(ساروڻيون)
مولانا عبدالرحمان ”ضيائي“
دادا سنڌي
گهڻن سالن جي ڳالهه آهي. اونهاري جي موسم هئي ويتر روهڙي جي
منجهند. مان ميرپور اچڻ لاءِ، روهڙي پئسينجر، جنهن
کي عوامي زبان ۾ ”لنڊو“ چئجي ٿو، چڙهيم. تن ڏينهن
۾، ايتري رش ڪانه هوندي هئي. ويتري لنڊو هڪ لوڪ
ٽرين هئي؛ ان ڪري گاڏي گهڻو ڪري خالي هوندي هئي.
ائين ئي، مان پنهنجي گاڏي ۾، هڪ نيڪ صورت بزرگ
ڏٺو، اڇي سونهاري سنها ۽ کير جهڙا اڇا ڪپڙا، اڇي
پڳ، پيرن ۾ هلڪڙي سنڌي جُتي، ٿُلهن شيشن ۽ ڪارين
ڪمانن سان عينڪ، جا سندس شخصيت کي جاذب بڻائي رهي
هئي، ۽ هٿ ۾ بيد جو لڪڻ، جنهن جي هيٺئين ڇيڙي ۾
لوهي چهنبياري ميک لڳل. نه ڄاڻ نه سڃاڻ پوءِ به
ڇڪجي ڏانهس ويم ۽ السلام عليڪم چئي، هٿ ملايم. پاڻ
نهايت پاٻوهه مان هٿ وڌائيندي، هٿ ۾ هٿ ڏيندي
چيائون ته ”عبدالرحمان ضيائي“ بس! ايڏو ته خوش
ٿيم، ڄڻ ته قارون جو خزانو ملي ويو هيم جنهن جي
سالن کان ڳولا هئي، اهو سامهون ويٺو هو. ”هوت
تنهنجي هنج ۾، ڪڇين ڪوهه پرياڻ“ مون چيو ته ”سائين
ڪريم بخش سومر، داد لغاري جو ويٺل“ ترت وراڻيائون
ته ”ماستر الله بخش اوهان جو ڇا ٿئي؟“ چيم ته:
چاچو. پاڻ بغلگير ٿيا ۽ ڏاڍي سڪ سان ڳالهائڻ لڳا.
منهنجو چاچو مرحوم الله بخش پنهنجي دؤر جو سٺو
استاد ۽ ڄاڻو هو. ادب سان کيس چڱو چاهه هو. الوحيد
اخبار جو قاري هو. سماج ۾ سندس وڏي عزت هئي. تڏهن
استاد به اهڙا هئا.
مولانا ضيائي مرحوم به استاد هئا، ان ڪري ئي منهنجي چاچي مرحوم
سان، سندن ڄاڻ سڄاڻ هئي.
پاڻ، مولانا بهاءُ الدين پتافي جا فرزند ارجمند هئا. نيڪ صورت ۽
نيڪ سيرت. بهترين معلم ۽ متڪلام طبع ۽ شگفته گفتگو
ڪندڙ. گاڏي ۾ ميرپورماٿيلي تائين، ساڻس ڪچهري
ٿيندي رهي، علمي ۽ ادبي. هو تن ڏينهن ۾، حضرت
مخدوم طالب الموليٰ وٽ رهندا هئا ۽ سندن صاحبزادن
کي فارسي پاڙهيندا هئا. فارسيءَ جا بيت نهايت
سُريلي رقت انگيز نموني پڙهيائين پئي. مان ته
بنهه ڪورو ڄٽ، فارسي کي صرف ”ڪريما جو بشڪو کڻي
ويا ڇهه چور....“ پر پاڻ هڪ مثال استاد وانگر،
انهن بيتن کي ڏاڍي مؤثر انداز ۾ پئي سمجهايائون.
ميرپور ماٿيلي جي اسٽيشن تي لهڻ کان پوءِ، پاڻ جروار هليا ويا ۽
مون کي ڳوٺ اچڻ جي دعوت ڏنائون. اهو سندن علم
دوستن سان چاهه جو واضح ثبوت هو، ته هو کين
گُهرندو هو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. بهرحال
مان، هڪڙي ڏهاڙي صبح جو سوير، سائيڪل تي چڙهي،
سندن ڳوٺ ويس. واضح هجي ته، منهنجي ڳوٺ داد لغاري
۽ مولوي صاحب جي ڳوٺ ۾، چند ميل مفاصلو هو. ڳوٺ جي
چوڌاري ٻوٽا آدم قد جيڏا، ليون ۽ ڪرڙ. جهنگ ئي
جهنگ. زمينون سم جون ماريل. پاڻي ۽ کڏون کوٻا.
ڳوٺڙي ۾ ننڍڙو مدرسو. اڇي مسيت. ڪجهه ڪکاوان گهر ۽
ڪچا ڪوٺا، مسجد جي بنهه ڀر ۾، مولانا بهائي مرحوم
جي قبر، نهايت سادي نموني. هيڏو سارو عالم، ادب ۽
شاعر(1) فارسيءَ ۾ کيس سنڌ جو سعدي سڏين. جنهن
فارسيءَ ۾ في البديهه شاعري ڪئي. خواجه غلام فريد
سندس شاعري کي پسند ڪيو. شاعريءَ ۾ ”هاٿي“ انعام
طور ورتائين ۽ ان جي تربت! نورجهان جي تربت لاءِ
ڪنهن چيو هو ته:
بر مزار ما غريبان ني چراغي ني گلي
ني پر پروانه سوزد نه صدائي بلبلئي
هوبهو ساڳي حالت، حضرت بهائي جي تربت سان هئي. بهائي مرحوم، سنڌ
۾ فارسي ٻوليءَ کي جيئاريندڙ ۽ فارسي ادب کي
سنواريندڙ هو. اسان وٽ فارسي ادب جو جيڪو به اعليٰ
ورثو موجود آهي، ان ۾ بهائي جو وڏو مقام آهي.(2)
هن سعديءَ جي ديوان جي طرز تي، پنهنجو مڪمل ديوان
ڇپرايو. ”مڪتبئه بهائيه“ نالي هڪ ننڍڙي پريس هئي.
ڪجهه پنهنجا ڪتاب به ڇپرايا هئائون. سنڌي ٻوليءَ ۾
به سندس جهجهو ڪلام ملي ٿو.
مون ضيائي صاحب کي نياپو مُڪو. پاڻ چهنبدار لڪڻ سان نمودار ٿيا.
ساڳيو نوراني چهرو، ساڳي عينڪ، ساڳيا اڇا ڪپڙا،
ساڳيو قرب، ساڳي محبت، ٻن منٽن لاءِ چئي گهر ويا.
ٿوري دير کان پوءِ، اڇي چانورن جي ماني مکڻ ۽
لَسي، ڄڻ ته کين، سفيد رنگ سان ڪو اَلستي پيار هو!
جيڏانهن ڪيڏانهن اڇاڻ ۽ سفيدي، ”دعوت شيراز“ چئي،
مون کي کائڻ جو حڪم ڪيائون. واندو ٿي ڪچهري
ڪئيسون. ڪجهه مواد لکيم. ڪجهه کانئس ٻڌم. ڪچڙي
منجهند جو گهر واپس آيس. ان کان پوءِ سندن ڳوٺ وڃڻ
گهٽ ٿيو، ڇو ته پاڻ، اڪثر ڪري هالن ۾، مخدومن وٽ
رهندا هئا، پر جڏهن به ڳوٺ ايندا هئا ته، مون وٽ
داد لغاري ضرور ايندا هئا. ۽ پوءِ هوندي هئي، علمي
۽ ادبي ڪچهري. حضور اڪرم صلعم جو قول آهي ته ”نيڪ
ماڻهوءَ جي صحبت ۾ ويهڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن مَشڪ
فروش جي دوڪان تي ويهڻ. پوءِ جيڪڏهن اوهان، مَشڪ
خريد نه به ڪيو، ته گهٽ ۾ گهٽ، ان جي خوشبو سان
اوهان جو مغز معطر ٿي ويندو“ بنهه ساڳئي نموني
مولوي صاحب جي مجلس ۾ ويهڻ وقت، مٿئين حديث شريف
جو مفهوم سامهون ٿي آيو. ۽ ائين سمجهندو هوس ته،
منهنجو دماغ علم ۽ ادب جي خوشبو سان واسجي رهيو
آهي. پاڻ وڏن وانگر، مون کي صلاحون ڏيندا هئا ۽
ادبي دنيا جو به حال احوال ٻڌائيندا هئا.
ان زماني ۾، منهنجي، مؤرخِ سنڌ حضرت مولائي شيدائي رحه سان
ملاقات ٿي چڪي هئي ۽ سندن حڪم هيٺ، مون تاريخ ۾
دلچسپي وڄڻ شروع ڪئي، ۽ خاص ڪري سنڌ جي تاريخ تي
ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا. هڪ ڀيري ڳالهيون ڪندي، مولانا
ضيائي مون کي چيو ته: جيڪڏهن توکي سنڌ جي تاريخ کي
چڱي طرح پڙهڻو ۽ سمجهڻو آهي ته، فارسي ٻولي سک ۽
انهيءَ ۾، سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتاب پڙهه ۽ اها
حقيقت به هئي. سنڌ جي تاريخ تي جيڏو ذخيرو فارسي
زبان ۾ آهي، ايترو ٻين ٻولين ۾ ناهي. خود سنڌ جون
ٻه بنيادي تاريخون ”چچ نامو“ ۽ “تحفة الڪرام“ به
فارسي ۾ هيون، جن کي پوءِ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو.
دَراصل اسان سهل پسند آهيون ۽ چاهيندا آهيون ته
سواءِ ڪنهن محنت ۽ مشقت جي نالي ڪڍون ۽ اخبارن ۾
فوٽو ۽ وڏين سُرخين سان اسان جا نالا ڇپجن. ان ڪري
مطالعي کان ڪيٻائيندا آهيون. خاص ڪري، مشرقي
ٻولين، عربي ۽ فارسيءَ کان اسان جو نئون نسل دور
ٿيندو ٿو وڃي ۽ هنن ٻنهي زبانن ۾ سنڌ جي تاريخ جو
تمام اهم ۽ وڏو ذخيرو موجود آهي. جيڪڏهن اها حالت
رهي ته، لازمي طرح اسان جو تاريخي ورثو، جيڪو اڳي
ئي ڪٻٽن ۾ بند آهي، سو ختم ٿي ويندو. ۽ اسان جي
حالت ان بکايل انسان جهڙي هوندي، جنهن جي اڳيان
طعام به هجي، پر ان کي کائڻ جي منجهس سگهه نه هجي!
سيد حسام الدين راشدي هڪ تقرير ۾ به، انهيءَ ڳالهه
تي زور ڏنو هو ته، ”مشرقي ٻولين کي ڄاڻڻ ضروري
آهي“ جيڪڏهن اوهان سنڌ جي تاريخ ڄاڻڻ چاهيو ٿا.“
سيد صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾، سنڌ جي
تاريخ جا بنيادي ماخذ گڏ ڪيا هئا، جيڪي سڀ مشرقي
زبانن ۾ هئا، ۽ انهن کي ڇنڊي، ڇاڻي، صاف ۽ نڪور
ڪري سنڌ جي تاريخ جي عاليشان عمارت جوڙي، اسان جي
حوالي ڪئي.
مولانا ضيائي مرحوم جو به مخدوم صاحب جي ڪري، بورڊ ۾ گهڻو اچڻ
وڃڻ هو، ان ڪري ئي کيس فارسيءَ ۾ سنڌ جي تاريخي
ماخذن جي اٿاهه ذخيري جي ڄاڻ هئي، ان ڪري ئي مون
کي، فارسي ٻولي پڙهڻ لاءِ چيائون. مان شروعاتي
ڪوشش به ڪئي، پر مصروفيتن ۽ عدم توجهي سبب فارسي
پڙهي نه سگهيس. ان جو ڏک به اٿم ۽ ارمان به!
مولانا ضيائي مرحوم مفڪر، عالم ۽ علمِ عروض جا وڏا ڄاڻو هئا. هڪ
دفعي ڪچهري ڪندي، غزل جي ٽيڪنيڪي پهلوءَ تي گفتگو
ٿي ۽ ائين ئي مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي غزل
”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه
رڳو“ جو ذڪر ڇڙيو. مون کان پڇيائون ته ”هن غزل ۾
نظري ۽ فڪري غلطي ڪهڙي آهي؟ جيتوڻيڪ فني ۽ ٽڪنيڪي
لحاظ کان غزل اعليٰ آهي؛ پر معنوي لحاظ کان ضعيف
اهي“ مون چيو ته ”قبلا! اوهان ئي روشني وجهو“ چوڻ
لڳا ته ”محبوب جي هر شيءِ، هر ادا، هر فعل محبوب
هوندي آهي. ان جي ڪڙائي ۾ مٺاڻ ۽ جدائي ۾ مزو
هوندو آهي. محبوب جي قيد کي زندان سڏڻ ۽ زلف جي
ڪمند کي بند سڏڻ، نظري، فڪري ۽ معنوي لحاظ کان،
گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر ۾ ٺيڪ نه آهي ته پوءِ مون
کين شيخ اياز جو هن ئي طرز تي لکيل غزل، جيڪو
پهرئين ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيو هو ٻڌايو. ان غزل جي
مطلع آهي ته:
”بي مؤت مئا تو لاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رڳو،
هن دنيا ۾ اي ديس هئا، نادان هزارين مان نه رڳو!“
بروقت مون کي حڪم ڪيائون ته، اهو غزل مڪمل لکي ڏيو.
ساڳي طرز تي، اتي جو اتي، مون کي هڪ غزل ٻڌايائون. هي غزل موقعي
۽ مناسبت جي لحاظ کان هت ڏيڻ لازمي ٿو سمجهان، ته
جيئن هميشہ لاءِ ”ادبي تاريخ“ ۾ محفوظ ٿي وڃي:
تنهنجي برهه جي باهه آڙاهه ڪيا، سوزان هزارين مان نه رڳو.
ڪي علم اصول سندا عالم- ڪي حڪم هلائيندڙ حاڪم،
تنهنجي تهدل سان سڀ ٿيا خادم- سلطان هزارين مان نه رڳو.
ڪي ئي مرد مجاهد اهلِ صفا، ڪي رندي رمز جا راهه نما،
سوين قرب جي قيد ۾ قابو ٿيا، انسان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي مَدح ۾ محب مٺا منهنجا، ٿيا محو مدامي شاهه و گدا،
ڪن باغن ۾ بلبل مدح سندا، اعلان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي حسن جي هاڪ تمام مٿي ۽ لطف لياقت عام مٿي،
ڪيئي ڪامل تنهنجي ڪلام مٿي، قربان هزارين مان نه رڳو.
انهيءَ زلف دراز جي دام اندر، ٿيا قيد ڪروڙين شام و سحر،
۽ مثل ضيائي خاڪ بسر، پريشان هزارين مان نه رڳو.
مولانا عبدالرحمان ضيائي 1813هه جي، صفر مهيني ۾ ڳوٺ مولوي
بهاءُ الدين تعلقو ميرپور ماٿيلو ضلعو سکر ۾ ڄاوا.
هو پنهنجي والد جو ننڍي ۾ ننڍي ۽ ڇهون نمبر پٽ هو.
قرآن شريف جي تعليم پنهنجي والده ماجده کان
ورتائين ۽ عربيءَ جا ننڍا ننڍا ڪتاب، اوائلي دور
۾، پنهنجي پيءُ وٽ پڙهيو. ان وقت، جيئن ته سندن
والد بزرگوار ضعيف ٿي چڪو هو، خاص ڪري سندن نظر
گهٽ ٿي ويئي هئي، ان ڪري ضيائي وڌيڪ تعليم، ٻين
مدرسن مان حاصل ڪئي، سندن استادن ۾ مولانا
عبدالڪريم ۽ مولانا حافظ محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين
وارو اچي وڃن ٿا. سندن تعليم جا آخري مرحلا حافظ
محمد ابراهيم وٽ طئي ٿيا ۽ اتي ئي دستار بندي
ڪيائون. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي ڳوٺ ۾
مدرسو کولي درس تدريس جو ڪم ڪرڻ لڳا. ڪجهه وقت کان
پوءِ، مدرسو پنهنجن ڀائرن جي حوالي ڪري، پاڻ هالا
هليا ويا، جتي حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
صاحب وٽ رهڻ لڳا ۽ سندن چوڻ مؤجب، اتي صاحبزادن کي
فارسي ۽ علم عروض سيکاريندا هئا ۽ ڳوٺ واري مدرسي
جي به نظرداري ڪندا هئا.
مولانا ضيائي مرحوم کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي. فارسي ۽ سنڌيءَ ۾
شاعري ڪئي اٿس. علم عروض جي وڏي مهارت رکندڙ هو.
ان ڪري سندس اڪثر تصنيفون علم عروض بابت آهن، جن ۾
هڪ فارسي ڪتاب روائج العروض شرح بدرالعروض قابل
ذڪر آهي. 40 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب بهاول پور مان
ڇپيو هو. هاڻي ملڻ مشڪل آهي. ٻيو ڪتاب به فارسي ۾
علم قافيه متعلق آهي، جيڪو اڻ ڇپيل آهي، ڪتاب جو
نالو- ”القول الکافي في شرح تذکرة القوافي“ آهي.
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سندس پٽ حاجي عبدالغفور اهي ٻيئي
ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي معرفت ڇپرائڻ چاهي ٿو.
فارسي ۾ نثر کان سواءِ ضيائي جي شاعري به اعليٰ
پائي جي آهي. سندس فارسي ڪلام ۾ رواني ۽ سلاست
آهي.
مان ته ائين چوندس ته هن جي لاڏاڻي سان، سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو
هڪ اهم دور ختم ٿي ويو، جنهن دور جي شروعات سندن
والد بزرگوار کان ٿي هئي. مولانا ضيائي جو شاگرد،
محترم نياز همايوني، مڙيوئي دونهين دکايو ويٺو
آهي. هو فارسي زبان جو به وڏو ڄاڻو آهي. خاص ڪري
ڀٽ ڌڻيءَ جو فارسي ۾ منظوم ترجمو، سندس فارسي زبان
۾ اعليٰ مَهارت جو ثبوت پيش ڪري ٿو.
مولانا ضيائي مرحوم، سنڌيءَ جو به اعليٰ پائي جو شاعر آهي. پاڻ
جيئن ته فارسي ۽ عربي جا ڄاڻو هئا، ان ڪري سندس
شاعري ۾، انهن ٻولين جا لفظ گهڻا آهن. سندس سنڌي
شاعري فڪر ۽ فن، ذوق جماليات ۽ رُوحاني واردات جو
آئينو آهي. لفظن جي جڙت هيرن جي ڪڻين وانگر آهي.
سندس ڪلام ۾ اصليت ۽ پنهنجائپ آهي، سادگي، سلاست،
رواني ۽ پختگي آهي:
نه جان باقي نه تن آ باقي، ٿيا مڙئي بد هلاڪي،
متان ٿئي منهنجو دوست شاڪي، انهن مڙين کي مجاب سمجهي.
ٿيس مان فرقت ۾ جُهوريارو، بدن بڻايم طنبور يارو،
جڏهن پوي ٿو ڪو پُور يارو، وڄايان رڳ رڳ رباب سمجهي.
اٿم تمنا اها سدائي، حبيب حق جا ڪري ڀلائي،
پري نه پاڻئون رکج ”ضيائي“، گناهگار و خراب سمجهي.
ضيائي جيئن ته تصوف ۽ فارسيءَ جو درس گهران ئي حاصل ڪيو، ان ڪري
سندس ڪلام ۾ تصوف جي چاشني، هجر ۽ وصال، عشق ۽
جذبات جا دلڪش نمونا ملن ٿا:
ڀَڃي هستي جا سَڀ ڀورا بقا بالله حاصل ڪر،
ڀڃڻ پنهنجي سان ٿئي دريا حَباب آهسته آهسته.
وڳو وحدت سَندو پائي، ڪڍيو سون قيد ڪثرت جو،
لٿا دل تان ٻييائي جا، حجاب آهسته آهسته.
ڪر فنا هستي موهوم مٺا، ته ڏسين ملڪ بقا جو بهبود.
حق اهو آهي ۽ هڪ آهي، مگر پَڪ رکج شڪ ۾ ڪين ڪر گم سود.
فقر ”اذامم هوالله“ سڃاڻ- ڇڏ ضيائي تون ٻيائي جو غنود.
ضيائي جي شاعري، جيتوڻيڪ قديم فارسي رڱ ۾ رڱيل ۽ تصوف، عشق ۽
محبت جي مذڪورن سان پُر آهي، پر ڪٿي ڪٿي، هن ۾
سماجي ارهه زوراين ۽ سماجي من ڀيد جو پرتوو به ملي
ٿو:
دل اميرن جي کي، بريان ٿي ڪري برياني،
مَزه نان جوين خِشڪ جو مزدور کان پڇ.
مؤلانا ضيائي، بنيادي طرح عالم هئا. ۽ مٿن مذهبي رنگ چڙهيل هو.
ان ڪري سندس شاعري ديني ۽ مذهبي آهي. مولانا گرامي
صاحب سندس ڪلام تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته: مولانا
ضيائي جي فارسي ۽ سنڌي شاعري پختي ۽ معياري آهي ۽
قديم رنگ تي مشتمل آهي.
پاڻ ديني ۽ عشقيه ڪلام گهڻو چيو اٿن. زبان عالمانه ۽ انداز بيان
شاعرانه آهي، ڪلام ۾ اها خوبي آهي جو قديم رنگ
هوندي به منجهس فن جي چاشني مؤجود آهي.“ ضيائي
صاحب جون ڪافيون، غزل نما آهن:
شل دوست اچي دل شاد ڪري،
ويران اڱڻ آباد ڪري.
اي غنچه دهن اي سيمي بدن، اي حسن جي باغ جا سرو و سمن،
ڪو لطف مان ساڻ سڄڻ، جو ساهه سدا فرياد ڪري.
جڏهن عڪس اوهان جو گل تي پيو، تڏهن هوش هلي بلبل جو ويو،
۽ قمري ڪوڪو ورد ڪيو، تنهنجي قامت کي شمشاد ڪري.
آهين شاهه، ڇڏي ڏي گدائي کي- ڏس پاڻ ۾ نور خدائي کي.
اهو اَمر عجيب ضيائي کي، چيو پير مغان ارشاد ڪري.
بهرحال ضيائي جي فارسي توڙي سنڌي شاعري ثابت ڪري ٿي ته اسان هن
شاعر کي (فيبروري 1977ع) ۾ وڃائي وڌ ۾ وڌ ادبي
نقصان سَٺو آهي. ضيائي جي فارسي ۽ سنڌي ڪلام جو
وڏو ذخيرو ”مجموعه الغزليات“. جي نالي سان، سندن
پونين وٽ محفوظ آهي. هي سنڌي ادبي بورڊ جو فرض آهي
ته، سنڌ جي هن اعليٰ شاعر جي نگارشات کي اشاعت جي
زيور سان آراسته ڪري، ادبي دنيا کي، سندس چمڪ ڌمڪ
ڏيکاري.
اشارا
1ـ شيخ سعديؒ جي ڪريما جو پهريون شعر آهي:
کريما به بخشائي برحال ما،
که هستم اسيري کمندي هوا.
يعني ”اي مهربان اسان جي حال تي رحم ڪر جو مان خواهشات جو قيدي
آهيان.“ عوامي زبان ۾ مزاحيه انداز ۾، هي شعر ان
انداز ۾ ڳايو ويندو آهي، جيئن مون مٿي لکيو آهي.
مولانا بهاءُ الدين ولد جلال الدين ڀاوناڻي قبيلي مان پتافي
بلوچ هئا. 1239هه ۾ گهوٽڪي تعلقي جي هيبت شهيد ڳوٺ
۾ ڄاوا قرآن شريف هڪ مائي وٽ پڙهيا. فارسي جي
تعليم مولوي حسين بخش کان ورتائون ۽ عربي سيد علي
اڪبر وٽ پڙهيا. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ درس
تدريس جو ڪم ڪيائون. 25 ورهين کان پوءِ اتان لڏي
ڳوٺ مٺي لغاري لڳ داد لغاري ۾ اچي مدرسو کوليائون.
ڪجهه وقت کان پوءِ داد لغاري کان 5 ميل پري،
پنهنجي نالي تي ڳوٺ ٻڌرائي، مدرسو کولي ويٺا. پاڻ
114 سالن جي عمر ۾ 23 شوال 1352هه ۾ وفات ڪيائون.
مولانا بهائي، طريقت ۾ خواجه غلام فريد جو مريد هو ۽ سندن دوستن
۾ مولانا عبدالغفور همايوني، حافظ محمد صديق
ڀرچونڊوي ۽ پير صاحب حزب الله شاهه پير پاڳارو ۽
غلام صديق شهداد ڪوٽي هئا. مولانا صاحب جون ننڍيون
وڏيون 18 تصنيفون فارسي ۾ ۽ 4 سنڌي ۾ آهن. سندس
اڪثر ڪتاب، رياست بهاولپور جي نواب ۽ وزيرن جي
حڪمن تحت بهاولپور جي سرڪاري پريس ۾ ڇپيا. ڪجهه
ڪتاب، پنهنجي ڳوٺ ۾ قائم ڪيل پريس ”مڪتبئه بهائيه“
مان به شايع ڪرايائين. فارسي ڪتابن جا نالا هي آهن
1- بدرالعروض 2- تذڪره القوافي 3- ياد خدا 4- خورد
و خواب 5- مثنوي 6- ديوان نعتيه 7- ديوان بهائي 8-
سرمايه اخلاق حسن 9- ما شهيدان 10- مناجات بقاضي
الحاجات 11- ڪريما بهائي 12- مراس العلوم يعني در
منظوم 13- مجمع القوائد 14- داستان عاشقانه 15-
مَراة الخيال 16- چهل احاديث منظوم 17- تنبيہ نجدي
18- ڪتاب جي نالي جي خبر ناهي.
سنڌي ۾ هي ڪتاب آهن: 1- تنبيهه الڪاهلين 2- بلال نامه 3- ڏاچي
نامو 4- خطبن جو مجموعو.
فارسي ۽ سنڌي ڪتابن مان گهڻا ڇپيل به آهن. مولانا بهائي کي ڇهه
پٽ ٿيا: 1- مولوي محمد يوسف، 2- مولوي جلال الدين،
3- مولوي محمد بخش خيالي، 4- فقير احمد الدين، 5-
مولوي محمد اعظم سراجي، 6- مولوي عبدالرحمان
ضيائي.
مولوي محمد بخش سنڌي ۽ فارسي جو سٺو شاعر هو. سندس فارسي ۾
”ڪريمه خيالي“ ڇپيل ڪتاب آهي، جيڪو بهاولپور مان
شايع ٿيو. سنڌيءَ ۾ سندس مؤلود مشهور آهن.
ولهين جو ڀروسو وارث محمد مصطفيٰ آهي،
اسان هيڻن فقيرن جو، اهو حاجت روا آهي.
اهو محبوب موليٰ جو- اهو مطلوب موليٰ جو،
اهو مرغوب موليٰ جو- سو رهبر رهنما آهي.
مولوي محمد اعظم سراجي به سٺو شاعر هو. سنڌيءَ ۾ قصو سسئي
پنهون، قصو هير رانجهو ۽ مختلف غزل ۽ ڪافيون، سندس
دستي ڪتاب موجود آهن.
مولوي محمد عالم سومرو اختر ميرپور ماٿيلي شهر جو ويٺل هو.
فارسي ۽ عربيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ عالم هو. قرآن شريف
جو ترجمو ڪيل اٿس جيڪو گذريل سال ڇپيو آهي، پاڻ به
سنڌي سرائڪيءَ جو سٺو شاعر هو. مولوي بهاءُ الدين
جو شاگرد هو. شاعريءَ جو شوق به وٽانئس پرايائين.
تازو وفات ڪري ويو آهي. |