهرئين ڏينهن جنهن کڏ ۾ وڃي ويٺاسين ته واحد ڏنو ۽ محمد عمراڻي ۽ منهنجو خفتي مون سان گڏ ويٺا، جتي کڏ ۾ ويٺاسون ان کي ”ڪيري وارو کڏ“ چوندا آهن، ڇو ته کڙ جي سامهون پري هڪ پل وانگر ٿنڀ آهي جنهن کي ”ڪيرو“ (ڪير) سڏيندا آهن مِرو ان ڪيري وٽان اچي  انهي نئي جو ترو ڏئي گڏجي سامهون اتر طرف چڙهندا آهن پوءِ فائر ڪبا آهن انهي کڏ ۽ مرو جي وچ ۾ هڪ سو کن گز يا ٿورو هڪ وڌ فاصلو هوندو آهي ۽ بلڪ ويجهو مرو هوندو ته 12 بور واري بندوق به مار ڪندي.

جڏهن جانور (مرو) ڪيري وٽان گذرندا هئا ته چيف پڳي مون کي چيو ته ڌڪ هڻ مون چيو ته ٿير تمام پري آهي چيائين ته نه هڻ ائون به الهڙ سو اٽڪل 30 والن تان رائيفل جو فائر ڪري ڏنم ۽ ٿير کي مٿي ۾ لڳو ڇو ته ڌڪ لڳڻ شرط لڏي ويو مگر ڌڻ سميت هليو آيو، واحد ڏني ڏٺو ته هاڻ مرو شڪاري (آئون) جي سامهون اچي مٿي چڙهندا ته سندس ٺڳي پڌري ٿي پوندي سو چيائين ته ترسو مرو (اشارو ڪندي) هتان چڙهندا ته پوءِ ڌڪ هڻجو، ڏٺم ته چيف صاحب ته ٺڳي ڪئي پر ڌڪ به لڳي ويو ۽ جانورن (مرن) جو ڌڻ به نئن جو تر ڏيو اچن پيا، تيتر مرن جي اچڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ آيو، چيف صاحب هر هر اڀو ٿيو هيٺ مرن ڏي ڏيکائي ڏيڻ لڳو ته جيئن مرو ٻئي طرف وڃن. مون پنهنجي خفتي محمد عمراڻي کي حڪم ڏنو ته چيف صاحب کي وٺ حڪم ڏيڻ شرط چيف صاحب کي عمراڻي وٺي ويهاريو، تيتر مرو به اچي منهنجي سامهون نئن کان ٿي چڙهڻ لڳا ۽ چيف صاحب رڙ ڪري چيو ته ”سائين“ انهي ٿير کي ڌڪ هڻ سو بلڪل ساڳيو آهي“ مون پٺيري ٿير تي رائيفل جا ٻه فائر ڪيا ته ٻئي گوليون هڪ ٻئي جي ڀرسان پيٽ ۾ لڳس ڇو ته ڪجهه پاسيرو هو ۽ پيٽ ڦاٽڻ سببان آنڊا نڪري آيس ته به جبل تي چڙهندو ويو، مگر آهسته آهسته، جڏهن پٺيرو ٿيو ته چيف صاحب محمد جي هيٺيان چيو ته هاڻ بندوق هڻ، شڪاري شڪار ڪرائڻ واري جي وس ۾ به ٿيندو آهي، تنهنڪري 12 بور بندوق جا ٻه ڌڪ هنيم ۽ ٻئي پڇڙن (پوئن ٽنگن جي ان کي پڇڙون چئبو آهي) ۾ لڳس ته ڪافي لڏي ويو، بندوق ۾ ڪارتوس ڊبل ايس جي پيل هئا. تتي چيف صاحب چيو ته هاڻ بس ۽ مون کي ڇڏايو، محمد کي چيم ته ڇڏينس هو اٿيو ۽ مٿي اگهاڙو ٿير جي پٺيان ويو ته جبل جي هن پاسي ٿير ڪريو پيو هو ۽ حلال ڪري ٻين همراهن سميت کڻي آيو ۽  پنهنجي ٺڳي جي معافي ورتائين. ان وقت لنچ ٽائيم ڪجهه ٽري ويو هو پر لنچ کائي وارن توڙي پنهنجن همراهن کي لنچ کارائي ورياسون واپس ۽ سج لٿي بعد آياسون منزل تي، منهنجو هر ڪنهن شڪار ۾ اهو دستور هو ته نيرن کائي نڪربو يا نيرن واٽ تي کائبي جا گڏ هوندي هئي، اهڙي طرح لنچ به شڪار هلندي شڪار ۾ ايندي هئي ۽ شڪار ڪرڻ بعد يا شڪار هلندي کائبي هئي.

ٻڪري جي خاندان جو ٻڪري جهڙو ئي ٿيندو آهي، ماديون ذري گهٽ ٻڪرين جهڙيون ئي ٿينديون آهن مگر وڏا نر (ٿير) انهن جا سڱ پوئتي وريل 52 انچ کن وڏا به ٿيندا آهن پر اڪثر 42 انچ وارو ٿير مليو ته وهوا.

مادين جو رنگ ڀورو ۽ ڇوٽا سڱ ٻڪري جهڙا ٿيندا آهن مگر ٿير جي ڄاڙي هيٺان ٻه ٽي انچ ڏاڙهي به ٿيندي آهي، ٿير ڪارا، ڀورا ۽ اڇي رنگ جا ٿيندا اهن. سرهن جا کر به ٻڪرن جهڙائي ٿيندا آهن مگر انهن ۾ چقمق واري صلاحيت ٿيندي آهي، ايتري قدر جو ڪيڏو به جهنپ هيٺ مٿي ڏيندا ته ٿڙندا هرگز ڪونه ۽ ٻي خوبي منجهن هي به هوندي آهي ته هزار هزار فٽ سڌو جبل هوندو ته ان تي به آساني سان چڙهي ويندا آهن.

سرهه ڏينهن ۾ به هڪ ٻه ڀيرو جبل جي چشمن مان پاڻي پيئندو آهي، سرهن جي ولر ۾ هڪ ارئي (مادي) ولر جي اڳ ۾ ڪجهه فاصلن تي هلندي آهي جنهن جو ڪم هوندو آهي معلومات وٺڻ ته ڪو ماڻهو يا ڪو خطرناڪ درندو وغيره ته ڪونهي، جي ذرو به شڪ پيس ته پوءِ نگارو به هڻندي ۽ هڪ پير به زور سان زمين (جبل) تي هڻندي ته سمورو ولر دم واپس هليو ويندو.

انگريزن اهو قانون ٺاهي ڇڏيو آهي ته مادي ٻچو 2-3 انچن کان ننڍو جانور هرگز ڪونه ماربو ۽ منهنجو ان تي عمل هو، هونءَ به مادي ٻچو ۽ ننڍو نر خفتي شڪاري ڪونه ماريندا آهن.

 

گڍ جو شڪار

کير ٿر جبل ۾ گڍ به آهن مگر جبل جي اولهه طرف خاص طرح ۽ زياده آهن، سرهه جي پهرئين شڪار جو ذڪر ته مٿي ٿيو هاڻ گڍ جي ٻي ڏينهن واري شڪار جو بيان پيش ڪجي ٿو، پڇا تي معلوم ٿيو ته ويهبو ته ڪالهوڪي کڏ ۾ پر ويڙهه ٻي طرف ٿيندو، جنهن ۾ تمام وڏو ڦير موجود آهي. قانون موجب 30 انچن کان مٿي سڱن وارو گڍ شڪار ڪبو، مون کي اطلاع مليو ته 30 انچن کان مٿي سڱ اٿس ۽ ڪارو آهي ڪالهه جنهن کڏ ۾ ويٺو هو ته اڄ ساڳي کڏ ۾ ئي وهاريئون، ٻڌايائون ته ڪالهه سرهه جتان مٿي چڙهيو پئي ته اڄ وري اتان گڍ هيٺ لهندو سرهه کي فائر ڪرڻ واري رائيفل سيون ايم ايم هئي ۽ 12 بور بندوق مگر اڄ گڍ واسطي 2-2 سيويچ هائي پاور ڊبل بيرل رائيفل هرف هئي.

آئون انهيءَ کڏ ۾ ويٺو هئس جنهن ۾ ڪڏهن ٻي ڀيري چار گڍ نمبر وار آيا ته چارئي شڪار (ماريم) ڪيم.

انتظار ڪندي ڪندي اوچتو جبل جي چوٽي تي اهو ڪارو گڍ نمودار ٿيو ۽ بيهي هيڏهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، منٽ ٻن بعد هيٺ لٿو ۽ جبل جي وچ واري هنڌ تي اچي پاسيرو بيٺو ۽ مون به بسم الله ڪري فائر ڪيو ته ڪڇ کان پول ڏي چيلهه ۾ گولي لڳس ۽ ويهي رهيو، چيف صاحب اڄ بنهه سوار هو مگر منهنجو خفتي محمد عمراڻي ڀڙڪو ڏئي اٿيو ۽ چيف صاحب کان اڳ وڃي گڍ کي کنيو ۽ ائين شڪار ختم ٿيو ڇو ته جنهن جانور لاءِ آياسون اهو مليو.

گڍ جبل جي لاهي ۽ چاڙهي ۾ بيحد تيز رفتاري سان هلندو آهي گڍ دنبي يا رڍ جي خاندان مان آهي ۽ نمونو توڙي سندس سڱ به وٽيل هوندا آهن، گڍ سرهه وانگر مٿاهن جبلن تي ڪونه چڙهندو آهي بلڪ هو اڪثر ماٿرن ۾ رهندو آهي.

ڪالهوڪي سرهه جا سڱ 48 انچ ۽ اڄوڪي گڍ جا 35 انچ سڱ هئا. سرهه ۽ گڍ کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته عمر جا به تمام وڏا هئا ۽ سندن گوشت به وڏي جانور جهڙو سخت هو.

حقيقت ۾ شڪاري جانورن (مرن) جي گوشت جي ضرورت ڪانه ٿيندي آهي مگر سندس سڱن جي ڊگهائي جو قدر ڪبو آهي.

سرهه جو سڪل پتو مٺي تيل جي شيشي ۾ وجهي سخت گرمي (مئي جون) اس تي 40 ڏينهن رکي پوءِ نزلي واري ماڻهو کي نڪ ۾ وجهبو ته فائدو ٿيندو آهي.

شڪارپوري ٿيڻ بعد ٻي ڏينهن موٽياسون ۽ ”مهاڙ“ تائين اٺن تي سفت ۽ ”مهاڙ“ پيدل طئي ڪري جيپن تي سوار ٿي ڪرچات ۾ رات رهي صبح جو واپس روانو ٿي رات جو خير سان هالين پڳاسون. کير ٿر جبل جتان ڏکڻ طرف شروع ٿئي ٿو ان کي ”مهاڙ“ چوندا آهن ۽ مهاڙ ۾ هرڻن جو شڪار ٿيندو آهي ۽ اتفاق سان ملي به ويندا آهن. مون هڪ ڀيرو مهاڙ ۾ هرڻ جو شڪار به ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ هرڻ شڪار ٿيو جبلي هرڻ کي ”هر“ چوندا آهن.

جبل جي شڪار ۾ کڏ ان وقت جي مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان ٺاهبو آهي مگر هي خيال ضرور رکبو آهي ته کڏ جي پٺ کليل نه هجي ته مرو کي شڪاري هڪدم نظر اچي ويندو ۽ مرو موٽي ويندو يا ته ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويندو، کڏ، کڏ شڪاري جي اڳيان به بند رکبو ايتري آڏ ڏجي جنهن مان بندوق يا رائفل هلائي سگهجي، کڏ ايترو ته ننڍو ٺاهبو آهي جنهن ۾ شڪاري ۽ هڪ سندس خفتي همراه ويهي سگهن.

ڪڏهن ته کڏ ايترو ننڍو هوندو آهي جو صرف شڪاري ويهي سگهي ۽ خفتي همراه کڏ پنهنجو ٺاهي وهندو آهي.

لفظ خفتي اصل ۾ آهي ”خبطي“ يعني شڪار ڪرڻ جو شوقين ان مان ڦري لفظ ”خفتي“ ٿي ويو آهي. جبل ۾ هلڻ ۽ چڙهڻ لهڻ واسطي باٽا ڪمپني وارا رٻڙ جي تري وارا بوٽ پائبا آهن ڇو ته اهي پٿرن تان ترڪندا ڪونه بلڪ پٿرن تي ڦٻي هلندا، چمڙي وارا سليپر (مڪيشن) يا بوٽ ٻن ڏينهن اندر ئي ڇلجي ۽ بيڪار ٿي ويندا آهن، ڪپڙا شڪار ۾ هميشہ خاڪي رنگ وارا ڍڪبا يا فوجي ڪلر وارا نه ته اڇن ڪپڙن کي مرو (جانور) پري کان ڏسي وٺندو ۽ کڏ جي ويجهو هرڀرو نه ايندو، مٿي ۾ به خاڪي رنگ واري ڪئپ يا فوجي ڪلر واري هيئٽ پائبي، کڏ ۾ وس پڄندي چربو ڦربو به ڪونه سارو ڏينهن اس ۾ وهڻو پوندو آهي ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ ڪا شيءِ به پاڻ سان گڏ رکبي آهي، جبل ۾ جانورن جي شڪار جي موسم ڊسمبر يا جنوري هجي يعني اتر جي ڇوٽ هوا لڳي، سرهه ۽ گڍ کي ماڻهو جي بوءِ هڪدم ايندي آهي ۽ جانور بنان دير ڏکڻ طرف ڀڄندا ايندا آهن جبلي چوندا آهن ته سرهه ۽ گڍ کي جسم جي بجن (وارن) ۾ ماڻهو جي بو محسوس ٿئي ٿي سندن نظر ڪمزور ٿئي ٿي ۽ گڍ تيز ڀڄڻ ۾ به سرهه سلو ۽ گڍ تيز ٿيندو آهي سرهه ۽ گڍ توڙي هر (هرڻ) جي شڪار لاءِ رائفلون 2-2 سيويچ هاءِ پاور، سيون ايم. ايم، 2-2 هارنيٽ ۽ 24 بور وغيره واريون استعمال ڪبيون آهن ۽ بندوق 12 بور ڪارتوس ايس جي يا ڊبل ايس جي ڪم آڻڻ گهرجي، اڄڪلهه سرهه ۽ گڍ جي شڪار جي پرمٽ روينيو جو وزير يا چيف منسٽر ڏيندو آهي ۽ ڏهن روپين بدران ڏهه هزار روپيه پرمٽ جي في يا قيمت آهي ڇو ته شيخ صاحبان (عرب) اچي هن ملڪ ۾ پيا آهن تن سارو ڪم پيسي جي زور تي ڦهلائي ڇڏيو آهي هو جبل يا بيابانن ۾ تلور جي شڪار لاءِ سيزن ۾ ته لکين روپيه خرچ ڪن ٿا مگر پاڪستان ۾ پنهنجي لاءِ تلورن وارا علائقا هميشه لاءِ پيسن جي زور تي وٺي ڇڏيا اٿن ۽ بيابانن ۾ محل تعمير ڪرايل اٿن جن ۾ اچي رهندا آهن محلن لاءِ سنڀال ڪرڻ واسطي 12 ئي مهينا نوڪر به مقرر ڪيل اٿن، بي. بي. سي تان ”شير دريا“ (دريائي سنڌ بابت جيڪو تفصيل (اڄ کان چند ماهه اڳ) هڪڙا بيان نشر ڪيل آهن ان ۾ انهن محلن جو احوال ٻڌايو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com