سنڌي ادب جا مسئلا ۽ اُن جا حل
(هي مقالو 1991ع ۾ سنڌ ثقافت ڊپارٽمينٽ طرفان سڏايل
ادبي ڪانفرنس لاءِ لکيو ويو هو)
ڊاڪٽر غلام علي الانا
انسان ذات جي رهڻي ڪهڻي، اُٿڻي ويهڻي ۽ روزمره جي زندگيءَ جو سڀ
کان اعليٰ رڪارڊ ۽ اُتم خزانو هر دور ۾ ٻولي ئي
رهي آهي، جيئن جيئن ڪنهن قوم جي رهڻي ڪهڻي، گذر
معاش، اُٿڻي ويهڻي ۽ سماجي قدرن ۾ فرق ايندو رهيو
آهي، جيئن جيئن انسان ذات جي تهذيب ۽ تمدن ۾ ترقي
ايندي رهي آهي، تيئن تيئن، انهيءَ ترقي ۽ تبديل
جو، اُن قوم جو ٻوليءَ تي پڻ اثر ٿيندو رهيو آهي؛
اُن ۾ پڻ تبديلي ۽ ترقي ايندي رهي آهي، اُن ۾
اضافو ٿيندو رهيو آهي. دنيا جو اهو وهنوار، هر دور
۾ جاري رهيو آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي بلڪل درست
لکيو آهي ته.“
”هرڪا ٻولي پنهنجي جاءِ تي هڪ گونا گون گنج ۽ عجب اسرار آهي،
ٻولي عقل ۽ علم جو وڏو وسيلو آهي. ٻولي انساني عمل
جو نمونو آهي ٻولي ماڻهن جي ثقافتي، علمي ۽ ادبي
ڪارڪردگيءَ جو حصو آهي.“(1)
ٻولي، انساني سماج، تهذيب ۽ تمدن سان واسطو رکي ٿي ڇاڪاڻ ته
ٻولي انساني عمل جي ذميدار آهي، ٻوليون مُئل ماڻهن
جي هڏين مان نه، پر زنده ماڻهن جي روزمره جي
زندگيءَ مان اُڀريون ۽ اُسريون آهن، ان ڪري هيئن
چئبو ته ٻولي قومن جي زندگي ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ
جو آئينو آهي.
مٿئين وصف جي روشنيءَ ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو جائزو وٺجي ٿو تڏهن
اهو ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌي ٻولي به هڪ سماجي قوت،
علم ۽ عقل جو اٿاهه مها ساگر، لُغتِ معنيٰ، علم
ادب، خيال ۽ اظهار جو هڪ گنج آهي. سنڌي ٻولي، سنڌي
قوم لاءِ آب حيات آهي؛ انساني روح جو سدا تازو،
ڀريو ڀاڳيو پاڪ چشمو آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو
ماضي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ پنهنجن تمنائن جو، پنهنجيءَ
ڄاڻ جو، پنهنجي تجربي جو، اڳ- ويچار ۽ پروڙ جو،
عڪس ڏسن ٿا ۽ اهو سڄو ڪم سندن سگهڙ، سياڻا سخنور،
اديب ۽ شاعر ڪن ٿا.(2)
سنڌي ٻولي هر دور ۾ ارتقا پذير رهي آهي، اُن جو خاص سبب هي آهي
ته سنڌ جي اديبن، شاعرن، عالمن ۽ فاضلن پنهنجي
ماحول ۽ معاشري جو هميشہ گهرو مطالعو پئي ڪيو آهي.
هر دور جي ماحول، اُن جي مسئلن، معاشري جي
تبديليءَ جو اثر، ٻوليءَ تي به ضرور ٿيندو رهيو
آهي. اديب ۽ شاعر، شعوري طور ۽ لاشعوري طور، اُن
جو رڪارڊ پنهنجين لکڻين ۾ رکندا پئي آيا آهن، جنهن
جو پتو، وقت جي نقادن ۽ ماهرن جي تجزئي مان پوي
ٿو.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو ته:
”ادب جو سماجي ڪارج وارو اڀياس افاديت جي خيال کان اسان لاءِ
ٻولي، سماج، ڪلچر ۽ ادب جي باري ۾ ڪئين نقطا واضع
ڪري ٿو؛ ڪئين مسئلا حل ڪري ٿو؛ ڪئين راهون کولي
ٿو؛ ڪئين سوال اُڀاري ٿو. هن طرح اسان جي هن قسم
جي اڀياس مان سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج جي
باري ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ وڏو مواد حاصل ڪري سگهون
ٿا“(3).
ڪنهن به قوم يا زبان جو ادب، اُن زبان جي ئي پيداوار هوندو آهي،
ان ڪري ادب جي مسئلن، تي ڪجهه لکڻ يا ڳالهائڻ کان
اڳ، مون هن موضوع کي هيٺين چئن عنوانن ۾ تقسيم ڪيو
آهي؛
(الف) سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا
(ب) سنڌي اديبن جا مسئلا
(ت) سنڌي ادب جا مسئلا، (جنهن ۾ سنڌي ادب جي پيداوار، ادبي مواد
جي اشاعت ۽ ڪتابن جي وڪري جا مسئلا شامل ڪيا ويا
آهن.)
(ج) سنڌي سماج جا مسئلا
جيتوڻيڪ سنڌي سماج جي مسئلن کي اولين حيثيت ڏني وڃي ٿي. پر مون
هن مقالي ۾ انهن مسئلن کي چوٿين نمبر تي رکيو آهي
ڇاڪاڻ ته هن مسئلي تي گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي.
جيستائين سنڌي ٻوليءَ جي مسئلن کي واضح طور نه سمجهبو، تيستائين
سنڌي اديبن جا مسئلا بيان ڪري نه سگهبا ۽ جيستائين
سنڌي اديبن جا مسئلا نه سمجهبا تيستائين سنڌي ادب
جا مسئلا پڌري پٽ ٿي نه سگهندا.
اهڙيءَ طرح ادبي ادارن جا به مسئلا آهن ۽ ڪجهه مسئلا اهڙا آهن
جن کي ”عام مسئلا“ جو عنوان ڏيئي، انهن کي ڌار
بيان ڪيو ويو آهي.
دنيا ۾ هر ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ، اُن ٻوليءَ جي رٿا يعني
Language planning لاءِ سوچيو ويندو آهي ۽ ڪي قدم کنيا ويندا آهن. ٻولي يا ٻولين
جي رٿابنديءَ وارو قدم، هر ملڪ ۾ نهايت ئي اهم
سمجهيو ويندو آهي، اُن قسم جو فيصلو ۽ اُن تي کنيل
قدم يا ڪيل عمل، يعني اُن ٻوليءَ کي معياري بنائڻ،
اُن لاءِ رسم الخط مقرر ڪرڻ، اُن کي ذريعه تعليم
جو درجو ڏيڻ، اُن کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ڏيڻ
وارو قدم، اُن کي سرڪاري يا دفتري ٻولي ۽ رابطي
واري ٻوليءَ جي سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي،
پاڪستان جهڙي گهيڻ- ٻوليائي يا گهڻين ٻولين واري
ملڪ لاءِ ٻولي/ ٻولين جي رٿابندي هڪ اهم قدم آهي،
جنهن تي قيام پاڪستان کان اڳي ڪنهن فيصلي ڪرڻ يا
اُن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت هئي پر اڃا تائين ائين نه
ڪيو ويو آهي.
ٻولين جي رٿابندي اُن ڪري به ضروري سمجهي ويندي آهي، جو هن قسم
واري رٿابندي، قومي تعليم جي رٿابنديءَ ۾ مدد ڪندي
آهي. ڪئناڊا، چين، ساويئيٽ يونين، ڀارت،
افغانستان، ايران، ترڪي، تنزانيا، ڪينيا،
انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ آفريڪا ۾ رائج ٻولين، انهن
جي ترقي، سرڪاري ۽ دفتري حيثيت ۽ رابطي واري
ٻوليءَ جي مسئلي کي هميشه لاءِ حل ڪيو ويو آهي.
ڪنهن به ٻوليءَ جي علم ادب جو فروغ به، ٻوليءَ جي رٿابنديءَ تي
مدار رکي ٿو. سنڌي زبان جي سلسلي ۾، ٻوليءَ جي
رٿابنديءَ جي تاريخ به تمام پراڻي آهي. هن موضوع
تي مون پنهنجي ڇپيل ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي
تاريخ (اوسر) ۾ تفصيل ۽ مثالن سان بحث ڪيو آهي.
جيئن جيئن حال کان ماضيءَ ڏانهن وڃبو، تيئن تيئن
سنڌي ٻوليءَ جي رٿابنديءَ لاءِ گهڻا مثال ملن ٿا.
اسين بيشڪ انگريزن ۽ انگريز حڪومت کي ننڍيون پر اهو قبول ڪرڻو
پوندو، ته انگريزن پنهنجي حڪومت جي اوائلي ڏينهن ۾
ئي، سنڌي زبان لاءِ هڪ پاليسي تيار ڪئي، اُن
پاليسيءَ تحت نه فقط سنڌي زبان کي سرڪاري ۽ دفتري
زبان طور رائج ڪرڻ لاءِ حڪم نامو جاري ڪيو ويو، پر
اُن کي مادري زبان طور ترقي وٺرائڻ ۽ اُن جي فروغ
لاءِ پهرين هڪ رسم الخط مقرر ڪري پوءِ صورتخطيءَ
کي آخري شڪل ڏني ويئي، جيڪا سڀني لاءِ قابل قبول
هئي. ”سنڌ ۾ سنڌيءَ“ زبان کي ذريعه تعليم طور،
اهميت ڏيڻ لاءِ ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم جي بندوبست
لاءِ تعليم کاتو قائم ڪيو ويو؛ هن کاتي سنڌي زبان
جي سکيا ۽ سنڌي زبان ۾ سکيا لاءِ درسي ڪتاب تيار
ڪرائڻ شروع ڪيا؛ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪرايا ويا؛
ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ علم
التعليم، تاريخ، رياضي، جاگرافي، جاميٽري، آلجبرا،
منطق، اقتصاديات ۽ ٻين علمن تي ڪتاب ترجمو ڪرائي،
سنڌي ٻوليءَ کي انهيءَ لائق بڻايو ويو ته اها
ٻولي، علم پرائڻ ۽ سکڻ جي وسيلي طور ڪم اچي سگهي،
هن ڏس ۾ ترجمن تي انعام رکيا ويا؛ سٺن سٺن ترجمن
تي انعام ڏنا ويا؛ نه فقط ايترو پر سرڪاري طور
ڪتابن، فني اطحالحن لفظن وغيره جي ترجمي ڪرڻ لاءِ
مترجم مقرر ڪيا ويا ۽ انگريز آفيسرن جي مدد لاءِ
ترجمو ڪندڙ ماهر مقرر ڪيا ويا. مطلب ته اهو سڀ
ڪجهه هڪ ”رٿا“ تحت ڪيو ويو.
جيڪڏهن انگريز حڪومت کان اڳ واري زماني يعني ٽالپرن واري دور يا
اُن کان به اڳتي ڪلهوڙن، مغلن، نوابن، ترخانن،
ارغونن، سمن ۽ سومرن جي دور جو جائزو وٺبو ته
معلوم ٿيندو ته هر دور ۾ سنڌي زبان لاءِ ڪنهن نه
ڪنهن رٿا موجب ضرور ڪم ٿيو آهي. ايتري قدر جو
سومرن جي دور ۾ به مذهبي تبليغ ۽ مذهبي تعليم لاءِ
حساب ڪتاب رکڻ لاءِ سنڌي زبان ۾ سکيا جو بندوبست
هوندو هو. ان ساري عمل لاءِ ڪنهن رٿا موجب ڪم
ٿيندو هو. اُن وقت به ماهرن ۽ ودوانن، ڪنهن سوچ ۽
ڳڻ ڳوت موجب ماڻهن جي گهرجن کي ڌيان ۾ رکي، ٻوليءَ
جي مسئلن تي ڌيان ڏنو، نه فقط اُن وقت ٻوليءَ تي
ئي ڌيان ڏنو ويندو هو پر البيرونيءَ ته علم ادب،
شعر و شاعري، چندوديا، ماترائن کان سواءِ ويا ڪرڻ
جي باري ۾ به گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي.
سنڌ ٻوليءَ جا مسئلا
اهي ته ٿيون ماضيءَ جون ڳالهيون؛ موجوده زماني ۾ ”سنڌي“ ادب جي
مسئلن تي سوچڻ لاءِ ويهي ڪي راهون هموار ڪرڻ به هڪ
نيڪ قدم آهي، سنڌي ادب جي مسئلن تي سوچڻ، اُن لاءِ
ڪي گس گهڙڻ کان اڳ، اهو به ضرور سوچڻو پوندو ته
سنڌي ٻولي هن وقت ڪهڙن ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيئي
رهي آهي؛ ڪهڙا ڪهڙا مسئلا آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي
ترقيءَ کان روڪيو بيٺا آهن؛ ڪهڙا ڪهڙا مسئلا آهن،
جيڪي سنڌي بوليءَ جي ادب جي فروغ ۾ رڪاوٽون بنيل
آهن، منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي مسئلا
درپيش آهن، اُنهن جو ذڪر مون پنهنجي هڪ ٻئي اڻڇپيل
ڪتاب ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جدوجهد“
۾ ڪيو آهي. اُنهن مان ڪن جو مختصر طور ذڪر ڪريان
ٿو:
سنڌيءَ کي ذريعه تعليم طور ختم ڪرڻ- هن ڏس ۾ قدم ون يونٽ ٿيڻ
سان ئي کنيو ويو. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان کي
جيڪو نام نهاد پهريون دستور ٺهي مليو، اُن جي باري
۾ ”مهراڻ“ رسالي جي اڳوڻي ايڊيٽر مولانا غلام محمد
گراميءَ فرمايو ته:
”گذريل ٽن مهينن، ۾ اسان جو وطن پاڪ،“ اسلامي جمهوريه پاڪستان
جي نهال ڪندڙ نالي سان نوازيو ويو آهي، ”اسلامي
جمهوريه پاڪستان جي تعريف، تعارف ۽ دستور العمل ۾
يعني اُن جي آئين ۾- جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا
نالا ناپيد آهن، تڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جتي اڳي
هيون، اُتي اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن، سج جي
وجود کان انڪار صرف اکين کان سڄائي ڪري ٿا سگهن.“
گرامي صاحب اڳتي فرمائي ٿو:
”سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت به ڪي ڏينهن- اڌ جون چيزون ڪينهن. دنيا
جي قديم ۽ عظيم کان عظيم ثقافتن ۽ ٻولين جي صف ۾
کين امتيازي جڳهه حاصل هئڻ جو بجا فخر آهي، جيڪڏهن
پاڪستان جي صاحب مشرق ۽ صاحب مغرب حضرات جي في
الحال منجهن اک نٿي ٻڏي، ته اُن ۾ انهن صاحبن جي
پنهنجي ئي شيڪي ۽ شوم نگاهن جو قصور آهي- سنڌ ۾
سنڌي ٻوليءَ جو وجود سندن نظر فيض اثر تي منحصر نه
آهي.“(4)
اهڙي طرح ون يونٽ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي مخالفت ۾ هيٺيان قدم
کنيا ويا:
سنڌ يونيورسٽيءَ مان لازمي سنڌيءَ وارو فيصلو ختم ڪيو ويو.
ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي زبان کي نه صرف ذريعه تعليم طور ختم
ڪيو پر سنڌي زبان لاءِ يونيورسٽيءَ جا دروازا پڻ
بند ڪيا ويا.
آڪٽوبر 1958ع واري مارشل لا کان پوءِ تعليمي پاليسيءَ موجب سنڌ
۾ سنڌي زبان کي ذريعه تعليم طور ختم ڪري فقط ڪلاس
پنجين تائين مادري زبان طور پڙهڻ جي اجازت ڏني
ويئي. هن فيصلي تي سنڌ ۾ سنڌي زبان سوسائٽيءَ جي
معرفت سنڌ جي ماڻهن آواز اُٿاريو، نيٺ سنڌي زبان
کي ساڳيو درجو ڏنو ويو. هنن ڳالهين جو تفصيل مون
پنهنجي اڻڇپيل ڪتاب ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ
لاءِ جدوجهد“ ۾ ڪيو آهي.
موجوده وقت سنڌي زبان کي جن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اُهي
هي آهن:
سنڌي پرائمري اسڪولن جو خاتمو: سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي ۽
حيدرآباد مان سنڌي زبان جا ابتدائي اسڪول يعني
پرائمري اسڪول ڪنهن سازش تحت، سلسليوار، هڪ ٻئي
پٺيان بند ڪيا ويا آهن.، ان ڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽
سنڌ جي ٻين ڪن وڏن شهرن ۾ جن جن علائقن ۾ سنڌي
ڳالهائيندڙن جي آبادي آهي، اُنهن علائقن ۾ آهستي
آهستي سنڌي پرائمري اسڪول بند ڪيا ويا ۽ بند ڪيا
پيا وڃن جيئن سنڌي ڳالهائيندڙ ٻار مجبوراً سنڌي
زبان نه پڙهن.
هن ڏس ۾ اسان پنهنجا دشمن پاڻ به بڻيا آهيون. ڪراچي حيدرآباد،
ميرپورخاص بلڪ سکر ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون سنڌي
فيمليون آهن جن پنهنجن ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ ته
ڇڏيو پر انهن سان پنهنجن گهرن اندر به سنڌي
ڳالهائڻ ڇڏي ڏني آهي، انهن ۾ ڪيترائي وڏ وڏيرا،
وڏا خانداني ماڻهو، ڪامورا، واپار ۽ نام نهاد قوم
پرست پڻ آهن.
سنڌي زبان ۾ چڱا بنيادي، معلوماتي ۽ فني
(Technical)
نوعيت جا ڪتاب ۽ مواد بلڪل ڪونهي، ان ڪري اسان جو
سمجهدار طبقو اردوءَ ۾ اهڙي مواد جي تلاش ڪري ٿو ۽
خريد ڪري ٿو. اهو عمل سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ
نقصان ڪار ثابت ٿيندو. هن ڏس ۾ علامه آءِ- آءِ
قاضيءَ جهڙي جڳ مشهور عالم فرمايو ته:
”سنڌي زبان جي بقا جو هڪ مؤثر طريقو هي آهي ته
سنڌين ۾ قوت فڪر پيدا ٿئي؛ جيئن اُهي نئين خيال ۽
نئين معنيٰ کي سنڌي زبان ۾ قلمبند ڪن، ائين ڪرڻ
سان سنڌي زبان جي زندگيءَ ۽ بقا جو سوال پاڻهي حل
ٿي سگهي ٿو.“(5)
ان سلسلي ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي برک دانشور، سيد حسام الدين شاهه
راشديءَ فرمايو هو ته: ”شعر، افساني ۽ ڊرامي کان
سواءِ ٻيا به اهم موضوع آهن، جن تي نئين نسل کي
فوري توجهه ڏيڻ کپي؛ ڪابه قوم فقط شعر، افساني ۽
ڊرامي جي سهاري جيئري رهي نه سگهندي، سنڌ جي تاريخ
به هڪ اهم موضوع آهي، جيڪو هن وقت تائين اکين کان
ٽريل رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ طرف ڌيان ڏيڻ سان،
سندن ادبي تعليمات ۾ نئون رنگ ۽ رس ڀرجي ويندو،
نوان موضوع ملندا ۽ نرالا عنوان قائم ٿيندا ۽
پنهنجن خواهه پراون جون اکيون کلي پونديون“(6).
راشدي صاحب جي هيءَ راءِ يقيناً اُن دور جي ٿي سگهي ٿي جڏهن پاڻ
سنڌ جي افسانوي ادب ۾ ايتري قدر دلچسپي وٺڻ شروع
نه ڪئي هئائون ۽ سنڌ جي نوجوان جديد اديبن سان
سندن دوستيءَ جا ناتا شروع نه ٿيا هئا؛ دوستن کي
ياد هوندو ته ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ جي افسانوي ادب
واري ڪانفرنس ۾ راشدي صاحب سنڌي افساني کي سنڌي
ادب جي بهترين صنف ۽ سنڌي سماج جي نمائنده صنف
سڏيو هو.
سنڌ جو علم ادب هر دور ۾ جديد ادب طور نظر آيو آهي، شاهه لطيف
سنڌي ثقافت ۽ سنڌ جو آواز آهي؛ لطيف سنڌي سماج ۽
سنڌ جو پيامبر آهي؛ لطيف جي ڪلام جو اڀياس سنڌي
تهذيب، سنڌي سماج، سنڌ جي ماڻهن جي نفسياتي
پهلوئن، ڪيفيتن ۽ جبلتن جي عڪاسي ٿو ڪري.
لطيف هر دور ۾ جديد لڳندو آهي؛ لطيف سترهين صديءَ ۾ به جديد ادب
جي نمائينده جي حيثيت ۾ اُسريو هو؛ هن ارڙهين
صديءَ ۾ به جديد ادب جي نمائندگي ئي ڪئي؛ لطيف اڄ
به جديد ادب جي داعين جو رهنما آهي ته ايندڙ
ايڪهين صديءَ ۾ به هن کي جديد ادب ۽ اديبن جو
رهنما تسليم ڪيو ويندو، لطيف جي مطالعي ۾ سنڌ جي
سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تاريخ جا دفتر کلن ٿا
ان لحاظ کان جيڪڏهن سيد حسام الدين راشدي صاحب جن
اڄ زنده هجن ها ته جيڪر هئين فرمائين ها ته ”سنڌ
جي افسانوي ادب، سنڌي ڊرامن، ناولن، ڪهاڻين ۾ سنڌ
جي هم عصر سماجي، سياسي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي
تاريخ جو بهترين ۽ اڻميو مواد موجود آهي. انهن
صنفن ۾ هم عصر سماج ۽ سماجي قدرن، سياست ۽ سياسي
ڦيرين گهيرين، لاهين چاڙهين، ۽ وقت جي حالتن جو
احوال قلم بند ٿيل آهي؛ انهن صنفن ۾ هم عصر جديد
اديبن ۽ شاعرن جو آواز لکت ۾ موجود آهي؛ انهن ۾
جديد سنڌ جي هر دور جي سماجي، سياسي، ثقافتي، علمي
۽ ادبي ماحول جي عڪاسي آهي. جديد دور جي افسانه
نگارن، ڪهاڻيڪارن، ڊراما نويسن، لوڪ شاعرن ۽
روايتي شاعرن پنهنجي فن ذريعي پنهنجي افسانن،
ڊرامن، ناولن ۽ ڪلام ذريعي سنڌ جي هم عصر تاريخ جي
لاءِ هر موضوع جو مواد حقيقت نگار جي حيثيت ۾
قلمبند ڪيو آهي. هنن اها تاريخ بيان ڪئي آهي جيڪا
ڪنهن بادشاهه، ڪنهن امير، ڪنهن حاڪم يا ڪنهن آمر
جي مرضيءَ ۽ حڪم مطابق نه، پر جيڪي ڪجهه هنن ڏٺو ۽
محسوس ڪيو تنهن کي رڪارڊ ڪيو آهي. هنن جا لکيل
بيان صحيح ۽ سچا آهن؛ هنن جا بيان ڪيل واقعا حقيقت
جي عڪاسي آهن. اهي ڳالهيون، اهي بيان، اهي احوال
اڳتي هلي، ماضيءَ جون ڳالهيون بنجي وينديون؛ انهن
جا ڪردار ماضيءَ جا ڪردار بنجي ويندا، پر اهو ضرور
مڃڻو پوندو ته سنڌي قوم جي هم عصر تاريخ سنڌي
افسانن، ڊرامن، ناولن ۽ شعر سنڌي شاعريءَ ۾ بيان
ٿيل آهي؛ بيان ڪئي ويئي آهي ۽ بيان ٿيندي رهندي.
اهو مؤرخن ۽ نقادن جو ڪم آهي ته اهڙن واقعن طرف
نشاندهي ڪن.
هو اڳتي لکي ٿو:
”هن جدوجهد ۾ هيل تائين جي زماني ۾، اهائي قوم قائم رهي سگهندي،
جيڪا ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي، هلڻ
جي ڪوشش ڪندي هن خطرناڪ ۽ عجيب دور ۾ اها قوم
جيئري رهندي ۽ اهوئي ماڻهو رفتار سان گڏوگڏ پنهنجي
رفتار قائم رکندو ايندو“(7).
محترم مراد علي مرزا، 1982ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾
هڪ سيمينار ۾ پڙهيل مقالي ۾، حاضرين جو توجهه
ڇڪائيندي، فرمايو ته:
”سنڌي زبان ۾ سائنسي علمن تي ڪم ڪونه ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان جي
عالمن، اُستادن، ليکڪن جديد فني علمن جهڙوڪ:
انجنيئرنگ، اليڪٽرانڪس، ڪمپيوٽر، علم طبعي، علم
ڪيميا، علم ارضيات، علم حياتيات، علم طب، ميڊيڪل
سائنس ۽ هيلٿ سائنس جهڙن علمن تي مواد پيش نه ڪيو
ته سنڌي زبان اڳتي وڌي نه سگهندي ۽ اسان فقط شاعري
۽ افسانوي ادب تي لکيل چند ڪتابن کي زبان جي ترقي
سمجهي، خوش فهميءَ ۾ رهجي وينداسين.“
انهن خيالن کي سامهون رکي سنڌي زبان جي ترقي ۽ ترويج لاءِ
هيٺيون تجويزون ۽ سفارشون عرض ڪجن ٿيون:
(الف) سنڌي ٻوليءَ جون
Data base
قائم ڪيو وڃي. اُن ۾ هيٺيون مواد گڏ ڪيو وڃي ته
جيئن اهو
Data base
ڊاڪيومينٽيشن، انفرميشن ۽ رِسورس سيل
(Documentation, information and resource cell)
طور ڪم اچي سگهي:
سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل تحقيق جي تفصيلي ۽ مڪمل معلومات فراهم ڪجي.
سنڌ جي سرڪاري نيم سرڪاري ۽ خانگي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ادارن
جو
Profile
تيار ڪرڻ، جنهن ۾ هر اداري جي تاريخ ۽ اُن اداري
طرفان تيار ڪرايل ۽ ڇپايل مواد جي باري ۾ مڪمل
معلومات هجي.
سنڌ جي سرڪاري نيم سرڪاري ۽ خانگي لائبررين جي باري ۾ تفصيلي
معلومات هجي.
سنڌي ۽ سنڌ جي اديبن/ ليکڪن جي ڊائريڪٽري يا ”ڏات ڌڻين واري گڏ
ڪيل مواد جي نموني
Profile تيار ڪرائڻ، جنهن ۾ ليکڪن جي ولادت، ڌنڌي/ ڪرت، خانداني
احوال ۽ ائڊريس کان سواءِ سندن لکيل ڪتاب، مقالن،
مضمون وغيره جي باري ۾ مڪمل معلومات هجي.
سنڌي ادب جي ڌار ڌار صنفن جي باري ۾ مڪمل معلومات هجي.
سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيل غير ملڪي يا ملڪي زبانن جي ادب جي مڪمل
معلومات هجي.
ملڪي يا غير ملڪي زبانن ۾، سنڌي ادب جي ڌار ڌار صنفن جي ترجمي
جي مڪمل معلومات هجي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو ڪئٽلاگ تيار ڪجي.
سنڌي زبان ۾ لکيل قلمي نسخن جو ڪئٽلاگ تيار ڪجي.
سنڌ ۽ سنڌي زبان ۾
Archival Material
جو ڪئٽلاگ تيار ڪجي.
(ب) سنڌي زبان ۾ فني ۽ سائنسي علمن جو لغتون ۽
فرهنگون تيار ڪرائجن. هن سلسلي ۾ لغتن تي ڌار ڪم
ڪرائجي ۽ ڇپيل ڪتابن ۾ موجود لفظن جون فرهنگون ڌار
تيار ڪرائجن مثال طور:
(i) هيٺين سائنسي علمن جون لغتون ۽ فرهنگون تيار ڪرائجن:
فزڪس، ڪيمسٽري، بايولاجي، فزيالاجي، فارميسي، فريش واٽر
بايولاجي، جيالاجي، باٽني، انجنيئرنگ، هيلٿ سائنس،
عمارت سازي، رياضي، شماريات، ائسٽرانامي وغيره.
هيٺين سماجي علمن جون لغتون ۽ فرهنگون تيار ڪرائجن:
سياسيات، اقتصاديات، سماجيات، ابلاغ عامه، لائبرري ۽ انفرميشن
سائنسز، فلاسافي، نفسيات، علم ادب، لسانيات،
آرڪيالاجي، علم الانسان ۽ فائين آرٽس وغيره.
(ج) سنڌي ادب جي مڪمل ۽ مفصل تاريخ:
سنڌي ادب جون مختصر تاريخون ته لکيل آهن پر مفصل تاريخ تي اڃا
ڪم نه ٿيو آهي. هيءَ تاريخ نئين نظر سان ۽ نئين
طرز موجب لکائڻ گهرجي.
(د) سنڌي ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اوسر جي تاريخ
(هه) Etymological Dictionary of Sindhi language
(و) سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جو اڀياس، هن موضوع تحت سنڌي ٻوليءَ جي
لهجن، محاورن، خطي وار ۽ قومن جي ٻولين جو جائزو
وٺڻ.
(ز) سنڌي ٻوليءَ جو، جديد لسانيات جي روشنيءَ ۾ سنڌي ويا ڪرڻ
نئين سر لکرائڻ.
(ح) سنڌي- انگريزي ۽ انگريزي- سنڌي ڊڪشنري نئين سر تيار ڪرائڻ.
(ط) سنڌي ٻوليءَ کي دفتري زبان طور رائج ڪرائڻ؛ ڪامورن ۽ ڪارڪنن
کي سنڌي ٻولي سيکارڻ لاءِ هيٺيون مواد تيار ڪرائڻ.
دفتري ڪاروبار واري ٻولي سيکارڻ لاءِ درسي ڪتاب تيار
ڪرائڻ.
دفتري اصطلاحات جي لغات تيار ڪرائڻ.
سنڌي ٽائيپ رائيٽر مهيا ڪرڻ.
سنڌي شارٽ هئنڊ جو ڪتاب ۽ ٻيو مواد تيار ڪرائڻ.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪمپيوٽر جو سهوليتون مهيا
ڪرائڻ ۽ جيڪي ڪمپنيون ميدان ۾ آهن، اُنهن ۾ رابطه
ڪار طور ڪم ڪرڻ.
(ي) عام واقفيت، ذهني آزمائش ۽
1-Q-
جهڙن آزمائشي امتحانن لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪتاب
لکرائڻ.
(ڪ) پيشه ور ماڻهن جون ڪرت يا ڌنڌي وارو لغتون
(Occupational vocabulary)
تيار ڪرائڻ،
جهڙوڪ:
واڍا، لوهار، رازا، سونارا، موچي، سوچي، ڪنڀار، سراز، وينجهر،
قلعي گر، چوڙيگر، ڪاشيگر، ڪمانگر، مستري، حجام،
ڪوري، ٺاٺارا، ٺوري، مهاڻا، ميربحر، ناکُئا،
رنگريز، کٽي، کنهباٽي، باگڙي، واگڙي، پالاري،
گندرا، ونگرا، اوڏ، ڀيل، ڪولهي، گُرگلا، ڪبوتريا،
جت، ريٻاڙي، سوڍا، جوڳي، چور، جلد ساز، اديب....
سنڌي اديبن جا مسئلا:
سنڌي زبان جي اديبن کي هر وقت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو
پوندو آهي. اُنهن مسئلن مان ڪي هي آهن:
(الف) سنڌي اديب جي سڀ کان وڏي پريشاني هيءَ هوندي آهي ته هُو
جڏهن به ڪو ڪتاب لکي تيار ڪندو اهي، تڏهن اُن جي
ڇپائڻ لاءِ ناشر جي ڳولا ۾ سرگردان هوندو آهي،
ڇاڪاڻ ته:
وٽس ايتري رقم ڪٿان اچي، جو هو پنهنجو ڪتاب ڇپائي سگهي.
سرڪاري ناشر ايتري تعداد ۾ ته ڪونهن جو اُهي هر سنڌي اديب جو
لکيل ڪتاب ڇپائين.
پر جيڪي به هڪ يا ٻه سرڪاري ادارا آهن تن وٽ سنڌي ڪتاب يا سنڌ
تي لکيل ڪتابن جي ڇپائڻ لاءِ ڪا رٿا يا ڪو منصوبو
ڪونه هوندو آهي. اُهي ڪن خاص ماڻهن جا ڪتاب
ڇپائيندا آهن تنهن ڪري هر اديب کي سرڪاري ادارن ۾
آسرو ڪونه هوندو آهي؛
سرڪاري ادارن لاءِ مناسب آهي ته اهي به پنهنجي اشاعتي سلسلي
لاءِ ڪا رٿا جوڙين ۽ هيٺيون ڳالهيون پنهنجي سامهون
رکن:
بنا ڪنهن امتياز جي، هر اديب جو لکيل/ترجمو ڪيل معياري، ڪتاب
ڇپائين.
اول رٿابندي ڪئي وڃي ۽ ڇپائيءَ لاءِ موضوعن جو انتخاب ڪيو وڃي.
هر موضوع تي ڪتاب ڇپائڻ جو في سيڪڙو حصو مقرر ڪيو وڃي.
(ب) سنڌ ۾ سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارا هي آهن:
سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو
مهراڻ آرٽس ڪائونسل
سچل اڪيڊمي
شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز/ شاهه لطيف اڪيڊمي
سنڌي ادبي بورڊ
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ سائنس سوسائٽي
شاهه لطيف چيئر
سچل چيئر
پاڪستان اسٽڊيز سينٽر
سنڌي لئنگويج اٿارٽي
ضلعي وار هسٽاريڪل ۽ ڪلچر سوسائٽيون
شاهه ولي الله اڪيڊمي
(ج) جيڪڏهن ڪو اديب/ ليکڪ پنهنجي هڙان خرچ ڪري
پنهنجو ڪو ڪتاب ڇپائڻ جي همت ڪندو به آهي ته اُن
کي هيٺين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي:
هُو ڪتاب لکي به پاڻ، ڇپائي به پاڻ ته وڪڻڻ لاءِ دوڪاندارن،
ايجنسين، سرڪاري لائبررين ۽
DEO
جي دفتر جا ڌڪا به پاڻ کائي، يعني ته ڪتاب ڇپائڻ
کان پوءِ وڪري جي سلسلي ۾ هن کي تمام گهڻو لوڙهڻو
پوندو آهي.
دوڪاندار/ ڪتابن جا واپاري، ڳاٽي ڀڳيون ڪميشنون طلب ڪندا آهن؛
يعني گهٽ ۾ گهٽ 45 سيڪڙو. جڏهن وڏا سرڪاري ۽ نيم
سرڪاري ادارا
45%
کان
50%
سيڪڙو تائين، ڪميشن ڏيئي پنهنجا ڪتاب وڪڻندا آهن،
تڏهن غريب اديب يا ليکڪ جي ڪهڙي مجال جو
33%
ڪميشن آڇي سگهي. اهڙيءَ طرح هُو هڪ ته ڪتاب ڇاپائي
وري پنهنجي هڙان گهاٽو سهي، ڪتاب ته وڪڻندو آهي پر
پوءِ آئنده لاءِ توبهه ڪري ڇڏيندو آهي.
ڪاغذ ۽ ڇپائيءَ جا اگهه ايڏا ته مهانگا آهن جو ڪوبه ليکڪ پنهنجو
ڪتاب پاڻ ڇپائڻ واري سَڌَ پوري ڪري نه سگهندو آهي.
DEO
وٽ ڪن خاص ۽ مخصوص واپارين جو اثر هوندو آهي، ان
ڪري ڪنهن به اديب کان سواءِ ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ جي،
DEO
اسڪولن جي لائبررين لاءِ ڪتاب خريد ڪونه ڪندا آهن.
(ث) جيڪڏهن ڪوبه ادارو، ڪنهن اديب بلڪ اديبن جا
ڪتاب ڇپائي ته لازم آهي ته اُهو ادارو اُن
اديب/اديبن کي، ٻين ادارن جي اگهن مطابق رائلٽي يا
معاوضو ڏئي. مذڪوره رائلٽيءَ واري رقم جي ادائگيءَ
لاءِ هيٺيون طريقو اختيار ڪيو وڃي:
اڌ رقم، مسودي جي، ڇپائيءَ لاءِ منظور ٿيڻ کان پوءِ، فوراً ادا
ڪئي وڃي.
باقي اڌ رقم ڪتاب جي ڇپجي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ فوراً ادا ڪئي وڃي.
مسودو ڇهن مهينن اندر ڇپجي ظاهر نه ٿيڻ جي حالت ۾ ليکڪ کي پوري
رائلٽي اڳواٽ ڏني وڃي.
(ج) جيڪڏهن ڪو ڪتاب ترجمو ڪرايل هجي ته ترجمي جي
اُجرت واري رقم، مسودي جي منظوريءَ کان پوءِ هڪدم
ادا ڪئي وڃي. اهڙيءَ طرح ٻيون اُجرتون به هڪدم ادا
ڪيون وڃن.
(هه) جهڙيءَ طرح نئين زندگي، ماه نو رسالا ۽ ادبيات ليکڪن کي
سندن لکڻين تي معاوضا ڏيندا آهن، اهڙي طرح مهراڻ،
سرتيون، گل ڦل ۽ سنڌي ادب ۽
Sindhoilogical studies
رسالن ۾ ڇپيل مضمونن، مقالن، افسانن ۽ شعر تي
معاوضا ڏنا وڃن.
(ح) اهڙيءَ طرح اهي اشاعتي ادارا جيڪي اديبن ۽ شاعرن جي ڇپيل
مواد تي پاڻ ته خوب رقمون ڪمائين ٿا، تن لاءِ به
حڪومت طرفان زور آندو وڃي ته اهي به سندن رسالن ۾
ڇپيل مواد تي ليکڪن کي اُجرت ڏين؛ جيئن هزار
داستان، بختاور، سهڻي
Sind Quarterly
وغيره آهن.
(ز) سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ، شاهه لطيف
چيئر، سچل اڪيڊمي، سچل چيئر ۽ شاهه لطيف ثقافتي
مرڪز، مهراڻ آرٽس ڪائونسل طرفان پنهنجي پنهنجي رٿا
موجب ڇپيل ڪتابن تي ادبي ايوارڊ ڏنا وڃن.
(ذ) اڪادمي ادبيات ۽ نئشنل بوڪ ڪائونسل طرفان ٻين پاڪستاني
زبانن ۾ ڇپيل ڪتابن تي انعام واري رقم، ايتري ئي
رکي وڃي جيتري اردو زبان ۾ ڇپيل ڪتابن تي ڏني
ويندي آهي.
(ر) آءٌ پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ نئشنل بوڪ ڪائونسل، حڪومت پاڪستان
۽ اڳوڻي وزير جي اُن قدم تي سخت افسوس جو اظهار ٿو
ڪريان، جنهن ڪري اردو، پنجابي، پشتو، سرائڪي،
براهوئي ۽ بلوچي زبانن جي اديبن کي ته سندن بهترين
تصنيفن تي ادبي ايوارڊ ڏنا ويا، پر سنڌي زبان جي
اديبن لاءِ رکيل رقم. سنڌي زبان جي ڪنهن به اديب
کي ڏيڻ جي بدران، اها رقم، اُن وزير صاحب، پنهنجي
اداري لاءِ پاڻ ئي منظور ڪئي، يعني اُها هڪ لک
روپين جي رقم، اُن وزير صاحب ڪنهن به سنڌي اديب کي
ڏيڻ جي بدران، پنهنجي اداري لاءِ ڏيڻ جو اعلان
ڪرايو. سنڌ جي اديبن سان اها بي انصافي ڇو ڪئي
وئي؟
جيڪڏهن هن سڄي ملڪ جي ٻين اديبن بدران انهن زبانن جي ادبي ادارن
کي اوارڊ ڏنا وڃن ها، ته پوءِ ڪنهن کي به اعتراض
ڪونه ٿئي ها، پر فقط سنڌي زبان جي اديبن لاءِ رکيل
رقم اُن وزير صاحب، پنهنجي اداري لاءِ مخصوص ڇو
ڪئي، اها خبر کيس هوندي. ڇا اهڙي ڏاڍائي ۽ ڏاڍ
مڙسيءَ تي اسان جي اديبن ڪا دانهن ڪوڪ ڪئي؟
(ز) اڪادمي ادبيات، نئشنل بوڪ ڪائونسل، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي
طرفان سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ سنڌي اديبن کي
آسان قسطن تي قرض ڏنا وڃن.
(س) سنڌي اديبن ۾ اتحاد ڪونهي، هُو گروهبندين جا شڪار آهن، ان
ڪري ڇڙوڇڙ آهن، نون ليکڪن ۽ جهونن ليکڪن جي وچ ۾
وڏو ويڇو آهي. اهو ويڇو هڪٻئي کي تسليم نه ڪرڻ،
هرهڪ طرفان پاڻ کي عظيم ليکڪ سمجهڻ ڪري يا سياسي
نظرئي جي ڪري پيو آهي، اهڙي ويڇي ۽ گروهبنديءَ کي
ختم ڪرڻ لاءِ ادبي سيمينار، تنقيدي محفلون ۽
ڪانفرنسون ئي صحيح پليٽ فارم آهن، اُن لاءِ سنڌي
ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌ ثقافتي کاتو، سچل چيئر،
شاهه لطيف ثقافتي مرڪز ئي ڪوششون ڪري سگهن ٿا.
(ش) سنڌ جا اديب به سنڌي شاگردن وانگر، سياسي پارٽين سان وابسته
هجڻ جي ڪري، هڪٻئي خلاف بيان بازيون، ادبي اجلاسن
۽ ڪانفرنسن جو بائڪاٽ ڪندا آهن.
گذريل سال ”سنڌ بچايو بين الاقوامي ڪانفرنس“ ڪوٺائي ويئي هئي.
انهيءَ ڪانفرنس جي منتظمين کي اهڙن مسئلن کي منهن
ڏيڻو پيو هو. کين مجبور ڪيو ويو هو ته فلاڻن فلاڻن
اديبن کي سڏايو، جيڪڏهن فلاڻي کي گهرايو ويو ته
اسين ڪونه اينداسين، فلاڻو وفاق ۾ اعتماد ٿو رکي،
فلاڻو اسلام آباد ۾ نوڪري ٿو ڪري؛ فلاڻي، سرڪاري
ايوارڊ ورتو آهي. فلاڻو دهريو آهي وغيره. اهو
رويو، سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿيو
آهي ۽ اديبن ۾ اتفاق ڪونه رهيو آهي. ماضيءَ ۾ ڏٺو
ويو آهي ته وزير اعليٰ جي ٻُچڪار تي اديبن جا
قافلا، پنهنجين درخواستن ساڻ وڃي ڪراچيءَ رسيا
هئا. اهڙن قافلن ۾ به هڪ گروه يا هڪ نظرئي وارا
اديب کنيا ويا هئا، جڏهن ته دعوت سڄيءَ سنڌ ۾
اديبن لاءِ هئي ۽ نه ڪ هڪ پارٽي يا گروهه وارن
اديبن لاءِ!
(ص) ٻيا ادارا ته ڇڏيو پر سنڌي ادبي سنگت جهڙو پراڻو ادبي
ادارو، جنهن سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي
اديبن لاءِ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو
ادارو به هاڻ، اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ،
اديبن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي بدران، انهن ۾ ويڇا
وجهڻ ۽ انهن کي ٽولا ٽولا ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان آهي.
هن اداري به پنهنجي پسند ۽ ناپسند واري پاليسيءَ
جي ڪري، اديبن ۽ دانشورن ۾ اتحاد جي بدران ڦوٽ وڌي
آهي.
(ض) سنڌي اديبن ۾ شخصيت پرستيءَ جو رجحان وڌي ويو آهي. اهوئي
سبب آهي جو ڪيترن ئي جهونن اديبن طرفان، نوجوان
اديبن/ شاعرن ۽ نون ليکڪن کي همٿائڻ بدران انهن جي
دلشڪني ڪئي ويندي آهي؛ اهڙيءَ طرح ڪي نوجوان ليکڪ
پاڻ کي عظيم ليکڪ/ شاعر سمجهي جهونن اديبن/ شاعرن
کي عزت جي نگاهن سان نٿا ڏسن. بهتر ائين ٿيندو ته
جهونا ۽ تجربيڪار اديب، ڊانشور، ۽ شاعر نوجوان
اديبن/ شاعرن کي همٿائين ۽ کين پاڻ سان گڏ وٺي
هلن؛ ائين ڪرڻ سان انهن ۾ اعتماد پيدا ٿيندو ۽
نئون نسل پاڻ کي جهونن اديبن جو وارث سمجهي اُنهن
جو قدر ڪندو.
(ط) سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي سڄڻپائي اُن ۾ آهي ته اديب ۽
ادبي ادارا احتصال، خود غرضيءَ منافقت ۽ گروهه
بنديءَ واريءَ پاليسيءَ کان پاسو ڪن.
(ظ) سنڌي اخبارن مان ڪن، سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کي پاڻ
۾ ويڙهائڻ، گروهبنديءَ کي هوا ڏيڻ، اديبن جي بي
عزتي ڪرڻ، انهن لاءِ گٿا لفظ ڪم آڻڻ ۽ انهن ۾ ويڇا
وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي؛ انهن اخبارن ۾ ڪن
ڪالم نويسن سنڌي دانشورن تي سندن نالي سان يا فرضي
نالي سان حملا ڪيا ۽ دانشورن جي پٽڪن ۾ هٿ وجهي،
اُنهن جا پٽڪا لاهڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو. ائين ڪرڻ
سان اخبارن جي مالڪن جون اخبارون ته خوب وڪيون
هونديون، پر ڌارين جي نظرن ۾، سنڌي ادب جي قداور
اديبن ۽ دانشورن جي بي عزتي ڪري، ليکڪن جي اَنا ته
پوري ڪئي ويئي پر سنڌي ادب کي ڇيهو رسايو ويو ۽ هڙ
حاصل ڪجهه به نه ٿيو.
(ع) اڪادمي ادبيات طرفان سنڌي اديبن جا لکيل ڪتاب ترجمو ڪرائڻ
واري فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اُن اداري جي
منشور ۾ هڪ شق اهڙي به آهي جنهن موجب، اردوءَ کان
سواءِ پاڪستان جي ٻين زبانن ۾ لکيل ادب کي ترجمو
ڪرايو ويندو.
(غ) اڪادمي ادبيات طرفان پاڪستاني زبانن جي اديبن/ شاعرن کي
پاڪستان اندر، سندن پذيرائيءَ لاءِ، اديبن سان
ڪانفرنسون ڪوٺائي، ملاقات ڪرائي وڃي. اهڙيءَ طرح
بين الاقوامي وفدن ۾ سنڌي زبان جي جهونن ۽ نوجوان
اديبن/ شاعرن کي شامل ڪيو وڃي.
سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جا هيٺيان مسئلا آهن:
(الف)
انهن ادارن وٽ سرمايي جي کوٽ آهي.
سرڪاريءَ دٻاءُ يا زور بار سبب ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ اهميت ۾
اداري جو اثر يا ڪنٽرول گهٽ هوندو آهي.
ادارن جي بورڊ جي ميمبرن جي ڪتابن کي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ترجيع
ڏني ويندي آهي،
دوست نوازيءَ جو به خيال رکيو ويندو آهي.
اثر رکندڙ ميمبر پنهنجي من ماني به ڪندا آهن
اشاعتي سلسلي جي لاءِ ادارن وٽ ڪابه رٿابندي ڪانه هوندي آهي،
يعني اهي ادارا ادبي موضوعن وارا اشاعتي سلسلي جي
رٿابندي نه ڪندا آهن.
يعني ادبي صنفن يا موضوعن مطابق ڇپائيءَ لاءِ ادارن وٽ ڪو تعداد
يا هر صنف/ موضوع جو في سيڪڙو حصي جو تعين ڪونه
هوندو آهي.
خانگي ادارا بلڪل ڪونهن؛ جيڪڏهن هڪ ٻه آهن ته انهن جي پنهنجي
Priority
هوندي آهي.
(ب) ليکڪن جي پنهنجي ڪا ”ڪوآپريٽو ادبي سوسائٽي“
ڪانهي. هڪ اهڙي ڪو- آپريٽو سوسائٽي ٺهي به هئي پر
اُها ڪامياب ڪانه ٿي سگهي.
(ت) ادارن وٽ ڪتابن جي وڪري
(marketing)
لاءِ سهوليت ڪانه هوندي آهي. ان ڪري انهن کي کين
ڪتب فروشن/ ايجنسين کي وڏيون وڏيون ڪميشنون ڏيڻ
لاءِ مجبور ٿيڻو پوي ٿو.
(ث) جيڪي سنڌي ڪتب فروش آهن تن مان اڪثريت اوڌر تي مال کڻي پوءِ
رقم جي ادائگيءَ ۾ ايماندار ۽ ذميوار ثابت نه ٿيا
آهن.
سنڌي ادب جا مسئلا
(الف) ادبي ادارن جي مسئلن جو ذڪر ڪندي اهو چيو ويو آهي ته سنڌ
جي سرڪاري، نيم سرڪاري يا خانگي ادارن وٽ، اشاعتي
سلسلي لاءِ ڪابه رٿا ڪانهي، جيڪڏهن انهن ادارن وٽ
اهڙي ڪا رٿا هجي ها يا اُن تي عمل ٿيندو هجي ها ته
پوءِ ”سنڌي ادب جي مسئلن“ تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ
هن ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي ضرورت ئي ڪانه پوي ها.
منهنجي ذاتي راءِ موجب سنڌي ادب جو اهم مسئلو هي آهي ته سنڌ جي
سڀني سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن، نوجوانن طرفان
ڪيل ڪاوشن يعني سندن طرفان تخليق ڪيل جديد ادب جي
اشاعت جي سلسلي ۾ سرد مهريءَ جو مظاهرو ڪيو ويو
آهي، اُن لاءِ ادارن جون پنهنجون مجبوريون به
هونديون ۽ انهن وٽ ڪيئي جواب هوندا، هن سلسلي ۾
آءٌ سفارش ڪندس ته:
هر ادارو سنڌي ادب جي موضوع مطابق، اشاعتي سلسلي جو پروگرام
ٺاهي.
هر ادارو ڪلاسيڪي ادب، جديد ادب ۽ ترجمن ذريعي، سنڌي ادب ۾
اضافي ۽ اشاعت جو في سيڪڙو مقرر ڪري. هن ڏس ۾ جديد
ادب جي سلسلي ۾ ڪهاڻي، ناول، ڊراما، افسانوي ادب،
وغيره جي ڇپائيءَ لاءِ ڪا رٿا ٺاهي. هن سلسلي ۾
سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجيءَ، ڪي ڪتاب ضرور ڇپايا
آهن، پر اُنهن جو تعداد تمام ٿورو آهي ۽ جديد ادب
سان انصاف نه ڪيو ويو آهي.
بين الاقوامي معياري ادب ۽ افسانوي ادب جي ترجمي لاءِ خاص ڪوشش
ڪجي.
سنڌ جي تاريخي ۽ اساسي ادب جي اشاعت لاءِ ڪوشش ڪجي.
هن ڏس ۾ سنڌ ثقافت کاتي، شاهه لطيف
ثقافتي مرڪز، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، سچل اڪيڊمي،
شاهه لطيف چيئر، شاهه ولي الله اڪيڊمي ۽ سنڌ سائنس
سوسائٽي بيشڪ پنهنجا پنهنجا پروگرام ٺاهين ۽ انهن
پروگرامن موجب ڪتاب ڇپائين، پر انهن ادارن لاءِ
اهو لازمي ٺهرائجي ته اهي چند ليکڪن جا ادارا
بنجي، فقط اُنهن جا ڪتاب نه ڇپائين، پر زياده کان
زياده ليکڪن کي موقعا ڏين.
(ب) پئرا نمبر (v)
هيٺ ڄاڻايل ادارن کان سواءِ باقي ٻين سمورن ادارن
کي پنهنجي اشاعتي سلسلي جو پروگرام ٺاهڻ گهرجي ۽
هيٺ ڪيل سفارش موجب موضوعن جي ڇپائيءَ جو في سيڪڙو
حصو مقرر ڪرڻ گهرجي:
نمبر في سيڪڙو موضوع
(1)
20% تخليقي جديد ادب
(2)
15% ڪلاسيڪي ادب
(3)
10% تحقيقي ادب (تاريخ اساسو،
تنقيد، لسانيات، ادبي
شهپارا)
(4)
10%
ديني ادب
(5)
5% سماجي علوم ۽ سائنسي ادب
(6)
10% بين الاقوامي ادب جو ترجمو
(7)
20% اداري جا ڇپايل اهي ڪتاب
جيڪي ختم ٿي ويا هجن،
اُهي ٻيهر ڇپائڻ.
(8)
10%
ٻارن جو ادب.
(ت) اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي نئين سر ٺاهي وڃي، اُن لاءِ
بنيادي رقم اڪادمي ادبيات، سنڌ ثقافت کاتو، سنڌي
ادبي بورڊ ۽ سنڌ الاجي ڏين. هي ادارو هيٺيان ڪم
ڪري:
اديبن کي اشاعتي سلسلي لاءِ قرض ڏئي.
اديبن جا ڪتاب ڇپائي.
(ث) سنڌي ادبي فائونڊيشن قائم ڪيو وڃي، جنهن لاءِ
حڪومت ۽ اڪادمي ادبيات، سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ
يونيورسٽي، لطيف يونيورسٽي ۽ سنڌ ائگريڪلچر
يونيورسٽين طرفان امداد ڏني وڃي.
(ج) جيڪي اديب پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپائڻ چاهين تن لاءِ هيٺيون
سهوليتون مهيا ڪيون وڃن:
(i) نئشنل بوڪ ڪائونسل/ اڪادمي ادبيات اديبن جي ڪو- آپريٽو
سوسائٽي/ اديبن جو فائونڊيشن، بوڪ ڪائونسل ۽ سنڌ
ثقافت کاتو آسان قسطن تي قرض ڏئي،
(ii) جيڪو اديب پنهنجو ڪتاب پاڻ ڇپائي تنهن کان سرڪاري ادارا هيٺ
موجب ڪاپيون خريد ڪن:
(a) نئشنل بوڪ ڪائونسل 200 ڪاپيون.
(b) سنڌ سرڪار جو تعليم کاتو:
هر DEO 100 ڪاپيون
هر ڪاليج لائبرري 5 ڪاپيون 1000 ڪاپيون
هر هاءِ اسڪول 5 ڪاپيون
سنڌ ثقافت کاتو 100 ڪاپيون
لوڪل باڊيز وارو کاتو 200 ڪاپيون
ڊپٽي ڪمشنر 100 ڪاپيون
يونيورسٽيون ۽ انهن جا ادارا 200 ڪاپيون
(ح) ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ وانگر، ٻين ادارن کي، اديبن کان سندس موضوع
مطابق رائلٽي/ معاوضي تي ڪتاب لکرائڻ گهرجن.
(خ) سنڌي زبان ۾ سائنسي ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ، سنڌ سائنس
سوسائٽيءَ کي فعال بنايو وڃي.
(د) سنڌي ادب جي فروغ لاءِ معياري رسالا ڪونهن. جيڪڏهن ڪو رسالو
نڪري ٿو ته اهو هڪ ٻن پرچن نڪرڻ کان پوءِ بند ٿيو
وڃي ڇو ته:
- ماڻهو رسالا نٿا وٺن.
- سنڌي رسالن کي مناسب اشتهار نٿا ملن.
- ڪاغذ ۽ ڇپائي مهانگي آهي.
هن ڏس ۾ فقط سرڪاري يا نيم سرڪاري رسالا ئي نڪرن ٿا، پر اُهي
باقاعدگيءَ سان نٿا نڪرن. نئين زندگي، پيغام،
مهراڻ، گل ڦل ۽ سرتيون اهڙا رسالا آهن، پر
حيرانيءَ جي ڳالهه اها آهي جو انهن جي مقابلي ۾
هزار داستان، بختاور ۽ سهڻي باقاعدگيءَ سان نڪرن
ٿا. مناسب ٿيندو ته اهڙو طريقه ڪار اختيار ڪيو وڃي
جو سنڌي زبان ۾ مخصوص علمن تي رسالا نڪرن ڇاڪاڻ،
ته مواد جي کوٽ ڪانه هوندي آهي، پر رسالا ڪونهن.
گل ڦل ٻارن لاءِ ايترو معياري رسالو ڪونهي، ان ڪري
سفارش ٿي ڪجي ته:
ڪلچر ڊپارٽمنٽ طرفان سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ سنڌي ادب ۽ تاريخ متعلق
معياري رسالا شايع ڪيا وڃن.
ڪلچر ڊپارٽمينٽ ٻارن لاءِ سائنس مخزن شايع ڪري.
سائنسي علم ۽ ادب جي فروغ لاءِ ”سنڌ سائنس سوسائٽي“ ”سائنس
مخزن“ ٻيهر شايع ڪري.
نئين کيتي رسالي جي طرز تي، سنڌ ائگريڪلچر يونيورسٽي ۽
ائگريڪلچر ايڪسٽينشن بيورو، ڪو رسالو شايع ڪري.
هيلٿ سائنس/ ڪميونٽي هيلٿ متعلق لياقت ميڊيڪل ڪاليج/
PMC
سنڌ طرفان سنڌي زبان ۾ رسالو ڪڍيو وڃي.
انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ متعلق رسالو مهراڻ يونيورسٽي شايع ڪري.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان انگريزي زبان ۾ رسالو شايع ڪيو وڃي.
سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ رسالو، سنڌي ادب ۽
Sindhological Studies
کي باقاعدگيءَ سان وقت تي شايع ڪيو وڃي.
شاهه لطيف يونيورسٽيءَ طرفان آرڪيالاجي، ائنٿراپالاجي، ڪلچر ۽
ٽوئرزم متعلق مواد تي مشتمل رسالو ڪڍيو وڃي.
(ڌ) انهن ۽ ٻين خانگي ادارن جي طرفان شايع ٿيندڙ
رسالن ۽ مخزنن کي حڪومت ۽ خانگي ادارن، بئنڪن.
PIA،
ريلوي ۽ ٻين ادارن طرفان اشتهار ڏنا وڃن.
(ر) سنڌالاجيءَ ۾ ترجمي، تاليف ۽ اشاعت جو بيورو، ڪافي زمانو اڳ
قائم ڪيو ويو هو، انهيءَ لاءِ ته اهو بيورو سنڌ جي
تاريخ، تمدن، سماجي علوم، سائنسي علوم ۽ ٻين علمن
متعلق ڪتاب ۽ مواد تيار ڪرائي ڇپائي پر جيئن ته
هيڏي ساري ڪم لاءِ گهڻي رقم ۽ ڪارڪنن جي ضرورت
آهي، تنهن ڪري سنڌ يونيورسٽي هن ڪم لاءِ هڪ ڌار
بيورو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن لاءِ اڳوڻي
وائيس چانسلر مظهر صديقي صاحب سنڊيڪيٽ کان به
منظوري ورتي هئي. اهو بيورو فعال بنايو وڃي.
(ز) سنڌي ادب جي مختلف صنفن جا انتخاب
(anthologies)
شايع ڪرائڻ گهرجن. اهو ڪم ادارا پاڻ ۾ ورهائي کڻن
جنهن لاءِ سنڌ ادبي بورڊ، سنڌالاجي، مهراڻ آرٽ
ڪائونسل، سنڌ ثقافت کاتو اهم ادارا آهن. هيٺيون
صنفون خاص طور ويچار هيٺ آنديون وڃن. انتخاب وارو
ڪم ماهرن جي حوالي ڪيو وڃي. صنفون:
ڪهاڻيون، ڊراما (اسٽيج ريڊيو،
TV)،
خاڪا، ادب لطيف، آتم ڪهاڻيون، سوانح عمريون،
مقالا، مضمون، شعر شاعري.
(س) سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جو پاڻ ۾ رابطو
(Co- ordination)
ڪونهي؛ ان ڪري اها خبر نٿي پوي ته ڪهڙو ادارو ڪهڙو
ڪم ڪري رهيو آهي، ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ڇپائي رهيو آهي،
ڪهڙن ڪهڙن موضوعن تي تحقيق ڪرائي رهيو آهي. ادارن
جي اشاعتي ۽ تحقيقي رٿائن جي به خبر ڪانه هوندي
آهي، ان ڪري هڪ اهڙي ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا انهن
ادارن لاءِ فقط رابطه ڪار جي حيثيت ۾ ڪم ڪري. اها
ڪميٽي ادارن جي ڪارڪردگيءَ ۾ ڪابه دست اندازي نه
ڪري. انهيءَ ڪميٽيءَ تي ادارن جا سربراهه ميمبر
طور هجن. ان ڪميٽيءَ جو چيئرمين واري واري سان،
ڪميٽيءَ جا ميمبر پاڻ چونڊين. هن ڪميٽيءَ جو
سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل ثقافت هجي.
سنڌي ڪتابن جي وڪري جا مسئلا
سنڌي ادب جي اهم مسئلن مان هڪ سنڌي ڪتابن جو وڪرو آهي، سنڌي
ڪتابن جي وڪري ۾ جيڪي مسئلا سامهون آيا آهن، تن
مان ڪي هي آهن:
(الف) سنڌي ڪتابن جي وڪري جي سلسلي ۾، سنڌ جي ادارن جو پنهنجو
ڪوبه
Clearing house ڪونهي جو مرڪزي ايجنٽ طور ڪم ڪري، ان مسئلي کي خيال ۾ رکندي،
سنڌي ادبي بورڊ طرفان، تلڪ چاڙهيءَ تي بوڪ شاپ
ٻيهر قائم ڪيو هو ته اهو، سنڌي ڪتابن جي وڪري جو
مرڪز بنجي، هن بوڪ شاپ قائم ڪرڻ جو مقصد هي ته هو
هتي نه صرف بورڊ جا ڪتاب وڪجن پر هت ٻين ادارن جا
ڪتاب به وڪري لاءِ رکجن، جنهن لاءِ ادارن طرفان
بورڊ جي بوڪ اسٽال کي مقرر ڪميشن ڏني وڃي.
اهو به فيصلو ٿيو هو ته بورڊ جي بوڪ اسٽال طرفان، سڀني ادارن جا
ڇپايل سنڌي/ سنڌ جي باري ۾ ڪتاب سڄيءَ سنڌ
(ڪراچيءَ سميت) ڪتب فروشن کي مهيا ڪيا ويندا، پر
انهيءَ فيصلي تي ڪوبه عملي قدم نه کنيو ويو.
جيڪڏهن عملي قدم کنيو وڃي ها ته سنڌي ڪتابن جي
وڪري لاءِ ڪا مرڪزي ايجنسي قائم ٿي وڃي ها.
(ب) سنڌ جي ادبي ۽ اشاعتي ادارن جو پاڻ ۾ رابطو نه هئڻ جي ڪري
به سول ڊسٽريبيوٽر وارو مسئلو حل ٿي نه سگهيو.
(ت) اسان جا ادارا سنڌي ڪتب فروشن کي وڪري لاءِ ڪتاب مهيا ڪرڻ
جي بدران، وڏيون ڪميشنون (45%
کان
50%
تائين) ڏئي ڌارين کي مال ڏيندا آهن. سنڌالاجيءَ
جي ايجنسي مڪتبه اسحاقيه ۽ ميشرس اديبات وٽ هوندي
هئي، پر پوءِ اداري انهن ڪتب فروشن کي مال ڏيڻ بند
ڪري ڇڏيو ۽ حيدرآباد جي هڪ ڌارئي ڪتب فروش جي مٺين
مٺين ڳالهين تي ڀنڀلجي نه فقط ايجنسي اُن جي حوالي
ڪئي پر هڪ ئي وقت نوي هزار روپين جو مال اُن جي
حوالي ڪيو، پوءِ ڇا ٿيو اُن جو جواب سنڌالاجيءَ جي
رڪارڊ مان ملندو.
(ث) DEO ۽ ٻيا ڪامورا، اسان جي اشاعتي ۽ ادبي ادارن کي سندن ڇپايل ڪتاب
مهيا ڪرڻ بدران، خاص ۽ سندن پسند جي واپارين کي
آرڊر ڏيندا آهن، جيڪڏهن اهي آرڊر ادارن کي ڏنا
وڃن، ته ادارا ڪجهه رقم بچائي سگهن ٿا؛ پر اها چال
ڪامورائي ڄاڻن ٿا؛ تنهن ڪري ادارن کي سڌو سنئون
آرڊر ڪونه ملندو آهي.
(ج) لوڪل باڊيز جون لائبرريون ۽ اهڙا ٻيا ادارا سنڌي زبان ۾
ڇپيل ڪتابن جي بدران ٻين ٻولين ۾ ڇپيل
Trash
خريد ڪنديون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڪوبه چوڻ وارو
ڪونهي.
(ح) جن جن ادارن ۾ لائبررين جا سربراهه غير سنڌي هوندا آهن،
اُهي سنڌي ڪتابن جي خريد ڪرڻ کي ترجيح نٿا ڏين،
مثال طور ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن جي
ميونسپل ۽ سرڪاري لائبررين لاءِ سنڌي ڪتاب خريد
نٿا ڪيا وڃن.
(خ) سنڌ جا وڏا ماڻهو، نامور اديب ۽ ادارن جا سربراهه، ٻين پاسن
تي وڏيون رقمون خرچ ڪندا رهندا آهن، پر چاهيندا
آهن ته کين ڪتاب مفت ۾ ملن.
(د) سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن، يونيورسٽين ڪاليجن طرفان
ڪتابن جي نمائش جو اڳي بندوبست ڪيو ويندو هو جو
پوءِ بند ٿي ويو. تازو سنڌ يونيورسٽي، لياقت
ميڊيڪل ڪاليج، لاڙ ميلي ۾ ڪتابن جي نمائش جو
بندوبست ڪيو ويو هو، تاجرن ٻڌايو ته سنڌ جي ماڻهن
۾ ڪتابن جي خريد ڪرڻ لاءِ نئون شوق جاڳيو آهي، اهو
سلسلو جاري رکڻ سان ماڻهن ۾ ڪتابن جي خريد ڪرڻ جو
شوق وڌندو ۽ سنڌي ڪتاب جون ڪاپيون وڌيڪ ڇپجڻ
لڳنديون ۽ وڪري ۾ واڌارو ايندو.
عام مسئلا
سنڌي ٻولي، سنڌي اديب، سنڌي ادب ۽ ڪتابن جي وڪري وارن مسئلن جي
ذڪر کان پوءِ ڪيترا اهڙا مسئلا به آهن جن کي ”عام
مسئلا“ واري عنوان هيٺ بيان ڪري سگهبو. اُهي مسئلا
هي آهن:
(الف) سنڌي اديب ۽ سنڌي ادب جي ڄاڻ ۽ معلومات لاءِ اهڙا ڪتاب ۽
مواد شايع ڪجي، جو غير سنڌين کي به خبر پئجي سگهي.
مثال طور هيٺيون مواد شايع ڪرايو وڃي.
Dictionary of Sindhi Literature
Encyclopaedia of Sindh
Encyclopaedia of Sindhi Literature/Language
ٻارن لاءِ اينسائڪيلوپيڊيا
(ب) هيٺين صنفن جون مڪمل ۽ مفصل تاريخون/ مونوگراف
لکائڻ:
ڪهاڻي/ ناول/ ڊراما/ مضمون/ سوانح عمريون/ آتم ڪهاڻيون/
سفرناما/ غزل/ بيت/ ڪافي/ وائي/ رباعي/ مرثيو/
آزاد نظم/ گيت وغيره.
(ت) مختلف موضوعن تي ادبي ورڪشاپ/ سيمينار/ ڪانفرنسون ڪوٺائڻ.
(i) صه ورڪشاپن لاءِ ڪي موضوع:
ايڊيٽنگ، پروف ريڊنگ، بيهڪ جون نشانيون، ترجمي جو فن، تخليقي
ادب، ريڊيو لاءِ لکڻ،
TV لاءِ لکڻ، گرافڪ ڊزائن، جلد سازي، طباعت جو فن، ڪمپيوٽنگ،
ڪمپوزنگ.
صه صه سيمينارن لاءِ موضوع:
سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا
سنڌي ويا ڪرڻ جا مسئلا
سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا
طباعت جا مسئلا
طباعت ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال
صه صه صه سنڌي ادبي ۽ لساني ڪانفرنسن لاءِ موضوع:
سنڌي ٻولي ۽ ادب جا مسئلا
سنڌي ادب جا موڙ
سنڌي ٻوليءَ جي پاڪستاني ٻولين ۾ حيثيت
سنڌيءَ ٻوليءَ جي بين الاقوامي حيثيت
سنڌي ٻوليءَ جو سماجي/ ادبي/ علمي/ تعليمي/ تدريسي/ دفتري ڪارج
سنڌي ٻوليءَ جو ماضي، حال ۽ مستقبل
سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جو اڀياس
سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد
سنڌي ٻوليءَ جي نسلي گروهن
(ethnolinguistics)
جو اڀياس
سنڌي ٻوليءَ جون ادبي صنفون ۽ انهن جو فروغ
سماجي لسانيات ۽ سنڌي ادب
سنڌي ٻوليءَ جو مزاحمتي ادب
سنڌي ٻوليءَ جو جديد ادب
سنڌي ٻوليءَ جو ديني ادب
تحقيقي ميدان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي ارتقا
سنڌي ڪهاڻين/ ناولن/ ڊرامن وغيره جي روشنيءَ ۾ سنڌي سماج جو
اڀياس
لوڪ ادب جي روشنيءَ ۾ سنڌي سماج جو اڀياس
سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جي تاريخ
سنڌي زبان جي درسي ڪتابن لکڻ جا مسئلا
سنڌي زبان ۾
Book development
جا مسئلا
سنڌي ڪتابن جي وڪري جا مسئلا
سنڌي اديبن/ شاعرن سان گڏجاڻيون
سنڌ جي اديبن/ شاعرن جا ڏهاڙا ملهائڻ
سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا وڏي پئماني تي مشاعرا ڪرائڻ
ادبي ادارن/ انجمنن/ ضلعي هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽين کي گرانٽون
ڏيڻ/ ڏيارڻ
ضلعي هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽين طرفان پنهنجي پنهنجي ضلعي ۾
ڪانفرنس ڪرائڻ
ڪلچرل ڊپارٽمينٽ طرفان وڏن وڏن شهرن ۾ ڪتابي
نمائشون ڪرائڻ
سگهڙن ۽ مولودين جي فن جون ڪچهريون ۽ محفلون ڪرائڻ
سنڌي اسٽيج ڊراما جي فروغ ۽ ڊراما جي فنڪارن جي فروغ لاءِ هر
سال ڊراما/ ٽيبلو اسٽيج ڪرائڻ
سنڌي ادب، تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت تي مختلف ماهرن کان ليڪچر ڏيارڻ
چونڊ شاعرن جي ڪلام تي
Illustreted
ڪتاب شايع ڪرائڻ
شاهه لطيف، سچل ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي باري ۾ شاهه لطيف ثقافتي
مرڪز، سچل چيئر ۽ سچل اڪيڊمي پنهنجا پروگرام
جوڙين.
لوڪ سنگيت، لوڪ گيت ۽ موسيقيءَ جون محفلون ڪرائڻ
شاهه لطيف، سچل، سامي ۽ ٻين وڏن شاعرن جي ڪلام جون ڏسڻيون
(Indices)
۽
Corcordence
تيار ڪرائڻ
سنڌي زبان ۾ ديني ادب جي فروغ لاءِ جتن ڪرڻ
انهن ۽ اهڙن ٻين مسئلن جي باري ۾ سڀني نظرين ۽ مڪتب فڪر جي
اديبن، عالمن، فاضلن ۽ دانشورن ۽ تخليقڪارن کي هڪ
ٽيبل جي چوڌاري سوچڻ گهرجي. پنهنجي ادارن، دانشورن
تي ۽ ادبي ڪارڪنن تي بيجا تنقيد ڪرڻ جي بدران ادبي
مسئلن ۽ سڌاري واڌاري لاءِ صلاحون ڏيڻ سان، سنڌي
ٻوليءَ ۽ ادب ۾ واڌارو ايندو، نفرتون ختم ٿينديون
۽ پيار ۽ محبت وارو ماحول پيدا ٿيندو. ويڇا نه
رهندا.
آخر ۾ آءٌ نوجوان اديبن ۽ شاعرن کي گذارش ڪندس ته پاڻ، جيتوڻيڪ
پنهنجي ليکي ڪيترائي عظيم ڇو نه هجن، پر جهونن ۽
تجربيڪار اديبن ۽ دانشورن جو احترام ڪن؛ انهن سان
گڏجي ڪم ڪن؛ انهن کان ڪجهه سکن؛ اهڙيءَ طرح جهونن
۽ تجربيڪار اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي منهنجي
گذارش آهي، ته نوجوان اديبن جو قدر ڪن، انهن کي
همٿائين ۽ فخر سان، انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلن،
جيڪڏهن اسين هڪ پليٽفارم تي گڏ ٿي سنڌي زبان ۽ ادب
لاءِ ڪم ڪنداسين ته اُميد ته سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ
نئون سج اُڀرندو، نوان نياپا ملندا ۽ نيون سوچون
اُتپن ٿينديون.
ٻارن جو ادب
ٻارن لاءِ اينسائيڪلو پيڊيا تيار ڪرائڻ
ٻارن لاءِ مخزن ڪڍڻ
ٻارن لاءِ هيٺين موضوعن تي ڪتاب تيار ڪرائڻ
(i)سنڌ جا مشاهير/ اسلامي مشاهير/ دنيا جا مشهور ماڻهو
(ii)سنڌ جا سُورما/ اسلامي سُورما/ دنيا جا سُورما
(iii)تاريخي
شخصيتون
(iv)سنڌ
جا اديب ۽ شاعر
(v)سائنس
فنڪشن
(vi)سائنسي
علمن تي ڪتاب/ سائنسي عجائبات
(vii)لوڪ
ڪهاڻيون/ آکاڻيون
(viii)عام
واقفيت
(ix)ٻاراڻا
گيت/ نظم/ ٻول
(x)سنڌ
جون تاريخي جايون، ماڳ ۽ مڪان
(xi)ڌار
ڌار ملڪن جو احوال
4- ٻارن جا ميلا/ ڪتابي نمائشون/ چٽاڀيٽيون
5- ٻارن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ
6- ٻارن کي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر سير ۽ تفريح ڪرائڻ
فوٽ نوٽ
1- الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، ڄام شورو،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
2- غلام علي الانا ڊاڪٽر: مقالو: سماهي مهراڻ، 1979ع نمبر2،
ص124
3- الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر، حوالو ڏنل آهي، ص105
4- غلام محمد گرامي مهراڻ.
5- علامه آءِ- آءِ قاضي
6- سيد حسام الدين شاهه راشدي، ڳالهيون ڳوٺ وڻن
جون
7- ايضاً ص681. |