شاهه بهاري جو مقبرو
انيس انصاري
تاريخ شاهد آهي ته مسلمانن فنون لطيفه ۾ اهي خوبيون پيدا ڪيون
آهن جن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
گج تي ڪم هجي يا اُڪر، سادين سرن جي اڏاوت هجي يا ڪاشي ڪاري،
ڪاٺيءَ تي رنبيءَ جو ڪم هجي يا ان تي جڙاءُ ڌاتن
تي ملمع سازي هجي يا مٿن مينا ڪاري، عمارت سازي
هجي يا قلع بندي، تصويرڪشي هجي يا خطاطي، ڪپڙي جي
اُڻت هجي يا قالين بافي، ڳائڻ جو فن هجي يا وڄائڻ
جو، شاعري هجي يا نثر نويسي، مطلب ته مسلمانن جن
هنرن ۾ هٿ وڌو انهن کي عروج تي پڄايو.
شروعاتي دور ۾ مسلمان سادگي پسند هئا. اها سادگي خلفائي راشدين
جي دور تائين برقرار رهي، ان بعد مسلمانن جن جن
ملڪن کي فتح ڪيو اتان جي فن مان نه رڳو فائدو ورتو
پر اُن ۾ تبديليون آڻي ان کي اوج تي پڄايو.
انهن هنرن جي هيئت اهڙي تبديل ٿي وئي جو يورپ ۾ نقش و نگار جي
فن کي سڏيو ئي عريبسڪ
(Arabesque)
ويو.
اسلام جون پهريون عمارتون نهايت ساديون ٺهيل هيون. انهن عمارتن
۾ مسجد نبوي ۽ مسجد قبا وغيره اچي وڃن ٿيون.
اسلامي عمارتن تي زيب زينت جو ڪم پهريائين 691ع ۾
خليفي عبدالملڪ مسجد صخرا تي ۽ خليفي وليد ويهارو
سال پوءِ مسجد اقصيٰ تي ڪرايو. مسجد نبوي جي نئين
سر مرمت (سن 89هه) ڪرائيندي خليفي عبدالملڪ اتي
موزيڪ
(Mosaic)
لڳايا.
مسلمانن ۾ جيئن ته تصوير ٺاهڻ جي منع هئي ان ڪري انهن لکڻ جي
هنر کي هڪ فن جي صورت ڏني ۽ پنهنجي عمارتن تي ڪوفي
اکرن کي سهڻي نموني لکي کين خوبصورت بنائڻ لڳا.
ڪوفي اکر سڌين ليڪن گولن ۽ گول جي ننڍن وڏن حصن ۾
لکيا ويندا هئا، ان ڪري اهي عمارتن تي ڏاڍا
خوبصورت لڳندا هئا. هنرمندن ان فن کي ترقي وٺائي.
پهريائين عمارتن تي جاميٽريءَ جا نقش بنائڻ شروع
ڪيا. ڪجهه وقت بعد مسلمانن پنهنجي مذهبي عمارتن کي
گلن ٻوٽن ٺاهڻ سان ۽ غير مذهبي عمارتن (جهڙوڪ
محلن، حمامن وغيره؛ کي پکين ۽ جانورن جي تصويرن
سان سهڻو بڻايو.
ڪاٺ جي ڪم جي مسلمانن کي اوائلي دور کان ڄاڻ هئي. مسجد نبويءَ
جو پهريون منبر رسول خدا ﷺ جي زماني ۾ ئي بڻايو
ويو هو. ان حقيقت مان ظاهر ٿئي ٿو ته مسلمانن ۾
ڊکاڻڪو ڪم ڄاڻندڙ ان وقت موجود هئا. آهستي آهستي
مسلمان ڪاٺ تي رنبيءَ سان اُڪر ڪري ان تي گل ٻوٽا
۽ ٻيا نقش نگار بنائڻ لڳا.
هينڊرڪ وليم وان لون پنهنجي ڪتاب ”انسان ذات جا فن“ ۾ لکي ٿو ته
عرب ڪاٺ جي اُڪر ڪندڙ هئا ۽ هو دروازن ۽ منبرن تي
هنرمندي ڏيکاريندا هئا. اهو ڪاٺ تي ڪم سندن ملڪ جي
سردي گرمي برداشت ڪندو، چار پنج سؤ سالن بعد به
اسان کي پوري طرح يقين ڏياري ٿو ته هو ڪم جا ماهر
هئا.
هر قوم جي عمارتن ۾ ڪي خاص اهڃاڻ هوندا آهن جن جي موجودگيءَ سان
ئي اها عمارت سڃاتي ويندي آهي. اسلامي اڏاوت ۾
مناري، محراب ۽ گبند کي خاص اهميت حاصل آهي.
پاڪ ۽ هند ننڍي کنڊ ۾ اچڻ کان پوءِ مسلمانن عمارت سازيءَ جي ڪم
کي قائم رکيو. جيتوڻيڪ هندستان ۾ سندن پهرين اڏايل
عمارتن تي اتان جو مقامي اثر صاف ۽ ظاهر نظر اچي
ٿو ته به اڏاوت جون بنيادي چيزون اسلامي فن جون
عڪاس آهن.
هندستان ۾ جتي هندن جا مندر ۽ رهائشي جايون ڳتيل، سوڙهيون ۽
اونداهيون هونديون هيون، اتي مسلمانن جون مسجدون ۽
رهڻ جا هنڌ روشن، هوادار ۽ ڪشادا هوندا هئا.
ڪيرل جي ڊي ري
(Caryl J. Dy Ry) پنهنجي ڪتاب فنون اسلامي
(Art Of Islam)
۾ لکيو آهي:
”هندن جون بنايل عمارتون اڌوگابريون پيون لڳنديون آهن ۽ انهن جي
اڏاوت جو هنر غير واضح پيو لڳندو آهي. ٻئي طرف
مسلمانن جي طرزِ تعمير فن جون خوبيون پئي ظاهر
ڪندي آهي.“
اسلامي عمارت سازيءَ جي حوالي سان جي اسان شاهه بهاري جي مقبري
کي ڏسنداسين ته معلوم ٿيندو ته ان ۾ ان فن کي چڱي
طرح استعمال ۾ آندو ويو آهي.
زماني جي بي قدريءَ ۽ اسان جي بي توجهي ڪري سنڌ جي آثار جي ختم
ٿي وڃڻ ۽ تاريخي شين جي گم ٿي وڃڻ جو وڏو امڪان
آهي. شاهه بهاري جو مقبرو به بي توجهيءَ جو روشن
مثال آهي. جيتوڻيڪ آرڪيالاجيءَ وارا ان مقبري جي
مرمت ڪرائيندا آهن، پر ان کي ساڳئي اوج تي پهچائڻ
لاءِ اڃا گهڻي توجهه ۽ محنت جي ضرورت آهي.
هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب آثار سنڌ
(The Antiquities of sindh)
۾ لکيو آهي: ”لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ جي اترئين ڪناري تي
شاهه بهاري جي مزار هڪ باغ ۾ ٺهيل آهي“ باغ جنهن
جو ذڪر ڪزنس ڪيو آهي ان جو موقعي تي وجود ئي ڪين
آهي. مقبري جي چوڌاري ڪلر کاڌل زمين ۾ هن وقت
قبرون موجود آهن. اها حقيقت آهي ته مقبري کان ڪجهه
دوريءَ تي زيتونن ۽ کجين جا باغ آهن، پر انهن باغن
جو ان باغ سان ڪوبه واسطو ڪونه آهي، جنهن جو ذڪر
ڪزنس پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
شاهه بهارو ڪلهوڙن جو نامور جرنيل ٿي گذريو آهي. هو بهادر سپهه
سالار هو ۽ ڪافي جنگين ۾ شريڪ ٿيو هو ۽ فتحيابي
اڪثر سندس قدم چمندي هئي. هو لاڙڪاڻي جي علائقي جو
ناظم پڻ ٿي رهيو هو. ان ڪافي قلعا ٺهرايا ۽ جا بجا
نهرن ۽ واهن کي کوٽائي آبادي ۾ اضافو آندو.
هي بهادر شخص سن 1148هه (29-1728) ۾ خدا کي پيارو ٿيو ۽ سندس
مقبرو هڪ سهڻي هنڌ تي ميان غلام شاهه سن 1774ع ۾
ٺهرايو.
سيد خادم حسين شاهه پنهنجي تحقيقي مضمون ”لاڙڪاڻي جون قديم
تاريخي عمارتون“ ۾ شاهه بهاري جي مقبري جي ٺهڻ جي
تاريخ هيٺين ڪتبي مان ڪڍي آهي. اهو ڪتبو ٻاهرين
دروازي تي لڳل هو:
”عجائب گنبذي در زير گردون
ثريا وار حُسنش جمع گشتہ است
بود شاهه بهاره صاحبش نام
کودر دنيا بجزنيکي نه کشت است
بهار است اين به گنبد در تماشا
جهان گويد کہ اين خرم بهشت است
زتاريخش جو پرسيديم گفتند
هزار و يکصد و هشتادو هشت است. 1188هه
غلام رسول مهر تاريخ سنڌ عهد ڪلهوڙا حصي ٻئي ۾ ان ڪتبي کي هيٺين
تبديليءَ سان لکيو آهي. ڪتبي جي پنجين سٽ ۾ اکر
”به“ جي بجاءِ ان ”نه“ لکيو آهي جو وڌيڪ صحيح لڳي
ٿو.
مقبري جي اندر محراب تي جو ڪتبو لڳل آهي سو شاهه صاحب هيٺين ريت
پڙهيو آهي:
”گنبذِ شاهه بهارا چه زهي نيک سرشت
کاتب از جو دو صفاتش همہ بر لوح نوشت
خادمش هوت ز تاريخ عمارت پر رسيد
هاتفش گفت که وه بيشک محسود بهشت“
ان ڪتبي جي ٻن لفظن کي مولانا مهر پڙهي نه سگهيو آهي ۽ انهن کي
خالي ڇڏيو آهي اهي لفظ آهن ٽين سٽ ۾ خادمش ۽ زجي
وچ ۾ لفظ (هوت) ۽ چوٿين سٽ ۾ بيشک ۽ بهشت جي وچ ۾
لفظ (محسود)
شاهه بهاري جو مقبرو اسلامي فن تعبير جي پوري عڪاسي ڪري ٿو.
جنهن ۾ محراب به آهن، نيلون به آهن ڪاشي ڪاري به
آهي ۽ مٿس هڪ وڏو گنبذ به ٺهيل آهي.
هي مقبرو 75 چورس فٽ چبوتري تي اڏيل آهي جنهن تي 39 چورس فٽ
ويڪري ۽ 47 فٽ بلند اڏاوت ٿيل آهي.
شاهه بهاري جي مقبري جي اڏاوت ڪلهوڙن جي زماني جي تعمير جو هڪ
سٺو نمونو آهي. هن مقبري جي ٻن چيزن جو ڪزنس وڏي
تشريح سان بيان ڪيو آهي اهي آهن گنبذ مٿان اٺ ڪنڊو
روشندان جنهن کي هن صاحب فانوس
(Lantern)
لکيو آهي ۽ رنبيءَ سان سهڻي طرح ٽُڪ ٿيل ڪاٺ جو
دروازو. هو لکي ٿو، ”فانوس غير معمولي پر سهڻو
اضافو آهي جنهن جي هئڻ ڪري ڳوري ڏِک ڏيندڙ گنبد
وڌيڪ شانائتو ٿو لڳي.“
دروازي بابت هي صاحب لکي ٿو،“ هي وڏو دروازو ڪاٺ تي ٽُڪ جو
نهايت سهڻو مثال آهي. دروازو دستور مطابق ٻن طاقن
۾ ورهايل آهي. هرهڪ طاق وري ڏهن ڏهن ڀاڱن ۾ ورهايل
آهي هرهڪ ڀاڱي کي (رنبيءَ ذريعي) ٽُڪي مٿس گل ٻوٽا
اڀاريا ويا آهن. هرهڪ طاق جي چوڌاري حاشيو آهي.
دروازي مٿان سل نڪتل گلن ٻوٽن جي ٽڪ تي هڪ ڪاٺ جو
محراب دار روشندان آهي جيڪو اسان کي بيجاپور ۾ ٿيل
اهڙي ڪم جي يادگيري ڏياري ٿو. اهي گل ٻوٽا ساڳئي
نموني جا آهن جي سنڌ ۾ ڪاشيءَ جي سرن تي بنايا وڃن
ٿا.“
اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ الاجيءَ وارن شاهه بهاري جي
دروازي جو نقشو اڳيان رکي هڪ عاليشان دروازو
ساڳئيءَ نموني جو تيار ڪرائي پنهنجي ميوزيم کي
لڳايو آهي. ان طرح هن فن پاري کي اصلي حالت ۾ نه
ته به ان جي سٺي نقل جي صورت ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي.
ڪتابن جا نالا
Art of Islam by Caryal J. Dy Ry
The Arts of Mankind by Hendrik Willem Vanloon
The Antiquities of Sindh by Henery Cousens
تاريخ نقش و نگار (اردو) ڊاڪٽر محمد عبدالله چغتائي
مساجدِ عالم ڊاڪٽر محمد عبدالله چغتائي
تاريخ سنڌ عهد ڪلهوڙا غلام رسول مهر
چانڊڪا ڊائريڪٽري مرتب احمد خان ڪمال
اديب جي جانبداري- ڪنهن سان ۽ ڇو؟
ممتاز مهر
ليکڪ جي جانبداري نظرياتي نڪتي کان
Relative term
آهي. تخليقي ڪاوش جي محرڪات ۾ جانبداري ۽ وابستگي
ثانوي حيثيت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ ته تخليق ڪنهن فرد
يعني تخليقڪار جي جذبن، امنگن ۽ تاثرات جو
Spontaneous
اظهار هوندي آهي تخليق جو سمورو عمل
Inspiration
تي آڌار رکي ٿو. تخليقڪار کي جيڪڏهن
Inspire ٿيڻو هوندو ته هڪ بظاهر معمولي واقعي مثلاً روڊ تي ڪنهن
حادثي ۾ مري ويل ٻليءَ کي پيل ڏسي متاثر تخليقي
اتساهه وٺندو ۽ جيڪڏهن
Inspire
نه ٿيڻو هوندس ته وڏي کان وڏي واقعي يا حادثي کان
متاثر ٿيڻ جي باوجود تخليقي اتساهه نه وٺندو.
تخليقڪار پنهنجي لاءِ اڳواٽ ڪو ضابطئه عمل تيار
ڪونه ڪندو آهي ته جيئن انهيءَ فريم ورڪ تحت هو
رچنائون لکندو وتي. جيڪڏهن تخليقڪار اڳواٽ ان قسم
جون حدبنديون پنهنجي لاءِ ٺاهيندو يا ٻين غير اديب
افراد جون حد بنديون قبول ڪندو ته پوءِ سندس تخليق
جو ڪينواس محدود ٿي ويندو. اهو سوچڻ ئي عبث آهي ته
ڪوبه اديب انسانن بجاءِ جنن ڀوتن لاءِ لکندو آهي
يا سندس لکڻين ۾ معاشرتي پهلو ڪونه هوندو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن تخليق ۾ داخليت (جنهن خلاف اڄڪلهه
ڪجهه وڌيڪ واويلا مچائي ٿي وڃي) گهڻي هوندي آهي ته
اها داخليت به ڪنهن نه ڪنهن انسان جي هوندي آهي ۽
انهيءَ داخليت کي به خارجيت جو رد عمل سمجهڻ
گهرجي. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته ليکڪ جنهن معاشري ۾
رهندو آهي ان جي صورتحال کي داخلي يا خارجي ۽ اڪثر
گڏيل سڏيل رنگ ڏيئي پيش ڪندو آهي، عام طرح ڏٺو ويو
آهي ته اديب گهڻو ڪري وچولي طبقي جا هوندا آهن،
اُهي گهڻو ڪري پنهنجي طبقي جي صورتحال ۽ مسئلن کي
تخليق جا موضوع بڻائيندا آهن. وچولي طبقي جي جن
اديبن جيڪڏهن پورهيت طبقي جي ڪردارن يا انهن جي
مسئلن کي پنهنجي تخليقن ۾ آندو آهي ته اُهو هڪ
Observer
جي حيثيت سان نڪي پورهيتن جي صورتحال مان گذرندڙ
فرد جي حيثيت سان، نتيجي ۾ اڪثر ڪري اهڙين لکڻين ۾
تصنع جو رنگ چڙهيل هوندو آهي. مان ان قسم جي لکڻين
جي سماجي ڪارج کان انڪاري نه آهيان، پر جڏهن انهن
لکڻين جو تنقيدي جائزو ورتو ويندو تڏهن سڀني
پهلوئن جي تڪ تور ڪئي ويندي. ڪابه لکڻي
Powerfull
تڏهن ٿي سگهندي جڏهن اُها هيئت ۽ اسلوب به موزون ۽
موثر رکندڙ هوندي. هڪ سٺو تخليقي مواد غير موزون ۽
غير موثر هيئت ۽ اسلوب واري گهاڙيٽي ۾ اچي بي اثر
بڻجي وڃي ٿو. باقي رهيو سوال جانبداري ۽ وابستگيءَ
جو ته اهو سوال سماج جي ٻين ميدانن ۾ ڪيترو ئي اهم
ڇو نه هجي گهٽ ۾ گهٽ تخليقي ادب ۾ ثانوي حيثيت رکي
ٿو، ڇاڪاڻ ته ليکڪ لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه داخلي يا
انفرادي تجربي ۽ اظهار جي آزادي آهي، جيڪڏهن
جانبداري، وابستگي يا ڪمٽمنٽ جي رومال ۾ نظرياتي
معاملن کي هڪ ضابطي جي صورت ۾ ليکڪن تي مڙهيو ويو
ته پوءِ اديب جو خير ڪونهي، ڇو ته ان قسم جي ضابطن
جا دنيا جي اديبن کي نهايت تلخ تجربا ٿيا آهن ۽
ليکڪن ان قسم جي ضابطن خلاف مزاحمت به ڪئي آهي.
سماج جي تمام باشعور افراد جي حيثيت ۾ اديبن هميشہ
انساني مسئلن کي کنيو آهي، حق ۽ انصاف جي به ڳالهه
ڪئي اٿائون، پر اڳواٽ مقرر ڪيل ضابطئه عمل تحت نه
پر داخلي يا انفرادي تجربي ۽ اظهار جي آزاديءَ کي
مقدم سمجهندي، جيڪو اديبن جو بنيادي حق آهي.
ادب جو تخليقي عمل انفرادي عمل هوندو آهي.... هڪ شخص جو عمل
هوندو آهي.... انفرادي تجربي/ داخلي تجربي جو
اظهار هوندو آهي. اديب جڏهن تخليقي اظهار ڪندو آهي
تنهن مهل هن جي ذهن ۾ فقط احساس ۽ مشاهدا هوندا
آهن نه ڪه دليل. جڏهن ته جانبداريءَ جي عمل لاءِ
دليلن جو هجڻ لازمي آهي. تخليقي عمل لاءِ اڳواٽ
جانبداريءَ جي فيصلي ڪرڻ جو مطلب ٿيو تخليقي اظهار
کي مڪينائيز ڪرڻ. ان قسم جو مڪينائيزڊ تخليقي
اظهار صحافيانه قسم جو پرچاري ادب ته بڻجي سگهي ٿو
پر اصل، تهدار ۽ زندگيءَ جيان گهرائي رکندڙ ٺوس
تخليقي ادب نه. ڪنهن اديب کي ڪنهن به قسم جي
جانبداريءَ جي طابع ڪرڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته هن
کي قطاري اديبن ۾ شامل ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ اديبن کي
Regimentation
۾ آڻڻ، تخليقي اظهار جي ڪينواس کي محدود ڪرڻ ۽
يڪرنگو ادب پيش ڪرڻ، جڏهن ته زندگي هڪ رخي ڪانه
هوندي آهي بلڪ گهڻ رخي هوندي آهي.
خوشي ۽ غم، اميد ۽ نااميدي، آس ۽ نراس، کل ڀوڳ ۽ روڄ راڙو،
ڪاميابي ۽ ناڪامي، تنهائي، وڇوڙو ۽ ميلاپ- اهي سڀ
انساني زندگي ۽ انساني صورتحال جا مختلف تجربا ۽
نمونا هوندا آهن. ڪو اديب زندگيءَ جي ڪنهن هڪ
پهلوءَ کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪندو آهي ته ٻيو اديب
ڪنهن ٻئي پهلوءَ کي. ڏسڻو اهو هوندو آهي ته ڪنهن
اديب زندگيءَ جي ڪنهن به پهلوءَ يا پهلوئن کي
ڪيتري فنڪارانه ۽ اثرائتي نموني پيش ڪري سگهيو
آهي. يونان جا آڳاٽا الميه
(Tragic)
توڙي طربيه
(Comic)
ڊراما هاڻي به ايتري ڪشش رکن ٿا جيتري اڳ رکندا
هئا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ زندگيءَ جي سچائيءَ پيش ٿيل
آهي.... زندگيءَ جي اها سچائي جيڪا سياسي
ٽرمونولاجي جي واري جانبدراريءَ واري بحث کان گهڻي
مٿاهين آهي.
اديب يا ليکڪ سماج جو تمام باشعور فرد هوندو آهي ۽ عام ماڻهن جي
ڀيٽ ۾ وڌيڪ حساس هوندو آهي. هُو زندگيءَ کي
Totality
۾ ڏسندو ۽ پيش ڪندو آهي. زندگيءَ کي
Totality ۾ سمجهڻ، پروڙڻ ۽ ان کي پيش ڪرڻ هڪ
اديب لاءِ چيلينج جي حيثيت رکندو آهي. جيڪڏهن ليکڪ
پاڻ سان سچو آهي، پنهنجي وجود جي حوالي سان
زندگيءَ جي مڙني لاڳاپن ڏانهن سچائيءَ وارو رخ رکي
ٿو تڏهن هُو تخليقي عمل جي انهيءَ چئلينج کي قبول
ڪندي، پنهنجن احساسن ۽ مشاهدن کي تخليقي روپ ڏيندو
رهندو آهي، ان وقت هن آڏو مسئلو جانبداريءَ جو نه
هوندو آهي بلڪ تخليقي اظهار کي سچائيءَ سان پيش
ڪرڻ جو هوندو آهي. تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ ادب ۾
جانبداريءَ وارو مسئلو هر لحاظ کان ثانوي درجو ٿو
رکي.
تخليقي ادب هميشہ انفرادي تجربو هوندو آهي، يقيناً اهو انفرادي
تجربو اجتماعي تجربي جو حصو هوندو آهي. بقول فينن:
”جيئن ته انفرادي تجربو قومي تجربو هوندو آهي ۽
جيئن ته اهو قومي وجود جي زنجير جي ڪڙي هوندو آهي،
ان ڪري، اڪيلو، محدود ۽ ويڙهيل نه هوندو آهي، پر
قومي ۽ نيٺ آفاقي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.“
پر ان قسم جي انفرادي تجربي کي قومي تجربي جو حصو بڻجڻ لاءِ
ضروري شرط هيءَ آهي ته تخليقڪار جو اهو انفرادي
تجربو ٺوس سچائي تي ٻڌل هجي، سچائيءَ جو مطلب فوٽو
گرافڪ عڪس نگاري نه بلڪ ذهن ۽ ضمير جي سچائي....
اندر جي سچائي، جنهن کان سواءِ زندگيءَ کي
Totality
۾ پرکڻ ۽ پيش ڪرڻ ناممڪن آهي.
اڪثر حالتن ۾ ادبي تخليقڪار هر طرح جي جبر ۽ سخت رسمن جي
موجودگيءَ ۾ پنهنجي تخليقي ڪاوش کي جاري رکندا
آهن، تنهن ڪري انهن لاءِ بنيادي مسئلو اظهار جي
آزاديءَ جو هوندو آهي نه ڪه جانبداري يا
غيرجانبداريءَ جو، ڇاڪاڻ ته ڦري گهري اها جانبداري
سياسي جانبداري ٿي پوندي آهي جنهن لاءِ دليل
بازيءَ وارا جواز پيدا ڪرڻا پوندا آهن جڏهن ته
تخليقي عمل دليل بازيءَ وارو عمل ڪونهي، اهو زنده
دلي، آزادي، عام انسان کان وٺي فطرت تائين مختلف
مظاهر کي سمجهڻ ۽ انهن کي اظهار ڏيڻ جو عمل آهي.
(1983ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيل هڪ ادبي مذاڪري ۾ پيش ڪيل ويچار)
سفرنامو: هڪ مقبول ادبي صنف
(هڪ سو سالن ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل هڪ سو سفرنامن جو سرسري جائزو)
(1891ع کان 1991ع تائين)
ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي
سفرنامو علمي ۽ ادبي اعتبار کان وڏي اهميت رکي ٿو، هيءَ واحد
ادبي صنف آهي جنهن جو تقريباً سڀني اهم معاشرتي
علمن سان گهرو تعلق آهي. مؤرخن، سوانح نگارن ۽
جغرافيه دانن هن صنف مان گهڻو فائدو ورتو آهي.
انهيءَ سبب جي ڪري دنيا جي سڀني وڏين ننڍين ٻولين
جي ساهت ۾ سفر نامن کي اهم مقام حاصل آهي.
”سفر وسيلهء ظفر“ صحيح معنيٰ ۾ ان حالت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن مسافر
پنهنجي سفر ۾ ٻين کي به (پڙهندڙن کي به) شريڪ ڪري،
ان طرح ممڪن آهي ته سمورا تجربا ۽ مشاهدا ان طرح
بيان ڪجن جو پڙهڻ وارو پاڻ به ذهني طور انهن رستن
۽ گذر گاهن تي گامزن نظر اچي، جن تان سفرنامي جو
لکندڙ گذريو آهي.
”سفر نامو لکڻ هر شخص جي وس جي ڳالهه نه آهي. ان لاءِ ضروري آهي
ته لکندڙ حالات ۽ واقعات جو گهري نظر سان مطالعو
ڪري ۽ گرد و پيش ۾ ڦهليل حسين و جميل دنيا جي رازن
کي سمجهڻ ۽ پرکڻ ۽ بيان ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت
رکندڙ هجي.“(1)
پراڻن سفرنامن مان هڪ مشهور سفرنامو ”ابن بطوطه“(2) اسان جي
سامهون آهي. سفر نامي بابت جيڪي ڪجهه مون مٿي لکيو
آهي ان اعتبار کان ڏسبو ته ابن بطوطه جو هي
سفرنامو هڪ عهد آفرين ڪارنامو آهي.
ابن بطوطه جڏهن سنه 1266ع ۾ پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو ته ان وقت
نه ريل هئي، نه موٽر، نه هوائي جهاز. ان زماني ۾
سامونڊي سفر ڪرڻ به جان جي جوکي جو ڪم هو.
”ان حالت ۾ بربر جو هڪ آزاد مزاج نوجوان- ابن بطوطه رخت سفر ٻڌي
اٿي هلي ٿو. ۽ پورا 25 سال سامونڊي لهرن سان
وڙهندو، هولناڪ ريگستان مان لنگهندو، پُر شور
درياهن کي عبور ڪندو، فلڪ بوس جبل جهاڳيندو،
سرڪندو ۽ گسڪندو، تن تنها، لرزان ۽ گريزان ڏڪندو ۽
بچندو، جهنگلن ۽ بيابانن ۽ برفپوش علائقن مان جان
بچائيندو پنهنجي ذوق سياحت کي تسڪين پهچائيندو
رهيو.“
”ديار حجاز جي خاڪ پاڪ چمندو، يمن جي دشوار گذار رستن تان
لنگهندو، مصر، بغداد، شام، عراق، ايران، ترڪستان،
بلخ، بخارا، بدخشان، افغانستان، آزر بائيجان
قسطنطنيه جو سير ڪندو، انهن ملڪن جي عالمن، تاجرن،
حاڪمن، اميرن وزيرن، حڪيمن، اصحاب علم فضل ۽ فنڪار
کان وٺي عام ماڻهن سان ملندو رهيو. پورا 45 سال
سير ڪيائين. سفر ۾ بيماريون به ڪاٽيائين ته جيل
به. حاسدن جو به شڪار ٿيو. سندس هي طويل ۽ ضخيم
سفر نامو ۽ سادو اندازِ بيان تنهن ۾ هن ڇا ڇا نه
لکيو آهي ۽ ڇا ڇا ڇڏيو آهي. سو سڀ پڙهڻ سان تعلق
رکي ٿو. ايتري قدر جو ابن بطوطه پنهنجو پاڻ کي به
نه بخشيو. سفر جي دوران سندس بشري ڪمزورين ۽
تقاضائن بابت کانئس سرزد ٿيل لغزشون يا حماقتون ته
هو لڪائي ٿي سگهيو. پنجاهه سال اڳ ساڻس ڪير همسفر
هو؟ پر هن پنهنجون ڪمزوريون به برملا چئي ڏنيون
آهن. هندستان مان لنگهيو ته سنڌ ۾ به آيو. سنڌ جا
ڪيترا ڳوٺ ۽ شهر گهميو ۽ سنڌي ثقافت جي مهمان
نوازيءَ جي تعريف ڪئي اٿس.
سنڌي ادب ۾ لکيل سڀ کان پراڻا سفرناما
”سنڌي زبان ۾ پهريون نثر ۾ لکيل سفرنامو خواجه محمد حسن جان
سرهنديءَ لکيو: ”عراق ۽ شام جو سفرنامو.“ جيڪو
1914ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.“
نظم ۾ لکيل پراڻو سفرنامو 1730- 1720 جي وچه ڌاري مخدوم
عبدالروف ڀٽي لکيو:
”منارا مير مرسل جا ڏسان شل ڏيهه سڀ ڏوري،
هلي هالا مٽيان مسڻ، انڙپور کي ڇڏيان اوري.“(3)
ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جو خيال آهي ته ”ادبي اعتبار کان جيڪڏهن
سال 1972ع کي سنڌي سفرنامن جو سال سڏجي ته وڌاءُ
نه ٿيندو.“(4)
آڳاٽن سفرنامن ۾ جن جو الطاف شيخ پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي تن
۾ ڪجهه هي آهن:
مسافريءَ جو مزو ۽ سير جو رنگ- لعل چند امر ڏنومل 1915ع
سنڌ جو سيلاني- ڀيرو مل مهرچند 1923ع
لطيفي سير- ڀيرومل مهرچند 1926ع
ڪشمير جو سير نارائڻ داس ملڪاڻي 1926ع
ايران ۽ عراق جو منظوم سفرنامو- سيد ثابت علي شاهه 1939ع
ڏاڙهياري جبل جو سير- مرزا قليچ بيگ 1900ع
گوما گتا مارو ڪئناڊا جو سفر نامو- سوامي گووند انند 1914ع
انگريزيءَ ۾ لکيل ڪجهه پراڻا سفرناما-
The art of travil
فرنسز گالٽن سنه 1873ع ۾ ڪتاب لکيو.
ويد مهتا جو ڀارت ۽ نيپال جو سفرنامو.
Walking through the Indian streets (1960)
جيمس مچنر، فرامر مورس ۽ آرئر جا ناولن جي نموني تي لکيل
سفرناما به گهڻو مشهور آهن.
ڊام مورئس جو ڀارت ۽ نيپال جو سفرنامو.
Gore Away- An Indian Journey
”سڀ کان پراڻو سفرنامو جيڪو مون کي ملي سگهيو سو
Codex Colixtus
نالي آئيميري پيڪاڊ جو لکل آهي. جيڪو 1148ع ڌاري
لکيو ويو. جنهن ۾ سانتياگو ڏي زيارت لاءِ ويندڙ
مسافرن لاءِ کين راهه ۾ ايندڙ تڪليفن ۽ خطرن کان
آگاهه رکڻ لاءِ لکيو ويو هو.“ لکي ٿو ”بابا رستي
تي پاڻي پيئندي اهو خيال رکجو جو اسپيني ڌاڙيل
کوهن ۽ واهن ۾ زهر وجهيو ڇڏين.“ (ا-ش)
ٻيو پراڻو سفرنامو 1778ع ڌاري لکيو ويو جيڪو فلپ ٽيڪنيسيءَ
لکيو.
Through
France and part of Spain
فلپ ٽيڪنيسي هڪ هنڌ لکي ٿو ”مسافرن کي کپي ته پنهنجي سامان سان
گڏ ڪي لوهي ڪُنڍا ڪڙا به ضرور کڻن جو اهي ملڪ جتي
چوري ۽ خون عام آهن اتي پنهنجي حفاظت لاءِ دروازن
کي چڱيءَ طرح بند ڪري سگهجي.“ (الطاف)
الطاف شيخ اڳئين زماني ۽ هاڻوڪي وقت جي سفرنامن کي مجموعي طور
ڀيٽيندي لکي ٿو ته ”اڳئين زماني جا سفر ناما پڙهبا
ته انهن ۾ ڊپ جون ڳالهيون ۽ نصيحتون گهڻيون
ملنديون ۽ اڄ جي سفرنامن ۾ مزي ۽ دلچسپيءَ جون
وڌيڪ نصيحتون، ٻين ٻولين ۾ سفرنامن جو ذڪر ڪندي
شيام جئسگهاڻي (ص7) لکي ٿو ته ”ٻين ملڪي ۽ غير
ملڪي ٻولين ۾ ڪافي سفرناما
(Travielogue)
لکيا ويا آهن هيمنگوي، لارينس اگييه، راهول
سنڪرتياپن ۽ نرمل ورما جهڙن ساهتيه ڪارن طرف نهاري
ڏسجي ٿو ته سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي صنف جي غريبيءَ
جو بخوبي احساس ٿئي ٿو.(6)
سفرنامي بابت ذڪر ڪندي، مشهور اديب ۽ ترجمي جو ڄاڻو جناب وليرام
ولڀ لکي ٿو:
”فيوچر شاڪ“ ۾ ايلون ٽالفر چيو آهي ته ”اڄ جو آمريڪي 1914ع جي
آمريڪيءَ کان لڳ ڀڳ ٽيهوڻو وڌيڪ سفر ڪري ٿو.“
اسان جي ننڍي کنڊ جا رهواسي پڻ هاڻي صدين جي ننڊ مان سجاڳ ٿي،
روايتون ٽوڙي، سموري دنيا جا ملڪ گهمڻ ڦرڻ لڳا
آهن.
انهن کي ڏسي اسان جا ذهين اديب، ليکڪ صحافي ۽ فنڪار پڻ همت ڪري
سفر تي نڪري پيا آهن. فرق رڳو ايترو آهي جو ٻيا
ناڻي جون خرزينون ۽ ڀَريون ٻڌي واپس ورن ٿا پر
اسان جا فنڪار رڳو محبتون ونڊي، مِٺين يادين سان
ڀريل سفرناما کڻي موٽن ٿا.“
سفرنامو هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي جيڪو لکندو پنهنجي طور طريقي
سان ئي لکندو. رڳو لنڊن جو ئي مثال وٺو سنڌيءَ ۾
اهڙا لنڊن اٺ ڏهه سفرناما ضرور هوندا. پر هر ڪنهن
جو بيان ۽ وستار صفا نئون جداگانه. اهو ته مزو
آهي.
”جڏهن ويد مهتا جو ڀارت ۽ نيپال جو سفرنامو 1960ع ۾ ڇپيو ته اهو
ڊام مورئس جي ڀارت ۽ نيپال جي سفرنامي کان گهڻو
مختلف هو. جيتوڻيڪ اهي ٻئي ليکڪ ۽ صحافي پاڻ ۾
دوست هئا ۽ هڪ ئي وقت ڀارت ۽ نيپال جون گهٽيون
گهميا هئا ۽ ماڻهن سان مليا هئا پر سفرنامن ۾
ٻنهين جو مشاهدو ۽ پيش آيل واقعا پاڻ ۾ نٿي
مليا.“(7)
”سفرنامو لکندڙ اخبار وارين پاليسين پابندين ۽ مصلحتن کان بي
نياز آهي هو اُتي جي عوام جي دلين جي ڌڙڪنن، اکين
جي چمڪ ۽ حسرت ۽ امنگن جي گهراين کي پڙهندڙن تائين
پهچائي ٿو. نه ڪه ڪن اخبارن وانگر پاروٿو ۽
اوٻاريل ڀَتُ پيش ڪري ٿو.“(8)
سنڌيءَ ۾ گهڻا سفرناما لکندڙ اديب:
سنڌيءَ ۾ سڀ کان گهڻا سفر ناما الطاف شيخ لکيا آهن. يعني سندس
لکيل 35 ڪتابن مان 30 ته رڳو سفرناما آهن. ۽ ٻيا
پنج به دنيا جي وڏين وڏين زبانن، جپاني، انگريزي،
چيني ۽ بنگله مان ترجمو ٿيل ڪهاڻيون آهن. مثلا:
”خدا ڏي خط“ ”اناميڪا“ ۽ ”ماستر وريام جو بينڪاڪ
وڃڻ“. وغيره.
الطاف 17، 18 سالن جي عمر کان لکڻ شروع ڪيو جڏهن هو اڃا جونيئر
شاگرد هو. هڪ
(Teen ager)
۽ چاٽگام ايڪيڊمي ۾ زير تعليم هو ۽ ادبي دنيا ۾ ته
بنهه گمنام هو ۽ سندس پهريون ڪتاب به گمنام هو!
يعني ”اناميڪا“ بنگالي زبان ۾ گمنام يا بي نام کي
اناميڪا چون ٿا.
ان عمر ۾ جڏهن عام طور شاگرد- انسان، عجيب جسماني ۽ ذهني ارتقا
۽ تبديلين جي ڪري فطري حالات ۽ واقعات کي پنهنجي
معصومانه ۽ محدود سوڌو ٻوڌ موجب سمجهڻ جي ڪوشش پيو
ڪندو آهي. ان عمر ۾ الطاف چاٽگام جي چيڙاڪ دريائن
۾ ٻڏندي ٻڏندي بچيو جڏهن ته ساڻس گڏ همسفر ٻيو
خلاصي وسطڙو سدائين لاءِ درياهي لهرن جو بک بڻجي
ويو، ان وقعي تي لکندي ”الطاف چيو ته زندگي هڪ سفر
ئي ته آهي ۽ اسان سڀ مسافر جڏهن به جنهن جي منزل
آئي ته هليو ويندو.“
ان ڏينهن کان وٺي الطاف اسان کي هر سال نوان نوان سفرناما ڏيڻ
شروع ڪيا. سندس پهريون سفر نامو جيڪو وڏي آب تاب
سان ٽي ڀيرا ڇپيو ۽ پڻ پاڪستان رائيٽرس گلڊ جو
1971 جو انعام حاصل ڪيائين.
سو آهي ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ (سال 1971)
ان وقت الطاف اڃا نئون لکندڙ هو پر سندس زبان ۽ لکڻيءَ ۾ شادابي
رواني ۽ رومانوي انداز ۽ لطافت کيس گهڻو مقبول
بنائي ڇڏيو سندس 20 يا 22 سال پراڻي ڪتاب مان چند
الفاظ پيش ڪريان ٿو. (ص 63)
”شايد دنيا جو ڪو ملڪ مصر جي حسن جو مقابلو ڪري سگهي.
مسڪرائيندڙ سدا بهار مشرقي چهرو، اکيون وڏيون ۽
نيري ڍنڍ جهڙيون. انگ انگ ۾ چقمقي ڪشش. مصر جي هر
عورت قلوپطرا نظر ايندي. واپسيءَ ۾ ايئر پورٽ تي
پئي دامو ٿيس ته دروازي وٽ هڪ دوشيزه هٿ جو ٺهيل
سامان وڪڻي رهي هئي. ۽ مون کي سڏ ڪري- پنهنجي ٺهيل
تراشيل قلوپطرا ڏي ڌيان ڇڪائيندي پڇيائين: وانت
قلوپطره؟
Want calopatra
مون چيس ”مئل يا جيئري؟“ منهنجي چوڻ جي نموني مان
يڪدم چرچي جو مطلب سمجهي وئي ۽ شرمائڻ لڳي. مشرقي
حيا سندس چهري مان صاف نمايان هو ۽ منهنجي لاڳيتي
تڪڻ تي ساه منجهڻ لڳس ۽ ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ لڳي ۽
سندس ڳچي ۾ سوني زنجير پئي هئس جنهن ۾ ٻڌل ننڍڙو
هوائي جهاز سندس ڇاتيءَ تي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. مون
کي زياده دير تائين پاڻ کي تڪيندو ڏسي وڌيڪ
شرمائجي وئي ۽ هوائي جهاز مٿان هٿ رکي پڇڻ لڳي
”هوائي جهاز پسند آهي ڇا، ”نه هوائي اڏو“ وڌيڪ
چرچو برداشت نه ڪري سگهي ۽ شرم وچان کڻي پٺ
ڏنائين“
ان کان پوءِ اڄ تائين الطاف هر سال هڪ ٻه سفرنامو بنا ناغي
ڏيندو رهيو آهي جنهن کي نيوفيلڊس جهڙو معياري
ادارو وڏي هيج ۽ فخر سان شايع ڪندو اچي ٿو، ۽
هيستائين الطاف جي سفرنامن جو تعداد ٽيهن کان ٽپي
ويو آهي ۽ سندس مجموعي صفحن جو تعداد پنج هزار
ڇپيل صفحن کان مٿي هوندو. چاليهن پنجيتاليهن سالن
جي عمر ۾ ايترا لاڳيتا ڪتاب لکي الطاف نه صرف
سنڌين کي سڄي دنيا جي ملڪن سان روشناس ڪرايو آهي،
مگر سڄي دنيا ۾ وسندڙ سنڌين کي به هڪ ٻئي جي ڄاڻ
سڃاڻ ڏني آهي. جنهن ۾ دنيا جا ڪم و بيش سمورا ملڪ
اچي وڃن ٿا. الطاف جا اهي ٽيهه واليوم شيلف ۾ رکبا
ته ڄڻ هڪ سفرنامن جي اينسائيڪلوپيڊيا ٺهي پوندي.
ٻئي طرف الطاف سنڌي ادب جي هن وانجهيل صنف کي ڏسندي ڏسندي هيڏو
مالا مال ڪري ورتو آهي، پر هن محنتي اديب کي ڪنهن
به سرڪاري يا نيم سرڪاري اداري ڪو اعزازيا آفرين
نامو يا ڪو ايوارڊ يا ميڊل نه ڏنو. نه وري الطاف
ڪڏهن پنهنجي ڪنهن سفرنامي جو ڪنهن
V.I.P کان مهورت ڪرائي شهرت ماڻي.
پڙهندڙ هن کي هڪ سدا بهار اديب ڪوٺين ٿا. سدائين کلندڙ ۽ تيز
رفتار لکندڙ.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته جنهن ليکڪ کي سفرنامي جي ڪري
مقبوليت حاصل ٿي سو الطاف شيخ آهي.“(9)
ڪو نوجوان فارين اسڪالرشپ تي ٻاهر ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ موٽيو
۽ هڪ ٿلهو ٿنبرو سفرنامو به ساڻ هو. الطاف کي
چيائين ته پيش لفظ لکي ڏي. الطاف بنا پيش لفظ لکڻ
جي ٻن هفتن کان پوءِ موٽائي موڪليس ۽ چيائين ”هي
تنهنجو سفر نامو ڪير ڇپيندو؟ ۽ وري وڪامندو خاڪ؟“
تنهنجي پروفيسرن جو تعارف، يونيورسٽي جو باغ سهڻي
هاسٽل ۽ بس جا ڪرايا تنهن کي پڙهندڙ ڇا ڪندا؟ پوءِ
ڀلا ڇا ڪريان؟“ ”زوراور هن ۾ حسن شباب جو ڪو چسڪو
ملائينس. سهڻين ڇوڪرين سان ملڻ ميلاپ گهمڻ ڦرڻ
سئمنگ پول ۽ سن باٿ ۾ سنگ سنگ.“
مون پڇيس الطاف تنهنجون ڏينهن راتيون گهڻن ڪلاڪن جون هونديون
آهن؟ هونئن ته رات ڏينهن 24 ڪلاڪن جا ٿين ٿا پر ان
۾ ڪو نوڪري به ڪري، پنهنجي ٻارن کي به پڙهائي، خطن
جا جواب به لکي ڪتابن جا ترجما به لکي، سفرناما به
لکي ۽ اخبارن لاءِ ڪالم به لکي ته پوءِ ننڊ ڪڏهن
ڪري؟ شايد سندس ڏينهن رات 60 ڪلاڪن جا هوندا؟
انسان آهي يا جن! شايد ڪا مرزا قليچ بيگ صاحب جي
اوبر پيتي اٿس!!!
الطاف جي لکڻين، سفرنامن ۽ فن تي مڃيل اديبن گهڻي تفصيل سان
لکيو آهي جن ۾ حميد سنڌي، طارق اشرف، نورالهديٰ
شاهه، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو، ماهتاب محبوب، فهيمده حسين،
خيرالنساء جعفري، امر جليل، سحر امداد، نصير مرزا،
غلام رباني، علينواز وفائي شامل آهن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا الطاف جي سفر نامن تي راءِ ڏيندي لکن ٿا
ته ”الطاف لڳ ڀڳ سڄي دنيا جو سير ڪيو آهي. هن
جيترو دنيا جو سفر شايد ئي ڪنهن سنڌيءَ جوان ڪيو
هجي.
قدرت وٽان مليل انهيءَ موقعي کي سعادت سمجهي الطاف ان کي سجايو
ڪيو آهي. سڄي دنيا جي باري ۾ جيترو هن لکيو آهي
اوترو شايد ئي ڪنهن لکيو هوندو.“
”الطاف هونئن ته افسانه نگار جي حيثيت سان اُسريو ۽ اڀريو پر
نيٺ اڳتي هلي هن سفر نامي واري صنف کي پنهنجي خاص
صنف بنايو ۽ ان ۾ ايترو ته لکيو اٿس جو الطاف شيخ
۽ سفرنامو هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم ٿي ويا آهن ۽
سنڌي ادب ۾ سفرنامي واري صنف سندس نالي سان منسوب
ٿي وئي آهي. هن وقت الطاف هن صنف جو ماهر، مڃيل ۽
مَهان ليکڪ آهي. هنکي خبر آهي ته پڙهندڙ ڇاٿو
چاهي. هن پنهنجي پڙهندڙن جي نفسيات کي سمجهي، انهن
کي اهو ڪجهه ڏنو آهي جنهن جي هنن کي تانگهه هئي.“
”الطاف جي سفرنامن جو سڀ کان اهم نُڪتو هي آهي جو هو جتي به ويو
آهي اُتي پنهنجن جا پارپتا پڇيا اٿس، اتي خاص طرح
سنڌين جي ڳولا ڪئي اٿس انهن جي ثقافتي زندگيءَ جو
نقشو چٽيو اٿس.
سينگارپور جي سفر نامي ۾ ته هن سنڌين جي سڀيتا جو چٽ دل کي
وڻندڙ لفظن ۾ چٽيو آهي. الطاف جو سفرنامو ”ڳالهيون
تنهن جپان جون“ اينٿراپالاجي
(Anthro pology)
جي علم جي شاگردن لاءِ خصوصاً هڪ تحفو آهي.“(10)
ڀارت ۾ سنڌي سفرناما
ڀارت ۾ سنڌيءَ ۾ اٺ ڏهه سفرناما لکيا ويا آهن تن مان چار پنج ته
تمام پسند ڪيا ويا جيئن لوڪرام ڏوڏيجا جو ”سڪارٿو
سفر“. لکمي کلاڻيءَ جو ”من جا محل کنڊر“ ۽ موتي
پرڪاش جو ”سي سڀ سانڍيم ساه سان.“ (1989) ڪيرت
ٻاٻاڻيءَ جو ”جيڪي ڏٺو هو مون.“
شيام جئسگهاڻي ڀارت ۾ ڇپيل سنڌي سفرنامن بابت لکن ٿا ”معيار جي
سلسلي ۾ سنڌيءَ ۾ اسان وٽ ڀارت ۾ هڪ اڌ سفرناما مس
آيا آهن. منگهارام ملڪاڻي؛ گ.ل. ڏوڏيجا ۽ ڪيرت
ٻاٻاڻي ۽ لکمي کلاڻي جي سفرنامن جو وڌيڪ ذڪر ٿيو
آهي.“
پاڪستان جي سفرنامن مان شيخ اياز، تنوير عباسي، الطاف شيخ ۽
ماهتاب محبوب جي سفرنامن جو پڻ هن طرف (ڀارت) ۾
وڌيڪ ذڪر ٿيو آهي. ذڪر جو سبب ڪٿي شاعرانه انڀون
جي تحرير ۽ گهري سوجهه ٻوجهه آهي ۽ ڪٿي دلچسپ
حالات ۽ واقعات جي پيشڪش آهي ۽ ڪٿي جذبا جاڳائيندڙ
وطن جي ساروڻي آهي ۽ ڪٿي ماڳهين محض
”ڊاڪيومينٽيشن“ آهي. صحيح معنيٰ ۾ ڀارت جي سنڌي
ادب ۾ هن صنف (سفرنامي) جو وڪاس ٿيو ئي نه آهي.“
”منهنجي خيال ۾ ڀارت جا گهڻو تڻو سڀ ئي سفرناما سنڌ جي سفر سير
بابت آهن جن ۾ رڳو سنڌ جي سڪ ۽ جذبات نگاري گهڻي
آهي. سفرنامي جي بدران رڳو اديبن جون ملاقاتون ۽
دعوتون ۽ گروپ فوٽا ۽ اجرڪون ۽ تحفا آهن ٻيو ڀلا
ويچارا ولر کان وڇڙيل هندو نماڻا ڪن به ڇا؟ انهن
جي سفرنامي ۾ بس اهوئي وستار آهي ته صبح جي نيرن
ماهتاب محبوب جي گهر هئي منجهند جي ماني حميد
سنڌيءَ جي گهر، رات جي ماني سحر امداد وٽ.“ بس
ڪجهه ان طرح هڪ يادگيرين جي ڊائري آهي جا ان طرح
محفوظ ڪئي وئي آهي. (ع.ق)
شيام جئسگهاڻي لکمي کلاڻيءَ جي سفرنامي ”من جا محل کنڊر“ تي
ٽيڪاٽپڻي ڪندي، هن صنف جي فن بابت خيال آرائي ڪن
ٿا:
”ڌرتيءَ جو گولو هٿ ۾ کڻي، ڌرتيءَ جي گولائيءَ تي هلڻ ڦرڻ جي
رولاڪپڻي جي شرطيه بي چيني ۽ سفر جي خوشگوار خواهه
تلخ پهلوئن جي گرد ڦهليل زندگيءَ جي لهر تي گِجيءَ
جيان پسارجي وڃڻ جي لرزش سفر ڪندڙ کي وري وري
ڌونڌاڙي هلندوئي رهڻ لاءِ آماده ڪندي رهي ٿي.“
”زمان مڪان، ماڻهن جي مزاج رفتار ۽ ڌڙڪن کي سندس منظر ۽ پسمنظر
سميت ٻڌڻ، ڇهڻ، پرکڻ ڄاڻڻ ۽ مشاهدو ماڻڻ ۽ انهن
انڀون کي لفظي روپ ڏيڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪاش اسان وٽ
جهجهي هجي ها. ”جيڪا هڪ بهتر سفرنامي کي جنم ڏئي
سگهي ٿي.
فطرت خواهه انساني بناوت ڪي پسند ڪرڻ ۽ ٻين کي ڏسڻ لاءِ آماده
ڪرڻ ئي سفرنامي جي ڪاميابي آهي.
سيمرز يا ديس جي ڊائري مان ليئو پائي ڏسبو ته هر سفرنامي کي
انساني فطرت جو حصو سمجهندي لکي ٿو ته
”ته اسين هر چيز کي ٻيهر ڏسندا آهيون.“
Man never travills except around the edges of his own soul.
Or at best in side it.
The warm traviller creats the country he traviles through and
he creats ir in his own imege.
(NIKOS KAZANTZAKIS)
سنڌيءَ ۾ لکيل هڪ سو سفرنامن مان مون نيٺ اها ڳالهه ڳولي ڪڍي
جنهن جي مون کي ۽ پڻ توهان کي (پڙهندڙن کي) تلاش
هئي ان جستجو جو ازالو به نيٺ الطاف شيخ ڪري ڏنو.
سندس مشهور سفرنامي ”مڪليءَ کان ملاڪا تائين“ جي صفحي 22 کان 32
تائين هن اهو سڀ سربستو ويهي سمجهايو آهي مثلاً
پاسپورٽ، ٽريول ايجنٽ، سامان جي تور، پي- ٽو فارم،
فارين ايڪسچينج، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ، ويزا اڏام جي
ڪنفرميشن (خاطري)
O.K
ايئرپورٽ، مڊوي هوٽل، يوٿ هاسٽل، لگيج ٽڪيٽ، لگيج
ٽيگ، اميگريشن، ذاتي چڪاس، ممنوع شيون، انتظار
گاهه، هوائي جهاز، ڪسٽم ۽ پرديس ۾ رهندڙ دوستن جون
ايڊريسون ۽ فون نمبر وغيره.
”اڙي ڇڏ يار اهي پاسپورٽ ۽ ويزائن جا تڪلف، هينئر ٻاهر اچڻ وڃڻ
جا گُر ئي ڪجهه اور آهن. پيپر مئريج ٻڌي اٿئي؟ ۽
گرين ڪارڊ؟ نيشنلٽي؟
”سيٺ نائون مل جون يادگيريون“ ڪتاب مان اهڙا ڪيترائي اهڃاڻ ملن
ٿا ته جڏهن اڃا سفر جا ذريعا ايترا آسان نه هئا ته
به سنڌي ماڻهو بصري، بغداد کان ملاڪا ۽ ملايا
تائين نه فقط وڃي ٿي نڪتا هئا پر اتي هنن جو
واپارڙو به ڄميل هو. سنڌ ۾ اسلام اچڻ کان پوءِ ته
ڪيترائي مسلمان نه فقط حج جي فرض ادائيءَ لاءِ
قافلن ۾ بحري جهازن ۾ يا اٺن ذريعي سعودي عرب کان
وڃي ٿي نڪتا، پر ڪيترا سنڌي هندو توڙي مسلمان
عالم، اڪابر عرب حاڪمن جي درٻار ۾ علم ۽ حڪمت، جا
ماهر ٿي رهيا. سنڌ حڪمت، محبت، ڏاهپ ۽ موسيقيءَ جو
ديس هو. پنڊت ماڻڪ سنڌي هو جنهن کي هارون رشيد خاص
طور تي سنڌ مان گهرائي پنهنجي دارالتراجم ۾ سنسڪرت
۽ سنڌي ڪتابن جي ترجمي تي مقرر ڪيو. ماڻڪ جو پٽ
صالح سنڌي هو جنهن طب ۾ هارون رشيد جي درٻاري طبيب
جبرئيل بخشو يونانيءَ کي مات ڏني. بجيڪر، ڪلپ
راءِ، باکر، ڏاهر، زنڪل ۽ راجا اديڪل اهي سڀ سنڌي
عالم ۽ موسيقار هئا جيڪي سنڌ مان بغداد آيا ۽ نالو
ڪڍيائون.(11) انهن جي سفر جي سرگزشت، احوال ۽
تفصيل تجربا ۽ تحريرون ڪنهن نه ڪنهن طرح سفرنامي
جي صورت ۾ هوندا.
سفرنامن جون خواتين ليکڪ:
هيءَ گهڻي همٿائيندڙ ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌي لکندڙ
خواتين جتي ٻين ادبي صنفن مثلاً شعر، ڪهاڻيون،
افسانا ناول ۽ ڊرامن ۾ نالو ڪڍيو اتي هنن سٺا سٺا
سفرناما به لکيا آهن. ظاهر آهي ته هنن سنڌ کان
ٻاهر وڃي دنيا جي ملڪن جو سير سفر ڪيو آهي تڏهن ته
پنهنجا تجربا ۽ تاثرات ۽ مشاهده قلمبند ڪري
سفرنامو لکيو اٿن. انهن سنڌي اديب ڀينرن ۾ هي نالا
سر فهرست آهن:
فهيمده حسين ”هوائن جي آڌار تي.“
ماهتاب محبوب ”اندر جنين اُڃ“ (ڪل ٽي سفرناما لکيا اٿس) |