فريده بشير ”لنڊن جو سفرنامو“
رشيده حجاب ”انور ڪولمبس جي راهه تي.“
رعنا شفيق صديقي
”سفرنامن بابت پڙهندڙ پنهنجي خطن ۾ جيڪي لکن ٿا
تنهن مان منهنجو اندازو آهي ته هو حقيقت، صداقت ۽
بي باڪيءَ کي گهڻو پسند ٿا ڪن ۽ تبليغ نصيحتون گهٽ
۾ گهٽ سفرنامي جي عنوان هيٺ نٿا چاهين. ايڊوينچرس
زندگيءَ جا سنسني خيز انڪشاف شباب و رباب جي چاشني
۽ رومانس جي آميزش کان سواءِ سفرنامو ائين آهي ڄڻ
”خبرنامو“(12)
امر جليل لکي ٿو ته الطاف جي سفرنامن جي خوبي رڳو اها آهي ته
انهن ۾ ٻين سفرنامن وانگر تبليغ نه آهي.“(13)
پر مان توهان کي مزيدار ڳالهه ٻڌايان ته طارق اشرف (ايڊيٽر
سهڻي) لکي ٿو ته ”الطاف جي ڪتابن مان اسان کي اها
شڪايت آهي ته ان ۾ رڳو نصيحتون ۽ تبليغ آهي.“(14)
الطاف شيخ ۽ ٻين سفرنامه نويسن ۾ فرق هي آهي ته ٻيا گهڻو ڪري سڀ
سياح انگريزي ٻولي ۽ ترجمان
(Inter Preter)
جي مدد سان گهمي ٿا اچن مگر الطاف اتي ڪافي وقت
رهي انهن جي ٻولي سکي انهن مان رلي ملي هڪ ٿيو
وڃي. ان طرح هو اتي جو دل کولي سير ڪري ٿو ۽
دوستيون رکي ٿو. خاص طرو بنگال، چائنا، جپان ۽
ملائيشيا ۾ ته هو سالها سال رهيو آهي. تمام سٺي
روانيءَ سان چيني، جپاني، ملئي ۽ بنگالي زبان
ڳالهائي سگهي ٿو. ملائيشيا جپان ۽ بينگال جون
ڪيتريون لوڪ ڪهاڻيون ترجمو ڪيون اٿس انهن جي ڪيترا
پهاڪا گفتگو ۾ ڪتب آڻي ٿو ته اهوئي سبب آهي جو
سندس سفرنامن ۾ اصليت، گهرائي ۽ رونق موجود نظر
اچي ٿي.
سنڌي سفرنامن ۾ رڳو الطاف پاڻ نه موکيو آهي پر ٻيا به ڪيترا
سفرنامه نگار آهن جن هن صنف ۾ پنهنجو نالو ڪڍڻو،
توڻي جو سندن سفرنامن جو تعداد کڻي گهٽ آهي. اهڙن
سٺن لکندڙن ۾ ”ماهتاب محبوب“، ”اندر جنين اڃ“
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ ڊاڪٽر
سليمان شيخ ”سون ورني ڌرتي“ فهميده حسين ”هوائن جي
آڌار تي“ عنايت بلوچ، آغا سليم ۽ ٻيا ڪيترا ليکڪ ۽
ليکڪائون هن فن ۾ سرِفهرست آهن.
ان جي باوجود اسان جي نئين ٽهيءَ جي اديبن، ڪهاڻيڪارن ۽ نقادن
الطاف جي فن ۽ انداز کي گهڻو ساراهيو آهي.
ڊاڪٽر قاضي خادم اردو تبصري ۾ لکي ٿو ته ”ڪجهه اديب پنهنجي
منفرد اندازِ نگارش ۽ عجيب موضوعن جي ڪري
ديومالائي حيثيت حاصل ڪري وٺندا آهن. سفرنامن جي
موضوعن ۾ الطاف شيخ جي شخصيت اهڙي ئي حيثيت رکي
ٿي. روزنامه جنگ ڪراچي. 16 نومبر 1980ع
امر جليل چيو ”الطاف دلفريب ڳالهين کي سادن جملن ۾ پيش ڪري ٿو ۽
غير ملڪي تهذيب ۽ تمدن تاريخ ۽ جاگرافيءَ کان
روشناس ڪرائي ٿو.“ (بندر بازارون) ۽ حميد سنڌيءَ
جي خيال ۾ ”الطاف شيخ جا سفرناما هڪ تحقيقي تاثر
پيش ڪن ٿا.“ (ارائونڊ دي ورلڊ)
سڀ چوٽيءَ جا اديب کيس رڳو ساراهين ته ٿا پر ڪيترن ڪڙي تنقيد به
ڪئي آهي. جيئن نورالهديٰ شاهه مهاڳ ۾ لکي ٿي:
”الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ گهڻو لکڻ/ ڇپجڻ/ پڙهجڻ وارو ليکڪ آهي. پر
اهي ٽيئي نقطا ڪنهن به ليکڪ جي مڃتا لاءِ کوڙ نه
آهن. الطاف سموري سفر يا سفرنامي ۾ پاڻ کي ڪنهن
ڪنواري ڇوڪري جيان لوڪ نهار کان بچائي بچائي هلي
ٿو. ائين ڄڻ هو پنهنجي ليکڪ جي بولڊنيس جو گلو
گهٽي ٿو ڇڏي. بهرحال الطاف شيخ اسان جو اهو ذهين
ليکڪ آهي جنهن وٽ سوچ جو اهو وسيع ڪينواس آهي جنهن
کي سنڌي ادب جو سفرنامي وارو ڀاڱو پوري سندرتا سان
چٽيل آهي.“(15)
اڳيان سفرناما ۽ انهن جو مواد:
”پراڻي کان پراڻو سفرنامو جيڪو هيستائين منهنجي هٿ چڙهيو آهي
Codex calixtus
نالي آئميري پيڪاڊ جو لکيل آهي ۽ 1443ع ۾ ڇپيو
آهي، يعني ساڍا پنج سو سال پراڻو (جڏهن اسان وٽ
هندستان ۾ اڪبر اعظم جي فرمانروائي هئي.)
هو سنتياگو ڏي زيارت لاءِ ويندڙ مسافرن کي هوشيار ڪندي لکي ٿو
ته ”بابا رستي تي پاڻي پيئندي خيال رکجو جو اسپيني
ڌاڙيل کوهن ۽ واهن ۾ زهر وجهيو ڇڏين جيئن مسافر
بيهوش ٿين ته سندن سامان چورائي وٺجي“ وغيره وغيره
اهڙيون نصيحتون هدايتون انديشا ۽ امڪان؛ پر ته به
ان ۾ دلچسپي ۽ حقيقت نگاري ضروري موجود آهي جيڪا
هڪ سفرنامي جي جان هوندي آهي.
هڪ ٻيو پراڻو سفر نامو
Through France and part of Spain
۾ فلپ ٽيڪنسي لکي ٿو ته ”مسافرن کي کپي ته پنهنجي
سامان سان گڏ ڪي لوهي ڪنڍا ڪڙا به ضرور کڻن جو اهي
ملڪ جتي چوري ۽ خون عام آهن اتي پنهنجي حفاظت لاءِ
دروازن کي سوگهو رکي سگهجي.“ اهو سفرنامو 1778ع جو
لکيل آهي. يعني ٻه سؤ سال کن اڳ. فلپ کي آفرين هجي
جو هن پنهنجي دور توڙي ايندڙ نسل کي سفر جي باري ۾
ضروري معلومات اهڙي خوبي سان ڏني جو اڄ ٻه سؤ سالن
کان پوءِ به اهو هڪ سٺي سفرنامي جي جاءِ والاري
بيٺو آهي.
گذريل ٻن- ٽن ڏهاڪن جا سفرناما:
ويهه ٽيهه سال اڳ جي سفر نامن جا ڪتاب انهن خَبرن سان ڀريا آهن
ته وڃبو ته کاڌي پيتي جون ڪهڙيون ڪهڙيون شيون کڻي
وڃبيون. ڪپڙي کان وڌيڪ کاڌي پيتي تي زور هوندو هو،
اٽو، چانور، مصالحا، مرچ، ڪارا مرچ، سڪل انبڙيون،
ڦوٽا، دوائون، کٽا ڏاڙهون، ڌاڻا، هيڊ، بيسڻ، آچار
۽ سڪل گوشت وغيره.
الطاف چيو ته ڏهه سال کن اڳ جڏهن به ڪراچيءَ مان روانا ٿيندا
هواسين ته ڪيترائي ماڻهو اسان جي هٿان دوستن ۽
مائٽن کي جيڪي يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندا هئا تن کي
ڪوڪي ۽ ٻيون اهڙيون ئي کاڌي جون شيون: چٽڻيون،
آچار، مربا، حلوا، پڪوان سوپاريون ۽ پان موڪليندا
هئا. جئن ڪي لالچي مائٽن بابت چوندا آهن ته ”ابا
ايندين ته ڇا کڻي ايندين ۽ ويندين ته ڇا ڏئي
ويندين؟“ پر آهستي آهستي اهي رواج به ختم ٿيا.
ٽورئسٽ گائيڊن ۾ به هاڻي کاڌي پيتي جي شين کڻڻ
بابت گهڻو زور ڏنل نه آهي. پر پراڻي زماني جا
سفرناما انهن ڳالهين سان ڀريا پيا آهن ته سفر تي
نڪرڻ وقت هي به کڻجو هي به کڻجو خاص ڪري بارود (گن
پائوڊر) ته ضرور کڻجو.
سو سوا سال کن اڳ 1873ع ۾ هڪ ڪتاب
The art of travel
۾ فرانسز گالٽن، بارود کڻڻ جي اهميت بابت لکندي
چيو آهي ته ”اها شئي سفر ۾ ڪيترين مصيبتن کان
بچائي ٿي. سمهڻ کان اڳ ڪوسي پاڻيءَ جي گلاس ۾ اڌ
چمچو يا ان کان گهٽ پائوڊر ملائي پيئڻ سان پيئندڙ
جي قبضي لهي ويندي پر اهو ضروري آهي ته ان جي مٿان
سگريٽ هرگز نه ڇڪجو نه ته چڻ توب ڇٽي. مرض سان گڏ
مسافر به چٽ.“
”گن پائوڊر جي فائدن کي ڪو مڃي يا نه مڃي، پر بولون (فرانس)
ويندڙ مسافر ان کي رکڻ لاءِ پنهنجي صندوق يا هڙ ۾
ضرور جاءِ ڪري وٺندا هئا جو اتي جي بگهڙن کي منهن
ڏيڻ لاءِ اهائي شيءِ ڪارائتو ڪم ڏئي سگهندي هئي.
جيئن اڄ ڪلهه مڇرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مئٽ
(Mat)
ٻاريندا آهن. سفرنامي ۾ لکيل آهي ته ”بگهڙن کي
منهن ڏيڻ لاءِ ٿورو گن پائوڊر گوشت جي خالي نري
ڀري ٻاهر اڇلجي ۽ بگهڙ جيئن ئي ان نريءَ کي
ڄٻاڙيندو ته بارود ڦاٽي پوندو ۽ سندس ميڄالو ئي
اڏامي ويندو.“
انهن ڳالهين جي ڀيٽ ۾ اڄ جي سفر جي تياري ڪيڏي نه آسان ۽ مختلف
آهي. پاڻ سان ٻه ٽي وڳا، ۽ ٻه ٽي هلڪا ڦلڪا ڪتاب
ناول، خط، ٽڪليون، پنا، پين، پاسپورٽ، چمپل، ڪي
ضروري دوائون ۽ شيونگ جو سامان کڻي مسافر ٻاهر
نڪري ٿو. اڄڪلهه جيڏي وڏي لسٽ ٻاهران سامان آڻڻ جي
ٺهي ٿي، ايڏي اڳ ۾ سفر تي رواني ٿيڻ لاءِ ٺهندي
هئي.
گهڻي سامان ڍوئڻ جي سوران گهڻا ماڻهو ته سفر سير کان ئي بان ڪري
وهندا هئا.“ پر اڄڪلهه نه آهن پيرين پيادي يا اٺن
گهوڙن جا سفر ۽ انهن جون مصيبتون نه خطرا ۽ انديشا
بگهڙن ۽ جهنگلي درندن يا ڌاڙيلن جا. وڌ ۾ وڌ زادِ
سفر ۽ ٻه چار وڳا بس. پر اسان جو هڪ يار ٽنڊي قيصر
جو نورمحمد نظاماڻي ته هڪ ئي بت تي پهريل وڳي ۾ ئي
نڪري پوندو آهي. بيگ ۾ فقط ڪم جا ڪاغذ ۽ ننڍڙي
استري کڻندو آهي.“
هو رات جو سمهڻ کان اڳ ڪپڙا لاهي، ڌوئي، رسيءَ تي پنکي هيٺان
سڪائڻ وجهي ڇڏيندو آهي. ۽ صبح جو پائڻ کان اڳ
مٿانئن استري گهمائي وٺندو اٿن رات جو سمهڻ لاءِ
سليپنگ سوٽ ۽ چمپل، بلانڪيٽ، ٽوال صابڻ شيونگ جو
سامان ته اڄڪلهه دنيا جي هر هوٽل ۾ آيل مسافر کي
مهيا ڪيو وڃي ٿو.“
ممتاز اديب جناب علي احمد بروهيءَ چيو ته اڳئين زماني ۾ هڪ سنڌي
عالم جيڪا به سنڌي خاتون واندي ڏسندو هو ته ان جو
ڪنهن نه ڪنهن عرب بزرگ سان نڪاح ڪرائي ڇڏيندو هو.
اهڙيءَ طرح الطاف شيخ به جنهن به ملڪ جي بازار مان لنگهندو آهي
ته کيس ڪم از ڪم هڪ هوٽل وارو سنڌي ۽ هڪ سنڌي
هندو دوڪاندار ضرور ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ وري ڪنهن به
ملڪ جي گهٽين مان گهمندو آهي ته خوشقسمتيءَ سان
ڪنهن نه ڪنهن گهٽيءَ مان کيس هڪ سنڌي ڇوڪري ضرور
ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سڃاڻيندو ائين آهي جو سندس مٿو
ويٺل چوٽي ڇڪيل ۽ مٿي تي رئو هوندو اٿس ۽ شاهه جو
بيت
”آءٌ راڻا رهه رات تنهنجي چانگي کي چندن چاريان“
جهونگاريندي ويندي آهي.“(16)
سنڌ ۾ سفرنامي جي تاريخ:
”هونئن سنڌ ۾ سفرنامي لکڻ جي شروعات گهڻو آڳاٽو ٿيل ٿي ڏسجي.
مئين شاهه عنايت، شاهه عبداللطيف ۽ خليفي نبي بخش
لغاري جي چيل سر سامونڊي ۽ سريراڳ جي ڪن بيتن مان
منظوم سامونڊي سفرنامن جو اهڃاڻ پيو ڀاسي. توڻي جو
انهن جي پڙهڻ سان سفرنامي جي پوري اڃ نٿي اجهامي،
پر پوءِ به سامونڊين جي سفر، انهن جي وڻج ۽ ٻيڙين
بابت معلوماتي مواد ذهن تي تريو اچي“(17)
ڀٽائي گهوٽ اسان کي ڪيئي ٻيڙياتن ۽ ٻيڙين تي سفر جون ڳالهيون
ٻڌايون آهن ته ڪهڙي طرح غوراب ڀرائي ديسان ديس مال
سان ڀريل ٻيڙيون هاڪاريندا هئا ۽ ستار سبحان جي
ٻاجهه سان لئونگن، الاچين ۽ زائفران سان ٻيڙا ڀري
واپس ورندا هئا. سفر سنڌين جي رڳن ۾ سمايل آهي ان
کان پوءِ سنڌ جي سنڌ ورڪين (سنڌ ورقني) ڏيهان ڏيهه
ڏور وڃي ڪوٺيون کوليون ۽ وڻج واپار ڪيا. هاڻ ته
وڏا جهاز ٿي پيا آهن، جي هر وقت دنيا جي چوڌاري
پيا ڦرن، سامان ڍوئين ۽ هاڪارين. انگريزن جي دور ۾
اسان جي ملڪ جا خلاصي ته گهڻئي هئا پر جهاز رانيءَ
جا ڪپتان ۽ وڏا آفيسر انگريز هئا. آزادي آئي ته
وڏو فرق آيو. سنڌين به ان ڏس ۾ پاڻ ملهايو. اسان
جو الطاف شيخ به ڪيتري عرصي کان بحريه ۾ چيف
انجنيئر آهي ”مالا ڪنڊ“ جهڙو پربت کي شرمائيندڙ
مڪمل ايئرڪنڊيشنڊ جهاز هلائي ٿو.
”شاهه جو سر سامونڊي پڙهڻ سان اهو واضح ٿيو وڃي ته اهو سر شاهه
صاحب رح جي اوائلي دور جو لکيل آهي. جڏهن شاهه
صاحب جن سير ۽ سفر ۾ هئا ”پهرئين زماني ۾ سفرناما
جاگرافيڪل حدن کان شروع ٿيندا هئا ۽ آهستي آهستي
تاريخ جي وهڪري ۾ جذب ٿي ويندا هئا“(18)
ماضيءَ جو مسافر مستقبل جو تاريخدان ٿي ويندو هو. پر اڄڪلهه جي
زماني جو حال ڪجهه ٻيوئي آهي. سائنس جي تيز
رفتاريءَ اوڀر ۽ اولهه، ڏکڻ ۽ اتر جي واڳن کي ڇڪي
اهڙو کڻي سوڙهو ڪيو آهي جو وقت ۽ فاصلي جو وجود
لڳاتار گهٽبو وڃي.
هاڻ فاصلي جا ماپا ارضي گهٽ ۽ نظرياتي وڌيڪ ٿيندا ٿا وڃن.
اهڙيءَ طرح مسافر به پنهنجي اک سان گهٽ ۽ عينڪ سان
وڌيڪ ٿو ڏسي.
ان عينڪ جا شيشا نيويارڪ ۾ ٺهيا هجن يا ماسڪو ۾ انهن جي حساب
موجب ڪجهه دنيا ڳاڙهي سرخ ته ڪجهه دنيا اڇي سفيد
نظر اچي ٿي. باقي ڪاري اونداهي.
لنڊن جي اک سان ڏسو يا پيرس جي اک سان انهن سڀني جي نظر ۾
آفريقا ڪارو ۽ ايشيا پيلو ئي رهندو.
ڳاڙهي ۽ اڇي جي ملاوت ۾ حسن آهي. نزاڪت آهي ۽ خوشبوءِ آهي. ڪاري
۽ پيلي جي ملاوت ۾ جدوجهد جي ڌوڙ ۽ ڌڌڙ؛ محنت جو
ٿڪ ۽ پگهر جي ڌپ آهي. رنگ ۽ ڌپ جو مونجهارو هڪ عام
مسافر يا (سفرنامو لکندڙ کي) سخت ذهني انتشار ۾
وجهيو ڇڏي.“(19)
ڪي ورلي مسافر آهن جيڪي ان خلفشار جو شڪار ٿا ٿين. انهن کي ڪنهن
قسم جي عينڪ جي ضرورت نه آهي. اُهي جيڪي ڪجهه ڏسن
ٿا پنهنجن ئي اک سان ڏسن ٿا ۽ جيڪي ڪجهه لکن ٿا
پنهنجي ئي مس سان. ۽ منهنجي خيال ۾ ڪامياب سفرنامو
لکڻ لاءِ اها بيحد اهم ڳالهه آهي.“(20)
سفرنامي جو لائبرري ڪوڊ:
(سڀني ٻولين لاءِ يڪسان)
سفرناما پڙهندڙن جي سهولت لاءِ مون اهو مناسب سمجهيو آهي ته کين
لائبرري ڪوڊ نمبرن کان واقف ڪري ڇڏيان، گذريل ڇهه
ئي مهينا مون مختلف لائبررين مان سفرنامن جا ڪتاب
وٺڻ ۽ پڙهڻ ۾ لڳايا ته مون کي ان ڳالهه جو تجربو
ٿيو ته ڪوڊ نمبر معلوم هئڻ جي صورت ۾ ڪهڙي به وڏي
لائبرريءَ مان ڪتاب آسانيءَ سان ڪڍائي سگهجن ٿا.
عام طور دنيا جي هر لائبرريءَ ۾ سفرنامن
(Tranvilogue)
لاءِ 910 ڪوڊ نمبر آهي جيڪو دراصل جنرل جاگرافي
سفرنامي جو نمبر آهي دنيا جي مشهور ڊيوي ڊسمل
ڪلاسيفڪيشن (20) موجب سفرنامن جي ترتيب جنهن طرح
سمجهايل آهي سا ڪجهه هن طرح آهي:
سامونڊي سفرنامن لاءِ
Collected Voyages of Adventures 0.453
سفر جا تفصيلات
Accounts of Journey of travil 0.4
يورپ جو سفرنامو
Geography of travil in Europe 914
ايشيا جو سفرنامو
Geography of travil in Asia 915
آفريقا جو سفرنامو
Geography of traivl in Africa 916
نارٿ امريڪا
Gegraphy of travil in North America 917
سائوٿ آمريڪا
Georaphy of travil in South America 918
دنيا جا ٻيا حصا
Other Parts of World 919
مان سمجهان ٿو ته سفرناما لکندڙ سنڌي اديبن مان الطاف شيخ کي
اهو اعزاز حاصل آهي جو سندس ڪتابن مان ڪن جا بين
الاقوامي شهرت رکندڙ لائبرري پبلشرن مثلاً مئڪ
گراهل وارن ڪيٽ لاگ ڪارڊ ٺهرايا آهن جن تي سڄي
دنيا جي لائبررين لاءِ يڪسان ڪوڊ نمبر درج آهن.
ڪي ڪي ماڻهو سفرنامي ۾ ناقابل يقين حد تائين مبالغي کان ڪم وٺن
ٿا ۽ پڙهندڙن کي شايد احمق سمجهن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته
جتان آئون ٿي موٽيو آهيان اتان ايندڙ صديءَ تائين
وري ورلي ڪو ويندو يا ورندو. جيئن مثلاً هڪ اخبار
۾ لکيل سفرنامي ۾ مون ڏٺو ته هن ملڪ ۾ ٻڪرين جو قد
ايترو ننڍو آهي جيترو ٻلين جو. ان حساب سان هڪ
ٻڪريءَ جو گوشت گهٽ هوندو آهي ۽ مرغيءَ جو وڌيڪ.
ڀلي ۾ ڀلي ٻڪري هڪ گلاس کير جو ڏئي ٿي. خبر ناهي
ان سفر ڪندڙ، اهي ٻڪريون ڪٿي ڏٺيون. ڪينگرو جا ٻچا
ننڍا ٿيندا آهن پر اهي ته صفا ننڍا ٿين ٿا جو قدرت
انهن لاءِ خطري جي وقت ۾ وري ماءُ جي پيٽ ۾ ڊوڙي
وڃي لڪڻ جو بندوبست رکيو آهي. باقي ٻڪرين بابت ته
اسان نه ٻڌو نه ڏٺو. خبر ناهي ته اهو سفرنامو ٿيو
يا سندس مزاج جو مسافرنامو.
هن خبر کي ٻڌي مون کي الطاف شيخ جو شڪار بابت مضمون ياد ٿو اچي
جنهن ۾ هو لکي ٿو ته ”اڄڪلهه شڪار بابت اهڙا مضمون
ڊائيجيسٽن ۾ ڇپجن ٿا جو جيڪڏهن شينهن پاڻ اهي
ڊائيجيسٽ پڙهن ته هوند کلي کلي کيرا ٿي پون.“
هن تحقيقي مقالي ۾ هڪ سو هڪ 101 ڪتابي صورت ۾ ڇپيل سفرناما ۽
ٻيا چوويهه کن رسالن ۽ اخبارن ۾ قسطوار ڇپيل
سفرنامن جي لسٽ شامل آهي جيڪي ڪم و بيش گذريل هڪ
صديءَ ۾ ڇپيا آهن. ٿي سگهي ٿو اڃا ڪيترا مون کان
رهجي ويا هجن جن جي پڙهندڙ اميد ته نشاندهي ڪرڻ
فرمائيندا. انهيءَ هڪ سئو ستٽيهه سفرنامن کي بنياد
بنائي مون سفرنامي جي صنف جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي ۽ پڻ
مقالي کي ڪوشش ڪري مختصر کان مختصر ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي اٿم. جيڪو تقريباً 8-9 مهينن جي لاڳيتي محنت
جو نتيجو آهي.
مون کي اميد آهي ته هيءَ محنت پڙهندڙن تائين پهچي ويندي ۽ مان
سندن راءِ ۽ مشورن جو منتظر رهندس.
سفرناما:
1- |
زيارت نامو سعودي عرب جو سفرنامو قافلن سان گڏ (مواد جي مواد
۾) |
مخدوم عبدالروف ڀٽي |
|
2- |
ڏاڙهياري جبل جو سير |
مرزا قليچ بيگ |
1900ع |
3- |
زيارت نامو سامونڊي سفرنامو ايران ۽ عراق (مرثيه جي مواد ۾) |
سيد ثابت علي شاهه |
1939ع |
4- |
ڪوماگتا مارو (ڪئناڊا جو سفرنامو) |
سوامي گووند آنند |
1914ع |
5- |
ڪشمير جو سير |
نارائڻ داس ملڪاڻي |
1926ع |
6- |
مسافريءَ جو مزو |
لالچند امر ڏنو مل |
1923ع |
7- |
سنڌ جو سيلاني |
ڀيرومل مهرچند |
1923 |
8- |
گجرات جو سئر |
نارائڻ داس رتن مل |
1931ع |
9- |
هند جو سئر (تصويرن سان) |
منوهر داس ڪوڙو مل |
1939ع |
10- |
دنيا جو چڪر |
سيٺ گنگارام تلڪ چند سنڌ ورقي |
1936ع |
11- |
سنڌ جو سير ۽ ميلا (منظوم) |
پروفيسر هاسانند |
1936ع |
12- |
ڪشمير جو سفرنامو گيان ياترا |
سوامي ٻوڌراج |
|
13- |
سير ڪوهستان |
الهه بچايو يار محمد سمون |
1942ع |
14- |
مسافر حجاز |
بدر دراني |
1950ع |
15- |
هردوار جو اتهاس |
روچيرام ڄيٺرام |
1938ع |
16- |
سکر جو سونهارو |
پرسرام مسند |
1942 |
17- |
سنڌ جو سفر |
قادربخش نظاماڻي |
1941 |
18- |
ٽنڊي آدم جو اتهاس |
ارجن سڪايل |
1956ع |
19- |
گليور جو سير ۽ سفر |
ترجمو: مرزا قليچ بيگ |
1941ع |
20- |
دور مشرق |
تيرٿ سانولاڻي |
1943ع |
21- |
سفر يورپ جي ڊائري |
قاضي عبدالمجيد عابد |
1960ع |
22- |
سنڌ جي درٻار |
جميس برنس ترجمو: محمد حنيف صديقي |
1964ع |
23- |
سنڌ کان سوات تائين |
مس زيڊ. اي. شيخ |
1964ع |
24- |
رهاڻ |
جي. ايم. سيد |
1964ع |
25- |
سير ۽ سفر (خطن رستي آمريڪا جو سير) |
پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه |
1965ع |
26- |
ابن بطوطه جو سفر (هندستان ۽ سنڌ بابت) |
مترجم: محمد ابراهيم عباسي |
1976ع |
27- |
منهنجو ساگر منهنجو ساحل (آمريڪا جو سفر نامو) |
الطاف شيخ |
1976ع |
28- |
سڪارتو سفر |
لوڪرام ڏوڏيجا |
1976ع |
29- |
لاڙ جو سير |
الهه بچايو يارمحمد سمون |
198ع |
30- |
بندر بازارون |
الطاف شيخ |
1971ع |
31- |
سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر |
هينري پاٽنچر ترجمو: محمد حنيف صديقي ۽ سومار علي سومرو |
1975ع |
32- |
وايون وڻجارن جون |
الطاف شيخ |
1976ع |
33- |
سير ريگستان |
محمد اسماعيل عرساڻي |
1974ع |
34- |
سون ورني ڌرتي (لبيا جو سفرنامو) |
ڊاڪٽر سليمان شيخ |
1976ع |
35- |
ارائونڊ دَي ورلڊ |
الطاف شيخ |
1979ع |
36- |
ڪويت ڪنارا |
الطاف شيخ |
1980ع |
37- |
مائوءَ جي ملڪ ۾ |
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو |
1972ع |
38- |
جاني ته جهاز ۾ |
الطاف شيخ |
1972ع |
39- |
ڇا جو ديش ڇا جو وديش؟ |
الطاف شيخ |
1973ع |
40- |
پيار جي گُهٽ |
الطاف شيخ |
1973ع |
41- |
سي ئي جوڀن ڏينهن |
الطاف شيخ |
1977ع |
42- |
ڏوريم ڏيساور |
عبدالحي پليجو |
1975ع |
43- |
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي |
شيخ اياز |
1975ع |
44- |
مون لينن جو ڏيهه ڏٺو |
شيخ عزيز |
1975ع |
45- |
سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين |
الطاف شيخ |
1976ع |
46- |
دينا آهي ڪاڪ محل |
الطاف شيخ |
1975ع |
47- |
سمونڊ جن ساڻيهه |
الطاف شيخ |
1972ع |
48- |
سمونڊ جي سيوين |
الطاف شيخ |
1973ع |
49- |
آمريڪا جو سير |
ڪريم ڏنو راڄپر |
1974ع |
50- |
سنڌڙي ٿي سڏي |
گرڌاري لال |
1982ع |
51- |
نئون ابن بطوطه |
محمد خان سيال |
1980ع |
52- |
سانباهو سمونڊ جو |
الطاف شيخ |
1980ع |
53- |
هيو سانگ جو برصغير جو سفر |
ابراهيم خشڪ |
1982ع |
54- |
ڳالهيون تنهن جپان جون |
الطاف شيخ |
1982ع |
55- |
هوائن جي آڌار تي (دبئي، جرمني، فرانس ۽ آمريڪا) |
فهميده حسين |
1981ع |
56- |
جپان رس |
الطاف شيخ |
1982ع |
57- |
بهترين سفرناما |
الطاف شيخ |
1983ع |
58- |
لنڊن جو سفرنامو |
فريده بشير |
1981ع |
59- |
جپان جن جي جيءَ سان |
الطاف شيخ |
1983ع |
60- |
سڪ جو سفر |
عبدالڪريم لغاري |
1982ع |
61- |
ديس پرديس (ڀارت جو سير) |
سليم قريشي |
1982ع |
62- |
رنگا رنگ مليشيا |
|
1983ع |
63- |
موج نه سهي مڪڙي |
الطاف شيخ |
1984ع |
64- |
من جا محل کنڊر |
لکمي کلاڻي |
1984ع |
65- |
ديسين وٽ پرديس ۾ |
عمر قاضي |
1984ع |
66- |
ڏوري ڏوري ڏيهه (لنڊن ڪولالمپور ۽ سينگاپور) |
تنوير عباسي |
1984ع |
67- |
پرين جي پرديس |
عنايت بلوچ |
1984ع |
68- |
هو جي وڻ ولات جا (آمريڪا جو سفرنامو) |
عبدالحي پليجو |
1984ع |
69- |
اپني گهوٽ ته نشا ٿيوئي (سڪارتو سفر جو نئون ڇاپو) |
لوڪرام ڏوڏيجا |
|
70- |
سفر من اندر |
نصير مرزا |
1986ع |
71- |
جيڪي ڏٺو هو مون (روس جو سفر |
ڪيرت ٻاٻاڻي |
1985ع |
72- |
سگهارو هماليه- هيڻا ماڻهو |
فقير محمد لاشاري |
1985ع |
73- |
ڪوالامپور ڪجهه ڪوهه نيپال جو سفرنامو |
الطاف شيخ |
1986ع |
74- |
انگلنڊ جا اڍائي سال |
لعل جوڻيجو |
1986ع |
75- |
نائيجيريا ۾ سورهن سال |
ڊاڪٽر احمد علي قريشي |
1987ع |
76- |
سُرهي سُرهي سار |
ماهتاب محبوب |
1987ع |
77- |
سامي سفر هليا |
ڊاڪٽر نواز علي شوق |
1987ع |
78- |
قدم ڪاپڙين جا |
فقير امداد علي سرائي |
1987ع |
79- |
دنگيءَ منجهه دريا |
الطاف شيخ |
1987ع |
80- |
مڪليءَ کان ملاڪا تائين |
الطاف شيخ |
1987ع |
81- |
پرديسي ڪهڙا پرين |
عنايت بلوچ |
1987ع |
82- |
سنگاپور ويندي ويندي |
الطاف شيخ |
1986ع |
83- |
جت جر وهي ٿو جال |
الطاف شيخ |
1988ع |
84- |
اندر جنين اڃ |
ماهتاب محبوب |
1987ع |
85- |
چين جو سفرنامو |
عبدالقادر جوڻيجو |
1988ع |
86- |
جيڪي ڏٺو هو مون |
ڪيرت ٻاٻاڻي |
1985ع |
87- |
رنگا رنگ ملائيشيا |
الهه ورايو اداسي |
1983ع |
88- |
موج نه سهي مڪڙي |
الطاف شيخ |
1984ع |
89- |
راهون چنڊ ستارا |
ماهتاب محبوب |
1989ع |
90- |
ڳالهيون آهن ڳچ |
الطاف شيخ |
1989ع |
91- |
ويرانين جو اوپن ايئر ٿئيٽر |
نصيرمرزا |
1989ع |
92- |
ونڊسر محل جو مسافر |
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو |
1990ع |
93- |
سي سڀ سانڍيم ساهه سين |
موتي پرڪاش |
1989ع |
94- |
روس جو سير |
جواهر لال نهرو ترجمو: آزاد قاضي |
1990ع |
95- |
آمريڪا ۽ يورپ جو سفرنامو |
علي مير شاهه |
1990ع |
96- |
ٽي مسافر ٽي ڏينهن |
اختر بلوچ اياز لطيف ۽ مريم |
1989ع |
97- |
جرني ٽو بينڪاڪ |
الطاف شيخ |
1991ع |
98- |
واهه واهه ملائيشيا |
عزيز راهي |
1991ع |
99- |
دنيا پنهنجي ديس پرايا |
اياز لطيف پليجو |
1991ع |
100- |
لنڊن تنهن جا ڪيڏا روپ |
طارق عالم ابڙو |
1991ع |
101- |
ترورا (چنڊ ٻه ٽڪر) |
تنوير عباسي |
1988ع |
رسالن ۽ اخبارن ۾ قسطوار ڇپيل سفرناما
ڪتابي صورت ۾ ڇپيل سفرنامن کان علاوه اسان جي سنڌي رسالن ۾
اخبارن پڻ سٺن سٺن اديبن جا سفرناما ڇپيا آهن جن
مان ڪي هي آهن:
1. ڪولمبس جي دنيا کان، رشيده حجاب انور، ماهوار ”سوجهرو“ ۾
2. سينگاپور جو سير، آغا سليم، ”سهڻي“ رسالو، حيدرآباد
3. انگلنڊ جو سفر، علي نواز وفائي، روزانه ”هلال پاڪستان“
4. هو جي پهڻ پٻ جا، مشتاق باگاڻي
5. هندستان کان آمريڪا جو سفر، ڊاڪٽر نبي بخش بلو، ٽماهي
”مهراڻ“ ڄام شورو
6. چين جو سفر، سراج ميمڻ، روزانه ”هلال پاڪستان“
7. سينگاپور جو سير، دستگير ڀٽي، روزانه ”هلال پاڪستان“
8. دنيا جو سير، ڪئپٽن ايس. ايم عالم، هفتيوار ”آزاد“ ڪراچي
9. رومانيه جو سفر، ڊاڪٽر انور ڀٽو، ماهوار ”گل ڦل“ ڄام شورو
10. ٿر جو سفر، خان محمد پنهور، روزانه ”عبرت“ حيدرآباد
11. آمريڪا جو سير، نور احمد نظاماڻي، ماهوار ”بادل“
12. دريائن جو ديس (بنگال)، الطاف شيخ، ماهوار ”بادل“
13. سعودي عرب، الطاف عباسي، ماهوار ”سوجهرو“
14. ڏيهه پرڏيهه، منير چانڊيو، هفتيوار ”برسات“
15. انگلنڊ جو سفر، غلام رسول ڪلهوڙو، ماهوار ”اديون“
16. سڄڻن سفر ساٿ، محمد هاشم ٺٽوي، روزانه ”هلال پاڪستان“
17. جتان سج ڪني ڪڍندو آهي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ماهوار
”پارس“
18. ڪاغان ماٿريءَ جو سير، ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو، ٽماهي
”مهراڻ“ 1984ع
19. ڪوئيٽا ڏي قرب سان، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ماهوار ”نئين
زندگي“ 1979ع
20. سنڌ تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾، ڊاڪٽر عابد لغاري
21. ميمڻ عبدالغفور سنڌي. ”سنڌي ادب ۾ سفرناما، ڇهه ماهي سنڌي
ادب“ 85-1978ع سنڌالاجي- ڄامشورو
22. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ: ٻيو ڇاپو
1980ع
23- ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي. ”سنڌي ادب ۾ سفرناما“ نئين زندگي،
ماهوار، ڪراچي، جولاءِ 1978ع
24- الطاف احمد شيخ سنڌي ادب ۾ سفرنامن جو تنقيدي جائزو. 1985ع
سيمينار لائبرري سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄام
شورو.
اردو ڪتاب:
1. ابن بطوطه کا سفر نامه
2. رئيس احمد جعفري ندوي. مسلمان سياح ۽ انهن جا سفرناما، نفيس
ايڪيڊمي 1961ع ڪراچي
3. بيگم اختر رياض الدين. ”سات سمندر پار“ 1964ع
پيش لفظ قدرت الله شهاب.
4ـ ڊاڪٽر قاضي خادم پروفيسر. ”سنڌي ادب کا سنده
باد جهازي“ روزانه جنگ 14- نومبر 1980ع
5ـ ”نئي دنيا- پرائي دنيا“ ش- فرخ
6ـ عبدالمجيد خان- سفرناما
7ـ ابن انشاء- دنيا گول هي
انگريزي ڪتاب:
ITravilled a lonely land by Nina lulliam
The
Temple Tiger by Tim Corbete
Lenangarded to
samarkand by Isphani
The Adventures of Maud, by Alan Neame
The World revisited by Stephan- Long Street. |